سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: -

صفحو : 25

 

ڇا دهلي ٺڳن کان مشهور آهي...

دهليءَ ۾ پهچڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته هتي لا ائنڊ آرڊر (امن امان) جي حالت بهتر آهي. ماڻهو قانون جي عزت ڪن ٿا، پوليس کي رشوت کائڻ جي ايڏي پٽِ ناهي ۽ نه اها هتي جي سياستدانن، وڏيرن، پيرن ۽ چوڌرين جي کيسي ۾ مڪمل طرح بند آهي. قانون جي دائري اندر شهر جون هوٽلون، دڪان، ڪلب سڄي سڄي رات کليا پيا آهن. مڪاني ماڻهو توڙي ڌاريان سوئرسٽ سڄي رات پيا گهمن، پيا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سفر ڪن. ڪير ڪنهن کي اغوا نٿو ڪري، ڪير ڪنهن کي ڪوڙي ڪيس ۾ لاڪ اپ ۾ بند نٿو ڪري دڪاندارن ۽ سئنيما وارن کان ڪو غنڊه ٽئڪس يا ڀتو نٿو وٺي، ڪٿي به هر وقت مذهبي جهيڙا فساد نٿا ٿين. مسجدون، مندر، ٽڪاڻا گوردوارا سڀ کليا پيا آهن ۽ انهن ۾ ان مذهب جا ماڻهو ته ڇا ٻين مذهبن جا به گهڙيو ديدار ڪريو وڃن، فوٽو ڪڍيو وڃن. (هن مندر ۾ وڃي آئون به فوٽو ڪڍندو رهيو آهيان.) هتي جي ڪنهن به مسجد يا مندر ۾ تالو نٿو لڳي. بالاجي مارڪيٽ (ڪالڪا) واري جامع مسجد جي پيش امام ٻڌايو ته ٽيهن سالن کان يعني جڏهن کان هيءَ مسجد ٺهي آهي سندس چارئي مين گيٽ کليل آهن. ڪڏهن به بند نه ٿيا آهن، چاهي مسلمانن جي عيد يا عاشورو هجي يا مسجد جي چوڌاري رهندڙ هندو ڪميونٽيءَ جي هولي يا ڏياري. اهي سڀ ڳالهيون سوچي چئي سگهجي ٿو ته هتي امن امان جي حالت سٺي آهي. پر بهرحال اهڙي کڻي سٺي نه به هجي ۽ واقعي تمام گهڻي سٺي ناهي پر اسان سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن جي رهواسين کان انڊيا جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو وڏي سڪون ۾ آهن. مون اهو سوال گذريل سڄو مهينو دهليءَ ۾ هر ان ماڻهوءَ کان ڪيو آهي جنهن لاءِ مون کي خبر پيئي آهي ته هي هتي گهمڻ لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد کان آيو آهي يا شڪارپور، سکر ۽ جيڪب آباد جهڙن ننڍن شهرن کان آيو آهي. هر هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري انڊيا ۽ پاڪستان ۾ وڏو فرق امن امان هجڻ ۽ نه هجڻ جو ٻڌايو.

بهرحال تي دهليءَ ۾ تمام گهڻو امن امان به نه آهي ٻه ڪروڙ آدمشماري جي هن شهر ۾ ڪيترائي لوفر لفنگا به آهن. هر گهٽيءَ ۾ خون ريزي، وڏي چوري يا ڌاڙو يا اغوا جو ڪيس کڻي نٿو ٿئي پر ننڍي پئماني جون چوريون، پڪ پاڪيٽنگ (جيب ڪتر) ۽ آيل مسافرن ۽ مڪاني ماڻهن سان ننڍيون ننڍيون لڳيون ۽ لچايون عام ٿينديون رهن ٿيون. ان ڪري هن پاسي آيل مسافر هر ڳالهه کان بي خبر ۽ بي اونو ٿي نه هلي. هو پنهنجا هوش قائم رکي ۽ ڪنهن به لڳ ۽ اٽڪل باز جي ڳالهين ۾ اچي پنهنجو پاڻ کي نه ڦرائي. خاص ڪري پنهنجي پئسي ۽ سفر جي ڪاغذن (پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ، ويزا واري پني ۽ ٻين اهڙين شين) کي جان سان سوگهو رکي. جو پرديس ۾ ڪوبه ڪنهن جو مٽ يا دوست ناهي.

دهلي پهچڻ جي ٽئين يا چوٿين ڏينهن خبر پئي ته نولراءِ جي ننڍي ڀيڻ جو پرس چوري ٿي ويو جنهن ۾ سندس پنج ڇهه هزار رپيا هئا. اهو پئسن جو ننڍڙو ٻٽون هٿ ۾ کڻڻ جي وڏي پرس ۾ هو.

