سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :20

 

از: جيمس اسٽيونس

جهوني منزل گاهه

 

 

 

پال بنيان جي جهوني منزل گاهه، مرڪندڙ درياء واري ملڪ ۾ هئي. اها منزل گاهه ٻن نهرن جي گلن سان ڀريل ڪنارن جي وچ ۾، جا سر سبز وادي هئي، تنهن ۾ پکڙيل هئي. جڏهن سج اولهه ۾ هيٺ جهڪندو ويندو هو، تڏهن ”ڪنيڊي“ جبلن جو پاڇو، آهستي آهستي، منزل گاهه مٿان چـُـرندو ايندو هو. اونهاري جي گرم ڏينهن ۾، ماڪ سان ڇانيل جبلن جو نظارو ڏاڍو وڻندڙ هوندو هو، ۽ اهي جبل رات جي وقت ڪنهن برفيءَ سان ڀريل ٿالهيءَ جيان نظر ايندا هئا. ٻيرين جا وڏا وڻ جبل جو هيٺيون لاهه ڀريو بيٺا هئا، ۽ جون جي مهيني ۾ انهن وڻن ۾ هڪ هڪ صوف جيڏو ٻير ٿيندو هو. پيلي رنگ جا چشما بـُـڙ بـُـڙ ڪري هنن وڻن هيٺان نڪرندا هئا، ۽ انهن جو پاڻي توتن جي تازن اڀرندڙ ٻوٽن کي پسائيندو، وڃي درياءَ جي گود ۾ سمائبو هو. ميون جي رنگين موسم ۾، پکين جو دلسوز نغمو گاهه جي تـِـڏين جي ننڊ آڻيندڙ راڳ سان گڏجي هڪ نرم ۽ جذباتي سنگيت ٿي پوندو هو. تڏيون، جيڪي توتن جي وڻن ۾ رهنديون هيون، تن جو مٺڙو آواز، هميشه درياءَ جي لهرن سان ملي هڪ ٿي ويندو هو.

جهوني منزل گاهه ڇانو وارن وڻن جي جهڳٽي ۾ ٺهيل هئي. ستن سالن کان وٺي ان ۾ ڪابه پهر ڪانه هئي. صرف ٿورڙا ڪوريئڙا هئا، جي پنهنجن ڄارين ۾ اڃا تائين رهيا پيا هئا. زمين جا خالي حصا، جن مٿان گهاٽا ٻوٽا پکڙيل هئا، ٻڌائي رهيا هئا ته مرغي خانو ڪٿي هوندو هو. مٽيءَ جي خالي رستن تان، جن مٿان هزارين ڪڪڙ گهميا هئا، اڃا تائين ڪڪڙن جي پيرن جا نشان مـِــٽيا ڪونه هئا.

”پال بنيان“ جو فارم هن جي ضرورتن پوري ڪرڻ جو واحد ذريعو هو. اهو فارم ”جان شيئرس“ نالي شخص جي نگرانيءَ هيٺ هوندو هو، جنهن کي مدد لاءِ ڪيترائي مزور هئا. اهو فارم “هني ڪريڪ” جي هيٺاهين زمين کان شروع ٿيندو هو، ۽ ٽڪرين جي پاسن سان ميلن تائين پکڙيل هو. جون جي سامونڊي هير ۾، فارم جي چؤطرف ڪيترائي وڏا وڏا گل لڏندا رهندا هئا.

