سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :15

 

”لوئيزينيا“ رياست

   جون

لوڪ ڪهاڻيون

 

از: ايلسي فارٽيئر

جين مـَـئلـِـن، ۽ ڍڳو

 

  

”جـِـين مـَـئلن“ ويچارو ننڍڙوئي هو، ته يتيم ٿي چڪو هو، هو سمجهي نٿي سگهيو ته آخر ڪيڏانهن وڃي، ۽ ڇا ڪري! هڪڙي ڏينهن هن هڪڙي مالدار عورت، سهڻيءَ گاڏيءَ ۾ سوار ٿيل، ويندي ڏٺي. ”جين“ ان عورت کي عرض ڪيو ته هوءَ هن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي. مائيءَ، جو ڏٺو ته ڇوڪرو نه صرف سهڻو آهي، پر ڏسڻ ۾ به ڦڙت ٿو اچي، تنهن هن کان پڇيو ته: ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“ ”جين“ پنهنجي عمر ٻڌائي نه سگهيو، صرف ايترو چيائينس ته هن پنهنجي ماءُ کان ٻڌو هو ته هو تڏهن ڄائو هو، جڏهن برف وسي هئي ۽ بادام جا وڻ ميوي سان ٽمٽار هئا. پوءِ مائي هن کي پنهنجيءَ عمديءَ گاڏيءَ ۾ چاڙهي، گهر وٺي ويئي، جتي هن کي پنهنجو خاص خادم مقرر ڪيائين. ”جين“  مائيءَ جون اهڙيون مهربانيون ڏسي، کيس ماءُ جهڙو پيار ڪرڻ لڳو، ۽ هڪڙي شاهوڪار ماڻهوءَ لاءِ هن جي دل ۾ حسد جي آگ ٻرڻ لڳي. اهو شاهوڪار ماڻهو روزانو انهيءَ مائيءَ سان پيار جون ڳالهيون ڪرڻ ايندو هو ۽ چاهيندو هو ته ان شاهوڪار مائيءَ سان شادي ڪري.

پر اوهان کي ايترو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته اهو شاهوڪار ماڻهو اصل ۾ هڪڙو ڍڳو هو، جو ڏينهن جو پاڻ کي ماڻهوءَ جي شڪل ۾ بدلائي شاهوڪار مائيءَ سان پيار جون ڳالهيون ڪرڻ ايندو هو، ۽ رات جو ساڳيوئي ڍڳو ٿي وتندو هو باغيچي ۾ گاهه چرندو. ”جين“ انهن ايترن ڏينهن ۾ اها ڳالهه جاچي ورتي هئي ته جڏهن اهو شاهوڪار ماڻهو هن جي پياريءَ مالڪياڻيءَ سان ويٺو ڳالهيون ڪندو هو، تڏهن ڍڳو باغ مان غائب هوندو هو، ۽ جڏهن ڍڳو باغ ۾ چرندو هو، تڏهن اهو ماڻهو وري ڪمري مان غائب هوندو هو. ”مون کي ان راز جي تهه تائين پهچڻ گهرجي،“ جين دل ۾ چيو. “ان ڳالهه ۾ ڪو راز آهي، جو منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي.” پوءِ ”جين“ جانچ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڪوشش ۾ لڳو رهيو، ۽ ان سان گڏ اها خبرداري به ڪندو ٿي رهيو ته جيئن هن مالدار ماڻهوءَ کي ڪا کڙڪ نه پئجي وڃي. هڪڙي ڏينهن صبح جو سويل جيئن ئي ننڍڙو ”جين“ باهه ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون کڻڻ ويو، ته هن ڏٺو ته ڍڳو گوڏا کوڙي ڪا دعا پڙهي رهيو هو:  ”بهور- مـَـجـَـمُ- جـَـمِ جـَـمِ جارا جارا“- ۽ يڪدم ڍڳو ماڻهو بڻجي ويو،- ساڳيو اهو شاهوڪار ماڻهو، ۽ پوءِ هو اڳئين وانگر شاهوڪار مائيءَ سان ملڻ لاءِ روانو ٿي ويو. ”جين“ کي اهو جادو ڏسي، ڏڪڻي وٺي ويئي، ڄڻ ته کيس ٿڌ اچي سوڙهو ڪيو هو.

