سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪـربـلا

باب: --

صفحو :2

منهنجو من – ڀنڀور

ڌرتيءَ جي ٻڙندڙ گولي تي ڪو رهجي ويل سپنو آهيان آئون (يا – صليب جو نشان آهيان). ڌرتيءَ جي پوڙهيءَ ڇاتيءَ تي اگهاڙن پيرن ڊوڙان ٿي، جنم جنم کان. پير پٿون ۽ اکيون آڳ اُلا. ڪو پريم پل آيو ئي نه زندگيءَ ۾. دک جي دائري ۾ ڦرندي رهي آهيان. هاڻ ته ڪارن ڪڪر وارن ۾ چانديءَ جون تارون ٿيون جرڪن، ڄڻ هڪ ڊگهو لينگهو پئجي ويو هجي منهنجي جواڻيءَ جي نرڙ تي.

هڪ ڀيري (۽ سال گذريا اُنهيءَ هڪ ڀيري کي) ريلوي لائن جي ڪناري – ڪناري هلندي چيو هئم هن کي (جنهن جو من منهنجي اندر ۽ جنهن جو تن سرحد پار ٿو ڀٽڪي) ته آئون تيزيءَ سان ڊوڙندڙ انهيءَ ريل هيٺان اچي آپگهار ڪنديس، جيڪا تنهنجي هر گس کي منهنجي هر گس تان ڪٽيندي ويندي. منهنجو تن ٽڪر – ٽڪر ٿي ڦهلجي ويندو ڌرتيءَ جي چؤڏسائن ۾، ۽ منهنجو بانورو من رهجي ويندو مڪليءَ جي قبرستان ۾.

موٽ ۾ هو مُرڪي پيو هو؛ ”الاءِ ڇو سمجهان ٿو ته تون آپگهات ڪري نه سگهندينءَ سنڌ!“

چيو هئم؛ ”زندگيءَ جا هاڃا هلي مون پويان ناهن آيا – مون ڪيو آهي هر دک جو پيڇو ۽ ڇا آپگهات ڪو بيحد دکي ڪندڙ هاڃو ناهي گوتم!؟“

”سنڌ!“ پولارن ۾ يڪ ٽڪ نهاريندي هن چيو هو؛ ”الاءِ ڇو ائين ٿو محسوس ٿئيم ڄڻ جنهن ڏينهن تون آپگهات ڪندينءَ، سو ڏينهن حشر جو هوندو. ڪم از ڪم مون لاءِ – ڏس نه سنڌ! جنهن پل اسان آپگهات ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا آهيون، انهيءَ پل اسان جي اندر جي ماڻهوءَ جو آپگهات ٿي ويندو آهي. باقي رهندو آهي تن، جيڪو زندگيءَ جي رسم نڀائڻ لاءِ پيو تڳندو آهي. پوءِ ڇا ضروري آهي ته انهيءَ کي به آڻي ڇڏجي تيزيءَ سان ڊوڙندڙ ڪنهن ريل هيٺان؟“

اسان چپ چاپ هلندا رهيا هئاسون، ريل جي پٽين تان. هن پل سوچيان ٿي ته درد جي درياهه منجهان پل – پل لنگهڻ کان پوءِ به آئون آپگهات ڪري نه سگهي آهيان (ڇو!!؟) سلو پوائزن وانگر جيئان ٿي، ڄڻ هوريان – هوريان مرندي هجان. سپنو ڏسندي آهيان ته باهه جي سُرخ اُلن ۾ سڙي ٿو منهنجو تن. سسئي وانگر رڻ ۾ ٿي واڪا ڪرڻ چاهيان، پر دروازا سڀئي بند آهن. جنم قيد جي انهيءَ مسلسل ڪيفيت ۾ آئون جيئان ٿي اڄ تائين. ائين ڀائيندي آهيان، ڄڻ منهنجي چؤڌاري ڪوٽ ڦهليل هجي، اُڀن ڪاون سان.

ائين محسوس ٿيندو اٿم ڄڻ آئون دک جي مٽيءَ منجهان تخليق ٿي هجان. سک جي مٽي منهنجي پتيءَ جي ئي نه هئي. سو بس انهيءَ جو سپنو ئي ڏٺو هئم. سک ڌرتيءَ جو اڻپورو سپنو آهي ۽ دک درياهه آهي، جيڪو وهندو ٿو وڃي تن جي رڳ – رڳ مان.

هر نئون صبح نئين آس من ۾ پالي ڏٺو هوندم. شايد اهو صبح هجي منهنجي حصي جو! هر رات جي ڪاري ڏائڻ کي ڀاڪر پائي ستي آهيان. هر نئون سج اميد جا هزار ڏيئا ٻاري ڏٺو اٿم. هر سج اُلهي وڃڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن جا سپنا پاليا هوندم من ۾.

ياد اٿم ڄامشوري جي هيڊن تتل پٿرن تي گوتم سامتاڻيءَ سان هلندي سوچيو هئم؛ ”جو پل موجود آهي، آئون انهيءَ پل جي ڪنوار آهيان. جو پل گذري ويو، سو ڏهاڳڻ جيان آهي.“ سامهون سنڌ يونيورسٽيءَ جون عمارتون بيٺيون هيون. هيڊن پٿرن تي اسان جا پاڇولا هڪٻئي سان ٽڪرائجي رهيا هئا.

”ڇا ٿي سوچين!“ چؤڌاري ڦهليل بي انت سانت ۾ هن مون کي پڪاريو هو.

”سوچيان ٿي گوتم! تون هليو ويندين. تنهنجو ۽ منهنجو ساٿ ويزا جي تاريخ تائين آهي. نڄاڻ انهيءَ کان پوءِ جيئڻ ڪيڏو اوکو هجي! تون جنم – جنم جلا وطن آهين ۽ مون پنهنجي ذات اندر جلاوطنيءَ جو عذاب سَٺو آهي. جڏهن توکي پهريون ڀيرو ڏٺو هئم، تڏهن پهريون ڀيرو ڀانيو هئم ته منهنجي اندر ۾ به وطن آباد آهي شايد.“

ڏامر جي ڪاري روڊ جي ٻنهي ڪنارن تي بيٺل وڻن جي ڇانوَ مان لنگهي رهيا هئاسون. هلندي هلندي هن ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ تان ٿي پن پٽيو. منهنجي ڳالهه جي ورندي ڪيترا پل گذري وڃڻ کان پوءِ ڏني هئائين. ٽاريءَ تان پيلو پن ٽوڙيندي چيو هئائين: ”مون توساڻ وصل جي لمحن ۾ به وڇوڙي جو عذاب سَٺو آهي سنڌ!“ هن جي اداس اکين ۾ پيڙاؤن ٿي لٿيون انهيءَ پل. ”جلاوطن ته هاڻي ٿيو آهيان. جڏهن ته توکان ڌار ٿيڻ جو عذاب اڳ ۾ ئي پيو سهان. آئون سرحد پار پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ ۾ هليو ويندس ۽ منهنجو من، اتي ڪٿي، تنهنجي اندر، موئن جي دڙي جي کنڊرن ۾، سنڌوءَ جي ڇولين ۾، مڪليءَ جي قبرستان ۾ رهجي ويندو. ٻڌين ٿي نه سنڌ!“ انهيءَ پل پهريون ڀيرو پاڻ کي اندر ئي اندر، سنڌ جي بيرانن ۾ سسئي وانگر واڪا ڪندي ٻڌو هئم گوتم – گو – تم – گ – و – ت – م – گو – و – و – تم – تم – تم – اهي ڏينهن جيڪي هن ساڻ سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڊگها – ڊگها پنڌ ڪري گهاريا هئم، اڄ به جيئڻ جو ڪارڻ ڀائيندي آهيان. دل جلاوطنيءَ جي ٽياس تي ٽنگجي ويندي آهي. هڪ اداس نما شام جي ٿڪل ٿڪل لمحن ۾ هن ڪاري مارڪر سان منهنجي هٿ تريءَ تي لکيو هو:

الا – ڏاهي مَ ٿيان – ڏاهيون ڏک ڏسن – ڏاهيون ڏک ڏسن – مون سان مون پرين- ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا – مون سان مون پرين – ڏاهيون ڏک ڏسن – الا – ڏاهي مَ ٿيان.

اکين منجهاران ٻه بوندون هٿ تريءَ تي وڃي ڪريون هئم. گوتم! زندگي اڄ به زنده رهڻ جي رسم ٿي نڀائي، پر تو چيو هو نه ته ڏس سنڌ! ڪيڏو نه وڏو هاڃو آهي جو تن ته هڪڙيءَ ڀونءِ  تي جيئي ۽ من ڪنهن ٻئي ديس ۾ ڀٽڪندو رهي! تن من کان ڌار رهي ڪيئن ٿو جيئي سنڌ! ۽ ڪيئن جيئنداسون پاڻ! پر گوتم! توکان وڇڙڻ کان پوءِ زندگيءَ جون سڀ حقيقتون ڄاتيون اٿم. ماڻهو هر انداز ۾ جيئي ٿو. ڦاسي اچڻ کان هڪ رات اڳ به جيئي ٿو ۽ جلاوطن ٿي به جيئي ٿو. تن ۽ من جي ونڊ ته ازل کان ٿيندي آئي آهي.

