سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :17

 

اها ته اڃا شروعات هئي. تنهن کان پوءِ غيبي راڳ اچي اسان مٿان وارو وار ڪئي. ائين پئي وسهڻ ۾ آيو ته ڄڻ ڪنهن درياء ۾ سيلاب اچي ويو هو. هر ڪنهن قسم جو راڳ ٻڌڻ ۾ پئي آيو. سازن جي جدا جدا سرن تي ساري مخلوق نچي رهي هئي. عجيب گڏ وچڙ مجموعو هو. سيهڙ هئا، جيت جڻيا هئا، ۽ رڇ هئا، ۽ جهنگلي ٻلا هئا، ۽ ٻيا به ڪيترا نوان نوان جانور هئا. جي ان کان اڳ ڪڏهن به پهاڙ تي ڏسڻ ۾ نه آيا هئا. وڻ، ٽاريون، ٽڪريون - سڀ جدا جدا سرن تي نچي رهيون هيون. نچڻ وارن جي چوڌاري انڊلٺ جا طرحين طرحين رنگ نظر اچي رهيا هئا. سڀ مخلوق وڏيءَ مستيءَ ۾ ٽپي رهي هئي. هو پنهنجي مستيءَ ۾ سڀ ايترو ته محو ٿي ويا هئا، جو ڄڻ ته اجهوڪي اجهو ٿا دم ڏين. هڪڙي رڇڻي پنهنجن ٻچن سوڌي ايترو ته ناچ ۾ مست ٿي ويئي، جو ڪجهه وقت ته بيهوش پيئي هئي.

اسان جي اها حالت هئي، جو هرڪو ڪنهن نه ڪنهن ساز جي آواز سان نچي رهيو هو. ڳالهه اها آهي ته جڏهن غيبي راڳ شروع ٿيندو آهي، تڏهن اهو ڪو رواجي راڳ جيان ته نه هوندو آهي. اهو اوهان کي زوريءَ به نچائيندو ۽ اوهان کي ضرور نچڻوئي پوندو. جيڪڏهن اوهان نه نچندؤ، ته غيبي راڳ توهان سان ڏاڍو برو سلوڪ ڪندو- اهڙو سلوڪ، جهڙو هن ٻڍي پادريءَ سان ڪيو.

اهڙيءَ طرح اسين سڀ، ايل درياءَ جا واڍا، ڪنهن نه ڪنهن سر تي نچڻ لڳاسون. جمي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي نچندو رهيو- بانسري وڄائيندو رهيو ۽ نچندو رهيو. ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ هو راڳ ۾ جذب ٿي ويو آهي.

ماڻهو جوڙو جوڙو ٿي نچڻ لڳا. جن کي ساٿي نه پئي مليو، اهي ائين ئي ٻانهون ڦهلائي نچي رهيا هئا. هڪڙي ماڻهوءَ زور سان پنهنجي مضبوط چادر ڦاڙي، ٽڪريون ٽڪريون ڪري، هوا ۾ اڏائي ڇڏي- ڄڻ ڪڻڪ جا تهه اڏامندا پئي ويا.

ٻئي هڪڙي همراهه کي انهن جانورن مان هڪڙو باندر هٿ اچي ويو. ٻيئي هڪ ٻئي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، ۽  هڪدم هڪڙي جهنگلي ناچ ۾ محو ٿي ويا، جو ايل دريا جي رهاڪن ڪڏهن به نه ڏٺو هو. مان اوهان کي اهو ته ٻڌائي نه سگهندس ته مان پاڻ ڪهڙيءَ طرح نچيس. دراصل گهڻو تڻو مان ٻين جي ناچ ڏسڻ ۾ ئي محو هئس.

ڪاش! اوهان ڊگهي ۽ ٿلهي هينريءَ کي ڏسو ها، جيڪو گاهه جي ڍڳ کي ڀاڪر پائي نچي رهيو هو. پهريائين ته هينري ڪجهه حجاب ڪري رهيو هو، پر جيئن ئي هن جي پيرن ۾ مستي آئي، بس پوءِ ته قهر ڪري ڇڏيائين. گاهه جو ڍڳ هلڪو ۽ نرم هو، تنهنڪري ڏاڍو تڪڙو نچي رهيو هو. هو هينريءَ کي ڏسي هيٺ ٿي جهڪيو ۽ وري، سڌو ٿي ٿيو، پر ڇا مجال، جو جهڪڻ ۾ هن جو هڪڙو تيلو به جدا ٿئي. هينريءَ آخر هن کي زور سان پنهنجي سيني سان لڳايو، ۽ شاديءَ رات واريءَ محويت سان ٻنهي گڏجي وري نچڻ شروع ڪري ڏنو.

