سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪـربـلا

باب: --

صفحو :7

زندگيءَ جو زهر

هن جي ڄمڻ جو اوسيئڙو به ڪيڏو هئن، پر نڀاڳي ڄائي به ته ائين جو سموريون آسون اميدون بي موت مري ويون. ڄمندي ئي بک جو شديد احساس پيٽ ۾ لڪائي ائين روئندي سڏڪندي آئي، ڄڻ هن لاءِ هن جڳ ۾ کير جي سبيل ورهائجي رهي هجي. هوءَ هئي به ته اهڙي جو کيس ايڏن سورن سان ڄڻڻ واريءَ ئي نفرت منجهان اکيون پوري ڇڏيون. هن جو جنم ماڻس لاءِ ائين به نئون هو جو انهيءَ ڏينهن مڙس دل تي ڪٽيو هئس، جنهن ۾ سور اچي ٿيا هئس. انهيءَ ڏينهن هو دل تي نشو ڪري آيو هو ۽ اچڻ سان ئي مٿس موچڙن جو سٽڪو لائي ڏنو هئائين، جو کيس شڪ هو ته جوڻس کي اهو ڪنهن ٻئي مان ٿيو آهي. ائين هن جي ڄمڻ جو ڏينهن به هن وانگر نڀاڳو بڻجي ويو ۽ جڏهن هن ماءُ جي پيٽ مان منهن ٻاهر ڪڍيو هو، تڏهن ماڻس سموري ڪائنات جون نفرتون پنهنجي من ۾ پکيڙبيون ڀانيون هيون. نه ته هن کان اڳ به هن اٺ جيئرا جاڳندا ٻار جنم ڏنا هئا. جنهن ڏينهن هن کي سور ٿيندا هئا، انهيءَ ڏينهن مڙس مٿانهس سؤ ڀيرا پيو صدقي ٿيندو هو، پر اهي ٻار هوندا به ته چنڊ جهڙا هئا. سدا ملوڪ، ماءُ پيءُ وانگر موچارا. تڏهن ئي اسپتالن جي معرفت بي اولاد ماڻهو چڱي اگهه تي کڻي ويندا هئا ۽ پوءِ ڪڏهن به هنن جي سار نه ايندي هئس ۽ کير جيڪو هن جي ڇاتين ۾ ڀرجي ايندو هو، اهو به چڱي اگهه تي ڪنهن ٻار جي آيا بڻجي وڪڻي ڇڏيندي هئي. ائين سمورو سال سک سان لنگهي ويندو هئن. تڏهن ته مڙس آپريشن ڪرائڻ نه ڏيندو هئس. ڄڻ هوءَ عورت نه هجي ٻار ڄڻڻ جي مشين هجي.

پر هن ڀيري هوءَ ڄائي هئي ته اهڙي ڪاري جو مٿس اونداهيءَ رات جو گمان ٿئي. ايڏي ڪوجهي جو ڏسڻ تي دل نه چوي. ايڏي ڪمزور ۽ بيمار جو هڏن جي پڃري جو گمان ٿئي. مڙس ته اڳئي مٿانهس بگڙيو ويٺو هو. ويتر هن کي ڏسي پڪ ٿي ويس ته اهو پيٽ جوڻس کي ڪنهن ٻئي مان هو. هاڻ الله جيڪر ڄمڻ واري جي پٺيءَ تي هن جي پيءُ جو نالو به لکي ڇڏي ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي. ڀلا هوءَ سال به سال پاڻيءَ مان ڀريل مٽ جهڙو پيٽ کڻي ڪنهن سان ياري رکندي هوندي. ٻيو به الله کي ڪل ته هوءَ ايڏي ڪوجهي ڇو ڄائي هئي، جو هن کي ڏسڻ لاءِ به دل نه چوي.

هن جي ڪنن ۾ ٻانگ به نه ڏني وئي، بس ائين ئي هن جو نالو ڪاري پئجي ويو. هوءَ هفتو سڄو اسپتال ۾ پئي هئي، پر ڪوبه هن جو گراهڪ نه ٿو. البت هن جي پتيءَ جو کير ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي نئين ڄاول ٻار جي حصي ۾ هليو ويو ۽ هوءَ وچ جهڳيءَ ۾ پئي ائين سڏڪندي هئي، ائين رڙهندي هئي ڄڻ آسمان جي اوچائين تان ڪنهن ڌڪو ڏئي پستين ۾ اڇلايو هجيس.

