تون ۽ مان ڪڏهن نه ملنداسون
اسان مليا هئاسون سال جي شروعات ۾. جنوريءَ جي
ڪهڙي تاريخ هئي؟ ياد نه اٿم. پر اها شام ڪيڏي ٿڌي
۽ هيڊي هئي! ان جو ساروڻو اٿم. وڻ سڀئي بي لباس
هئا تن ڏينهن. سج جي ڪِرڻن، پريتم جي ڇُهاوَ جيان
ٿي جسمن کي گرمايو. ان شام جيتوڻيڪ اڃا سج لهڻ جو
سمو نه ٿيو هو، پر آسمان ايترو ته جهُڙالو هو، جو
سَنجها جو سمو ٿي لڳو. زندگي ائين ئي روان دوان
هئي، جيئن جُڳ جڳاندر کان رهندي پئي آئي آهي. نه
پر (شايد!) ان شام زندگي سدائين کان وڌيڪ هنگاما
خيز هئي. سيمينار جي پڄاڻيءَ تي اسان ٻئي ڪافي شاپ
۾ اچي ويٺا هئاسون. لٽريچر، آرٽ، فلسفي ۽ دنيا جي
بدلجندڙ حالتن ۽ انهن جي تهائين گهڻو بدنما ۽
ڀيانڪ پوڻ تي ڳالهائيندي ڳالهائيندي، نڄاڻ ڪهڙي پل
سڀئي موضوع ختم ٿي ويا هئا ۽ وچ ۾ آيل ماٺار جي
وٿي، ڄڻ اننت پولار بڻجي پئي هئي. هُن دريءَ کان
ٻاهر نهاريو. سگريٽ دکايائين ۽ سگريٽ جو دونهون وٽ
سٽ کائيندو، کن لاءِ منهنجي چهري کي گهيري بيهي
رهيو، ڄڻ ڪو ڪوهيڙو ڇانئجي ويو هجي، اسان ٻنهي جي
وچ ۾. ڪي کن پل پوءِ جڏهن ڪوهيڙو هٽيو هو اسان
ٻنهي جي وچ تان، تڏهن منظر بدليل محسوس ٿيو هئم.
اسان جي اندر جا منظر بدلجي ويندا آهن، اسان جي
نيڻ نهار ۾، پر اڪثر احساسن جي رستي. بلڪل ائين،
جيئن نيرو آسمان، ڪڏهن ڪڏهن، پنهنجي اندر ۾ سُرخ
ٽامو محسوس ٿيندو آهي.
هن چيو: اسان ٻين جي اندر جي گهرائين ۾ لهڻ کان
پهرين، پنهنجي اندر ۾ ڪيڏا اجنبي هوندا آهيون، ان
هوندي به ته، بظاهر ڪيترا منظر، ڪتاب، ماڻهو، خواب
زندگيءَ ۾ شامل هوندا آهن. عجيب ڳالهه اها آهي ته
پنهنجو پاڻ، پاڻ کان وڌيڪ، ڪنهن ٻئي، ڪنهن نئين ۽
بلڪل اوپري شخص جي اندر ۾ احساسن رستي لڀندو آهي.
اڄ توسان ڳالهائيندي ڳالهائيندي، بلڪل هينئر،
اوچتو ۽ پهريون ڀيرو مون کي لڳو ته مان پاڻ کي
سڃاڻي سگهان ٿو!؟
مون چيو: شايد، اسان جي اندر ۾ دٻيل، احساسن ۾
ويڙهيل ڪجهه منظر، اوچتو، ڪنهن اوپري شخص سان
ٽڪراءَ کان پوءِ وڌيڪ چٽا ٿي نيڻ نهار آڏو ٿي
بيهندا آهن. مان ان کي سڃاڻندي ته هيس، پر ان
سڃاڻپ ۾ حساسيت ۽ جذباتي پڻو مون کي پهريون ڀيرو
محسوس ٿئي ٿو.
