سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: 5

صفحو : 7

 

ملاڪا شروات جي ملڪ ۾

دهلي ۾ بيمار، ڏٻرن، نٺر، سست ۽ ڪجهه خوفناڪ شڪلين جي ڪتن جي هر گهٽيءَ ۾ لوڌ نظر اچي ٿي جيڪي جتي ڪٿي هنگندا وٿن، پڇ  اوور فلو ٿيندڙ گٽرن مان ٻوڙي لوڏيندا وتن يا بڇڙي شڪل ٺاهي لنگهندڙن جي موڊ آف ڪندا رهن ٿا. آئون چوندو هوس ته مسلمان ملڪن ۾ اسان جو ئي ملڪ آهي جتي جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڇڙواڳ ۽ نڌڻڪا ڪتا ماڻهن کي ڏاڙيندا ۽ پاسي کان لنگهندڙن جا ڪپڙا پليت ڪندا وتن پر هاڻ سال پويان سال گذرڻ تي اسان وٽ ڪتن جو تعداد گهتايو پيو وڃي. ڪراچيءَ جي ڊفينس سوسائٽي جهڙن علائقن ۾ ته ميلن تائين هڪ به رول ڪتو نظر نه ايندو،  پر هاڻ ڳوٺن جا ماڻهو به اهڙن ٽوٽي، بيمار ۽ پاڳل رول ڪتن کي اسان جو دوست نه پر دشمن سمجهن ٿا. پر هتي انڊيا ۾ جنهن گهٽيءَ مان لنگهه ته همراهه ويٺا آهن. خاص ڪري مندرن وٽ جتي ايندر ماڻهو رحم کائي هنن ڪتن کي کاڌو مهيا ڪن ٿا، ۽ ايتري ئي انگ ۾ رول ۽ نڌڻڪيون (پوڙهيون ۽ بيمار ڊڳيون) پڻ آهن. جن جي جوانيءَ ۾ ته مالڪن کين ماتا ماتا ڪري کير ڏڌو، پيتو وڪيو ۽ پئسو ڪمايو ۽ هاڻ جڏهن هو ان تي چٽي آهن ته کين Disown ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي ته هي پوڙهيون ۽ بکايل ڍڳيون گند ڪچري ۾ منهنجو وجهي پيون گذر سفر ڪن. ان کان علاوه هي پوڙهيون، ڏٻريون، ٽوٽي ڍڳيون ٽرئفڪ لاءِ به عذاب آهن جو ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي وقت وچ رستي تي ايتريون ته ڍڳيون ٻيهر رهن جو ٽرئفڪ جئم ٿيو وڃي ۽ هاڻ هنن ڳئون ماتائين کي ڏنڊو هڻي به ڪير هڪلي؟ ڪيترين ته اهڙين پوڙهين ڍڳين مان (جيڪي نه ڏهڻ جون نه ڪهڻ جون) جان ڇڏائڻ لاءِ بارڊر جي هن پار. يعني اسان جي ملڪ ڏي ٽپايون وڃن ٿيون. جيڪي اسان جا ڪاسائي گابي جي گوشت ۾ سنڌ جي مارڪيٽن ۾ کپائيندا رهن ٿا ۽ انهن، سڪل ۽ پوڙهين ڍڳين جي گوشت نه سولائيءَ سان ديڳڙي ۾ ڳري ٿو ۽ نه پيٽ ۾ هضم ٿئي ٿو. بهرحال انڊيا جي رستن تي لاوارث هنن ڳئون ماتائن جو تعداد گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ٿيندي رهي ٿي.

مٿين ٻن ڳالهين کان علاوه دهليءَ جي رستن تي جتي ڪٿي مٽندڙ ماڻهن جو وڏو تعداد نظر اچي ٿو. اسان جي ايشيا ملڪن ۾ ڪٿي آهي Toiletes جو بندوبست ۽ انڊيا جهڙو ملڪ جنهن جي آدمشاري هيڏي ڳتيل آهي، پنهنجا مثانا خالي ڪرڻ لاءِ عوام ڪيڏانهن وڃي. پوءِ جتي ڪٿي آڏ اڳيان بيٺا مٽن، ڪن ڪن سوڙهن رستن تي پيشاب جي ايڏي بدبوءِ آهي جو هڪ نئين ماڻهوءَ کي منجهايو رکي جيسين وڃي نڪ جون ناسون هن اوپري ماحول سان سمجهوتو ڪن. سو اهي مٿيون ٽي Points مڙيئي اڄ جي ماڊرن امير ٿيندڙ ۽ شلپا شيٽي، شسميتاسين، ايشوري راءِ، امرتا ارورا، پريانڪا چوپڙا..... جهڙين حسين فلمي هيروئنن جي ملڪ انڊيا جي حساب ۾ Negative تاثر ڏين ٿيون نه ته هونءَ انڊيا ڪيترين ڳالهين ۾ اسان جهڙن ملڪن کان مٿي ٿيندو وڃي. خاص ڪري Lsw & Order ۾، سستائيءَ ۽ تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾، مهذب پڻي ۾ ۽ ڪيتريون ڳالهوين اسان کي انڊيا کان سکڻ به کپن جيئن پهرين اسان اهوئي سمجهندا هئاسين ته سونهن جي نشاني ۽ ماڊل فقط اسان جي فلمي انڊسٽري جون بهار، نغمه، انجمن، ماهه پارا.... جهڙيون صحمتند ۽ جاهل عورتون آهن پر هاڻ انڊين چئنل کلڻ بعد ماڻهن کي سونهن جي ڄاڻ پئي آهي ته بپاشا باسو، ڪرينا ڪپور، اميشا پاٽيل، مليڪا شراوت، نيها دوپيا، لارا دتا، جهڙيون فلمي هيروئنون وڌيڪ سهڻيون آهن، جن جي پيٽ ۾ کاڌو گهٽ ۽ دماغ ۾ تعليم زياده آهي.