جڏهن ”بم“ ۽ ”بل“، ماکيءَ جون ٻه جذباتي مکيون، ايتري ماکي گڏ ڪنديون هيون، جو پنجٽيهه سؤ دٻا، جي واڍن جي سالياني ضرورت پوري ڪندا هئا، ڀرجي وڃن، تڏهن جان شيئرس ۽ مالهي اهي مانارا لاهي، ماکي ڪڍي، گڏ ڪري رکندا هئا. ڳئون، ساروئي سيارو، چراگاهن ۾ يـَـلَ چرنديون وتنديون هيون. انهن ڏينهن ۾ هنن کي اڄڪلهه جي نالن سان سڏيو ڪونه ويندو هو، پر هنن کي سڃاڻڻ لاءِ هنن جي بدن جي ڪا نه ڪا وصف هنن جو نالو ٿي ويندي هئي- جيئن ”ڪنڍي“، ”لنڊي“، ”پوڙهي“، ”ٺوڙهي“، ۽ وغيره، وغيره. پر هو سڀ کير ڏيڻ جون راڻيون هيون راڻيون! ”پوڙهيءَ“ جو کير ته بنهه مکڻ ئي مکڻ هوندو هو. ”جان شيئرس“ هن جو کير چاڏيءَ ۾ وجهي، وٺي جو هن کي ڌوڻيندو هو، ته ساري چاڏي مکڻ ٿي پوندي هئي. ساري ملڪ ۾ اهڙو مکڻ ملڻ محال هو. ڪنڍيءَ جي کير مان بهترين ڪيڪ ٺهندا هئا. ٺوڙهيءَ جو کير ڪڏهن به ڦـِـٽندو نه هو. لنڊيءَ جو کير جيتوڻيڪ ايترو مزيدار ڪونه هوندو هو، پر ان ۾ وري ٻي خوبي هوندي هئي. اهو کير کنگهه ۽ زڪام جي بيمارين جو هـِـڪ ٽڪ علاج هو. ڪيترن مزورن کي ان کير نمونيا جي موذي مرض کان بچايو هو. ڪڪڙ ۽ ڪڪڙين جا ڌڻ ”پئٽ“ ۽ ”مائيڪ“ جي نظرداريءَ هيٺ هوندا هئا. اهي وري آنن لاهڻ ۽ ڦوڙڻ ۾ ڪمال ڏيکارينديون هيون. برفاني ڪڪڙيون صرف سياري ۾ آنا لاهينديون هيون، ۽ پنهنجيون کڏيون برف ۾ ٺاهينديون هيون. هنن جا آنا ڏاڍا گرم هوندا هئا. فارم جي آخري حـصي ۾، ڀاڄين جون وليون هيون. انهن ڀاڄين ۾ گجرون ڏاڍيون ڀليون ٿينديون هيون. اهي ايترو ته زمين اندر هليون وينديون هيون، جو انهن کي کوٽڻ لاءِ ڪيترا دفعا ته هر ڏيڻو پوندو هو. گوبي ته ايڏي وڏي ٿيندي هئي، جو جڏهن ٻه ماڻهو اڍائي ڪلاڪ سانده ڪم ڪندا هئا، تڏهن مس وڃي هڪڙي گوبي پاڙن کان جدا ٿيندي هئي. ٻٽالن لاءِ ته پال بنيان هڪڙو خاص بيلچو جان شيئرس کي ايجاد ڪري ڏنو هو. تماڪ جي ٻوٽن ۾ تماڪ جا پن وٽيل ۽ گهنڊيدار هوندا هئا، ۽ انهن ۾ زمين جي قدرتي خوشبوءَ جذب ٿيل هوندي هئي.

صفحن جا صفحا ڀرجي ويندا، جيڪڏهن پال بنيان جي سرسبز ۽ شاداب فارم جي هر هڪ چيز جو جدا جدا ويهي بيان ڪبو.

پنجن سالن کان وٺي پال بنيان پنهنجي فارم ڏانهن ڀيرو به ڪونه ڪيو هو. هن کي پاڻ ته فارم جي ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي، ڇو جو هو ڪاٺ جي ڪم جو ماهر هو، ۽ هميشه لاءِ ان ڪم جو ئي ماهر رهيو، پر جڏهن فارم جي مزورن هن کان ڪنهن نگران جي گهر ڪئي، تڏهن هن جان شيئرس کي فارم جي نگراني سونپي، ڏانهنَ روانو ڪيو. هن کي جان جي قابليت ۾ پورو اعتبار هو، ۽ جان خود به واقعي هڪ قابل شخص هو، پر هو ڏاڍو مذهب جو پابند هو ۽ سندس اهو مذهب ڏانهن لاڙو ئي هو، جيڪو هن جي واڍن جي جمعدار ٿيڻ ۾ آڏو آيو هو. واڍن ڪنهن به قسم جي تبليغ نه پئي چاهي، ۽ جان شيئرس مانيءَ جي هر ويلي کان پوءِ کڻي پنهنجي مذهبي تقرير شروع ڪندو هو. پر هن فارم جي مزورن کان چڱيءَ طرح ڪم ورتو. فارم ۾ انهن اچي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو، جيڪي ڪاٺ جي هنر ۾ ناڪام ثابت ٿيا هئا. هو تقريباً سڀ طبع جا ڪمزور ۽ خاموش هئا. ڏسڻ ۾ ائين ايندو هو ته ڄڻ هو پيدا ئي پوک ڪرڻ لاءِ ٿيا هئا. جان شيئرس هنن کي اهڙو ته پڙهائي پڪو ڪيو هو، جو هو هن کي پيغمبر سمجهڻ لڳا، ۽ خوشيءَ سان روزانو سورهن ڪلاڪ ڪم ڪندا هئا، ۽ هوڏانهن ڪاٺ وڍڻ وارا ٻارنهن ڪلاڪ به مس ڪم ڪندا هئا.