”ڀيڻ شيلان تون سڀ ۾ گهڻي سمارٽ ۽ هوشيار تنهنجي ڪيئن چوري ٿي ۽ پرس اندران چور ڪيئن ٻٽو ڪڍيو جو تو کي خبر ئي نه پئي؟“ مون پڇيومانس.

شيلان روايتي ٽهڪ ڏيندي چيو: ”ادا ڏسو پيا نه؟ دهليءَ جي لڳن جو ٻڌو نه اٿانو! سو هاڻ ان دهليءَ ۾ واقعي اچي ويا آهيون.“

خبر پيئي ته پراڻي دهليءَ جي هڪ پيهه پيهان واري مارڪيٽ ۾ ڪنهن جيب ڪتري ڇوڪري بليڊ سان وڏي پرس کي وچ تان چيهڪ ڏيئي اندر پيل ٻٽون ڪڍي ورتو. ٻٽونءَ سان گڏ ٽيليفون جا ڪارڊ، پنا، پين ڪرڻ تي هن جو ڌيان انهن شين ڏي هليو ويو جن کي هوءَ ميڙي چونڊي پرس ۾ وجهي ته ڏسي ته پرس جي زپ ته بند آهي. هي شيون ڪريون ڪيئن؟ ۽ پوءِ پاسي کان ڏسي ته پرس کي آيل وڏو چيهڪ نظر آيس.

اهڙي طرح اسان ڄاڃين مان هڪ جي بئگ دهليءَ کان بڙودا ويندي چوري ٿي وئي. ٿي سگهي ٿو دهلي اسٽيشن تي ٿي هجي جو سڀني جو سامان، سؤ کن ننگ ٿيندا، ٻن وڏين ٽرالين تي هو جيڪو گاڏيءَ ۾ چاڙهڻ تائين جو چئن قلين ست سؤ رپيا ٻولايا هئا. سو ان وقت يا ٽرين ۾ چاڙهڻ وقت هڪ بئگ هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڇڏي هجين يا اڃان به ائين ٿي سگهي ٿو ته ٽرين مان رات جي وقت اسان جي يا ڪنهن ڀر واري دٻي جي مسافر يا ڊائننگ ڪار جي بئري اها بئگ غائب ڪري ڇڏي هجي جو ڏهين يارهين کان پوءِ تقريبا سڀ مسافر سمهي پيا. سڀني جو سامان هيٺين سيٽ جي هيٺان رکيل هو. رات جي وقت هڪ ٻن ريلوي اسٽيشن تي گاڏي بيٺي هئي ۽ ڪجهه ماڻهو لٿا ۽ ڪجهه چڙهيا هئا. ٿي سگهي ٿو ان وقت ڪو چوري ڪري ويو هجي جو اسان کي ته بڙودا ۾ لهڻ وقت ئي خبر پيئي ۽ اسان ان وقت ٻنهي ٽنهي دٻن (جن ۾ اسان جا ڄاڃي ورهايل هئا) جي ڪنڊ ڪنڊ ڏٺيسين پر نه ملي. دراصل رات جي وقت ان قسم جون چوريون ريل گاڏين ۾ عام ٿين ٿيون. ڊگهي سفر ڪرڻ وارا مسافر رات جو آخر سمهيو رهن. بئگ چورائڻ وارو چور تاڙ ۾ رهي ٿو ۽ سيٽ هيٺان بئگ ڇڪيو رات جي اونداهيءَ ۾ ڪنهن اسٽيشن تي لهيو وڃي. ٽرين ۾ رات جي سفر ۾ پنهنجي بئگ چوري ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي؟ يا بئگ بچائجي يا ننڊ نه ڪجي اهو ئي جواب ٿي سگهي ٿو پر اسان سان گڏ سفر ڪندڙ پوليس جو رٽائرڊ آفيسر جڏهن صبح جو پنهنجي ريلوي اسٽيشن تي لٿو ته ڏسان ته چاٻي کڻي تالو پيو کولي. مونکي تعجب لڳو ته گاڏي بنهه آهستي ٿي اسٽيشن تي بيٺي ۽ هي هاڻ بئگ کولي سامان ٿو ٺاهي ڇا. گاڏي ته ڪا ٻه منٽ به مس بيهندي. پر پوءِ ڏسان ته اهو تالو کولي ان سان گڏ سنهي ڊگهي زنجير ڇڪي ٻاهر ڪيائين ۽ پوءِ سيٽ هيٺان رکيل بئگ ٻاهر ڪڍيائين.

