از: پرسـَـي مئڪي
اکڙوٽن جو وڻ
چاچي، ڪهڙو نه لذيذ کاڌو اڄ رات کارايو اٿيئي! مان اهڙي کاڌي
جي خوشيءَ ۾ اوهان کي اکڙوٽ جي وڻ جي ڪهاڻي ٻڌايان
ٿي. تون چاچي، مون کي هتي باهه تي ٻارن سان
ويهاري، پاڻ سمهڻ ٿي وڃين ڇا؟
”هائو، مان وڃان ٿي سمهڻ. تون ٻارن کي آکاڻي کڻي ٻڌاءِ، پر اِهي
جهنگلي آکاڻيون انهن کي نه ٻڌائيندي ڪر!“
نه چاچي، مان ته هنن کي سچيون آکاڻيون ٻڌائيندي آهيان. چڱو، شب
بخير (۽ ڇٽي تو مان جند!)
ٻارڙو! اسين وري اڄ رات پاڻ ۾ گڏ ٿيا آهيون. تون بيٽسي، منهنجي
گوڏن کي ٻه چار زور ته ڏي!
گاڏي ٿيندي تيار،
پاڻ ۾ ڪري پيار-
هلنداسين هن پار.... پري پري.
تون منهنجو ٿـَـڪُ ٿي لاهين، يا ماس پٽي مرڳو ٿي مارينم!
خبردار، سڌي ٿي زور ڏي!
هائو، چاليهن سالن کان وٺي منهنجو ڏند ڪڏهن ٿورو به نه ڌڏيو
آهي. تون کڻي هٿ لائي ڏس! لوهه جي ڪوڪن وانگر سخت
۽ شيشي جي گلاس جيان چمڪندڙ آهن! مان اُنهيءَ وڻ
جو ڇوڏو هنيو هو ڏندن کي- انهيءَ اکڙوٽ جي وڻ جو
ڇوڏو!
توهان کي اعتبار نه ٿو اچي؟ چڱو، مان اوهان کي ساري ڳالهه
ٻڌايان ٿي. ڪن کولي ويهو! منهنجن هوڙن کي چتائي
ڏسو. منهنجن هوڙن جي مضبوطيءَ جو باعث اها ڪهاڙي
آهي، جيڪا مون کي برف وسڻ واري سال هٿ آئي هئي. ان
سال برف ڏاڍي وسي هئي. زمين جي مٿاڇري کان اڻٽيهه
فوٽ برف مٿي بيٺي هئي. هاڻي ته ايتري وسي ئي ڪانه.
سچ پڇو ته مان اوهان کي پنهنجي ملڪ جي تاريخ
ٻڌايان ٿي. توهان چپ ڪري ٻڌندؤ به، يا صرف
ڳالهائيندا رهندؤ؟
ڪيڏي نه اٿاهه برف هئي-- سياري جي موسم ۽ ٻارنهن ڏينهن لڳاتار
برف وسندي رهي هئي. ناتال جي پهرئين ڏينهن جي صبح
کان وٺي، ويندي نئين سال جي صبح تائين-- اهي سڀ
ڏينهن برف وسندي رهي هئي.
ٻاهرينءَ دنيا بابت جيڪا پهرين خبر پوءِ مون تائين پهچي سگهي،
سا هئي ته لومڙيءَ جا سرديءَ ۾ مري ويل ٽي ٻچا،
باهه ۾ ڪرڻ کان پو”، وري زنده ٿي پيا هئا ۽ منهنجي
سامان واريءَ ڪوٺيءَ ۾ ڪوئا ماري رهيا هئا. مون
يڪدم ڏاڪڻ کنئي ۽ ڪوٺيءَ تي چڙهيس. اڃا در مس
کوليم ته لومڙي منهن پئجي ويئي، جا پنهنجن ٻچن جي
ڪيل شڪار جي معائني ڪرڻ لاءِ هنن جي پويان وڃي رهي
هئي. مون هن کي دعوت ڏني ته هوءَ ٻچن سميت هي هفتو
منهنجي مهمان ٿي رهي. ان ساري هفتي ۾ مون هن کي
نوريئڙن مارڻ جون سڀ ترڪيبون سيکاري ڇڏيون--
انهيءَ خيال سان ته هوءَ مون لاءِ وڏي مدد ٿي
پوندي، جيئن جو سياري ۾ نوريئڙا به مشڪل سان ملندا
آهن ۽ سڪل مڇي به اهڙي سوادي نه ٿيندي آهي، ۽ اهڙن
ڏينهن ۾ لومڙ جو گوشت هروڀرو خراب نه لڳندو آهي.