پڻس جي نرڙ تان گهنڊ نه لٿو – چئي رن نڀاڳي! موچاري شڪل آڻي ها ته گهٽ ۾ گهٽ اٺ نو سؤ ته نڪري اچن ها. ۽ جڏهن پيرين پنڌ ڪرڻ لڳي ۽ ٻاتائي ٻاتائي ماني گهرڻ لڳي، تڏهن وڏي اوسيئڙي کان پوءِ ماڻس جو پيٽ ٻاهر نڪتو. هاڻ پڻس جي نرڙ جا گهنج ڪنهن قدر گهٽجي ويا هئا. هوءَ مانيءَ جي سين هڻندي هئي ته پڻس ”رن حرامڙي“ چئي پيرن مان موچڙو لاهي هڻندو هئس – وڃي ماڻهين جي چگهه کان ماني گهر جنهن جو اولاد آهين.

تن ڏينهن ئي مون هن کي ڏٺو هو. اگهاڙي، ڪاري ڪوجهي، سڄو بدن ۽ وار ڌوڙ ۾ لٽيل. سموري پاڙي ۾ وائڙي وائڙي ڦرندي هئي. هڪڙي مانيءَ جي سين هن جي سڪل ٺوٺ چپن تي، هن جي آلين آلين اکين ۾ پکڙيل هوندي هئي.

ٻار ڪڻس چيڙائڻ لاءِ چوندا هئا: ”ڪاري! ماني کائيندينءَ؟“ هوءَ يڪدم هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيندي هئي. ٻار هن کي ماني ڏيکاري ڊوڙڻ لڳندا هئا ۽ هوءَ به ڪنهن بکايل ڪتيءَ وانگر، وات ڦاڙي پويان پويان ڊوڙندي هئي. پوءِ جڏهن ٻار انهيءَ تماشي مان ٿڪبا هئا، تڏهن ماني اڳيان اُڇلائي ڇڏيندا هئس.

نه ڄاڻ ماڻس ڪڏهن ڪم ڪار تان موٽندي هئي ۽ هن کي ٻانهن کان جهلي وڃي جهڳيءَ ۾ اڇلائيندي هئي. هن کي گهر ۾ مانيءَ جو سڪل ٽڪر به نه ملندو هو. هِتان هُتان پني سني پيٽ ڀريندي هئي. اڳي پڻس نشو ڪري ايندو هو ته رڳو ماڻس جون آهون ۽ دانهون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. پر هاڻ ته گڏوگڏ هن جون ڪيڪون به ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. عجيب عذاب هوندو هو هن جي ڪيڪن ۾، ڄڻ سموري ڪائنات تي خدا جو عذاب نازل ٿي رهيو هجي. ٻئي ڏينهن هوءَ سموري پاڙي ۾ پنهنجي بدن تي لڳل ڪارا نيرا نشان ڏيکاريندي وتندي هئي ۽ ٻڌائيندي وتندي هئي ته رات پڻس، ماڻس کي اُگهاڙو ڪري بوٽ سان ماريو هو. پر ماڻس کي ته ڄڻ پرواهه ئي ڪانه هئي. هوءَ صبح ساڻ هار سينگار ڪري بنگلن ۾ ڪم تي هلي ويندي هئي. هاڻ نڄاڻ ڪيترا ڦٽ هوندا هن جي ڪپڙن اندر لڪل.

هوءَ اسان جي گهر به ايندي هئي. در تي اچي مانيءَ جي سينَ هڻندي هئي. جي ماني نه ملندي هئس ته اُتي ئي پٽ تي ائين روئڻ لاءِ ويهي رهندي هئي، ڄڻ پڻس جو ڪو گهر هجي، پر پيءُ جي گهر ته هن جي ايتري به حجت ڪانه هئي. اسان جي ڏاڏي پنج ئي وقت نماز پڙهڻ واري، جيسين تائين جاڳندي هئي، وضوءَ ۾ رهندي هئي. هن کي ڏسي پريان ئي رڙ ڪندي هئي: ”رن هيڏانهن متان اچين، سڀني کي پليت ڪندينءَ.“ هوءَ هيسجي اتي ئي بيٺي هوندي هئي. ”وٺ ماني.“ ڏاڏي ماني اڇلائي ڏيندي هيس ۽ هوءَ ائين پٽ تي پيل مانيءَ ڏانهن ڊوڙندي هئي جو پل اپل لاءِ مٿس گمان ٿيندو هو بکايل ڪتيءَ جو.