مون کلندي چيومانس: ”واهه جي Ideaٻڌائي.“

”ٻيو نه ته وري! اهڙيون سمارٽ آئيڊيائون پوليس وارن وٽ هونديون آهن يا ...“

”يا چورن وٽ“ مون جملو پورو ڪيومانس.

”دئٽس اٽ. تو صحيح سمجهيو.“ هن ٽهڪ ڏيندي چيو.

سو ريل گاڏين ۾ سفر ڪرڻ وارو دوستو! رات جي ڊگهي سفر لاءِ نڪرو ته سؤ رپيا کن وڌيڪ خرچ ڪري هڪ زنجير ۽ تالو به وٺو ۽ ٽرين ۾ سمهڻ کان اڳ زنجير کي پنهنجي بئگ جي چوڌاري ڦيرائي، بئگ جي هئنڊل مان لنگهائي سيٽ جي ڪنهن ٽنگ مان گهمائي تالو هڻي ڇڏيو. اها خواري ان وڏي خواريءَ کان بهتر آهي جنهن ۾ توهان ته منزل تائين پهچي وڃو پر توهان کي پائڻ لاءِ نه ڪپڙا هجن ۽ نه ٻيو سامان.

هڪ ڏينهن اشوڪا روڊ تان واڪ ڪندو فيروز شاهه روڊ ڏي پئي ويس ته اتي چوراهي وٽ موجود هوٽلن مان ”جان پاٽ هوٽل“ يا شايد ”ڪانشڪا هوٽل“ مان هڪ يورپي گورو به نڪتو ۽ مون سان گڏ گڏ هلڻ لڳو. هن کي ڪستوربا گانڌي مارگ (شاهراهه) تان مڙي انڊيا گيٽ ڏي وڃڻو هو. رستي تي ٻه چار ڇوڪرا پينسلون ۽ ڪجهه ٻيو سامان خريد ڪرڻ لاءِ اسان کي منٿون ڪرڻ لڳا. گوري انگريز هنن کي دڙڪا ڏيئي آخر ڀڄائي ڪڍيو.

”دهليءَ جي شهر ۾ ههڙن لڳن بيزار ڪري ڇڏيو آهي.“ هن چيو ۽ پوءِ ٻه ڏينهن اڳ جو هن قصو ٻڌايو ته هو دهليءَ جي خان بازار ۾ شاپنگ ڪري رهيو هو ته هڪ بوٽ پالش وارو هن کي ڦري آيو ته بوٽ پالش ڪريان. ”ڪيترو ئي سمجهايانس ته بابا مون کي پالش ناهي ڪرائڻي. وڏي ڳالهه ته منهنجا بوٽ چمڙي جا نه آهن جو پالش ڪرايان، اهي سئيڊ (ڪپڙي) جا آهن ته به جان نه ڇڏي. ۽ ايتري ۾ هيٺ بوٽن ڏي ڏسان ته ڪنهن ڍڳيءَ جي ڇيڻ سان هڪڙو پادر ڀريو پيو آهي. آخر مجبور ٿي هن جي آفر تي بوٽ صاف ڪرايم. صاف ڪرڻ کان اڳ هو جو غريب ٿي نهٺائيءَ مان ڳالهائي رهيو هو هاڻ ماڳهين Aggressive ٿي پيو. چي بوٽ تان ڇيڻ صاف ڪرڻ جا ٻه سؤ رپيا ڇڏاءِ. آخر وڏي بحث بعد ٽيهه رپيا ڏيڻا پيم. پوءِ ٿورو اڳيان هلان ته بوٽ پالش ڪرڻ وارا ٻه ٻيا ڇوڪرا ورائي ويا ۽ ڏسان ته ٽيون ڄڻو هڪ مون جهڙي فارينر جي بوٽ تان ڇيڻو پيو صاف ڪري. پوءِ آئون سمجهي ويس ته هنن بدمعاشن وٽ ڪا واٽر گن جهڙي شيءِ آهي جنهن ۾ ڇيڻ ڀري ٽوئرسٽن جا بوٽ خراب ڪريو پئسا پيا ڦرين. 

 

