سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪـربـلا

باب: --

صفحو :6

مندر، اُداس ڏيئو، اڌ رات، ديوداسي

تال سوک ڪر پٿر ڀيو، هنس ڪهين نه جاءِ،

پڇلي پريت ڪي ڪارني، ڪنڪر چُن چُن کاءِ.

(ڪبير ڀڳت)        

وڇوڙي کان پوءِ

وڻن تان سڪل پيلا پن هڪ هڪ ڪري ڇڻندا رهيا هئا، هن جي مٿان ۽ آس پاس. ڀر مان ننڍڙو پٿر کڻي اڇليو هئائين بيٺل پاڻيءَ ۾، ۽ دائرا دور دور تائين پکڙبا ٿي ويا. اڄ ڪلهه هوءَ جيئندي به ڄڻ جيئي ڪانه ٿي. حياتيءَ جا پکراج جهڙا پل ۽ سج جهڙا سپنا اچانڪ هن جي بانوري من منجهارا  اڏاڻا هئا ڪنهن ٻيءَ ڀر. هوءَ هئي جا جنم جنم کان ائين ئي هيڪلي ۽ نراس پيلن پنن وارن وڻن هيٺ ويٺي هئي، ڀڪشوئڻ بڻي. ڌرتيءَ جو هي گول دائرو تياڳي، دائري کان ٻاهر.

”مهراڻ!!“

(هڪ لڱان ڪراچيءَ ۾ نيري سمنڊ ڪناري هوءَ ۽ مهراڻ واريءَ تي پنهنجن پيرن جا نشان ڇڏيندا ساڻ ساڻ ٿي هليا. هن جي چيلهه مهراڻ جي ٻانهن جي گهيري ۾ هئي ۽ سج سمنڊ جي ڇولين ۾ پاڻ ڍاري ڇڏيو هو)

مهر – ا – ڻ!!

ماڻهو جڳن ڪنان بهشت جو بند دروازو ٿو کڙڪائي.

هٿ ٿڪجي ساڻا ٿي پيا آهن.

ڪرائيءَ ڪنان وڍجي ڇڻي پيا آهن هٿ.

رت جو درياهه آهي جو هٿن – آڱرين – ڪرائين مان وهندو ٿو اچي. چيلهه تائين ٻڏو پيو آهي هر ڪنهن جو تن.

ڪوئي انت ڪونهي - ۽ مهراڻ!! دوزخ جي آڳ ٿي ٻري ماڻهوءَ جي رڳ رڳ ۾.

۽ - ان آڳ جا اُلا تهائين اوچا ٿي ويا آهن.

پيلن پنن جي ڇانوَ ۾ ويٺي ويٺي هن هڪ ٻيو پٿر اُڇليو هو بيٺل پاڻيءَ ۾، ۽ دائرا دور تائين پکڙجي ٿي ويا. ڪيڏي پيڙا ٿي پلجي هن وشال ڌرتيءَ تي!! انسانن جي سمنڊ مان لنگهندي هن هڪ وار سوچيو هو. وک وک تي ڦهليل هي ماڻهو آهن يا زندگيءَ جي ڇاتيءَ تي کوڙيل دک جا ٽياس آهن!! گهڻا گهڻا سال اڳ رومانوي ڪهاڻيون پڙهندي، آرٽ اسڪول ۾ چترڪاريءَ جي سکيا وٺندي نڄاڻ ڪهڙا سج جهڙا ڀاوَ هن کي سرخ بينرن جي هجوم ۾ وٺي آيا هئا. انسانن جي وهندڙ سمنڊ ۾ سڀ کان پويان هلندي هن سوچيو هو: ”او خدا!! ڪيڏي تکي اُس آهي اسان جي سر مٿان – انگ انگ ٿو سڙي ان ۾ - پر ڇا انهيءَ تتل ڌرتيءَ جي به ڪائي پڄاڻي آهي!!؟ او خدا – هي ماڻهو آهن يا زندگيءَ جي ڪلهن تي ٽنگيل دک جو ٽياس!

”هر ظلم جي پڄاڻي به تڏهن ٿيندي آهي نه مهراڻ! جڏهن ماڻهوءَ ۾ سنگهر ٽوڙڻ جو ساهس جنم وٺندو آهي، پر اسان جا هٿ ته ڪرائيءَ ڪنا ڪپيا پيا آهن ۽ آڱريون سڀئي ڇڻي چڪيون آهن.“ هن پنهنجا ڪمزور پيلا هٿ مهراڻ جي اداس اکين اڳيان ڦهلائي ڇڏيا هئا ۽ مهراڻ کي هن جا پيلا هٿ ڏسي سرنهن جا پيلا گل هانوَ تي هري آيا هئا.

 

سالن کان پوءِ هڪ ملاقات

”۽ هاڻ ته ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان. ڏاڍي دير ٿي وئي آهي. ڪير ڄاڻي اندر جي سگهه ڪڏهن پُنر جنم وٺي! اڇا وار اچي ويا اٿم ڪارن وارن ۾. ننڊ جون گوريون ڦڪي سمهندي آهيان رات جو. سج به اڀري ايندو آهي ديوارن تي، پر منهنجي اک ناهي لڳندي ۽ مهراڻ ۽.“ هن جون اکيون جهلمل ڪرڻ لڳيون. ڪرسيءَ تان اٿي اچي هوءَ کليل دريءَ وٽ بيٺي. اڱڻ ۾ پوکيل گلاب ڪومائجي ويا هئا. سڪل پيلي چٻر تي دور دور تائين پيلا پن پکڙيا پيا هئا. هوءَ هڪ ٽڪ پولار ۾ گهوريندي رهي.