پال بنيان جي وڃڻ کان پوءِ، جان شيئرس محنت ڪري فارم کي ڏاڍو وڌايو ۽ سڌاريو. فارم جي روزانو پيدائش ايتري ته وڌي ويئي، جو ”شينگلائين بل“ جو اهو ايڏو سارو مزورن جو ٽولو، واڍن ۾ ان پيدائش کي پوريءَ طرح تقسيم ڪري نه سگهندو هو. انهن سببن ڪري فارم جي مالهين کي فصل جي موسم ۾ به صرف چوڏهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو، ۽ جان شيئرس جهڙو ڪم جو ڪوڏيو انسان انهيءَ تي ڏاڍو ناراض ٿيندو هو. هن جو ڪيترو وقت ائين ئي بي فائدي سوچ ۾ ضايع ٿيندو هو. هو سوچيندو هو ۽ تصور ئي تصور ۾ پال بنيان جي واڍن کي وڻ ڪيرائيندو ڏسندو هو ۽ ان هن جون وڏيون وڏيون کاهيون کوٽيل ڏسندو هو. مزور اهي وڏا وڏا ڪاٺ جا بنڊ ڪلهن تي کڻي هن جي اکين اڳيان لنگهي ويندا هئا. ٽڪرين وارا وڻن سان ڇانيل لاهه هن جي ذهن ۾ ترندا هئا.  هن جو تصور آخر حقيقي خيالن جي شڪل وٺندو ويو، ۽ هن پوک جي صنعت کي وڌائڻ جو پڪو خيال ڪيو. جيڪڏهن ڪاٺ جي ڌنڌي ڪرڻ جي منع ڪئي وڃي، ته پوءِ- ڇا؟ هو پاڻ کي پاڻ جواب ڏيندو هو ته جيڪڏهن انهيءَ ڌنڌي مٿان قانوني طور پابندي وجهجي، ته ضرور اهي واڍڪو ڪم ڪرڻ وارا مزور پوک جي ڌنڌي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا، ڇو جو ٻيو ڪجهه هنن جي لاءِ رهندوئي ڪونه، ۽ هو پاڻ يعني جان شيئرس، اڪيلو آباديءَ جو اڳواڻ، سڀني مٿان راڄ ،ڪندو ۽ سڀني ۾ برتر ليکيو ويندو. پوءِ هن کي پال بنيان وارو درجو نصيب ٿيندو، ۽ ان ڪاٺ جي صنعت جي مالڪ کي کائنس ننڍو درجو ملندو. جاڳندي يا ننڊ ۾، مگر اهو خيال لڳاتار هن جي دل ۾ وسندو رهيو. جان شيئرس جي دماغ ۾ هڪڙي رٿ آئي ته ڪيئن به ان ڍڳي کي ختم ڪجي، ڇو جو اهو ڍڳو ئي هو جنهن جي مدد سان اهو ڌنڌو هلي رهيو هو، ۽ ان جي ئي مدد سان اهي بنڊ ڍوئي، درياءَ تائين پهچايا ويندا هئا، جتان ٻين سڀني پاسن ڏانهن ورڇ ڪري موڪليا ويندا هئا. ڪاٺ جي صنعت ڍڳي کان سواءِ هلڻ ائين هئي، جيئن ڪڪرن کان سواءِ مينهن جو وسڻ. ان رٿ کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ، هن هڪڙو زهريلين گجرن جو ٻارو تيار ڪرائڻ جو منصوبو رٿيو.

