سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :12

 

از: جئيل چئنڊلر هئرس

سيهڙ ۽ مڇر

 

 

ٻيءَ رات، ڏاڏو ”جئڪ“ اڃا ٻاهر ئي هو، ته ننڍڙو نينگر، چاچي ”ريمس“ سان ملڻ آيو. هن اچڻ سان ڏاڏي ”جئڪ“ جي پڇا ڪئي.

”خدا توکي خوش رکي ٻچڙا، ادي جئڪ جي مون کان ڪهڙي ٿو خبر پڇين! هو اڄ ڪلهه ڏاڍو پوڙهو ٿي ويو آهي- سڄو پيو ڏڪي. پر هن جي هڏن جو ڪهڙو قصور. عمر به ته ڪافي اٿس. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته پنهنجي ٻڍاپڻ سان پيو وڙهي، پر ابا، ٻڍاپڻ کان ڪير ٿو ڏاڍو ٿي سگهي! مون کي ياد آهي ته چاليهن سالن کان مان هن سان گڏ گهاريندو ٿو اچان. توکي خبر آهي ته هو مون کان به وڏو آهي؟ آءٌ ٿو توکي ٻڌايان ته هو مون کان عمر ۾ گهڻو گهڻو وڏو ٿيندو!“

”چاچا ريمس، هو توکان عمر ۾ وڏو آهي؟“ ڇوڪري عجب کائيندي چيو.

”اهوئي ته توکي ٻڌايان پيو. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته ڄڻ ائين هجڻ ناممڪن آهي، پر سچ پچ هو مون کان عمر ۾ گهڻو وڏو آهي. جيتوڻيڪ هن جو قد به ننڍو آهي، ۽ ڪم جو به اڃا برجستو آهي.“

چاچا ريمس ڪجهه دير ترسيو، ۽ ساهي پٽي، وري تازو ٿي، ڳالهه شروع ڪيائين.

”ادي جئڪ بابت ڳالهائيندي مون کي هڪڙي ڳالهه ٿي ياد اچي، جا گهڻو ڪري ان ملڪ ۾ ئي ٿي هئي، جتان ادو جئڪ آيو هو. مون کي ڪڏهن ڪڏهن عجب به ڏاڍو لڳندو آهي، ته اها ڳالهه ادي جئڪ پاڻ مون سان اڃا ڇو نه ڪئي آهي، پر ٿي سگهي ٿو ته هن جي ذهن تي نه چڙهندي هجي.“

”ڪهڙي ڳالهه آهي، چاچا ريمس؟“

”ڳالهه ائين آهي ته هڪڙي ڏينهن سڀ جانور ۽ سڀ انسان ڀڄ ڊڪ ۾ لڳا پيا هئا، ڇو جو آسمان مان برسات ڏاڍي تڪڙي وسي رهي هئي، ۽ ادو بگهڙ—“

ننڍڙو ڇوڪرو اچي کل ۾ ڇٽڪيو، ۽ چاچو ريمس ڪاوڙجي ويو.

”ڪيئن چاچا! ادو بگهڙ هن ڪنجوس عورت جي هٿن مان ڪيئن جان ڇڏائي ويو هو؟“

ٻڍي جو آواز ڳورو ٿي ويو، ۽ منهن غصي ۾ لعل ٿي ويس:

”اهو ڇا آهي؟ ڳالهه تون ٿو ٻڌائين يا مان ٿو ٻڌايان؟ ٻڌا“، مان ٿو ڳالهه ٻڌايان يا تون ٿو ڳالهه ٻڌائين؟ جيڪڏهن ڳالهه مان ٿو ٻڌايان، ته پوءِ تون ڇو ٿو وچ ۾ ٽپي پوين؟“

”چاچا، تو اڳئين دفعي ٻڌايو هو ته بگهڙ مري ويو، ۽ وري هاڻي---“

”منهنجو ڇا؟ مان ته توکي اهو ٿو ٻڌايان، جيڪي آکاڻي ۾ آهي،“ چاچي ريمس جي منهن تي بيزاريءَ جا نشان ٿي ڏسڻ ۾ آيا. ”مان ته توکي اهو ڪجهه ٿو ٻڌايان جيڪي ڪجهه آکاڻيءَ ۾ آهي. آکاڻي تنهنجي چاچي ريمس کان به وڏي آهي، تنهن ڪري مون کي وقت ڪونهي ته تنهنجن فضول سوالن جا جواب ويهي ڏيان.“