اهڙي طرح انڊيا جا بارڊر کلڻ تي جڏهن اسان جي ماڻهن جو هن پاسي اچڻ وڃڻ عام ٿيندو ته پوءِ کين احساس ٿيندو ته قاعدي قانون توڙي امن امان، واپار وڙي تعليم، ميڊيڪل، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ انڊيا اسان کان گهڻو اڳتي نڪتل آهي جنهن کان اسان کي ڪجهه پرائڻ کپي. پوءِ ئي ڌاريان ماڻهو خرچ ڪري اسان جو موهن جو دڙو ڏسڻ ايندا، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺٽو ڏسڻ ايندا ۽ دنيا جي سڀ کان اعليٰ انڊسٽري، ٽوئرزم مان اسين لاڀ حاصل ڪري سگهنداسين.

 

انڊيا ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا

دهليءَ ۾ مسلمان ڪافي رهن ٿا پر هو مختلف علائقن ۾ pockets ۾ رهن ٿا. يعني هنن جون ننڍيون ڪالونيون آهن جي جي وچ ۾ ڪا مسجد پڻ نظر اچي ٿي. هونءَ گهڻائي (ميجارٽي) غير مسلم خاص ڪري هندن جي نظر اچي ٿي جيڪي هونءَ به اڄ جي انڊيا ۾ اڪثريت ۾ آهن بزنس توڙي نوڪري ۾ هندو نالا نمايان نظر اچن ٿا. مسلمانن جا نالا ننڍين ننڍين ۽ پرائيويٽ نوڪرين ۾ نظر اچن ٿا، هنن جو بزنس به ننڍي پيماني تي آهي، فٽ پاٿن تي ٺڪر جون ڪونڊيون يا جانمازون وڪڻندي يا ٽوپين ۽ ڏاڙهين مان لڳندو ته هي  مسلمان آهن. جمع جي ڏينهن قطب مينار وٽ مسجد حاجي علي خان نالي مسجد ۾ جمعي نماز تي ڪافي مسلمانن سان ملاقات ٿي. اهڙي طرح دهلي گولف ڪلب جي ويجهو عبدالله شاهه پوري شاهه جي مزار تي جيڪا بدر پور روڊ تي آهي ۽ قطب مينار کان آل انڊيا ميڊيا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ويندي رستي تي هڪ مسجد ۽ مدرسي ۾ پڻ مسلمانن سان عليڪ سليڪ ٿي. هن جو سڄو نالو ”الجامعه سليمانيه مدرسه زينت القرآن رحمتيه مسجد رياض الجنت سعديه“ آهي جيڪو اردو ۾ لکيل آهي.

ڪالڪا جي مندر واري علائقي ۾ جتي آئون رهان ٿو اتي ماءُ آنند مائي مارگ (روڊ) تي گووندا پوري واري علائقي ۾ جامع مسجد آهي جنهن مان لائوڊ اسپيڪر تي آيل ٻانگ پهرين ڏينهن ئي ٻڌم ۽ پوءِ شام جو سانجهي نماز تي ويس. هيءَ هڪ تمام وڏي مسجد ۽ مدرسو آهي جنهن ۾ پاسي واري ڪالوني ۾ رهندڙ مسلمان ۽ ٻيا آس پاس جا نماز پڙهڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هتي ننڍا ٻار قرآن جو ناظره ۽ حفظ پڻ ڪن ٿا. مسجد جي معلم استاد محمد روحيل جيڪو ٻارن کي قرآن پڙهائي ٿو تنهن ٻڌايو ته هيءَ مسجد ٽيهارو کن سال پراڻي آهي ۽ هتي هن شهر دهليءَ جا توڙي اوس پاس جي رياستن جا به ٻار اچن ٿا. خاص ڪري بهار صوبي جا.

ڇو ڀلا؟ اتي بهار ۾ ڪنهن مسجد مدرسي ۾ قرآن پڙهائڻ جو بندوبست نه آهي ڇا؟“ مون پڇيو.

”آهي پر اتي غربت وڌيڪ آهي هتي سندن رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست سولائيءَ سان ٿيو وڃي.“

مسجد جو مٿين ماڙ جي اڏاوت جو ڪم ڪافي عرصي کان هلي رهيو آهي ۽ هاڻ مڪمل ٿيڻ جي ويجهو نظر اچي ٿو.