گجرون ڍڳي جو پسنديده کاڌو هيون، ۽ جان شيئرس جو حڪم هو ته فصل جي تيار ٿيڻ وقت، سارو فصل، ڪاٺ واري صنعت گاهه ڏانهن روانو ڪري. جنهن سال اهو ڀيانڪ منصوبو رٿيو ويو، ان سال هڪ به گجر زمين مان ٻاهر نه ڪڍي ويئي، ۽ گجرون ٻاهر ڪڍڻ بدران زمين ۾ ئي رهيون، ته جيئن ٻيو فصل زهريلي گجرن جو پيدا ٿئي. ”جان شيئرس“ خيال ڪيو ته جيئن ئي ٻيو فصل تيار ٿيندو، ته هو سڀ گجرون کوٽائي، صنعت گاهه ڏانهن روانيون ڪندو، ۽ نيرو ڍڳو جيئن ئي اهي کائيندو، ته اڦٽ مري ويندو، ۽ هو پاڻ يعني جان شيئرس، سڀني ڪڙمين جو سردار، پنهنجي خوابن جي فتح جو تعبير پائيندو ۽  ڏاڍي عروج کي پهچندو.

”ننڍڙو“ ”ميري“ ئي صرف ان منصوبي ۾ شامل نه ڪيو ويو هو، ۽ اها رٿ هن کان لڪائي ويئي هئي. هن کي اهڙيءَ رٿ جي ٻڌڻ کان بيخبر رکيو ويو هو، انهيءَ ڪري نه ته ڪو جان شيئرس جو هن تي شڪ هو، يا هو ڪو هن کان ڊنو ٿي، پر ڇاڪاڻ جو هن کي فارم جي ڪاروبار ۾ ڪابه اهميت حاصل ڪانه هئي ۽ هن جو درجو ايڏو ته گهٽ هو، جو ليکي ۾ به اچي نه ٿي سگهيو. هن کي فارم جي ايڏي ساري مشغول زندگيءَ ۾ ڪنهن برفاني ڪڪڙ کان وڌيڪ حيثيت حاصل نه هئي. هو بورچيخاني ۾ ڪاٺ جي تختي تي سمهندو هو. هن کي اها به اجازت ڪانه هئي ته هو مالهين سان گڏ اٿي ويهي. هو ڪـڏهن به هنـن جي ڌيان ڇـڪـائڻ جي قابل ٿيو هـو، ته اهو فقط تڏهن جڏهن هو

هن کي ٽوڪبازيءَ جو نشانو بڻائي، ويهي کلندا هئا، يا جڏهن هو هن کي ويهي ڇينڀيندا هئا. ڪڏهن ته ”ننڍڙي“ ميريءَ کي ”ٽامس اوهيري“، آئرلنڊ جي يتيم، سڏي چيڙائيندا هئا،- ۽ ٻئي ڪنڌي هو هڪ محنتي ۽ هوشيار واڍو پڻ هو، جن کان هنن کي هونئن به چڙ هوندي هئي.

قيمتي ۽ لذيذ کاڌو، جو پال بنيان جي فارم تي تقسيم ٿيندو هو، تنهن ئي ”ننڍڙي“ ميريءَ کي نقصان ۾ وڌو هو. هو ٿلهو ٿي ويو هو، ۽ سندس بدن تي چرٻيءَ جا چاڻا چڙهي ويا هئا، تان جو ٿيندي ٿيندي، ڪهاڙو ورائڻ به هن لاءِ مشڪل مسئلو ٿي پيو هو. جڏهن به هو ڪنهن وڻ تان يا جبل جي لاهه تان ڪرندو هو، ته پير ڪٿي به ڦٻائي نه سگهندو هو، ۽ ويندو هو قلابازيون کائيندو، جيستائين ڪو ٻيو مزور هن کي جهلي اٿاري بيهاري. هو هاڻ وڏو آزار ٿي پيو هو. هڪڙي دفعي هو ٽڪريءَ تان ڪريو، ۽ اچي هيٺ بيٺل مزورن مٿان ڦهڪو ڪيائين. گهڻو ڪري سڀني کي زخم ٿي پيا، ۽ ”جاني انڪسلنگر“، جو منزل گاهه جو ڊاڪٽر هو، تنهن ساري رات هنن جي ڀڳل پاسرين ۽ زخمن جي مرهم پٽي ڪئي هئي. هن حادثي کان پوءِ، پال بنيان هن کي جان شيئرس جي حوالي ڪري ڇڏيو. فارم جي جمعدار هن کي سڀ کان زياده ذليل ڪم تي رکيو. هن کي هاڻي کاڌي جون ٿالهيون به صاف ڪرڻيون هيون، ۽ جانورن کي به تڙ ڪرائڻو هو. ”ننڍڙي“ ميريءَ آخر پنهنجي بدقسمتيءَ ۽ بدبختيءَ اڳيان کڻي سر جهڪايو، ۽ هن جو اهو سر جهڪائڻ هميشه هلندو آيو. زندگيءَ جي هر بريءَ گهڙيءَ اڳيان هي هيٺ جهڪندو رهيو.

