ٻه اکر دادا جشن لاءِ
اڄڪلهه دادا جشن پي واسواڻي 56 سالن بعد پنهنجي اباڻي وطن سنڌ
جي دؤري تي ويل آهن. دادا واسواڻي جنهن جا ليڪچر
صبح جي وقت
Sony
چئنل تان اچن ٿا هو جڳ مشهور سنڌي فلاسفر، اسڪالر،
سائنسدان، مقرر ۽ سماجي سيوا ڪندڙ شخص آهي. ان کان
علاوه دانشور، اديب، شاعر، استاد تعليمي ماهر ۽
صوفي بزرگ طور پڻ مشهور آهي. هو پنهنجي چاچي ۽
مرشد ساڌو واسواڻي جو جاءِ نشين آهي.
دهليءَ ۾ ”ساڌو واسواڻي انٽر نيشل گرلس اسڪول“ گهمڻ جو احوال
لکڻ دوران ساڌو واسواڻي (سڄو نالو، ساڌو ٿانور داس
ليلارام واسواڻي خدا آبادي) جو احوال پڻ لکيو اٿم.
هتي ٻه چار سٽون دادا جشن واسواڻي تي لکڻ ضروري
سمجهان ٿو. دهليءَ جي مٿين گرلس اسڪول جي کليل
ميدان جي هڪ ڪنڊ مختلف رنگين گلن ۽ ٻوٽن سان
جهنجهيل آهي. اسڪول جي صلاحڪار پروفيسر ڊاڪٽر
چندر ڏاسواڻيءَ اها ڏيکاريندي ٻڌايو هو ته ان ۾
اسڪول جون ڇوڪريون گلن پوکڻ جو شوق پورو ڪن ٿيون ۽
اها ڪنڊ ”جشن ڪارنر“ سڏجي ٿي، جيڪا دادا جشن
واسواڻي جي نالي ڪيل آهي. هو ڪا دير هن نيڪ مرد
بابت ٻڌائيندو رهيو جنهن جا جهيڻي پر صاف آواز ۾
پر مغز ۽ دل تي اثر ڪندڙ ليڪچر روزانو صبح جو
ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي ليڪچر بعد سوني چئنل تان
ٻڌندو آهيان. گذريل ٻه چار ڏينهن دادا واسواڻي تي
روچي رام، مدد علي سنڌي، امداد سومري ۽ ٻين جا
مضمون انٽرنيٽ ذريعي ڪاوش، عبرت ۽ عوامي آواز
اخبارن ۾ به پڙهندو رهيو آهيان.
دادا جي واسواڻي جيڪو هن وقت سنڌ جي ياترا تي پهتل آهي.
حيدرآباد ۾ 2 آگسٽ 1918ع ۾ جنم ورتو ۽ هن وقت 87
ورهين جي ڄمار جو آهي. پاڻ نومبر 1948ع ۾ پنهنجي
چاچي ساڌو واسواڻيءَ سان گڏ سنڌ ڇڏي بمبئي روانگي
اختيار ڪئي.
جشن واسواڻي هن وقت پوني ۾ سيراني اسڪول ۽ ڪاليج کان علاوه
ڪيترائي فلاحي ۽ جديد تعليمي ادارا هلائي ٿو. هن
کي اقوام متحده ۽ انگلينڊ جي هائوس آف ڪامنس ۾
خطاب لاءِ مدعو ڪيو ويندو آهي. دادا جشن واسواڻي
بيحد ذهين شاگرد هو. هن 13 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ
پاس ڪئي ان بعد ڪراچيءَ جي ”ڊي جي سائنس ڪاليج“
مان
B.Sc
فزڪس سترهن سالن جي ڄمار ۾ پاس ڪئي ۽ يونيورسٽيءَ
۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو ۽ ساڳي ڪاليج ۾ فيلوشپ مليس.
هن سائنس جي شعبي ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا.