ڪيترا عرب انڊيا ۾ شاديءَ لاءِ اچن ٿا

انڊيا ۾ جتي ٻين ڳالهين جي آزادي آهي اتي شراب، ناچ گاني ويندي  prostitution۽ جوا جي کليل نه ته ڍڪيل ڇپيل آزادي ضرور آهي ۽ حڪومت ۽ ان جا ادارا اهڙين ڳالهين تي ڪوشش ڪري اکٻوٽ ئي ڪن ٿا جو هنن کي خبر آهي ته سندن ملڪ جي وڏي ڪمائي انهن ڳالهين مان آهي. انهن شين جي ڪري ئي سندن ملڪ ۾ ڌاريان ٽوئرسٽ اچن ٿا، پوءِ آمريڪن ۽ يورپي سستائيءَڪري انڊيا اچن ٿا ۽ اسان جي ملڪ جا مسلمان ۽ عرب امير شراب ۽ رنڊي بازي لاءِ جو هنن جي ملڪ ۾ هڪ ته اهي ڪم کلئي عام نه آهن ۽ ٻيو ته اهي پنهنجن ملڪن ۾ وڏا ساڌ پات، پير مرشد ۽ نيڪ نمازي هجڻ جي ٻاهرين شناخت رکيو پيا هلن. ۽ پوءِ هن پاسي پهچڻ سان پنهنجي اصليت ۾ اچيو وڃن. هونءَ به ڪي ورلي ٽوئرسٽ هوندا جن جو شوق تاريخي جايون ڏسڻ هوندو ۽ هو پنهنجين هوٽلن جا ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرا ڇڏي نٽهه اس ۾ پراڻن کنڊرن ۾ پنهنجي ٽڪڻ ساڙيندا هوندا يا ٿائيلنڊ جي چڪلن وارن شهرن ۾ سامونڊي ڪنارن جو لطف وٺندا هوندا نه ته گهڻا عياشيءَ لاءِ نڪرن ٿا.

بهرحال اها حقيقت آهي ته جتي گهڻا ٽوئرسٽ اچن ٿا اتي آمريڪن ڊالرن جي ريل پيل ته شروع ٿيو وڃي پر پوءِ ان سان گڏ ڪيتريون ئي اخلاقي برايون به پنهنجو رستو ڏسيو ڇڏين پوءِ اهي پٽ کڻي سيام (ٿائلينڊ) جا هجن يا سائگون (ويٽنام)جا، انڊونيشيا هجي يا انڊيا جا بڇرائيءَ جو ڏاڪو وڃي وڌندو ۽ وڌندو .

اڄڪلهه هتي انڊيا ۾ جوراني نالي شارجاه جي هڪ ٽيهتر سالن جي هڪ عرب جو ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي (۽ انڊيا جي سڀني اخبارن ۾ ان عرب جي فرنٽ پيج تي اسٽوري آهي) جنهن حيدرآباد دکن ۾ اچي حسينا بيگم نالي هڪ اوڻهين سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن بعد ان کي ڇڏي سورهن سالن جي رخسانا نالي هڪ ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. بلڪ پوليس کي پڪ آهي ته هن ٽي ڇوڪريءَ سان به شاديءَ جو ڍونگ رچائي پاڻ وٽ رکيو پر ڪورٽ ۾ شاهديءَ لاءِ فقط مٿيون ٻه ڇوڪريون پهچي سگهيون آهن.

شادين ۽ سيڪس جي شوقين عربن لاءِ حيدرآباد دکن جو هوائي اڏو ”راجيو گانڌي انٽرنيشنل ايئرپورٽ“ دلپسند منزل آهي. بقول هتي جي حڪومت جي ”عرب دنيا“ کان ايندڙ روزانو سوين عربن مان انهن چند کي ڪيئن ڳولين جن جي نيت انڊيا جا شهر گهمڻ يا بزنيس ۽ شاپنگ بدران هتي جي غريب ڇوڪرين کي جنسي طرح Exploitڪرڻ آهي. هڪ حد کان وڌيڪ ڪنهن به مسافر جي کوج ۽ پڇا ڪرڻ سان شريف مسافر به هتي اچڻ ڇڏي ڏيندا. دبئي ۽ شارجا پاسي کان ايندڙ عرب ظاهريءَ طرح ته گهمڻ ۽ شاپنگ لاءِ اچن ٿا پر پوءِ انهن مان ڪيترا ننڍي عمر جون ڪنواريون ڳولڻ ۾ لڳيو وڃن جنهن ۾ کين مڪاني دلال به مدد ڪن ٿا. شاديءَ لاءِ حڪومت هڪ هندوءَ کي ته جهلي سگهي ٿي جو ملڪ جي ”هندو. لا“ مطابق هڪ هندو ٻي شادي نٿو ڪري سگهي پر مڪاني انڊين مسلمان يا ڌارئين ملڪ کان آيل مسلمان مذهب جي آڙ وٺي ٻي يا ٽي به شادي ڪن ٿا جو انڊيا جي قانون مطابق انڊيا ۾ ڪوبه مسلمان چئن تائين زالون رکي سگهي ٿو ۽ هي امير عرب ننڍپن ۽ اڻ بالغ ڇوڪرين سان پنهنجي حوس پوري ڪرڻ لاءِ شاديءَ جو نسخو استعمال ڪن ٿا ۽ جتي پئسي جي ڏيتي ليتي جام هلي اتي نر به لائين تان لهيو وڃن. اهڙا ڪيترا ملان ۽ قاضي حيدرآباد جهڙي شهر ۾ نڪريو پون جيڪي ان ڪم جي نه فقط پوئواري ڪن ٿا پر نڪاح پڙهي Sexual شوق کي قانونيءَ طرح شاديءَ جو نالو ڏين ٿا ۽ پوءِ مهيني اڌ بعد طلاق جو ڪم ڪرائين ٿا. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري خوش نصيب آهي ته هوءَ عرب سان دبئي يا شارجا ڏي رواني به ٿيو وڃي. پر اتي پهچي هوءَ زال بڻجي سک جي زندگي گذارڻ بدران هن عرب وٽ نوڪرياڻي ٿي ڪم ڪري ٿي يا کيس رنڊيءَ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. بهرحال 19سالن جي حسينا بيگم حيدرآباد دکن جي چندرا ياگتا پوليس اسٽيشن تي شڪايت درج ڪري ٺڳن جي هڪ ٽولي کي وائکو ته ڪيو آهي، هاڻ ڏسجي ته ڪيستائين تدارڪ ٿو ٿئي.