هڪڙي ڏينهن صبح جو، مون لومڙيءَ جي ٻچن کي مکڻ جي چاڏيءَ ۾
وجهي، هٿيڪو ڪري ڇڏيو.
”ادي لومڙي!“ مون چيو، ”مون تنهنجا سڀيئي ٻچا هتي قابو ڪيا آهن،
۽ انهن کي تڏهن ڇڏينديس، جڏهن تون هيترا نوريئڙا
ماري ڏيندينءَ. سو اها ڳالهه ياد رک، ۽ پنهنجون
سڀيئي حرفتون هلائي، نوريئڙا ماري اچ.“
پوءِ، سامان جي ڪوٺي کولي، بندوق ۽ ڪهاڙي کڻي، ٻاهر وڃڻ لاءِ
دروازو کوليم. نوريئڙن جي شڪار ڪرڻ واري لومڙي،
منهنجن پيرن جي نشانن کي سنگهندي، منهنجي پويان
اچي رهي هئي.
ڪوٺڙيءَ جي اوندهه کان نڪري ٻاهر ٿيس، ۽ مار....! ٻاهر ته برف
وسي رهي هئي. برف ايڏي ته زور سان پئي وسي، جو
منهنجون ته اکيون ئي بند ٿي ويون. ساري دنيا ڄڻ ته
برف جي گود ۾ سمائجي چڪي هئي. وڻ ٽڻ سڀ برف جي
غلاف هيٺان آرامي هئا. برف جا رنگين ترورا چو طرف
ڦهليل هئا.
ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، صرف ٻه جبل نظر اچي رهيا هئا، جي
چمٽي جي ٻانهن جيان واديءَ ۾ اچي ٿي هڪ ٻئي سان
مليا.
”ادي“، مون لومڙيءَ کي چيو، ”اهي جبل ته پڪ ئي پڪ ’ڪارو‘ جبل ۽
’پائين‘ جبل آهن، پر اهي وڻ ڪيڏانهن ويا، جي ناتال
کان اڳ اتي ٻيلو ٺاهيو بيٺا هئا؟“
ايتري ۾ مون اک ٽيٽ ڪري ڏٺو ته پري ئي پري، ’پائين‘ جبل جي
چوٽيءَ تي مون کي هڪڙو اڪيلو وڻ نظر آيو. ڏسڻ ۾
ائين پئي آيو ته ڄڻ اکڙوٽن جو وڻ آهي، پر سڄي وڻ
مٿان ڄڻ ته ڪنهن ڪڪر جي ڪاراڻ ڇانيل ٿي نظر آئي.
”ڀيڻ، پاڻ سنڀال!“ مون لومڙيءَ کي چيو، ”سامهون هڪڙو وڻ نظر اچي
رهيو آهي. پنهنجن ٻچن کي ياد ڪر، جي مکڻ جي چاڏيءَ
۾ بند پيا آهن. هنن کي آزاد ڪرائڻ جو موقعو هيءُ
اٿيئي!“
اسان ترڪڻيءَ برف جي تهه مٿان گهمندا، سڌو اوڏانهن رخ ڪيو. ادي
لومڙي پنهنجا ننهن برف ۾ کپائيندي، ڏاڍيءَ
خبرداريءَ سان گهمي رهي هئي، ۽ مان پنهنجن رٻڙ جي
ٺهيل پادرن ۾ پير کپايو، آهستي آهستي وڃي رهي هيس.
پادرن جو ترو ساروئي ڏنگو ٿي، ڏاٽي جي گولائيءَ
جيان ٿي ويو هو. سيءَ سڪائي وڌو هو ۽ هوا ان ڏينهن
ڄڻ ته ڏنگي رهي هئي. ساهه ٻاهر ڪڍڻ سان، جا منهن
مان هوا ٿي نڪتي، سا برف جو تهه ٺاهي اڳيان ٿي
بيهي رهي، ڄڻ ته آءٌ منهن مان برف اڇلائي رهي هيس.
منهنجي نڪ کان وٺي ڪنن تائين برف جا چاڻا ٺهي ويا
هئا. انهن حالتن هوندي به اسان جبل جي چوٽيءَ تي
چڙهڻ شروع ڪيو.