سندس هڪ مقالي کي نوبل انعام يافته ڊاڪٽر سي وي
رامن چڪاس بعد بيحد پسند ڪيو هو. پاڻ ايل ايل بي
بعد 1939ع ۾
M.Sc
ڪئي.
انڊيا
جي رستن تي هلندڙ ڪارون...
انڊيا جي رستن تي سڀ کان گهڻي موروتي
(Maruti) نالي ڪار نظر اچي ٿي
جيڪا انڊيا ۾ اسيمبل ٿئي ٿي ۽ جاپاني سوزوڪي مني
ڪار، مني وئن ۽ فور ويل ڊرائيور (4WD)
ڪار جو مڪسچر آهي. موروتي ڪارن کان علاه انڊين جي
رستن تي ٻيون ڪارون جيڪي عام نظر اچن ٿيون اهي
آهن: فورڊ ايسڪورٽ، Peugeot 309,
فياٽ Uno،
دائيوو سيلو، اوپل ائسٽرا ۽ مرسڊيسز 220. اهي سڀ
گاڏيون هتي انڊيا جي فيڪٽرين ۾ Assemble
ٿيل آهن ۽ انهن پويان ٻه ٻيون گاڏيون ميدان ۾ اچي
ويون آهن، اهي آهن هونڊا ۽ اسڪوڊا.
1950 ۾ لنڊن ۾ جڏهن مورس آڪسفورڊ گاڏين وارن اهي
ڪارون ٺاهڻ بند ڪري نئون ماڊل ٺاهڻ شروع ڪيو ته ان
پراڻي ماڊل جون ڪارون ٺاهڻ واري فيڪٽري ڪلڪتي شفٽ
ڪرائي وئي ۽ اتي اڄ ڏينهن تائين ”هندستان ائمبسڊر“
جي نالي سان ڪارون ٺهن پيون. 1960ع ۾ پراڻي فياٽ
11OOD ۾ ڪجهه
تبديليون آڻي ”پال پدمڻي“ نالي ڪار ٺاهي وئي. ڪجهه
عرصي بعد فياٽ 124 ڪار متعارف ڪرائي وئي. 1970ع ۾
واڪس هال ڪار جا حق ۽ واسطا خريد ڪري انڊيا ۾
”هندستان ڪانٽيسا“ جي نالي سان ٺاهڻ شروع ڪئي وئي
پر انڊيا ۾ سڀ کان گهڻي ڪامياب ڪار موروتي ثابت ٿي
آهي. موروتي ڪار جي قيمت اڍائي لک روپين کان شروع
ٿئي ٿي. ائمبسڊر ڪارون (سيٽ بيلٽ سميت) ساڍن ٽن
لکن جون آهن ۽ ”مرسڊيز 220“ جي قيمت ٽيويهه لک
روپيا آهن.
انڊيا ۾ ٽرڪن جي انڊسٽري ڪافي اڳتي نڪتل آهي ۽
ٽاٽا ۽ اشوڪ ليلئنڊ ٽرڪون نه فقط انڊيا ۾ پر دنيا
جي ڪيترن ملڪن، ملائيشيا ۽ سنگاپور کان برطانيه ۽
فرانس ۾ ڪامياب ثابت ٿيون آهن. انهن ٻن ڪمپنين کان
علاوه ڪجهه جاپاني ٽرڪون مڪس نالن سان هندستان ۾
ٺهڻ شروع ٿيون آهن ۽ رستن تي نظر اچن ٿيون. انهن
مان ڪجهه هن ريت آهن: ”موروتي، سوزوڪي،“ ”هندستان
ايسوزو“ آلون نسان، ”سواراج مزدا“ ۽ ”هونڊا
ڪائنيٽڪ“.
