پيڙا
دور – دور تائين ماڻهوءَ جو رت وهندو ٿو وڃي.
شانتي ڪانهي.
(سرور دکم دکم – سڀ ڪجهه دک آهي – سڀ ڪجهه دک آهي)
ڪيڏي اُساٽ آهي.
دونهين جا بادل چؤڏس ڦهليل – (هاءِ) منهنجو ساهه
ٿو ٻوساٽجي. (ڇا مان مري رهيو آهيان!!) ائين ٿو
لڳي ڄڻ پيڙا جي هن رات جو ڪوبه ڪنارو ڪونهي، پر
مان هن پيڙا ڀريءَ رات مان ٻانهن ڊگهاري، پولار جو
سينو چيريندي ستين آسمان جو ڪنارو ٿو ڇهڻ چاهيان.
راڻا!!
مهل ڪڏهن به بيهي نه سگهندي – هاڻي.
سندس واڳون اسان جي هٿن مان ڇڏائجي چڪيون آهن.
(راڻا!! تو ڏٺو ته ڪيئن اسان جي ڪومل هٿن جون
ريکائون مٽايون پيون وڃن.)
تو پنهنجن نيڻن تي ڇو هٿ ڌري ڇڏيو آهي؟! ڇا تون هن
هٿ جي آر پار ڏسي سگهندين! ايڏو نراس ڇو آهين؟
ايڏو ڪٺور بڻجي ڇو ٿو سوچين!؟ ڇا تنهنجو ويساهه نه
رهيو آهي پنهنجي اندر جي سگهه ۾ - اکيون پٽ نه –
راڻا!! ٻانهن ڊگهاري ڇو نٿو وقت جي سرڪش گهوڙي جا
گس جهلين – تو کي ائين جهول کٽ تي پئي پئي مرڻ نه
گهرجي.
اکيون – پٽ – نه – راڻا!!
مان اڪيلي شهر جي سنسان گهٽين ۾، بند دروازن کي
کڙڪائيندي ڊوڙي رهي آهيان.
جاڳندڙ اکين سان سپنا ڏسي رهي آهيان – پر ڇا ڪڏهن
به اهي بند دروازا کلي نه سگهندا؟.
ڄاڻان ٿي، ماڻهو انڌا به ناهن – ماڻهو گونگا به
ناهن – ماڻهو ٻوڙا به ناهن، پر ماڻهن جي دروازن جي
ٻاهران ڪٽ چڙهيل قلف چاڙهيا ويا آهن ۽ ماڻهو اندر
پوريا پيا آهن.
(نه پر مُئا پيا آهن ۽ ڪيڏي بانس آهي سڙندڙ آتمائن
جي.)
(صدين جي سُک لاءِ
صدين جي جنگ جوٽڻي پوندي آهي ماڻهوءَ کي)
تو لکيو آهي ته؛ ”اسان پن پن ٿي ڇڻي رهيا آهيون.“
پر راڻا!! جڏهن به گهٽائون گجگوڙ ڪري وسنديون ۽
جڏهن به امن جي گلابي مند موٽي ايندي – تڏهن ڪنهن
تارن ڀري رات ۾ اسان جي اجهاڻل مرڪ ۾ نئين چڻنگ
دکندي ۽ اسان اهو پن پن ميڙي جيون – جنگ ۾ ٻيهر
ڪاهي پونداسين (ها نه – راڻا!!).
تو اهو به لکيو آهي نه ته ساوڻ جهڙو جيءُ اسان جو
– گجگوڙ ڪري وسندو.