ٻڍي ريمس ٿورو وقت دم پٽيو، ۽ اکيون بند ڪيون. هن ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏني، ۽ هڪ وڏو ساهه کنيو. ڪجهه وقت کان پوءِ، هن جهيڻي آواز ۾ چيو:

جيڪڏهن آکاڻي ڪجهه نصيحت پرائڻ لاءِ آهي، ته پوءِ ڪابه پرواهه ڪانهي ته بگهڙ مري ويو آهي يا اڃا تائين ٻين زنده جانورن جيان زندگيءَ جا مزا ماڻي رهيو آهي. مئل آهي يا جيئرو، بهرحال ڪنهن وقت هو ان شهر ۾ جنهن مان ادو جئڪ آيو هو، هڪڙي ڪـِـني پاڻيءَ جي تلاءَ ڀرسان رهندو هو، ۽ هن کي هڪ حسين ڌيءُ هئي. سڀ نوجوان جانور هن جي پويان مست هئا. اهي سڀئي ادي بگهڙ جي گهر ايندا ويندا هئا، ۽ هرڪو پنهنجي نموني هن جي ڌيءُ جي سڱ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

”هو سڀئي بگهڙ جي ڌيءُ سان دل ۾ محبت ڪندا هئا، ۽ ڪڏهن به ادي بگهڙ وٽ ڀيرو نه ڀڃندا هئا. اوچتو بگهڙ جي گهر اچي مڇر پيدا ٿيا. ادو لومڙ به بگهڙ جي ڌيءُ جي عاشقن مان هو. هو به اتي ايندو ويندو هو، ۽ مـِـس بگهڙ (بگهڙ جي ڌيءُ) سان گڏجي مڇر ماريندو هو. هڪڙي ڏينهن بگهڙ کي غصو اچي ويو، ۽ لومڙ کي مڇرن مارڻ ڪري چماٽ هڻي، گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين، ۽ ان سان گڏ اهو به اعلان ڪيائين ته جيڪو مڇرن سان گڏ گهاري سگهندو، اهوئي سندس سڪيلڌيءَ حسين ڌيءُ جو مڙس ٿيندو.

”لومڙ کان پوءِ رِڇ آيو، پر هو اڃا ويٺو ئي مس، ته مڇرن اچي ورتس، ۽ هن مجبور ٿي مڇرن کي مارڻ شروع ڪيو. هن جا مڇر مارڻ ۽ بگهڙ جو ڪاوڙجڻ. بس هن کي به رستو ڏيکاريائين. ادي ڀولڙي به ڪوشش ڪئي، پر هو به مڇرن مارڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو، ۽ ادي بگهڙ هن سان به ساڳي ڪار ڪئي.“

آخر سڀني نوجوان جانورن، سواءِ ادي سيهڙ جي، پاڻ آزمائي ڏٺو، پر ڪنهن جي به مڇرن اڳيان دال ڳري نه سگهي. ڪوبه اتي مڇرن مارڻ کان سواءِ رهي نه پئي سگهيو. جڏهن ادي سيهڙ کي انهيءَ ماجرا جي ساري سڌ پيئي، تڏهن هن جي دل ۾ به پاڻ آزمائڻ جي خواهش پيدا ٿي.

”هن جي دل ۾ اڃا خيال ئي مس آيو، ته ان کي پوري ڪرڻ لاءِ هو تيار ٿيو. هو پنهنجو گهر ڇڏي، بگهڙ جي گهر ڏانهن روانو ٿيو. ٿوري ئي وقت ۾ هو اتي اچي پهتو. بگهڙ جي گهر جو دروازو کڙڪائڻ شروع ڪيائين. ادي بگهڙ جي زال ڀرت ڀري رهي هئي. هن اهو اتي رکيو، ۽ در تي اچي هن پڇيو:

”ڪير آهي؟“

بگهڙ جي ڌيءُ آئيني جي سامهون پنهنجن وارن کي ڦڻي ڏيئي رهي هئي، ۽ اتان ئي هن ليئو پائي ڏٺو، ۽ هن جي دل ئي ڏڪي ويئي.

”شــه ....-....-! اهو ته سيهڙ صاحب آهي. مان پنهنجين ساهيڙين کان ٻڌو آهي ته هو ڏاڍو سياڻو ۽ شريف آهي. پر اهو ٻڌي ڇڏ، اما! هن دفعي، مهرباني ڪري، مون کان اهي ڳالهيون نه پڇجانءِ ته صابڻ ڪيترو کپي ويو آهي. يا ٻليءَ کي ڪيترا پونگڙا ڄاوا آهن. جڏهن به ڪو ايندو آهي، ته تون هميشه اجايون ڳالهيون ويهي پڇندي آهين!“

”ڇا، چاچا ريمس! سچ پچ هن ماءُ سان اهڙي نموني ڳالهايو؟“

ننڍڙي ڇوڪري عجب ۾ پئجي پڇيو.

