سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: -

صفحو : 22

 

دهليءَ جو قطب مينار

جيئن انڊيا جي نشاني تاج محل، جاپان جي فيوجي جبل ۽ آمريڪا جي ”آزاديءَ جو مجسو (Statue) چئي سگهون ٿا تيئن دهلي شهر جي نشاني قطب مينار لڳي ٿو. دهليءَ بابت ڪوبه گائيڊ بڪ، ٽيلفيون ڊائريڪٽري، ڪلو نقشو کڻ ته ان جي ٽائيٽل ڪور تي تصوير قطب مينار جي نظر اچي ٿي.

قطب مينار مون هڪ دفعو اڳ م به ڏٺو هو بلڪه ٻه دفعا جڏهن 1960ع ڌاري پنهنجي ڪاليج جي گروپ سان گڏ آيا هئاسين. قطب مينار ڏسڻ لاءِ ٻيا ته اندر هليا ويا پر آئون ۽ منهنجو ڳوٺاڻي ڪلاس ميٽ ڪمانڊر نجم انصاري قطب مينار جي ٻاهران ”الائي دروازي“ وٽ هڪ فوٽو گرافر کان فٽ پاٿ تي فوٽو ڪڍرائيندا رهياسين تنهن زماني ۾ فوٽو گرافرن وٽ وڏيون ڪئميرائون هونديون هيون ۽ ان تي ويڙهيل ڪاري ڪپڙي کي پنهنجي مٿان وجهي فوٽو ڪڍندا هئا ۽ ان ئي وقت فوٽو ڊيولپ ڪري پرنٽ آئوٽ ڪڍي ڏيندا هئا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به اهڙائي  فوٽو گرافر جام هئا پر هن فوٽو گرافر اهو ٿي ڪمال ڪيو جو اسان جو فوٽو بوتل اندر ڪڍي اها اسان جي هٿ جي تريءَ تي ڏيکاري ٿي. اهو فوٽو مون وٽ اڃا تائين موجود آهي جنهن ۾ منهنجي ساڄي هٿ جي تريءَ تي برنيءَ جهڙي هڪ بوتل آهي جنهن جي اندر به آئون آهيان. انهن ڏينهن جو اهو وڏو ڪمال هو. ٿي سگهي ٿو نجم انصاريءَ وٽ به سندس  اهو فوٽو اڃا هجي. دهليءَ ۾ پنهنجي رهائش واري جاءِ تي پهچي جڏهن اها تصوير ٻين کي ڏيکاريسين ته انهن کي به اهڙي تصور ڪڍائڻ جو شوق ٿيو ۽ پوءِ شام جو ٻن ٽن ڪلاس ميٽن کي ساڻ وٺي آئون وري قطب مينار آيو هوس ۽ پوءِ هو تصويرون ڪڍائيندا رهيا آئون اندر هليو ويس. تن ڏينهن ۾ نه ٽڪيٽ هئي ۽ نه مناري تي چڙهڻ جي جهل پل. اڄڪلهه تقريبا هر تاريخي شيءِ ڏسڻ جي ٽڪيٽ رکي وئي آهي. لال قلعو ڏسڻ جي به اسان ڌارين لاءِ اڍائي سؤ روپيا ٽڪيٽ آهي (۽ هتي جي مڪاني ماڻهن لاءِ فقط پنج روپيا) ۽ پوءِ به لال قلعي جو هر هڪ حصو نٿا ڏسڻ ڏين. قطب مينار ۾ به جڏهن کان اسڪول ڇوڪرين جي موت جو حادثو ٿيو آهي ڪنهن کي به مٿي نٿا ڇڏين پر تن ڏينهن ۾ اسان مناري جا 380 کن ڏاڪا چڙهي چوٽيءَ تائين وڃي پهتا هئاسين.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قطب مينار هر ٽوئرسٽ لاءِ دلپسند تاريخي جاءِ آهي. لال قلعو، جامع مسجد يا برلا مندر جهڙيون عمارتون کڻي وڌيڪ خوبصورت هجن. پر قطب مينار اهڙي شيءِ آهي جيڪا اتاهين هجڻ ڪري پري کان ئي نظر اچي ٿي ۽ ٽوئرسٽ جو ڌيان ڇڪائي ٿي. قطب مينار هندستان ۾ مسلمانن جي حڪومت شروع ٿيڻ جي نشاني آهي ۽ هندستان ۾ مسلمانن جي ٺهرايل پهرين عمارت آهي. هن قطب مينار ۽ مسلمانن جي ٺهرايل ٻين عمارتن خاص ڪري مغلن جي ٺهرايل مقبرن، مسجدن ۽ قلعن وغيره جي عمارت سازي نج انڊين آرڪيٽيڪٽ بدران Indo-Islamic اسٽائيل آهي. بقول سرجان مارشل جي:

“Indo-Islamic art is not merely a local variety of Islmamic art not is it a merely a modified form of hindu art… Broadly speaking Indo-Islamic architcxture derives its character form both sources, though not always in an equal degree”.