حسينا جي مائٽن وچ ۾ پوندڙ دلالن کان چاليهه هزار رپيا وٺي پنهنجي ڌيءَ جي شادي هڪ 73  ورهين جي پوڙهي شارجا جي عرب محمد جعفر يعقوب حسن الجوراني سان ڪرائي جيڪو هڪ اک کان ڪاڻو پڻ آهي ۽ ٻي اک خراب ٿيڻ تي هتي انڊيا ۾ آپريشن لاءِ آيو آهي. هن حسينا کي ڇڏي هاڻ ٻي ڇوڪريءَ سان ٿي شادي ڪئي ته حسينا پوليس اسٽيشن تي اچي دانهيو ۽ ڪلاڪن اندر سندس مڙس جوراني ۽ وچ ۾ پوندڙ شمس الدين نالي دلال (جنهن حسينا کي سندس ڌيءَ جي قيمت چاليهه هزار ڏيئي جورانيءَ سان شادي ڪرائي) کي پوليس ٿاڻي تي ٻڌي آئي. خبر پيئي ته جورانيءَ کي ٻه زالون ۽ ٻارهن ٻار آهن جيڪي شارجا ۾ رهن ٿا ۽ جوراني هي ٽيون دفعو انڊيا آيو آهي.

حسينا جي هن رپورٽ بعد مڪاني پوليس هن ڪرائيم پٺيان ڪم ڪندڙ هڪ گئنگ جي اندر تائين پهتي آهي جنهن ۾ ٽريول ايجنٽ، دلال ۽ قاضي Involve ٿيل آهن جيڪي شاديءَ جا ههڙا نڪاح ناما رجسٽر ڪن ٿا. پهريون دفعو هتي جي پوليس نائب قاضيءَ کي به جهليو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته رڳو هن سال هن قسم جون اٽڪل 35شاديون حيدرآباد دکن جي غريب ڇوڪرين جون عربن سان ٿيون آهن. ننڍي عمر جي ڇوڪرين سان اهي شاديون ڪي چند ڏينهن مس هلن ٿيون، ان بعد انهن جا عرب مڙس کين ڇڏيو وڃن يا طلاق ڏئي حق مهر جا پئسا دلال ذريعي موڪليو ڏين. ڪجهه ڇوڪريون جيڪي عربن سان سندن وطن روانيون ٿين ٿيون انهن جي حال بابت مٿي لکي چڪو آهيان.

ننڍي عمر جي ڇوڪرين جو شاديءَ بهاني گلف جي ملڪن ڏي سمگل ٿي وڃڻ جي ڄاڻ 1991 ع ۾ پهريون دفعو ظاهر ٿي هئي جڏهن امينا نالي يارهن سالن جي ڇوڪريءَ جي شادي هڪ پوڙهي عرب سان رچائي وئي هئي ۽ هوائي سفر دوران هي جوڙو جهلجي پيو هو. ان بعد ڪجهه عرصي لاءِ ٺاپر اچي وئي پر هاڻ لڳي ٿو ته هڪ دفعو وري حيدرآباد دکن جي ”ڪنوار بازار“ زور شور سان پنهنجي ڌنڌي ۾ مشغول آهي.

 

جيڪي ڳالهيون رهجي ويون

انڊيا لاءِ ڪنهن خوب چيو آهي ته:

India is not a country but a continent.