”زندگيءَ جو ڪوئي انت ناهي مهراڻ!! انت آهي ته بس ماڻهوءَ جو. جڏهن ساهه جي ڪچيءَ ڏور تي ئي اعتبار ناهي، پوءِ ايڏا ڊگها ڊگها پنڌ اسين ڪنهن لاءِ ٿا ڪيون!!؟ سوچيندي آهيان ته ڪنهن رات گورين لپ ڦڪي سمهي پوندس سدائين لاءِ. پر پل پل جي موت جو حساب ڪنهن هڪ پل ۾ ڇو نٿا چڪائي سگهون اسين !!؟“

”پر – جو ڪجهه آهي سو بهتر ته ناهي نه! اهو سڀ ڪجهه بدلائڻو پوندو اسان کي. ٽياس تي ٽنگيل پنهنجي هر ڀاوَ جو ملهه وٺڻو پوندو. اندر جي سگهه تڏهن پنر جنم وٺندي آهي، جڏهن اسان سنگهر ٽوڙڻ چاهيندا آهيون. مريم! جڏهن بند ڪمري جا در دريون کولبا آهن، تڏهن ته سج جي روشني اندر ايندي آهي نه!!“

ديوارن تان سانوري سنجها جا ڪِرڻا گم ٿيندا ٿي ويا. ڪمري ۾ اونداهي ڦهلجڻ لڳي هئي. دور ريل ڪوڪ ڪئي هئي ۽ پکيئڙا آکيرن ڏي اُڏاڻا هئا. اوچتو هوءَ مڙي هئي. (ڪمري ۾ هوريان هوريان ڦهلجندڙ هلڪي اونداهي ۾، هن جون آگميل اکيون کن لاءِ ڏيئا بڻجي جرڪيون ۽ اجهامي ويون) ميز تي رکيل شمعدان ٻاريندي هوءَ هوريان هوريان نارمل ٿي وئي هئي. کلي چوڻ لڳي: ”هن ڳوٺ ۾ اڃا بجليءَ جا آثار ڪين آهن – ان ڪري بس انهن ميرانجهڙين روشنين تي ئي گذارو آهي.“

هڪ ساروڻي هئي جا ماچيس جي تيليءَ جيان مهراڻ جي اکين ۾ ٻري پئي هئي. ”اونداهين ۽ اڪيلائين ۾ ساهه گهٽبو آهي منهنجو – بس ڪنهن اهڙي لمحي ۾ مان مري پوندي سانءِ.“

پر هوءَ اڄ به جيئري هئي – اونداهين ۽ اڪيلائين جي غفائن ۾. شمعدان جي هيڊي روشنيءَ ۾ هن جو مک تهائين هيڊو ۽ بيمار ٿي لڳو. هو چپ چاپ ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيو سگار پيئندو رهيو. ٽڪ ٻڌي هن کي ڏسندو رهيو. ٽڪ ٻڌي ائين هو اڳ به هن کي ڏسندو هو. (جڏهن هنن پاڻ لاءِ هڪ ئي پيچرو جوڙيو هو) تڏهن هوءَ مرڪي پوندي هئي. چوندي هئي: ”ائين نه ڏسندو ڪر مون کي – پاڳل ٿي پونديس مان.“ (پر هوءَ پاڳل نه ٿي هئي – عام ماڻهوءَ کان به وڌيڪ نارمل هئي) ۽ هن پل هوءَ چپ چاپ پنهنجي هٿن جون ريکائون ڏسي رهي هئي. چوڻ لڳي؛ ”ڇا ٿو ڏسين؟“

”هان!!“ هو سوچن جي دائري ۾ ڦرندي ڦرندي ڇرڪي پيو. سگار جو دونهون هن جي اکين ۾ ڀرجي آيو هو.

”ڇا ٿو ڏسين – ائين مون ۾؟“ انيڪ پل هو چپ رهيو.

”ڏسان ٿو – ڪيڏي اوپري اوپري ٿي لڳين تون!!“

هوءَ مرڪي پئي. (يا روئي پئي هئي!! لڙڪ ۽ مرڪ جي وچ ۾ ڏاڍي ٿورڙي وڇوٽي هوندي آهي).

هن سوچيو، ڇا سپنن جي ڪائي ساڀيان آهي!! ڇا ائين جيون رڻ ۾ تڙپي تڙپي، ڀٽڪي ڀٽڪي هرڪوئي مري پوندو؟ ڇا بس سڀئي پيچرا هڪ ئي هٿ سان ڊاهي سگهجن ٿا؟ جن جي هٿ ۾ حياتيءَ جي ڊگهي ريکا هوندي آهي، سي من ئي من ۾، جُڳ اڳ مري چڪا هوندا آهن. (۽ مريم جي هٿ جي جيون ريکا به ڊگهي هئي هٿ ڪرائيءَ تائين پهتل). اڄ هو هن کي چئي رهيو هو ته ڪيڏي اوپري اوپري ٿي لڳين!!

”منهنجي اندر ۾ اڄ به تنهنجي نانءَ جهڙو درياهه ٿو وهي – اڇو اجرو جڳن ڪنان وهندڙ مهراڻ – پر زندگيءَ جا ڊگها ڊگها پنڌ آهن، جن منهنجين اکين کي کنڊر ڪري ڇڏيو آهي. کنڊر پنهنجا هوندي به اوپرا لڳندا آهن.“

