از : فرئنڪ بي لـِـنڊرمـَـن
نوريئڙي جي پوشاڪ
ڪهڙي نه عمدي هئي اها جهوپڙي! ڪيڏو ته شان وارو ٿي لڳو ”جنگي
عقاب“، جيئن ئي هو باهه جي شعاع ڀرسان ٽيڪ ڏيو
ويٺو هو! ٽپائي جنهن تي هو ٽيڪ ڏيو ويٺو هو، تنهن
مٿان سندس هٿيار ۽ دوائن جو ٿيلهو رکيو هو، جن جي
بناوت مان ڪاريگر جي ڪاريگري بکي رهي هئي. بٿي،
جنهن ۾ تير پيا هئا، تنهن سان ڪمان رکڻ جو مياڻ پڻ
ڳنڍيل هو. بـِـٿيءَ ۾ سيڙهه جا رنگين ڪنڊا اهڙيءَ
ته ڪاريگريءَ سان پوتل هئا، جو ان کي هڪ بيحد حسين
۽ دلڪش شيءِ بڻائي ڇڏيو هئائون. سڄيءَ جهوپڙيءَ
اندر رنگين چٽسالي ٿيل هئي، ۽ باهه جي شعاع انهن
رنگن کي تهان ئي وڌيڪ حسن ٿي بخشيو. ”جنگي عقاب“
جا وار سڀئي برف جيان سفيد هئا، ڇو جو هن جي ڪافي
عمر هئي، جنهن ۾ هن ڪيئي برفاني سيارا گذاريا هئا.
ايڏيءَ عمر هوندي به جڏهن هن پنهنجن پوٽن ۽ پٽن
ڏانهن، جي باهه جي چوڌاري ويٺا هئا، ڏٺو پئي، ته
سندس اکيون پڻ ڇوڪرن جي اکين جيان تيز ۽ روشن ٿي
نظر آيون. هو ڏاڍو سياڻو ۽ مدبر شخص هو. هن پنهنجي
زندگيءَ ۾ ڪيترين لڙاين ۾ بهرو ورتو هو، ڇو جو هو
جنگجو قوم جي نسل مان هو. هن کي عموماً ساريءَ
دنيا ۽ اتان جي رهواسين جي ڄاڻ هئي. هو مذهب جو
سخت پابند هو، ۽ هرڪو ٻار کيس سندس بهادريءَ جي
ڪارنامن ۽ چڱيءَ هلت سبب ڀائيندو هو.
باهه جي چوڌاري ڪل چار ٻار ويٺا هئا، جن مان هڪڙو ”ننڍو وڇڙو“
هو، جو يارهن ورهين جو هو، ۽ هن جي ڀيڻ ”پاڻيءَ
ڀنل نيڻ“، جنهن جي عمر نـَـوَ ورهيه هئي، ۽ ٽيون
هنن جو سوٽ ”عمدي ڪمان“، جو ڏهن ورهين جو هو، ۽
چوٿين هئي ”نيرو پکي“، سندن سوٽِ، جا اٺن ورهين جي
هئي.
ٻڍو بهادر پنهنجي سلفيءَ ۾ تماڪ ڀري رهيو هو، ۽ ٻارن ٻڙڪ به نه
ٿي ڪڇي، ۽ جهوپڙيءَ جي اهڙي سناٽي ۾ صرف باهه جي
ڄرڪڻ جو آواز ٻڌجي رهيو هو. ”جنگي عقاب“ سلفيءَ ۾
بيد مشق جي ڇوڏن سان مليل تماڪ وجهي دکايو. ڪيترا
منٽ هو خاموشيءَ ۾ وزم مٿان وزم ڀريندو رهيو، ۽
هوڏانهن ٻارن جون اکيون انتظار ۾ ڦاٽي رهيون هيون.
