ان کان پوءِ مليا ته هئاسون، ساڳي ڪافي شاپ جي
ساڳي ڪارنر
تي. وڻن تي ساوڪ پنهنجو رنگ هاري، انهن جي ننگائپ
کي ڍڪي ڇڏيو هو. پهريون ڀيرو جڏهن اتي اچي ويٺا
هئاسون، تڏهن سامهون ڳڙکيءَ مان پسجندڙ پيلي پٿر
جي اُها مُني صدي پراڻي بلڊنگ، جنهن ۾ شهر جي
اصلوڪن رهواسين جا فليٽ هئا، جيئن جو تيئن بيٺل
هئي. جيتوڻيڪ، مُني صديءَ جو عرصو لنگهڻ کان پوءِ
بيحد بدصورت ۽ کنڊر بڻجي چڪي هئي، تڏهن به منجهس
زندگيءَ جا آثار ڪر کنيو بيٺا هئا. مثلاً گيلرين ۾
سُڪندڙ آلا ڪپڙا (مون کي اڃا تائين ڪنهن هڪ گيلري
۾ سُڪندڙ ڪنهن نئين ڄاول ٻار جو ڳاڙهو سوئيٽر ۽ ٻه
پتڪڙا جوراب ياد آهن) بلڊنگ جي ڳڙکين مان ليئا
پائيندڙ چهرا ۽ آواز، ڄڻ زندگيءَ جي موجودگيءَ جا
ثبوت هئا ۽ هينئر ساڳي بلڊنگ قبر مان نڪتل ڪنهن
ڀوائتي هڏائين پڃري جيان ٿي محسوس ٿي، جنهن جو بد
روح آڌيءَ آڌيءَ رات جو قبر مان نڪري، شهر جي سڙڪن
تي پنهنجي قاتلن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو هجي. احتجاج ڪرڻ
جي ڏوهه ۾، جتي شهر جي اصلوڪن رهواسين جو ڪيترو
ڪجهه ماريو، ساڙيو ۽ برباد ڪيو ويو هو، ان ۾ اها
بلڊنگ به شامل آهي. پهريون ڀيرو ملڻ تي اسان ڪيترو
ڪجهه ڳالهايو هو ۽ اڄ ڄڻ اسان وٽ ڳالهائڻ لاءِ
ڪجهه به ناهي. ادب، آرٽ، فلاسافي – ڪٿي ڪٿي انهن
جي حد به ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻهوءَ جي دل صرف رڙيون
ڪرڻ چاهي ٿي.
گهري خاموشي، رڙين ۽ دانهن جو پس منظر يا ردعمل
آهي.
ڪافيءَ جا مگ ائين ئي اسان جي وچ ۾ پيا رهيا ۽
انهن مان ٻاڦ اٿندي رهي. ڊگهي خاموشيءَ کان پوءِ
اسان ڳالهايو هو.
هن چيو: انهيءَ وچ واري عرصي ۾ توساڻ ملڻ لاءِ دل
ڏاڍو ٿي چاهيو، پر ائين ٿي لڳو ته تنهنجي آفيس جي
وچ ۾، جيڪو ويهن منٽن جو فاصلو آهي، انهيءَ ۾ ٻن
مهاڀاري لڙائين جي تباهيءَ جيترو ڦهلاءُ آهي. اسان
جيون زندگيون بس ائين ئي آهن. ڪنهن اڄاتي ٽائم تي
فڪس ڪيل ٽائم بم مٿان رکيل. زندگيءَ جي سموري گول
ڦرندڙ ڦيري دوران، اسان بم بلاسٽ ٿيڻ جا منتظر
آهيون. توسان مِلان به ته ڪيئن!؟ ڪڏهن ٽيئر گيس
ڪوهيڙو بڻجي منهنجي اکين مان منهنجا سڀئي گس پنڌ
وڃايو ڇڏي، ڪڏهن گولين جو وسڪارو، ڪنهن ڀڄي نڪتل
رنگروٽ جيان موت جي ڀوَ هيٺ ابتن پيرن ڊوڙڻ تي
مجبور ڪريو ڇڏي. مان موت کان لڪندو وتان يا توساڻ
ملڻ جون راهون ڳوليان!؟ نه ئي مرڻ ٿو چاهيان، نه
توکي وساري ٿو سگهان، نه ئي هن نفسياتي ۽ هٿياربند
ويڙهه ۾ نه چاهيندي به ڦاٿل پنهنجي انفرادي سڃاڻپ
کي اجتماعي حوالي سان شڪست جي ڪنهن اوڙاهه ۾ ڦٽو