هن مسجد جي Maintnance ۽ مدرسي جي ٻارن جو خرچ پکو ڪير ڏئي؟“

مون مولوي محمد روحيل کان پڇيو.

اسان هر جمعي نماز تي نمازين کا مسجد لاءِ الڳ ۽ مدرسي لاءِ الڳ چندو جمع ڪندا آهيون، ڪڏهن ڪڏهن ٻاهرن ملڪن، خاص ڪري عرب ملڪن کان آيل ٽوئرسٽ به مدد ڪن ٿا.“

مسجد سان لڳولڳ گهڻو پري پري تائين ڪچا پڪا، سادا ۽ ڪجهه بهتر گهر ۽ فليٽ هئا. مولوي صاحب ٻڌايو ته هيءَ سڄي مسلمانن جي ڪالون آهي.

اسان ته جيئن ئي هوش سنڀاليو ته انڊيا جي ورهاڱي ۾ ٿيندڙ خونريزين جون ڳالهيون ٻڌيونسين جن ۾ اهوئي هاءِ لائيٽ ڪيو ويو ته هندن مسلمانن سان ڇا ڇا نه ظلم ڪيا. اسان جا مسلمان جان ۽ مال جون قربانيون ڏئي نئين ملڪ پاڪستان ۾ آيا جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو جتي مسلمان سڪون سان رهي مسجدن ۾ نمازون پڙهي سگهن ٿا. هندستان ۾ ته هڪ مسلمان کي آزاديءَ سان پنهنجي مذهب جي پريڪٽس ڪرڻ ۾ به دقت هئي، اڄ به اخبارن ريڊين ۽ ٽي وي چئنلن ذريعي يعني اسان جي پياري پاڪستان جي ميڊيا ذريعي (خاص ڪري جنهن تي سرڪار  سڳوريءَ جو هٿ آهي) اهوئي ٻڌندا رهون ٿا ته هندو وڏي ظالم قوم آهي هو ڪشمير ۽ هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن سان ڇا ڇا ته ظلم ڪندا رهن ٿا وغيره وغيره.

ظاهر آهي صبح شام ان قسم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارو ته اهوئي سمجهندو ته اسان مسلمانن لاءِ خاص ڪري پاڪستانين لاءِ انڊيا جا هندو ڪات ڪهاڙا کڻيو ويٺا آهن ۽ اتي رهندڙ اسان جا مسلمان ڀائر ته وڏي ظلم ۾ آهن. هنن پاڪستان ۾ نه اچي ۽ انڊيا ۾ رهي هڪ عظيم غلطي ڪئي. سو ظاهر آهي ان قسم جي معلومات منهنجي ذهن ۾ به جيڪو نقشو ٺاهيو هو ان موجب مون هتي دهلي ۾ رهندڙ هن مولوي صاحب کان پڇيو ته هندن جي چوڌاري رهندي توهان کي ڊپ نٿو لڳي. اڪثر هندن جا توهان مسلمانن خلاف هنگاما ته ضرور ٿيندا هوندا؟

مولوي صاحب ڪا گهڙي مون کي ائين حيرت مان ڏٺو جيئن آني مان تازي نڪرندڙ ڪڇون يا واڳونءَ جي ٻچي کي ڏسبو آهي ۽ پوءِ جواب بدران ويتر سوال ڪيائين:

ڇو ڀلا؟ ڊپ ڇو لڳندو؟ هتي ته اڄ ڏينهن تائين ڪو اسان مسلمانن خلاف هنگامو نه ڏٺوسين. هندو توڙي اسين پنهنجا خوشيءَ جا ڏينهن ۽ تهوار سڪون سان گذاريو ٿا ۽ سڪون سان رهون ٿا. هينئر به عيدون ٿيون ۽ هاڻ عاشورو ٿيندي هفتو ٻه ٿيو آهي. اسين سڀ هن ملڪ جا شهري آهيون ڪنهن کي به هتي جو قانون اجازت نٿو ڏئي ته ٻئي جي جان يا مال کي نقصان پهچايو.“

آئون چپ ٿي ويس منهنجي ذهن ۾ اڳهين کان هڪ سوالن جي جيڪا لسٽ هئي سا هن پهرين جواب بعد Negate  ۽ Null ٿي وئي پر تنهن هوندي به چئي ويٺس:

”توهان جي دل انڊيا ڇڏي پاڪستان اچڻ تي نٿي چوي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي.“

مولوي صاحب هڪ دفعو وري مون کي گهورڻ لڳو ۽ هو پڪ آني مان واڳونءَ جو تازو نڪتل ٻچو نه ته شتر مرغ جي تازي ڦٽل ٻچي کي ڏسڻ واري تعجب جي ليول تي مون کي تعجب مان نهارڻ لڳو ۽ پوءِ وري سواليه جواب ڪيو:

”هتي جو وهندڙ مسلمان ڇو پاڪستان اچڻ چاهيندو؟ سڪون لاءِ! حيرت آهي توهان ڪهڙي سڪون جي ڳالهه پيا ڪيو. توهان پاڪستاني هندن عيسائين کي ته پيا اغوا ڪريو ۽ اسلام جي نالي تي ڦاهين تي چاڙهيو پر پنهنجا مسلمان پاڻ ۾ به نٿا ٺهو. شيعا سني ته هڪ ٻئي کي مارين پر سني به ڏهه فرقا ٺاهيو هڪ ٻئي کي پيا ڪهن. ٻاهر ته ٺهيو پر مسجدن ۾به نمازي پنهنجو پاڻ کي سلامت نٿا سمجهن. مرد ته ٺهيو پر زالون ۽ ٻار پيون ڍڳن ڍورن وانگر اغوا ٿين ۽ ڀنگ تي وڪامن.“

آئون چپ ٿي ويس پر تپندڙ باهه تي ڇنڍو هڻڻ لاءِ هڪ سوال مون وٽ ضرور هو جيڪو روزگار جو هو. انڊيا ۾ مسلمانن بک پيا مرن، هندن جي حڪومت هنن کي نوڪريون نٿي ڏئي. پاڪستان خوشحال ملڪ آهي. اڄ به هندستان جا مسلمان نوڪرين ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ پاڪستان لڪيو لڪيو پيا اچن... پنهنجي ملڪ جي اخبارن ۽ ماڻهن کان ٻڌل ڳالهين جو اظهار مون مولوي صاحب سان ڪيو جنهن کي هن رد ڪندي چيو:

”نه اها ڳالهه ناهي. ڏسو نه نوڪريون ملڻ ۽ نه ملڻ جو مدار تعيلم ۽ تجربي يا هنر جي ڄاڻ سان آهي. اسان مسلمان هونءَ به ماضيءَ جي خوبصورت ڪارنامن ۾ مدهوش رهون ٿا. محنت ۽ پورهيو اسان کي گهٽ ٿو پڄي، پوءِ ظاهر آهي نوڪريون به ان حساب سان ملنديون. پر ان هوندي به اسان کي هتي ڪا نه ڪا نوڪري يا ڪرت مليو وڃي جو انڊيا جي ايڪانامي تيز رفتا سان مٿاهين ٿي رهي آهي. ولايتن ۾ رهندڙ انڊين توڙي غير ملڪي هتي پئسو لڳائي رهيا آهن. توهان کي تعجب لڳندو ته ويندي توهان جي ملڪ جا ڪيترائي بوري، ميمڻ، اسماعيلي ۽ هندو، گجراتي ۽ پنجابي هتي انڊيا ۾ Invest ڪري رهيا آهن جو هتي قانون ۽ قاعدي جي سختي آهي، سيفٽي ۽ سيڪورٽي آهي. ان کان علاوه اسان جي ملڪ انڊيا کي دنيا ۾ پاڪستان کان وڌيڪ عزت سان ڏٺو وڃي ٿو. هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان سنگاپور ملائيشيا توڙي يورپ آمريڪا ۾ گهمڻ لاءِ وڃڻ به آسان ناهي. پر هڪ انڊين پاسپورٽ رکندڙ کي دنيا جي هر ملڪ ۾ نوڪري مليو وڃي، چاهي هو هندو هجي يا مسلمان. دنيا کي خبر آهي ته انڊيا ۾ تعليم جو معيار بلند آهي. انڊيا جو رهاڪو هنگامو نٿو ڪري، انڊيا جو ماڻهو دل وجان سان نوڪري ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي جو توهان جي ملڪ جا بزنس مين جن جون فيڪٽريون توڙي جهاز ولايت ۾ آهن پنهنجن پاڪستانين کي رکڻ بدران انڊيا جي ماڻهن کي رکن ٿا. اڄڪلهه جي دور ۾ انڊيا جو پاسپورٽ هجڻ هڪ سگهاري ڳالهه آهي ۽ پاڪستان جي پاسپورٽ هجڻ بدنامي ۽خواريءَ جي علامت ٿي پيو آهي. سو انڊيا جو هڪ مسلمان ڪيئن پنهنجو وطن ۽ پاسپورٽ ڇڏي پاڪستان ايندو. هتي جي امن جو توهان ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هن مسجد کي چار گيٽ آهن. جڏهن کان هي ٺهي آهي اڄ ڏينهن تائين ان جو هڪ در به بند نه ڪيو ويو آهي. ڏينهن رات کلي پئي آهي جيتوڻيڪ چوڌاري هندن جون آباديون آهن.

هڪ دفعو ان ساڳي مسجد ۾ سومهڻي نماز تي محمد عارف نالي هڪ نمازيءَ سان ملاقات ٿي. مون کانئس پئسا مٽائڻ جي جاءِ پڇي جتان آئون سٺي سگهه تي ڊالر مٽائي سگهان.

”بهتر آهي ان لاءِ پراڻي دهلي هليا وڃو. جامع مسجد جي گيٽ نمبر ون وٽ ماٽيا محل آهي اتي ڪيترائي ”مني چينجر“ ملندا جيڪي سٺي اگهه تي پئسا مٽي ڏين ٿا.“

عارف ٻڌايو ته هو ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ جو گريجوئيٽ ۽ ڄاڻو آهي. ڪجهه وقت هڪ فرم ۾ ڪم ڪرڻ بعد هاڻ هن Peach Techniologies Pvt LTd نالي پنهنجي ڪمپني کولي آهي جيڪا نيو دهلي جي لڪشمي نگر جي جواهر پارڪ ۾ آهي.