دريءَ کان ٻاهر اونداهين آڪاس تي چنڊ اُڀري آيو هو. اونداهي ۾ جهومندڙ وڻ تهائين ڀوائتا ٿي ويا هئا. پريان کان ڪٿان مال موٽيو ٿي وٿاڻن ڏي. ڳچين ۾ ٻڌل چڙن جو مڌر مڌر پڙلاءُ هو. ڌراڙن جي هڪل جو آواز. هو سگار پيئندي چپ چاپ اهو سڀ محسوس ڪندو رهيو. جڏهن هو هيڏانهن آيو پي، تڏهن نيشنل هاءِ وي تي جيپ هلائيندي هن انيڪ ڳالهيون سوچيون هيون. سوچيو هئائين ته واپسيءَ تي هو مريم کي ساڻ وٺيو ايندو (پر هاڻ اهو سڀ چوڻ جو منجهس ساهس ئي ڪين هو) سول لائين ۾ هن جو بيحد خوبصورت بنگلو – وقت جي حڪومت ۾ اعليٰ عهدو ملڻ ڪاڻ سوسائٽيءَ ۾ هن جو اوچو مقام – سندس بنگلي جي گيٽ تي بيٺل ڪلهن تي بندوق کنيل سپاهي – پڻس جي ايڏي پيسي واري مهاجر دوست جي ماڊرن ڌيءَ سان سندس وهانءُ. ۽ اهو سڀ (جيڪو ڪڏهن ممڪن ئي نه هيو) سندس ڪنهن به سپني جي ساڀيان نه هو. اهو سڀ پنهنجن سپنن ۾ - اوچن آدرشن کان ڪٽجڻ ڪاڻ کيس مليو هو. پر من هو جو ڪڏهن ڪڏهن ڌڙڪندي ڌڙڪندي بيهي رهندو هو. م – ر – ي – م – م – ر – ي – م – م – ر – ي – م.

هن سگار ڪيس مان ٻيو سگار ڪڍي دکايو. وقت آهي جو بند مٺ مان به چپ چاپ نڪري ويندو آهي ۽ اسان خالي مٺ کنيو زندگيءَ جي دائرن ۾ ڊوڙندا رهندا آهيون. سپنا گهڻو پويان رهجي ويندا آهن. ايترو پويان جو وسري ويندا آهن اسان کان. پر هوءِ سندس اهڙو سپنو هئي، جو سندس من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مسلسل ڌڙڪندو رهيو هو. سوچيو هئائين، جڏهن هو مريم آڏو ايندو تڏهن اندر جا سارا دک مريم جي هٿ تريءَ تي کڻي رکندو. پر هو دک سگار جي دونهين ۾ گڏي اندر ۾ (پاتال تائين) اوتيندو رهيو.

تن ڏينهن انسانن جي انبوهه ۾ سڀ کان اڳيان سرخ بينر کڻي هلندو هو. هو ڌرتيءَ جا سپنا ڏسندو هو ۽ لوڪ هن سنگ وک وڌائيندو هو. موچڙا، جيل، قيد، جلسا، جلوس، سج جهڙا سپنا، نئين صبح جا آدرش، پيڙا جو هڪ رقص هو، جنهن جي ڪائي پڄاڻي ڪانه هئي.

1967، ملڪ ۾ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هليل هئي.

ڪوئي جهڙالو صبح هو، جڏهن هو پهريون ڀيرو مريم سان مليو هو.

اورينٽ هوٽل جي ڊائننگ هال ۾ گرم ڪافيءَ جا ننڍا ننڍا ڍڪ ڀريندي هو مريم جي اکين ۾ ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو هو.

29 فيبروري 1967ع جي ان جهڙالي صبح هن مريم جي ڊائريءَ تي آٽو گراف لکيو هو: ”جيڪي قومون سجاڳ هونديون آهن، صبح انهن جي هٿ تريءَ مان اڀرندا آهن –اتهاس جي گهور اونداهيءَ ۾ به انهن جون هٿ تريون جرڪنديون آهن – مهراڻ“

هن لمحي جڏهن هو مريم جي سامهون سگار ٻن آڱرين ۾ اٽڪايو، مريم ڏانهن ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو هو. هوءَ انيڪ پل کان هٿ تريءَ ۾ اکيون کپايو ويٺي هئي. هڪ ٻي کي ڪٽيندڙ، مبهم – موئن جي دڙي جي اجاڙ کنڊرن جهڙيون ريکائون هيون هن جي هٿ تريءَ تي. هڪ جيون ريکا هئي جا سڀ کان چٽي ۽ ڊگهي – ڪرائيءَ تائين پهتل هئي.

”ڇا ٿي ڏسين هٿ ۾؟“ هو ائين ئي ڀڻڪيو، بي انت سانت کان گهٻرائجي، ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائڻ خاطر.

”صبح!!!“ هن ڄڻ پاتال مان ورندي ڏني.

ڇن – ڇن ڪري ڪجهه ڀڄي ڀورا ٿي پيو هو. ساڳي پل ٻنهي جي من ۾.

هنن ٻنهي ساڳيا سپنا ڏٺا هئا. (پر هو اهي سپنا اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو هو). سچ جي ساڳي اڙانگي پيچري تي هلندي، جڏهن سک جو صبح اڀرندو، تڏهن هو گڏجي هڪ ننڍڙو گهر آباد ڪندا، ٻئي نوڪري ڪندا، پنهنجن ٻارن جا سنڌي نانوَ رکندا. انقلابي ڪتابن تي ڊگها ڊگها بحث ڪندا. مهراڻ  ’‏‏‏‏‏‏شاهه جي رسالي‘ جو انگريزي ترجمو لکندو. هوءَ پنهنجي ننڍڙي اسٽوڊيو ۾ ويهي چترڪاريءَ واري اڻپوري سپني جي تڪميل ڪندي. جڏهن چنڊ وچ آڪاس تي چڙهي ايندو ۽ سنڌو درياهه کان ايندڙ هِير گهلندي، تڏهن هو اڱڻ ۾ ويهي، رات جي راڻيءَ جي سڳنڌ ۾، گرم چانهن جا ڍُڪ ڀريندا ۽ استاد منظور علي خان جا ڳايل راڳ ٻڌندا. انهن سپنن ۾ ڪٿي ڪو عاليشان بنگلو نه هو، ڪا چمڪندڙ ڪار نه هئي، يورپ جا چڪر نه هئا. بس هڪ لڱان اولڊ ڪيمپس جي گيٽ وٽ بيٺي نڄاڻ ڪهڙي پُور ۾ اچي مريم چيو هو؛ ”مهراڻ! جيڪڏهن زندگيءَ جي حالتن مهلت ڏني ته ڪڏهن تون ۽ مان گڏجي سنڌ گهمنداسين.“

هو ٽهڪ ڏئي کلي پيو هو. ”بس!!“

”ها بس – ان کان اڳتي ڪجهه به نه – ڪجهه به نه.“ مهراڻ هن جو هٿ پڪڙي ورتو هو.

