”ڪريل تاري“ کي ڏسي، ٻيا سڀ پکي ڀڄي هليا ويا،
بگهڙ ۽ لومڙ ٽڪريءَ ڏانهن لـِـڪڻ لاءِ وٺي ڀڳا.
’ڪريل تارو‘ ڪانوَ کڻي، پنهنجي ڏاڏيءَ جي جهوپڙيءَ
۾ آيو. سردار ڏانهن نياپو موڪليائين ته اچو ته
فيصلو ڪريون ته هن ڪانوَ کي ڪهڙي سزا ڏجي. سردار
چيو، ”مان هن کي پنهنجي مڪان ڏانهن نيندس، جتي هن
کي دونهي ۾ ٽنگي ماريندس.“ پوءِ سردار، ڪانوَ کي
جهوپڙيءَ ڏانهن کڻي ويو، جتي هن کي بخاري مٿان،
جتان دونهون گڏ ٿي نڪرندو هو، قابو ڪري ٻڌي
ڇڏيائين، پر هڪڙي ڏينهن ڪانءُ ڦٿڪي ڦٿڪي، پاڻ
ڇڏائي ڀڄي ويو.
”ڪريل تاري“، ڪجهه نوجوانن کي سڻيءَ جي تيلين پٽڻ لاءِ موڪليو،
۽ انهن جي تندن مان هڪ ڊگهو مضبوط ڌاڳو تيار
ڪيائين. ڌاڳي جي هڪڙيءَ پڇڙيءَ ۾ هڪڙو سنهون ۽ لسو
ڌاڳو ٻڌي، ان ۾ هڪڙو کنڀ ٻڌي ڇڏيائين. جهوپڙيءَ جي
ڪوٺي تان اهو کنڀ هن اڏاريو، ۽ هن کي ويو ٿي ڍر
ڏيندو. ماڻهن کي چيائين ته ”جڏهن ڌاڳي جو مٿي وڃڻ
بند ٿي وڃي، تڏهن ڌاڳي کي وٺي تڪڙو هيٺ ڊوهجو. ۽
خدا گهريو ته ڌاڳي جي پڇڙيءَ ۾ اوهان کي ڪانءُ
ڦٿڪندو نظر ايندو.“ ماڻهن جڏهن ڏٺو ته ڌاڳو چري ئي
ڪونه ٿو، تڏهن وٺي هن کي هيٺ ڊوهڻ شروع ڪيائون، ۽
ٿورو وقت ڊوهڻ کان پوءِ ماڻهن جي عجب جي حد ئي نه
رهي، جڏهن ڏٺائون، ته ڪانءُ قلابازيون کائيندو،
ڌاڳي سان گڏ هيٺ لهندو پئي آيو. پوءِ ماڻهن ڪانوَ
کي اتي جو اتي پورو ڪري ڇڏيو. ڪانوَ جي مارجڻ کان
پوءِ، هنن کي ڪيترا پاڏا ۽ مينهون ۽ ٻيا جانور هٿ
آيا، جي کائي هنن پنهنجي سالن جي بک لاٿي. ڳوٺ جي
ماڻهن ”ڪريل تاري“ کي ڏاڍيون دعائون ڪيون.