اڄ ڀنڀرڪي تائين توکي ۽ مون کي ملڻو آهي – هن
اونداهي رات مان ٻانهن ڊگهاري سورج ديوَ کان
روشنيءَ جي بيک به مڱڻي آهي – پنهنجيءَ مٺ ۾ ساوڻ
جهڙا لڙڪ سهي، پر تو ڪڏهن برسات کان پوءِ بادلن جي
اوٽ مان سج کي اڀرندو ڏٺو آهي راڻا!! ائين لڳندو
آهي، ڪائنات ٻيو جنم وٺندي هجي – پر منهنجو ٻي جنم
۾ ويساهه به ڪونهي – ڏس نه ماڻهوءَ کي ٻي جنم جي
آس تي ٺڳڻ بدران، انهيءَ هڪڙي جنم جا دائرا ٽوڙڻ
گهرجن – تنهنجي سگريٽ جو ڦُلو وڌندو پيو وڃي، ڇا
پيو سوچين؟ ڀوَ جا ڀاوَ نه ورائيندا اٿئي راڻا، ته
ڪٿي ائين سوچيندي سوچيندي ئي نه حياتي بند مُٺ مان
لنگهي وڃي. ڇا تو ۾ حياتيءَ جي لهندڙ سج جي پاڇولن
۾ ويهي خالي (ڪوري ڪاڳر جهڙي) مٺ ويهي پَسڻ جي
سگهه هوندي!؟ نه، نه. مان ته ائين سوچي ئي دُکي ٿي
پوندي آهيان. بند مُٺ ۾ ڪجهه نه رهجي وڃڻ گُهرجي –
سانوڻ جهڙو ڪو لُڙڪ، بسنت رُت جهڙي ڪا مُرڪ.
ياد نه ٿو پويم ته ڪڏهن، پر ڪنهن خط ۾ تو لکيو هو،
”سُڳنڌ! وقت ڏاڍو تکو ٿو ڊوڙي. ايڏو تکو – ايڏو
تکو جو پل اپل ۾ ئي نيڻ نهار کان الوپ ٿيو وڃي.
پوءِ انڌن وانگر هٿوراڙيون ڏئي ماڻهوءَ کي هلڻو
پوندو آهي. هزارين لکين سپنا ڏسندا آهيون، پر
حقيقت اها آهي ته اسان اُتي جو اُتي رهجي ويندا
آهيون. اسان جيون سوچون ۽ سپنا وقت جي تِکي ڊوڙ جو
ساٿ ڏئي نه سگهندا آهن. پوڙها ٿي ويندا آهيون ۽
مري ويندا آهيون.“
تون ائين ڇو سوچيندو آهين، راڻا؟ ائين نه سوچيندو
ڪر. جيون رڳو ٽي بي سيني ٽوريئم ته ناهي نه، جنهن
۾ صرف رت ٿُڪي ٿُڪي مري وڃجي. 1971ع ۾ جڏهن جنگ
لڳي هئي ۽ اسان جي گهر ۾ بليڪ آئوٽ جي گهور
اونداهي ڦهلجي ايندي هئي، مان گيلريءَ ۾ بيهي ٻاهر
اونداهيءَ ۾ ٻُڏل ڪائنات کي ڏسندي، موت ۽ زندگيءَ
جي فلسفي تي ڇا ڇا نه سوچيو هو. ماڻهو ڪيڏو به کڻي
موت جو آڙاهه ٻاري، پر هي چوڏهينءَ جو چنڊ
اُجهامڻو ناهي. تارن ڀريو آسمان، اونداهيءَ ۾
جهومندڙ وڻ، وهندڙ سمنڊ جو وشال نيرو سينو، ماڻهن
جي گهرن جي چمنين مان وٽ سٽ کائي نڪرندڙ دونهون،
پاڙي جي گهر مان ايندڙ ٻار جي ٽهڪ جو مڌر پڙلاءُ.
وقت جي تِکي ڊوڙ ته رڪجي نه سگهندي آهي، راڻا! پر
ماڻهوءَ جا نيڻ به ڪڏهن سپنن کان خالي نه رهندا
آهن. ماڻهوءَ جا نيڻ آباد شهر سمان آهن.
اچ نه – راڻا!! کليل نيڻ ٻرندڙ سج ۾ کُپائي ڇڏيون.
ڪيسين تائين پيو ائين ويليم تي تڳيندين!؟ ڀسم ٿي
ويندين راڻا! جيڪڏهن ائين پيو اندر ۾ سلو پوائزن
اوتيندين. ائين ته سوچڻ سمجهڻ جون سموريون
صلاحيتون مري ويندءِ. انيڪ ڏينهن کان پئي سوچيان
ته گورين جي اُها شيشي دريءَ کان ٻاهر اڇلي ڇڏيان.