آخر گهڻي انتظار کان پوءِ خاموشيءَ کي ٽوڙيندي، هن
چيو:
”پوڙهو آدم واقعي تمام پوڙهو آهي. هن هيءَ دنيا ۽ جيڪي ڪجهه ان
۾ آهي، سو سڀ ٺاهيو ۽ بنايو. هو ڏکڻ کان آيو ۽ اتر
ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ويندي ويندي هي پکي ۽ جانور
جوڙيندو ويو. هن خوشبوءَ ٺاهي، ته جيئن هوائون ان
کي هيڏانهن هوڏانهن پکيڙي ڇڏين، ۽ هن ڪيترن قسمن
جا رنگ ٺاهيا، ته جيئن ماڻهو انهن کي ڪم آڻين. هو
هڪ هڏ ڏوکي پورهيت هو، پر هو، جيئن مان اڳتي هلي
اوهان کي ٻڌائيندس، وڏو ڪوڙو ۽ چور به هو. اهو هي
ساڳيو ٻڍو آهي، جنهن کان لڌڙي ايڏي چالاڪي سکي، ۽
رڇ کي سياري ۾ برف ۾ سمهي پوڻ جي صلاح به هن ئي
ڏني هئي. ڪاٺ ڪٽي جي چهنب، جا پهريان ٻئي نموني جي
هئي، تنهن کي ڊگهو ۽ نوڪدار به هن ئي بڻايو هو.
اهو ٻڍو آدم اول هن دنيا ۾ انهن پکين ۽ جانورن سان
گڏ گذاريندو هو. هو چيهي جي ٻولي سمجهي سگهندو هو.
رڇ جي رڙين کي سمجهڻ جو علم پڻ هن کي هو. لڌڙي جا
اشارا پڻ سڃاڻي ويندو هو. هو بگهڙن سان گڏ رهندو
هو، ڇو جو هو وڏا شڪاري آهن - ۽ اها ڳالهه ته ان
مان ئي صاف ظاهر آهي ته اڄ ڏينهن تائين اسين ڪنهن
چالاڪ ۽ ڦڙت ماڻهوءَ کي بگهڙ سان مشابهت ڏيندا
آهيون. اهڙيءَ طرح هو انهن سان گڏ گذاريندي، هنن
کي گهڻو ڪجهه سيکاريندو رهندو هو. ٻڍي آدم شين کي
ٺاهڻ ۾ ڪافي غلطيون ڪيون، جيئن جو اوهان کي اڳتي
هلي خبر پوندي. پر شاباس آهي هن جي اورچائيءَ کي،
جو جيستائين اهي هن جي خيال موجب ٺيڪ نه هونديون
هيون، تيستائين هو ڪوشش ڪندو هو، ۽ بريون ڳالهيون
به سيکاريندو هو. اهي سموريون ڪنهن ڏينهن اوهان کي
ٻڌائيندس. هرڪو هـِـن پوڙهي جي چالاڪين ۽ ڪوڙن کان
ڊڄندو هو، ان حد تائين جو هن مردن ۽ عورتن کي
ٺاهيو، تنهن کان اڳ، جانور به هن کان ڪنبندا هئا.
هو اسان ماڻهن جي جهوپڙين ۾ ايندو هو، ۽ اسان لاءِ
ڌاڍيون تڪليفون پيدا ڪندو هو. آخر جڏهن هو اعتدال
جون حدون ٽپي ويو، تڏهن وڏو آدم- جو تمام وڏو آهي-
ان مٿان ڏاڍو ناراض ٿيو، ۽ هڪ ڏينهن گلن جي موسم ۾
هن ٻڍي لاءِ هڪ جهوپڙي ٺاهي، کيس حڪم ڪيائين ته هو
هميشه لاءِ اتي رهي. ٻڍي آدم کي حڪم مڃڻو پيو. اڄ
ڏينهن تائين ڪنهن کي به پتو ڪونهي ته اها جهوپڙي
ڪٿي ٺاهي ويئي هئي، ۽ ڪهڙي ملڪ ۾، ۽ اهوئي سبب
آهي، جو اڄ ڪلهه اسان کي هن بابت ڪو به پتو ڪونه
ٿو پوي، جيئن اڳ اسان جي وڏن کي پڪ ئي پڪ خبر
هوندي هئي.
”مان جيڪي ڪجهه هاڻ اوهان کي ٻڌائڻ وارو آهيان، اهو ان وقت واقع
ٿيو، جڏهن دنيا جوان هئي. اونهاري جو اهو بهترين
ڏينهن هو، جڏهن ٻڍو ٻيلي ۾ سفر ڪري رهيو هو. هو
سڌو ئي سڌو ڪنهن تير جيان ۽ تکو تکو اتر ڏانهن وڃي
رهيو. نه ڪجهه ٻڌڻ لاءِ ڌيان ٿي ڏنائين، نه ڪنهن
چيز ڏانهن نهاريائين ٿي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي
به پتو ڪونهي ته هو ان ڏينهن ڪنهن جي پوئتان هو.