تن ۽ من وچان جيڪا سرحد لنگهي ٿي، ماڻهو انهيءَ کي ڀاڳ جي ازلي ليڪ جيان ڊاهي نٿو سگهي. بس جيئي ٿو انهيءَ لاءِ جو موت جو اوسيئڙو ڪرڻو آهي. ڪڏهن ڪنهن مهاڀاري جنگ ۾ ڪو ايٽم – بم ڪو نيوٽران بم تن ۽ من جو حساب ڪتاب برابر ڪري ڇڏيندو. سو گوتم سامتاڻي! اهو ئي آهي اُهو الميو، جيڪو تنهنجا ۽ منهنجا گس ڌار – ڌار ٿو جوڙي. تو ڪڏهن سوچيو گوتم سامتاڻي! صرف هڪ ٻئي جا چپ چمڻ لاءِ ماڻهوءَ کي تاريخ جي ڪيڏين خوني جنگين مان ٿو لنگهڻو پوي.

سو تون ۽ آئون هڪ ٻئي جا چپ چمي نه سگهنداسون. ڪنهن ٻئي جنم ۾ به نه. سنڌ اچڻ کان اڳ هن لکيو هو:

”سنڌ! جنم – جنم کان جلاوطنيءَ جو عذاب من ۾ پالي جيئان پيو. بمبئي منهنجي جنم ڀومي، پر ائين ٿو ڀانيان ڄڻ ڄمڻ مهل رڳو تن هو منهنجو ۽ من، سو نه ڄاڻ دنيا ۾ ايندي – ايندي ڪٿي کوئجي ويو هئم؟ پتڪڙو هئس اڃا، جڏهن امي اکين ۾ ڍير سارو پاڻي ڪٺو ڪري سنڌ جون ڳالهيون ٻڌائيندي هئم ۽ ساڻ ساڻ منهنجو بانورو من سنڌ جي بيرانن ۾ پيو ڀٽڪندو هو. ڀٽ شاهه تي – درازا شريف جي ڳلين ۾ - موئن جي دڙي جي کنڊرن ۾ - مڪليءَ جي قبرستان ۾ - مياڻيءَ جي ٻيلي ۾ - پتاجيءَ کي ٻاروتڻ کان ڀٽائيءَ جا بيت جهونگاريندي ٻڌو هئم. جڏهن سانجهيءَ جا پاڇولا پرڙا پکيڙيندا هئا، تڏهن هو اڱڻ ۾ اچي ويهندو هو ۽ آلين اکين سان پيو جهونگاريندو هو: سج لهي سانجهي ٿي – پکين کوڙيا پک – ڪن ميڙيا ماڻڪ موتي – ڪن ميڙيا ڪک – مون کي پرور ڏيج پک – ته اڏامي اوڏڙي ٿيان – امي چوندي هئي: سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار – دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين – تڏهن سنڌ! منهنجو بانورو من سنڌ جي بيرانن ۾ ڀؤنر جيان ڀون – ڀون ڪندو اُڏامندو هو. سرحد جي هن پار ويهي جڏهن دوستن کان بيک ۾ مليل سنڌ جي رسالن ۾ تنهنجي شاعري پڙهندو آهيان، تڏهن سوچيندو آهيان، تنهنجن پيرن هيٺ ڌرتي آهي، انهيءَ ڪري تنهنجو نانءُ به سنڌ آهي. منهنجي پيرن هيٺ جلاوطنيءَ جو مسلسل عذاب آهي، انهيءَ ڪري ائين ٿو ڀانيان ڄڻ ڪوبه نانءُ نه هجيم.“

”آئون ڀارت جو هندو سنڌي ڪهاڻيڪار، پر ڇا ڪنهن اهڙي ڌرتيءَ تي اندر جو ڏات ڌڻي جيئرو رهي سگهي ٿو، جتي هن جو من نه هجي! مهيني کن لاءِ اچان پيو. امي ۽ پتاجيءَ جي جوانيءَ جي ديس ۾، بلڪل اوپرو بڻجي. مرڻ کان اڳ اميءَ ۽ پتاجيءَ چيو هو ته اسان جي چتائن جي رک سنڌوءَ ۾ هارڻ لاءِ ڪڏهن سنڌ ضرور وڃجانءِ ۽ آئون انهن پاڳل ڪندڙ احساسن جون چتائون کنيو پيو اچان، جتي منهنجو من کوئجي ويو آهي – گوتم سامتاڻي.“

ڪراچي ائرپورٽ تي بيٺل بي پناهه هجوم ۾ هو هٿ ٻڌي ائين بيهي رهيو هو مون اڳيان، ڄڻ ڪنهن عبادتگاهه جي چائنٺ هجان. آس پاس بيٺل ماڻهن جي اکين جي گهور تکي ٿي وئي هئي. پاڻ اڳيان جوڙيل سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليندي، انهيءَ هڪڙي پل، دل سيني مان نڪري هٿن ۾ ڌڙڪندي ڀانئي هيم – عينڪ جي اڇن اجرن شيشن اندر، سندس اکين ۾ سنڌو درياهه ڀرجي آيو هو ڄڻ.

ماڻهن جي هجوم مان نڪري آيا هئاسون. ٻاهر چوڌاري نهاريندي چيو هئائين: ”آئون ڇو اوپرو آهيان هن ڌرتيءَ تي! آهي نه تاريخ جو سڀ کان وڏو هاڃو!“

ڌرتتيءَ مهل حيدرآباد ويندي، بس جي سيٽ تي گوتم سامتاڻي جي ايڏو ويجهو ويٺي ڀانيو هئم، ڄڻ ڪجهه آهي، جيڪو من ۾ چڀندو هجيم.

هو ڳڙکيءَ کان ٻاهر ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو هو، سنڌ جون ڀٽون ۽ بر. نانگ جهڙو ور وڪڙ کائيندڙ رستو، جيڪو سڌو سنڌ جي ڇاتيءَ ۾ ٿي لٿو.

”ڪٿي رهندين تون؟ منهنجو ٺڪاڻو ته مارئي هاسٽل آهي.“

موٽ ۾ هن ڪنڌ ورائي مون ڏانهن نهاريو: ”آئون ته بلڪل اوپرو آهيان هن ديس ۾ - مون وٽ هيرآباد جي انهيءَ گهر جو به پتو آهي سنڌ! جيڪو پتاجي نڄاڻ ڪيترا سپنا من ۾ سانڍي جوڙايو هو. امي انهيءَ گهر جا ساروڻا ساري سڏڪي پوندي هئي. پر اهو گهر ڪيئن ٿو منهنجو ٿي سگهي – جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا ئي گهر پنهنجي لاءِ درد جو درياهه بڻجي ويندا آهن، جنهن کي ڪڏهن به اُڪري نه ٿو سگهجي.“

بس تيزيءَ سان روڊ جي ڇاتيءَ تي ڊوڙندي رهي هئي. پر ڪجهه به نه چئي سگهي هيس. اهي سڀ ڳالهيون، جيڪي اندر جو عذاب آهن، چئي نه سگهبيون آهن.

”آئون هوٽل ۾ ئي رهندس. اوپرا ماڻهو هوٽلن ۾ رهندا آهن نه!“ هن کي هوٽل تي ڇڏي جڏهن يونيورسٽيءَ جي بس ۾ ڄامشوري ڏانهن واپس موٽي هئس، تڏهن ڀانيو هئم ته پنهنجي صدين جي تاريخ پويان ڇڏي آئي هجان. هوٽل جي بند ڪمري ۾ ڄڻ منهنجي سمورن بيتن جي معنيٰ کوئجي وئي هجي. گوتم انهيءَ ڏينهن ڄاتو هئم ته وطن آباد هوندو آهي ماڻهوءَ جي اندر. بظاهر جيڪو زمين جو ٽڪر آهي، سو ته روپ آهي اندر ۾ آباد وطن جو. زمين جي ٽڪر تي جيڪو هاڃو ٿئي ٿو، انهيءَ جو عذاب من اندر آباد وطن ٿو ڀوڳي. اڄ تائين اها ڪٿ نه لڳائي سگهي آهيان ته منهنجو اهو پاڳل پڻو تو لاءِ آهي يا سنڌ ڌرتيءَ لاءِ؟. نڄاڻ تو مون کي چاهيو هو يا سنڌ جي اُداس ڌرتيءَ کي؟ ٻئي ڏينهن جڏهن هوٽل پهتي هيس ته هو دريءَ ۾ بيٺو هو. دريءَ کان ٻاهر ڦهليل هو حيدرآباد جو شهر.

”رات آئون سمهي نه سگهيو آهيان سنڌ! رات اُهي سڀ لڙڪ اکين ۾ چُڀندا ڀانيا اٿم، جيڪي جنم – جنم کان اميءَ جي اکين ۾ ڪٺا ٿيندا ڏٺا هئم.“ هن جي اکين ۾ رات جو اوجاڳو هو. آئون ٿڪل ٿڪل وکون کڻندر دريءَ وٽ هن جي ويجهو اچي بيٺي هيس. هيٺ روڊ تي ڊوڙندڙ تيز رفتار موٽرون – رڪشائون – ٽانگا – جائين جا منگهه – ورهاڱي کان اڳ جا اداس گهر ۽ پوءِ جون عمارتون – ماڻهو – اجرڪن وارا ۽ ڳاڙهن واتن وارا.

”ڇا ٿو ڏسين گوتم؟“

هن ڇرڪي مون ڏانهن نهاريو. ”حيدرآباد جي تن ۾ انهيءَ حيدرآباد جو من پيو ڳولهيان، جنهن جون ساروڻيون ساري پتاجي ۽ اميءَ کي ٻاروتڻ کان سڏڪندي ڏٺو هئم. سنڌ! ڪٿي آهي اُها حيدرآباد؟ منهنجي اکين ۾ ته رڳو ڳاڙها وات ٿا چڀن.“

هوٽل مان نڪري رستن تي هليا آيا هئاسون. هو ميڙي ۾ وڃائجي ويل ٻار وانگر اُداس ۽ گم سم. روڊ تي اسان جا پاڇولا هڪٻئي سان ٽڪرائجي رهيا هئا.