”ڪريل تارو“ اهو ڳوٺ ڇڏي، پوءِ ٻي ڏانهن پنڌ پيو. ٿوري پنڌ ڪرڻ
کان پوءِ“ هو هڪڙي ٻي ڳوٺ ۾ اچي پهتو. سامهون
هڪڙيءَ پوڙهيءَ عورت جي جهوپڙي هئي، ان ۾ اندر
گهڙي ويو. پوڙهيءَ کي چيائين، ”ڏاڏي، مون کي ڏاڍي
بک لڳي آهي، ڪجهه کائڻ لاءِ ڏي.“ – ”پٽ،“ پوڙهيءَ
چيس، ”اسان ڏاڍيءَ مصيبت ۾ آهيون، کائڻ لاءِ ڪجهه
به ڪونهي. جڏهن به شڪار ڪرڻ ويندا آهيون، تڏهن
برفاني ديو برف جو طوفان موڪليندو آهي، ۽ اسان کي
ڪجهه به پلئه ڪونه پوندو آهي.“ ”ڪريل تاري“ ڏاڏيءَ
کي چيو، ”هاڻي ڪو جانور نظر آيو، ته تون ۽ مان ٻئي
گڏجي ان کي مارينداسين، ۽ پوءِ ڪجهه نه ڪجهه گوشت
کائڻ لاءِ ملي ويندو. تون پنهنجي ڪتن واري گاڏي
تيار ڪري بيهار.“ جڏهن جهنگ کان ٻاهر نڪتا، تڏهن
ڇوڪري ڏاڏيءَ کي چيو، ”تيار ٿيءُ، ته ٻاهر شڪار
ڪرڻ هلون.“ پوءِ هو ٻئي ڪتن واريءَ گاڏيءَ تي
چڙهي، شڪار ڪرڻ ويا، ڪيترا جانور ماريائون، جن ۾
هڪ سهڻي ۽ ٿلهي متاري جهنگلي ڳئون پڻ شامل هئي.
”ڪريل تاري“ ڏاڏيءَ کي چيو، ”اچ ته هن ڳئونءَ کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪريون.“
جيئن ئي هو ان ڳئونءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري رهيا هئا، ته برفاني طوفان
جو ديو سامهون ٽڪريءَ تي ڏسڻ ۾ آيو. سندس هٿ ۾ هڪ
ڳرو گرز هو. ديو هنن ڏانهن اهو گرز الاريو، ۽ ڏاڏي
ڀڄڻ تي هئي، ته ”ڪريل تاري“ رڙ ڪري چيس، ”ڀڄ نه،
ڏاڏي!“ هن ڳئون جي بڪي وڍي، ڏاڏيءَ جي هٿ ۾ ڏني.
ان وچ ۾ برفاني ديو سندن نزديڪ پهچي چڪو هو. هن
پريان ئي گجندي ”ڪريل تاري“ کي رڙ ڪري چيو، ”هن
پوڙهيءَ کي اها بڪي ڇو ڏني اٿئي؟“ ديو غصي ۾
ڏڪندي، لت کڻي پوڙهيءَ کي هنئي. اڙي اڙي.... سندس
ٽنگ وڃي پري پيئي. هن پنهنجي ٻانهن مٿي کنئي، ۽
جيئن ئي پوڙهيءَ کي مڪ هڻي رهيو هو، ته سندس ٻانهن
وڃي پري پيئي. ديو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ جيئن ئي
وات کوليائين ته گجگوڙ ڪري هنن کي ڊيڄاري، ته سندس
ڳچي ئي پٽجي وڃي پري پيئي، ۽ پوءِ ته ديو پاڻ به
زمين تي ڪري پيو. ”ڪريل تاري“ ڳئون کي وڍي ٽڪرا
ٽڪرا ڪيو، ۽ ديو کي اتي ڦٽو ڪري، پوڙهي ۽ پاڻ
جهوپڙيءَ ڏانهن موٽي آيا.
جهوپڙيءَ ۾ پهچي، هن شڪر ڪيو، ته هاڻ هنن وٽ ڪجهه کائڻ لاءِ ته
آهي. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ ”ڪريل تاري“ سوچيو ته
بهتر ائين ٿيندو ته هو وڃي ديو جي خبرچار لهي. پر
سندس ڏاڏيءَ روڪيندي چيس، ”نه، بابا، نه - تون نه
وڃ! هن سان ايڏي جٺ ڪئي اٿيئي، ۽ هاڻ توکي مارڻ
کان سواءِ هو نه ڇڏيندو.“ – ”ڏاڏي، ڀلائي ان ۾ آهي
ته مان وڃان.“ ”ڪريل تاري“ نيٺ فيصلو ڪندي چيو.