توکي ڪُلهن کان جهلي ايڏو ڌُونڌاڙيان، ايڏو
ڌُونڌاڙيان جو تنهنجي رت جي هرڪا بُوند اُٿلي پوي.
ڇو ايڏو بيحس ٿي ويو آهين!؟ ڪيترن ڏينهن کان دري
نه کولي اٿئي، ڇا پاڻ کي اهو ويساهه ڏيارڻ ڪاڻ ته
ائين پاڻ کي ٻين کان ڪٽي سگهڻ ۾ ڪامياب ويندين!!
ڏس نه، ٻاهر ڪائنات پنهنجن سمورن هنگامن سميت
سُجاڳ آهي. برسات جون بُوندون رستن تي جَرڪي رهيون
آهن. تو جهڙا انيڪ ماڻهو آهن، جيڪي مسلسل انهن
رستن تي ڊوڙي رهيا آهن، جنم پل کان مرڻ پل تائين –
تنهنجي بند دريءَ کان ٻاهر پوکيل گلاب جي ٻُوٽي تي
انيڪ گُل ٽڙي پيا آهن. مان تو لاءِ هڪ گُل ڇِني
اچان، راڻا!! هاڻ ته ڀلا سگريٽ اُجهائي ڇڏ، ڪٿي
آڱريون نه سڙنئي. ائين گهوري ڇا ٿو ڏسين مون ۾؟
اچ، راڻا!! بادلن کي ڀاڪرن ۾ ڀريون.
سنڌ جي سر مٿان تاڻيل نيل گگن هيٺ بلڪل تنها
(پنهنجي سنسان ذات اندر) سوچيان ٿي راڻا!! اسان جن
پيرن هيٺان وهندڙ وقت جو کارو – گهرو سمنڊ ڪٿي وڃي
پڄاڻي ڪندو!؟ ڇا اسان سڀ (تون – مان ۽ هي موڳي من
وارو لوڪ) ڪنهن اونهيءَ کاهيءَ ۾ ڪِرڻ وارا آهيون
۽ پوءِ ڇا اسان سڀ انهيءَ اونهيءَ کاهيءَ منجهه
رڙيون ڪري ڪري
(Help – Help – Help)
مري وينداسين؟ ۽ ٻآهر ڪائنات جيئن جو تيئن موجود
هوندي! تون ٻڌين پيو نه؟ الاءِ ڇو مون کي ائين ٿو
لڳي ڄڻ تنهنجن ڪنن منجهه پٿر ڀريل آهن – ماڻهو چون
ٿا ته تون پاڳل ٿي رهيو آهين – ماڻهو بڪواس ٿا ڪن،
ها نه راڻا!! مان ڄاڻان ٿي ته تنهنجي اندر جو سچو
انسان جيئڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي – مان سڀ
ڄاڻان ٿي – ماڻهوءَ جا نيڻ ته ڪائي جي ڀت آهن،
جنهن جي آر پار سڀ ڪجهه ٿو پسجي – ڪالهه تو چيو هو
نه ته تون ان لاءِ نٿو دري کولين جو پريان کان
پسجندڙ پاڳل خاني جي ڊگهي ديوار تنهنجن نيڻن ۾ ٿي
چُڀي!! مان به انيڪ سالن تائين پنهنجي ڪمري جي دري
ان لاءِ ئي نه کوليندي هيس جو سامهون (نيڻ نهار
تائين) ڦهليل سنسان قبرستان نيڻن منجهه لهي ايندو
هئم – پر راڻا!! اهي ته زندگيءَ جون حقيقتون آهن
نه – ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پاڳل نه هوندي به پاڳل ٿي
پوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن جيئرو هوندي به مئل مئل پيو
محسوس ڪندو آهي.
اچ نه راڻا!! ٻانهن ڊگهاري سج کي مٺ ۾ بند ڪريون.