موٽر سائڪلن ۽ اسڪوٽرن جي انڊسٽريءَ ۾ به وڏو
واڌارو آيو آهي. انڊيا جي رستن تي هلندڙ موٽر
سائيڪلن ۾ هڪ ته
Enfield India نالي
آهي جيڪا هوبهو برطانيه جي پراڻي سنگل سلينڊر
35OCC رايل
بليٽ انفيلڊ جي 1950ع واري ماڊل جي ڪاپي آهي.
اسڪوٽرن ۾ لئمبرٽا ۽ ويسپا جون ڪاپيون مشهور آهن.
اٽليءَ ۾ جڏهن انهن موٽر سائيڪلن ٺاهڻ جو ڪم بند
ڪيو ويو ته انڊيا هنن جي سڄي فيڪٽري ڦلن مٺ قيمت ۾
خريد ڪري انڊيا ۾ لڳائي ۽ موٽر سائيڪلون ٺاهڻ شرع
ڪري ڏنيون. ڪيترائي ماڻهو انهن فيڪٽرين ۾ روزگار
کي به لڳي ويا ته ساڳي وقت غريب عوام کي گهٽ قيمت
تي سواري مهيا ٿيڻ لڳي. انهن کان علاوه ڪجهه
ڦيرڦار سان هوندا، سوزوڪي ۽ ياماها موٽر سائيڪلن
جا ماڊل پڻ انڊيا جي رستن تي نظر اچن ٿا.
رهائش جو مسئلو
پاڪستان ۾ مسافرن لاءِ هر شهر ۾ رهائش جو مسئلو
آهي پر انڊيا جي ڪنهن به شهر ۾ رهائش يا سواريءَ
جو مسئلو نه آهي. حيدرآباد سنڌ جو ئي کڻي مثال
وٺو. تمام ٿوريون هوٽلون آهن ۽ جيڪي آهن اهي تمام
مهانگيون آهن. کاڌو پيتو به مهانگو آهي. ڪو وڌيڪ
هوٽلون ٺهرائي به ڪونه ٿو. جيڪي ٿوريون گهڻيون
حيدرآباد يا ڪراچيءَ جهڙن ۾ آهن اهي به خالي پيون
آهن ورلي ڪو ٽورسٽ ٿو اچي. امن امان جي حالت به ڪا
خاص بهتر ناهي. ڪو ڌاريون ته ڇا ملڪي ۽ مڪاني
ماڻهو به گهمڻ ۽ هوٽلن ۾ رهڻ کان ڀڄي ٿو. اڃا به
ٿورو گهڻو اسان جي اتراهن علائقن ۾ حالتون بهتر
آهن ۽ گهمڻ جون جايون توڙي موسم ڪا خراب ناهي.
هتي انڊيا جي ڪنهن به شهر ۾ رهائش توڙي کاڌي پيتي
جو مسئلو نه آهي. دهليءَ ۾ ته هاڻ ٻه چار هفتا رهڻ
بعد ڏسان پيو ته رهڻ لاءِ هر قسم جون فائيو اسٽار
هوٽلون به آهن جن جي روز جي مسواڙ پنج ڇهه هزار
رپين) کان مٿي آهي ته اهڙيون هوٽلون، گيسٽ هائوس ۽
لاجز
(Lodges) به آهن جن
جي مسواڙ ٻه سؤ رپيا ڪا مس آهي. ڪي چوڏهن بسترن جي
ڊور ميٽرين واريون اهڙيون به هوٽلون آهن جن ۾ هڪ
ماڻهوءَ جي رهائش جي مسواڙ فقط پنجهتر رپيا آهي ۽
اهي هوٽلون رات گذارڻ لاءِ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهن، شهر
جي وچ ۾ به آهن يعني توهان رڪشائن ۽ ٽئڪسين جي
ڀاڙن کان بچيو وڃو ۽ ڪمري ۾ گهڻا ماڻهو هجڻ ڪري
توهان جي توهان جهڙن هم خيال مسافرن سان ڄاڻ سڃاڻ