اسان جن بنگلن جي پويان جهڳين جي ۽ مٽيءَ جي ڪچن گهرن جي هڪڙي قطار هئي. انهن مان هڪڙي جهڳي هنن جي به هئي. پٺئين پاسي جي درين مان هنن جو پاڙو نظر ايندو هو. مون به انهن درين مان هڪ وار کيس پاڙي جي لوفر ڇورن اڳيان نچندي ڏسي ورتو. هن جو اڌ اگهاڙو، ڪارو ۽ بيمار بدن نچندي ڪيڏو عجيب لڳو هئم ۽ ڇورن جا ٽهڪ هئا، جي اوچا ٿيندا ٿي ويا ۽ پوءِ ڄڻ اهو سڀ ڪجهه هر ڪنهن کي تماشو ٿي هٿ آيو.

”ڪاري نچي ڏيکار ته آنو ملندئي، ماني ملندئي.“ ۽ حڪم ملندي ئي هوءَ نچڻ لڳندي هئي. نچڻ مهل هن جو نڪ پيو وهندو هو ۽ ساهه ڀرجي ايندو هئس. اکيون پورجي وينديون هئس. عجيب تماشو هوندو هو هن جي ناچ ۾، جو رڳ رڳ ۾ زهر پکڙبو محسوس ٿيندو هو ۽ چپن تي مرڪ پکڙجي ايندي هئي.

هن کان پوءِ ٽي ڀيرا ماڻس کي پيٽ ٿيو پر ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ٻار ڪهائي ٿي ويندو هئس، ڄڻ ڪنهن ڪامياب بزنس مين جو بزنس اوچتو ئي اوچتو تباهه ٿي وڃي. نڀاڳي اهڙو نڀاڳ کڻي آئي جو برڪت ئي کڄي وئي. جنهن ڏينهن ماڻس جو ٻار ڪهائي ٿيندو هو، پڻس زمين آسمان کڻي هڪ ڪندو هو. اهڙيون اهڙيون گاريون ڏيندو هو جو امان اسان جو اڱڻ تائين نڪرڻ بند ڪري ڇڏيندي هئي. هن جو آواز اسان جي گهرن تائين پهچندو هو. پڇاڙيءَ ۾ ڪاريءَ جون ڪيڪون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، ڄڻ ڪائنات تي خدا جو عذاب نازل ٿي رهيو هجي.

شهر ۾ ماتا جو مرض پکڙيو ته اسان جي پاڙي ۾ سڀ کان پهرين ڪاريءَ تي حملو ڪيائين.

”خدا ڪو موت ڏي هن نڀاڳيءَ کي.“ پڻس جي رنڀ اسان جي گهرن تائين گونجندي هئي ۽ هوءَ هئي جنهن مرڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. ڄڻ ماءُ جي پيٽ مان ئي صديون يگ جنم جيئڻ جو پهه ڪري آئي هئي. پڻس انعام جي لالچ تي ڊاڪٽرن کي اطلاع به ڏنو، پر ڪوبه اوهي واهي نه وريو. هوءَ پاڻ ئي پاڻ چاق ٿي وئي. مون هن کي ٻيهر گهٽيءَ ۾ نچندي، پنهنجي چاقائيءَ جو جشن ملهائيندي ڏٺو. هن ڀيري مٿس ڪنهن پراڻي تربت مان نڪتل لاش جو گمان ٿيندو هئم. اهڙو لاش، جنهن جي رڳن ۾ زندگي اڃا باقي هجي. گوشت هن جي بدن تي اڳ به ڪونه هو، هاڻ ته ڄڻ هڏن جو پڃرو هئي. سندس چهري تي ماتا جا انيڪ داغ پکڙيل هئا ۽ سندس هڪڙي اک ختم ٿي وئي هئي. ڪيڏو ڀوائتو هو هن جو رقص، موت جو رقص، زندگيءَ جو رقص.

