از : جارج بـَـرڊ گـِـرنيل
ڪـِـريل تارو
هڪڙي دفعي ٻه ڇوڪريون پنهنجي جهوپڙيءَ جي ٻاهران ليٽيون پيون
هيون، ته اوچتو هنن جون اکيون آسمان ڏانهن کڄي
ويون. انهن مان هڪڙيءَ ٻيءَ کي چيو: ”اهو تارو
ڏسين ٿي؟ ڪهڙو نه سهڻو آهي. مون کي ڏاڍو وڻي ٿو“
ٻيءَ ان کان وڌيڪ تيز چمڪندڙ تاري ڏانهن اشارو ڪري
چيو: ”مون کي ته سڀني کان وڌيڪ هو تارو وڻندو آهي.
سچ پڇين، ته دل ائين چاهيندي آهي ته جيڪر ان تاري
سان شادي ڪريان!“
ان رات جڏهن هو جهوپڙيءَ ۾ سمهيون، تڏهن ننڊ جي گود ۾ پوڻ کان
اڳ، اهو پڪو ارادو ڪري سمهيون ته سڀاڻي هو گڏجي
جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ وينديون.
ٻئي ڏينهن هي ٻئي گڏجي ڪاٺيون ڪرڻ ويون، ۽ جيئن ئي هو وڃي رهيون
هيون، ته هنن وڻن جي پويان هڪ سيڙهه ڏٺي، جا هڪڙي
ڊگهي وڻ تي چڙهي رهي هئي. انهن مان جنهن ڇوڪريءَ
چمڪندڙ تاري سان شادي ڪرڻ جي سڌ ڪئي هئي، تنهن
ٻيءَ ڇوڪريءَ کي چيو: ”مان مٿي چڙهي سيڙهه کي هيٺ
ٿي لاهيان.“ هوءَ وڻ تي چڙهڻ لڳي، پر هوءَ ان کي
پهچي نه سگهي. ايتري ۾ ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو، ته ڄڻ
وڻ ويو ٿي ڊگهو ٿيندو. ٻيءَ ڇوڪريءَ پنهنجي
سهيليءَ کي هيٺان رڙ ڪري چيو: ”هاڻ چڱو آهي، ته
هيٺ لهي اچ، ڇو جو وڻ وڃي ٿو ڊگهو ٿيندو!“ ”نه،“
هن وراڻيو، ”بس هاڻي ڄاڻ پهتي مانس.“ هوءَ اڃا به
مٿي چڙهندي ويئي.
جڏهن هيٺ بيٺل ڇوڪريءَ وڻ کي ٿيندي ٿيندي ايترو ڊگهو ٿي ويل
ڏٺو، جو ٻي ڇوڪريءَ ڏسڻ ۾ به نه ٿي آيس، تڏهن هوءَ
ڊڪندي جهوپڙين ۾ آئي، ۽ سڀني ماڻهن کي اها ماجرا
ٻڌايائين. هو سڀ وڻ ڏانهن وٺي ڀڳا، پر ڇوڪري گم ٿي
چڪي هئي ۽ ڏسڻ ۾ به نه ٿي آئي.
وڻ جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو، ۽ آخر ڇوڪري هڪ نئينءَ دنيا ۾ وڃي
سهڙي. اتي پهچڻ کان پوءِ، ڇوڪري ٽارين کي هٽائي
ٻاهر نڪتي، ۽ وڻ کان گهڻو پري هلي ويئي. هوءَ جيئن
ئي گهمندي وڃي رهي هئي، ته هن کي هڪڙو مرد مليو،
جنهن جي جواني واپس وري هئي. هن ڇوڪريءَ سان
ڳالهايو، پر هن وٺي دانهون ڪرڻ شروع ڪيون. مرد
ڇوڪريءَ کي چيو: ”ڇو! توکي ڇا ٿي ويو؟ اڃا گذريل
رات تو مون سان شادي ڪرڻ جا سانباها پئي ڪيا!“
اهو مرد اصل ۾ اهو چمڪندڙ تارو هو.