به ٿيو وڃي ۽ هڪ ٻئي کان گهمڻ ڦرڻ جون جايون، ماني
ٽڪي جون سٺيون سٺيون ۽ سستيون ريسٽورنٽون ۽ شاپنگ
لاءِ خاص شيون معلوم ڪري سگهو ٿا ۽ هڪ ٻئي جا
دلچسپ ۽ تلخ تجربا ٻڌي سگهو ٿا. بس اهو آهي ته
اهڙين هوٽلن ۾ انهن هوٽلن جو يا ڀر وارين هوٽلن ۾
هلندڙ چهل پهل يا وڄندڙ گانن جو گوڙ شور لڳو رهي
ٿو سو جيڪڏهن توهان واقعي سياح آهيو ۽ گهمڻ ڦرڻ
لاءِ آيا آهيو ته سڄي ڏينهن جي هل هلان ۽ ٿڪ بعد
توهان لائوڊ اسپيڪر کي سيرانديءَ کان رکي به سمهي
سگهو ٿا ۽ هنن هنڌن ته اسان ايشيائي مسافر ته ڇا
انگريز ۽ يورپي گورا به رهيا پيا آهن. نولراءِ جو
پيٽارو مان پڙهيل ڀيڻويو نوابشاهه جو دودو اوڏ ته
هر وقت اهو چوندو آهي ته ”ڀائي جان پاڻ ٻئي اڪيلا
انڊيا جي هڪ هڪ رياست ڪري گهمڻ اينداسين. انڊيا ۾
رهائش، کاڌي پيتي ۽ سواريءَ جو ڪو مسئلو ناهي.“ هو
پاڪستان کان پهريون دفعو ٻاهر نڪتو آهي پر صحيح ٿو
چوي. انڊيا سان سياسي کٽ پٽ پنهنجي جاءِ تي پر
گهمڻ ڦرڻ لاءِ اسان پاڪستانين لاءِ انڊيا کان بهتر
ٻي ڪا جاءِ ناهي جتي مغربي شيون ۽ ڪلچر به آهي ته
مشرقي ماحول ۽ ثقافت به. دنيا جون ماڊرن شيون به
آهن ته پراڻي جڳ جون به. اجايون ڏورانهن ۽ مهانگن
آمريڪي ۽ يورپي ملڪن ۾ ڇو وڃجي جتي جي سخت موسم جي
اسان دٻ به نٿا جهلي سگهون ۽ نه وري اتي جون
زبانون سمجهي سگهون ٿا.
دهليءَ ۾ سستي رهائش جا بنيادي طرح ٻه هنڌ آهن.
دهلي ۾ آيل مسافرن ۽ مهانن جو وڏو حصو رهائش لاءِ
پهاڙ گنج جو رخ اختيار ڪري ٿو. دهليءَ جو هي هوٽلن
۽ مسافر خانن وارو علائقو پهاڙ گنج ”نيو دهلي
ريلوي اسٽيشن“ ڀرسان آهي. هوٽلن ۽ مسافر خانن لاءِ
ٻيو هنڌ جان پاٿ جي آسپاس وارو علائقو آهي. هي هنڌ
به نئين دهليءَ ۾ آهي. ڪناٽ پليس جي ڏاکڻي پاسي.
پر هن پاسي جي
Acomodation ڪجهه
مهانگي آهي. جيڪڏهن ڪو اڃا به سستي رهائش جي ڳولا
۾ آهي ته ان لاءِ پراڻي دهلي ڏي وڃڻ بهتر آهي. اتي
توهان کي ڪيتريون ئي هوٽلون ملي وينديون.
پراڻي دهلي ۽ نئين دهليءَ جون ريلوي اسٽيشنون ائين آهن جيئن
ڪراچيءَ جي سٽي اسٽيشن ۽ صدر اسٽيشن. پراڻي دهلي
اسٽيشن جي ويجهو ئي مهاتما گانڌي پارڪ آهي جنهن جي
اوڀر ۾ دهلي پبلڪ لئبرري آهي ۽ ڏکڻ ۾ ٽائون هال.