”زيخل“! سچ پڇين ته اهڙا ڏينهن صرف شڪار ڪرڻ لاءِ ئي قدرت رنگين
بڻائيندي آهي! مان ته اهڙو ڏينهن ڏسي حيران ٿي
ويس!
”ادي لومڙي، پنهنجي نڪ کي تيار رک!“ مون هن ڏانهن نهاريندي چيو.
”نوريئڙا ڪٻٽ ۾ ڪونه پيا اٿئي! توکي انهن لاءِ
سارو ملڪ نوسڻو پوندو.“
۽ ٻڌو! سامهون اکڙوٽڻ جو وڻ بيٺو هو. ان سڀني ٽارين کي نوريئڙا
ائين چنبڙيا پيا هئا، جيئن ماناري کي مکيون چهٽيون
پيون هونديون آهن.
سمجهين ٿي ”بيٽسي“؟ اهي سڀ برف جي ڊپ کان وٺي ڀڳا هئا. ٻارهن
ڏينهن ڀلا لڳاتار برف وسندي رهي هئي، ۽ وڻن جون
چوٽيون ئي برف اندر دٻجي ويون هيون، تنهن سبب اها
ساري نوريئڙن جي قوم، اَجهي ڳولڻ لاءِ هڪ وڻ کان
ٻئي وڻ تائين ڊوڙندي رهي هئي. جيئن جيئن برف جي
اوچائي وڌندي ويئي، تيئن تيئن هو به اوچي جڳهه
ڳولي اتي بسيرو ڪندا رهيا. آخر هو سڀ هن وڻ ۾ اچي
ڪٺا ٿيا هئا، ڇو جو هن وڻ جي چوٽي برف جي تهه کان
گهڻو مٿي هئي.
”ٺا- ٺا-“. مون ڪهاڙيءَ جي ڌڪن جو وڻ جي ٿڙ تي وسڪارو شروع ڪري
ڏنو، ۽ نوريئڙا ٽارين ۾ وچڙندا، سڀ اچي برف تي
ڪريا ۽ اتيئي ڄمي يخ ٿي ويا. مون سڀني جا پڇ هڪ
ٻئي سان ٻڌي قابو ڪيا، ۽ آخري نوريئڙي جو پڇ اديءَ
لومڙيءَ جي پڇ سان ٻڌي ڇڏيم، ۽ پوءِ اسان اها ايڏي
ڊگهي ريل ڪاهينديون گهر ڏانهن روانيون ٿيونسين.
اڃا ٻه چار قدم مس کنيم، ته دل مان آواز آيو: ”ترس، اهو اکڙوٽن
جو وڻ آخري وڻ آهي، جيڪو برف ۾ دفن ٿي نه سگهيو
آهي. چڱو ائين ٿيندو ته تون هن جا ڇوڏا لاهي وٺ،
توکي اهي سياري جي برف رجڻ تائين، باهه ٻارڻ جي ڪم
ايندا.“
”واه جي ڳالهه ڪئي اٿيئي!“ مون پاڻ کي پاڻ چيو.
پوءِ اهو وڻ وڍي مون هيٺ ڪيرايو، ۽ ان جون سڀ ٽاريون ڇانگي
ڇڏيم. ٽڪر جي هڪ پاسي مون ان جا ڇوڏا لاهڻ شروع
ڪيا. جڏهن آخري ڇوڏو لاهي رهي هيس، ته اوچتو اهو
لسو ٿڙ، ٽڪر جي پاسي تان ترڪيو، ۽ هيٺ ماٿريءَ
ڏانهن گهـِـرڪڻ شروع ڪيائين. مون ان جي هڪڙي ڇيڙي
کي زور سان جهليو، پر مان پاڻ ئي مرڳو ان سان گڏ
گهلجي ٿي ويس. جي اديءَ لومڙيءَ جي وارن ۾ هٿ نه
ڦٻي، ته جيڪر مان به هن سان گڏ - گهرڪندي وڃان ها.
اهو لسو ٿڙ برف جي تهن تان اهڙو ته تڪڙو گهرڪي
رهيو هو، ڄڻ ته بجليءَ جي لهر ڊوڙندي ٿي ويئي.
