آمريڪي شيدين جون
لوڪ ڪهاڻيون
از: جوئيل چئنڊلر هئرس
ڳئونءَ جي هارَ سيهڙ جي هٿان
”چاچا ”ريمس،“ ننڍڙي ڇوڪري چيو، ”هو سيهڙ ڪيڏانهن ويو، جيڪو
ڳجهه کي ٺڳي، وڻ جي پورَ مان ڀڄي ويو هو؟“
ڪير؟ ادو سيهڙ؟ خدا توکي نيڪي ڏئي ٻچڙا، ادو سيهڙ پوءِ ٽپندو
ڪڏندو گهر ڏانهن هليو ويو. هن خوشيءَ ۾ ٽپا ته
ڏنا، پر جڏهن گهر پهتو، تڏهن ڏاڍو ٿڪجي پيو. سندس
سـَـنڌ سـَـنڌ سور ۾ چـُـور چـُـور ٿي رهيو هو. اڃ
به اهڙي اچي لڳيس، جو ساهه پئي نڪتس. گهر پهچي، سڀ
کان اڳ ۾ هن ڳئونءَ جي جاچ لڌي، جا سامهون پوک ۾
چري رهي هئي. هن پڪو ارادو ڪيو ته اڄ ادي ڳئونءَ
سان هٿ اٽڪائبو، پوءِ جيڪي ٿيو تنهن کي پڄي پئبو.
ادي سيهڙ کي اها به پڪ هئي ته ادي ڳئون پوءِ هن کي
کير جي ڦڙي به نه ڏيندي، ڇو جو اڳئين دفعي جڏهن هن
جي زال سخت بيمار هئي، تڏهن به هن کير ڏيڻ کان صفا
انڪار ڪيو هو. خير سيهڙ بي همت نه ٿيو. هن لوڙهي
جي ڀرسان اچي ٽپا ڏيڻ شروع ڪيا، ۽ آخر لوڙهو ٽپي،
هـُـن ڀر ٿيو. پريان ئي ڳئونءَ کان خوش خير عافيت
پڇيائين:
”ادي ڳئونءَ ڪيئن آهين؟“ سيهڙ چيو.
”ادا سيهڙ، تون ڪيئن آهين؟“ ڳئونءَ چيو.
”ڪيئن ٿو وقت گذري، اڄ ڪلهه،“ سيهڙ چيو.
”بس ادا، شڪر آهي، مڙيوئي وقت پيو گذري. تون پنهنجي خبر ٻڌاءِ؟“
ڳئونءَ چيو.
”شڪر آهي ادي، مڙيوئي آهي زندگي گذارڻي،“ سيهڙ پنهنجي چيلهه کي
ڪٻو ڪندي چيو.
”ٻار ٻچا ته خوش اٿئي.“ ڳئونءَ پڇيس.
”هائو ادي، توکي دعائون پيا ڪن. ادو ڍڳو ڪيئن آهي؟“ سيهڙ پڇيس.
”هائو ادا، هو به چڱو ڀلو آهي،“ ڳئونءَ وراڻيو.
”سامهون وڻ ۾ ڏاڍا پڪل ٻير ٿا لٽڪن. جيڪر ٻه چار هٿ اچي وڃن، ته
ڀيڻ، ڪيئن نه بک ئي ڀڄي پوي.“ سيهڙ ٻيرن جي وڻ
ڏانهن ڏسندي چيو.
”تون ته پڄي ئي نه سگهندين، ادا سيهڙ.“ ڳئونءَ چيو.
”ڀيڻ، جيڪڏهن تون ٿونو هڻي، وڻ کي ڌوڻين، ته ڪيترا ٻير هوند هيٺ
اچي ڪـِـرن!“ سيهڙ منٿ ڪندي، چيس.