”سنڌ!“

”هل – هلون منهنجي گهر – آئون اُنهيءَ جي هر ديوار کي ٿو چمڻ چاهيان. پتاجي ۽ اميءَ جا اڻپورا سپنا ٿو ڏسڻ چاهيان.“ روڊ تي هلندي – هلندي هو بيهي رهيو. هن پتلون جي کيسي مان گهر جو پتو ڪڍي منهنجي هٿ تريءَ تي رکندي چيو هو: ”ائين سمجهه ته ڪنهن کوئجي ويل ٻآر کي گهر ڏيکارڻ ٿي هلين.“

هيرآباد ۾ جلد ئي هن جو گهر لڀي پيو هو. سرخ رنگ جون ديوارون، اڃا به ديوار تي اڇو پٿر لڳل هو. ”سندري هائوس“ هو انيڪ پل ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو هو انهيءَ اڇي پٿر کي. نه ڄاڻ ڪهڙي طوفان ۾ گهيرجي ويو هو هن جو من! آئون چپ چاپ ڳاڙهي ڀت کي ٽيڪ ڏيو هن کي ڏسندي رهيس. هو رنو نه هو. عينڪ جي فريم اندر هن پنهنجيون اکيون پوري ڇڏيون هيون.

اسان ڄڻ ڪنهن مقدس عبادت گاهه جي چائنٺ تي اچي بيٺا هئاسون.

”سنڌ!“

”هون!“

”سندري منهنجي وڏي ڀيڻ هوندي هئي. اميءَ کان ٻڌو هئم ته هوءَ بنهين سهڻي هئي. ايتري جو جيڪو به ڏسندو هئس، سو مٿس موهت ٿي پوندو هو. ڏاڍو مٺو هوندو هئس آواز، جڏهن هوءَ اوچن سُرن ۾ ڀٽائيءَ جون وايون ڳائيندي هئي، تڏهن ڄڻ هر شيءِ سانت ۾ اچي ويندي هئي. ڏاڍي سڌ هوندي هئس ڀٽائيءَ جو سمورو رسالو ياد ڪرڻ جي. سج لٿي جي ويلا ۾ هوءَ انهيءَ گهر جي اڱڻ ۾ ويهي بيت ياد ڪندي هئي، پر ڀٽائيءَ جو رسالو ياد ٿيڻ کان اڳ ئي هوءَ جوانيءَ ۾ مري وئي. ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ ورهاڱو ٿي ويو. سڀ گهر وارا هن گهر ۾ هن جون ساروڻيون ڇڏي ڀارت هليا ويا. مون ڀارت ۾ جنم ورتو. مون ڪڏهن هن جي تصوير به نه ڏٺي، پر هن پل ائين ٿو لڳيم ڄڻ هوءَ سامهون بيٺي هجي، ٻانهون ڦهلايو. ڄڻ هوءَ چوندي هجي ته اڙي – گوتم! – چريا!  ايڏو وائڙو ڇو بيٺو آهين؟ اچ – توکي ڀاڪر پايان – تنهنجو مک چمان – ڪيڏو سندر آهين تون. ائين ٿو لڳيم ڄڻ اهي سرخ ديوارون سندريءَ جون ٻانهون آهن. هي دروازو هن جو سينو آهي، جنهن تي سِرُ ڌري آئون سڀ دک روئڻ ٿو چاهيان. هن گهر اندر سندريءَ جو من ٿو ڌڙڪي ۽ آئون هتي پيو ٻڌان هن جي ڌڙڪندڙ من جو آواز.“

مون ڪنڌ مٿي کڻي انهيءَ اڇي پٿر کي ڏٺو، جنهن تي ”سندري هائوس“ اُڪريل هو. سمجهي نه سگهي هئس ته ڪهڙو هاڃو آهي اهو، ڪهڙي پلصراط آهي جنهن تي انسانن جو انبوه ٿو ڊوڙي؟ ائين ڇو ٿيندو آهي ته سندريءَ جي آتما ته سنڌ ۾ ٿي ڀٽڪي ۽ گوتم ڀارت ۾ ٿو جنم وٺي. سوچيو هئم – زمين جي جنهن ٽڪر جي حصول لاءِ ماڻهو تاريخ جون سڀ خوني جنگيون ٿو ڪري، زمين جي انهيءَ ٽڪر جيان اهم اهو ماڻهو به هو، جيڪو انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويو. پر اها ڳالهه ڪوئي ڪيئن سمجهي سگهندو؟ اهو ليکو ڪيئن ڪري سگهبو ته ڪيترا ماڻهو ڀارت کان هيڏانهن ايندي مارجي ويا ۽ ڪيترا ماڻهو ڀارت ويندي مارجي ويا؟ اهي ليکا جيڪر رجسٽرڊ ٿي سگهن ها ته ڪر ماڻهو ماڻهوءَ جو رت نه چوسي ها.

سندري هائوس جي ڪال بيل تي آڱر رکي ڀانيو هئم ته هوريان هوريان ڪو طوفان آهي، جو اندر گهڙندو ٿو اچي. هو مون پويان چپ چاپ بيٺو هو. ڪيتري اوسيئڙي کان پوءِ دروازو کليو. دروازو ڪنهن سندريءَ نه کوليو هو. اهو ئي ڳاڙهو وات ۽ ڪٺور اکيون.

”کس سي ملنا هي آپ کو؟“ گوتم چپ چاپ هن کي ڏسندو رهيو. ڇو نه ٿي هن کي چئي سگهيو ته هي گهر منهنجو آهي ڳهلا! منهنجي اميءَ ۽ پتاجيءَ جو اڻپورو سپنو آهي. هت منهنجي ڀيڻ جي آتما ٿي ڀٽڪي. ڇا ائين اوچتو ئي اوچتو پنهنجي هر ڪا شيءِ ڌارين ٿي پوندي آهي، سڀئي سڱ سياڪا ڇڄي پوندا آهن؟.

”کون هين آپ؟.“

گوتم چپ ڀيڙي ڇڏيا. ڪٺور اکين جي گهور کان گهٻرائجي هن کي ٻڌايو هئم ته: ”هي گوتم سامتاڻي آهي. ڀارت مان آيو آهي. هي گهر هن جي ماءُ ۽ پيءُ جو اڻپورو سپنو آهي. هي ڏسڻ ٿو چاهي هن گهر کي، چمڻ ٿو چاهي انهيءَ جي هر ديوار کي. هت هن جي ڀيڻ سندريءَ جا ساروڻا آهن.“

هن ڪٺور اکين سان گوتم کي ڏٺو. ڄڻ چوندو هجي ڀڄي وڃ هتان. هي گهر تنهنجو ڪونهي، هي ديس تنهجو ڪونهي، اوپرو آهين تون. چيائين: ”آپ کي پاس کوئي ثبوت؟.“

گوتم انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيو. ڀلا پنهنجي سپنن لاءِ به ڪي ثبوت هٿ ڪبا آهن؟ پنهنجي گهر جي ديوارن کي چمڻ لاءِ به ڪي ثبوت ساڻ آڻبا آهن؟.

”آپ کو غلط فهمي هوئي هي، يه گهر آپ کا نهين.“ در ٺڪاءُ ڏئي بند ٿي ويو. سرخ ڏاڪڻين تي بيٺل اسان جا وجود ڄڻ پاپ نه بخشرائي سگهيا هئا. ڄڻ عبادتگاهه جي چائنٺ تان ڌڪاريو ويو هجي اسان کي. هن اجهامندڙ اکين سان مون کي ڏٺو. مٿي ڏٺائين، جتي سندري هائوس جو اڇو ڪتبو لڳل هو ۽ موٽڻ لاءِ منهنجو هٿ پڪڙي ورتائين.

اجهامندڙ نما شام جي پڇاڙڪن لمحن ۾ ڄامشوري جي پل تي بتيون ٻرڻ لڳيون هيون. پاڻيءَ ۾ پوندڙ روشنين جو عڪس. هيٺ سنڌو ٿي وهيو. جهڙالو آسمان. هن الائي ڪائون ڀيرو پٿر اڇلايو هو دريا ۾. انيڪ پل ڪجهه به نه ڳالهايو هوسين. ريلنگ ڪناري هلندي هلندي مون هن کي اهي بيت ٻڌايا هئا، جيڪي ڄامشوري جي اُڀن ڪاون جهڙن هيڊن پٿرن تي اگهاڙن پيرن هلندي سوچيا هئم. پريان مهاڻن جون ٻيڙيون ٿي موٽيون.

اونداهي ۾ اچي بيٺا هئاسون. سامهون روشنيون هيون ۽ دور نيڻ نهار کان ٿي شروع ٿيو حيدرآباد جو شهر.