هن ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، ۽ هو ٻئي گڏ گهارڻ لڳا. هڪڙي ڏينهن ان
مرد پنهنجي زال کي چيو ته هوءَ ٻين عورتن سان گڏجي
ٻاهران پاڙون کوٽي اچي. مرد کيس منع ڪئي ته: ”جنهن
ٻوٽي جي چوٽي سائي هجي، ان کي پٽڻ ته ٺهيو پر هٿ
به نه لائج! نقصان ٿيندءِ!“
اهڙيءَ طرح اها ڇوڪري هر روز پاڙون کوٽڻ ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن،
اڃا ٿورو وقت ٻاهر آئي مس ٿيو هئس، ته اوچتو هن جي
دل ۾ سندس مڙس جي چيل ڳالهه تري آئي، ۽ هن کي عجب
لڳو ته سائي ٻوٽي پٽڻ ۾ ڀلا ڪهڙو نقصان ٿي سگهي
ٿو! هن پڪو ارادو ڪيو ته هوءَ هڪڙو سائو ٻوٽو کوٽي
ضرور ڏسندي ته ان ۾ ڪهڙو راز سمايل آهي. ٻئي ڏينهن
هن هڪڙو ٻوٽو، جنهن جي چوٽي سائي هئي، کوٽڻ شروع
ڪيو. کوٽڻ ۾ کيس ڪافي وقت لڳو، ۽ هن سٽ ڏيئي اهو
ٻوٽو پاڙان پٽي ورتو. پوءِ هن جي عجب جي حد نه
رهي، جڏهن هن ڏٺو ته زمين ۾ اتي هڪ وڏو سوراخ ٿي
پيو هو. هوءَ ان سوراخ مان چٽيءَ طرح ڏسي سـِـگهي
ٿي، ته تمام تمام هيٺ سندس جهوپڙي هئي، جتان هوءَ
آئي هئي.
ٿورن ڏينهن گذرڻ بعد، هن کي هڪ ٻار ڄائو، جو پٽ هو. جڏهن به
هوءَ ان سوراخ مان جهاتي پائي نهاريندي هئي، تڏهن
پنهنجن ماڻهن کي گهمندو ڦرندو ڏسي، سندس چين آرام
ڦٽي پوندو هو. هن کي گهر ۾ ڪوبه مزو نه ايندو هو،
۽ هن محسوس ڪيوته هن واپس وڃڻ ٿي چاهيو. پر هوءَ،
اهو سوچي ته آخر هيٺ ڪيئن پهچنديس، اهو سوچي مغموم
ٿي ويندي هئي. مگر دل ۾ هوءَ پهه پچائيندي رهي.
هڪڙي ڏينهن هن کي خيال آيو ته ڇو نه گاهه مان رسي
ٺاهجي. هن رسي ٺاهڻ شروع ڪئي، ۽ ڪيترن ڏينهن تائين
هوءَ رسيءَ ٺاهڻ ۾ مشغول رهي. هن جي مڙس کي، هن جو
گهر کان ايترو وقت غير حاضر رهڻ تعجب ڏياريندو هو،
ته هوءَ ايترو وقت ٻاهر ڇو ٿي گهاري. آخر هڪڙي
ڏينهن هن کانئس سبب پڇيو. ”اڙي!“ ڇوڪريءَ جواب
ڏيندي چيس، ”مان سارو ڏينهن گهمندي آهيان، ۽ جڏهن
ٿڪجي پوندي آهيان ته ڪٿي نه ڪٿي آرام ڪندي آهيان!“
هن کي اهو سبب موزون نظر نه آيو.
جڏهن ڇوڪريءَ رسي ٺاهي تيار ڪئي، تڏهن هن رسيءَ کي سوراخ مان
هيٺ سرڪائڻ شروع ڪيو، ۽ جڏهن رسي ساري هيٺ هلي
ويئي، ۽ هـن سمجهـيو ته ڌرتــيءَ ســان وڃــي
لــڳي هــونــدي، تـڏهن هڪ مضبوط ڪاٺيءَ سان
رسـيءَ جي پڇڙي ٻڌي ڇڏيائين.