ان ڏينهن، ان ماڻهوءَ مائيءَ سان گڏ ناشتو ڪيو، ۽ ”جين“ هنن جي خدمت ۾ بيٺو رهيو. ”جين“ ايترو ته ڊڄي ويو هو، جو پوپٽ جيان ڪڏهن هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن اجايا ڦيرا پائيندو ٿي وتيو. هو ايڏو ته بدحواس ٿي ويو هو، جو هنن ماني ٿي گهريس، ته هن خالي پليٽ کڻي ٿي ڏنين. هڪڙي دفعي پليٽ ۾ ماني ڏيڻ بدران چمچي تي ماني رکي، هنن جي اڳيان آڻي رکيائين. جڏهن اهو شاهوڪار مهمان روانو ٿي ويو، تڏهن مائيءَ ”جين“ کي ڏاڍو جهڻڪيو، ۽ چيائينس ته جيڪڏهن هن پنهنجي چال نه سڌاري، ته کيس واپس روانو ڪيو ويندو. مائيءَ غصي ۾ هن کان پڇيو: ”آخر ڳالهه ڇا آهي؟ تون هن کي ڏسي جلين ڇو ٿو؟ هن ڪو تنهنجو ڏوهه ته ڪونه ڪيو آهي؟ جيستائين مون کي خبر آهي ته هو توسان ڏاڍي چڱي نموني پيش ايندو آهي. باقي تون ڇو---؟“

”مالڪڻ، مان توکي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس، پر هاڻ مون کي هوش آهي ئي ڪونه، ۽ ڊپ ۾ پورو ڳالهائي ڪونه ٿو سگهان. جيڪڏهن توکي مون سڀ ڪجهه ٻڌايو، ته خود تون به ڊڄي ويندينءَ، ۽ هن ماڻهوءَ کي وري در اندر پير پائڻ به نه ڏيندينءَ!“ ”جين“ چيو.

”ٻڌائين ڇو نه ٿو، ڳالهه ڇا آهي؟ جلد ٻڌا“، نه ته لڪڻن سان ڪـُـٽي ٻاهر ڪتن اڳيان اڇليندي سانءِ.“

”جين“ ويچارو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو، ۽ مائيءَ کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين: ”اهو اوهان سان جيڪو ملڻ ايندو آهي، اهو اصل ۾ ڍڳو آهي، جو باغ ۾ چرندو آهي. هو پاڻ کي ڍڳي مان ماڻهو ۽ ماڻهوءَ مان ڍڳو ڪري سگهندو آهي.“

مائيءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، ۽ ”جين“ کي مارڻ لاءِ سنڀري: پر ”جين“ چيس: ”مون تي اعتبار ڪر. جڏهن ٻئي دفعي هو توسان ملڻ ايندو، تڏهن مان جيڪي ڪجهه توکي هن لاءِ ٻڌايو آهي، اهو ثابت ڪري ڏيکاريندس. جيڪڏهن مان ڪوڙو ثابت ٿيان، ته پوءِ جيڪا تعدي مون سان وڻيئي سا ڪج.“

”چڱو،“ مائيءَ چيس، ”پر اها ڳالهه ياد رک ته توکي انهيءَ ڪوڙ لاءِ تمام سخت سزا ڀوڳڻي پوندي!“

ٿورن ڏينهن گذرڻ بعد اهو ماڻهو وري مائيءَ سان ملڻ آيو. هن دفعي هو ڏاڍي عمدي پوشاڪ پهري آيو هو. ’جين‘ دل ۾ چيو، ”اڄ ڏاڍو مزو ٿيندو!“  ڇو جو هن کي خبر هئي ته ان ماڻهوءَ کي بدلائي ڍڳي بنائڻ لاءِ ڇا چوڻو پوندو.