سيارو يا جهڙالي موسم ۾ واڪ ڪرڻ جا شوقين اتان واڪ
ڪندا چاندني چوڪ کان ٿيندا ڏکڻ ۾ ايندا ته جامع
مسجد آهي ۽ اوڀر طرف لال قلعو آهي. ٽائون هال کان
لال قلعي ايندي توهان کي رستي تي ”گهنٽي والا“
مٺائي جو دڪان، سونهري مسجد، سکن جو هڪ پراڻو
گوردوارو ”سسگنج،“ گوري شنڪر جو مندر، دگمبارا جين
مندر ۽ اکين جي اسپتال نظر ايندي. چاندني چوڪ
دراصل پراڻي دهليءَ جي مين بازار آهي جيڪا ننڍن
ننڍن دڪانن سان ڳهتيل آهي جتي ماڻهن جي ڏينهن رات
پيهه پيهان لڳي رهي ٿي. پکين جي اسپتال جين ڌرم
وارن جي آهي. دهليءَ جي پراڻي ڪوٽ والي
(kotwali)
پوليس اسٽيشن سونهري مسجد جي بلڪل ڀر ۾ آهي. هيءَ
مسجد اها آهي جنهن جي ڇت تي
1739ع
۾ نادر شاهه (ايراني حمله آور جنهن لال قلعي مان
”مور تخت“ کڻايو) بيهي پري پري تائين دهليءَ جي
تباهيءَ جو نظارو ڪيو هو، جنهن جو لشڪر هتي جي
ماڻهن جو قتل ڪندا رهيا ۽ گهرن کي باهيون ڏيندا
رهيا.
چاندني چؤڪ جي ٻئي ڇيڙي تي (يعني جنهن طرف کان شروع ٿيا هئاسين
) فتح پوري مسجد آهي. جيڪا شاهجهان جي زالن
1650ع
۾ ٺهرائي. مسجد جي ڀرسان گودوديا مارڪيٽ آهي ۽ جتي
کاري بائلي روڊ ۽ شاردانين روڊ هڪ ٻئي کي ڪراس ڪن
ٿا اهو چوراهو لاهوري گيٽ سڏجي ٿو. دهليءَ جا ڪجهه
چوراها مختلف گيٽ سڏجن ٿا خاص ڪري پراڻي دهليءَ جي
آس پاس. جيئن ٿورو اڳتي غازي دين جي مدرسي وٽ رستن
ملڻ ڪري جيڪو چوراهو ٺهي ٿو، اهو اجميري گيٽ سڏجي
ٿو ۽ اڃا ٿورو اڳتي عيسائين جي هولي ٽرنٽي چرچ ۽
حضرت شاهه ترڪمن جي مقبري واري چوراهي جو نالو
ترڪمن
(Turkman)
گيٽ آهي ۽ هن گيٽ کان اڳيان هلبو ته هتي جي مشهور
چور بازار ۽ تندور ريسٽورنٽ اچي ٿي ۽ ان بعد جيڪو
چوراهو آهي ان جو نالو دهلي گيٽ آهي. ائين ته لال
قلعي ۽ جامع مسجد جي مختلف دروازن جا به نالا آهن
بلڪ ڪي نالا ته ساڳيا دهلي گيٽ ۽ لاهور گيٽ آهن پر
رڪشا يا ٽئڪسي واري کي جڏهن چوندائو ته مونکي
پراڻي دهلي وٺي هل ته هو يڪدم توهان کان پڇندو
ڪهڙي گيٽ ڏي هلندائو ۽ ان مان هن جو مطلب هي
چوراهائي آهن ۽ نه لال قلعي جا دروازا.