”هو رهندو ڪٿي آهي؟“ ”ڪريل تاري“ پڇيو. ڏاڏيءَ
ٻڌايس ته هو نديءَ جي ڪناري ڀرسان جيڪو غار آهي،
ان ۾ رهندو آهي.
”ڪريل تارو“ اوڏانهن روانو ٿيو. اڃا غار ۾ اندر گهڙيو ئي مس ته
پريان برفاني ديو، جنهن کي سندس زال گهر کڻي آئي
هئي، رڙ ڪري چيس، ”مون سان اهڙيءَ جٺ ڪرڻ کان پوءِ
به تون هيڏانهن آيو آهين؟“ – ”ڇو، چاچا؟“ ”ڪريل
تاري“ چيس، ”اوهان سان ڪجهه ڳالهائڻو به هوم، ۽
اوهان جي تير ڪمان ڏسڻ جي پڻ چاهنا هئم.“ پوءِ
ڊوڙي وڃي ڪمان کنيائين، جا وڏي وڻ جي ٿڙ مان ٺهيل
هئي. ان کي زور سان موڙي ٻه ٽڪر ڪري ڦٽي ڪيائين.
برفاني ديو غصي ۾ ڦٿڪندي، چيس، ”ايڏو ظلم ڇو ٿو ڪرين؟ نـِـڪر
منهنجي جاءِ مان، نڪري وڃ! توکي ڪوبه رحم نٿو اچي!
شرم ڪر ڪجهه!“ – ”واه واه!“ تاري چيس، ”مان ته
تنهنجو گرز به ڏسندس.“ پوءِ هن ڊوڙي وڃي گرز کنيو،
۽ ڀر ڪڍائي ديو کي مغز وارو هڻي ڪڍيائين. ديو ته
اتي ئي ڍيري ٿي پئجي رهيو. پوءِ ديو جي زال ۽ ٻارن
کي ماريائين، پر هڪڙو ٻار بچي ويو، جو غار جي هڪڙي
ڏر ۾ رڙهندو رڙهندو غائب ٿي ويو. هو اهو سڀ ڪم
پورو ڪري جهوپڙيءَ ۾ آيو، ۽ ڏاڏيءَ کي سربستو
احوال ٻڌايائين ته ڪيئن هن ديو ۽ سندس زال کي ٻارن
سوڌو، سواءِ هڪ جي جو ڏر ۾ لڪي ويو هو، ماري ڇڏيو
هو. هن ڏاڏيءَ کي صلاح ڏني ته سڀني ڳوٺ جي ماڻهن
کي وڃي ٻڌائي ته پاڻي گرم ڪري ان ڏر ۾ وجهندا رهن،
جيستائين اهو باقي بچيل ديو جو ٻچڙو به مري وڃي.
ماڻهو گهڻي وقت تائين ائين ڪندا رهيا، پر اڃا پاڻي
وجهڻ بند ٿي ڪيائون، ته ڏٺائون ٿي ته پاڻي سارو
ڄمي برف پئي ٿي ويو. آخر هو ٿڪجي، چپ ڪري ويهي
رهيا. جيڪڏهن ”ڪريل تارو“ ان باقي بچيل ٻار کي به
ماري ها، ته هاڻي اسان کي اها برف ڪڏهن به نه
ستائي ها.
پوءِ ”ڪريل تاري“ اهو ڳوٺ ڇڏي، ٻئي ڳوٺڙي ڏانهن روانو ٿيو. هاڻي
سيارو پوري جوڀن ۾ اچي ويو هو. ڏينهن ننڍڙا راتيون
ڪافي وڏيون ٿينديون هيون، ۽ رات جي سياهي تمام جلد
ڦهلجي ويندي هئي. گهمندي گهمندي هڪڙي ڏينهن، هو
هڪڙيءَ نهر جي مٿان اچي پهتو، ۽ ڏٺائين ته پريان
روشنائي نظر اچي رهي هئي، هو ان روشنيءَ طرف هليو.