جيئن هو ٻيئي، شاهوڪار مائي ۽ اهو شاهوڪار ماڻهو، ماني کائي رهيا هئا، ته مائي هر گهڙيءَ ”جين“ ڏانهن نهاري رهي هئي ته ڇا ٿو ڪري. ”جين“ مائيءَ جي گلاسن ۾ شربت وجهي رهيو هو، ۽ اتي ئي هن اهي لفـظ جيـڪي ڍڳـي

 

کان ٻڌا هئا، سي چوڻ شروع ڪيا. بس اچي جو گهمسان متو، توبهه، توهان ايڏو گوڙ ڪڏهن نه ٻڌو هوندو: ٽوپي، سلوار، عينڪ- ڪوٽ ۽ ٻيا سڀ ڪپڙا، جي ان ماڻهوءَ کي پيا هئا، سڀ هيٺ اچي ڪريا، ۽ کاڌي کائڻ واري ڪمري ۾ ماڻهوءَ بدران ڍڳو بيٺو هو، جنهن غصي ۾ اچي ميز ئي هيٺ ڪيرائي ڇڏي، ۽ سڀ ٿالهيون ۽ گلاس، بوتلون ۽ کاڌو وڃي هيٺ پيا، ۽ ساروئي سامان پرزا پرزا ٿي ويو. نيٺ ڍڳو شيشي جو دروازو ڀڃي، باغ ۾ ڀڄي ويو.

”هاڻي ته توکي پڪ ٿي نه؟“ ”جين“ مائيءَ کي چيو.

”هائو،“ مائيءَ چيس، ”تو منهنجي وڏيءَ مصيبت مان جان ڇڏائي آهي، ۽ مان هميشه توکي پنهنجي پٽ جيان ڀائينديس.“

توهان ائين ٿا سمجهو ته بس ڳالهه پوري ٿي. اڃا نه. اڳتي هلي، مان اوهان کي ٻڌائيندس ته ”جين“ ڪيئن ان ڍڳي سان صفائي ڪئي، جنهن هن کان بدلي وٺڻ جو وعدو ڪري ڇڏيو هو، ڇو جو ”جين“ به ڪا هن سان ٿوري جٺ نه ڪئي هئي. ”جين“ به خطرو ته محسوس ڪيو ٿي، تنهنڪري هو جڏهن به باغ مان ڪاٺيون کڻڻ ويندو هو ته، اڳ ۾ چئن ئي طرفن کان ڏسي پڪ ڪندو هو ته ڍڳو ته ڪونهي. هڪڙي ڏينهن هو سيهڙ کان، جو نزديڪ ئي رهندو هو، صلاح وٺڻ آيو، ۽ هن کي سارو مصيبت جو داستان ٻڌايائين.

سيهڙ چيس: ”مان جيڪي چوانءِ، اهو ڌيان سان ٻڌ، ۽ دل ۾ رک. ٻيلي ۾ وڃ، ۽ ڪنهن چٻري جو وڃي آکيرو ڳول. جمعي جي ڏينهن سج لهڻ مهل، ان آکيري مان چٻري جا ٽي آنا کڻي مون وٽ اچ. مان توکي انهن تي جادو پڙهي ڏيندس، ۽ بس، پوءِ جهڙي نموني تون چاهيندين، تهڙيءَ طرح تون ڍڳي کي مڃائيندين.“

”جين“ پوءِ چٻري جا ٽي آنا هٿ ڪري، سيهڙ وٽ کڻي ويو. سيهڙ ڪاريءَ ٻڪريءَ جو کير پڙهي، انهن آنن مٿان لڳايو، ”جين“کي سمجهايائين ته آنن کان ڪهڙي نموني ڪم وٺجي.

جيتوڻيڪ سيهڙ، ”جين“ کي خاطري ڏني هئي، تنهن هوندي به هو موٽندي جڏهن باغ وٽ آيو، تڏهن ڊڄي رهيو هو. هن چئن ئي طرفن کان ڏسي خاطري ڪئي، ۽ نيٺ صحيح سلامت اچي گهر پهتو.