اهو وڻ جو ٿڙ سڌو ئي پائين جبل تان گهرڪيو ۽ وري ڪاري جبل تي
ڇوه ۾ چڙهي ويو ۽ وري اتان گهرڪيو ۽ ماٿريءَ جو
ترو پار ڪري، وري ڇوه ۾ پائين جبل تي چڙهيو. مان
هٿ وجهي جهليانس ئي جهليانس، تنهن کان اڳ ئي اهو
وري ساڳيءَ تيز رفتار سان، برف جي فرش تان ترڪندو
هيٺ هليو ويو. اهڙيءَ طرح اهو ڪاري جبل کان پائين
جبل تي ۽ پائين جبل کان ڪاري جبل تي لهندو ۽
چڙهندو رهيو. ان کي اهڙيءَ طرح لهندو چڙهندو ڏسي،
مون ته ائين سمجهيو ته شايد قيامت تائين اهو
گهڙيال جي لڏڻي جيان ڪڏهن هن پاسي ته ڪڏهن هن پاسي
لڏندو ئي رهندو.
هر دفعي گهرڪڻ سان ٿڙ جي ٿولهه گهٽجي رهي هئي، پر اهو هر دفعي
پاڻ کي روڪڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪري رهيو هو. هيٺ لهڻ
واري تيزيءَ ان کي باهه جهڙو گرم ٿي ڪري ڇڏيو، پر
مٿي چڙهڻ واريءَ گهٽ رفتار ان کي ساڳيو ٿڌو ڪري ٿي
ڇڏيو، ۽ واري واري سان مٿس برف جو تهه وري ٿي ويو.
ان حال ۾ ٿڙ اچي خاتمي جي قريب ٿيو، ۽ جيئن چنڊ مٿان اونده جا
ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن، تيئن ان مٿان به خاتمي جا
ڪرڻا ڇانئجي رهيا هئا. اوچتوئي هوا جو رخ بدلجي
ويو، ۽ اتر جي بدران اها ڏکڻ کان گهـُـلڻ لڳي، ۽
برف ڳرڻ شروع ڪيو. مان ۽ ادي لومڙي، نوريئڙن جو
ٽلهو پاڻيءَ ۾ تارينديون، ڇاٻڙ ڇاٻڙ، ڪنديون وٺي
گهر ڏانهن ڀڳيونسين.
اهڙيءَ طرح مون آخري اکڙوٽ جي وڻ جا ڇوڏا بچايا، ۽ انهن کي گهر
کڻي آيس، جن سان ڏند صاف ڪندي آهيان.
”هانڪي“! هي نوريئڙن جي چمڙي مان ٺهيل ٽوپي ڏسين ٿي؟ اها
نوريئڙن جي ان ٽلهي جي آخري نشاني آهي، جنهن جي
اڳواڻي اديءَ لومڙيءَ ڪئي هئي.
۽ هن جا ٻچا؟- هائو ابا، ٻچن کي سندن ماءُ جي محنتن بچائي ورتو،
۽ تنهن کان پوءِ اسان جي ملڪ ۾ نوريئڙن جي شڪاري
لومڙن جا ٻچا هميشه اهڙين مکڻ جي چاڏين ۾ پلجڻ
لڳا.
ٻارڙو! توهان ٿورڙو ويچار ته ڪيو ته جيڪڏهن ان برف واري ڏينهن
مان گهران بوٽ پائي نه نڪران ها، ته جيڪر ڪهڙي
حالت ٿيم ها، منهنجو ته هوند محشر رلي وڃي ها،
جيڪڏهن ان ٿڙ سان گڏ مان به پائين جبل تان ترڪي
پوان ها ۽ ساڳيءَ طرح مان به لسيءَ برف مٿان ڪڏهن
هيٺ ڪڏهن مٿي ترڪندي وڃان ها! مان ته سمجهان ٿي ته
جيڪر برف سان گسي گسي، بنهه هن “زيخل” جيڏڙي ننڍڙي
ٿي وڃان ها، بلڪ ان کان به ننڍڙي،- ۽ منهنجي ماءُ
مون کي هوند هنج ۾ جهلي ويهي ٿڃ پياري ها!
پوءِ ته هنن پنهنجن ڏندن کي پڪي ڪرڻ ۽ چلڪائڻ جي نوبت ئي مون
لاءِ نه اچي ها!