”سنڌ! جڏهن هليو ويندس هتان ۽ منهنجي ويزا جي تاريخ ختم ٿي ويندي، تڏهن تون ڪيئن ساريندينءَ مون کي – ڪهڙي انداز ۾ - ڪهڙن لمحن ۾؟!“

پل هيٺان سنڌو درياهه وهندو ٿي ويو. ڪنارن تي مهاڻن جون ٻيڙيون بيٺيون هيون. ڪنهن مهاڻي جي ريڊيو تي – دور کان آواز ٿي آيو. آيل ڪريان ڪيئن منهنجو نينهن پليو نا رهي – الله هو – هو – الا – الا – آيل ڪريان ڪيئن – منهنجو نينهن. ريلنگ تان نمي دريا جي پاڻيءَ ۾ ليئو پاتو هئم. چيو هئم: ”گوتم! توکي سارڻ وارن لمحن ۾ آئون سنڌوءَ جي ڪناري اچي بيهنديس. درياهه جي پاڻيءَ ۾ تنهنجو عڪس ڳولهينديس. جيسي تائين جيئنديس، انهيءَ آس تي ته شايد ڪنهن نه ڪنهن جنم ۾ تنهنجو عڪس سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ لڀي پوي. توکي ڪهڙي ڄاڻ ته هن لمحي ۾ به آئون تنهنجو عڪس ٿي ڳولهيان، سڌوءَ جي جرڪندڙ پاڻيءَ ۾.“

هو به ريلنگ تان نمي هيٺ پاڻيءَ ۾ لياڪا پائڻ لڳو. نٿي ڄاڻان ته هن جي اکين منجهه ڇا هوندو انهيءَ پل! پر منهنجين اکين منجهاران ٻه بوندون هيون، جيڪي درياهه جي پاڻيءَ ۾ گڏجي وهنديون ويون هونديون عربي سمنڊ تائين، ستن سمنڊ جي ڇاتيءَ منجهه.

تن ڏينهن برساتيون پوڻ شروع ٿيون هيون. جهڙالو آسمان ۽ هر شيءِ تي ڦهليل آلاڻ. ڄڻ ڪو هر شيءِ تي سر ڌري رنو هجي. ٻاروتڻ هئم تڏهن، جڏهن شڪارپور ۾ وڻن ۾ چينگهلا ٻڌي برسات وارا ڏينهن گهاريندا هئاسون. جواڻي آئي ته برسات وارا ڏينهن ۽ راتيون اداسيءَ جو ختم نه ٿيندڙ سلسلو ساڻ کنيو آيون. انهيءَ اداس راتين ۾ - جڏهن ٻاهر تيز برسات ٿي پئي، مون پهريون – پهريون بيت لکيو هو. ان کان پوءِ راتيون جاڳي بيت لکيا هئم سنڌ جي نانءَ سان. ڄائي هيس ته بابا مٿم نانءُ رکيو هو زيب النساءُ ۽ زيب النساءِ وري ڪڏهن واٽ ويندي به نه ڏٺم.

ان برسات جي ڪنهن ڀنل پهر ۾ پنڌ ڪندا سينٽرل جيل اڳيان لنگهيا هئاسون. پيرن ۾ ڄڻ سنگهر پئجي وئي هئم. بيهي رهي هيس سينٽرل جيل جي ڪوٽ اڳيان. بند گيٽ اڳيان پوليس واري گهوري ڏٺو هو مون کي.

”ڇا ٿيو سنڌ! ڇو بيهي رهي آهين؟“ گوتم حيران ٿي پڇيو. منهنجيون اکيون ڪوٽ اُڪرنديون سي ڪلاس جي تاريڪ کوليءَ منجهه وڃي اڙيون هيون. انهيءَ تاريڪ کوليءَ ۾ گذريل پنجن سالن کان ادا وڏو بند هو. سندس جوانيءَ جي نرڙ تي گهُنج پئجي ويا هئا. هڪ اداس صبح ڀاڀيءَ ادا وڏي تي ٿيندڙ ڏاڍ خلاف احتجاج ڪندي آپگهات ڪيو هو. ڀاڀيءَ جي سيرانديءَ کان اگربتيون ٻاريندي چاهيو هئم ته سسيءَ وانگر واڪا ڪندي نڪري وڃان سنڌ جي بيرانن ۾، پر ٿيو ائين هو جو آئون چپ چاپ چپ ڀڪوڙي اگربتيون ٻاريندي رهي هيس. اها سڄي رات مون بند ڪمري ۾ ويهي سر ڪيڏارو پڙهيو هو. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن ٽٽندڙ دل جا هزار ٽڪر هٿ تريءَ تي سجائي، جيل جي مضبوط لوهي سيخن جي هن پار بيٺل ادا وڏي کي ڀاڀيءَ جي آپگهات جو هاڃو ٻڌايو هئم، تڏهن هو نستو ٿي پٽ تي ويهي رهيو هو. اکيون پوري، گوڏن تي سر ڌري نڄاڻ ڪيترا پل رئندو رهيو هو. ملاقات جو وقت ختم ٿيو. وڃڻ لڳيس ته هو اُٿي بيٺو. اکين منجهه سنڌو درياهه هئس. لوهي سيخن منجهان منهنجا هٿ پڪڙي مُرڪي پيو هو. چوڻ لڳو: ”سکان جي قبر تي وڃين ته چئجانس – اڃا مئو ناهيان – اڃا اجهاڻو ناهيان – “ آئون نڙيءَ ۾ سڏڪا گهٽي موٽي آئي هيس.

اهو سڀ ڪجهه سينٽرل جيل جي اوچي ڪوٽ اڳيان بيهي گوتم سامتاڻيءَ کي ٻڌايو هئم. برسات جي بوندن ۾ اسان جا چهرا پُسي رهيا هئا. مون جهُڙالي آسمان ڏانهن اکيون کڻي نهاريو ۽ اکيون پوري ڇڏيم.

زندگيءَ ۾ ڪيترين شين سان محبت ڪيم. انهن منجهان حيدرآباد جو سينٽرل جيل به آهي. گوتم سامتاڻيءَ کي سينٽرل جيل جي اڳيان لنگهندي ٻڌايو هئم ته جڏهن سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جا يا سنڌ جا ٻيا نوجوان ڀريا ويندا آهن انهيءَ جيل اندر، تڏهن آئون ڌرتتيءَ مهل جيل جي اڳيان لنگهندي کن پل لاءِ بيهي رهندي آهيان. لڳندو اٿم ته انهيءَ جيل اندر منهنجو روح ٿو پرڙا هڻي. گوتم هلندي – هلندي بيهي رهيو.

هو پاڳلن وانگر ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو هو مون کي.

انهن ڏينهن ڪنهن – ڪنهن پل سج نڪرندو هو. نه ته آسمان تي تن ڏينهين بادلن جو واسو هوندو هو.

سنڌوءَ ڪناري هلڻ مهل هو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي چتائن جي رک به ساڻ کڻي هليو هو. برنين ۾ بند اُها پوتر رک ڏسي سوچيو هئم – بس! – اها ئي آهي هيڏيءَ ساريءَ زندگيءَ جي پڄاڻي! – جنهن لاءِ ايڏي ڊڪ ڊوڙ ٿو ڪري ماڻهو – مٽيءَ مٺ ۽ ايڏا جتن جيئڻ لاءِ! – تاريخ جا سڀئي پنا ماڻهو ڇاڪاڻ ٿو رت مان سرخ ڪري ڇڏي – سوچيو هئم جڏهن گوتم جا ماءُ پيءُ به نڪتا هوندا – پنهنجو ڀريو ڀريو گهر ڇڏي – سندريءَ جا ساروڻا ڇڏي، تڏهن ڪيئن – ڪيئن نه رنا هوندا. ديوارن کي ڀاڪر پائي – سرحد پار ڪئي هوندائون، ائين جيئن دنيا مان ڪنهن زندگيءَ جي سموري حاصلات جنازو بڻجي کڄندي آهي – هن پل اُنهن جي چتائن جي رک آئون ۽ گوتم سامتاڻي سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ٿا هارڻ وڃون – ماڻهو ڪيئن ڪيئن نه پنهنجي جنم ڀوميءَ سان پيو ناتا جوڙيندو آهي. جيئري نه سهي – مرڻ کان پوءِ سهي. سنڌوءَ ڪناري هلندي هلندي هن منهنجو هٿ پڪڙي ورتو هو. ”تنهنجو هٿ پڪڙي هلندو آهيان ته اڪيلائپ جو احساس گهٽجي ويندو آهي – سنڌ!“ سنڌوءَ جو پاڻي جهڙالي آسمان هيٺ وهندو ٿي ويو.

”سنڌ! – اها رک تون هارجانءِ پاڻيءَ ۾.“ هن جو آواز ڀرجي آيو هو – چوڻ لڳو: ”ٻي جنم ۾ چئي ته سگهندس ته سندن چتائن جي رک سنڌ جي هڪ اداس شاعره سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ هاري هئي – جنهن جو نانءُ به سنڌ هو.“ هو سنڌوءَ جي ڪناري پٽ تي پاٿولي ماري ويهي رهيو هو.

دور ٻِڙيون تري رهيون هيون. نوجوان آيا هئا پڪنڪ تي. انهن جو شور تهائين وڌي ويو هو. هو هڪ ٻئي جي پويان سنڌوءَ جي ڪناري ڊوڙي رهيا هئا.

سرد هٿن سان اهي برنيون کوليون هئم (ائين ڀانيو هئم ڄڻ اهو ئي پل آهي زندگيءَ جو آخري پل)- هوريان هوريان رک هاريندي رهي هيس، پاڻيءَ ۾. برنيون خالي ٿينديون ٿي ويون. انهيءَ پل هو واريءَ تي ليٽي پيو هو ۽ بند اکين تي منهنجي ساڙهيءَ جو پلاند رکي ڇڏيو هئائين.

گوتم!

سنڌوءَ جو پاڻي هن لمحي به وهندو ٿو وڃي سنڌ ڌرتيءَ جو سينو چيريندو.