ٽوني بيور جو اهو حال هو، جو جا چيز به سندس اڳيان ٿي آئي، تنهن سان گڏجي نچڻ شروع ٿي ڪري ڏنائين. پهريائين پهريائين ته هو ٽڪريءَ جي هڪڙي ڀوري پٿر کي چنبڙيو رهيو، ۽ ٻيئي ناچ ۾ محوَ هئا. پر سچي ڳالهه اها آهي ته ٽڪريءَ جو اهو پٿر ڏاڍو ڳورو هو، جنهنڪري هر قدم تي موسيقيءَ جي سيلاب ۾ ڄڻ هن غوطا ٿي کاڌا، ۽ ان جي اهڙيءَ ڪيفيت جي اثر کان ڪيترا عجيب عجيب سر مينهن جي بوندن جيان وڃي ٿي ٻين مٿان ڪريا. مطلب ته سرن ۽ گيتن جي هن لڳاتار بارش سبب هر هنڌ هر ڪو زور زور سان پئي نچيو ٽپيو، ۽ جهوليو جهوميو.

ٽوني ڪجهه وقت ته ان پٿر سان گڏ نچندو رهيو، پر پوءِ ان کي ڇڏي وٺي ڀڳو. تنهن کان پوءِ هڪ نوريئڙن جي ٽوليءَ سان گڏجي نچڻ لڳو. نوريئڙا پنهنجا پڇ ڦيرائيندا، ٽپندا ڪڏندا، شور مچائيندا آيا هئا. هنن کان پوءِ، ٽوني وري هڪڙي جهنگلي ڪوئي ۽ ڏيڏرن سان نچيو. ان وقت، سازن تي، ”هليو ميان ڏيڏر شادي رچائڻ!“ وارو سر هلي رهيو هو. هنن کي ڇڏي، ٽوني وري هڪڙي وڻ سان نچيو، جو ساروئي گلن سان جهنجهيو پيو هو، جيتوڻيڪ ان جي گلن جي موسم هڪ مهينو اڳ ختم ٿي چڪي هئي. سفيد سفيد گلن سان جهنجهيل وڻ ڪنهن خوبصورت ڪنوار جيان نظر اچي رهيو هو. هن جون شاخون مختلف سرن تي مختلف نموني جهومي رهيون هيون. وڻ سان نچڻ کان پوءِ، ٽوني هر چيز سان، جا به سندس سامهون ٿي آئي، نچڻ لڳو. جڏهن ڪو ساٿي نه پئي مليس، ته اڪيلو ئي ٽپندو ڪڏندو، جهومندو رهيو. ڪئمپ ۾ هڪڙو منڊڙو ڇوڪرو هو، جنهن کي ٽوني ڏاڍو ڀائيندو هو. هو به سڀني کي نچندو ڏسي، پاڻ روڪي نه سگهيو، ۽ منڊڪ منڊڪ ڪندو، رڙيون ۽ واڪا ڪندو، اچي پهتو: ”مان به، ٽوني، مان به نچندس!“

”هائو دوست، تون به هن غيبي راڳ ۾ نچي سگهين ٿو!“ ائين چئي، ٽونيءَ کڻي ڀاڪر وڌس. پوءِ ته ٻئي نچڻ ٽپڻ لڳا، هر سر تي قلابازيون ڏيڻ لڳا. هر نئين سر تي لڙڪڻ لڳا. مون کي ته حيرت وٺي ويئي، جو اهو منڊو ڇوڪرو ته وري سڀني کان گوءِ کڻي ويو!

ان وقت اهڙو ته عجيب نظارو هو، جو اوهان شايد ئي ڪڏهن ڏٺو هجي. انسان ۽ جانور غيبي راڳ جي هر سر سان جدا جدا نچندا نظر اچي رهيا هئا. سرندي وارو جمي، جو سامهون ٽڪريءَ تي بيٺو هو، سو سرندو به وڄائي رهيو هو ۽ نچي به رهيو هو، ۽ پاڻ کي سڀ کان زياده سرخرو ڪرڻ لاءِ زور زور سان رڙيون به ڪري رهيو هو.