ڪنجوس عورت*
هڪڙي دفعي هڪڙي ٻڍي عورت هئي، جا اهڙي ته ڪنجوس هئي، جو ايتريءَ
ساريءَ دولت هوندي به هوءَ سڪن ٽڪرن ۽ پاڻيءَ لپ
تي پيئي گذران ڪندي هئي. هن کي هڪڙي وڏي چمڙي جي
ٿيلهي هئي، جا ڪنن تائين سون ۽ چانديءَ سان ڀريل
هئي. اها ٿيلهي هن باهه جي بخاريءَ ۾ اندر لڪائي
رکي هئي. هن وٽ سون ۽ چانديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه
ڪونه هو. هن جون نوڪرياڻيون هميشه ان تاڙ ۾
هونديون هيون ته ڪٿان هن جي دنيا هٿ لڳي وڃي!
ڪنجوس عورت کي پڻ کڙڪ پئجي ويئي، تنهن ڇا ڪيو، جو
سڀني نوڪراڻين کي ڪڍي ڇڏيائين، ۽ پٽ کي موڪليائين
ته ڪنهن ڏورانهين ديس مان ڪا اهڙي ڇوڪري وٺي اچي،
جنهن کي هن جي دولت جي ڪابه خبر نه هجي. ڇوڪرو
ويو، ۽ ٻئي ڏينهن هن کي هڪڙي ڇوڪري آڻي ڏنائين،
جنهن هنن کي ڏاڍي سٺي ماني ڪري کارائي. ماني کائڻ
کان پوءِ پوڙهيءَ عورت کي ڪنهن سان ملڻ لاءِ وڃڻو
هو، ۽ وڃڻ کان اڳ ڇوڪريءَ کي سڏ ڪري چيائين: ”هن
بخاريءَ ۾ اندر متان ليئو پائين!“ بس اڃا پوڙهيءَ
در کان ٻاهر پير ئي مس پاتو، ته ڇوڪريءَ بخاريءَ
ڏانهن رخ رکيو. لڪڙو کڻي بخاريءَ ۾ اندر
لنگهايائين ۽ وٺي لڪڙي کي ڦيرائڻ شروع ڪيائين. اڃا
ٻه ٽي ڦيرا مس ڏنائين، ته چمڙي جي ٿيلهي اچي پٽ
پيئي. ٿيلهي جو کولي، ته ساري سون ۽ چانديءَ سان
ڀري پيئي آهي! بس ٿيلهي بغل ۾ دٻائي، هوءَ گهر مان
نڪري هلي ويئي.
رستي ۾ هن کي هڪڙي ڳئون ملي. ڳئونءَ هن کي چيو: ”اڙي او سهڻي
ڇوڪري! اچ، منهنجـو کيـر ته ڏهـي وٺ! مـنهـنـجـي
ٿڻـن ۾ ڏاڍو سـور آهي.“ --
”مان ڄڻ واندي آهيان، جو ويهي تنهنجا ٿڻ هلڪا ڪريان. مون کي پاڻ
پري سمنڊ تي وڃڻو آهي.“
خير، هوءَ رستو وٺي هلندي رهي. ٿورو پنڌ مس ڪيائين، ته هن کي
هڪڙو بيمار گهوڙو گڏيو. گهوڙي هن کي چيو: ”او سهڻي
ڇوڪري! منهنجي هيءَ ڦٽيل پٺي نه جيڪر ڌوئي صاف
ڪرين؟“ – ”مون کي وقت ئي ڪونهي، جو تنهنجي گدليءَ
پٺيءَ کي صاف ڪرڻ ۾ ويهي وقت ضايع ڪريان. مون کي
پاڻ جلد سمنڊ تي پڄڻو آهي.“ اڃا ٿورو پنڌ مس
ڪيائين، ته هڪڙو بادام جو وڻ مليس، جنهن جون
ٻانهون بادامين جي بوج کان هيٺ جهڪي ويون هيون. وڻ
چيس: ”اچ ادي، ڪجهه باداميون ته پٽ، ۽ منهنجي
ٽارين کي ڪجهه هلڪو ته ڪر، ته جيئن آرام وٺن.“ –
”مون کي ڪهڙي پيئي آهي، جو ويهي تنهنجون باداميون
پٽيان. مون کي وقت ڪونهي. مون کي پاڻ جلد سمنڊ تي
پهچڻو آهي.“
جڏهن ڪنجوس عورت گهر واپس آئي، تڏهن ڏٺائين ته ڇوڪري غائب هئي.