”ڪاري! ماني کائيندينءَ؟“ ڪنهن هن کي ماني ڏيکاري. ماني ڏسي هن جي هڪڙي اک جرڪڻ لڳي، هن جي ڀوائتي چهري تي زندگيءَ جي لهر پڪڙجي آئي.

”ڏي – ڏي – ماني ڏي“ جي سينَ هڻندي هوءَ ائين پويان ڀڳي ڄڻ ڪو ڌاڙيل هن جي زندگيءَ جو سمورو حاصل کنيو پيو وڃي. آئون اڄ به سوچيندي آهيان ته شڪليون مٽجي وڃن پر پيٽ جي بک جو انداز نٿو مٽجي سگهي. هڪڙي سڪل، پاروٿي مانيءَ جو ٽڪر هن جي زندگيءَ جو سمورو حاصل هو. ماڻس جو بزنس تباهه ٿي ويو. پڻس نشي جو ماريل الاءِ ڪيڏانهن هليو ويو. جوڻس ٻڌائيندي هئي ته جوا جو اڏو هلائيندو آهي ۽ دلالي ڪندو آهي ۽ هوءَ جا روز هار سينگار ڪري وڏن ماڻهن جي زالن جا لاٿل ڪپڙا پائي ڪم تي ويندي هئي، جنهن جي ڌيءَ ڦاٽل ڪپڙن ۾ مانيءَ جي سينَ هڻندي هئي ۽ پاڙي جي لوڦر ڇورن اڳيان هڪڙي آني جي لالچ تي نچندي نچندي ساڻي ٿي پوندي هئي. اها هڪ ڏينهن اسان جي گهر آئي. امان کي هن بي غيرت کان ازل جي نفرت هئي. آئي ته سڃاڻپ ۾ نه پئي اچي. ڦاٽل ڪپڙن ۾، بک هن جي سڪل ٺوٺ چپن تي اٽڪيل، بيمار ۽ لٽيل. نڄاڻ ڪهڙو پل هو جڏهن کيس ڌيڻس جو پاراتو لڳو هو. اچڻ سان ئي امان جي پيرن تي ڪري پئي، ”هڪڙي پنجاهي رپين جي الله جي نانءَ تي ڏيوم، ڀلي گرويءَ ۾ اوهان ڪاريءَ کي رکو.“ ڪيڏو لوڀ هو هن جي اکين ۾، ۽ ڪيڏو عذاب هئس چهري تي پکڙيل. امان نفرت مان هن جي هٿن مان پنهنجا پير ڇڏائيندي چيو: ”مائي! اسان ڪو ڇوڪرين جي بازار کولي آهي ڇا؟“ انهيءَ مهل ڪيڏو دل چيو هيم ته سموري ڪائنات ڏئي هن جو ڀوائتو وجود خريد ڪيان. ايڏو مهانگو به ته نه هو هن جو وجود. دنيا جي هر شيءِ کان سستو ئي ته هو. هن به گهر گهر وڃي ڌيڻس جو هوڪو ڏنو، پر هوءَ اهڙي بيڪار شيءِ هئي، جنهن لاءِ ڪو گراهڪ ڪونه هو.

ڪنهن چيو: ”نه اڙي امڙ! منهنجا ٻار ته هن کي گهٽيءَ ۾ ڏسيو ئي ڊڄيو وڃن، هن کي گهر ۾ ڏسي ته هو اندر پير ئي ڪونه رکندا.“ ائين هن جو وڪرو نه ٿيو ۽ هن جي بازار ته صرف گهٽيءَ ۾ ئي لڳندي هئي.

پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن هوءَ ڪاريءَ کي وٺي الاءِ ڪيڏانهن هلي وئي. گهٽين ۾ گونجندڙ مانيءَ جي سينَ ختم ٿي وئي. هڪڙو سرڪس هو، جيڪو ڪجهه ڏينهن تماشو ڏيکاري ڪنهن ٻيءَ ڀر هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ جڏهن به مون مانيءَ جو ڪو گراهه کنيو، هانوَ تي هُري آيو هن جو ڀوائتو چهرو ۽ بکايل اکيون. ۽ پوءِ ٻن ٽن سالن کان پوءِ، جڏهن ڪاري اسان کان وسري وئي، تڏهن ماڻس موٽي آئي. پر هن ڀيري ڪاري ساڻس گڏ نه هئي. ”ڪاريءَ کي مون وڪڻي ڇڏيو.“ هن ڏاڍي مانَ سان اها خبر ٻڌائي: ”مون هن کي هزار روپين ۾ وڪڻي ڇڏيو.“ ڪاري ڏاڍي سستي وڪاڻي. هوءَ اسان جي گهرن ۾ نه وڪاڻي پر هڪڙي جاءِ اُها به هوندي، جتي عورت جي هر ڪا شڪل، هر ڪو جسم، هر ڪو روپ وڪامجي ويندو آهي، رڳو اگهه پار جو فرق هوندو آهي. ڪاري به اُتي هزار ۾ وڪامجي وئي. انهن پيسن مان ماڻس پلش جو هڪڙو سيڪنڊ هينڊ گلابي وڳو جهوني مارڪيٽ مان ورتو هو، جيڪو بدن تي اوڍي هوءَ اسان ڏانهن موٽي آئي هئي. هڪڙي ڏينهن روئندي پٽيندي آئي. سندس مڙس ٻي زال وڃي ڪئي هئي، جيڪا هن کي سال به سال نئون ۽ موچارو ٻار ڏئي ٿي سگهي. آئون ڦرجي ويس جون صدائون چوڌاري پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳيون. اسان سڀ لڪي، هن جو تماشو ڏسڻ وياسون. جهڳيءَ ۾، هڪڙيءَ ڇنل کٽ تي هوءَ اونڌو منهن ڪيو پئي هئي. هن کي اهو ئي پلش جو گلابي وڳو پيو هو. چولو هن ڦاڙي ڇڏيو هو. وارن ۾ ڌوڙ ڀري ڇڏي هئائين. ٺونٺ تائين جيڪي چوڙيون پائيندي هئي، انهن جا انيڪ ٽڪر پٽ تي وکريا پيا هئا. هن جو سهاڳ سلامت هو پنهنجي ٻيءَ زال سان گڏ. هن جا اٺ خوبصورت ٻار، انهيءَ لمحي زندگيءَ جو حسن ميڙيندا هوندا. هن جي ڪاري ڪوجهي ڌيءُ هٿون هٿ وڪامجندي هوندي. انهيءَ لمحي هوءَ ڪنهن ڏهاڳڻ وانگر ائين ماتم ڪري رهي هئي، جنهن جي مڙس جو جنازو هن جي آڏو رکيو هجي. جيڪا ڦوهه جواڻيءَ ۾ ڏهاڳڻ ٿي وئي هجي، جنهن جو مڙس هن جي هنج ۾ ڪابه نشاني نه ڇڏي ويو هجي.

هن اکيون پٽي اسان ڏانهن نهاريو. ڪيڏي وحشت هئي هن جي اکين ۾. هوءَ اٿي ۽ ڊوڙي اچي مون کي ڀاڪرن ۾ ڀريئين: ”منهنجي ڌيءُ، منهنجي ڪاري! منهنجي ڪاري ڌيءَ.“ انهيءَ لمحي هرڪو چهرو هن کي ڪاريءَ جو چهرو نظر ٿي آيو. هن جي ٻانهن ۾  سموري ڪائنات جي طاقت هئي. آئون هن جي ٻانهن مان پاڻ ڇڏائي ڀڳس. هوءَ به پويان ڊوڙندي آئي. واٽ تي جيڪو به ٻار ڏٺئين، انهيءَ کي ”منهنجي ڪاري ڌيءَ“ چئي کڻي ڀاڪر وڌائين. سوچيندي آهيان، هن ڪاريءَ کان سواءِ به اٺ ٻار جنم ڏنا، پر انهيءَ لمحي ڇو هڪڙيءَ ڪاريءَ جو چهرو هن جي ذهن ۾ واسو ڪري ويو؟ هڪڙيءَ ڪاريءَ جي ئي نانءَ جي صدا ڇو هن جي چپن تي اٽڪي پئي هئي؟ چاق ٿيندي هئي ته ڪم تي هلي ويندي هئي. دورو پوندو هئس ته سڃاڻپ ۾ ڪانه ايندي هئي. مڙس وٽ وئي ته سندس پهاڄ ڌڪا ڏئي ڪڍيس. مڙس کي ته ازل کان هن کي مارڻ جي عادت هئي، سو هوءَ بدن تي ڪارا نيرا نشان سجائي موٽي آئي. ڪاريءَ کي واپس آڻڻ لاءِ هن پائي پائي گڏي هزار روپيا گڏ ڪيا، پر هوءَ ته وڪامندي وڪامندي الاءِ ڪيڏانهن هلي وئي هئي.