تنهنجي اميءَ ۽ پتاجيءَ جي رک انهيءَ پاڻيءَ ۾ گڏجي پاڻي بڻجي چڪي. نٿي ڄاڻان ته اڃا ڪيتريون چتائون جلاوطنيءَ جو عذاب کڻي سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ۽ دنيا ۾ جيترا به درياهه آهن، سمنڊ آهن، انهن ۾ وهنديون. ماڻهو مري ويندا آهن ۽ پويان ڌرتيءَ تي گهڻو ڪجهه رهجي ويندو آهي. ڪينجهر جا ڪنارا – ڄامشوري واري پل – ڪوٽڙيءَ جي پل هيٺان وهندڙ درياهه ۽ انهيءَ جي ڪنارن تي آباد سنڌي مهاڻن جا ڳوٺ – سنڌ جون ڀٽون ۽ بر – مڪليءَ جو قبرستان – شاهه جو رسالو – سچل جون ڪافيون – سنڌ جا لوڪ گيت – مائي ڀاڳي ۽ علڻ فقير جو آواز – گهڻو ڪجهه جيڪو آئون هٿ تريءَ تي سجائي پوءِ مرڻ چاهينديس. مون کان پوءِ انهيءَ ڌرتيءَ تي انيڪ اداس دل شاعرائون ۽ ڪهاڻيڪارائون اينديون، جن جو آواز منهنجي آواز جو پڙلاءَ هوندو. سج جن جي پيشانين تي اڀرندا. آئون نه هونديس پر منهنجو نانءُ ۽ منهنجا بيت اُنهن جي هٿ تريءَ تي رهجي ويندا. پر گوتم! حياتيءَ جي انهيءَ فيصلي ۾ وقت جا فيصلا شامل ناهن. مرنديس، پر ڪو هڪڙو پل آئون پنهنجي هٿ تريءَ تي ضرور لکرائينديس، جنهن ۾ تون ۽ آئون هٿ هٿ ۾ ڏئي ڪينجهر ڪناري هلندا رهون. ڪڏهن به تنهنجي ويزا جي تاريخ ختم نه ٿئي.

ڏينهن جيڪي هن ساڻ منسوب ڪيا هئم، سي هوريان هوريان پر ڪري اُڏامندا ٿي ويا. هو روز ٻڌائيندو هئم ته باقي هيترا ڏينهن آهيان تنهنجي ديس ۾. آئون روز انهيءَ ختم ٿي ويل ڏينهن جو عذاب ڪلهن تي کڻي موٽي ايندي هئس هاسٽل ۾.

ان کان پوءِ موئن جي دڙي جي اجاڙ کنڊرن تي هن سان هلندي نڄاڻ ڇو من دکي ٿي پيو هئم. سوچيو هئم ڇا ڪڏهن منهنجو دور به موئن جي دڙي جيان کنڊر – کنڊر بڻجي ويندو؟ شڪارپور ۾ منهنجو گهر – سندري هائوس – مارئي هاسٽل – سنڌ يونيورسٽي جون عمارتون – تڏهن انهن کنڊرن منجهان جيڪر ڪڏهن منهنجي تن جو هڏ لڌو ته ڪنهن کي ڪيئن ڪَل پوندي ته هيءُ ماضيءَ جي هڪ اُداس سنڌي شاعره جو رهجي ويل نشان آهي. هزارين سال اڳ جنهن سنڌ جي نانءَ سان بيت لکيا هئا، تڏهن ڪنهن ميوزم جي شوڪيس ۾ رکيل منهنجو اهو رهجي ويل نشان ڏسي ڪوئي ڪيئن سمجهي سگهندو ته سنڌ جي رڳ رڳ ۾ گوتم سامتاڻيءَ جو واسو هو؟ ڪنهن کي ڪيئن سُڌ پوندي ته هي سندري هائوس جا کنڊر آهن، جنهن جي بند دروازي تان هزارين سال اڳ گوتم سامتاڻي نڙيءَ ۾ انيڪ سڏڪا گهٽي موٽي ويو هو؟ ڪير ڪيئن ڄاڻندو ته هيءَ مارئي هاسٽل آهي، سنڌ جي اداس شهزادين جو مسڪن. ڪير ڪجهه به نه سمجهي سگهندو. آئون ۽ گوتم گذرون ٿا انهن کنڊرن مٿان. ڪهڙي ڄاڻ انهن کنڊرن منجهه ڪنهن ڪنهن جا سپنا – محبتون – ساروڻيون دفن آهن؟ ڪيترن ڪهاڻيڪارن جون باغي ڪهاڻيون ۽ ڪيترن شاعرن جي اداس شاعري. ڪو گوتم سامتاڻي – ڪا سنڌ – ڪو سندري هائوس – ڪا مارئي هاسٽل. ڪير ڄاڻي، انهيءَ گس تان ڪوئي هٿ هٿ ۾ ڏئي لنگهيو هجي. ڪا اداس دل شهزادي، ڪو خوبصورت دل وارو شهزادو. اهي وقت جا الميا آهن – جن جو ڪو انت ڪونهي.

”سنڌ!“ جُڳ پراڻيءَ ڊٺل ديوار کي گوتم سامتاڻي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، ڄڻ اجهو هن پل انهيءَ ديوار منجهاران نڪتو هجي.

”سنڌ! دل چوي ٿي انهن کنڊرن منجهه دفن ٿي وڃون. صديون پوءِ جڏهن پنهنجا هڏ لڀن ته انهن تي هڪ ٻئي جو نانءُ اُڪريل هجي.“ موٽ ۾ اکيون پوري ڇڏيون هئم.

هلندي – هلندي هن موئن جي دڙي جي مٽي ٻُڪ ۾ ڀري کيسي ۾ وجهي ڇڏي هئي، ڄڻ ماڻڪ موتي چونڊيندو هجي.

موئن جي دڙي جي کنڊرن جي پاڇولي ۾، هيٺ پٽ تي ڀت کي ٽيڪ ڏئي انهيءَ ڏينهن انيڪ ڳالهيون ڪيون هيوسين. نڄاڻ ڪنهن مهل هن جو هٿ پڪڙي ورتو هئم. هو منهنجي ساڙهيءَ جو پلاند اکين تي رکي ڳالهائيندو رهيو. بي معنيٰ ڳالهيون، جن جون هزارين معنائون هونديون آهن.

”سنڌ! دل ٿي چوي دنيا تياڳي هتي کنڊرن ۾ اچي ويهي رهان. دائرو ٺاهي ڇڏيان چوڌاري ۽ انهيءَ دائري اندر ائين ئي توسان ويٺو رهان. تنهنجي پوتيءَ جو پلاند اکين تي رکيو، تيستائين، جيستائين جيئان.“ سندس هٿ کڻي پنهنجي اکين تي رکي ڇڏيو هئم. ياد اٿم ته جڏهن اهو هٿ اکين تان هٽايو هئم، تڏهن برسات جي ڀنل رُت وانگر آلو هو اُهو هٿ.

گوتم جي ويزا تي لکيل تاريخ ويجهي ايندي ٿي وئي. چوندو هو: ”روز ويزا جي تاريخ ٿو ياد ڪريان – روز ٿو مران – روز ٿو جيئان.“

کيس اهو ٻڌائي نه سگهي هئس ته آئون ته پل – پل ٿي جيئان ۽ پل – پل ٿي مران – پل پل جو اهو حساب تاريخ جي ڪهڙي پني تي لکبو؟ نٿي ڄاڻان، لکبو به يا نه!؟

ڀٽائي جي مقبري تي بيٺل هزارن انسانن جي انبوهه ۾ پاڻ کي تنها ڀانيو هئم. چوڌاري بيٺل ڀٽائيءَ جا مست الست فقير. اجرڪ اندر لڱ ڪانڊارجي ويا هئم. وڇوڙي جو عذاب ۽ ڀر ۾ بيٺل گوتم سامتاڻيءَ جو وجود اکين ۾ جرڪڻ لڳو هئم. ياد آيو هئم، فقير عبدالغفور يونيورسٽيءَ جي اسٽيج تي بيهي جڏهن واڪا ڪري ڳائيندو هو – جاڳ ڀٽائي گهوٽ – توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري – او – مرن ٿيون مارويون – قابو آهن ڪوٽ - ۽ جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي – ڪرندا ڪنڌ هزار او يار – سنڌڙيءَ تي سير ڪير نه ڏيندو – سهندو ڪير ميار او يار – ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ – پوءِ به نعرا نينهن جا – سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ – مرنداسين – پر – مرڪندي – انهيءَ پل منهنجو بانورو من ڪنهن زخمي پاريل جيان ڀٽائيءَ جي مقبري تي اچي نستو ٿي ڪِرندو هو. گوتم سامتاڻيءَ سان گڏ پهريون ڀيرو ڀٽائيءَ وٽ آئي هئس. ڄاريءَ منجهان ليئو پائي اندر ڏٺو هئم، جت ڀٽائي ستل هو – چاهيو هئم واڪا ڪري چوان:  جاڳ ڀٽائي گهوٽ – توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري – پر ٿيو ائين هو جو ڄاريءَ تي سر ڌري اکيون پوري ڇڏيون هئم. سوچيو هئم ته ڀٽ تي وينديس ته هڪڙي ئي دعا گهرندي سانس، وصل جي لمحن جي. گوتم جي ويزا جي تاريخ ڪڏهن به ختم نه ٿئي. پر اُتي هر پل هڪڙو ئي بيت هانوَ تي هرندو رهيو هئم. ڳولهيان – ڳولهيان مَ لهان – شال مَ ملان هوت – من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي - شال مَ ملان هوتَ - شال مَ ملان هوتَ.

گوتم ڄاريءَ تي سر ڌري انيڪ پل بيٺو رهيو. ٻاهر مست الست فقير اوچن سُرن ۾ ڳائي رهيا هئا.