هن بخاريءَ ۾ ليئو پائي ڏٺو، ته ٿيلهي به غائب! بس
هن به کڻي رستو ورتو. روئندي ۽ پاراتا ڏيندي، رستي
تان ڊوڙ وڃي رهي هئي. ڏاڍيان رڙيون ڪري چئي رهي
هئي: ”گهل ڙي! ڦـُـر ڙي! منهنجو سون ۽ چاندي
ٿيلهيءَ سوڌو کڻي ويئي!“ رستي ۾ هن کي ڳئون گڏي-
”ادي ڳئون! ادي ڳئون! هتان ڪا ٿليهيءَ سان ڇوڪري
ته لنگهندي نه ڏٺئي!“ ”ڀڄ پوڙهي ڀڄ، اجهو ٿي
پڄينس! اجها هاڻي پئي وڃئي!“ – ”گهل ڙي! ڦر ڙي!
منهنجو سون ۽ چاندي ٿيلهيءَ سوڌو کڻي ويئي!“
پوڙهيءَ اڃا ٿورو پنڌ مس ڪيو، ته بيمار گهوڙو
گڏيس. ”ادا گهوڙا! ادا گهوڙا! هتان ڪا ٿيلهيءَ سان
ڇوڪري ته لنگهندي نه ڏٺئي؟“ --- ”ڀڄ پوڙهي ڀڄ،
اجهو ٿي پڄينس! اجها هاڻي پيئي وڃئي!“ --- ”گهل
ڙي! ڦر ڙي! منهنجو سون ۽ چاندي، ٿيلهيءَ سوڌو کڻي
ويئي!“ ٿورو وقت پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، هن کي بادام جو
وڻ مليو. ”ادا وڻ، ادا وڻ! هتان ڪا ٿيلهيءَ سان
ڇوڪري ته لنگهندي نه ڏٺئي!“ – ”ڀڄ پوڙهي ڀڄ، اجهو
ٿي سمنڊ تي پڄينس! اجها هاڻي پيئي وڃئي!“ -- گهل
ڙي! ڦر ڙي! منهنجو سون ۽ چاندي، ٿيلهيءَ سوڌو کڻي
ويئي!“ پوڙهي تڪڙو تڪڙو ڊڪندي، اچي سمنڊ جي ڪناري
تي پهتي ۽ اچي ڇوڪريءَ کي پڪڙيائين. پوءِ ڇوڪريءَ
کي چنبا هڻي، ڌڪو ڏيئي، سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيائين.
اهڙيءَ ريت، پوڙهي پنهنجي ٿيلهي هٿ ڪري، گهر اچي پهتي، جتي هوءَ
پوءِ ڪافي وقت نوڪرياڻيءَ کان سواءِ ئي رهندي هئي.
آخر هڪڙي ڏينهن هن وري پنهنجي پٽ کي ڪنهن اهڙيءَ
ڇوڪريءَ آڻڻ لاءِ چيو، جنهن کي هن جي دولت جي ڄاڻ
نه هجي. ڇوڪري آئي، جا ٻڍيءَ کي ڏاڍي پسند پيئي.
ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، ٻڍيءَ کي هڪڙي ڏينهن
ڪيڏانهن ٻاهر وڃڻو پيو، ۽ وڃڻ کان اڳ هن ڇوڪريءَ
کي چيو: ”مان وڃان ٿي پنهنجي ساهيڙيءَ سان گڏجڻ.
منهنجي وڃڻ کان پوءِ ان بخاريءَ ۾ اندر نه
ڏسجان“.جڏهن پوڙهيءَ پٺ ڏني، تڏهن ڇوڪريءَ جي دل ۾
بخاريءَ کي ڏسڻ جي آنڌ مانڌ شروع ٿي. هن ڊگهو لڪڙو
کنيو ۽ بخاريءَ ۾ اندر ڦيرائڻ لڳي. هن جو لڪڙو
ڦيرائڻ، ۽ ٿيلهي اچي هيٺ پيئي. هن ٿيلهي کولي ڏٺي،
جا سڄي سون ۽ چانديءَ سان ڀري پيئي هئي. ٿيلهي کڻي
هوءَ گهر کان ٻاهر نڪتي. رستي ۾ هن کي اهائي پوڙهي
ڳئون ملي. ”اچ منهنجي سهڻي ڇوڪري، منهنجا ٿڻ ڏُهي،
مون کي سور کان ته ڇڏاءِ!“ – ”مون کي وقت ئي
ڪونهي، جو تنهنجا ٿڻ ڏُهان. مون کي درياءَ جي پار
وڃڻو آهي.“ هوءَ ائين چئي، اڳتي رواني ٿي. واٽ تي
گهوڙو مليس. ”اچ منهنجي سهڻي ڇوڪري، منهنجي هيءَ
ڦٽيل پٺي ته صفا ڪر!“ – ”مون وٽ وقت رکيو آهي ڇا،
جو تنهنجي ڦٽيل پٺي بيهي صفا ڪريان. مون کي درياءَ
پار وڃڻو آهي“ هوءَ گهوڙي کي ڇڏي اڳتي رواني ٿي.
ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، هن کي بادام جو وڻ مليو.
”اچ منهنجي سهڻي ڇوڪري، منهنجي ٽارين مان هي
باداميون ته پٽ. منهنجي رڳ رڳ سور ۾ چيچلائي رهي
آهي.“ – ”مان وري واندي آهيان ڇا، جو تنهنجون
باداميون بيهي پٽيان. مون کي درياءَ جي پار وڃڻو
آهي.“
جڏهن هوءَ ڪنجوس عورت گهر آئي، تڏهن اچڻ سان پهريائين بخاريءَ ۾
ڏٺائين، پر هتي ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا هئا.
”گهوڙا ڙي! گهل ڙي! منهنجو سمورو سون ۽ چاندي،
چمڙي جي ٿيلهيءَ سوڌو کڻي ويئي.“ هن وري کڻي رستو
ورتو. هوءَ ڳئونءَ وٽ آئي. هن کان پڇيائين: ”ادي
ڳئون، ادي ڳئون! تو ڪا چمڙي جي ٿيلهيءَ سان ڇوڪري
لنگهندي ڏٺي؟“ – ”هائو، اجها هوءَ ٿي وڃئي. بس ڄاڻ
هن کي پهتينءَ.“ – ”گهوڙا ڙي! گهل ڙي! منهنجو
سمورو سون ۽ چاندي، چمڙي جي ٿيلهيءَ سوڌو کڻي
ويئي.“ رستي ۾ هن کي گهوڙو مليو. ”ادا گهوڙا، ادا
گهوڙا! تو ڪا چمڙي جي ٿيلهيءَ سان ڇوڪري لنگهندي
ڏٺي؟“ – ”هائو، اجها هوءَ ٿي وڃئي. بس ڄاڻ هن کي
پهتينءَ.“ – ”گهوڙا ڙي! گهل ڙي! منهنجو سمورو سون
۽ چاندي، چمڙي جي ٿيلهيءَ سميت کڻي ويئي.“ هوءَ
سڌو بادام جي وڻ وٽ آئي.
”ادا وڻ، ادا وڻ، تو ڪا چمڙي جي ٿيلهيءَ سان ڇوڪري لنگهندي
ڏٺي؟“- ”هائو، اجها ٿي سمنڊ ڏانهن وڃئي. بس ڄاڻ هن
کي پهتينءَ!“ پوڙهي وٺي ڀڳي، ۽ وڃي هن کي
پڪڙيائين. چوٽيءَ کان وٺي، ٻه چنبا هڻي، درياءَ ۾
ڌڪو ڏيئي ڇڏيائينس. هوءَ ٿيلهي کڻي گهر ڏانهن
رواني ٿي. هن پڪو پرن ڪيو ته ڇو نه هن کي رک جي
ماني ۽ ڪنو پاڻي پيئڻو پوي، پر هوءَ رهندي اڪيلي،
۽ ڪابه نوڪرياڻي هوءَ نه رکندي.
ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، هن جو پٽ وري ڪنهن طرف ويو، جتي هن
کي ڪوبه سڃاڻندو نه هو، ۽ اتان هڪڙي ڇوڪري وٺي
آيو. پوڙهي گهر کان ٻاهر اصل نه نڪرندي هئي، پر
هڪڙي ڏينهن لاچار هن کي ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر وڃڻو
پيو. وڃڻ کان اڳ هن ڇوڪريءَ کي چيو: ”هن بخاريءَ ۾
ليئو به نه پائجانءِ“
ڇوڪريءَ ٻڍيءَ جي وڃڻ کان پوءِ، لڪڙو کنيو، ۽ اهو بخاريءَ ۾
ڦيرايائين، ته جهٽ چمڙي جي ٿيلهي اچي هيٺ ڪري. هن
ٿيلهي کولي ڏٺي ته سڄي سون ۽ چاندي سان ڀري پيئي
هئي. ٿيلهي هٿن ۾ قابو ڪري، هوءَ وٺي ڀڳي. رستي ۾
ڳئون مليس، جنهن پريان ئي آواز ڏنس: ”او سهڻي
ڇوڪري، منهنجا جيڪر هي ٿڻ نه ڏهين، ته هي سور لهي
وڃي!“ – ”ڇو نه، مان ٿڻن ڏهندي، لهي ٿوروئي
وينديس!“ هن ڳئونءَ جا ٿڻ هلڪا ڪيا ۽ انهن کي
پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪري، ڳئون جي آڪيڙ مان جان
آجي ڪرائي. ٿورو اڳتي هلي، ته بيمار گهوڙو مليس،
جنهن ڇوڪريءَ کي چيو: ”اي سهڻي ڇوڪري، منهنجي
زخميل پٺي صاف ڪندينءَ؟“ – ”ڇو نه ڪنديس!“ ڇوڪريءَ
چيو، ۽ گهوڙي جي پٺي صاف ڪيائين. ٿوري پنڌ ڪرڻ کان
پو”، هن کي بادام جو وڻ مليو، جو اڳي کان به وڌيڪ
جهڪي آيو هو. وڻ ڇوڪريءَ کي چيو: ”اي سهڻي ڇوڪري،
هي باداميون پٽي، منهنجن بازن کي نه هلڪو ڪرين!“ –
”هائو، مان توکي هلڪو ڪريان ٿي!“ ڇوڪريءَ وڻ جون
باداميون پٽڻ شروع ڪيون، ۽ هوءَ پٽيندي رهي،
جيستائين وڻ جا سڀيئي بازو بوج کان هلڪا ٿي ويا.
ايتري ۾ وڻ چيس: ”جلدي ڪر، منهنجي پنن ۾ لڪي وڃ!
ڄاڻ پوڙهي اچي پهتي!“
پوڙهيءَ گهر ۾ اچڻ سان بخاريءَ ۾ ڏٺو، ۽ ٿيلهي غائب ڏسي، هوءَ
منهن مٿو پٽيندي، رستي تي ڊوڙڻ لڳي. ”گهوڙا ڙي!
گهل ڙي! منهنجو سمورو سون ۽ چاندي، چمڙي جي
ٿيلهيءَ سوڌو هوءَ کڻي ويئي!“ رڙيون ڪندي، هوءَ
رستي تي ڊڪندي پئي ويئي. واٽ تي ڳئونءَ کان
پڇيائين: ”ادي، تو ڪا چمڙي جي ٿيلهيءَ سان ڇوڪري
ڏٺي؟“ – ”هائو، ڏٺي ته هيم، پر هن کي ته ڪافي عرصو
گذري ويو، ۽ مون کان ته ڳالهه ئي وسري ويئي آهي.“
– ”گهوڙا ڙي! گهل ڙي! منهنجو سمورو سون ۽ چاندي،
چمڙي جي ٿيلهيءَ سوڌو کڻي ويئي!“
اڳتي اچي هن گهوڙي کان پڇيو: ”ادا گهوڙا، تو ڪا چمڙي جي ٿيلهيءَ
سان ڇوڪري هتان لنگهندي ڏٺي؟“ – ” هائو، پر ان کي
ته ڪي صديون گذري ويون. مون کان ته ان جي شڪل به
وسري ويئي آهي.“ – ”گهوڙا ڙي! گهل ڙي! منهنجو
سمورو سون ۽ چاندي، چمڙي جي ٿيلهيءَ سوڌو کڻي
ويئي!“ هوءَ بادام جي وڻ وٽ آئي. ”ادا وڻ، تو ڪا
چمڙي جي ٿيلهيءَ سان ڇوڪري هتان لنگهندي ڏٺي؟“ –
”هائو، پر اها ته ڪڏهن جو سمنڊ به پار ڪري ويئي.“
پوڙهيءَ تيئن منهن مٿو پٽڻ شروع ڪيو، ۽ اجايون وٺي
زور سان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيائين: ”هاڻ ڪيئن ڪيان-
ڪاڏي وڃان- مون سان ته ويل وهي ويو!“ – ”گهر وڃي،
ساري عمر رک جي ماني پچائي کاءُ.“ وڻ آهستي چيو.
اهڙيءَ طرح هن عورت کي ڪنجوس بلڪ مکي چوس ٿي رهڻ
جي سزا ملي.
|