”ڇاڪاڻ جو ڳئونءَ سيهڙ کي ناراض ڪرڻ نه ٿي چاهيو، تنهنڪري ٿورو
پوئتي هٽي، ڊڪندي ڊڪندي وڃي زور سان وڻ کي ٿونو
هنيائين - ٺا –“ پوءِ چاچي ريمس تماڪ جي ڳوٿريءَ
مان تماڪ چپٽي کڻي، وات ۾ وڌي، ۽ وري شروع ٿيو- ”-
پر وڻ مان هڪ به ٻير هيٺ نه ڪريو، ڇو جو ٻير ته
هئا ڪچا جهڙا گاهه. ڳئونءَ ٻيو دفعو زور سان ٽڪر
هنيو، -- ٺا- پر وري به ڪو ٻير ڪونه ڪريو.“
”ڳئون غصي ۾ پوئتي هٽي. چڱو پنڌ پري وڃي، پڇ پٺيءَ تي رکي، وري
وٺي وڻ تي جلهه ڪيائين- ٺا آ آ- - هوءَ ايترو ته
تيز آئي، ۽ اهڙو ته زور سان ٽڪر وڻ کي هنيائين، جو
سندس ٻئي سڱ وڻ جي ٿڙ ۾ اندر پيهي ويا، ۽ هوءَ اتي
قابو ٿي بيهي رهي. بس ائين ئي ٿيو، جيئن سيهڙ
چاهيو پئي. جڏهن هن ڏٺو ته هاڻي ڳئون قابو آهي،
تڏهن هو آرام سان ڪبوتر جو کنڀ وات ۾ وجهي ويهي
رهيو.“
”ادا سيهڙ! اچ، جلدي ڪر، منهنجي جان ڇڏاءِ!“ ڳئونءَ رنڀندي چيس.
”ڀيڻ! مان ته اتي پڄي ئي نه سگهندس،“ سيهڙ چيو.
”پر مان ڊڪندو ٿو وڃان ۽ وڃي ادي ڍڳي کي سارو حال ٿو سڻايان.“
ائين چئي، سيهڙ وٺي گهر ڏانهن ڀڳو. گهر اچي سڀني
ٻارن ۽ زال کي ساڻ وٺي بالٽيون هٿن ۾ لوڏيندو واپس
وريو. سڀني کي هٿن ۾ بالٽيون هيون- ننڍن کي
ننڍيون، ته وڏن کي وڏيون. سڀني اچي ڦاٿل ڳئونءَ کي
وڪوڙيو. بس پوءِ، پيارا ٻچڙا، اچي جو ڳئونءَ کي
ڏهڻ ويٺا، ته هن جي ٿڻن ۾ هڪ ڦڙي به کير جي ڪانه
ڇڏيائون. وڏن سيهڙن به هن کي ڏڌو، ۽ ننڍن به جڏهن
سڀني وٽ ڪافي کير گڏ ٿيو، تڏهن ٿو سيهڙ ڳئونءَ کي
چوي:
”ڀيڻ، خدا توکي خوش رکي. ڏک به ڏاڍو ٿو ٿئي ته تون ڪيئن ساري
رات وٿاڻ کان پري هت جهنگ ۾ گزاريندينءَ، پر تون
ڪوبه فڪر نه ڪر: مان تنهنجي خبر چار لهڻ پيو
ايندس، ۽ تنهنجن ٿڻن مان کير ڏهي پيو توکي هلڪو
ڪندس.“
”ٻچڙا! ڪيئن، هاڻ ته سمجهيئه نه، ڳئونءَ جو جيڪڏهن کير نه ڏهجي،
ته هن جا سڄيل ٿڻ هن کي هوند ڏاڍي تڪليف ڏين.
انهيءَ ڪري ته سيهڙ پنهنجي ساري ڪٽنب کي آندو هو
ته جيئن هن جو کير ڏهي، هن کي تڪليف کان ڇڏائين.“
”ڳئونءَ ويچاري اتي ئي ڦاٿي بيٺي رهي. هوءَ آهستي آهستي پاڻ
ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. سڱن کي ڇڏائڻ لاءِ
ٿورو زور به ڏيئي رهي هئي، پر سڱ ايترو ته وڻ ۾
کپي ويا هئس، جو صبح تائين مس مس ڪري هن پنهنجا سڱ
ڇڏايا. هوءَ جيئن ئي آزاد ٿي، ته هيڏانهن هوڏانهن
چرڻ لڳي، ڇو جو ايترو وقت گاهه جو ڪک به نه کاڌو
هئائين. چرندي چرندي، هن جي دل ۾ سيهڙ کان بدلي
وٺڻ جو خيال پيدا ٿيو. هن سوچيو ته سيهڙ ضرور هن
کي ڏسڻ ايندو، سو هن ڇا ڪيو جو ٻير جي وڻ وٽ وڃي
پنهنجا سڱ ساڳين ٽنگڙن ۾ وجهي بيهي رهي. سيهڙ ته
هيو سياڻو. هن ته صبح جوئي لوڙهي وٽان لڪي هن کي
چرندو ڏٺو هو.“
”ڳئونءَ کي ساڳيوئي وڻ ۾ ڦاٿل ڏسي، هن دل ۾ چيو: ”هي ڇا؟ چڱو!