”تون ايڏا خوبصورت خواب ڪيئن ٿي ڏسين مريم!!“

”تون نه ڏسندو آهين ڇا!؟“

”ڏسندو آهيان، پر مون پنهنجن خوابن لاءِ سونهن تنهنجن خوابن مان چورائي آهي.“

ٻئي مرڪي پيا هئا.

(ٻنهي جي اها مرڪ اولڊ ڪيمپس جي گيٽ وٽ، لنگهندڙن جي پيرن هيٺ لٽجي – گم ٿي وئي هئي دز ۾)

اها مرڪ هنن ٻنهي زندگيءَ جي انيڪ لمحن ۾، پنهنجين پنهنجين اڪيلائين ۾ مرڪڻ چاهي هئي، پر وقت ڏاڍو ڪٺور من وارو ٿيندو آهي. ماڻهوءَ جي چپن تان مرڪ کسي اکين ۾ لڙڪ ڀري ويندو آهي.

سروم دکم دکم.

سڀ ڪجهه دک آهي.

هن جي من ۾ ويٺل مهاتما ٻڌ ڀڻڪيو – سڀ ڪجهه دک آهي.

”مريم!“ شمعدان جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ ڀت تي ڦهليل مريم جي پاڇولي ڏانهن نهاريندي هو ڀڻڪيو.

”هون!“ نڄاڻ ڪهڙن دائرن منجهه ڦرندي ڦرندي هوءَ موٽي آئي هئي. هر ماڻهو جنم جنم کان لمحن جي دائرن جي چوڌاري طواف پيو ڪندو آهي. پر دک اهو آهي ته هر ڪنهن جي عبادت ناهي قبول پوندي.

ماڻهو اندر جي قيدخاني ۾ جنم ٽيپ ٿو ڀوڳي. آزادي محض هڪڙو سپنو آهي.

آزاد ڪير به ناهي. ڪنهن جو تن قيد آهي، ڪنهن جي آتما ٿي سوريءَ تي لٽڪي. پر حقيقت اها آهي ته جيئندو هرڪو آهي آزاديءَ جي ڪنهن هڪ لمحي جي آس تي.

۽

ان پل هو اندر جي انهيءَ قيد خاني ۾ آزاديءَ جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هو. سندس تن ڪنهن بي جان شيءِ جيان ڪمري جي اونداهين ڪنڊ ۾ پيل ڪرسيءَ تي پيو هو ۽ سندس آتما گذري ويل وقت جي سوريءَ تي لٽڪي رهي هئي. چنڊ جي روشنيءَ ۾ ٻاهر بيٺل وڻ هوريان هوريان جهومندا رهيا.

”تو ڏانهن اچڻ سمي سوچيو هئم مريم! ته توکي پاڻ سان وٺيو ايندس پر هاڻ ائين ٿو ڀانيان ڄڻ وقت اتي ئي اجهامي ويندو، هن بند ڪوٺيءَ ۾. تو ته دنيا تياڳي ڇڏي آهي ڄڻ. پر مان ڀڪشو يا گوتم ناهيان. تڏهن به لوڪ ساڻ جيئندي ڄڻ بن بن ڀٽڪان ٿو. پر بس دک آهي ته، اهو سڀ انهن سپنن جي ساڀيان ناهي.“ هن جو ساهه نڙيءَ ۾ گهٽجڻ لڳو. اوچتو هن جو من ڄڻ ڌڙڪندي ڌڙڪندي بيهي رهيو هو. هوءَ اُٿي بيٺي. شمعدان جي روشنيءَ جيان ان جو ڏڪندڙ آواز اڀريو هو. (ڄڻ تهه سياري ۾ ڪوئي بند دروازي اڳيان پڪاريندو هجي)

”مان تولاءِ چانهه ٿي کنيو اچان.“ ۽ کليل دروازي منجهان نڪري نيڻن کان الوپ ٿي ويو هو هن جو وجود. ڪيترا پل هو کليل دريءَ جي اڳيان بيٺو سگار پيئندو رهيو. سڀ ڪجهه ائين ئي هو – سپنن ۾ به – پر ڇا هن کي اهو حق هو ته هو ايڏو چاهيندي به پنهنجي آڱرين سان هن جو مک ڇهي سگهي!! هو ڪمري کان نڪري، هن کي ڳوليندو رڌڻي ڏانهن نڪري آيو.

”چانهه ايڏي ضروري ناهي مريم! مان ته بس تو ڪاڻ آيو آهيان.“ هو در جي فريم کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو. هوءَ سگريءَ ۾ اڱر دکائي رهي هئي. ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ اڱرن منجهان ڪاراٽيل هن جا هٿ ڏسي نڄاڻ ڇو هو دکي ٿي پيو هو. هن غور سان ڏٺو – جواڻيءَ تي شام جا پاڇولا گهرا پئجي ويا هئا. هن بيحد دکي ٿي سوچيو، جيڪي ماڻهو سچ جي ڇتيءَ ويڙهه ۾ ڌوڪي ڪاهي پوندا آهن، ڇا انهن جي سپنن جي پڄاڻي ائين ئي ٿيندي آهي!! موت جهڙي زندگي – سوريءَ تي ٽنگيل آتما. ڇا ماڻهوءَ جو سمورو سفر بي معنيٰ آهي. اڱرن جو دونهون هن جي اکين ۾ گهڙندو ٿي آيو.