ڪافي شاپ مان اسان ٻاهر نڪتاسون ته سچ پچ رات ٿي
چڪي هئي. سياري جي ڪري ٽريفڪ تمام گهٽ هئي. ايڪڙ
ٻيڪڙ فوجي ٽرڪ ٿي لنگهيا. موڙ، جتان اسان جا رستا
الڳ الڳ ٿيا ٿي، اُتي چيڪ پوسٽ گذريل ڪيترن مهينن
کان قائم ٿيل آهي. ٻه فوجي مورچن ۾ نشانو وٺيو
ويٺا هئا. ڪجهه مورچن کان ٻاهر، جديد هٿيار ڪُلهن
۾ لٽڪايو بيٺل هئا. هڪ اسان تي ٽارچ جي روشني وڌي
۽ هڪل ڪئي. ڪجهه پل پهريون ذهن جنهن جذباتي پڻي ۾
ٻڏل هو، اُهو ڀوَ جا ڀاوَ بڻجي، لونءَ لونءَ ۾ چڀڻ
لڳو. فوجيءَ اسان جي تلاشي ورتي. منهنجي پرس ۾
ڪنهن هٿيار بدران اهو نظم هو، جيڪو سيمينار جي
شروعات ۾ پڙهيو هئم.
آءٌ
پاڳلن جيان
ڪڏهن پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽي
منهن تي مليان ٿي
ڪڏهن پنهنجن هم وطنن جا چهرا
ڪنهن جلاوطن جيان نيڻن ۾
ڄڻ آخري ڀيرو ڀريان ٿي
جنهن درياهه جو پاڻي، جنم کان ئي ماءُ پياريو اٿم
انهيءَ ۾ آڱريون ائين ٻوڙيان ٿي
ڄڻ جنم کان ئي اڃايل آهيان
۽ پيئڻ لاءِ مون وٽ بس اک جو پاڻي آهي
هر صبح کي – هر شامَ کي
ٻارن جيان حيرت مان پسان ٿي
پنهنجي ئي جنم شهر جي ڳلين ۾
اجنبين جيان ڦرندي
پنهنجي ئي گهرَ جو ڏس پڇان ٿي.
جڏهن کان منهنجي ڏيهه تي
ڌارئين ڪاهه ڪئي آهي تڏهن کان
پاڳل پڻي جي اهڙين ئي ڪيفيتن ۾ آهيان.
فوجيءَ هڪ اُڇاتري نهار نظم تي وڌي. شڪ ٻُڏاڻل نوع
۾ مون ڏانهن نهاريائين ۽ نظم وارو ڪاغذ ڦاڙي،
پُرزا پُرزا ڪري هوا ۾ اڏاري ڇڏيائين. ڪاغذ جا
پُرزا ڪي کن اُڏاڻا، پوءِ نستا ٿي روڊ جي ڪاريءَ
پٿرائينءَ ڇاتيءَ تي ڪِري پيا. ٻولي نه سمجهندي به
فوجيءَ کي اندازو ٿي ويو هو ته اهو نظم ئي ٿي سگهي
ٿو. آءٌ ۽ نظم ائين جدا ٿياسون، جيئن ماءُ ٻار کان
جدا ٿيندي آهي. تلاشيءَ دوران هن جي کيسي مان اهو
مقالو نڪتو، جيڪو هن سيمينار ۾ پڙهيو هو. ’منهنجي
ڏيهه کي ڌارئين جي ڪاهه کان بچايو.‘ ان مقالي
دوران هر هر پنڊال تاڙين سان گونجندو رهيو هو ۽ هن
وقت مقالي جي ڪاغذن تي فوجيءَ جو ڀاري بوٽ رکيو
هو. اسان جي دٻيل دٻيل احتجاج تي، چڀندڙ لهجي ۾
فوجيءَ چيو: ”آءٌ اندازو لڳائي سگهان ٿو ته هن دور
۾ اوهان جي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪابه شيءِ امن امان جي
صورتحال ۾ بگاڙو آڻي سگهي ٿي.“
ان موڙ تان، رستا الڳ ٿيڻ تي، موڪلائڻ کان پهرين،
ڪي کن اسان چپ چاپ اسٽريٽ لائيٽ هيٺ بيٺا رهيا
هئاسون. نه هن ڳالهايو ۽ نه مون – بنا ٻيهر ملڻ
لاءِ ڪجهه چوڻ جي.
چڱو.......
چڱو.....
چئي الڳ الڳ رستن ڏانهن مڙي ويا هئاسون. اِها اسان
جي پهرين ملاقات هئي.
ان کان پوءِ اڪثر روڊ تي ڪڏهن پنڌ، ڪڏهن بس ۾، دل
چاهيو ته ڪاش ڪٿي اوچتو، هڪٻئي جي سامهون اچي
بيهون. ان رات جي تلخيءَ ۾ جيترو ڪجهه اڻپورو ۽ بي
معنيٰ بڻجي پيو هو، اُهو ٻِيهر محسوس ڪندي، هلڪهڙي
ڇُهاوَ جي احساس سان بس مان لهي، روڊ ڇڏي، فوٽ پاٿ
تي ساڻ ساڻ هلندا رهون.
