سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب

صفحو : 13

 

انڊيا جو  Corrupt پير

اڄڪلهه انڊيا جي هڪ وڏي هندو پير سنڪر آچاريه جو اهڙو ته اسڪينڊل هلي رهيو آهي جنهن في الحال هندو ڌرم سان واسطو رکندڙن کي حيرت سان گڏ Shock  ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته ههڙو ڪاني ڪرامت جو مالڪ سڏائڻ وارو درويش صفت گرو اندر ۾ ايڏو وڏو خوني ۽ رهزن نڪتو. منهنجي خيال ۾ اها ڪا اخبار يا اهو ڪو رسالو ناهي جنهن ۾ سري جيئندرا  سراسوتي نالي ڪانچيا جي هن هندو گرو جو ذڪر  نه هجي. هن، سندن اگرن ڪمن جو ڀانڊو کوليندڙ سنڪر امان جو پنجاهه لک روپيا ڏئي خون ڪرايو. ڪيترا مهينا گذرڻ بعد به ڪنهن کي ثبوت نه ملي سگهيو ته هن خون پويان هيڏي وڏي هندو گروءَ جا هٿ آهن جيڪو هندستان جي سڀ کان امير گاديءَ سري ڪانچي ڪاما ڪوتي پيٿام جو 69 ئون جڳت گرو آهي. هي انڊيا جو اهو وڏو گرو آهي جنهن جي پيرن چمڻ لاءِ ملڪ جا وڏا وڏا ائڪٽر، واپاري ۽ سياستدان اچن ٿا انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: وينڪٽ رامائڻ انڊيا جو اڳيون صدر، سوراج پاڪ وڏو ڪارخاني دار، سوامي ناٿن مڪ جو وڏو سائسندان، نيپال جو بادشاهه گيانيدار ۽ ويندي اڄ جو مسلمان صدر ابوالڪلام تامل ناڊو جي چيف منسٽر ۽ سابق ائڪٽرس ته هن جي ايڏي وڏي مريدياڻي آهي جو هن سان ملڻ وقت پنهنجي ڪرسي هن جي ڪرسيءَ جي ليول کان ٿورو هيٺ رکائيندي آهي.

هندو ڌرم جي هن وڏي گروءَ جي ڪڌن ڪرتوتن تي اڃا شايد پڙدو پيو هجي ها پر پنجن ڄڻن جي خوني ٽولي مان ڪجهه وڃي پوليس وٽ پيش ٿيا ۽ پوءِ پوليس ان جي خون جون ڳنڍيو سلجهائيندي هن گروءَ تائين پهتي. پر هيڏي وڏي گروءَ ۾ هٿ وجهڻ کان اڳ هتي جي پوليس جيڪو پڪو هوم ورڪ ڪيو آهي ان لاءِ هن کي داد ڏيڻو پوي ٿو ۽ ان ڏوهه پٺيان پئجي وئي آهي ته هن ان ڌرمي اداري جي فنڊن کي خرد برد ڪرڻ کا علاوه هو ڪيترين ئي عورتن سان غلط تعلقاتن ۾ اهڙو ته غلطان رهندو اچي جو هن کان ڪيترن ئي اهم ڏينهن تي ٿيندڙ سمورن ۽ دعائون به رهجيو وڃن ۽ هاڻ هن گروءَ جي ڪارن ڌنڌن کي وائکو ڪرڻ سان گڏ هتي جو اخبارون ۽ رسالا انهن عورتن جا به قصا ڏئي رهيون آهن جن جا هن سواميءَ سان اعتراض جوڳا تعلق رهيا آهن. هڪ عورت جنهن جو ذڪر ميڊيا ۾ تمام گهڻو هلي رهيو آهي اها اوشا سري رنگم آهي. اوشا پنهنجي بچاءَ ۾ هفتيوار انگريزي اخبار The Week کي انٽريو ڏيندي ٻڌايو ”منهنجا سري جيئندرا سراسواتيءَ سان تعلقات اهي پئي رهيا آهن جيڪي هڪ گرو ۽ شيس جي وچ ۾ ٿين ٿا. آئون هن سان پهريون دفعو پنهنجي مڙس جي موجودگيءَ ۾ مليس ان بعد اڪيلي ملڻ لڳيس. منهنجي وڏي عمر ۾ شادي ٿي هئي ۽ پوءِ سگهو ئي مڙس ڇڏي ڏنو. بعد ۾ اهو معلوم ٿيڻ تي ته مون کي ڪينسر آهي منهنجي جيئڻ تان دل ٽٽي پئي مون پنهنجو پاڻ کي ٻين انيڪ پوڄاري عورتن وانگر سري جيئندرا جي قدمن مبارڪ تي اچي ڦٽو ڪيو. آئون هن کي ٻاڏائيندي رهيس ته منهنجي ڪا واهي واهڻ ڪر آئون پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس ٿي ڪريان. هن مون کي دلداري ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن امبل ديوي (ڪاماچي) توکي خلقيو آهي ته هن ضرور ڪنهن مقصد لاءِ پيئندا ڪيو آهي. هن مون کي چيو ته دنيا ۾ هن جهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي منهنجي سار سنڀال لهن. اها هڪ قسم جي فقط روحاني مدد هئي جنهن جي مون کي ڳولا هئي.“