هو چپ چاپ در جي فريم کي ٽيڪ ڏيو هن جا ڪاراٽيل هٿ ڏسندو رهيو.

هي پنهنجي وقت جي انقلابي عورت جا هٿ آهن. انهن هٿن ۾ هن سرخ بينر ۽ جهنڊا کنيا آهن. انهن هٿن کي لهرائي هن نعره هنيا آهن. انهن هٿن سان هن سنڌ جو اتهاس ڪينواس تي رنگن سان چٽيو آهي ۽ ڪيئي سال اڳ وقت جون انقلابي ڪهاڻيون ۽ ڪوتائون لکيون آهن. (هن هڪ نئون سگار دکايو – گهڻو گهڻو اڳ جڏهن هو ان عورت سان گڏ جيئندو ۽ مرندو هو، تڏهن بس عام برانڊ جو سگريٽ افورڊ ڪري سگهندو هو. اڄ جو هو اسٽيبلش ٿي ويو هو، ولايت منجهان سمگل ٿيل سگريٽ پيئندو هو ۽ دک ڀوڳيندو هو پنهنجي اندر جا) سنڌي عورتن جي هٿن جي پڄاڻي ايڏي دکدائڪ ڇو ٿيندي آهي!!

”م – ر – ي – م!!“

”هون؟!“ هن دونهاٽيل اکين سان ڏانهس نهاريو.

”پينٽنگ ڪندي آهين اڃا؟“

”نه!“ هن جو آواز ڄڻ پاتال مان ٿي آيو.

”ڪهاڻيون ۽ ڪوتائون؟“

”نه.“ اهو ئي پاتال مان ايندڙ آواز.

”ڇو؟“

هوءَ چپ رهي. سگريءَ تي رکيل ديڳڙيءَ ۾ کير ٽهڪندو رهيو. ڊگهي سانت کان پوءِ دونهاٽيل اکين سان مهراڻ ڏانهن نهاريندي هوءَ ڄڻ سڏڪي هئي. چيو هئائين: ”ڪي ماڻهو گذرندڙ وقت سان گڏ هوريان هوريان جيئندا رهندا آهن. ڪي ماڻهو آليءَ ڪاٺيءَ جيان پيا ٻرندا آهن ۽ هوريان هوريان مرندا رهندا آهن. توکي ڪانهي سُڌ ته زندگيءَ مون کي آليءَ ڪاٺيءَ جو روپ ڏنو آهي. مان نه جيئان ٿي، نه مران ٿي.“ صديون – مهراڻ جي مٿان کان لنگهي ويون. هن انهيءَ عورت سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪيا هئا. هوءَ چوندي هئي – زندگيءَ ۾ بهرحال ايڏي مايوسي به ناهي مهراڻ! صبح ضرور اڀرندو – ان ۾ منهنجو ويساهه آهي. مايوسي اهو اونداهو کوهه آهي، جنهن ۾ هڪ ڀيرو ڪِرڻ کان پوءِ ٻيهر ناهي اڀري سگهبو، ۽ مان انهيءَ کوهه ۾ نٿي ڪرڻ چاهيان. هڪ اٽل آس واري نوع مان هوءَ چوندي هئي. فرسٽريشن ماڻهوءَ جو هٿ گهڙيو احساس آهي، ڪجهه به نه ڪرڻ جو بهانو آهي.

مهراڻ گرم چانهه جا ڍڪ ڀريندي هن کي غور سان ڏٺو. هوءَ ڪنڌ نوايو ڪوپ ۾ چمچو گهمائي رهي هئي. نڄاڻ ڪهڙين سوچن ۾ گم، هڪ نئين صبح جي آس هن جي اکين منجهان اجهامي وئي هئي. فرسٽريشن جي انهيءَ گهيرٽ ۾ گهيرجي ويو هو هن جو من، جنهن کي هن سدائين ڌڪاريو هو. هن جي ان مسلسل ويڙهه جي پڄاڻي ڪيڏي ڀيانڪ شڪست هئي.

هوءَ دريءَ کان ٻاهر اونداهيءَ ۾ يڪ ٽڪ نهاريندي رهي. چوڻ لڳي: ”زندگيءَ جي پيچرن تي هلندي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻ کان پوءِ اهو ئي ڄاتو اٿم مهراڻ! ته اهو نڪور صبح ڪڏهن به نه ايندو. بس انهن اونداهين ۾ ئي ماڻهوءَ کي جيئڻو ۽ مرڻو آهي. ان صبح جو اوسيئڙو بيڪار آهي. پيڙا جو هڪ مسلسل سفر آهي، جنهن ۾ ڪجهه به ناهي پلئه پوندو.“ ٽيبل تي رکيل هن جي چانهه ٿڌي ٿيندي رهي.

گهڻا سال اڳ (۽ جڳ لنگهي چڪا آهن انهن سالن جي سيني تان) ڪنهن انٽرويو ۾ هن چيو هو: ”مان منصور حلاج جي محبوبا آهيان ۽ پٿر منهنجو نصيب آهن.“ ڇا هن سچ چيو هو! بس پٿر ئي هن جو نصيب هئا! ٻيو ڪجهه به نه!!؟؟