انڊيا ملڪ ناهي پر کنڊ آهي. اتر کان ڏکڻ تائين ۽ اوڀر کان اولهه تائين ماڻهن جو رنگ روپ، هاٺي ڪاٺي، پوشاڪ کاڌو ۽ زبان مختلف آهي. ماڻهن جون ريتون رسمون ۽ رواج وهنوار مختلف آهن. سڄو ملڪ ئي مختلف آهي. هن ڌرتيءَ تي اهڙا ڪي چند ملڪ هوندا جن ۾ انڊيا جهڙي Varietyملندي.

دهلي ڏي ويندي رستي تي لڌيانا ۽ امبالا جي وچ ۾، رستي جي هڪ هوٽل تي چانهه پي ٻاهر بس ۾ چڙهڻ لاءِ آيس ته رستي تي هڪ معذور عورت خيرات گهريو. مون هن جي جهوليءَ ۾ بچيل سڪا وڌا.

”توهان کي نه ڏيڻ کپي،“ بس ڊرائيور مونکي سمجهايو. ”اهي پئسا هن کي ڪڏهن به نصيب نه ٿيندا. اهي ان شخص جي حوالي ٿي ويندا جيڪو پنڻ جو ڪاروبار ٿو هلائي. هو انهن پئسن مان ٻيا ٻار ۽ عورتون خريد ڪري انهن کي لولو لنگڙو بنائي رستن تي پنڻ لاءِ ڇڏيندو ڇو ته هن کي خبر آهي ته ماڻهو انهن تي رحم کائي اڃا وڌيڪ ڏيندا.“

آئون سوچڻ لڳس ته India as a Nationڪيڏي پختي مزاج واري آهي جو جنهن ڳالهه جو فيصلو ڪري ٿي اهو پورو ڪري ٿي. پان کائي رستي تي ٿڪون اڇلڻ لاءِ منع ڪئي وئي ته رستي هلندي پان کائڻ بند ٿي ويو. ايئرڪنڊيشنڊ آفيس، بس يا ريل جي دٻي ۾ سگريٽ ڇڪڻ تي بندش وجهڻ جو اعلان ٿيو ته جتي ڪٿي ان تي عمل ٿي ويو ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ پنڻ جو آزار بند ڪرائڻ لاءِ خيرات ڏيڻ کان جهليو ويو آهي ته ان تي به جتي ڪٿي عمل شروع ٿي ويو آهي.

انڊيا ڇڏڻ وقت جڏهن دهليءَ مان بس ۾ چڙهي رهيا هئاسين ته اتي اسان جي سامان جي تور ۽ چڪاس ٿي. دهليءَ کان لاهور يا لاهور کان دهلي سفر ڪرڻ وارن کي پاڻ سان فقط ويهه ڪلو سامان کڻڻ جي اجازت آهي. مون سمجهيو اسان جي فقط بئگن جي تور ٿيندي هٿ ۾ کنيل ٿيلهي کي ان تور ۾ شامل نه ڪيو ويندو. هوائي جهاز ۾ به ائين ٿيندو آهي پر هتي هر مسافر جي بئگ سان گڏ سندس ٿيلهي کي به توريو پئي ويو، خبر ناهي قانون ان ريت آهي يا ان ڏينهن جيڪو انچارج صاحب هو ان پنهنجي طرفان ائين پئي ڪيو. ڪيترن ڪسٽم آفيسرن يا پوليس جي عملدارن کي قانون جي خبر نه هوندي آهي پوءِ عوام جو سر ڪڍندا آهن.

مسافرن جي پيهه پيهان ۽ هرهڪ کي جلدي هجڻ ڪري هن کي ڳالهه ٻڌڻ جي واندڪائي نه هئي. منهنجي به بئگ جي تور 21 ڪلو ٿي ۽ چار ڪلو هٿ جي ٿيلهي جي يعني هن جي حساب موجب 25 ڪلو ٿيا. هن پنج ڪلو وڌيڪ بار جا سٺ سان ضرب ڪري ٽي سؤ رپيا ڏنڊ جي رسيد منهنجي هٿ تي رکي. منهنجي احتجاج ڪرڻ تي هن فقط اهو چيو ته هڪ يا ٻه ڪلو وڌيڪ هجن ها ته درگذر ڪري ڇڏيان ها هتي پنج ڪلو وڌيڪ بار آهي. بهرحال 300 رپيا جمع ڪرائي بئگ بس ۾ چاڙهڻ لاءِ سندس حوالي ڪري باقي ٿيلهو کڻي اچي انتظار گاهه ۾ ويٺس جتي مونکان اڳ جا ويٺل مسافر وڃي ۽ سندس پڦي شيلا وارا ساڳي شڪايت ڪري رهيا هئا ته هنن هٿ ۾ کڻڻ جي ٿيلهي جي به تور ڪئي ۽ وڌيڪ وزن جا پئسا ورتا.