”پر اسان ٻڌو آهي ته هو توهان کي پئسي ڏوڪڙ جي به مدد ڪندو هو؟“

”ها، ڪڏهن ڪڏهن ڏهه ڏهه هزار روپيا ڏنائين ٿي ۽ ان کان علاوه منهنجي علاج جو خرچ به ڏيندو هو.“

”اسان ٻڌو آهي ته گرو توسان روزا صبح ساڻ موبائيل فون تي ڊگهي ڪچهري ڪئي ٿي.“

”آئون ڊپريشن جو شڪار ٿي پئي هيس سو منهنجي دل وندرائڻ لاءِ هو صبح جو آرل واڪو (دعائون) ڏيندو هوم.“

مٿين گروءَ کي Expose ڪرڻ ۾ ۽ سندس ڪڌن ڪمن کان عوام کي اطلاع ڪرڻ ۾ تامل رسالي جي ليکڪا انورڌا پڻ آهي جنهن هن گروءَ تي فيچر لکڻ دوران ان حقيقت تان پڻ پردو کنيو آهي ته هن گروءَ (جيئندار سراسوٿي) جيڪو پاڻ کي وڏو پاڪ  پوتر سمجهي ٿو منهنجي ذري گهت عزت لٽي هئائين. هنن جي مندر Amma نالي هڪ رسالو ڪڍڻ چاهيو ٿي جنهن ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ مون کي گهرايو ويو. مندر ۾ پهچڻ تي مون کي هڪ ديوداسي گروءَ وٽ وٺي هلي ۽ ان ميٽنگ ۾ فقط رسالي بابت  ڳالهه ٻولهه ٿي. ان بعد هڪ ٻه ٻيون ميٽنگون به ان سلسلي ۾ ٿيون. چوٿين دفعي جڏهن آئون گروءَ جي خدمت ۾ سندس ڪمري ۾ پهتيس ته مون هن کي هڪ عورت سان گڏ اعتراض جوڳي پوزيشن ۾ ڏٺو. هن ان کي ڇڏي مون کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي پر آئون پاڻ ڇڏائي ڀڄي آيس. مون کي سندس ٻين چيلن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن آئون راضپو ڏيکاريان پر آئون سڀني کي گهٽ وڌ چوندي ٻاهر نڪري آيس.

ان بعد مون کي Threats ملندا رهيا. هڪ دفعي اهڙي ته Serious قسم جا مليا جو مون کي پوليس کان مدد وٺڻي پئي. ان دوران مون کي ڏينهن لڳي ويو ۽ بستر تي داخل ٿي ويس. جيئندرا سراسو ٿي مون سان هڪ دفعو وري ملڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي ۽ مون کان معافي وٺڻ لاءِ چيو. آخر گهڻي چئه چوان بعد آئون هن سان مليس، هن مون کي چيو ته هو مون کي هر اها شيءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهي جنهن جي آئون گهر ڪريان. مون هن کي ههڙي پوتر گادي Math ۽ مندر ڇڏڻ لاءِ چيو جيئن هن شيطان صفت انسان کان ماڻهن جي جان ۽ عورتن جي عزت بچي سگهي. مون ڇهه مهينا کن انتظار ڪيو ان بعد هن جي صحيح ۽ اصلي روپ تي رسالي ۾ لکڻ شروع ڪيو. پر پنهنجو اثر رسوخ هلائي هن سگهو ئي اهو رسالو ئي بند ڪرائي ڇڏيو. آئون ڪجهه عرصي لاءِ چپ ٿي ويس پر جيئن ته هاڻ هو جيل ۾ آهي ۽ منهنجي لکڻين تي بندش نٿو وجهرائي سگهي مون هڪ دفعو وري لکڻ شروع ڪيو آهي. خاص ڪري انهن سادين سودين عورتن لاءِ جيڪي ههڙن ماڻهن اڳيان وڃيو سيس  نوائين ۽ شيطان صفت انسانن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسيو پون. آئون عورت ذات کي هن گروءَ جا صحيح رنگ ڏيکارڻ چاهيان ٿي.