اها ڪاٺي سوري سوراخ جي مٿان رکيائين، ۽ پٽ کي پنهنجي سيني سان
مضبوط ڪري ٻڌي ڇڏيائين. پوءِ، رسيءَ ۾ ٻئي هٿ وجهي
هوءَ هيٺ لهڻ لڳي. گهڻي وقت تائين هوءَ صحيح سلامت
هيٺ لهندي رهي، پر اوچتو هن ڏٺو ته رسيءَ جي
پڇڙيءَ اچي ويئي آهي - ۽ هوءَ اڃا ڌرتيءَ کان ڪافي
مٿي هئي. هوءَ اتي ائين پئي لٽڪي، ۽ دانهون به
ڪندي رهي. آخر جڏهن سندس هٿ رسي پڪڙي پڪڙي ٿڪجي
پيا، تڏهن اوچتوئي رسي سندس هٿن مان ترڪي ويئي، ۽
هوءَ اچي هيٺ ڪـِـري. ڌرتيءَ تي ڪرڻ سان ذرا ذرا
ٿي ويئي. جيتوڻيڪ هوءَ ڪـِـرڻ سان ڇيهون ڇيهون ٿي
ويئي هئي، پر سندس پٽ نه مئو هو، ڇو جو اهو پٿر جو
ٺهيل هو. سڀ تارا پٿر جا ٺهيل آهن.
اهو ٻار اتي پيو هو. اوچتو هڪڙي چنڊول پکيءَ جي اڏامندي اڏامندي
هن تي نظر پئجي ويئي. هن کي ڏاڍو رحم آيو، ۽ ٻار
کي کڻي پنهنجي آکيري ۾ آيو. چنڊول هن کي پنهنجن
ٻچن جيان تاتيو ۽ نپايو. جڏهن هو چڱو وڏو ٿيو،
تڏهن آکيري مان نڪري، پکين سان گڏ، گهمڻ ڦرڻ ويندو
هو. جيئن پکي وڏا ٿيندا ٿي ويا، تيئن هيءُ به وڏو
ٿيندو ٿي ويو، ۽ هـاڻـي هـو ان لائـق ٿيو هـو، جو
ٺينگ ٽپا ڏيئي سگهي. جڏهن پکي ايترا وڏا ٿيا، جو
ڪجهه اڏامي سگهن، تڏهن ڇوڪرو به ڊڪڻ جهڙو ٿيو.
جڏهن پکي گهڻو وڏا ٿي ويا ۽ ڪنهن به پاسي اڏامي ٿي
سگهيا، تڏهن ڇوڪرو به ايترو ڦڙت ٿيو، جو هنن جو
پيڇو ڪري ٿي سگهيو. هو اڃا به وڏا ٿيندا پئي ويا.
جڏهن پکين جي ڏکڻ ڏانهن وڃڻ جي موسم آئي، تڏهن چنڊول پکيءَ
ڇوڪري کي چيو: ”پٽ! چڱو ته ائين ٿيندو ته تون هاڻ
پنهنجي گهر وڃ، ڇو جو هاڻي موسم ڏاڍي خراب ايندي،
۽ اسين پڻ ڏاکڻن ملڪن ڏانهن وڃي رهيا آهيون.“
ڇوڪري ادب سان جواب ڏنو: ”بابا! اوهان مون کي گهر
ڏانهن ڇو ٿا اماڻيو؟ مان اوهان سان هلندس.“-”نه
بابا!“ چنڊول چيو، ”ائين ٺيڪ نه آهي. چڱو ٿيندو ته
گهر وڃ. تنهنجا مائٽ نهر جي هن پاسي رهندا آهن،
تون اوڏانهن وڃ.“-”چڱو بابا“، ڇوڪري چيو، ”جيڪا
اوهان جي مرضي پر مون کي هڪڙو تير ڪمان ٺاهي ڏيو.“
چنڊول هن کي ڪمان ٺاهي ڏني، ۽ پنهنجا ڪجهه کنڀ پٽي
تيرن ۾ لڳايا. هن ڪل چار تير ۽ هڪ ڪمان هن کي ٺاهي
ڏني. چنڊول هن کي رستو ٻڌايو، ۽ ڇوڪرو تير ڪمان
کڻي روانو ٿيو.