”اهڙي خبر هجي ها ته ٿيلهي ۾ ساڙهيون ۽ ٻيو سامان وجهي ڳرو ڪرڻ بدران اهو سامان بئگ ۾ ئي وجهون ها ۽ اسان ڳرو ٿيلهو پاڻ سان ڍوئڻ کان بچي وڃون ها.“ نول جي ننڍي ڀيڻ شيلا چيو. پاڻ سڀني ۾ گهڻو چرچائڻ لڳي ٿي. منهنجي هٿ ۾ وڌيڪ بار جي Paymentڪرڻ جي رسيد ڏسي يڪدم چيو ”ادا آهي ته خير تو ته ساڙهيون به نه ورتيون ۽ گهر ڇڏڻ وقت مقرر تور کان وڌيڪ رسالا ۽ ڪتاب به اڇلي ڇڏيا پوءِ ڇو پئسا ڏيڻا پيا؟“

مون پنهنجي ٿيلهي کي ڪڇ ۾ سوگهو جهلي وراڻيومانس: ”بس مون به هتي پهچڻ کان اڳ ڪجهه قيمتي سامان کڻي ورتو.“

دراصل گهران نڪرڻ وقت منهنجي ٿيلهي ۾ فقط ڪئميرا، پين، ننڍڙي ڪاپي ۽ پڙهڻ جي عينڪ هئي. پوءِ هتي پهچي ٻاهرين دڪان تان 25رپين جي ڏيڍ لٽر واري پاڻيءَ جي بوتل ورتي. دڪاندار وٽ کلا پئسا نه هئا جو منهنجي ڏنل پنجاهه رپين مان باقي 25واپس ڪري ۽ مونکي بس جي آفيس تائين پهچڻ جي جلدي هئي سو باقي پئسن جي هڪ ٻي به بوتل ورتم. يعني هاڻ اهي ٽي ڪلو وڌيڪ وزن ٿيلهي ۾ کنيو پيو هلان جيڪو نه هجي ها ته باقي ڪلو ٻن جا پئسا نه وٺن ها. ٻي ڳالهه ته جي مون کي رستي تي پاڻي پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جي بوتل وٺڻي به هئي ته ٻاهران وٺڻ بدران هتان اندر ٺهيل دڪان تان وٺان ها ته وڌيڪ وزن جو ليکو نه ٿئي ها.

ٿوري دير بعد منهنجي ڀر ۾ ويٺل شيلا جي ڌيءَ برکا کي اڃ لڳي. شيلا پلاسٽڪ جو گلاس پرس مان ڪڍي اسان ويٺلن کان پڇيو ته ڪنهن وٽ پاڻي آهي.

”جي ها.“ مون يڪدم هائوڪار ڪري ڪاري ٻلي جهڙي ڊگهي ٿيلهي جي زپ کولي چيو: ”پاڻي ڏيانءِ ٿو پر خيال سان پيئجان دنيا جو هي مهانگو ترين پاڻي آهي.“

شيلا کلندي پڇيو: ”اهو ڪيئن؟“

کيس ٿيلهي ۾ رکيل پاڻيءَ جون ٻه بوتلون ڏيکاريندي چيم ته انهن ٻن بوتلن جي ٽي ڪلو وزن ڪري ته ٽي سؤ رپيا ڏنڊ ڀريا اٿم.“

شيلا ٽهڪ ڏيندي چيو: ”اسان وٽ ته هيون ساڙهيون ۽ ڪچو ڪپڙو جنهن کي اڇلائي به نٿي سگهياسين توهان ته تورائڻ مهل هي ٻئي بوتلون ٿيلهي مان ڪڍي ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائي ڇڏيو ها.“

”بس ڪهڙيون ٿي ڳالهيون پڇين، هوءَ ته پنهنجو پاڻ کي سياڻو سمجهي وتون ٻين کي صلاحون ڏيندا پر هينئر هڪ اسان جا هوش خطا ٿي ويا ۽ ٻيو چڪاس واري پوليس آفيسر منجهائي ماريو هو.“ مون وراڻيو مانس.

بس ۾ اسان جو سامان چاڙهڻ کان اڳ لاهور وانگر هتي دهليءَ ۾ به هتي جي سڪيورٽي پوليس چيڪ ڪرڻ ٿي چاهيو. ان کان اڳ اسان جو سامان اليڪٽرڪ Scanner مان گذري چڪو هو سو جيڪڏهن هو ڪو بم يا هٿيار پنهوار ڏسڻ ٿا چاهين ته اهو ته چيڪ ٿي ويو هاڻ ڇاجي ٿا ڳولها ڪن.