انيڪ سال اڳ، جڏهن هو سي. ايس. ايس جي امتحان ۾ ٽاپ ڪرڻ کان پوءِ ٽريننگ تي وڃڻ لڳو هو، تڏهن چائنيز جي اونداهي ڪنڊ ۾ هن مريم جا سرد هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهلي چيو هو: ”مان پنهنجو شاندار مستقبل ڪيئن ٿو ڌڪاري سگهان؟ تو بن جيئڻ ڏاڍو اوکو آهي مريم. پر مان پنهنجي املهه حياتيءَ جا سمورا سال جيلن ۾ گهارڻ نٿو چاهيان. ڌرتي ۽ قوم ڪنهن کي به ڪجهه نه ڏيندا آهن. جيت انهيءَ جي ٿيندي آهي، جيڪو پاڻ لاءِ جيئندو آهي.“ اهو سڀ چوندي هن کان گذريل سموريون ساروڻيون ڄڻ وسري ويون هيون. هوءَ چپ چاپ پنهنجن هٿن جون هڪ ٻي کي ڪٽيندڙ ريکائون ڏسندي رهي. مريم کي اهو سڀ ياد هو – پرهن اهو سڀ مهراڻ کي نٿي ياد ڏيارڻ چاهيو، جو سپنا وڪڻي چڪو هو. سڀ ڪجهه بڪواس هو لاڪاس ان پل. چائنيز مان نڪري هن گهر وڃڻ لاءِ رڪشا کي هٿ ڏنو هو. بس ائين چيو هئائين: ”سچ جي ان پيچري تي مان تنها به هلي سگهان ٿي – دک اهو آهي ته تو پنهنجا اوچا آدرش بيحد سستي اگهه ۾ وڪڻي ڇڏيا آهن – صبح ضرور ايندو.“

پر صبح اڀريو ئي ڪونه هو. زندگيءَ جا سمورا دک ڀوڳڻ کان پوءِ، دنيا تياڳي هوءَ انهيءَ ننڍي ڳوٺ ۾ اسڪول ماسترياڻي اچي ٿي هئي. لوڪ اگهور ننڊ مان جاڳڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. جڏهن هو ۽ مهراڻ ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل ڳوٺاڻن لاءِ امداد گهرڻ ڪاڻ لطيف آباد جا بند گيٽ کڙڪائيندا هئا، تڏهن به اهي گيٽ نه کلندا هئا ۽ اهي گيٽ اڄ به بند آهن. سنڌي رسالن ۽ ڪتابن جا سٿا کڻي انهن اهي گيٽ کڙڪايا هئا. ڪتابن جا سٿا پٽ تي اڇليندي سندن هڪ ڪلاس فيلو مظهر ڀرجي آيل آواز ۾ ڀڻڪندو هو: ”لعنت آهي هن قوم تي – مرده دل آهي اها قوم – سڀ بڪواس آهي – مان ڪو ليکڪ هجان ها نه مريم! ڪڏهن به سنڌيءَ ۾ نه لکان ها.“

لطيف آباد جي ڳلين ۾ ڪتابن جا سٿا کڻي هلندي هن موٽ ڏني هئي: ”اهو سڀ وقتي آهي – هر ماڻهو اگهور ننڊ مان ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور جاڳندو آهي.“

”خوش فهمي آهي توکي – ڏس نه مريم! هي جو سنڌين جو اوچو ۽ وچولو شهري طبقو آهي، انهن جي گهرن جي بند دروازن اڳيان سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جو اتهاس سڏڪي سڏڪي مري ويندو. انهن منجهه آس رکڻ بي ڪار آهي مريم!“

جن جوشيلن سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏجي هن سچ جي پيچري تي پير هو پاتو، ڌرتتيءَ تي بک هڙتال ڪئي هئي، جلسا ۽ جلوس ڪڍيا هئا، جن سان گڏجي هن احتجاجي بينر کنيا هئا، ون يونٽ ٽٽڻ جا جشن ملهايا هئا، سنڌي رسالن ۽ ڪتابن جا سٿا کڻي سنڌين جا بند دروازا کڙڪايا هئا، ٻوڏ جي ستايلن لاءِ ڊگها ڊگها پنڌ ڪيا هئا، اهي سڀ هوريان هوريان ڪري پنهنجا پنهنجا پيچرا مٽائي ويا هئا، مهراڻ سميت (جيڪو هن جي سپنن جو شريڪ هو). هو پارٽيءَ جي اڳواڻن جي سفارشن تي ايئر ڪنڊيشنڊ آفيسن ۾ وڃي ويٺا هئا ۽ هن جون جيڏيون انهن ڪامورن سان لائون لهي هاڻ نئين ماڊل جي گاڏين ۾ گهمنديون هيون. ماڻهو ڏاڍو ڪمزور ٿيندو آهي، جسم جي سک لاءِ پنهنجي آتما وڪڻي ڇڏيندو آهي.

آخري ڀيرو ملڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ يونيورسٽيءَ جي آڊيٽوريم ۾ (جتي جشن لطيف ملهايو پئي ويو) هوءَ مهراڻ جي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. هن جي چئني پاسن شاگردن ۽ شاگردياڻين جو هجوم هو.

”مهراڻ!“

”هون؟“ هو اسٽيج تي اکيون کپايو ويٺي هئي – پر هن جو من!!

”توکي اهو سڀ ڪڏهن به ياد نه ايندو، مهراڻ؟ توکي اهو سڀ ڪيئن وسري سگهندو ڀلا!!“

”سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي مريم! اهي ساروڻا مون کي ڏئي به ڇا ٿا سگهن!! مان بک مرندس ته ٽن وقتن جي ماني به هيءَ قوم مون کي نه کارائيندي.“

”مون کي وساري سگهندين مهراڻ؟!!“ ڪنهن مرندڙ ماڻهوءَ جيان هن جو آواز ٽٽڻ لڳو هو. مهراڻ ڇرڪي ڏانهس نهاريو هو. هن جي اکين ۾ ڏياريءَ جي رات لهي آئي هئي.