جهنگ جا پکي ۽ ماڻهو هن سان ڏاڍو نرميءَ سان پيش
آيا، مگر هن ڪنهن ڏانهن به ڌيان نه ڏنو. ڪوريئڙو،
جيڪو ٻين جي مشغولين ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو آهي،
تنهن هن کان پڇيو ته هو ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، پر
ٻڍي ڄڻ ته ڪجهه ٻڌوئي ڪونه. ڪاٺ ڪٽي زور سان سڪل
وڻ ۾ پنهنجي هٿوڙيءَ جهڙي چهنب ٺڪاءُ ڪرائي، ته
جيئن ٻڍي جو ڌيان ڇڪجي، پر هن نهاريو به ڪونه.
هرڻن ۽ سامبرن هن کي ويندو ڏٺو، ۽ چيائون ته ضرور
هن ڪا حرڪت سٽي آهي، ورنه هو ضرور هنن وٽ ترسي
ڪجهه نه ڪجهه رهاڻ ڪري ها. وڻن ۽ ٻوٽن پنهنجي ڀڻ
ڀڻ جهڙي آواز ۾ هن کي ڪيئي سلام ڪيا، پر هن جون
نظرون سڌيون ئي سڌيون هيون ۽ ڪيڏانهن نه لڙيون. هو
پنهنجو سفر جاري رکندو هليو.
”سج هيٺ وڃي پهتو هو، جڏهن ٻڍي ڪنجهڻ جو آواز ٻڌو (”جنگي عقاب“،
ٻارن کي ڪنجهي ڏيکاريو ته هو ٻڌن ته ڪيئن آواز ٿيو
هو)، پٺ ورائي ڏٺائين، ته ٿڌي پاڻيءَ جي چشمي
ڀرسان هڪ زخمي ٿيل سپاهي پيو هو، جنهن جي زخمن مان
خون وهي رهيو هو. ٻڍو زخميءَ جي نزديڪ ويو، ۽ جهڪي
هن کان پڇيائين: ”هن ملڪ ۾ لڙائي آهي ڇا؟“
”هائو“، هن جواب ڏنس. ”اڄ سارو ڏينهن اسين هڪ ماڻهوءَ کي مارڻ
لاءِ لڙندا رهيا آهيون، پر اسين سڀ مارجي ويا
آهيون.“
”عجب آهي“ ٻڍي وراڻيو. ”هڪڙو ماڻهو ڪيئن ايترن سارن ماڻهن کي
ماري سگهندو؟ اهو ڪير آهي؟ سندس نالو ته ٻڌاءِ؟“
پر هن ڪوبه جواب نه ڏنو، ڇو جو ڳالهائيندي
ڳالهائيندي مري چڪو هو.
”جڏهن ٻڍي ڏٺو ته زخميءَ جو ساهه پرواز ڪري ويو آهي، تڏهن چشمي
مان پاڻي پي اتر ڏانهن روانو ٿيو. اوچتو پري کان
هن ڄڻ ته ماڻهن جي وڙهڻ جا آواز ٻڌا. هو ڪن ڏيئي،
ٻڌڻ لڳو. آخر گهڻو پري نهر جي ڀرسان، جا ٻيلي ۾
وهي رهي هئي، هن ٻوٽن کي لڏندو ۽ جهڪندو ڏٺو. هو
ريڙهيون پائيندو، ان جاءِ ڏانهن سـُـرندو ويو، ۽
ٻوٽن جي اوٽ وٺي ليئو پائي ڏٺائين ته هڪڙو ديو
جهڙو ماڻهو لاشن جي ڍڳ ڀرسان ديال جي وڻ کي ٽيڪ
ڏيو بيٺو آهي. هو تيرن سان جهنجهيو پيو هو، ۽ انهن
کي زور سان پنهنجي بدن مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي رهيو هو.