نيو دهلي ريلوي اسٽيشن جي بلڪل سامهون ”مين بازار“ نالي روڊ آهي
ان تي ۽ ان جي آس پاس وارين گهٽين ۾ تمام سستيون
هوٽلون آهن جن مان ڪجهه جا نالا آئيڊيا خاطر لکان
ٿو. بهتر اهو آهي ته دهلي پهچڻ سان پهرين ڏينهن
ڀلي ڪنهن مهانگي هوٽل ۾ رهي پئجي. مسافريءَ جو ٿڪ
ڀڃي ٻئي ڏينهن آرام سان ضرورت ۽ کيسي ۾ پئسي مطابق
ڪا
Reasonable
هوٽل ڳولجي. دهليءَ ۾ تمام گهڻيون هوٽلون آهن ۽ هر
روز وڌيڪ ٺهي رهيون آهن. اونهاري ۾ گرميءَ ڪري
يورپ پاسي جا مسافر گهٽ اچن ٿا ۽ هوٽلون خالي رکڻ
کان بچڻ لاءِ هوٽل جا مالڪ مسافرن کي منٿون ڪندا
رهن ٿا. ويندي رڪشائن وارا توهان کي هوٽلن جا ڏس
پتا ڏيندا رهندا جن کي هوٽلن جي مالڪن طرفان ڪميشن
ملڻ جا آسرا هوندا آهن. ان ڪري بهتر اهو آهي ته
پهرين رات ڪنهن ۾ به رهي پئجي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن
پاڻ ئي چونڊ ڪجي ته ڪهڙي هوٽل جو ڪمرو ۽
سهولتون توهان لاءِ بهتر آهن. ان لاءِ مٿي ٻڌايل مين
بازار روڊ جيڪو علائقو پهاڙ گنج به سڏجي ٿو سڀ کان
گهڻو مشهور آهي. مين بازار روڊ جي ٻنهي ڪپرن تي
ڪجهه هي هوٽلون آهن: هوٽل اسٽار ويو، هوٽل سپنا ۽
ستيام، هوٽل وشال ۽ ڪرشنا گيسٽ هائوس، اجي گيسٽ
هائوس، هري راما گيسٽ هائوس، هوٽل نورنگ، هوٽل
پايل، ڪامران لاج، هوٽل برائيٽ گيسٽ هائوس،
ٽريولرس گيسٽ هائوس، هوٽل نمسڪار، هوٽل اسٽار
پئلس، هوٽل ڊائون ٽائون .... ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا
کڻجن ۽ هي ته رڳو مين روڊ جون هوٽلون، مسافر خانا،
لاجز، گيسٽ هائوس ٿيا ان کان علاوه هن روڊ جي هر
گهٽيءَ ۾ هوٽلون، آهن ۽ هي سڀ هوٽلون نيو دهلي
ريلوي اسٽيشن وٽ آهن. اسٽيشن مان نڪرڻ سان قطب روڊ
وٽ هوٽل ڪانشٽا آهي. ايئر ڪول ڪمرا، ٽي وي، باٿ
روم ۽ بالڪني اٿس يوميه مسواڙ اڍائي کان ٽي سؤ
رپيا آهي. مين بازار روڊ تي جيڪو ٽريولر گيسٽ
هائوس آهي ان ۾ ڊبل ڪمرا باٿ روم سان گڏ آهن. ڪمرا
ايئر ڪنڊيشنڊ نه آهن پر ڊبل جي مسواڙ فقط 200
رپيا. اتي ئي رايل گيسٽ هائوس آهي ان جي به ساڳي
مسواڙ آهي. اها ئي ريٽ ٻين گيسٽ هائوسن ۽ اسٽار
پئلس، ڊائون ٽائون ۽ نمسڪار جهڙين هوٽلن جي آهي.