ان رات هو فنڪشن اڌ ۾ ئي ڇڏي هليو ويو هو. هوءَ خالي ڪرسيءَ جي ڀر ۾ پڇاڙيءَ تائين ويٺي رهي. رات اجهامڻ تي هئي. سياري جي بيحد سرد رات ۾ ڄامشوري کان بس ۾ شهر ويندي هوريان هوريان صبح اڀرندو رهيو هو، پر هوءَ اندر ئي اندر مرندي رهي هئي.

هن جي اوچن آدرشن واريءَ زندگيءَ ۾ ڪيڏو بوگس واقعو ٿيو هو. بلڪل عام ڇوڪرين جيان، شرنائين جي شور ۾ ننڍپڻ جي مڱيندي سان سندس وهانءُ ٿي ويو.

”اڙي!! هيءَ مان آهيان – سنڌ جي انقلابي نياڻي.“ هن حيرت منجهان آرسيءَ ۾ پنهنجي سينگاريل وجود کي گهوريو. ماڻهوءَ جي هر خوبصورت احساس کي فنا آهي. فنا آهي ماڻهوءَ جي هر سپني کي. هڪ اداس صبح ڏاهپ جي ڏوهه ۾ مليل طلاق جو ڪاغذ بيگ ۾ وجهي هوءَ ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ هلي آئي اسڪول ماسترياڻيءَ جي حيثيت ۾. اهو هو هن جي سموري جيون ناٽڪ جو ڪلائمڪس. گمنامين جي انهن اونداهين غفائن ۾ اچي هن پنهنجون سموريون ڪهاڻيون ۽ ڪوتائون ڦاڙي ڇڏيون هيون، پنهنجا چتر ساڙي ڇڏيا هئا. ماڻهو بيحد آسانيءَ سان جيئندو آهي، مرڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لاءِ. اڄ هو نڄاڻ ڪيئن هن کي ڳوليندو اچي نڪتو هو. هن کي ائين آڏو ڏسي حيران به نه ٿي هئي. (زندگيءَ جا سمورا هاڃا سندس عادت بڻجي ويا هئا) وقت ٻنهي کي پوڙهو ڪري ڇڏيو هو، پر هوءَ کنڊر بڻجي چڪي هئي ۽ هو اڃا به مضبوط ۽ آباد هو. زندگيءَ جا سمورا سک سندس چهري تي اُڪريل هئا. ماڻهو جنم پل کان آدرش مٺ ۾ ڀري حياتيءَ جي ڇتي ويڙهه ۾ ڪاهي پوندو آهي ۽ ڪو پل اهڙو به ايندو آهي، جڏهن آدرش واٽ تي کوئجي ويندا آهن، مٺ خالي ٿي پوندي آهي ۽ هٿ تريءَ تي رهجي وينديون آهن هڪ ٻي کي ڪٽيندڙ ريکائون.

هن سگار ڪيس مان هڪ ٻيو سگار ڪڍي دکايو. دونهون چوڌاري ڦهلجي ويو هو، مهراڻ جي چهري تي ۽ مريم جي اکين منجهه. رات هوريان هوريان دريءَ کان ٻاهر لنگهندي ٿي وئي. چنڊ جي هيڊي اُداس روشني مريم جي چهري تي ڦهلجي آئي هئي.

”مريم!“ هو ڀڻڪيو.

”هون!؟“ هوءَ کليل دريءَ ۾ اچي بيٺي.

”مان توکان ڌار رهي جيئندي به ڄڻ مرندو رهيو آهيان.“

هوءَ چنڊ جي ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ بيحد اداسيءَ منجهان مرڪي پئي هئي. ڄڻ هن ڪا بي معنيٰ ڳالهه ڪئي هجي. انيڪ سال اڳ هوءَ انهن لفظن جي آسانگي تي جيئندي هئي.

”مان تو بن ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان مريم! سپنا ۽ آدرش جيڪي تو وٽ ڇڏي ويو هئس، انهن گهڙيءَ گهڙيءَ منهنجو پيڇو ڪيو آهي مريم! هل موٽي هلون. مون پنهنجي گهر جي هر ڪنڊ ۾ تنهنجي ڪمي محسوس ڪئي آهي. منهنجي زندگيءَ جو هر سک تو بن اڻپورو آهي.“

هوءَ اداسيءَ واريءَ نوع ۾ مرڪندي رهي.

”منهنجي بنگلي جي لان ۾ انيڪ ساوا وڻ آهن، پر انهن هيٺ تون ويٺل ناهين. ڪار ڊرائيو ڪندي ڀر واري سيٽ تو بن مون کي تهائين خالي محسوس ٿيندي آهي – مريم! مان جاڳندي سپنا ڏسندو آهيان، تنهنجو هٿ پڪڙي سمنڊ ڪناري هلڻ جا – مان – مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. مون وٽ سڀ ڪجهه هوندي ڄڻ ڪجهه ناهي – منهنجو سڪون تنهنجي هٿ تريءَ ۾ رهجي ويو آهي.“

مريم بيحد دک منجهان پنهنجي کليل هٿ جي تري ڏٺي، جنهن منجهه ڪجهه به نه رهيو هو. سڪون، جنهن لاءِ ماڻهو بن بن ڀٽڪيو آهي، اهو سڪون ڪٿي به ناهي. محض هڪڙو لفظ آهي ۽ لوڪ پاڳل ٿي پيو آهي ان لفظ جي پويان. هوءَ چپ چاپ، ڌڙڪندڙ من سان هن کي يڪ ٽڪ ڏسندي رهي. ڪڏهن هن انهيءَ شخص جو بڻجڻ چاهيو هو. اڄ هو ڪيڏو اوپرو هو لاڪاس . کانئس پنهنجن سپنن جي بيک گهري رهيو هو. اوهه – خدا!! زندگيءَ ۾ ڪيترا پل موت جا آهن. ماڻهو جي آس پاس موت جو واسو آهي. – مهراڻ! مان جا هن پل ڪنهن زنده وجود جيان ويٺي آهيان تو اڳيان، تون نه سمجهي سگهندين ته مون کي مُئي جڳ لنگهي ويا آهن. جيڪي سپنا ۽ آدرش پاليندا آهن من ۾، انهن جي جيون ناٽڪ جو ڪلائمڪس اهو ئي ٿيندو آهي. تون اهو سڀ سمجهي نه سگهندين. تنهنجي بنگلي جي گيٽ تي بيٺل سپاهي تنهنجن احساسن تي به پهرو ڏيندا آهن. تنهنجي ڊرائيونگ جي رفتار ڀلا ڪڏهن تنهنجن احساسن جو ساٿ ڏيندي هوندي ۽ ٿڪجي ته مان به پئي آهيان. سڪون نه مون وٽ آهي نه تو وٽ آهي، سڪون ڪٿي به ناهي.