ٻاهر نڪتا هئاسون. ڏٺو هئم ته هن جون اکيون ٻرندڙ اڱارين سمان سرخ هيون. ٻاهر اچي هن ٻه ڳانا ورتا هئا. هڪ پنهنجي ڳچيءَ ۾ ۽ ٻيو منهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو هئائين. اهي محبتن جون نشانيون آهن، وڇڙي وڃڻ کان پوءِ جيئڻ جو ڪارڻ بڻبيون آهن. بس ۾ هو سڄي واٽ ستو رهيو. سڪون جي ڇانوَ هئي سندس چهري تي. آئون ڳڙکيءَ کان ٻاهر ڏسندي رهي هيس. حيدرآباد ۾ بس مان لهي پنڌ هوٽل ڏانهن هليا هئاسون.

واٽ تي چيو هئائين: ”اڄ شانتي ملي وئي آهي من کي . ائين ٿو ڀانيان ڄڻ درد جو درياهه اُڪري آيو آهيان.“

هن کي هوٽل جي گيٽ تي ڇڏي موٽي آئي هيس هاسٽل. سپر هاءِ وي جي ڇاتيءَ تي لهندڙ سج جا پاڇولا تري رهيا هئا. هڪ صبح انڪشاف ڪيو هئائين ته ٽنڊي محمد خان ۾ سندس اميءَ جي ڀاءُ جو گهر آهي ۽ وٽس هن جو پتو به آهي.

پڇيو هومانس؛ ”ته هيترا ڏينهن ڇو نه هلئين؟.“

چيائين؛ ”وساري ويٺو هئس سڀ ڪجهه .“

هڪ گرم ٻه پهريءَ، بس ۾ ٽنڊي محمد خان وڃي رهيا هئاسون. واٽ تي چوندو هليو؛ ”سوچيان ٿو ڪيئن سڃاڻي سگهندس ماما کي ۽ الاءِ مون کي پاڻ سڃاڻي به سگهندو يا نه! الاءِ جيئرو به هوندو!؟ ڪيئن ملندس هن ساڻ؟ مامي ۽ سندس ٻار سرحد اُڪري هليا ويا هئا. ماما کوکرا پار تائين اچي موٽي ويو هو ۽ مامي انهيءَ دک ۾ پاڳل ٿي پئي هئي. انهيءَ پاڳلپڻيءَ ۾ واٽ تي پنهنجو پٽ اشوڪ به وڃائي ويٺي. مون سدائين ماميءَ کي انهيءَ پاڳل پڻي ۾ ماما ۽ اشوڪ کي پڪاريندي ڏٺو. امان ماما جي تصوير هٿن ۾ کڻي چوندي هئي: ’ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج – ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي‘-“ بس مان لهي ٽانگو ڪري نڪتا هئاسين تيرٿ رام جو گهر ڳولڻ. جلد ئي گهر لڀي پيو هو. هيڊي رنگ جي ورهاڱي کان اڳ جي جوڙيل جاءِ. جيڪو ماڻهو گهر ڏيکارڻ لاءِ ساڻ آيو هو، انهيءَ بند دروازي جي اڳيان بيهي پڪاريو هو ”ڪاڪا تيرٿ رام – او – ڪا – ڪا!“ انيڪ پل سانت کان پوءِ در کليو. دروازي تي ڪاڪو تيرٿ رام بيٺو هو. اڇي گوڏ ۾ ويڙهيل ڏٻرو ڏيل. ڪڻڪائون رنگ ۽ وکريل وار. اسي ورهين جي ڄمار. هن جي چهري تي ڦهليل گهنجن ۾ وقت جي ڌوڙ ٿي اُڏاڻي – اڇا برف جهڙا وار. نڪ تي رکيل عينڪ جي گول شيشن منجهاران لياڪا پائيندڙ ٻه اجهاڻل بي رنگ اکيون.

”تنهنجا مزمان آيا آهن، ڪاڪا!“ ساڻ آيل ماڻهو اسان ڏانهن اشارو ڪري هليو ويو. هن عينڪ منجهان اسان کي گهور ڪري ڏٺو. ”ڪير آهيو اوهين؟“

”آئون گوتم آهيان – گوتم سامتاڻي.“ گوتم وڌي اچي هن جي ويجهو بيٺو. ائين محسوس ٿيو هئم ڄڻ گوتم روئي پوندو هن پل.

”گوتم!“ هن حيران ٿي ڏانهس نهاريو. ”الاءِ ڪير آهين تون! نٿو سڃاڻان توکي.“

گوتم بيحد دکي ٿي مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ وري هن سان ڳالهائڻ لڳو. چيائين؛ ”اندر اچڻ لاءِ به نه چوندين؟.“

کن پل لاءِ هن گهٻرائجي اسان ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ در تان هٽي لنگهڻ جي جاءِ ڪندي چيائين؛ ”اچو – اندر اچو – پوڙهو آهيان نه انهيءَ ڪري نٿو سڃاڻي سگهان هر ڪنهن کي.“

اسين اندر هليا آياسين. اجڙيل – اجڙيل سنسان قبرستان جهڙو گهر. صفحي ۾ رکيل ڀڳل ڪرسيءَ تي ويهندي ٿڪجي اکيون پوري ڇڏيون هئم. گوتم هن ساڻ ڳالهائي رهيو هو. ”آئون – ڪرشن جو پٽ آهيان – ماما!“

”ڪرشن!!؟. “

”اوهان جي ننڍي ڀيڻ ڪملا جو پٽ آهيان – گوتم، آئون ڀارت ۾ ڄائو هئس ماما!“

”تون! تون ڪملا جو پٽ آهين – اڙي! ڪملا جو پٽ آهين تون!“ مون اکيون پٽي نهاريو. تيرٿ رام جي پوڙهي اُجهامندڙ اکين ۾ انيڪ ڏيئا ٻري پيا هئا. هو ڪرسيءَ تان اُٿي کٽ تي ويٺل گوتم جي پيرن ۾، هيٺ پٽ تي ويهي رهيو هو. ڏڪندڙ هٿن ۾ گوتم جا هٿ پڪڙي ورتا هئائين. اکين ۾ هوريان هوريان لڙڪي ڀرجي آيس. ”تون – تون – ڪميءَ جو پٽ آهين؟!“ هو گوتم جي هٿن کي پاڳلن وانگر چمڻ لڳو. ”تون – ڪملا جو پٽ آهين!“ هٿ تريءَ سان لڙڪ اُگهندي هن هيڪر وري گوتم ڏانهن نهاريو. ”ڇا نالو ٻڌايئي پنهنجو!؟“

”گوتم!“

”اڙي! ڏس ته – آئون به ڪيڏو پاڳل آهيان – ڪملا جي پٽ کي سڃاڻي ئي نه سگهيس – تو دل ۾ ته نه ڪيو پٽ!“

گوتم کٽ تان اُٿي بيهي رهيو. هن کي ٻانهن کان جهلي مٿي کٽ تي ويهاريندي چيو هئائين: ”جنهن کي ڪڏهن ڏٺو ئي نه هجي – انهيءَ کي سڃاڻڻ ڏاڍو اوکو هوندو آهي.“

”هيءَ ڪير آهي؟“ ڪاڪي تيرٿ رام مون ڏانهن نهاريندي گوتم کان پڇيو هو. ”هيءَ!“ هو مون ڏانهن نهاري مرڪي پيو. ”هيءَ سنڌ آهي – هتان جي شاعره.“ هن ڄڻ ته گوتم جي ورندي ٻڌي ئي ڪانه هئي . سوال ڪري هو ٻيهر گوتم ۾ کوئجي ويو هو. هن جو مک پنهنجن پوڙهن ڏڪندڙ هٿن ۾ جهلي چمندو رهيو هو. رئندو ٿي ويو، ڳالهائيندو ٿي ويو. ”اڙي ڇورا! تون بنهه ڪملا جهڙو آهين – توکي ڏسي ڄڻ پاڳل ٿي پيو آهيان.“ مون ٻيهر ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي سر ڌري اکيون پوري ڇڏيون هيون. بانورو من ڀٽڪندو نڄاڻ ڪٿان وڃي نڪتو هو. وڇوڙي جو اهو ڪهڙو طويل سفر آهي. ماڻهو – ماڻهوءَ کان ڌار ڇو ٿو ٿئي! باهه جي درياهه ۾ تنها ٿو هلي ماڻهو، وصل جي ڪنهن لمحي جي آس تي. ڇا ٿو ٿئي؟ هڪ ئي گهر جا ڀاتي، ڌار – ڌار گسن تي هليا ٿا وڃن. جنهن ڌرتيءَ تي جنم وٺجي اها تنگ ٿي پوي ماڻهن لاءِ. جڏهن هي گهر آباد ٿيو هوندو، جڏهن تيرٿ رام لائون لڌيون هونديون، تڏهن ڪنهن کي اها ٿوروئي سُڌ هوندي ته اهو سڀ ڪجهه اصل ۾ ڪجهه ناهي. اهو ڄڻ قبرستان بڻجي ويندو. جنهن عورت سان هن لائون لڌيون آهن، سا هڪ ڏينهن سرحد پار ڪري ويندي ۽ هو بي حد سڪون منجهان ڀريو ڀڪلو گهر اُجڙڻ جو منظر ته ڏسي سگهندو، پر پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ کان وڇڙڻ جو عذاب سهي نه سگهندو ۽ کوکرا پار تائين وڃي موٽي ايندو. اهي سڀ الميا وقت کان اڳ ڪير سمجهي سگهيو آهي؟.