پايل، وويڪ ۽ وشال هوٽلن جي به اها آهي. بس رڳو
اهو ڏسجي ته جيڪو ڪمرو توهان کي ملي رهيو آهي ان
کي دريون آهن ۽ هوادار آهي يا نه. خاص ڪري اونهاري
۾. اهي سڀ هوٽلون بنا ايئرڪنڊيشن جي آهن. سياري جي
موسم ۾ ته انگريز ۽ يورپي به اتي رهن ٿا. مونکي به
هڪ فرينچ سياح ٻڌايو ته هو گذريل دفعي ان روڊ تي
هڪ اهڙي هوٽل ۾ ڏيڍ سؤ رپيا روز جي مسواڙ تي رهيو
هو. ”سياري ۾ ڪهڙي ضرورت ايئر ڪنڊيشنڊ جي! سڄو
ڏينهن رلي پني رات جي ماني هڪ ريسٽورنٽ ۾ کائي
يارهين بجي ڪمري تي پهچندو هوس ۽ بستر تي ليٽڻ سان
کونگهرن ۾ پئجي ويندو هوس. اک کلندي هئي ته سج مٿي
چڙهيل هوندو هو. ”هنن هوٽلن ۾ گرم پاڻي ملي ٿو ۽
Attached باٿ روم آهي ان کان وڏي ٻي ڪهڙي عياشي ٿي
سگهي ٿي.“هن ٻڌايو.
اهڙين قسم جون ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ ڪجهه ان کان مٿاهيون به،
ڪناٽ پليس ۽ جان پاٿ ايريا ۾ آهن. رنگو گيسٽ
هائوس، سني گيسٽ هائوس، هوٽل بلو، هوٽل پئلس
هائيٽس انهن مان ڪجهه آهن. يعني اهي سڀ سستي ۾
سستيون هوٽلون آهن.
پراڻي دهليءَ ۾، جامع مسجد جي آسپاس به ڪيتريون ئي سستيون
هوٽلون آهن. مسجد جي بلڪل پٺيان هوٽل نيو سٽي
پليس، هوٽل بمبئي اورينٽ، جتي چاندني چؤڪ ختم ٿو
ٿئي اتي ڀارت هوٽل ۽ ان جي ڀرسان اسٽار گيسٽ هائوس
وغيره. اهي سڀ اڍائي يا ٽي سؤ رپيه في ماڻهوءَ جي
حساب سان آهن. ان کان علاوه يوٿ هاسٽلون ۽
YMCAٽوئرسٽ هوٽل، YMCA گيسٽ هائوس ۽ YMCA بلو
ٽرئنگل فئملي هاسٽلون به ڪيتريون ئي آهن.
ڪناٽ پليس ۽ جان پاٿ واري علائقي ۾ ڪجهه مهانگيون هوٽلون يوميه
500 رپين کان ست سؤ، اٺ سؤ. ويندي هزار رپين
واريون ڪجهه هن ريت آهن:
جان پاٿ گيسٽ هائوس (فون نمبر: 3321935 )
هوٽل برائيٽ (فون نمبر: 3320444 )
هوٽل 55
الڪا هوٽل
هوٽل ميٽرو
۽ اڃا به ڪجهه مهانگين 1500رپين کان ٻه هزار رپين تائين:
هوٽل سينٽرل ڪورٽ
پارڪ هوٽل
نيرولاز هوٽل
,s Hotel)Nirula(
۽ اهڙيون ئي ٻن هزار رپين جي Rangeواريون هوٽلون چڙيا گهر جي
ڀرواري علائقي سندر نگر ۾ پڻ جام آهن. جيئن ته:
مهاراڻي گيسٽ هائوس
ڪئلاش ِ ان
لاسانگريتا ٽوئرسٽ هوم
جو ڪاسو ان
ڪناٽ پليس جي ويجهو ٻه ڏاڍا سٺا پرائيويٽ گيسٽ هائوس آهن. هڪ
نيو راجيندر نگر ۾ گهر نمبر 500_R جيڪو ”ماسٽر
پيئنگ گيسٽ هائوس“ سڏجي ٿو ۽ ڪناٽ پليس کان رڪشا
وارو ٽيهه رپيا کن ڀاڙو وٺندو ۽ ٻيو ياتري هائوس
جيڪو راڻي جهانسي روڊ تي پنج ڪئين ۽ مندر مارگ
رستن جي جنڪشن وٽ آهي. ڪناٽ پليس کان ميل کن پري
ٿيندو. اڳواٽ جي اطلاع تي ۽ ٻه اڍائي سؤ رپيه کن
وڌيڪ خرچ تي هو توهان کي ايئرپورٽ تان به وٺي
ايندا.