نماز بعد عارف مون کان پڇيو ته جي هلڻ چاهيان ته هو مون کي جامع مسجد ڏي وٺي هلي جو هو هن وقت پراڻي دهلي وڃي رهيو آهي.

”هن وقت؟“ مون تعجب مان پڇيو، ”هن وقت ته رات جا نو ٿي رهيا آهن.“

”ته گهمڻ  ڦرڻ جو مزو ئي ته رات جو آهي، هتي جا ڪيترائي  وڏا ۽ اهم ماڻهو ته رات جو ٻارهين کان پوءِ نڪرن ٿا.“

دل ۾ سوچيو ته هي چوي ته سچ ٿو، اسان وٽ به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪنهن زماني ۾ رات جو ٻي بجي تائين هوٽلون دڪان کليا پيا هوندا هئا ۽ اسان رات جو دير دير تائين پيا گهمندا هئاسين نه هو ڊپ ڊاءُ نه چوري چڪاري. هاڻ اسان وٽ اهي سڪون وارا ڏينهن موهن جي دڙي وانگر فقط ماضيءَ جون ڳالهيون ۽ سدا بهار يادون بڻجي ويون آهن. هتي انڊيا ۾ ان سڪون ۽ امن امان ڪري فارينر به ايندا رهن ٿا ۽ رات جو دير تائين ڇوڪريون اسڪرٽن ۽ ولوله انگيز ٽائيٽ جينز ۾ پيون هلن پر مجال آهي جو ڪو انهن جو نالو وٺي. رستن تي ڪو پوليس وارو يا فوجي نظر نٿو اچي، ته به ماڻهو ڊپ ۾ آهن ۽ قانون جو احترام ڪن ٿا ڇو جو هنن کي خبر آهي ته ڏوهه ڪرڻ بعد هنن کي ڇوٽڪارو ملڻ آسان ناهي چاهي کڻي هو فلم ائڪٽر  سلمان خان هجي يا سنجي دت يا ڪو ٻائو ٻانڀڻ.

هڪ ڏينهن مون سان گڏ دهلي جي خان بازار جو سير ڪندي گهوٽڪي جي مهرچند هتي جي امن امان جي مٿاهين ليول جو ڌيان ان مان ڇڪايو ته سون جي دڪانن ٻاهران بيٺل هنن جا سيڪورٽي گارڊ به فقط يونيفارم ۾ آهن بنا ڪنهن پستول، بندوق يا ٻئي هٿيار جي. بلڪل هٿين خالي ۽ اڄ اسان کي هتي پندرهون ڏينهن ٿي ويو آهي دهلي جيڪا ڪراچيءَ کان ٻيڻي آهي، جي ڪنهن بازار مارڪيٽ دڪان ۾ ڦر جو واقعو نه پڙهيو اٿئون جيڪا ڳالهه اسان جي ملڪ ۾ عام آهي. دڪاندار ۽ عوام ڏينهن ڏٺي جو به سلامت نه آهي. منهنجو ڪو مطلب اهو نه آهي ته انڊيا جا شهر دهلي، ڪلڪتو يا بمبئي، لکنؤ ڪي سعودي عرب جو مڪو مدينو آهن. هتي به چوريون چڪاريون، ڌاڙا ۽ اغوا جا ڪيس ٿيندا رهن ٿا، پر انهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽبو رهي ٿو ۽ مجرم کي ڏوهه ڪرڻ بعد Tough Time ڏسڻو پوي ٿو. هتي  جي ڌاڙيل يا Kidnapper وٽ ڪا پوليس يا تر جو وڏيرو شاباس ڏيڻ ۽ چوري جي مال جو حصو وٺڻ لاءِ نٿو پهچي.

 


 

 

 