خاموشيءَ ۾ تيرن جا ڳن ڀڃندو، ويو ٿي ڦٽا ڪندو، ۽
پنهنجي بـَـج ڀريل هٿ سان، بدن مان جو خون نڪري
رهيو هوس، تنهن کي بند ڪري رهيو هو. هن جو مٿو وڏو
۽ خوفناڪ هو. هن جون اکيون ننڍڙيون پر بد نيتيءَ
سان ڀرپور هيون. هن جو بيڊولو بدن، جيڪو پاڏي کان
به ٿلهو هو، ساروئي اڳين لڙاين جي زخمين جي نشانن
سان ڀريو پيو هو.
”ٻڍو“ پنهنجي مينهن جي سڱ جو پيالو پاڻيءَ سان ڀري، هن ڏانهن
ويو. ويندي ويندي هن کان پڇيائين:
”تون ڪير آهين، ادا؟ ٻڌاءِ، ته مان توکي هڪ عمدي سوکڙي ڏيندس،
ڇو جو تون وڏو بهادر ٿو ڏسڻ ۾ اچين.“
”مان (وچڙندڙ) بيماري آهيان،“ هن جواب ڏنو.”جن قومن سان به مان
دوبدو لڙيو آهيان، سي اڃا تائين مون کي ياد ڪنديون
آهن، ۽ هنن جا وڏي ۾ وڏا بهادر به مون کان ڪنبندا
آهن.“
”واهه! ٻڍي چيو، اهو ته ٻڌاءِ ته اها بيماري دشمنن کي ڪيئن
وچڙائجي؟ ڇو جو مون کي پڻ ڪيترائي دفعا لڙائيءَ تي
وڃڻو پوندو آهي. اهو هن ڪوڙ ڳالهايو هو، ڇو جو هو
ڪڏهن به لڙائيءَ تي نه ويو هو. ان ديو ماڻهوءَ
پنهنجو بدشڪل سر ڌوڻيو. تنهن تي ٻڍي چيس:
”جيڪڏهن تون مون کي بيماري وچڙائڻ جو راز ٻڌائيندي، ته مان ان
جي بدران توکي ننڍڙو ۽ حسين بڻائيندس. هاڻي جو تون
ايڏو اجايو ٿلهو آهين، تنهنڪري توکي پيٽ ڀرڻ لاءِ
ضرور سخت محنت ڪرڻي پوندي هوندي، پر جي نه تون
ننڍڙو ٿي وئين، ته ٿورڙو کاڌو کائيندي ته ڍؤ ٿي
ويندئي. تنهنجي روزي سولي ۽ سهنجي ٿي پوندي، ڇو جو
پوءِ تنهنجو کاڌو مان جتي ڪٿي پکيڙي ڇڏيندس.
”ڏاڍو سٺو، ديو جهڙي ماڻهوءَ چيو، مان توکي ٻڌايان ٿو: هرڻين ۽
سامبرن جا ٻچا، جيئن ئي هو پيدا ٿين، توکي مارڻا
پوندا. جڏهن چڱو انداز مارين، ته پوءِ انهن جي کلن
مان هڪڙو ڪڙتو ٺاهڻو پوند“، ۽ اهو ڪڙتو پائي تون
جيڪڏهن هي اکر اچاريندين: ”توهان هاڻ بيمار ٿيو،
توهان هاڻ بيمار ٿيو، ته بيماري اچي ويندي. بس
اهوئي آهي سمورو راز.“
”چڱو، هاڻ تون سمهه ته مان پنهنجو انجام پاڙيان.“ ٻڍي چيس.
”پوءِ اهو ديو جهڙو ماڻهو سمهي پيو، ۽ ٻڍي پنهنجو ساهه هن مٿان
ڦوڪڻ شروع ڪيو. هو مٿس ساهه ڦوڪيندو ويو، ڦوڪيندو
ويو- تان جو هو ايترو ته سنهون ۽ ننڍڙو ٿي ويو، جو
ٻڍي کي کـِـل اچي ويئي ته هو ڪيڏو نه ننڍو ٿي ويو
آهي. جڏهن هو بنهه ننڍڙو ٿي ويو، تڏهن ٻڍي پنهنجي
ڳوٿري کولي، ۽ ان مان رنگ ڪڍي هن جي پٺيءَ تي ڪارا
۽ پـِـيلا پٽا ڪڍيائين. پٽا ڏاڍا سهڻا ۽ چلڪڻا ٿي
نظر آيا. ٻڍي هن ديو جهڙي ماڻهوءَ کي اٿاريو، جو
ديو مان ڦري، هڪ جهڳٽيدار پڇ وارو سهڻو جانور ٿي
پيو هو!