مٿي دهلي شهر جي مختلف چوراهن بابت پڻ لکيو اٿم ته انهن مان
ڪجهه چوراها گيٽ سڏجن ٿا جيئن ته دهلي گيٽ، اجميري
گيٽ، لاهوري گيٽ وغيره. اجميري گيٽ وٽ لکيو اٿم ته
غازي دين جو پراڻو مدرسو آهي. اڄ ان مدرسي جي فوٽو
سميت اخبار ۾ خبر آئي آهي ته انڪروچمينٽ کان علاوه
هن مدرسي (جيڪو اڄڪلهه ائنگلو عرئبڪ اسڪول سڏجي
ٿو) جي عمارت ۾ به ڪافي ڏار پئجي ويا آهن ۽ هيءَ
تاريخي عمارت جيڪا اسان جي تهذيب ۽ تمدن جو ورثو
آهي، ان کي DDA(دهلي ڊولپمينٽ اٿارٽي) وارا سهڻو
بڻائي رهيا آهن. اجميري گيٽ وٽ هي اسڪول مغل
شهنشاهه جي مليٽري ڪمانڊر غازي الدين خان فيروز
جنگ ٽي سؤ کن سال اڳ 1702ع ۾ ٺهرايو هو ۽ هن اسڪول
جو پهريون نالو غازي الدين مدرسو هو ان بعد1825ع ۾
انگريزن هن جو نالو دهلي ڪاليج رکيو ۽ پوءِ
1948ع ۾ جواهر لعل نهرو ۽ ان وقت جي ”دهلي سر مائورس گوير“ جي وائيس چانسلر
مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪوششن سان هن ڪاليج ۾
”ڪو ايڊيو ڪيشن“ ڪئي وئي ۽ نالو بدلائي ائنگلو
عرئبڪ اسڪول رکيو ويو. هن اسڪول جي عمارت وچ ايشيا
۽ مغل آرڪيٽيڪٽ جو مڪسچر آهي ۽ هي اسڪول پهريون
سڪيولر تعليم گاهه هو، جتي انگريزي ۽ ماڊرن سائنس
جهڙا سبجيڪٽ پڙهايا ويا ٿي. هي ڪاليج اردو زبان جي
خدمتن کان به مشهور آهي. دهلي ڊولپمينٽ اٿارٽي هن
اسڪول کي اصلي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڏيڍ ڪروڙ رپيا خرچ
ڪري رهي آهي.
هن اسڪول بلڊنگ جي ڪنڊ تي ان زماني جي مسجد پڻ آهي ۽ ڀر ۾ غازي
الدين خان جو مقبرو آهي. هي اسڪول هندستان جي
ورهاڱي وقت بند رهيو ۽ ان کان اڳ
1857ع ۾ بلوي دوران بند رهيو ۽ پوءِ
26سالن
بعد1883
ع ۾ لارڊلٽن
(Lord Littonکولرايو.
1857ع
واري بلوي ۾ اسڪول ۾ موجود ڪيترائي قيمتي سڪا، بي
بها هٿ جون لکڻيون
(Manuscripts)
ويندي غالب جا هٿ جا لکيل ديوان ۽ فارسي ۽ عربي جي
خوبصورت ڪئليگرافي چوري ڪري ڳرن اگهن ۾ وڪي وئي.
|