ٻئي ڏينهن اوچتو ”جين“ ڪاٺيون به نه کنيون هيون، ته اچي ڍڳو ظاهر ٿيو. پري کان ئي ڍڳو رنڀندو ٿي آيو. ”اچ هليو،“ ”جين“ للڪاريندي چيس، ”اچ ۽ ڏس ته مان توکي ڪهڙو نه مزو ٿو چکايان!“ ڍڳي وٺي هن مٿان اڇانگ ڏنو، ۽ ’جين‘ وڻ تي چڙهي ويو، ڇو جو هن جي خيال موجب هو اتي وڌيڪ سلامت هو.

”هاڻي قابو ڦاٿو آهين. نيٺ ته هيٺ لهندين،“ ڍڳي چيس ۽ زور سان وڻ کي ٿونا هڻڻ لڳو.

”‘جين“ کي اچي ورتو کل، ۽ جيئن هو کلي رهيو هو،  تيئن ڍڳي جو غصو ويو ٿي وڌندو، ۽ گوڏن ڀر ويهي اهي جادوءَ جا لفظ اچارڻ لڳو، ۽ يڪدم هو ڍڳي مان ماڻهو ٿي پيو، جنهن جي هٿ ۾ هڪ تکي ڪهاڙي هئي.

”هيٺ لهين ٿو يا نه، بدمعاش؟ خواه مخواه وڻ وڍڻ جي تڪليف نه ڪراءِ، نه ته ياد رک، صفا ماري ڇڏيندوسانءِ!“

”وڍ، بلاشڪ وڍ، ڍڳا خان. مان به ته ڏسان ته تون ڪيئن ٿو وڍين!“ ”جين“ کلندي چيس.

ڍڳي ڪهاڙي وسائڻ شروع ڪئي، گـَـپِ- گـَـپِ- گپِ وڻ هڪ هڪ ڌڪ سان ڌڏي رهيو هو. ”جين“ ايتري ۾ هڪڙو چٻري وارو آنو ڪڍيو، ۽ سڌو هن جي ڪلهي تي ڦٽو ڪيو،- ۽ هن جي  ٻانهن ڪهاڙيءَ سوڌي وڃي پري پيئي. ڍڳي کي تنهان ئي وڌيڪ خار لڳا، ۽ ڏند ڪرٽيندي ڪهاڙي ٻئي هٿ ۾ کڻي، وري شروع ٿي ويو... گپ- گپ- گپ. ”جين“ ٻيو آنو هن جي ٻيءَ ٻانهن مٿان ڦٽو ڪيو،- ۽ اها ٻانهن به وڃي پري پيئي. ڍڳو غصي ۾ ڪهاڙي ڏندن ۾ جهلي وڻ کي وڍڻ لڳو........ گپ-گپ.

”اڃا نٿو مڙين- چڱو، هاڻ اصلي توکي هميشه لاءِ ختم ٿو ڪريان،“ ”جين“ هٿ ۾ ٽيون چٻري وارو آنو کڻندي چيو. هن اهو آنو سڌو هن جي مٿي تي اڇليو،- ۽ ڍڳي جي سري وڃي پري پئي، هن جون ٻانهون،سـِـر ۽ ڌڙ سڀيئي ٽپا ڏيڻ لڳا، جيئن نانگ باهه ۾ ٽپا ڏيندو آهي. ”جين“ کي، هن جي اهڙي بري حالت ڏسي، ڏاڍو رحم اچي ويو، ۽ هيٺ لهي هن جي ڀرسان بيهي، وري اهي جادوءَ جا لفظ اچاريائين ته يڪدم ٻانهون ۽ سر ٽپو ڏيئي ڌڙ کي چنبڙي ويا، ۽ اهو ماڻهو وري ساڳيوئي ڍڳو ٿي پيو، ۽ وٺي ڀڳو.

ان کان پوءِ، هن وري ”جين“ کي ڪا تڪليف نه ڏني، ڇو جو هن سمجهيو ته سندس جادوءَ جي سيهڙ جي جادوءَ اڳيان دال نه ڳرندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com