ڪنهن هڪڙي دڳ تي ويهي ليڪا پائڻ کان، ڇا سڦل اهو
ناهي راڻا! تون اهو دڳ ئي اورانگهي اچين – هي ڇا،
لڙڪ!!؟ اوري آءُ – مان پنهنجيءَ پوتيءَ جي پلاند
سان تنهنجا لڙڪ اگهان - اڙي – تون ته ايڏو اٽل
هئين، نه ڀُرڻ جهڙو – ڇا ٿي ويو اٿئي راڻا؟ ان
سموري عرصي ۾ آرسي ڏٺي اٿئي؟ ڪارا دائرا پئجي ويا
اٿئي نيڻن جي چؤڌاري. ڪيڏو ڏٻرو ٿي ويو آهين – هڏ
به ماس تان اُڀري آيا اٿئي – اڃا ته جوان آهين
راڻا!! پر هينئر کان ئي هٿن ۾ ڏڪڻي اچي وئي اٿئي –
ڇا اهو سڀ تو جهڙي ماڻهوءَ لاءِ سڦل آهي!!؟ سمهڻ،
کائڻ ۽ ڀوڳڻ، رڳو اها ئي تنهنجي زندگيءَ جي روٽين
نه هئڻ گهرجي راڻا!! مسلسل ننڊ جون گوريون کائڻ
کان پوءِ هڪڙي اسٽيج اها به ايندي آهي، جڏهن جڳن
جا اوجاڳا ماڻهوءَ جو نصيب بڻجي ويندا آهن – مان
ڄاڻان ٿي ته تون گذريل انيڪ راتين کان جاڳندو پيو
اچين – راتين جي انهن اوجاڳن ۾ ڇا لوچيندو آهين
راڻا؟ مان ماڻهن منجهان ناهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن مون
کي به ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ تنهنجي سڻڻ، آکڻ،
سوچڻ جي سگهه مرندي ٿي وڃي ۽ تون پاڳل ٿي رهيو
آهين – جي ائين ناهي ته پوءِ تون ڇو نٿو ڪوريئڙي
جي ان ڄار مان نڪري اچين –
اچ نه راڻا!! سڀئي نيئر ڇني ڇڏيون –
سانجهيءَ ويل، ڪارونجهر جي ڪناري تي اڪيلي بيٺل
آهيان مان – آرسيءَ جهڙي پاڻيءَ منجهه اُڀري آيل
منهنجو عڪس، اڇن پکين جي ڊگهي (۽ تهائين اوچائيءَ
ڏانهن) اڻکٽ اُڏام – پاڻيءَ منجهه پاڻ ڍاريندڙ
اڄوڪو سج، ڪي کن اڳ جڏهن اُجهاڻو هو، تڏهن من ئي
من ۾ لوچيو هئم تولاءِ ته تون اڄ به هٿ ڊگهاري
سورج ديوتا کان روشني بيک مڱي نه سگهين - ۽
اونداهين جي ان غار جي پڄاڻيءَ جي سُڌ به اٿئي
راڻا؟ جنهن منجهه روشنيءَ جو ڪو هڪ ترورو به ڪونهي
۽ تون جنمن کان هڪ ئي ڀت کي ٽيڪ ڏيو، نستو ٿيو پيو
آهين – توکي ڪابه سڌ ڪانهي – توکي اها به سڌ ڪانهي
ته ماڻهوءَ جي هٿ – ريکا گونگي آهي ازل کان .
(اجايو پيو ائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ هٿ ريکا تڪيندو
آهين). ٻولڻ جي سگهه ته ماڻهوءَ جي من ۾ هوندي
آهي، راڻا!! جيڪو پل – پل پيو ڌڙڪندو آهي، پر تو
ته ڪڏهن به ڌڙڪندڙ من جي آوازن تي ڪن ئي ناهي
ڌَريو. تون ائين پڄري، کامي، سڙي رک ٿي ويندين،
اندر ئي اندر – مري ويندين، راڻا!!
مري ويندين – مري ويندين – مري ويندين.
(هوءَ ٻنهي هٿن ۾ مُک لڪائي سُڏڪا ٿي ڀري. سندس
هٿن جون نرمل، ڪُومل آڱريون هوريان هوريان آليون
ٿينديون رهيون ۽ هو اندر ئي اندر پٿر بڻيو رهيو)
اچ نه راڻا!! لڙڪ سڀئي روئي ڏيون. (سڏڪو)
دُک سڀئي اوري ڇڏيون. ائين چپ ڏندن هيٺ ڀيڙي ڇا ٿو
سوچين!! ڪيترن ڏينهن کان شيوَ به نه ڪيو اٿئي.