ڪري سگهان ٿو. مثلاً مون وٽ هٿيار ڪونهي، پر مان
وڙهڻ ٿو چاهيان ۽ جڏهن وڙهڻ جي سگهه ڪٺي ڪرڻ جو
جتن ٿو ڪريان ته اها ڄاڻ ٿي پويم ته وڙهي نٿو
سگهان. مرڻ نٿو چاهيان، پر انهن خوابن تان هٿ کڻڻ
منهنجي وس ۾ ئي ڪونهي، جن ۾ نه رڳو تون آهين، پر
اهو سڀ ڪجهه آهي، جن کي ماڻڻ لاءِ رستا وري به
گهمي ڦري انهيءَ مڙهيل نفسياتي ۽ هٿياربند جنگ تي
اچي رسن ٿا – ڇا ڪجي!؟ مان بهرحال هيڻي طبقي
منجهان آهيان ان ڪري چپ رهندي به احتجاج ڪندڙ
آهيان ۽ ان ڪري ان مڙهيل جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ مجبور
آهيان. انهيءَ ويڙهه جي انت ۾ شايد مان ۽ تون
جيئرا هجون! شايد اسان ٻنهي منجهان ڪو هڪ باقي هجي
يا شايد اسان ٻئي نه هجون! سچ پڇين ته ايذاءَ جي
ڊگهي سلسلي مان لنگهايو پيو وڃان. شهر جي هر چؤنڪ
تي بيٺل فوجين کي پنهنجي تلاشي ڏيندي ڏيندي، ڄڻ
چور بڻجي پيو آهيان. اهو ڄاڻندي به ته منهنجا کيسا
خالي آهن، ڀوَ کان دل بيهڻ لڳندي آهي ته نڄاڻ ڪهڙي
شيءِ مون منجهان نڪري پوي ۽ مان پڪڙيو وڃان.
سج لهندي ئي ڪرفيو راڪاس جيان شهر جي ٻي گليءَ مان
ڦري ويندو آهي ۽ زندگي ڪنهن بي ڏوهيءَ جيان مڙهيل
قيد هيٺ، گهرن ۾ پورجي ويندي آهي. افسوس اهو آهي
ته مان سڪون، امن ۽ انسان دوستيءَ جي ڪنهن شاندار
دور ۾ نه جنميو ويس. منهنجي حصي ۾ آڳ، خون،
بربادي، تباهي، ماڻهوءَ جي هٿان ماڻهوءَ جي ڪوس ۽
هٿيارن جي ڀيانڪ ويڙهه ۾ ٿڪائيندڙ مايوسيءَ جو جُڳ
آيو ۽ مان ان ۾ ان لاءِ به جيئڻ لاءِ مجبور آهيان،
جو مان بهرحال موت کان ڊڄان ٿو، اهو ڄاڻندي به ته
موت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾، ڪٿي نه ڪٿي مون کي گڏجڻو
ئي آهي. اها به پڪ اٿم ته منهنجو لاش لاوارث حيثيت
۾ ڪنهن اونداهيءَ ڳلي يا ڪنهن گنديءَ ناليءَ مان
لڀندو يا انيڪ ڏينهن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ
اسپتال جي سرد خاني ۾ پيو هوندو، يا ماتم ڪرڻ لاءِ
منهنجي ماءُ کي ڏنو ويندو ۽ هوءَ ماتم ڪندي به
منهنجي چچريل چهري کي ڏسي هر هر شڪ منجهان سوچيندي
ته نڄاڻ اهو منهنجو پُٽ آهي يا نه؟ ان کان به وڌيڪ
افسوس ان ڳالهه جو اٿم ته اهو سڀ ڪجهه مان پنهنجي
ئي وطن ۾، پنهنجي جنم شهر ۾ ڀوڳيان پيو، جنهن شهر
جي ڳلين ۾ ٻاروتڻ ۾ اٽي ڏڪر ۽ لڪ لڪوٽي راند رهي
آهي ۽ لغڙ اُڏايا آهن. جواڻيءَ جي نئين نڪور
شروعات ۾ ڪيئي ڀيرا ڌڙڪندي دل سان ڪيئي محبتون
ماڻيون اٿم، انهن ساڳين ڳلين ۾ کلندڙ ڳڙکين مان
توکي خبر آهي، سورهن سالن جي عمر ۾ پهريون پيار
ڪنهن سان ڪيو هئم؟ ڪاهه ڪري آيل انهيءَ ڌارئين