سرڪاري ٺيڪدارن لاءِ سستا مزور

دهلي ۾ جتي هاڻ اسان جو ٺام ٺڪاڻو آهي ان علائقي جو نالو ڪالڪاجي آهي جيڪو ڪالڪا ديويءَ جي مندر کان مشهور آهي. سڀ کان ويجهي مارڪيٽ فرلانگ ڏيڍ کن پري ”بالا اسٽيٽ“ مارڪيٽ سڏجي ٿي، جتي جي پي سي او (پرائيوٽ ڪال آفيس) تان پاڪستان يا بين ملڪن ڏي فون ڪرڻ ويندو آهيان يا ٻي ڪا هلڪي ڦلڪي شيءِ وٺڻ لاءِ هن مارڪيٽ جا دڪان صحيح آهن. ڪنڊ تي هڪ پارڪ وٽ ڪٻاڙيءَ جو دڪان پڻ آهي جنهن کان پراڻيون اخبارون، انڊيا ٽڊي، فيمين ۽ ٻيا رسالا اٺين روپئي ڪلو جي حساب سان وٺي فرصت ۾ پاڻ به پڙهان ٿو ته ٻين تي به ”اڇا ٻاجهه“ ڪريان ٿو. هي لفظ ”اڇا ٻاجهه“ گهوٽڪي جي اوڏ  مهرچند کان ٻڌو اٿم معنيٰ ٽڪي پئسي جي مهرباني ڪرڻ. مارڪيٽ جي ڪنڊ تي هتي به هڪ ڌوٻي ۽ سندس زال فٽ پاٿ تي ٽيبل رکي اڱارن واري استري سان ڪپڙا استري ڪندا رهن ٿا. دهليءَ جي علائقي ڪارول باغ ۾، جتي جي هڪ هوٽل ۾ پهريان ٽي چار ڏينهن رهياسين اتي پڻ ڀر واري گهٽيءَ ۾ فٽ پاٿ تي هڪ همراهه صبح پهر استري ڪندو رهيو ٿي. لڳي ٿو دهليءَ ۾ هي ڪم عام آهي جيڪا اسان جهڙن ٽوئرسٽن ۽ مڪاني ماڻهن لاءِ وڏي سک جي ڳالهه آهي جو پاڻ سان استري کڻڻ کان بچيو وڃون ۽ مڪاني ماڻهن لاءِ پڻ جن جي لائيٽ جي بچت ٿيو وڃي جو گهر ۾ استري ڪرڻ سان محنت هڪ طرف ۽ اليڪٽرڪ جو بل ٻي طرف ٿئي ٿو ان کان هي بهتر طريقو آهي جو ٿرون پئسن ۾ سٺي استري ٿيو وڃي، جو وڏي ۽ ڳري ٽانڊن واري استري استعمال ڪن ٿا جيڪا ڪاٽن جي کردري پتلون جا به گهنج لاهيو ڇڏي. ساڳي وقت استري ڪرڻ وارن پورهيتن کي نه دڪان جي مسواڙ ڏيڻي ٿي پوي نه دڪان ۾ هلندڙ پکي ۽ لائيٽ جو بل. گهٽيءَ ۾ صبح پهر ٿڌي هير پئي لڳي ۽ هي ڏهين بجي تائين ڍير ڪپڙن جا استري ڪري هڪ مستري ۽ مزور کان وڌيڪ ڪمايو وٺن جنهن جي هتي انڊيا ۾ ڏهاڙي سؤ  کان سٺ روپين تائين آهي. بس رڳو هڪ سادن سودن تختن جو ٽيبل ۽ هڪ عدد استري هٿ ڪن. ڌوئڻ لاءِ ڪپڙا به آئون کين ڏيندو آهيان ۽ پنج روپين ۾ وڳو ڌوئي ۽ استري ڪري ٻئي ڏينهن ڏين. اسان وٽ پنج روپين ۾ استري به نٿا ڪن. يعني ڪراچي جهڙي شهر ۾. ٿي سگهي ٿو ڳوٺن ۾ گهٽ اگهه وٺندا هجن، پر اسان هتي ڀيٽ به نئين دهليءَ شهر جي پيا ڪريون جيڪو اسلام آباد وانگر نه فقط گاديءَ جو هنڌ آهي پر ڪراچيءَ وانگر ڪمرشل شهر پڻ آهي.

بالاجي نالي هڪ ننڍڙي مارڪيٽ کان علاوه اڌ ڪلوميٽر کن اڳتي رائونڊ ابائوٽ وٽ گوبند پوري نالي هڪ وڏي بازار آهي جنهن ۾ ڪيترائي مٺائي، سيڌي ۽ جنرل اسٽورن کان علاوه اليڪٽرانڪ، واچن، عينڪن، بوٽن جا دڪان آهنئ سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جي باقي عام کاڌي پيتي جون شيون توڙي واچون، بوٽ هر شيءِ پاڪستان جي مقابلي ۾ مهانگيون آهن ويندي چانهه جي پتي، کير، نمڪو واري مڱن جي دال وغيره جيڪي شيون وٺي چڪو آهيان. هوائي چمپل Sale ۾ به 60 روپين ۾ مليو جيڪي اسان جا 85 کن روپيه ٿيا جو اڄڪلهه پاڪستاني هڪ سؤ روپيه انڊيا جي ستر روپين برابر آهن. اسان وٽ اهو چمپل وڌ ۾ وڌ 55 روپيه آهي ۽ ڪراچي جي آچر بازارن ۾ يورپ ۽ جاپان پاسي جا چمپل ۽ بوٽ هتي جي چمپلن ۽ بوٽن کان سستا ٿا ملن جيڪي بنا ڪنهن شڪ جي سهڻا ۽ مضبوط آهن ۽ دوائن جو اگهه ته هيڪاندو گهڻو آهي. اسان جي دوائن کان ڏهه ويهه روپيه مٿي نه پر ٻيڻ ٽيڻ اگهه آهي. اها ڳالهه مون کي نه فقط سمجهه ۾ نه آئي پر حيرت پڻ ٿي، هونءَ ته انڊيا ۾ اسان جي ملڪ وانگر دوائون سستيون هجڻ کپن پر ٿي سگهي ٿو هتي جون دوائون ولايت ۾ ٺهندڙ دوائن وانگر اعليَ معيار جون هجن. جيئن ولايت ۾ ٺهندڙ لڪس صابڻ يا ڪوڪا ڪولا جهڙيون شيون اسان جي ملڪ جي انهن برانڊ شين کان سٺيون آهن. ولايت ۾ ڪڏهن به ڪوڪا ڪولا جي بوتلن مان مکيون نه نڪتيون پر ڪراچيءَ جي سائيٽ علائقي ۾ اهڙن مشروبات جي فيڪٽرين ۾ جتي ماريپور، مڇر ڪالوني، لياري ۽ چاڪيواڙي جي مجبور غريب ماڻهن کي گهٽ پگهار تي ڪم ڪرايو وڃي ٿو اتي اهڙائي ڪارناما ٿي سگهن ٿا. جتي جي Unhygenic حالتن ۽ گندي پاڻيءَ ۾ پراڻين بوتلن کي ڌوئڻ سان اهي ويتر هاڃيڪار ثابت ٿين ٿيون، تڏهن ته هڪڙي گائيڊ بڪ ۾ لکيل هو ته پاڪستان ۾ پاڻي ايترو ته گندو آهي جو ڪڏهن به پيئڻ نه کپي. ننڊ مان اٿڻ مهل گررڙي ڪرڻ پوي ته اها به نل جي پاڻيءَ مان ڪرڻ بدران بيئر يا وسڪيءَ سان ڪري ڇڏجي.