ڪجهه وقت هو پنڌ ڪندو رهيو، ۽ آخر هو ان ڳوٺ ۾ اچي سهڙيو، ۽
هڪڙيءَ جهوپڙيءَ ۾ گهڙي ويو، جنهن ۾ هڪ ٻڍي عورت
رهندي هئي. ڇوڪري ٻڍيءَ کي چيو، ”ڏاڏي! مون کي
پاڻي پيار.“ ٻڍيءَ جواب ڏنس، ”پٽ! پاڻي ڏاڍي مشڪل
سان ملي ٿو. پاڻي انهن کي ملندو آهي، جيڪي ڊڪڻ جا
تکا آهن.“ – ”ڏاڏي! پاڻي مشڪل سان ڇو ٿو ملي؟“ هن
عجب ۾ پڇيو. ”پٽ! صرف جوان ۽ طاقتور ئي پاڻي کڻي
ايندا آهن، ڇو جو هو تمام تڪڙو ڊڪي سگهندا آهن.
اتي نديءَ ۾ هڪڙي بلا رهندي آهي، جا هر ڪنهن کي
کائي چٽ ڪري ڇڏيندي آهي.“ – ”ڏاڏي!“ ڇوڪري چيو،
”مون کي مينهن جي پيٽ مان ٺهيل ساندارو ۽ مينهن جي
سـِـڱ مان ٺهيل وٽو ڏي. پاڻي مان پاڻيهي کڻي
ايندس.“ – ”پٽ!“ ٻڍيءَ چيو، ”ڪيترائي نوجوان ان
بلا جو کاڄ ٿي چڪا آهن. مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته تون
به نه ان جو شڪار ٿي وڃين.“ آخرڪار ٻڍيءَ مينهن جي
پيٽ مان ٺهيل ساندارو ۽ مينهن جي سڱ مان ٺهيل وٽو
ڇوڪري کي ڏنو ۽ هو نهر ڏانهن روانو ٿيو.
نديءَ وٽ پهچي، هن وٽي سان سانداريءَ ۾ پاڻي ڀرڻ شروع ڪيو. جڏهن
ساندارو ڀرجي تار ٿيو، ته اوچتو بلا به پنهنجو سر
ٻاهر ڪڍيو. هن پنهنجو وات ڦاڙي ساهه کنيو، ۽ ساهه
کڻڻ سان گڏ ڇوڪرو به سانداري سوڌو هن جي وات ۾
هليو ويو. ڇوڪرو پاڻ سان گڏ هڪڙو تکو ڪپ به آندو
هو. جڏهن هو بلا جي پيٽ ۾ پهتو، تڏهن ڏٺائين ته
اهي سڀ ماڻهو، جيڪي بلا ڳرڪائي ويئي هئي، اتي ويٺا
هئا. ڪپ سان ڇوڪري بلا جي پاسي ۾ هڪڙو سوراخ ڪڍيو،
۽ هنن سڀني ماڻهن کي، جي بلا جي پيٽ ۾ پيا هئا، ان
سوراخ وسيلي ٻاهر ڪڍيو، ۽ پاڻ به پاڻيءَ جو
ساندارو کڻي ٻاهر آيو. پوءِ پاڻيءَ جو ساندارو کڻي
هو ڏاڏيءَ وٽ آيو.