هوءَ ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيو بند اکين سان سوچيندي رهي.

”مان تنهنجي انهيءَ ماٺ کي ڇا سمجهان مريم؟“

هن اکيون پٽي مهراڻ ڏانهن نهاريو. هن جي بلڪل مٿان بيٺو هو. هن جو پاڇولو مريم جي وجود تي ڦهلجي آيو هو.

موٽ ۾ هن پنهنجو هٿ نه وڌايو هو. بس آگميل نيڻن سان هن جو مک تڪيندي رهي هئي. ڳوٺ جي مسجد ۾ فجر جي ٻانگ اچي رهي هئي. ٻنهي جو من هوريان هوريان ڌڙڪندو رهيو هو. هوءَ ڪرسيءَ تان اٿي بيٺي ۽ مهراڻ جو وڌيل هٿ ٽاريءَ جيان ڪِري پيو هو. ٻانگ هلندي رهي. مال جي ڳچين ۾ ٻڌل چڙن جا مڌر مڌر آلاپ شروع ٿي ويا هئا.

”مهراڻ!!“ سانت جي مهاساگر منجهان هن ٻوليو هو.

 

”صبح ڪڏهن به نه ٿيندو مهراڻ! انهيءَ اونداهيءَ ۾ جيئڻو ۽ مرڻو آهي، سڏڪي سڏڪي ساهه ڏيڻو آهي. هاڻ ته مون پنهنجا پير به وڍي ڇڏيا آهن. مان ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان. آخري وک به نٿي وڌائي سگهان. صبح ڪڏهن به نه اڀرندو، تڏهن به مان آس جو هڪڙو ننڍڙو ڏيئو ٻاري رکڻ ٿي چاهيان. سالن پڄاڻان ئي سهي مون وٽ پڙهيل ڪنهن هاري ناريءَ جي پٽ ان ساڳي ويڙهه ۾ ڪاهي پوندو – تڏهن به ان کي مان پنهنجن سپنن جي ساڀيان ڀائيندس. مان هتي ئي ٺيڪ آهيان، بلڪل ٺيڪ آهيان.“ آگميل نيڻن سان کيس ڏسندي هوءَ کن لاءِ چپ ٿي وئي.

”پر – مريم!! صبح ته تڏهن به نه اڀرندو شايد.“ مهراڻ جي آواز ۾ زهر ڀرجي آيو هو.

”ها پر – ڏيئي منجهان ڏيئو ته ٻرندو آهي نه.“ هيڪر وري هن جي اندر جي مري ويل انقلابي عورت ساهه کڻڻ لڳي هئي.

”مهراڻ! هن وشال ڪائنات ۾ منهنجي ڪهڙي حيثيت آهي؟ انهيءَ جي ڪٿ هاڻ لڳائي اٿم. منهنجو اهو گمان غلط هو ته هيءَ ڪائنات مون لاءِ جڙي آهي. مان ته گهر ۾ پيل اها بيڪار شيءِ آهيان، جنهن جو ڪوبه مصرف نه هوندو آهي. پر جنهن کي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ايڊجسٽ ڪرڻو ئي پوندو آهي.“

”مان – موٽي وڃان – م – ر – ي – م؟!!“ هو دک منجهان ڀڻڪيو.

دريءَ کان ٻاهر پولارن ۾ نهاريندي هوءَ ڀڻڪي: ”ها – توکي موٽي وڃڻ ئي گهرجي – هن جيٽ ايج ۾ به گهڻو گهڻو پوئتي پيل ننڍڙي ڳوٺ کان ٻاهر حياتيءَ جا سڀئي سک تنهنجي آجيان لاءِ بيٺا آهن – توکي موٽي وڃڻ گهرجي.“ اهو سڀ چوندي هن جا ڪمزور ۽ هيڊا (سرنهن جي گلن جهڙا) هٿ پگهر ۾ شم ٿي ويا هئا. هو صبح جي ڦهلجندڙ گلابي روشنيءَ ۾ - بيحد اداس من سان ٻاهر نڪري آيو هو. ٻاهر بيٺل هن جي جيپ ماڪ ۾ پسي وئي هئي. هوءَ ٻاهر هن کي خدا حافظ پڻ چوڻ آئي هئي. ٻاهر روشنيءَ ۾ اچي هن مريم کي ڏٺو. ائين ڀانيو هئائين ڄڻ هوءَ ورهين جي بيمار هجي. هن جي اداس نيڻن ۾ پيڙا جو جيڪو مهاساگر وهندو ٿي ويو – مهراڻ کن لاءِ انهيءَ ۾ ٻڏي ويو هو.

صبح جي گلابي روشنيءَ ۾ مهراڻ کي هن آخري ڀيرو ڏٺو. بلڊ ڪينسر جيان ڪو اڻڄاتو دک هن جي رڳ رڳ ۾ ڦهلجي ويو هو. جيپ ڌوڙ اڏائيندي نيڻ نهار کان الوپ ٿي وئي هئي.


 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com