۽ ڀرسان اچي ڏٺائين ته هڪڙو شخص ويٺو آهي، جنهن جي
ڳچيءَ ۾ ماڻهن جي ڪنن مان ٺهيل ڪنڍي پيئي آهي.
”ڪريل تاري“ کي دل ۾ کـُـکي ويو ته چئن اکين وارو
ديو اهو آهي. هو يڪدم پوئتي موٽيو، ۽ اهي ٻوٽا
ڳولڻ لڳو، جن ۾ ماڻهن جي ڪنن جهڙا گل ٿيندا آهن.
ڀرسان ئي ڪيترا اهڙا ٻوٽا هئا، جن مان ڪنن جهڙا گل
پٽي ”ڪريل تاري“ به هڪڙي ڪنڍي ٺاهي ڳـچيءَ ۾ وڌي.
پوئتي موٽي، سڌو ان ديو ڏانهن ويو، جنهن هن کي
سلام ڪري چيو، ”دوست، تون وري ڪٿان پيو اچين؟ تون
هو بهو مون وانگر آهين!“
”هائو،“ ”ڪريل تاري“ چيس، ”مان به تو جهڙو سنياسي آهيان. پر
هڪڙي ڳالهه ته ٻڌا“، تنهنجو ساهه ڪيئن نڪرندو؟“
”اڙي واهه!“ ديو چيو، ”ماڻهن کي اها خبر پئجي وڃي،
ته مون کي ماري ڇڏين، پوءِ هو مون کي ڦاسائي کڻي
وڏي باهه ٻاريندا، ۽ ان مٿان چرٻي ساڙيندا ۽
جادوءَ جا جهنجهڻا وڄائيندا، ۽ پوءِ آءٌ ائين مري
ويندس! سو آءٌ ٿو اها ڳالهه توکي ٻڌايان! چريو
آهيان ڪيئن؟ مان ته ماڻهن جا ڪن پٽي پنهنجي ڪنڍيءَ
۾ پوئيندو رهندو آهيان. سامهون ڳوٺ ۾ هڪڙو مڪان
آهي، جنهن ۾ مون اڃا تائين پير نه پاتو آهي. جڏهن
سڀ ماڻهو سمهي پوندا، تڏهن ان مڪان ۾ گهڙندس.“
”ڪريل تاري“ چيس، جيئن ته اسين ٻئي هڪ ذات جا آهيون، تنهن سبب
اسان ٻنهي جي ساهه نڪرڻ جو طريقو پڻ ساڳيو آهي!“
جنهن مڪان لاءِ ديو اشارو ڪري رهيو هو، تنهن لاءِ
”ڪريل تاري“ چيس، ”مان اندر وڃان ٿو، ۽ جڏهن سڀ
سمهي پوندا، تڏهن توکي اچي ٻڌائيندس.“ – ” ٺيڪ
آهي،” چار اکئي ديو خوش ٿيندي چيس.
”ڪريل تارو“ ان ڳوٺ ۾ ويو، ۽ هڪڙي مڪان ۾ اندر گهڙي، زور سان رڙ
ڪري پڇيائين، ”سڀ ننڊ ۾ آهيو ڇا؟“ هڪڙي جواب ڏنس،
”نه،” ”ڪريل تاري “ ان کي سربستو احوال ٻڌايو ته
“ڪن پٽيندڙ چار اکيو ديو هيڏانهن اچي رهيو آهي.
توهان سڀ مڪر ڪريو، ڄڻ ته ننڊ پيا آهيو. زور زور
سان کونگهرا هڻو، ته جيئن هن کي پڪ ٿئي. اوهان کي
مان هن جي مارڻ جو طريقو ٻڌايان ٿو. هن کي ڦاسائي
هڪ وڏي باهه ٻاريو، ۽ ان باهه تي چرٻي ساڙيو ۽ ان
تي جادوءَ جا جهنجهڻا وڄايو، پوءِ هو پاڻهي مري
ويندو.”
