ٻه اکر
ليکڪ تي هڪڙو دور بي حد جذباتي نوع جو ايندو آهي.
اوچتو، هن جي احساسن جي وهڪري ۾ عام حالتن کان
وڌيڪ تيزي اچي ويندي آهي. جيئن اوچتو دريا چڙهي
اچي، اُٿلي پوي ۽ ڪک پن بنا ڪنهن الڳ الڳ سڃاڻپ جي
ٻوڙيندو وڃي.
ان نارمل نوع کان هٽيل وهڪري کي ڇا چئبو آهي!؟
ان شدت جو
Re-action
ڇا هوندو آهي!؟
انهن سوالن جو جواب آهي به ۽ ناهي به.
جيتوڻيڪ اهي احساس بنهين ذاتي هوندا آهن.
جيتوڻيڪ ان وهڪري جي تيزيءَ جا ڪارڻ ليکڪ جي بنهين
اندر، ٻاهرين حالتن کان ڪٽيل، نفسياتي طرح سان
مُنجهيل، نه لڀڻ برابر لڀندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ جي ڪٿَ گهڻو پوءِ لکيڪ پنهنجي
نفسياتي ۽ جذباتي چنڊ ڇاڻ کانپوءِ لڳائيندو آهي،
پر گهڻو اڳتي هلي. گهربل ضرورت مطابق
Mature
ٿيڻ کانپوءِ.
ان حالت ۾ ٻه صورتون جنمجي سگهن ٿيون.
يا ته ان جذباتي وهڪري ۾ لکيل پنهنجيون سموريون
لکڻيون
Disown
ڪجن يا ته
Mature
نقاد جي حيثيت سان بي درديءَ سان ان تي منڌيئڙا
پائي، ڪنهن حد تائين قبول ڪرڻ جوڳو بڻائجي.
ٻي صورت کي ئي مون بهتر سمجهيو، پر ائين ڪندي به
پاڻ تي اخلاقي ذميداري محسوس ٿئي ٿي، ان پس منظر
کي ڪنهن چور جيان نه لڪائجي، جيڪو ان ڊوڙ ۾ لکڻ جو
ڪارڻ بڻيو.
ڪجهه سال پهرين تائين پنهنجين ڪهاڻين جي پس منظر ۾
پنهنجي
Personal involvement
جو ذڪر/ اعتراف- گناهه جي اعتراف جيان مُشڪل لڳندو
هو. اڄ مون لاءِ اهو ذڪر/اعتراف ڪنهن نئين ۽ حسين
منظر جيان نڪور ۽ حيران ڪندڙ آهي. اڄ جڏهن آئون
داخلي احساسن هيٺ پنهنجي اندر جي ڳڙکي کولي، اندر
۾ ليئو پايان ٿي ته ڪنهن ٻار جيان حيران ٿي سوچيان
ٿي. اڇا ايترو ڪجهه آهي مُنهنجي اندر!؟ ساڻ ئي
هڪڙو بور ڪندڙ احساس ته هيل تائين محض ٻاهر جا
منظر لکيا پي شايد!!
اجنبيت!!
پنهنجي پاڻ کان اجنبيت!!
مون هن مجموعي ۾ شامل گهڻي ڀاڱي ڪهاڻيون
1980ع
۾ لکيون. مسلسل ۽ مسلسل، بنا ڪنهن
Gap
جي.
Pregnancy
جي حالت ۾ (جڏهن گرڀ ۾ پيل ٻارَ لاءِ ڊاڪٽرن وٽ
زندگيءَ جي ڪائي ضمانت نه هئي).
مون تي طاري ٿيل موت جهڙي بوريئت.
بستري تي پئي پئي اها ڀوائتي سوچ ته مون وٽ ڪنهن
به ايندڙ پل لاءِ ڪائي ضمانت ڪانهي.
گرڀَ ۾ پيل ٻار مون سان ڊائيلاگ نٿي ڪيو.
گرڀَ ۾ ڦهلجندڙ پولار ۽ ان ۾ بولاٽيون کائيندڙ
ٻار.
ٻار، جنهن کي مون هر حالت ۾ جنمڻ ٿي چاهيو.
اِها خواهش منهنجي اندر جي سگهه بڻجي ويل، بوريئت
ويڙهه جي صورت اختيار ڪري ويل ۽ فرار لاءِ داخلي/
خارجي سطح تي
Romance
هڪ نفسياتي ضرورت بڻجي ويل. اها
ضرورت پنهنجي اندر جي عورت جي
Inner Satisfaction
لاءِ به ته مان آهيان پنهنجي گرڀ جي حقيقت سميت.
مان آهيان موت سان وڙهڻ لاءِ- مان آهيان زندگيءَ
کي پائڻ لاءِ-
۽ مون ڪربلا ۾ شامل ڪهاڻيون لکيون.
هينئر سال 1991ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڪتاب
جي نئين ايڊيشن جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ جڏهن مون
ڪهاڻين کي نئين سري کان پڙهيو. انهن تي منڌيئڙا
پاتا. انهن جي جذباتي شدت کي گهٽائڻ جي شعوري ڪوشس
ڪئي. ان کانپوءِ به ڪارڻ/ اڪارڻ پڙهندڙ سان ڊسڪس
ڪرڻ لنوائي نه سگهي آهيان. جلاوطن جون ڪهاڻيون لکڻ
کانپوءِ، داخليئت ڏانهن شعوري/ اڻ شعوري لاڙي کي
ڪنهن صحيح دڳ پهچائڻ کان پهرين، ان تبديليءَ کي
محض تجربي جي حوالي ڪرڻ کانسواءِ، گهڻو اڳتي هلي
مان ”رڻ ۽ رَڃ جو اتهاس“ لکي نه سگهان ها- ڪربلا
جون ڪهاڻيون منهنجو اهو تجربو ئي آهن.
نورالهديٰ شاهه
04
سيپٽمبر
1991ع
حيدرآباد
|