”هائو، ٻچا! جيڪڏهن مان توکي اهو ٻڌائڻ شروع ڪندس ته ننڍڙيون ڌيئرون ڪيتريون نه پياريون ٿينديون آهن، ته پوءِ ساري عمر اها ڳالهه ختم نه ٿيندي، ۽ تنهنجا وار پڻ مون جهڙا سفيد ٿي ويندا، ۽ تنهنجي چاچي ريمس جي عمر پڻ ٻيڻي ٿي ويندي.“

”ها، پوءِ چاچا ريمس، ماڻس ڇا چيس؟“

ادي بگهڙ جي زال رئي سان پنهنجو مٿو ڍڪيو، ۽ پنهنجيءَ ڌيءُ ڏانهن فخر سان نهاريائين. ڇوڪريءَ هڪ ٻه دفعو آئيني ۾ ڏٺو، ۽ پوءِ در ڏانهن ويئي. در جو تاڪ کولي، پنهنجي منهن جو ٿورڙو حصو ٻاهر ڪڍيائين، ڄڻ ته ڊپ هوس ته ڪو ڌڪ هڻي ڀڄي ويندو. درجي ٻاهران ادو سيهڙ، ڪنهن سنجيل ٺهيل گهوڙي جيان تيار بيٺو هو. بگهڙ جي ڌيءُ پنهنجن چپن تي مرڪ ڦهلائي، ۽ اکيون هيٺ جهڪائيندي، اتان ئي ماءُ کي آواز ڏنو-

”اما هيءُ ته مسٽر سيهڙ آهي. اسان پئي سمجهيو ته شايد ڪو ڀليل مسافر آهي!“

ادي بگهڙ جي زال پنهنجي عينڪ مان ڏسندي چيو:

”چڱو، ڀلي آيو. هاڻ خدا جي واسطي اندر وٺي اچينس، ساري رات اتي بيهاريندينس ڇا؟“

بگهڙ جي ڌيءُ جو اوچتو رومال هيٺ ڪري پيو، ۽ ادي سيهڙ يڪدم هيٺ نوڙي اهو کنيو، ۽ ڪنڌ جهڪائي، ڏاڍي نياز ۽ نوڙت سان اهو هن جي اڳيان پيش ڪيائين. ڇوڪري هن جو ايڏو اخلاق ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ ”مهرباني“ چئي، هن کان رومال واپس ورتائين. پوءِ هن کان حال احوال ورتائين، ۽ هن کان اچڻ جو سبب پڇيائين. سيهڙ هن کي سڀ ڪجهه ٻڌايو، ۽ سندس پيءُ بابت پڇيائينس.

ادي بگهڙ جو ڪو گهڻو انتظار ادي سيهڙ کي ڪرڻو ڪونه پيو، ڇو جو جلدئي هن، ادي بگهڙ جي پيرن جو آواز ٻڌو، جن کي هو در تي بيهي صاف ڪري رهيو هو، ۽ پوءِ جلدئي هو گهر ۾ اندر گهڙي آيو. هنن هڪ ٻئي سان هٿ ملايو، ۽ هڪ ٻئي کان خوش خير عافيت پڇي. ڳالهيون ڪندي، ادي سيهڙ چيو ته هو اها ڳالهه پسند نه ڪندو آهي ته ڪنهن سان ملڻ وڃجي ته ان سان ملڻ بجاءِ وڃي ٻين سان گڏ ويهجي. اهو ٺيڪ نٿو لڳي. هن وڌيڪ چيو:

”جيڪڏهن ادا بگهڙ، ڪا ڳالهه نه وڻي، ته به ڪچهريءَ ۾ سر ته ڌوڻڻ ئي گهرجي.“

ادو بگهڙ انهن مان هو، جن کي پورالو سڏيو ويندو آهي. هن صاف نابري واري ۽ چيائين ته هو ڪڏهن به خواهه مخواهه سر نه ڌوڻيندو، پوءِ ڇو نه ڪو ڪاوڙجي وڃي. انهن ۽ اهڙي قسم جي ڳالهين تي هنن جو بحث هلندو رهيو، تان جو ادي سيهڙ جي ڪنن ۾ مڇرن جو ڀڻڪو ٿيو. ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو ته مڇر هاڻ هن کي ويجهي پوڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

ننڍڙو ڇوڪرو کليو، ۽ چاچو ريمس ڏاڍو سنجيده ٿي ويو.