لشڪر جي ڇوڪري سان، جنهن لشڪر طرفان مڙهيل ڏاڍ هيٺ
اڄ اسين پيڙهجي رهيا آهيون ۽ پيڙهجڻ کان انڪار ڪرڻ
لاءِ احتجاج جي ڏوهه هيٺ، تهائين وڌيڪ پيڙهجي رهيا
آهيون، سرڪار هٿان. پر تڏهن ان پهرئين پيار ۾
پنهنجي پنهنجي گهر جي ڇت تي وچ ۾ بيٺل ديوار جي
هِن ڀر ۽ هُن ڀر بيهي، پيار جون ڳالهيون ڪندي اسان
کي ڪڏهن خيال ئي نه آيو ته ايندڙ وقت رتوڇاڻ ٿيو،
اسان جي پٺيان بيٺو آهي. وقت ايندو، جڏهن هڪ ٻئي
جي ڀر مان لنگهندي نفرت جو احساس نانگ جيان
ڏنگيندو اسان کي . منهنجي پهرئين پيار جي پڄاڻي
نفرت جي انهيءَ اظهار تي ٿي هئي. هن منهنجي قوم کي
بُرو چيو هو ۽ مون هنن کي. ان لاءِ هن وٽ ڪيئي
جذباتي ثبوت هئا ۽ مون وٽ به ڪيئي دليل هئا. ان
کان پوءِ هوريان هوريان مان انهن ساڳين ڳلين ۾
اوپري بڻبي ويس. پنهنجي ئي اندر ڄڻ بي امان ٿي پئي
آهيان، جو پنهنجي ئي گهر جي بند ڪمري ۾ سمهندي به
ائين پيو محسوس ٿيندو اٿم، ڄڻ فٽ پاٿ تي الف
اُگهاڙي آسمان هيٺ پيل آهيان ۽ چنڊ به ڪنهن
دهشتگرد جي اک جيان ٿو مون کي گهوري ۽ توري تڪي.
مون چيو: وري ڪڏهن ملنداسون؟
هن چيو: تون ۽ مان هاڻي شايد ڪڏهن به نه ملنداسون
۽ جي ملنداسون ته به هر ڀيري اويساهيءَ جي ان
احساس هيٺ جدا ٿينداسون ته شايد اها آخري ملاقات
آهي، شايد ان کان پوءِ ٻيهر نه ملون.
ان کان پوءِ ڪيتري دير چپ چاپ ويٺا رهياسون. ڪافي
ٿڌي ٿي چڪي هئي. مون محسوس ڪيو ته اهڙي ئي ٿڌ اسان
جي اندر ۾ آهي. ان خاموشيءَ دوران پنهنجي پنهنجي
حصي جي ٿڌي ڪافي، زهر جي پيالي جيان هڪ ئي ڍُڪ ۾
پيئندي مون محسوس ڪيو ته هو به سقراط آهي ۽ مان به
سقراط آهيان، پر افسوس اسان جو سُور زهر پيئڻ سان
به نٿو مري.
ان کان پوءِ
اهڙيون ڪجهه پوريون/اڻپوريون ملاقاتون. انهن ۾
گڏيل پيڙائن، اداسين ۽ احساسن جو اظهار. اهڙو
اظهار ڪڏهن خاموشيءَ جي رستي، ڪڏهن لفظن جي رستي.
ڪڏهن ٿڌي ڪافي ۽ ڪڏهن گرم. ان کان پوءِ هڪ تهائين
گهڻو ڊگهو عرصو دوريءَ جو وچ ۾ ڦهلجي بيٺل. ان
ڦهلاءُ ۾ اهو ئي ناحق، ڏاڍ، ان جو ردعمل، احتجاج ۽
پڇاڙيءَ ۾ احتجاج جي وات تي لت رکيل ۽ ڪرفيو.
اسان جي آخري ملاقات ڏاڍي عجيب هئي. هڪ صبح بستري
۾ پئي اخبار کولي هئم. ڪتي جيان ڄڀ ڪڍي سهڪندڙ
اخباري بيان پڙهندي پڙهندي، هڪ فوٽوءَ تي اکيون
اٽڪيون هئم ائين، جيئن ڄار ۾ ڪوريئڙو اٽڪي پوندو
آهي. مون پنهنجي نيڻ نهار کي ڦاسندو، ڦٿڪندو ۽
نِستو ٿي سهڪندو محسوس ڪيو هو. ’فساد ۾ مارجي ويل
لاوارث لاش سُڃاڻو‘ جي سري هيٺ هُن جو فوٽو ڇپيل
هو.
ٻاهر ڪرفيو لڳل هو ۽ اندر مان بستري جي قبر ۾ دفن
ٿيل.
|