”ڪير؟“ هن جي ڏاڏيءَ عجب ۾ پوندي چيو، ”پٽ، تون اصل ڪير آهين؟
ڇا ڪندو آهين؟“ – ” ڏاڏي،“ ڇوڪري وراڻيو، ”مان هڪ
ڪريل تارو“ آهيان. مون ان بلا کي ماري ڇڏيو، جنهن
اوهان سڀني کي پاڻيءَ کان ٿي سـِـڪايو.“ ٻڍيءَ
هڪڙي ماڻهوءَ کي اهو سمورو سماچار سڻايو، جنهن
رڙيون ڪري ساري ڳوٺ کي اها خبر ڏني ته: ”ڪريل
تاري“ اها بلا ماري آهي، جنهن سڀني کي پاڻيءَ ڍڪ
کان محروم رکيو هو.
”ڪريل تاري“ جڏهن ان ڳوٺ مٿان ان بلا جي مصيبت دور ڪئي، تڏهن
ڏاڏيءَ کان پڇيائين: ”ڏاڏي! هت ڀرسان ڪي ٻيا به
ڳوٺ آهن؟“ پوڙهيءَ جواب ڏنس، ”هائو ابا! اجهو هڪ
ڳوٺ ته هو، هن واهه جي پرئين پاسي کان آهي.” پوءِ
ڪريل تارو پنهنجو تير ڪمان کڻي ان ڳوٺ ڏانهن روانو
ٿيو.
برف وسڻ جي موسم به اچي ويئي، ڇوڪرو پنڌ ڪندو پئي ويو، ۽ آخر
هڪڙي ڏينهن شام جو هو ان ڳوٺ ۾ اچي پهتو. اتي
پهچي، هو هڪڙيءَ جهوپڙيءَ ۾ گهڙي ويو، جنهن ۾ هڪ
ٻڍي عورت، اڪيلي ۽ غمگين ويٺي هئي. هن جي اڳيان جا
باهه ٻري رهي هئي، تنهن ۾ صرف هڪ ڪاٺي وڃي بچي
هئي. ڇوڪري ٻڍيءَ کي چيو: ”ڏاڏي! مون کي اچي سيءَ
ورايو آهي، تون باهه کي مچائين ڇو نه ٿي؟“ – ”پٽ
ڳالهه ئي نه پڇ!“ پوڙهيءَ عورت چيس، ”ڪاٺين جو ملڻ
ڏاڍو مشڪل آهي، ڇو جو ٻيلي ۾ هڪڙو وڏو چٻرو رهي
ٿو، جو اهڙو ته خطرناڪ آهي، جو جيڪو اوڏانهن وڃي
ٿو، تنهن کي ماري ٿو ڇڏي.“ – ”مون کي ڪهاڙي ۽ نوڙي
ڏي،“ ڇوڪري ٻڍيءَ کي چيو، ”مان ٿو وڃي ڪاٺيون ڪري
اچان.“ – ”اڙي ابا!“ ٻڍيءَ غمگين ٿيندي چيس، ”تون
نه وڃ ابا!“ اهو چٻرو ڏاڍو خوفناڪ ۽ ظالم آهي. هو
ماڻهن کي چهنب ۾ کڻي پنهنجي ڪن ۾ ٿو بند ڪري ڇڏي.“
”ڪريل تارو“ نوڙي ۽ ڪهاڙي کڻي، ٻيلي ڏانهن روانو ٿيو. هو ٻيلي ۾
ڪاٺيون به ڪري رهيو هو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري به
رهيو هو. جڏهن هن چڱي ڀري ڪاٺين جي ڪئي، تڏهن اها
زور سان نوڙيءَ ۾ ٻڌائين، جڏهن هن ڪاٺيون ٻڌي
پوريون ڪيون، تڏهن اوچتو اهو خوفناڪ چٻرو ظاهر
ٿيو، ۽ ڇوڪري کي چهنب هڻي کڻي پنهنجي ڪن ۾ وجهي
ڇڏيائين. ڇوڪرو جڏهن چٻري جي ڪن ۾ اندر پهتو، تڏهن
هن پنهنجو تير ڪمان ڪڍيو، ۽ زور سان ڇڪي چٻري جي
مغز ۾ تير هنيو. چٻرو ڌڙام ڪري اچي هيٺ ڪريو.