”اهي مڇر هر ڪنهن سان ناتو جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن- خاص ڪري انسانن سان. مان هنن کي ڪيترا دفعا پنهنجن ڪنن جي ڀرسان ڳائيندي ٻڌو آهي: ”اسان جو سؤٽ!-- اسان جو سؤٽ!“ ٻچا، اها ڳالهه ياد رک ته هو تمام ويجهو ايندا آهن، جڏهن هو ڪنهن کي پنهنجو سوٽ سمجهندا آهن!“

ادي سيهڙ هنن کي ڪنن ۾ ڀڻڪندو ٻڌو، ۽ هن سوچيو ته اڄ هن کي تمام گهڻو ڳالهائڻو پوندو. هن ڳالهائڻ کان اڳ نڙي آلي ڪرڻ چاهي. هن پاڻي گهريو، ۽ بگهڙ جي ڌيءُ آڻي هن کي پاڻي پياريو.

”مهرباني! ادا بگهڙ، هيءُ مٺو پاڻي اوهان کي ڪٿان هٿ ايندو آهي؟“

اتي، هن جي بنهه ڪنن ۾ مڇرن جي ڀون ڀون ٿي.

”ڪي ته وري چوندا آهن، ادا سيهڙ، ته هتان جي پاڻيءَ ۾ جيت آهن!“

مڇرن جي ڀون ڀون صاف ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي.

”توهان جي جڳهه ئي سٺي هنڌ تي ٺهيل آهي، بگهڙ ادا!“

مڇرن جي ڀون ڀون هيڪاري وڌي ويئي.

”ڪي ته چون ٿا ته هيءَ جڳهه، ادا سيهڙ، کڏ ۾ آهي!“

”مڇرن جي اهائي ڀون ڀون چالو، ڄڻ هو به ادي سيهڙ ۽ ادي بگهڙ کي ڳالهين ۾ وارو وٺائي رهيا هئا. نيٺ هنن اهڙي ته زور سان ڀون ڀون ڪئي،“  چاچي ريمس هڪ ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”جو سيهڙ ڊڄڻ لڳو، ۽ جڏهن ڪوبه جانور ڊڄندو آهي، ته سندس دل اصل مشين جيان تڪڙي هلندي آهي.“

”ڪالهه شهر ڏانهن ويو هوس، ۽ اتي هڪڙو اهڙو ته نظارو ڏٺم، جنهن جي ڏسڻ جي ڪابه اميد ڪانه هيم،“ سيهڙ چيو.

”ڪهڙو نظارو هو، ادا سيهڙ؟“

”هڪڙو داغن سان گهوڙو ڏٺم؟“

”ائين ڪيئن هوندو، سيهڙ ادا؟“

”ادا، مان پنهنجي اکين سان اهو حال ڏٺو.“

”ادي بگهڙ مٿو کنهڻ شروع ڪيو، ۽ سندس ڌيءُ، سيهڙ جي چٽيل گهوڙي جي بيان ۾ ڏاڍو چاهه وٺڻ لڳي. مڇرن جي ڀون ڀون اهائي ائٽ جي آواز جيان لڳي پيئي هئي، ۽ سيهڙ وٽ سواءِ ڳالهائڻ جي ٻيو ڪو بچاءَ جو رستو هوئي ڪونه. سو هو ڳالهائيندو رهيو.“

”ادا، صرف هڪ گهوڙو ته نه هو نه، پر سارو ولر ئي داغن سان ڀريل هو، ۽ هو مست هاٿين جيان نچندا وڃي رهيا هئا. گهوڙي کي کڻي ڇڏ، منهنجي ڏاڏي کي جو ساري بدن تي داغ هوندا هئا.“  ادي سيهڙ چيو.

”ادا سيهڙ، اهڙيون خراب ڳالهيون، پنهنجن بزرگن بابت ڪندي، توکي شرم نه ٿو اچي؟“

ادو سيهڙ کليو ۽ چيائين، ”هائو - پر داغ هئس جو!“

اتي بگهڙ جي پوڙهيءَ زال کان ٽهڪ نڪري ويو.