تن ڏينهين شهر ۾ ڏاڍي ڇڪتاڻ هئي. ناحق ۽ ڏاڍ جو
سلسلو، ڏاڍي طبقي طرفان هيڻي طبقي يا قوم تي بنا
روڪ ٽوڪ جي هلندو رهي، ته نه رڳو اُن ڏاڍ ڪندڙ
طبقي جي صفن ۾ سڪون رهندو آهي، پر حڪومت جي
معمولات به پرسڪون نوع ۾ جاري رهندي آهي. رياست جي
سرد مهر خاموشيءَ ۾ طوفان جون لهرون تڏهن اٿنديون
آهن، جڏهن پيڙجندڙ طبقو يا قوم اوچتو احتجاج جي
پهرين دانهن ڪندي آهي. ان کي رياستي ٻوليءَ ۾ امن
امان ۾ بگاڙو چئبو آهي. ان امن امان جي بگڙيل
صورتحال تي قابو پائڻ لاءِ ناحق ڪندڙ جي بدران،
احتجاج ڪندڙ جي وات تي حڪومت کي لت رکڻي پوندي
آهي. ملڪ جي سلامتيءَ جي نالي تي رچايل ناٽڪ ۾
احتجاج ڪندڙ ڪردار جي وات تي لت رکڻ جي اُن ڪُڌي
فعل کي قانوني جواز ۾ حق مليل آهي.
وات تي رکيل لت
ان رد عمل ۾
احتجاج ڪندڙ طبقو ڇتو بڻجي پيل.
اسان جي ٻي ملاقات اهڙين ئي حالتن ۾ ڪيتري عجيب ۽
اڻپوري هئي، جيئن وات تائين آيل پاڻيءَ جو گلاس
ڪوئي ڦري وٺي.
روڊ جي هِن پار مان ۽ هُن ڀر هو، وچ تي مڇريل
جلوس، احتجاج ڪندڙن جو ۽ ان تي پوليس ۽ فوج جي
ڪاهه – لٺيون، لتون، پهرين هوائي فائرنگ کان پوءِ
سڌو هجوم ڏانهن رائفلن جا منهن کڄي ويل. آخر ۾
ٽيئر گيس ۽ اکين تي هٿ ڌري مختلف ڏسائن ڏي ڊوڙندڙ
هجوم. ان سموري واردات دوران، اسان هڪ ٻئي کي روڊ
جي هِن ڀر ۽ هُن ڀر اکين ئي اکين ۾ پائي ورتو هو.
پوءِ وچ وچ ۾ هڪٻئي کي پائڻ جي جتن دوران، هڪٻئي
جي نيڻ نهار کان الوپ ٿي ويا هئاسون. ان کان پوءِ
قيامت جهڙي شور ۾، ٽيئر گيس کان گهٽجندڙ ڳلي ۽
سڙندڙ اکين تي هٿ ڌري، پاڳلن جيان ڀڄندي، هڪ ڊگهي
عرصي لاءِ جدا ٿي ويا هئاسون.
شهر ۾ ڊگهو عرصو ڪرفيو لڳل رهيو. ڪرفيو فقط سڙڪن ۽
ڳلين ۾ نه لڳندو آهي، ڪرفيو ذهنن تي به لڳندو آهي.
احساسن، اميدن ۽ ويساهه کي ٿڪائي شل ڪرڻ لاءِ.
منهنجا احساس سڄي سڄي رات لاش جيان منهنجي بستري ۾
پيا هوندا هئا. لاش، جنهن تي ڪڏهن هن جي جسم جو
گمان ٿيندو هئم ۽ ڪڏهن پنهنجي جسم جو. جن حالتن ۾
مون ايترا ذاتي ۽ حساس خواب ڏسڻ شروع ڪيا هئا، اهي
حالتون ئي اهڙيون هيون، جن ۾ مان ڪنهن زنده انسان
بدران لاش سان ئي وصل ماڻي سگهيس ٿي.
گهٽ ۾ گهٽ لاش جهڙو جيئرو انسان.
اُميد ۽ ويساهه ته هُئن به ٿڪجي شل ٿي پيا هئم.
(وڌيڪ پڙهو)
|