بهرحال پاڪستان ۾ دوائن جو سستو هجڻ جو راز اهو هجي جو ان ۾ اهي ضروري ۽ طاقت وارا جزا جيڪي مريضن جي بيماري دور ڪرڻ جي قوت رکن ٿا گهٽ استعمال ڪري اگهه گهٽ ڪيو ويو هجي ۽ اهي سستيون ضرور ملن ٿيون پر مريض کي شفا ڏيڻ ۾ ڪارآمد نٿيون ثابت ٿين ۽ هتي انڊيا ميڊيڪل سائنس ۾ ۽ قانون قاعدي ۾ يورپ وانگر مٿڀرو هجڻ ڪري دوائن جي ٺهڻ تي ڪڙي نظر رکي ٿو جيئن صحيح معيار جون ٺهن ۽ صحيح معيار جون تيار ڪرڻ ۾ ظاهر آهي خرچ گهڻو اچي ٿو.

دهليءَ ۾ پنهنجي رهائش کان ڀر واري مارڪيٽ، بالاجي مارڪيٽ ويندي رستي تي UDGAM نالي ننڍن ٻارن جو اسڪول هڪ طرف اچي ٿو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو مڊل اسڪول ٻئي طرف اچي ٿو جنهن جي ڀتين تي AIDS بيماري جي روڪٿام جا چتاءُ لکيل آهن:

Give Awareness not Aids.

اسڪولن کان اڳ روڊ جي هڪ پاسي وارو فٽ پاٿ ننڍين ننڍين جهوپڙين سان ڀريل آهي جنهن ۾ دهلي ڊيولپمينٽ اٿارٽي طرفان ٺهندڙ رستن ۽ عمارتن تي ڪم ڪندڙ مزور رهن ٿا. شام جي وقت اهي مزور عورتون رستي جي ڪناري تي اٽو پيون ڳوهينديون آهن يا هر هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندڙ ڌڻ ٻارن کي هنگائينديون مٽائينديون پيون آهن يا پاڻ به اڌ اگهاڙيون ٿيو پاڻيءَ سان ڀريل اڌ ڊٻي مان وهنجندي نظر اينديون آهن. سندن هٿ ۾ صابڻ بدران ٺڪر يا پٿر ڀور هوندو آهي جنهن سان پنهنجي جسم تي لڳل گر، سيمنٽ يا ڏامر پيون کرڙي لاهينديون آهن. سندن مرد پتي راند ويٺا ڪندا آهن يا قميص جي آڳر مان هٿ وجهي ڪڇون پيا کنهندا آهن. سڀ هيسيل ۽ ڏٻرا نظر ايندا آهن ۽ ڏسڻ سان محسوس ٿيندو آهي ته هو عجيب غربت جي زندگي گذارين ٿا ۽ هو ههڙي گرمي يا مينهوڳيءَ ۽ مڇرن ۾ ٽي فوٽ کن مٿاهين ڪکن، پنن، پلاسٽڪ ۽ گتي مان ٺهيل جهوپڙيءَ ۾ ڪيئن رهن ٿا جتي چوڌاري گندگي ۽ بدبوءِ آهي. هي سڀ جوان آهن، ظاهر آهي ٺيڪيدار ڳولي ڳولي جوان پورهيت رکي ٿو جيئن مقرر ڏهاڙيءَ مان کان گهڻو Output وٺي سگهجي.

هڪ ڏينهن اتان لنگهندي هڪ جهوپڙي وٽ بيهي رهيس. زال اٽو ڳوهي مٽيءَ جي چلهه تي اڻڀي  ماني پچائي رهي هئي، مڙس ڦاٽل پجامي ۽ گنجيءَ ۾ مانيءَ جو انتظار ڪري رهيو هو.

”توهان ڪٿي ٿا ڪم ڪريو.؟“ مون کانئن پڇيو.