مختلف قسمن جا ماڻهو، جيڪي عجيب سرن تي نچي رهيا هئا، تن کي ڏسي، خودبخود کل ٿي آئي. ڳالهه ڇا آهي ته غيبي راڳ اوهان کي پاڻمرادو نچائيندو آهي، ۽ توهان کي ڪابه ڪوشش ڪرڻي ڪانه پوندي آهي. هر ماڻهو پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪونه ڪو راڳ ۽ سر پسند ڪندو آهي ۽ نچڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. مثلاً: ڪانڊيرن جا ننڍڙا ٻوٽا، جي هر ڪنهن ڪلراٺيءَ زمين ۾ اوهان کي نظر ايندا، سي توتن جي وڻ جي گرد نچي رهيا هئا- انهن جا ننڍڙا ننڍڙا پن هڪ ٻئي سان ملي، تاڙيون وڄائي رهيا هئا ۽ ننڍڙا ننڍڙا ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا.

جڏهن ٻارن جا سـُـر شروع ٿيا، ته سڀ جانور پنهنجين پوين ٽنگن تي اٿي بيٺا ۽ پنهنجا پڇ ڊگها ڪيائون ۽ ميلن تائين ائين ئي نچندا ويا. اهي جانور ايڏا ته وڏا ۽ طاقتور هئا، جو وڻن کي لتاڙي ڇڏيائون ۽ ٽڪرين جي ڪيترن پٿرن کي لتن سان پري ڌڪي ڇڏيائون. مان شرط رکڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن ڪو اها ڳالهه ثابت ڪري ته ٻارن جي سر تي نچڻ جو مزو ڪڏهن ڪنهن به موقعي تي هن کان زياده ٿيو هوندو.

اها ڳالهه به ڌيان سان ٻڌو ته جڏهن به غيبي راڳ جو آغاز ٿئي، ته اوهان کي به يڪدم نچڻ شروع ڪري ڏيڻ گهرجي، نه ته اوهان جو حشر به ٻڍي پادريءَ جهڙو ٿيندو. غريب ٻڍو پنهنجي روح کي ڏاڍو قيمتي سمجهندو هو ۽ ان کي محفوظ رکڻ لاءِ هر ممڪن جتن ڪندو هو. هو ائين سمجهندو هو ته جيڪڏهن هن جي روح کي ڪو نقصان پهتو، ته هو ٻيءَ دنيا ۾ ڪهڙو منهن وٺي ويندو! جڏهن هن وڻن ۽ ٻوٽن کي پاڻ ڏانهن نچندو ايندو ڏٺو ۽ غيبي راڳ جي اچڻ جو آواز ٻڌو، تڏهن هن سمجهيو ته ضرور ڪانه ڪا مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي ۽ هڪدم ڀرسان بيٺل صنوبر جي وڻ ۾ لڪي بيهي رهيو. هن جي مذهبي ويچار موجب نچڻ گناهه هو، ۽ نچڻ سان انسان جو روح ناپاڪ ٿئي ٿو. پر اها ڳالهه ته مان اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان ته غيبي راڳ انسان کي خودبخود نچڻ تي مجبور ڪندو آهي، ۽ ڪوئـِـي کڻي ڪيتري به ڪوشش ڪري، پر ان کان پاڻ بچائي اصل نه سگهندو. ويچاري پادريءَ جا پير خودبخود هيٺ مٿي ٿيڻ لڳا. پهريائين هڪڙو سر وڳو، تنهن کان پوءِ ٻيو سر شروع ٿيو، جنهن هن جي بدن ۾ ڪتڪائي شروع ڪئي، ۽ هن جا پير خودبخود سر جو ساٿ ڏيڻ لڳا. هن وٺي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون: ”منهنجو پاڪ روح- منهنجو پاڪ روح!“ پر هن جا پير نچڻ کان باز نه آيا. هرهڪ نئين سر سان سندس پير نچڻ لڳا. غريب جي حالت ڏاڍي رحم جوڳي هئي.  وڻ کي چنبڙي، هن پنهنجو روح نچڻ جي آلائش کان پاڪ رکڻ ٿي چاهيو. هن جا هٿ وڻ ۾ مضبوط پيا هئا، پر سندس پير هوا ۾ ناچ ڪري رهيا هئا. پهريائين ته هڪڙي ٽنگ پئي هيٺ مٿي ٿيس، پر پوءِ ٻيءَ ٽنگ به پهرينءَ جو ساٿ ڏيڻ شروع ڪيو. جيئن ٻلي پاڻيءَ ۾ پير پسائڻ کان پوءِ هنن کي زور زور سان ڇنڊيندي آهي- ساڳي حالت غريب پادريءَ جي هئي. هن جو ٻيو هڪڙو ساٿي ته اڳ ئي موسيقيءَ جي هن دريا ِّ ۾ وهي ويو هو. سندس اُن غريب دوست ۾ ايتري قوت ئي ڪٿي هئي، جو ان جو مقابلو ڪري سگهي!