بد بختيءَ جي هن ”مجبورٻالڪ“ کي هڪ اڻلڀ ۽ حسين روح هو. فارم جي ساريءَ آباديءَ ۾ صرف هيءُ ئي هڪ انسان هو، جنهن کي ساوڪ ۽ سبزيءَ ۽ رنگين جهنگل جي حسن ۽ دلڪشيءَ جو پورو پورو احساس هو. جيئن ئي هن جي ڏينهن جو ڪم پورو ٿيندو هو، ته هو به پنهنجا وار کنڊيڙڻ شروع ڪندو هو. هڪ هٿ ۾ گلن جو ڇڳو ۽ ٻئي هٿ ۾ پنهنجو پيارو ڪڪڙ جهلي، هو ٻاهر نڪرندو هو. يعني ”ڪريڪ“ نهر مٿان، جا پيادن واري پل هئي، سا پار ڪري، وڃي سامهون منزل گاهه وارن ميدانن ۾ ويهندو هو. سندس زندگيءَ جي اها اڪيلي راحت ۽ خوشي هئي.

ڪنهن بنڊ مٿان ويهي، هو تصور ۾ پاڻ کي واڍو سمجهڻ شروع ڪندو هو، جنهن جو ڀريل مشڪن وارو بدن هن جي اکين اڳيان گهمي ويندو هو. هو پاڻ کي اهو واڍو سمجهڻ شروع ڪندو هو، جيڪو پال بنيان جي صنعت گاهه ۾ وڏا وڏا وڻ ڪيرائيندو هو، ۽ جو ٻين سڀني واڍن ۾ پيارو ۽ ڪمائتو هو. هو پاڻ کي آرام واري ڪمري جو سوڍو تصور ڪندو هو، جو آزاد زندگي گذاريندو هو ۽ نيري ڍڳي جي پاڇي ۾ گهمندو هو. ڪيڏو نه ”ننڍڙي“ ميريءَ کي ان خوابي دنيا ۾ پهچي سرور حاصل ٿيندو هو! ”ڪيڏي نه افسوسناڪ ۽ دردناڪ هئي اها حقيقت، جا هن جي تصور جي قلعن کي ڊاهي، آخر ۾ هن مٿان واضع ٿيندي هئي! انهيءَ ظالم حقيقت جي انڪشاف ٿيڻ کان پوءِ، ”ننڍڙو“ ميري هميشه پنهنجي غمگين چهري مٿان مرڪ ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اکين ۾ ڇلڪندڙ ڳوڙها وري سڪائي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ۽ ڪڪڙ جي خوشيءَ سان ڀريل ٽپن کي پنهنجيءَ ڏڪندڙ مرڪ سان ڏسندو هو، ۽ تنهن کان پوءِ پکين جي جهرمٽ ۾ وڃي ويهندو هو، جي هن کي ڀروسي جوڳو سمجهي، هن جي چوڌاري اچي مڙندا هئا، ۽ هميشه جيان هو پال بنيان ۽ پال شيئرس ۽ سندس مالهين لاءِ محبت ۽  اعتقاد دل ۾ کڻي، واپس پنهنجيءَ غلاميءَ واري زندگيءَ ڏانهن موٽندو هو. ڪاش! پال بنيان، اهڙيءَ سون ورنيءَ دل کي سمجهي سگهي ها!

هڪڙي ڏينهن، پراڻيءَ منزل گاهه ۾ ”ننڍڙي“ ميريءَ جو تصور هميشه کان ڪجهه تيز ٿي ويو. هو ڏسي رهيو هو ته هن کي واڍن جو اڳواڻ چونڊيو ويو آهي، ۽ پال بنيان تاڙيون وڄائي رهيو آهي- هن جي ڪهاڙيءَ جي هڪ هڪ وار سان بنڊ تان وڏا وڏا ڇوڏا اڏامي وڃي ٿي پري ڪريا، ۽ ٻيا واڍا هن جي هر ڌڪ تي ”واه، واه“ ڪري رهيا هئا. پر افسوس جڏهن هن جو خواب اتي آيو، تڏهن........ تڏهن هن پاڻ کي بنڊ تان هيٺ ڪرندو محسوس ڪيو، ۽ نيٺ بي يار و مددگار ڦرندو ڦرندو اچي ڌرتيءَ سان لڳو. هميشه جيان هو پاڻ پيرن تي بيهي نه سگهيو، ۽ قلابازيون کائيندو وڃي پل تي ڪريو، جتي ٻن تختن جي وچ ۾ ڦاسي پيو. صبح تائين هو اتي ئي پيو هو، ۽ هن کي ڪابه مدد پهچي نه سگهي هئي، ۽ شايد هميشه لاءِ اتي ئي پيو هجي ها، جيڪڏهن جان شيئرس ناشتي ڪرڻ وقت گنديون ٿالهيون ڏسي، هن جي پڇا نه ڪري ها.