هندستان جي هن وڏي هندو ڌرم جي اداري جي هڪ بيحد وڏي ۽ طاقتور گروءَ جي غلط ڪارين هندو ڌرم جي پوئلڳن کي جتي غمزده ۽ شرسار ڪيو آهي ته هڪ ڌرم جو اڳواڻ جيڪو ٻاهران هڪ پوتر شخصيت سمجهي وئي ٿي اها اندروني طرح ڪيڏي ڀيانڪ ۽ نيچ ثابت ٿي. ساڳي وقت دنيا هندستان جي قانون قاعدي، انصاف ۽ Judiciary جي به تعريف ڪري ٿي ته قانون هر هڪ لاءِ ساڳيو آهي چاهي ڪو غريب هجي يا امير، ڪمزور هجي يا طاقتور، اڪيلو هجي يا ملڪ جا وزير، وزراءَ، ليڊر، سياستدان هن جي پاسي هجن پر ڏوهه ڪرڻ ۽ ثابت ٿيڻ تي هو بچي نٿو سگهي. هندستان جي هن وڏي ۽ طاقتور گرو سنڪر آچاريا جيئندرا سراسواٿي جو مثال ڏيڻ لاءِ هند سنڌ جو ڪو اهڙو طاقتور، پير، مير، وڏويرو نظر نٿو اچي جنهن جي هٿ ۾ ڏهه هزار ڪروڙ روپين جا بئنڪ اڪائونٽ هجن (يعني ڏهه ارب انڊين روپيا ۽ پاڪستاني چوڏهن ارب روپيا ٿيا)، جنهن جي حڪم هيٺ انڊيا جي مختلف صوبن، چنائي، ڳوهاٽي ۽ اترانچل م خيراتي اسپتالون ۽ ٻيا خيراتي ادارا هلندا هجن. جنهن جي ٽڪر جو، پئسي جي معاملي ۾، کڻي آغا نخان جهڙو ڪو مقابلو ڪري سگهي پر ان جي به ملڪ جا وزير وزراءَ سياستدان، ڪارخاني دار ۽ ايڏو ڪروڙن ۾ پوئلڳ عوام نه هوندو جيترو هن جو آهي. ايتري قدر جو آڏواڻي، ملڪ جو صدر ابوالڪلام ۽ سندس صوبي تامل ناڊو جي وزير اعليَ جيالاليٽا جهڙيون شخصيتون به هن جي قدمن ۾ پيون هجن. ان جو جڏهن ڏوهه ثابت ٿيو آهي ته حڪومت ان کي جهلڻ ۾ هڪ منٽ جي به دير نه ڪئي آهي. صبح ٿيڻ جو انتظار به نه ڪيو ۽ رات جو ننڊ مان اٿاري پوليس ٿاڻي تي وٺي وئي. ڪورٽ ۾ مئجسٽريٽ ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هي گرو عمر ۾ 70 سالن جو ٿيندو ۽ سخت ڊائبٽڪ آهي ۽ هر وقت Insulin تي هلي ٿو. هن جي لاءِ جڏهن وڪيل جيل بدران اسپتال ۾ رکڻ جي گذارش ڪئي ته مئجسٽريٽ صاف انڪار ڪندي چيو ته هن کي جيل ۾ ئي رهڻ کپي ۽ ضرورت جون دوائون ۽ علاج اسپتال بدران جيل ۾ ئي ٿيڻ کپي ۽ پوءِ جڏهن هن کي ننڍي جيل مان ڪڍي ويلور (Vellore) شهر جي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو ته اتي وري هن جي وڪيلن مدراس هاءِ ڪورٽ کي عرض ڪيو ته گروءَ جي وڏي عمر کي نظر ۾ رکي هن کي جيل بدران ڪنهن ٻي جاءِ تي نظر بند رکيو وڃي پر پبلڪ پراسيڪيوٽر هن تي تر جيترو به رحم نه کائيندي چيو:

“He si most undeserving criminal deserving no special treatment. We are also devotees. We respect the seat, not the individual who is occupying it”.

۽ هن ڪيس بابت انتارا دوسين نالي هڪ مشهور ڪالمسٽ واه جو لکيو آهي ته ههڙن گروئن ۽ پنڊتن جي ڏوهن جو ٻڌي اسان پوڄارين کي سخت صدمو رسي ٿو. اسان سوچي به نٿا سگهون ته اسان جا ههڙا پاڪ پوتر سڏائڻ وارا مذهبي اڳواڻ ڏوهاري، خاص ڪري خوني ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙا ماڻهو هميشه سمجهن ٿا ته هو ملڪ جي قانون کان مٿاهان نه آهن. هو ان خوش فهميءَ ۾ آهن ته هو کڻي ڇا به ڪن پر قانون سندن وار به ونگو نٿو ڪري سگهي. پر اسان جي ملڪ ۾ قاعدي قانون جي ان حد تائين سختي ڏسي خوشي ٿئي ٿي ۽

“It revives our belief in the democratic process and rekindles faith in justice”.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org