پر جلد ئي صنوبر جي وڻ پڻ هن جو ساٿ ڇڏي ڏنو. جڏهن راڳ ڏاڍو زور وٺي ويو، تڏهن وڻ به زور سان ڪر ساهيا، ۽ پاڙن سوڌو زمين مان نڪري آيو. هن جون ٽاريون مختلف سرن تي جهومڻ لڳيون، ۽ ويچارو غريب پادري ان ۾ چنبڙي هيڏانهن هوڏانهن اڏامڻ لڳو.

دراصل ڳالهه ادا اها آهي ته ويچاري صنوبر پنهنجي روح کي محفوظ رکڻ جي ڪابه ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ ڏاڍي شوق سان هو به ناچ ۾ شامل ٿي ويو. اهو نظارو سچ پچ ڏسڻ وٽان هو. وڻ نچي رهيو هو، ۽ غريب پادري وڻ ۾  ٻانهون وجهي لٽڪي رهيو هو. سندس ڊگهو ڪوٽ هوا

۾ ڦڙ ڦڙ ڪري رهيو هو ۽ هو ويچارو پنهنجي روح جي ناپاڪ ٿيڻ تي رڙيون ڪري رهيو هو. هو وڻ سان گڏ نچڻ لاءِ تيار نه هو، پر جيئن جو هو ان کي چنبڙيو پيو هو، تنهن ڪري ان کي ڇڏي به نه ٿي سگهيو. ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو، ته ڄڻ وڻ کي به هن سان گڏجي نچڻ پسند نه هو- ڇو جو هو مختلف قسم جا وارا ڦيرا ڪري هن کان جان ڇڏائڻ جي ڪري رهيو هو. جيڪڏهن پادري چالاڪيءَ کان ڪم نه وٺي ها، ته وڻ هن کي ڇني پٽي اڇلائي ها يا چيڀاٽي ماري ڇڏي ها. اها ته اوهان کي خبر هوندي ته صنوبر جو وڻ ڪيڏو نه وزندار هوندو آهي. ليڪن غريب وڻ ڪيستائين هن نڪمي ۽ بي همٿ انسان جو ساٿ ڏئي. وڻ هڪ زور سان لوڏو کاڌو ۽ ٻڍي پادريءَ جا هٿ ڇڏائجي ويا. ۽ هو راڳ جي ميدان کان پري ٽڪريءَ تي وڃي ڪريو. ان کان پوءِ صنوبر جي وڻ پنهنجون شاخون شاهه بلوط جي وڻ سان ملايون ۽ ٻئي مزي سان نچڻ لڳا. هو ٻئي ايڏو ته زور سان نچي رهيا هئا، جو پگهر ۾ شل ٿي ويا.

ويچارو پادري پٿرن مٿان ڪنجهي رهيو هو. هن جو سـَـنڌ سـَـنڌ سور ۾ چيچلائي رهيو هو، ۽ هو دانهون ڪري رهيو هو: ”اڙي منهنجو پاڪ روح! منهنجو پاڪ روح..... ناپاڪ ٿي ويو!“ ۽ هو هيٺ واديءَ ۾ غيبي راڳ ۾ ناچ ڪندڙن ڏانهن ئي گهوري رهيو هو، ڄڻ ته اتي پنهنجو پاڪ روح ڳولي رهيو هو. نچندڙ سڀني ماڻهن ۽ جانورن هن جون دانهون ٻڌي، ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا، ۽ کلي کلي کيرا ٿي پيا، ۽ اهڙو وٺي نئون ناچ شروع ڪيائون، جو ڄڻ ته هن جو ويل روح تلاش ڪري رهيا هئا! هنن سڀني هڪڙي ننڍي ڪافي ٺاهي:

پادريءَ جو پاڪ روح!

ڪنهن ڏٺو؟ ڏس ڪو ڏئي!