”ڪملا – ڪيئن آهي؟“.

”امي ۽ پتاجي نه رهيا آهن هاڻي هن جڳ ۾.“ ڪمري ۾ گوتم جو دکي آواز اُڀريو. مون اکيون پٽي نهاريو. ڪاڪي تيرٿ رام جي اکين ۾ درد جو درياهه هو. ”۽ تنهنجي مامي ڪيئن آهي؟ ٺيڪ ته آهي نه!“. هن جي اکين ۾ جواڻيءَ جا سپنا ٿي جرڪيا.

”مامي!“ ماميءَ جو الميو ٻڌائڻ کان اڳ کن – پل لاءِ گوتم اکيون پوري ڇڏيون هيون.

”ماما! توهان جڏهن کوکرا پار کان موٽي ويا هئا، مامي انهيءَ پل پاڳل ٿي پئي هئي. انهيءَ پاڳل پڻي ۾ واٽ تي اشوڪ به کانئس کوئجي ويو. مون ماميءَ کي سدائين رئندي ڏٺو هو. پاڳل پڻي ۾ واڪا ڪندي هئي: اڙي منهنجو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ رهجي ويو آهي، مون کي ڪنهن آندو آهي هتي؟ مون کي موٽائي وٺي هلو. چار سال ٿيا جو مامي به هلي وئي. مرڻ سمي اهي ئي واڪا ٿي ڪيائين“. ڪاڪي تيرٿ رام اکيون پوري ڇڏيون.

”ماما! اوهين ڇو اڌ تائين وڃي موٽي آيا؟“

ڪمري ۾ ڦهليل موت جهڙي سانت مون سيني ۾ لهندي ٿي محسوس ڪئي. سامهون ديوار تي ڪاڪي تيرٿ رام جي جواڻيءَ جي تصوير ٽنگيل هئي. ڀر ۾ بيٺل عورت شايد اها ئي هئي، جنهن جي ڀاڳ ۾ ازل کان وڇوڙي جو عذاب پاڳل پڻي جي صورت ۾ لکيل هو. سوچيم اها تصوير منهنجو ايندڙ جنم آهي شايد! هو گوتم سامتاڻي آهي، هوءَ آئون آهيان. ڪير ڄاڻي ته اهو پاڳل پڻو منهنجو نصيب به هجي. ڪير ڄاڻي حياتيءَ جي رڻ ۾ ڪڏهن آئون به واڪا ڪندي وتان – اڙي! منهنجو من کوئجي ويو آهي – ڪوئي مون کي آڻي ڏئي منهنجو من. ڪير ڄاڻي اکين اڳيان تاڻيل پڙدي جي هن پار ڇا آهي؟.

ڪيترا الميا هئا، جي گوتم هن کي ٻڌائي رهيو هو. امي ۽ پتاجي مري ويا، مامي پاڳل ٿي پئي تنهنجي وڇوڙي ۾، اشوڪ سرحد اُڪرندي کوئجي ويو. ڪيترا اشوڪ کوئجي وڃن ٿا رستي ۾. ڪيترا ماڻهو ماڳ تي رسڻ کان اڳ فنا ٿي وڃن ٿا. ڪيترا سپنا واٽ تي ئي ٽٽي پون ٿا. ڪيترا الميا آهن، جيڪي وقت هٿ تريءَ تي سجائي اسان جي پويان اچي ٿو. پوءِ – حياتيءَ جي رڻ ۾ ايڏي وٺ پڪڙ ڇاجي آهي؟ ايڏيون سازشون – ايترا فساد – ايترو لوڀ ڇاجو آهي؟ جڏهن ته ڪنهن به شيءِ کي تڪميل ڪانهي، هر شيءِ واٽ تي ساٿ ڇڏيو وڃي. فنا – وڇوڙو – دک – عذاب ڇا بس اها ئي آهي زندگي جي حاصلات؟.

تيرت رام اکيون پٽي نهاريو. هن جي اکين ۾ وقت جي ڌوڙ هئي.

”ڇوڪرا!“ تيرٿ رام ديوار تي ٽنگيل تصوير کي گهورڻ لڳو. ”ڇو – کوکرا پار تائين وڃي موٽي آيس – اهو ته تون سنڌ جي ڌرتيءَ کان پُڇ – جنهن ويندي ويندي منهنجا پير پڪڙي ورتا هئا ۽ هنن کي وڃڻ ڏنو هئائين – تون اڃا ننڍو آهين، نه سمجهي سگهندين اهي ڳالهيون ته ڌرتي ڪيئن ماڻهوءَ جا پير پڪڙي وٺندي آهي ۽ ماڻهو ڇو چهٽي پوندو آهي ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ کي؟.“

تيرٿ رام هٿ جي پٺيءَ سان لڙڪ اگهيا. ٻارن وانگر سڏڪندي چيائين: ”اشوڪ کوئجي ويو پر مون لاءِ ته سڀ کوئجي ويا. ماڻهو ڇو ٿو هڪٻئي کان کوئجي وڃي؟ تون ئي ٻڌاءِ ڌيءَ!“ هو مون ڏانهن مڙيو، چوڻ لڳو: ”هن ڇوڪري ڪابه سک جي خبر نه ڏني آهي مون کي – چوي ٿو ڪوئي مري ويو – ڪوئي پاڳل ٿي ويو  ۽ ڪوئي کوئجي ويو.“

”اوهان شڪنتلا جو نه پڇيو ماما!؟“ گوتم ساڻ شايد سک جي هڪ ئي خبر آندي هئي، سا ياد ڏيارڻ چاهي هئائين. پنهنجي ڌيءُ جو نانءُ ٻڌي رئندي رئندي هيڪر وري اکين ۾ جوت جاڳي پيس. ”اڙي! شڪنتلا – منهنجي ڌيءَ ڪيئن آهي؟ ٻڌاءِ – ڪيئن آهي هوءَ!؟“ اکين ۾ آس جا ڏيئا هڪ هڪ ڪري ٻرڻ لڳا هئس.

”ماما! شڪنتلا دهليءَ ۾ آهي – سندس پتي ڊاڪٽر آهي. اُتي – هڪ ننڍڙو ۽ خوبصورت گهر اٿن – جنهن جي لان ۾ ڪيترا ئي گل ٽڙيل آهن – جنهن ۾ روز شام جو هن جا ٻه ٻار راند رهندا آهن – ڏاڍي سکي آهي هوءَ پنهنجي گهر ۾ - سندس ڊرائينگ روم ۾ اوهان جي ۽ ماميءَ جي قد آور تصوير ٽنگيل آهي – هوءَ روز پوڄا کان پوءِ انهيءَ تصوير تي گل چاڙهيندي آهي ۽ انيڪ پل انهيءَ آڏو هٿ جوڙيو بيٺي هوندي آهي – سندس پٽ ته هوبهو اوهان جهڙو آهي – مئٽرڪ ۾ آهي – شڪنتلا چوندي آهيم – ڏس گوتم! هي هوبهو پتاجيءَ جهڙو آهي. مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ هي منهنجو پيءُ آهي ۽ آئون هن جي ڌيءَ.“

تيرٿ رام جي اکين ۾ مشعلون ٻرنديون رهيون. هو روئي به رهيو هو ۽ مرڪي به رهيو هو.

گوتم کان پڇيائين: ”شڪنتلا کي سُڌ هئي تنهنجي هيڏانهن اچڻ جي؟!“

”نه – ٻڌايومانس ئي نه – ڄاتم ٿي ته هوءَ سڪ مان گهڻو ڪجهه اماڻي ها اوهان ڏي -  ٻيو نه ته ڪا چٺي اماڻي ها – سوچيم جيڪر اوهان به نه هوندا ته ڪيئن هن جي ايڏي سڪ موٽائي کڻي ويندس.“

”ماما!“ گوتم ڀڻڪيو.

”چؤ.“ رئندي رئندي هن ڪنڌ مٿي کنيو.

”ڀارت هلندا؟ ڪجهه ڏينهن لاءِ ئي سهي.“ تيرٿ رام موٽ ۾ ٽڪ ٻڌي گوتم کي ڏسندو رهيو هو. چوڻ لڳو: ”پاڳل ٿيو آهين ڇا!!! جنهن ڌرتيءَ لاءِ ايترو ڪجهه دان ڪيم، پڇاڙيءَ ۾ اُتي مرڻ به نه ڏيندين ڇا؟!“

هو انيڪ ڳالهيون ڪندا رهيا هڪٻئي سان ۽ مون ائين ڀانيو ڄڻ ڄڀ ڪپجي وئي اٿم. ڪنن کان ٻوڙي ٿي پئي هجان ۽ اکيون پٿر هجنم.