”مڇرن جي ته اهائي ڀون ڀون لڳي پيئي هئي- هنن کي روڪي ڀلا ڪير؟“

سيهڙ وري کلندي چيو. ”هائو سائين! منهنجي ڏاڏي کي داغ هئا اها هڪ اهڙي حقيقت آهي، جهڙي اوهان جو هتي حاضر هجڻ، هن کي ساري بدن تي داغ هئا.“  (اتي، هڪڙو مڇر زور سان هيٺ لٿو، ۽ سيهڙ جي بنهه ڳٽي تي اچي ويٺو.) ”هن کي، سائين، سچ پچ داغ هئا. هڪڙو وڏو ۽ چٽو داغ ته هتي هوس!“

”ائين چئي. سيهڙ ٺڪاءُ ڪئي پنهنجي ڳٽي تي چماٽ.“

چاچي ريمس پنهنجو هٿ مٿي کنيو، ۽ ڳالهه کي سمجهائڻ لاءِ پنهنجي ڳٽي تي به سيهڙ وانگر چماٽ وهائي ڪڍي، ۽ پوءِ وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين.

اڃا سيهڙ چماٽ هڻي، اهو مڇر مس ماريو، ته ٻيو زور سان هن جي چوڌاري ڀون ڀون ڪندو، هن جي ٽنگ تي اچي ويٺو. ادو سيهڙ اهوئي پنهنجي ڳالهائڻ ۾ مشغول لڳو پيو هو.

”ويچارو ڏاڏو! توهان جيڪر هن کي ڏسي، هن جي چـُـٽن ۽ عينڪ کي ڏسي، کلي ڏيو ها. هن کي هڪڙو داغ هت ٽنگ تي به هو.“

چاچي ريمس گوڏي کان هيٺ پنهنجي ٽنگ تي هڪ چنبو وهائي ڪڍيو، ۽ اهڙو ته سنجيده منهن کڻي بڻايائين، جو ڇوڪري کان زور سان ٽهڪ نڪري ويو. ٻڍو ريمس پنهنجي آکاڻي ٻڌائڻ ۾ مشغول رهيو.

وري ٻيو مڇر آيو، جو سيهڙ جي ڪلهي تي اچي ويٺو، ۽ سيهڙ ڳالهائڻ شروع ڪيو:

”توهان اعتبار ڪريو يا نه، پر اها حقيقت آهي ته ڏاڏي کي ڪلهي وٽ ته هڪ اهڙو نشان هوندو هو، جو ڄڻ گهوڙي جي هني جي نشان جهڙو ٿي لڳو.“

ٺا - ادي سيهڙ ڪلهي تي ڌڪ هنيو!

”مڇر هن جي چوڌاري ڦرڻ لڳا، ۽ هڪڙو هن جي چيلهه تي اچي ويٺو. جڏهن هن چيلهه تي مڇر جو ڏنگ محسوس ڪيو، تڏهن يڪدم هن چيو ته سندس ڏاڏي کي چيلهه تي به داغ هو.

ٺا - چيلهه تي ڌڪ هڻي مڇر ماري ڇڏيائين.

”هو اهڙيءَ طرح مڇر ماريندو رهيو، ماريندو رهيو،“ چاچي ريمس ڇوڪري کي ٻڌايو، ۽ ساڳئي وقت پاڻ کي هر هر ڌڪ هڻي، هن کي سمجهائيندو به ويو ته سيهڙ ڪيئن پئي مڇر ماريا.

”اهڙي طرح هو ڏاڏي جا داغ ڏيکاريندو رهيو، ۽ مڇر مرندا رهيا“.

”ادو بگهڙ ۽ سندس زال ڏاڍا غور سان هن جي ڳالهه ٻڌي رهيا هئا، ۽ ڪنڌ به ڌوڻي رهيا هئا. پوءِ ته ادي سيهڙ ۽ بگهڙ جي ڌيءُ ٻنهي گڏجي ڪافي مڇر ماريا.“

”چاچا!“ ننڍڙي ڇوڪري اتاولو ٿيندو پڇيو، ”هن سان پوءِ سيهڙ جي شادي ٿي؟“

”ٻڌايانءِ ٿو ابا!“ چاچي ريمس هن کي دلاسو ڏيندي چيو. ”ادي بگهڙ ٻئي ڏينهن ادي سيهڙ ڏانهن پنهنجي ڌيءُ جي مائٽي موڪلي، ته جيڪڏهن هو چاهي، ته سندس ڌيءُ سان هن جي شادي ٿي سگهندي. پر ان کان وڌيڪ مون کي خبر پئجي نه سگهي، ته واقعي سيهڙ جي هن سان شادي ٿي يا نه. ٿي سگهي ٿو، ته ادي سيهڙ وري ڪا ٻي مهم سر ڪرڻ چاهي هجي، ڇو جو هڪ ڏينهن جو عرصو به ته ڪافي آهي، ڪنهن جي خيالن ۾ ڦيري آڻڻ لاءِ!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com