قطب مينار هندستان ۾ هندو حاڪمن جي حڪومت جي خاتمي ۽ مسلمانن جي سوڀ جي نشاني خاطر، 1193ع ۾ ٺهرائڻ ڪيو ويو. هي منارو 73 ميٽر ڊگهو آهي. هيٺ تر ۾ هن جي گولائيءَ جو ڊايا ميٽر 15 ميٽر ٿئي ٿو.مينار پنج ماڙ آهي ۽ هر ماڙ تي بالڪني ٺهيل آهي. پهريون ٽي ماڙيون ڳاڙهي پٿر جون ٺهيل آهن، چوٿين ۽ پنجين ماڙ ماربل ۽ ڪاري پٿر جون آهن. جيتوڻيڪ قطن الدين هن مينار جي ٺهرائڻ جو ڪم شروع ڪرايو پر سندس ڏينهن ۾ فقط پهرين ماڙ ٺهي سگهي. ان بعد هن جي پونئيرن ان کي مڪمل ڪرايو ۽ 1368ع ۾ فيروز شاهه تغلق هن جي مٿين ماڙين جي اڏاوت وري ڪرائي ۽ مٿس ڪيوپولا (بيهڻ ۽ نظاري ڪرڻ لاءِ ڇت) پڻ ٺهرايو جيڪو 1803ع ۾لڳل زلزلي ۾ اچي پٽ تي پيو. فيروز شاهه تغلق هندستان تي 1351ع کان 1388 تائين حڪومت ڪئي.

1829ع ۾ ميجر سمٿ نالي هڪ انگريز انجنيئر ان جي جاءِ تي ٻيو Cupola ٺهرايو پر اهو بيهڪ ۾ صحيح نه لڳو جو ويندي ان وقت جي گورنر جنرل لارڊ هارڊنگ ان کي لاهڻ جو حڪم ڏنو. اڄ اهو ڪيوپو لاهيٺ قطب باغ ۾ پاسي تي رکيو آهي.

قطب مينار جي قدمن وٽ ”قوته الاسلام“ نالي انڊيا جي پهرين مسجد آهي جيڪا 1193ع ۾ قطب الدين ايبڪ ٺهرائي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن انڊيا جي 27 هندو ۽ جين مندرن مان سرون ڪڍرائي هيءَ مسجد جوڙائي. قطب دين جي ناٺي التمش بادشاهه هن مسجد جي چوڌاري بائونڊري جي ڀت 1210ع ۽ 1220ع وچ ۾ ٺهرائي ۽ علاؤالدين بادشاهه اوڀر ۾ وڏو ورانڊو ۽ ”علائي“ دروازو 1300 ع ٺهرايو.

علاﺂالدين بادشاهه قطب مينار کان به ٻيڻو وڏو منارو ٺهرائڻ چاهيو ٿي. هن جي مرڻ وقت اهو 27 ميٽرن تائين پهتو هو. ان بعد، سندس پونيئرن مان ڪنهن به ان جو ڪم مڪمل نه ڪرايو. هي علائي ٽاور مسجد ۽ قطب مينار جي اتر ۾ قطب ڪامپليڪش اندر ئي آهي. هن ڪامپليڪس جو جيڪو دروازو آهي جنهن مان اندر گهڙي قطب مينار، قوته الاسلام مسجد ۽ علائي مينار ڏي وڃجي ٿو ان ”علائي“ دروازي جي ساڄي پاسي امام ضامن جو مقبرو آهي. هي صوفي درويش سڪندر لوڌيءَ جي ڏينهن (1517ع_1488ع) ۾ ترڪستان کان انڊيا ۾آيو. التمش جو مقبرو مسجد جي پٺيان هن ڪامپليڪس جا بائونڊري وال جي ٻاهرين پاسي آهي. التمش بادشاهه 1235ع ۾ گذاري ويو هو. (قطب دين ابيڪ 1192ع کان 1198ع تائين حڪومت ڪئي ۽ علاؤالدين خلجي جنهن علائي دروازو ۽ علائي مينار ٺهرايو 1296ع کان 1316ع تائين حڪومت ڪئي.)