”اڃا ته هن کي ڪاريءَ جون پٽون لڳنديون. اڃا ڪٿي ڪم پيو آهي.“ هن جا سڏڪا ۽ آهون ٻڌي امان نفرت منجهان چوندي هئي. سچ پچ هن کي ڪاريءَ جون آهون لڳيون هيون. قدرت هن کي ڪاريءَ جي شڪل ڏسڻ لاءِ ڪيئن ڪيئن نه ترسايو. ڪاري، جا هن لاءِ واريءَ جو ننڍڙو ذرو هئي، سا هن جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي تمنا بڻجي وئي.

۽ ائين ڪيئي ڏينهن لنگهي ويا. هڪ ڏينهن هوءَ الاءِ ڪٿان، الاءِ ڪيئن ڪاريءَ کي پڪڙي آئي. سڄي پاڙي ۾ ڳالهه پکڙجي وئي ته ڪاري چي وئي. امان ته هاڻ اسان جو گهٽين ۾ نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو هو، نه ته ڪيڏو دل چيو هيم ته ٻاهر ڊوڙي وڃي ڪاريءَ جي آجيان ڪيان. دريءَ جي ڄاريءَ جي پويان کان مون گهٽيءَ مان ڪاريءَ جو جلوس لنگهندي ڏٺو. اهو ئي ڀوائتو چهرو، اها ئي هڪڙي اک، اهي ئي سڪل ٺوٺ چپ، ڄڻ اجهو هينئر اهي چپ چوندا، ”ماني ڏي – ماني ڏي.“ پر اهي چپ نه چريا. مون حيران اکين سان ڏٺو. هن جو پيٽ ڦوڪڻي وانگر ڦوڪيل هو. هن جو قد اڳي کان گهڻو وڌي ويو هو. ڪاري جوان ٿي وئي هئي. هاڻ هوءَ گهٽين ۾ نچڻ واري ٻار نه هئي. انهيءَ جو ثبوت هن جو ڦوڪڻي وانگر ڦوڪيل پيٽ هو.

هن سان گڏ ماڻس به هئي. هلندي هلندي کڻي ڀاڪر ٿي پاتائينس يا هن جو ڀوائتو چهرو ٿي ائين چميائين، ڄڻ اهو ڪاريءَ جو چهرو نه پر ڪو مقدس ڪتاب هجي. ڪيڏو عذاب هو ڪاريءَ جي چهري تي ۽ ڪيڏي زندگي هئي هن جي ماءُ جي اکين ۾. ڪاري اچي ته وئي، پر هوءَ جهڳيءَ کان ٻاهر نه نڪرندي هئي. هوءَ مانيءَ جي سين نه هڻندي هئي. ڪڏهن ڪو ڪو لوفر ڇورو ننڍپڻ ۾ ڪاريءَ کي ماني ڏيکاري چيڙائڻ وارو، هنن جي جهڳيءَ جي اڳيان لنگهندو هو ته چئي ڏيندو هو؛ ”ڪاري! ماني کائيندين؟“ وراڻيءَ ۾ ماڻس ٻاهر نڪري ايندي هئي؛ ”ماني وڃي کاراءِ ماڻهين ۽ ڀيڻين کي، ماني کاراءِ پنهنجين جوئين کي.“

مون کي ڏاڍي سڌ هئي ته ڪاريءَ کي گهٽيءَ ۾ نچندي ڏسان، هن کي مانيءَ جي سينَ هڻندي ٻڌان، پر هوءَ ته موت جهڙي سانت چپن تي اٽڪائي آئي هئي. ماڻس کي ڄڻ ڪو خزانو ملي ويو هو. ڏينهن رات ڄڻ ڌيڻس جي پوڄا ڪندي هئي. ٻڌو هئم ته ڪاري ماڻس سان ڳالهائيندي ئي ڪانه هئي، ماڻس کي ويجهو اچڻ ڪانه ڏيندي هئي، پر ماڻس ته خوش هئي، بي انتها خوش هئي. هاڻ هن کي دورا به نه پوندا هئا، هاڻ هوءَ پاڙي جي ٻارن پويان به نه ڊوڙندي هئي ۽ ڪاري هئي جنهن پنهنجو نئون روپ نه ٿي مٽايو، جنهن چپن تان ماٺ جا قلف نٿي لاٿا، پر ماڻس جي گيان ڌيان ۾ ڪوبه فرق نه آيو.