”هاڻ، ٻڍي چيس، ”تون نوريئڙو آهين، ۽ هميشه اهوئي پٽن وارو ويس
پائڻو پوندءِ. تنهنجو اولاد ۽ تنهنجي اولاد جو
اولاد سڀئي اهڙوئي ويس ڍڪيندا.“
”نوريئڙي پنهنجي مٿان نظر ڦيرائي، ۽ ٻڍي جا نئين پوشاڪ پهرائڻ
لاءِ شڪرانا ادا ڪيائين. هن ٻڍي کان پنهنجي کاڌ
خوراڪ لاءِ پڇيو. ٻڍي ٻڌايس ته: ”جڏهن اکڙوٽ جي وڻ
جا پن پـِـيلا ٿي وڃن، تڏهن تون اکڙوٽ کائي ڇڏيندو
ڪج، ڇو ته هاڻ تنهنجي اهائي خوراڪ آهي: ۽ پوءِ
توکي سياري جي کاڌي لاءِ محنت ڪرڻي ڪانه پوندي“.
”تون نور جو سؤٽ آهين“ وري ٻڍي کيس ٻڌايو. ”تون هن وانگر لڪي
لڪي شڪار ڪندين، ۽ جي منهنجي چوڻ تي عمل ڪندين، ته
ڪڏهن به بک ڪونه مرندين.“
پوءِ هن نوريئڙي کي ٻولي ۽ اشارا سيکاريا. هن کي اها جڳهه به
ڏيکاريائين ته هو ڪٿي رهي، ۽ تنهن کان پوءِ هو هن
کي اتي ڇڏي، اهوئي اتر طرف ڏانهن روانو ٿي ويو. هو
هرڻين ۽ سامبرن کي هٿ ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن
ڏسندو ٿي ويو. ٿورڙي ئي وقت ۾، هن ڪيترا هرڻين ۽
سامبرن جا ٻچا ڪڙتي بڻائڻ لاءِ ماريا. هرڻين ۽
سامبرن جو هٿ اچڻ انهيءَ وقت ۾ ڏاڍو سولو هو، ڇو
جو ماڻهن جي اچڻ کان اڳ هن ڌرتيءَ تي صرف جانور ئي
جانور رهندا هئا. نهر جي نزديڪ ٻڍي کي ڇانو واري
جڳهه نظر آئي، ۽ اتي ويهي، هن اهو ڪڙتو ٺاهيو، جهن
کي پهرڻ سان ۽ ان عجيب منتر اچارڻ سان بيماري پيدا
ٿي سگهي ٿي. پر ڪڙتو صفا لسو، ۽ ناسي رنگ جو ٺهيو.
ٻڍي کي اهو لسو ڪڙتو پسند نه آيو. اوچتو هن کي ياد
آيو ته جڏهن نوريئڙي جي پٺي هن چٽي هئي، تڏهن اهي
چٽ ڪهڙا نه وڻندڙ پئي لڳا! هن پنهنجي رنگن واري
ڳوٿري ڪڍي، ۽ ڪڙتي کي ساڳين رنگن سان چٽي، نوريئڙي
جي پٺيءَ جهڙو سهڻو بڻايائين. هو پنهنجو هنر ڏسي،
گهمنڊ ۾ ڀرجي ويو. نئون ڪڙتو هن کي ڏاڍو وڻيو ٿي،
پر جيئن ته هو ڪم جو ڏاڍو سست هو، تنهنڪري تڪليف
کان بچڻ لاءِ هن ڏکڻ جي هوا کي سڀني هرڻين ۽
سامبرن جي سڏڻ لاءِ موڪليو. جيئن ئي هنن کي ٻڍي جو
حڪم پهتو، تيئن هو سڀ اچي حاضر ٿيا، ڇو جو هو ٻڍي
کان ڊڄندا هئا، ۽ هر وقت هن کي راضي رکڻ جي ڪوشش
ڪندا هئا. جڏهن سڀ هرڻيون ۽ سامبر ان جڳهه تي اچي
سهڙيا، جت ٻڍو ويٺو هو، تڏهن ٻڍي کين چيو:
”توهان هيءُ ڪڙتو ڏسو ٿا؟“