- ۽ ڪافي سازن جي سر تي شروع ٿي ويئي. ٽوني بيور ڪافيءَ جي مصرع کڻڻ شروع ڪئي. هو ۽ منڊو ڇوڪرو نچندا هينريءَ جي ڀرسان وڃي پهتا، جو گاهه جي ڍڳ سان گڏجي نچي رهيو هو. راڳ جو آواز پکڙبو ويو، ۽ سڀيئي- هينري ۽ گاهه جو ڍڳ، نوريئڙن جي جماعت- سڀ هڪ ٻئي اڳيان جهڪندا، ڪافيءَ جا ٻول اچاريندا ٿي ويا.

پادريءَ جو پاڪ روح!

ڪنهن  ڏٺو؟ ڏس ڪو ڏئي!

نوريئڙن پنهنجن پڇن کي اڀو ڪيو، ۽ سڀيئي اها ڪافي چوڻ لڳا..... تان جو سڀيئي وڻ ٽڻ جيت جانور سڀ اها ڪافي وڏي آواز ڳائڻ لڳا. اهي سڀيئي ڪافيءَ جي ڌن ۾ ايترو ته مست ٿي نچڻ لڳا، جو ڄڻ ته هنن جو دماغ ئي ڦري ويو هو. ڳالهه آهي ته عجيب، پر حقيقت اها آهي ته ڳائڻ ۽ نچڻ مهل سڀ کان زياده کل روح جي ناپاڪ ٿيڻ جي خيال تي ايندي آهي.

ان ساري عرصي ۾ سرندي وارو جمي ٽڪريءَ تي چڙهيو، انسانن ۽ حيوانن جو هي سرمدي ناچ ڏسي رهيو هو. هڪڙي سر جي بند ٿيڻ کان پوءِ، ٻيو سر هن جي ويجهو اچي ٿي گذريو ۽ هن کي ڪيئي سڏ ٿي ڪيائين، پر هو اڪيلو بيٺو رهيو، ۽ بيٺي سرندو وڄايائين ۽ ناچ ڪيائين. آخر هڪڙو ڏاڍو شاندار نغمو شروع ٿيو. اسان ايل درياءَ جي جاهل رهاڪن اهڙو پيارو سر راڳ ڪڏهن به نه ٻڌو هو. اهو راڳ وچ وٽ نرم ۽ نازڪ هو، مٿيان سر قرمچي ۽ هيٺيان سر ڀورا هئس. ان راڳ بجليءَ جيان اچي اسان مٿان چمڪاٽ ڪيا- ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ سڌو آسمان جي دروازن کان آيو آهي، ايئن ئي معلوم ٿيو ته ڄڻ ساري ڪائنات جو روح ان ۾ سمايل هو. ان سر کي ايندو ڏسي، سرندي واري جميءَ رڙ ڪئي: ”مان هتي آهيان!“ ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن اهڙيءَ ته محبت ڀريءَ نظر سان ڏٺو، جو ڄڻ ته ازل کان وٺي هڪ ٻئي جا دوست هئا، ۽ جمي ڇلانگ ڏيئي ان سر ۾ سمائجي ويو. سر جي رفتار ۾ ڪوبه فرق نه پيو، ۽ ان سرندي واري جميءَ کي پنهنجي گود ۾ کنيو، ۽ جهومندي اڳتي وڌي ويو. باقي سڀ سر ۽ راڳ پوئتي هٽي ويا، ۽ نچڻ وارا پڻ پوئتي  هٽي ويا، ۽ هنن ٻنهي جي چوڌاري انڊلٺ جيان پکڙجي ويا. بس ان کان پوءِ.... ان کان پوءِ..... سارو کيل ختم ٿي ويو. جيئن ئي اهو عجيب سر بس ٿيو، تيئن راڳ جا سڀ سر پاڻ ۾ گڏجي غائب ٿي ويا، ۽ اهو غيبي راڳ جتان آيو هو، اوڏانهن روانو ٿي ويو. ان جو سارو آواز ۽ سارو نظارو غائب ٿي ويو، ۽ اها جڳهه، جتان هو ظاهر ٿيو هو، سا به بلڪل غائب ٿي ويئي. سڀ جانور ۽ جيت جهنگل ڏانهن ڀڄي ويا. وڻ وري ساڳيوئي زمين ۾ کپي ويا. صرف چند ٽڪرين جا پٿر، هڪڙو وڻ، جو ساروئي گلن سان جهنجهيو پيو هو- جيتوڻيڪ گلن جي موسم کي مهينو کن گذري ويو هو- گاهه جا ٻه چار تيلا ۽ ٻڍي پادريءَ جي بيمار جسم کان سواءِ، پوئتي ڪجهه به نه بچيو. سرندي واري جميءَ کي اسان وري ڪڏهن به نه ڏٺو. اسان کي ڪو افسوس ڪونه هو، ڇو جو جڏهن هو ان وڏي سر سان نچندو وڃي رهيو هو، تڏهن ڏاڍو خوش ٿي نظر آيو.