مڪان ۾ جيڪي به ماڻهو هئا، سي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ جيئن ”ڪريل تاري“
چين، تيئن ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. ”ڪريل تارو“ واپس
موٽي ديو وٽ آيو، ۽ هن کي چيائين، ”هو ته سڀ
گهريءَ ننڊ ۾ پيا آهن، ۽ پيا ٿا کونگهرا هڻن - اچ
ته هلون، جلد اچ! پهريائين اندر مان گهڙندس“ –
”ڪڏهن به نه،“ ديو رڙ ڪئي، ”پهريائين مان ويندس“ –
”چڱو،“ ”ڪريل تاري“ قبول ڪندي چيو.
هو ان مڪان ڏانهن روانا ٿيا، ۽ مڪان جي ٻاهران ڪن لائي ٻڌائون،
ته سڀئي کونگهرا هڻي رهيا هئا. ”ڪريل تاري“ وري به
ديو کي چيو، ”پهريائين مان اندر گهڙان!“ ديو چيس،
”نه - اڳ ۾ مان اندر ويندس.“
ديو اندر گهڙيو، ۽ جڏهن اندر پهتو، تڏهن ”ڪريل تاري“ دروازو
ٻاهران بند ڪري ڇڏيو، ۽ ان کي ٻاهران زور ڏيئي
بيهي رهيو. ”ڪريل تاري“ رڙ ڪري، اندر ماڻهن کي
چيو، ”ديو اندر آيو اٿو!“ ماڻهو يڪدم اٿي کڙا ٿيا،
۽ هڪ وڏي باهه وٺي ٻاريائون. ديو ٻاهر نڪرڻ جي
ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ”ڪريل تارو“ به ٻاهر جبل جيان
مضبوط بيٺو هو، ۽ دروازو کلي نه سگهيو. ماڻهن چرٻي
ساڙڻ شروع ڪئي، ۽ جادوءَ جا جهنجهڻا وڄائڻ لڳا، ۽
ديو اتي ئي سٽجي ڪـِـري پيو، ۽ مري ويو. صبح جو
”چار اکئي“ کي کڻي ٻاهر رستي تي ڦٽو ڪيائون. سڀ
ماڻهو اچي مڙيا. هر ڪنهن پنهنجا ڪن سڃاتا. ”ڪريل
تاري“ هڪڙو وڏو ڪـُـونر ماڻهن جي پگهر سان ڀريو، ۽
هنن کي چيائين، ”هرڪو اندر اچي، ڪنن مٿان پگهر
هڻي، انهن کي پنهنجيءَ جڳهه تي ڄمائي.“ سڀني ائين
ئي ڪيو، ۽ هنن جا ڪن اڳي وانگر قدرتي بڻجي ويا.
هو اڃا ان ڳوٺ ۾ هو، ته هن کي خبر پيئي ته ڀرسان واري ڳوٺ جي
ماڻهن کي هن جي مدد جي ڏاڍي ضرورت هئي. اتان جي
ماڻهن هن لاءِ هڪ عاليشان مڪان جوڙايو هو، ۽ هڪ
نوجوان ۽ حسين ڇوڪري هن سان پرڻائڻ لاءِ به تيار
ڪئي هئي. هنن ماڻهن جي، ٻين جي ڀيٽ ۾، ڏاڍي بري
حالت هئي. هتي هڪ ڌوتي رهندي هئي، جنهن سڀني ماڻهن
کي گنجو ڪري ڇڏيو هو. ”ڪريل تارو“ ان ڳوٺ ۾ پهتو،
۽ جيڪي ڪجهه ٻڌو هئائين، سو سڀ اکين سان ڏٺائين.
هن لاءِ الڳ مڪان تيار ڪيو ويو هو، ۽ ڇوڪريءَ جنهن
هن سان شادي ڪرڻ پئي چاهي، هن لاءِ منتظر اکيون
پايون ويٺي هئي. سڀئي ماڻهو گنجا هئا، ۽ هنن
پنهنجا مٿا ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيا هئا.