”جي هائو، اسين ڏسون ٿا.“
”چڱو، اهو مون اوهان جي ٻارن جي کلن مان تيار ڪيو آهي، ۽ انهيءَ
کي نوريئڙي جي پٺيءَ جيان چٽيو اٿم، ڇو جو نوريئڙي
جي پوشاڪ مون کي ڏاڍي وڻندي آهي. مون کي پنهنجي
زندگيءَ ۾ اهڙن ڪيترن ڪڙتن جي ضرورت پوندي، ۽ مان
نٿو چاهيان ته هر دفعي جڏهن مون کي ڪڙتي ٺاهڻ جي
ضرورت پوي، تڏهن پنهنجو قيمتي وقت ان کي رڱڻ ۾
ويهي ضايع ڪريان، تنهنڪري اڄ کان پوءِ اوهان جي
ٻارن کي ڄمڻ مهل هميشه چـِـٽن واري پوشاڪ پهريل
هوندي، سڀني هرڻين جي ٻچڙن کي سفيد تلڪ هوندا،- -
اجهو هينءَ (”ٻڍي هنن کي اهو بيماريءَ وارو چٽيل
ڪڙتو ڏيکاريو)، ۽ سڀني سامبرن جي ٻارن کي سفيد نه
پر پيلا تلڪ هوندا، جي هڪ ٻئي جي پويان قطارن ۾
هوندا“ وري به ٻڍي پنهنجو بيماريءَ جو ڪڙتو هنن کي
ڏيکاريو ته جيئن هو چڱيءَ طرح ڏسن ته هن کي ڪهڙي
قسم جا چٽ کپندا هئا.
”ياد رکو“ ٻڍي چـَـيـُـنِ، ”اڄ کان پوءِ، جيئن مان اوهان جي
ٻارن کي اها لسي ۽ اڻ چٽيل پوشاڪ پهريل نه ڏسان،
ڇو جو پوءِ مون کي چٽن ڪڍڻ جي اجائي تڪليف ڪرڻي
پوندي. هاڻي وڃو، ۽ جيڪي ڪجهه مون اوهان کي چيو
آهي، سو چڱيءَ طرح ياد رکجو، نه ته اوهان سڀني کي
بيماريءَ ۾ وڪوڙي ڇڏيندس.“
هرڻيون ۽ سامبر ڏاڍو خوش ٿيا، ته هنن جي ٻارن جي پوشاڪ اڄ کان
پوءِ سهڻي ۽ وڻندڙ ٿيندي. هو گد گد پنهنجن ٻارن
ڏانهن روانا ٿيا، جي ڊگهي گاهه ۾ لڪا بيٺا هئا، ته
جيئن شينهن ۽ بگهڙ هنن کي سولائيءَ سان لهي نه
سگهن. اوهان کي خبر هوندي ته هرڻين جي ٻچن جي پيرن
۾ بانس ڪانه ٿئي، تنهنڪري ئي بگهڙ ڪنهن اڪيلي
هرڻيءَ جي ٻچڙي جو پيڇو نه ڪري سگهندو آهي. اهڙيءَ
طرح پيدا ڪرڻ وارو سڀني ڪمزورن جي پڻ پر گهور
لهندو آهي، ۽ اها ڳالهه سڀني ٻيلي جي رهواسين کي
به معلوم آهي.
”هاڻي اوهان کي خبر پئجي ويئي هوندي ته نوريئڙي جي پٺي چٽيل ڇو
آهي، ۽ هرڻين ۽ سامبرن جي ٻچڙن جي پوشاڪ مٿان چٽ ۽
تلڪ ڇو هوندا آهن. چٻرا ٻولي رهيا آهن، ۽ سڀني
ٻارن جي سمهڻ جو وقت اچي ٿيو آهي. ٻار - اهي، ٻار،
جي وڏي هوندي بهادر ۽ جنگجو ٿيندا. سڀني عورتن جي
آرام ڪرڻ جي مهل ٿي آهي. هنن کي به آرام ڪرڻ
گهرجي، ورنه سندن حسن، آرام کان سواءِ، هميشه لاءِ
ختم ٿي ويندو، هان!“ |