(صديون لنگهي ويون آهن ۽ تون منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ
ڌَري رُنو به ناهين) لُڙڪ سڀئي روئي ڏيڻ کان پوءِ
اندر ۾ نئين سگهه جنم وٺندي آهي. مان ڄاڻان ٿي ته
ڪهڙو دُک توکي اڏوهيءَ جيان اندر ئي اندر کائي ٿو.
تون مون کان ائين لڪائيندو ڇو آهين!؟ ڪونه ڪو دُک
اسان سڀني جي من ۾ پلجي پيو. اسين سڀ پنهنجي
پنهنجي پيڙا جي پولار ۾ هٿوراڙيون ڏئي ڊوڙون پيا
پايون. پر ائين شڪستن جو ڪفر تاڻي سُمهي پوڻ اسان
مان ڪنهن کي ٿو جُڳائي، راڻا!!؟ جنهن ڀت کي تون
ٽيڪ ڏيو (صدين کان) ائين نِستو ٿيو پيو آهين،
ڄاڻين ٿو انهيءَ ڀت جي هُن پار ڇا آهي!؟ ڇو
تنهنجين اکين منجهه ايڏي ويراني لهندي ٿي اچي!؟
ڊاڪٽر غلط ٿا چون ته تون پنهنجو دماغي توازن وڃائي
رهيو آهين. ڊاڪٽرن کي ڪهڙي سُڌ ته تون ڪيڏو اَٽل
آهين. پاڳل پڻي جي ڪيفيت مان ته هرڪو لنگهندو آهي.
جڏهن مان به (ڪڏهن ڪڏهن) پيڙا جون سموريون حدون
اورانگهي ويندي آهيان، تڏهن مون کي به ائين پيو
محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ پاڳل ٿي وئي هجان. ايڏا سگريٽ
ڇو ٿو پيئين؟ چون ٿا ته ان سان ڪينسر ٿي پوندو
آهي. نه، نه. مان توکي ائين جهول کٽ تي پئي پئي
مرڻ نه ڏينديس، راڻا؟ اهو هڪ ئي ڀيرو جيئڻ جو آهي
نه، پوءِ ان ۾ جي انيڪ وار پيو مرندين ته پوءِ ڀلا
جيئندين ڪڏهن، راڻا!!؟ اُٿي ته ٻاهر برسات پئي
پوي. جهڙالو آسمان آهي. ماڪ ڦڙن جهڙيون بُوندو
آهن. هل ٻاهر ورانڊي ۾ هلي ويهون. مان تولاءِ گرم
ڪافي ٺاهي ٿي اچان. وڻن جو پن پن ڌوپجي ويو آهي.
رستي تي ٻار قميصون لاهي برسات جي پاڻيءَ ۾ وهنجي
رهيا آهن، نه!!؟ ڀلا دري کوليان!؟ آخر ڇو راڻا! ڇا
تون پنهنجن کليل نيڻن منجهه ڪائنات جي اها سُندرتا
نٿو ڀرڻ چاهين؟ حياتيءَ جي هنن ساون لهرائيندڙ
کيتن منجهه تنهنجو به ته حصو آهي نه!؟ ڇا ڳالهه
آهي، تون ائين يڪ ٽِڪ ڇا گهوري رهيو آهين، راڻا.
راڻا!!
اچ نه راڻا!! حياتيءَ جي ساون ساون کيتن ۾ ڊوڙون
پايون.
پڄاڻي: سالن پڄاڻان پاڳل خاني جي اوچي ۽ ڊگهي
ديوار جي اڳيان کان لنگهندي من ائين ڀرجي آيو هيس،
جيئن ڇُٽندڙ ڦٽ اُٿلي پوندا آهن.
”راڻا!“ بند چپن جو ڀُڻڪو.
کن ترسي، وارن ۾ لڳل گُلاب جو گُل ڪڍي ڀت جي هن
پار اُڇلي ٿي، پاڳل خاني جي اندر.
|