ڌوتيءَ جڏهن ”ڪريل تاري“ جي اچڻ جو ٻڌو، تڏهن هوءَ هن سان ملڻ
لاءِ رواني ٿي. هن ”ڪريل تاري“ کي چيو، ”اڙي ابا!
ٻڌم جو ته تون آيو آهين، تڏهن توسان گڏجڻ لاءِ هلي
آيس. توکي ته خبر هوندي ته مان وارن مان هڪڙو ڪڙتو
ٺاهي رهي آهيان، ۽ باقي ٻن کوپڙين جيترا وار
گهرجن.“
”هائو، ڏاڏي!“ تاري چيس. ”مون کي پاڻ خبر پيئي ته توکي وارن جي
ضرورت آهي، ان ڪري ته مان هليو آيس!“ ڇوڪريءَ جي
مٿي جا وار اڃا سلامت هئا. هن جا وار ڊگها ڊگها
پشم جهڙا نرم هئا. ٻئي ڏينهن هو پنهنجيءَ مڱينديءَ
کي وٺي ڌوتيءَ جي جهوپڙيءَ ڏانهن ويو. هن جي
مڱيندي ڊڄي رهي هئي، ۽ جهوپڙيءَ ۾ اندر گهڙڻ کان
پئي ڪيٻايائين. پر ”ڪريل تاري“ هن کي دم دلاسا
ڏيئي، دل ٻڌائي، ۽ هو ٻئي جهوپڙيءَ جي اندر گهڙيا.
جڏهن ٻئي اندر پهتا، تڏهن ڌوتيءَ چين، ”توهان کي ڏسي ڏاڍي خوشي
ٿي اٿم.“ – ”ڪيئن نه ٿيندي!” تاري مرڪندي چيس،
”اسان صرف ان لاءِ آهيون، ڇو جو توکي ٻن وارن سان
ڀريل کوپڙين جي سخت ضرورت آهي.“ ”ڪريل تاري“
پنهنجيءَ زال کي اڳ ئي سمجهائي ڇڏيو هو، ته هوءَ
ڌوتيءَ کان ڪجهه پري ٿي ويهي. ڌوتيءَ پنهنجي پاڪي
تکي ڪرڻ شروع ڪئي.
”ڪريل تاري“ چيو، ”پهريائين منهنجا وار ڪوڙ!“ ڌوتي پاڪي کڻي هن
ڏانهن وڌي. جيئن ئي هوءَ کيس ويجهو آئي، تيئن
”ڪريل تاري“ زور سان ٽڪر هنيس، ۽ جيئن ته هو پٿر
جو ٺهيل هو، تنهن سبب ڌوتيءَ کي سخت ڌڪ لڳو، ۽
هوءَ هڪ ئي ڌڪ ۾ ختم ٿي ويئي.
ماڻهن جڏهن ٻڌو ته ’تاري‘ جي هٿان ڌوتي مري ويئي، تڏهن هنن سڀني
وٺي جهوپڙيءَ ڏانهن ڊوڙ پاتي، ۽ ڏسي پڪ ڪيائون ته
ڌوتي مري چڪي آهي. هنن جهوپڙيءَ ۾ پنهنجا پنهنجا
وار تلاش ڪرڻ شروع ڪيا. هر ڪنهن پنهنجا وار سڃاتا.
”ڪريل تاري“ پگهر جو ڪونر ڀريو، ۽ سڀني کي چيائين
ته هو وار کوپڙيءَ مٿان رکي، اهو پگهر ان جي
چوڌاري مهٽين. سڀني ماڻهن ائين ڪيو، ۽ جڏهن هو
جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتا، تڏهن هنن سڀني جا مٿا اڳي
وانگر وارن سان ڀريل هئا.
”ڪريل تاري“ ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، ۽ هميشه لاءِ انهن سان گڏ
گهارڻ لڳو. |