”جيڪڏهن مون کي ٿالهين جو فڪر نه هجي، ته جيڪر توکي اتي ئي مرندو ڇڏي هليو وڃان،“ جان شيئرس، ننڍڙي ميريءَ کي پل جي تختن ۾ ڦاٿل ڏسي چيو. ”تون آخر اهڙو لاپرواهه ٿيو ڇو آهين؟“

”سائين--- سائين، مهرباني ڪري مون کي ماريو نه!“ ننڍڙي ميريءَ ويچارو منهن ڪندي چيس. ”مان ته ڪوشش ڪئي ته ليٿڙندو گهر تائين ئي پهچان، مون سچ پچ ايمانداريءَ سان ڪوشش ڪئي هئي.“

فارم جي جمعدار هڪڙو سخت لڪڻ وهائي ڪڍيس.

”خدا جو قسم! مسٽر شيئرس—“

”وري ڪوڙا قسم ٿو کڻين، هان؟“

”منهنجو مطلب هو ته--- ايمانداريءَ......!“

”تون ڪفر ٿو بڪين!“

“توبه - توبه - توبه!“جيئن ئي لڪڻ  هن مٿان وسي رهيو هو، ننڍڙو ميري دانهون ڪري رهيو هو.

جان شيئرس، اهڙي طرح هن کي سج لٿي تائين لڪڻ سان ڪٽيندو رهيو. ڪلاڪ ڪلاڪ کان پوءِ، هو پنج منٽ دم کڻڻ لاءِ ترسيو پئي. نيٺ هن آخري بار، آخري لڪڻ هڻڻ لاءِ، ڇوهه ۾ هٿ مٿي کنيو، ۽ ننڍڙو ميري پنهنجن سڏڪن مٿان ضابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ظالم لڪڻ اڃا هيٺ لهڻ ۾ هو، ته ٻن لفظن هن جي رفتار کي ڍرو ڪري ڇڏيو.

”ترس--- جان!“

لفظن جي نوع مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪنهن آهستي ۽ سنجيده ڳالهائيندڙ انسان جا چيل هئا، پر تنهن هوندي به آواز انهن خالي ميدانن مٿان ڇانئجي ويو، ۽ ٽڪرين مان ساڳيو آواز پڙاڏي جي صورت ۾ گجگوڙ جيان واپس وريو. وڻ ڌڏي ويا ۽ نديءَ جي ماٺيڻي وهڪ ۾ ڇوليون پيدا ٿي ويون، ۽ ڪئنيڊي جبلن جي لاهن تي دونهون ڇانئجي ويو، ڄڻ ته ڪا برف جي ڇپ اچي ڪري هئي. جان شيئرس پنهنجو اڀو ٿيل لڪڻ آهستي هيٺ آندو. ننڍڙي ميريءَ پنهنجون اکيون کوليون، ۽ پنهنجي ڀرسان هڪڙو مضبوط نوڪدار بوٽ ڏٺو، جو هاٿيءَ جي کل جو ٺهيل هو. هن مٿي نهاريو، ۽ ڏسڻ سان عجب ۾ پئجي ويو. سندس مٿان پال بنيان جو ڏاڙهيءَ وارو شفيق ۽ مهربان چهرو جهڪيو بيٺو هو. جان شيئرس يڪدم هن کي اٿي بيهڻ ۾ مدد ڪئي، ۽ هو پنهنجي جمعدار جي گوڏن هيٺان نڪري، منڊڪائيندو، پل کان هيٺ لٿو هليو ويو. پل لهي، هن هڪ نظر پنهنجي بادشاهه، مالڪ ۽ محترم سورمي، مٿان اڇلائي، جيڪو ان وقت جان شيئرس سان خاموش هٿ ملائي رهيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com