اسان مان هر هڪ پاڻ کي آزاد ۽ خوش خرم محسوس ڪري رهيو هو. بد مزاجي ۽ گاريون بلڪل ختم ٿي چڪيون هيون. اسان ماڪ جي بوند ڏٺي هئي، ۽ غيبي راڳ سان گڏ ناچ ڪيو هوسين، ۽ اسين سڀ ٻين ماڻهن کان پاڻ کي بلند ۽ بهتر محسوس ڪري رهيا هئاسون.

ان کان سواءِ ٻي هڪ چيز ظاهر ٿي. جيئن ئي اسين سڀ دم پٽي رهيا هئاسون ۽ هڪ ٻئي لاءِ دل ۾ محبت جو جذبو محسوس ڪري رهيا هئاسون، ته اوچتو منڊڙو ڇوڪر رڙيون ڪندو آيو: ”ٽوني، مون کي ڏس، مون کي ڏس!“

جڏهن اسان سڀني ان طرف ڏٺو، تڏهن عجب جي ڪا حد ئي نه رهي سون- ڇو جو اهو منڊڙو ڇوڪرو ڊوڙون پائيندو اچي رهيو هو. هن ڪڏهن ٽپا پئي ڏنا، ڪڏهن قلابازيون ٿي کاڌائين. ڳالهه اها هئي ته غيبي راڳ هن جي منڊي پير کي ٺيڪ ڪري ڇڏيو هو، ۽ هن جا ٻئي پير ٺيڪ نظر اچي رهيا هئا.

”ڏس، ٽوني، مون کي ڏس!“ هو رڙيون ڪندو رهيو، ۽ ٽپا ڏيندو رهيو.

بس غيبي راڳ جي هيءَ عجيب ڪرامت ڏسي، اسان سڀني نعرا هنيا، ۽ ٽونيءَ ڇوڪري کي ڪلهن تي چاڙهيو، ۽ هڪ دفعو وڌيڪ هو عجيب نموني نچڻ لڳو هن ڇوڪري کي ڪلهن تان لاهي، ٻانهن ۾ کنيو، ۽ ڇوڪرو هڪڙي عجيب ڪافي ڳائڻ لڳو: ”مان ته گهمي سگهان، مان نچي سگهان ٿو، ٽوني مان به تو وانگر گهمي ڦـِـري سگهان ٿو.“

”وني“ خوش ٿي، مان تو جئن، گهمي ٿو سگهان!

نچي ٿو سگهان، مان ٽپي ٿو سگهان،

او........ نچي ٿو سگهان!.......

او ....... ٽپي ٿو سگهان!........

ڳالهه اصل ۾ اها هئي ته اهو منڊو ڇوڪرو غيبي راڳ سان گڏ نچيو هو. نه هو ٿڪجي ويٺو هو، نه ته ڪا بي تـُـڪي ڳالهه ئي وچ ۾ ڪئي هئائين، ۽ وڏيءَ خوشيءَ سان غيبي راڳ جو آدر ڀاءُ ڪيو هئائين.

توهان به ان ڳالهه جو خيال رکو، ۽ ائين ڪيو. جيڪڏهن غيبي راڳ اچي وڃي، ته يڪدم نچڻ شروع ڪيو، ۽ جيڪڏهن ناچ ڪرڻ کان نابري واريندؤ، ته توهان جو حال پڻ ٻڍي پادريءَ جهڙو ٿيندو. هن غريب جا ڏاڍا برا حال ٿيا. ڪوٽ سندس ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، ۽ سندس مٿي جا وار ڇڻي ويا، ۽ ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين هن جي مٿي تي وري ڪو وار نه اڀريو.

جيڪڏهن پڙهڻ وارن کي مون تي ڪو اعتبار ڪونهي، ته بس اوهان لاءِ اهو ڪافي ٿيندو، جو اوهان خود ايل درياءَ تي وڃو، ۽ اتي اوهان کي هرڪو ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي اها جڳهه ڏيکاريندو، جتان غيبي راڳ آيو هو. اوهان کي پوءِ ئي يقين ايندو ته ڳالهه ائين ئي آهي، جيئن مون اوهان کي ڪري ٻڌائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com