ادي ڳئون، تون خيال نه ڪر، مان اچان ٿو!“
”پوءِ هو لوڙهي جو پاسو ڏيئي، سڙڪ تان ٽپندو، سڌو ڳئونءَ وٽ
آيو.“
”سلام، ادي ڳئون! رات جو ڪا تڪليف ته نه ٿيئي؟ وقت ڪيئن گذريو؟“
هن پڇيس.
”ادا سيهڙ، ساري رات هتي ڦٿڪندي گذاري اٿم. مان ته سڱ ڇڏائي ئي
نه ٿي سگهان، پر جي تون مون کي پڇ کان ڇڪيندي ته
پوءِ ممڪن آهي ته مان آزاد ٿي وڃان، ۽ منهنجا سڱ
وڻ مان ٻاهر نڪرن!“ ڳئونءَ ويچارو منهن ڪندي چيو.
”سيهڙ ٿورو ڳئون جي ويجهو آيو، پر تمام ويجهو نه.“
”منهنجي خيال موجب ته ڀيڻ، مان اڪيلو ڪافي نه آهيان،“ سيهڙ چيو.
”منهنجو وت ئي ڪيترو! ڊپ ٿو ٿئي ته متان تنهنجي لت
هيٺان اچي چيڀاٽجي مري وڃان. تون پنهنجي همت ڪر، ۽
مون کي ڇڏ ته مان ڪجهه کائي وٺان.“
”بس پوءِ ڳئونءَ پنهنجا سڱ کڻي وڻ مان ڪڍيا، ۽ وٺي سيهڙ جي ڪڍ
پيئي. پوءِ ته سامهون کليل رستي تي سيهڙ هو اڳيان
- هن جا ڪن هوا ۾ ڦرڙاٽ ڪري رهيا هئا- ۽ پويان هئي
ڳئون، جنـهـن جـي مـنــڍي زمـيــن ۾ ۽ پڇ ڪنڊي تي
! سيهڙ ڀڄندو پئي ويو، تڪڙو ئي تڪڙو- پر اوچتو
سامهون ڌٻڻ هئي ۽ هو سڌو ان ۾ وڃي ڪريو. گپ ۾
لپجي، سندس شڪل بدلجي ويئي، رنگ مٽجي ويس ۽ اکيون
ڊپ ۾ ڦنڊي ٿي ويس. ايتري ۾ ڳئون به اچي پهتي. هن
جو منهن اهوئي زمين ۾ ۽ پڇ ڪنڊي سان لڳو پيو هو.“
”ڀلي آئينءَ، ادي ڳئون، ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ سيهڙ آواز بدلائيندي
چيس.
”ادا، وڏين اکين وارا، خير هجيئي،“ ڳئونءَ چيس. ”هتان ادي سيهڙ
کي ته نه لنگهندو ڏٺئي؟“
”ادو سيهڙ به هاڻي اصلي تنهنجي اڳيان هتان لنگهي ويو آهي،“ سيهڙ
بدليل آواز ۾ چيس، ”پر ائين پئي ويو ته ڄڻ ته
بيمار هو!“
”اهو ٻڌي ڳئونءَ وٺي اڃا به زور سان ڊڪڻ شروع ڪيو. هوءَ اهڙو ته
تيز ڊڪندي ويئي، ڄڻ شڪاري ڪتا پويان پيا هئس. سيهڙ
اتي ئي اچي کل ۾ ڇٽڪيو. کلي کلي سندس پاسريون اچي
ڏکڻ لڳيون. هو ٽهڪن مٿان ٽهڪ ڏيئي رهيو هو، ته
ڪنهن مهل لومڙ اچي سندس پويان پيو، پوءِ ڳجهه
لامارو هڻي هن کي کائڻ چاهيو، ۽ ڀيڻ ڳئون ته اڳي
ئي هن جي پويان هئي. پر سيهڙ آهي جنهن کي اڄ ڏينهن
تائين ڪو جهلي ئي نه ٿو سگهي!“ |