”هتي رستن تي يا سرڪاري عمارتن تي، جتي ٺيڪيدار لڳائي.“

”ڪهڙو ڪم ڪريو؟.“

آئون مستري آهيان ۽ منهنجي زال مزور آهي.“

”ڪٿي جا آهيو؟.“

”اسين جهانسي جا آهيون. هتي رهندڙن مان ٻيا به ڪجهه اسان وانگر جهانسي جا آهن ته ڪي ٻين شهر جا.“

”هتي رهندي ڪيترو وقت ٿي ويو اٿو؟“

”ٻن سالن کان مٿي ٿي ويو آهي.“

”پگهار ڪيترو مِليُوَ؟“

”آئون  مستري آهيان ان ڪري ڏهاڙي سؤ روپيا اٿم ۽ منهنجي زال جا سٺ روپيه آهن.“ مرد ٻڌايو.

”تنهنجي معنيٰ مهيني ۾ ٽي هزار روپيا توکي ٿا ملن ۽ 1800 سڀ روپيا تنهنجي زال کي.“ مون چيو.

”نه ڪٿي ٿا ايترا ملن، مهيني ۾ چار پنج آچر اچيو وڃن، ٻه چار ڏينهن بيمار ٿيو پئو....“ زال ٻڌايو.

”دهلي جهڙي مهانگي شهر ۾ اهو ته تمام گهٽ آهي.“ مون چيو.

”بس تڏهن ته پورت نٿي ٿئي، روزانو اها رکي ۽ اڻڀي ماني ٿا کائون،  ٺيڪيدار فقط اٽو وٺي ڏيندو آهي جنهن جا پئسا پهرين تاريخ پگهار مان ڪٽي ٿو. اسان وٽ ته ڀاڄي وٺڻ لاءِ به پئسو نه آهي. ڪجهه ڀاڄي وٺي ڏي ته مانيءَ سان کائون.“

”سڀاڻي آئون پنهنجي گهران توهان لاءِ کڻي ايندس.“

”سڀاڻي اسان هتي نه هونداسين. ڪم تي وينداسين.“

”شام جو ته ايندؤ نه؟“

”ها شام جو هونداسين.“

”آئون به شام جو ئي اچي سگهندس، ڀلا پگهار جا باقي بچيل پئسن جو ڇا وٺو؟“

”اهي ائين چٽ ٿيو وڃن.“ زال چيو

”ماءُ پيءُ کي موڪليو؟“ مون پڇيو.

”نه ماءُ پيءُ جيئرا نه آهن، هو چار پنج سال اڳ گجرات ۾ آيل زلزلي ۾ مري ويا.“ مرد ٻڌايو.

”پوءِ باقي پئسا ڪڏانهن ڪريو؟“

”هي  دارون پيئڻ ۾ چٽ ڪري ٿو.“ زال مڙس ڏي اشارو ڪري چيو.

”ٻيو ڀلا ڇا ڪريون، غريب ماڻهو آهيون ننڍي هوندي کان نشي جي عادت آهي. ان نشي خاطر ئي ته پورهيو ٿا ڪريون.“

”ڀلا هن جهوپڙيءَ ۾ گرمي يا مڇر تنگ نٿا ڪن؟“

”سڄو ڏينهن پورهيو ڪرڻ ۽ بوتل چڙهائڻ کان پوءِ هوش ڪٿي ٿو رهي.“ مرد ٻڌايو.

هڪ ٻي جهوپڙي ۾ رهندڙ مرد سان خبرچار دوران جيڪو نشي ۾ ٽن ٿي لڳو جڏهن پڇيم ته توهان پاڻ کان وڌيڪ زالن کان سخت پورهيو ڇوٿا وٺو ته هن Frankl ٻڌايو ته هنن کان پورهيو نه ڪرايون ته کين ننڊ ڪيئن ايندي. اسان ته دارون پي سمهيو رهون. هي Scx لاءِ ٻين وٽ ڀڄي وڃن، ٿڪل هجڻ جي صورت ۾ هو اسان کان اڳ سمهيو رهن.

هڪ ٻئي کان پڇيم ته توهان ٻارن کي ڇو نٿا پڙهايو؟.

”اسان کي ڪمائي ۽ پورهئي ۾ هنن جي مدد جي ضرورت آهي، پڙهائي ماڻهوءَ کي ناڪاره ڪريو ڇڏي، هونءَ به اسان ۾ تعليم ناهي.“

”توهان ڪير آهيو؟“ مون پڇيو.

”اسان چوڙا آهيون.“ هن ٻڌايو ۽ منهنجي پڇڻ تي مون کي سمجهائڻ لڳو ته انڊيا جي ذات پات جي چڪر ۾ هنن جو هيٺاهون درجو آهي جن جو ڪم مزوري ۽ مٿاهين درجي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي.

اها عجيب ڳالهه آهي ته انڊيا جهڙي جمهوري، طاقتور ملڪ، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ يورپ جي ملڪن سان مقابلو ڪرڻ واري ديس ۾ اندروني طرح ذات پات جو ايڏو چڪر اڃا تائين جاري آهي جتي ڪجهه انسان جانور کان به بدتر زندگي گذارين ٿا جتي Sex ٻارن جي لوڌ پيدا ڪرڻ خاطر آهي جيئن اهي وڏا ٿي سرڪاري ٺيڪيدار لاءِ Cheap work force ثابت ٿين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org