ڇوڪرو چٻري جي ڪن مان رڙهي ٻاهر نڪتو، ۽ ڪاٺيون کڻي پوڙهيءَ جي
جهوپڙيءَ ۾ پهتو. ڪاٺين جي ڀري هيٺ لاهي، ڇوڪري
ڏاڏيءَ کي چيو: ”ڏاڏي! هاڻي کڻي باهه کي مچ مچاءِ.
بدن سيڪي، سيءَ کي ڀڄائينداسين. هن کي ختم ڪري
ڇڏيو اٿم، جنهن اوهان کي هن وقت تائين سيءَ ۾ پئي
سـُـڪايو!“ پوڙهيءَ اها خوشخبري هڪڙي ماڻهوءَ کي
ٻڌائي، جنهن وري خوشيءَ ۾ رڙيون ڪندي، اها خبر
ساري ڳوٺ کي سڻائي ته ”ڪريل تاري“ اهو خوفناڪ
چٻرو، جو ٻيلي ۾ رهندو هو، سو ماري ڇڏيو آهي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، ”ڪريل تاري“ پنهنجي ڏاڏيءَ کان پڇيو ته هت
ويجهڙائيءَ ۾ ٻيا به ڪي ڳوٺ آهن. پوڙهيءَ ٻڌايس ته
ٻيون به ڪيتريون ئي بستيون آهن. ”ڪريل تاري“ اهو
ڳوٺ ڇڏيو، ۽ ٻئي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو.
هاڻي سيارو پنهنجي جوانيءَ ۾ هو، ۽ زمين ساري برف سان ڇانئيل
هئي. ”ڪريل تارو“ پنڌ ڪندي ڪندي، هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي
پهتو. ويجهوئي هڪڙيءَ ٻڍيءَ عورت جي جهوپڙي هئي، ۽
هو ان ۾ اندر وڃي ويٺو. مهمان نوازيءَ جي اصول
خلاف، ٻڍيءَ هن کي مانيءَ کائڻ جي صلاح ئي نه ڪئي.
آخر بک کان بيحال ٿيندي، ڇوڪري ٻڍيءَ کي چيو،
”ڏاڏي مان ته بک ۾ پاهه ٿو ٿيان!“
”اڙي، پـُـٽڙا!“ هن چيو، ”کاڌو ته آهي ئي ڪونه!، مينهن ڪٿان هٿ
اچي ئي ڪانه ٿي. جڏهن به ڪنهن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش
ڪندا آهيون، تڏهن هڪڙو وڏو اڇو ڪانءُ آهي، جو
مينهن کي خبردار ڪندو آهي ۽ هو ڀڄي وينديون آهن.“
”ڪريل تاري“ چيو: ”پوءِ اوهان کي ته ڏاڍي تڪليف
هوندي! اهو ته ڏاڍو خراب ٿيو. مان ڪوشش ڪندس، شايد
اوهان جي لاءِ ڪجهه ڪري سگهان! تون ڏاڏي، صرف
ايترو ڪر، جو ٻاهر ڳوٺ ۾ وڃي اهڙو ڪو ڪڙتو وٺي اچ،
جنهن جي مٿان وار هجن، ۽ ٻڍي سردار کي چئينس ته ٻه
تکا ڊوڙندڙ نوجوان هٿ ڪري مون ڏانهن روانا ڪري. بس
پوءِ تون ويهي ڏس، ته مان ڇا ٿو ڪريان!“
ٻڍي عورت ڪڙتي هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتي. گهر گهر مان پڇا ڪندي، آخر
هڪڙي گهر مان هن کي اهو هٿ آيو. هوءَ سردار وٽ به
ويئي، ۽ هن کي چيائين ته هو ٻه تکا ڊوڙندڙ نوجوان
چونڊي هن جي جهوپڙيءَ ڏانهن روانا ڪري. پوءِ هوءَ
ڪڙتو کڻي جهوپڙيءَ ۾ پهتي.