 

برلا مندر

انڊيا مندرن جو ملڪ آهي جتي ڪٿي مندر نظر اچن ٿا. دهليءَ ۾ پڻ تمام گهڻا آهن. رستي تي جتي به ڪو خاص مندر نظر آيو ٿي ته رڪشا بيهاري اندر ڏٺم ٿي. توهان جيڪڏهن دهليءَ ۾ ٿورن ڏينهن لاءِ آهيو ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ برلا مندر ضرور ڏسو. هن نالي وارا مندر توهان کي انڊيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ نظر ايندا جيڪي هي مندر ٺهرائڻ واري فيملي برلا (Biral) نالي آهن. برلا فيمليءَ لاءِ هتي جي اوڏ وزير سائل ٻڌايو ته هنن وٽ ايڏو پئسو آهي جو هنن جو هر وقت ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ مندر، Construction هيٺ رهي ٿو.

هنن جو اعتماد آهي ته چڱن ڪمن پٺيان پئسو خرچ ڪرڻ تي تي هنن جي دولت ۾ هر وقت واڌارو اچي رهيو هو. ان ڪري جيئن ئي هڪڙو مندر ٺهي رات راس ٿئي ٿو ته هو ٻيو ٺهرائين ٿا.

برلا فيملي وارن جو برلا گروپ هندستان جو سڀ کان وڏو ۽ امير انڊسٽريل هائو آهي. برلا گروپ کي 500 فيڪٽريون آهن جيڪي مختلف شين جون آهن جهڙوڪه ٽيڪسٽائيل، ٽيليفون ۽ الڪٽرڪ جون تارون، آٽو موبائيل، انڊسٽري مشينون، کنڊ، سيمينٽ ۽ ڪاغذ جا ڪارخانا، سڻي، اليومينيم، ٽامي ۽ فرٽيلائيزر جا ڪارخانا، جهاز هوٽلون، وغيره وغيره. ان کان علاوه برلا گورپ وارا چاليهه مختلف ڪارخانن ۾ ٻين سان ڀائيوار آهن، جيڪي انگلينڊ، ڪينيا، فلپين، انڊونيشيا، يوگنڊا، اٿوپيا، مصر ۽ ٻين ملڪن ۾ آهن.

برلا فيملي جا سڀ ميمبر خير خيرات جي ڪمن کان سڄي هندستان ۾ مشهور آهن. هنن جو گهڻو پئسو تعليمي ادارن، ڏڪار جي ستالين، رليف فنڊن، اسپتالن ۽ ڌرمي ادارن ۽ ٻين نيڪ ڪمن ۾ خرچ ٿئي ٿو.

دهليءَ جو هي برلا مندر جيڪو لڪشمي نارائڻ مندر به سڏجي ٿو، بي ڊي برلا صاحاب ٺهرايو. منجهس وشنو ديوتا جي مورتي رکيل آهي. هن مندر کي ٺهڻ ۾ ڇهه سال لڳي ويا.يعني سن 1933ع کان وٺي 1939ع تائين. هن مندر جو افتتاح مهاتما گانڌيءَ ان شرط تي ڪيو ته هن ۾ هر ذات جي ماڻهوءَ کي اچڻ ڏنو ويندو. ويندي اڇوتن کي ۽ غير هندن کي به. هڪ اهو به سبب آهي جو هن مندر ۾ توهان کي سڀ کان گهڻا فارينر نظر ايندا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي جي ٻين مندرن ۾ به ڪنهن ڌارئين کي اچڻ کان جهليو نٿو وڃي ۽ سچ ته اهو آهي ته فوٽو ڪڍڻ لاءِ منع ناما لکيل هجڻ جي باوجود مختلف مندرن جا ٻاوا مون کي تصويرون ڪڍڻ جي اجازت ڏيندا رهيا. اهوئي حال هتي جي مسجدن، گوردوارن ۽ ڪرسچنن جي عبادت گهرن جو آهي. بس اهو آهي ته هر ڪو فضيلت سان اچي. چڍي يا اسڪرٽ ۾ آهي ته پاڻ ڍڪي اچي، سکن جي ٽڪاڻي ۾ مٿو ڍڪڻ به ضروري آهي ۽ تقريبا سڀني عبادت گهرن ۾ بوٽ لاهڻو پوي ٿو سواءِ ڪنول مندر ۽ Churches کان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org