اها رات اسين ڪاڪي تيرٿ رام وٽ رهيا هئاسون. سنسان قبرستان جهڙي اُنهيءَ گهر ۾ ڪاڪو تيرٿ رام ۽ گوتم هڪڙي ڪمري ۾ ۽ آئون ٻئي ڪمري ۾ ستي هئس. ڪمري ۾ جڏهن مون کي ڇڏي تيرٿ رام وڃڻ لڳو هو، تڏهن چيو هئائين: ”ڌيءَ! هيءُ ڪمرو مون شڪنتلا لاءِ جوڙايو هو. تون به مون لاءِ شڪنتلا آهين!“ هو هليو ويو. مون اکيون پوري من ئي من ۾ شڪنتلا کي چيو: شڪنتلا ديوي! اهو به وقت جو الميو آهي. ڪوبه ناتو ناهي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾. هي گهر جو اوهان لاءِ جڙيو، هي ڪمرو تنهنجو آهي، جنهن جي چٿڙ لٿل ديوار تي تنهنجي ٻاروتڻ جي تصوير ٽنگيل آهي. اڄ توکي هن گهر جا ساروڻا به ڪين هوندا ۽ آئون تنهنجي ڪمري ۾ ويٺي آهيان. توکي ڀلا ڪهڙي ڪل ته آئون هن پل تو لاءِ ڇا ٿي سوچيان؟ ڇا اسين هڪ ٻئي جا اداس پاڇولا آهيون شڪنتلا ديوي! انهيءَ رات ٻئي ڪمري مان رهيو – رهيو ٿي ڪاڪي تيرٿ رام جا گهٽيل گهٽيل سُڏڪا اڀريا. کليل دريءَ منجهان ڏٺو هئم، اڱڻ ۾ سڄي رات گوتم سگريٽ ڦوڪيندو رهيو هو. چانڊوڪيءَ رات جي اُجريءَ روشنيءَ ۾ سامهون ديوار تي هن جو پاڇولو ڊگهو ٿيندو ٿي ويو.

صبح جو جڏهن وڃڻ لڳا هئاسون، تڏهن تيرٿ رام گوتم کي ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي رنو هو. ڪيترا ڀيرا گوتم جو مُک چميو هئائين. ان کان پهرين نيرن تي چانهن ٺاهڻ مهل رڌڻي ۾ هو پنهنجي پوڙهي آواز ۾ ڳائيندو رهيو هو. جيڏيون الو – پنهل سان – جنهن جو پيچ پيئڙو – سا سُمهي سک ڪيئن ڪري – سا سمهي سک ڪيئن ڪري . ڊوڙندڙ ٽانگي مان پريان کان ڏٺو هئم. هو در جي چائنٺ تي گوڏن ۾ منهن ڏيو ويٺو هو. شايد رُنو ٿي. سوچيو هئم، زندگي وڇوڙي جو مسلسل سفر آهي – ڪوئي هن ڪناري بيٺو آهي ۽ ڪوئي هُن ڪناري بيٺو آهي.

ڪاڪو تيرٿ رام پويان رهجي ويو. وقت جي الميي وانگر ٽنڊي محمد خان جي پراڻي ڀڳل ٽٽل رستي تي ٽانگو بس اسٽينڊ ڏانهن ڊوڙندو رهيو هو. ڀر ۾ ويٺل گوتم کي ڏٺم. هن جي اکين ۾ واري ٿي اُڏاڻي، سنڌ جي صحرائن جي.

سڄي سنڌ ۾ گوتم ساڻ هلندي رهي هيس. بن بن ڀٽڪندي رهي هيس، هن ڀر کان هُن ڀر تائين. آبادين ۾ - بيرانن ۾ - کنڊرن ۽ قبرستانن ۾، شاعرن ۽ اوليائن جي مقبرن تي – رني ڪوٽ جي قلعي ۾ - سنڌوءَ جي ڪنارن تي – بنواس ورتو هئم تن ڏينهن.

هن جي وڃڻ جو ڏينهن ويجهو اچي ويو هو. ٻئي ڏينهن هن کي ڪراچي موٽڻو هو. ٻيو ڏينهن زندگيءَ جو سڀ کان المناڪ ڏينهن هو.

زندگيءَ جو فلسفو سمجهي نه سگهي آهيان. بس – وڇوڙي جي انهيءَ سفر جو نانءُ آهي زندگي . ماڻهو لمحن کي مُٺ ۾ قيد نٿو ڪري سگهي. ماڻهو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. تڏهن به ڪيڏو موه اٿس زندگيءَ سان، ڪيڏي لگن من ۾ پالي جيئي ٿو. سڄي زندگي موت جو سراپ ماريندو رهي، پر جڏهن مرڻ وارو پل ايندو آهي، تڏهن ڪيڏي آسانيءَ سان، چپ چاپ، بنا ڪنهن احتجاج جي ماڻهو مري ويندو آهي. ڄاتو هئم ته توکان وڇڙڻ جو اهو عذاب ڪيڏو به ڀاري سهي، پر جڏهن اهو پل ايندو، تڏهن تون ۽ آئون چپ چاپ پنهنجي پنهنجي دڳ ڏانهن هليا وينداسين، بنا ڪنهن احتجاج جي. نه آئون سسيءَ وانگر بن بن واڪا ڪنديس، نه تنهنجا ويندڙ قدم رڪجي سگهندا. اهي ته من اندر جون وارتائون آهن. سسئي وانگر بن بن واڪا ڪنديس ته به من اندر، جي مرنديس ته به من اندر. ڌرتيءَ سان لاڳو الميا به من ٿو سهي. سرحدن تي پاريل جيان پرڙا هڻي نستو ٿي به من ٿو ڪري. تن جو ڇا آهي – ساهه جي آخري تند، ڪنهن به پل ٽٽي پوي. گوليءَ جو هڪڙو گهاءُ – انهيءَ پل مريو پوي. پر من هڪ ڀيرو ڪڏهن ٿو مري. بار بار ٿو مري، بار بار ٿو جيئي. مسئلو جيڪر رڳو تن جي جلاوطن ٿيڻ جو هجي ها ته ڪوبه الميو نه هو. اهو ته ماڻهوءَ جو بانورو من آهي، جيڪو کوکرا پار تي پاڳل ٿيو پوي يا کوکرا پار کان موٽي ٿو اچي. دک اهو آهي ته انهيءَ بانوري من کي سيني مان ڪوئي به ڪڍي اُڇلائي نه سگهيو آهي. وڃڻ مهل هن منهنجون سرد آڱريون پنهنجن هٿ آڱرين ۾ جڪڙيندي ڀڳت ڪبير جو دوهو ٻڌايو هو مون کي.

سپر هاءِ وي جو ڪارو نانگ جهڙو رستو ڌرتتيءَ مهل ويتر پراسرار ٿي پيو هو. منهنجي پويان مارئي هاسٽل جي اداس عمارت بيٺي هئي. سامهون سنڌ يونيورسٽي ۽ ايل ايم سي جون عمارتون – بنگلا – ڪوارٽر – سوڙها رستا ۽ انهن ڪنارن بيٺل اگهاڙا وڻ – ڄام شوري جو سنسان ميدان ۽ منهنجي ڀر ۾ گوتم سامتاڻي بيٺو هو. هٿ ۾ بيگ کنيو. عينڪ جي اڇن اُجرن شيشن منجهان سندس اکيون اجهامنديون ڀانيون هئم. وڻ تان پيلو پن پٽي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو هئائين. چيائين؛” هي پيلو پن، تنهنجي ۽ منهنجي وڇڙڻ وارن لمحن جو نشان ڪري رکندس پاڻ وٽ.“ آءٌ چپ چاپ پير جي آڱوٺي سان پٽ تي پيل پٿر کي ڇهندي رهي هيس. ڪراچي ويندڙ گاڏيون ترنديون ٿي ويون سپر هاءِ وي تان. ڪيتريون ڳالهيون من ۾ هونديون آهن پر وڇڙڻ سمي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه رهندو آهي. لڳندو آهي ازل کان گونگا آهيون. ڪڏهن ڪو لفظ به نه ڳالهايو اٿئون زندگيءَ ۾. انيڪ پل چپ چاپ بيٺا رهيا هئاسون. اهي سڀ ڳالهيون تاريخ ۾ ڪنهن به پني تي نه لکبيون. منهنجو هن سان موه سنڌ جي ڪا لوڪ ڪهاڻي بڻجي نه سگهندو. اندر جون وارتائون لوڪ ڪاڻ نه هونديون آهن. دک جو هر ناٽڪ لوڪ ڪهاڻي بڻجي نه سگهندو آهي.

هن منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو؛ ”توکي ياد اچان ته سنڌوءَ جي ڪناري بيهي رهجانءِ. ڪڏهن نه ڪڏهن توکي لڀي پوندو منهنجو عڪس. تن جو سنجوڳ ڪجهه به ناهي. ڳالهه آتما جي آهي سنڌ!“ هن جي هٿ ۾ جڪڙيل منهنجو هٿ پگهر مان شل ٿي ويو هو. پريان کان ڪراچيءَ ڏانهن ويندڙ بس پي آئي. اُمالڪ هن پنهنجو هٿ بلند ڪيو هو بس کي روڪڻ لاءِ. پيرن جي آڱرين منجهان ساهه نڪرندو محسوس ڪيو هئم. بس اسان جي اڳيان اچي بيهي رهي هئي. هن جي گرفت منهنجي آڱرين تي مضبوط پئجي وئي هئي. آڱريون – جن سان بيت لکندي ائين گمان ٿيندو اٿم ڄڻ ڪائنات سموري انهن آڱرين ۾ سمايل آهي. هن منهنجين اکين ۾ ليئو پاتو. دور ڪٿي اُنهيءَ پل برسات پوندي هوندي. اهڙي ئي ڪا خاموش برسات هن جي اکين ۾ هئي انهيءَ پل، جنهن ۾ نه وڄ جا ٺڪاءَ هجن نه بادلن جي گجگوڙ.

بس جي ڳڙکيءَ مان هن مڙي مون ڏانهن نهاريو. ڇا هوندو هن جي اکين ۾؟ ڏسي نه سگهي هئس. روح جي آسيب کان گهٻرائجي اکيون پوري ڇڏيون هئم. اکيون پٽيون هئم. دور دور تائين (جيستائين نيڻ نهار آهي) سپر هاءِ وي جو ڪارو نانگ جهڙو سنسان رستو هو ۽ آسمان تي ٻرندڙ سج اکين ۾ لهي آيو هئم.


 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com