سردار ٻه نواجون، جي تکا ڊوڙندا هئا، ”ڪريل تاري“ ڏانهن روانا
ڪيا، جنهن انهن نوجوانن کي سمجهائيندي چيو ته جڏهن
به ڪو پاڏو يا مينهن ڳوٺ جي ڀرسان لنگهي، ته هو ان
جي پويان وڃن، ۽ جڏهن مينهن هن کي ڏسي ڀڄڻ شروع
ڪري، ته هو به ان جي پٺ وٺن، ۽ ان کي رسي، تير هڻي
ماري ڇڏين. پوءِ ان جي کل ڦاڙي، اتي ئي ڦٽو ڪري
ڇڏين. هو پاڻ کانئن به اڳي، ان مينهن جو پيڇو
ڪندو، پر کين، سندس خيال نه ڪرڻ گهرجي. ڪجهه وقت
بعد، ڳوٺ جي ڀرسان ڪيئي پاڏا ۽ مينهون چرندي نظر
آيون. ڳوٺ جا ماڻهو انهن کي مارڻ لاءِ ٺهي سنڀري
گهرن کان نڪتا. جڏهن هو ويجها اچي پهتا، ته ڪانوَ
مينهن کي رڙ ڪري چيو: ”ڊوڙو ڊوڙو اچي ويا اچي ويا!
اهي توهان جي پويان آهن!“ مينهنِ جي ڪن تي آواز
پيو، ۽ هو اٿي ڊوڙيون مينهن ڊوڙڻ شروع ڪيو ۽ انهن
جي پويان هڪ ڪمزور پاڏو پڻ هو، جنهن جي بدن تي
تمام ڇڊا ڇڊا ۽ ڀورا وار هئا. اهو انهن مينهن جي
ولر کان پوئتي رهجي ويو. ٻنهي تکن ڊوڙندڙن انهيءَ
پاڏي جي پٺ ورتي، ۽ ان کي ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائي
وڌائون، ۽ آخر تير هڻي ان کي ماري وڌائون. پاڏو
اتي ئي ڪري پيو، ۽ پوءِ هنن ان جي کل کي چيري، ان
جو گوشت پٿاري، ويڪرو ڪري اتي ئي ڇڏي ڏنو. اهڙيءَ
طرح پاڏي کي ماري ۽ چيري، اتي ئي ڦٽو ڪري، هو گهرن
ڏانهن موٽيا. ٿورو پنڌ ڪري پوئتي منهن ورائي
ڏٺائون، ته ڪيترائي پکي ۽ جانور، پاڏي جي گوشت
کائڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا هئا. پکين ۾ اهو اڇو ڪانءُ
پڻ هو. هو ڪڏهن ڍونڍ مٿان اڏامي رهيو هو، ته ڪڏهن
هيٺ ٿي لهي آيو، ۽ وڏي آواز ۾ چيائين پئي: ”لاشڪ
هي ”ڪريل تارو“ آهي!“ هو آهستي آهستي مئل پاڏي جي
ويجهو سري رهيو هو، ۽ ٻين پکين کي به چيائين پئي،
”لاشڪ هي ”ڪريل تارو“ آهي! خير، اوهان ان جي اکين
کي هٿ به نه لايو، اهي خاص منهنجي لاءِ ڇڏي ڏيو!“
هو به ويجهو ايندو ويو، ۽ اکين ۾ اڃا چڪ وجهڻ جي
ٿي ڪيائين، ته ايتري ۾ ”ڪريل تاري“ مئل پاڏي جي کل
هيٺان هٿ ڪڍي، هن جون ٻئي ٽنگون پڪڙي زور سان کڻي
قابو ڪيون. |