”پاڙي ۾ ڪنواريون ڇوڪريون ويٺيون آهن. رن کي باهه لڳي، گناهن جي هڙ پاڻ سان کڻي آئي آهي.“ وڏڙين دڙيو پر ڪنهن ۾ ايڏي طاقت هئي جو ڪاريءَ جي ماءُ جي هوندي ڪاريءَ لاءِ ڪجهه چوي.

۽ پوءِ جنهن رات ڪاريءَ جي ڦوڪيل پيٽ مان گناهن جي انهيءَ هڙ جنم ورتو، انهيءَ رات ڪاريءَ جون ڀوائتيون رڙيون اسان جي گهرن جي بند دروازن کي چيرينديون اسان جي ڪنن ۾ پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳيون. ماڻس در در تي هٿ ٻڌي آزيون نيازيون ڪرڻ وئي ته ڪو ڪاريءَ جو هلي ويم ڪري، نه ته هوءَ مري ويندي، پر ڪير وڃي؟ هوءَ در در صدا ڏيندي رهي ۽ ڪاريءَ جون ڪيڪون چوڌاري پڙلاءُ بڻجي گونجنديون رهيون، ڄڻ ڪائنات تي خدا جو عذاب نازل ٿي رهيو هجي.

”رن جي بي حيائي ته ڏسو جهڙو ڪو حرامي ٻار ڄڻائڻ اسان جو ڌنڌو هجي. نياڻيون گهر ۾ ويٺيون آهن، تنهن کان ٻڏي مرجي.“ امان کي ازل کان نفرت هئي. رات جي پڇاڙڪن لمحن ۾ ڪاريءَ جون رڙيون هوريان هوريان ماٺ ٿي ويون، ڄڻ طوفان ماٺ ۾ اچي ويو هجي. ڄڻ قدرت کي سڪون اچي ويو هجي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪاريءَ جي ٻار جي روئڻ جو هلڪو هلڪو آواز ايندو رهيو.

صبح جو ماڻس گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پاڳلن وانگر پئي ڦري. هن جا ڪپڙا ڦاٽي ويا هئا، هن جي وارن ۾ ڌوڙ ڀريل هئي، هن جي اکين ۾ ڪائنات جي سموري وحشت هئي ۽ هن جي هنج ۾ ڪاريءَ جي اڇي موچاري ڌيءَ هئي، جنهن کي ڇاتيءَ سان لڳايو هوءَ رڙيون ڪري رهي هئي: ”منهنجي ڪاري مري وئي، هاءِ منهنجي ڪاري مري وئي – مون سان ظلم ٿي ويو – مون سان ڪِيس ٿي ويو.“ هوءَ ڪاريءَ جي ڌيءَ کي هنج ۾ کڻي وچ گهٽيءَ ۾ ويهي رهي، لڙڪن جي قطار ڳلن تي پکڙي آيس. ڪاريءَ جو نانءُ هن جي سڪل ٺوٺ چپن تي اٽڪيل هو. ماڻهو اهو نئون تماشو ڏسڻ لاءِ هن جي چوڌاري بيٺا هئا. هوءَ هر ڪنهن کي ڪائنات جو سڀ کان وڏو الميو ٻڌائي رهي هئي. ”ڪاري مري وئي.“ هن جي هنج ۾ ڪاريءَ جي ڌيءَ بک کان روئڻ لڳي. هن روئندي روئندي هن ڏانهن نهاريو، پوءِ اوچتو هن کي ڇاتيءَ سان لڳائي چوڻ لڳي: ”منهنجي ڪاريءَ کي بک لڳي آهي – ڪاري ماني کائيندي – ڪاري کير پيئندي.“ هن پنهنجو ڦاٽل چولو مٿي کنيو ۽ پنهنجي سڪل پوڙهي ڇاتي ڪاريءَ جي ڌيءَ جي وات ۾ وجهي ڇڏيائين.


 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com