”پنهنجي پنهنجي بئگ جو تالو کولي پوءِ پوليس آفيسر اڳيان ٽيبل تي رکو.“ هيٺين درجي وارن سپاهين جي رڙ پئي پيئي ۽ چڪاس ڪندڙ آفيسر بئگ جو ڍڪ کولي هٿ سان بئگ اندر هيڏانهن هوڏانهن ڪجهه ڳولهي بئگ جي مالڪ کان ڪجهه پڇيو ٿي. جڏهن آئون هن جي ويجهو ٿيس ته ٻڌم ته هو هر هڪ کان اهو پڇي رهيو هو ته پان جا پتا (پن) ته نه کڻيو پيا وڃو. هونءَ ته ان ڳالهه جو انڊيا وارن کي فڪر نه هئڻ کپي جو انڊيا ۾ پان جي پوک جام ٿي ٿئي. ڪلڪتي بنگال ۽ بهار پاسي جي ته موسم اهڙي آهي جو بنا ڪنهن محنت جي پاڻهي پيون پان جي پنن جون وليون ڦٽن ۽ اها ته ڄڻ انڊيا جي مفت جي ڪمائي ٿي. اسان ڌارين کي جهلڻ بدران وڌيڪ همت افزائي ڪرڻ کپين جو سندن غيرملڪي ناڻي جي ڪمائي ٿي ٿئي. اڃا به اسان جي ملڪ جي پوليس ۽ ڪسٽمس کي اهڙي شيءِ ملڪ ۾ آڻڻ کان منع ڪرڻ کپي جنهن مان فائدو ڪجهه نه آهي فقط نشو ۽ نقصان آهي. پر بهرحال جيڪو ڪم اسان کي ڪرڻ کپي اهو انڊيا ڪري رهي آهي ته هن جي وڏي مهرباني. هنن ته پنهنجي ملڪ ۾ به پان کائڻ تي سختي ڪري ڇڏي. شل اسان هن کي ڏسي سڌرون.

اڄ کان ٻه ٽي سال اڳ انڊيا جي حڪومت پان نه کائڻ جي مهم شروع ڪئي هئي ۽ پان کائڻ جي نقصانن بابت عوام کي اخبارن، ريڊيو ۽ شهر ۾ جتي ڪٿي پوسٽر هڻي آگاه ڪيو هو. ان مهم جي سلسلي ۾ انڊيا وارن ويندي Sony ۽ Zee جهڙن فلمي چئنلن تي، مزاحيه ڪارٽون ڏنا هئا ته هڪ ڍڳي چارو پئي اوڳاري ۽ ڀر ۾ هڪ ماڻهو ان وانگر پان چٻاڙي ڳاڙهين ٿڪن سان رستو ۽ ڀتيون پيو خراب ڪري. اڄ انڊيا ۾ ڳولڻ سان ورلي ڪٿي ڪو پان وارو نظر اچي وڃي ته ٻي ڳالهه آهي نه ته عام طرح مونکي ڪٿي نظر نه آيو. ڪنهن کي پان چٻاڙيندي نه ڏٺم. پان کائڻ جي اها تهذيب جيڪا لکنؤ، عليڳڙهه، آگري، دهليءَ کان شروع ٿي اڄ اتي ته بند ٿي ويئي پر اسان جي ملڪ جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ جا رهاڪو سنڌي ۽ بلوچ چرين وانگر ويٺا پان چٻاڙين ۽ هلندي چلندي، بسين مان پچڪاريءَ جهڙيون چن ڪٿي جون ڳاڙهيون پيڪون اڇلين. سندن وات پڪا پيا آهن، نڙيون سوڙهيون ٿيون پيون آهن، زبانون ڇلراٽيون پيون آهن ۽ بقول ڊاڪٽرن جي پان کائڻ وارن ۾ ڪيترا ڪئنسر جا مريض آهن.

دهليءَ ۾ جاميه ملي اسلاميه (مسلمانن جي هڪ پراڻي ۽ نامياري يونيورسٽي) گهمڻ دوران اتي جي وائيس چانسلر مشير الحسن ٻڌايو ته جاميه وارا هندستان جي مشهور ليکڪ منشي پريم چند جي ياد ۾ Archiveٺاهي رهيا آهن. ”منشي پريم چند کي توهان باباءِ اردو ۽ هندي زبان چئي سگهو ٿا.“ وي سيءَ چيو: ”سندس Collection۾ اسان سندس هٿ لکڻيون، فوٽا، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ناول هن تي لکيل ڪتاب، مضمون ۽ هن جي ڪتابن جا مختلف ٻولين ۾ ٿيل ترجما رکنداسين ۽ هي ڊپارٽمينٽ يونيورسٽيءَ جي نئين ڪامپليڪس ۾ ٺاهيو ويندو جتي جواهر لعل نهرو سينٽر پڻ آهي.“

جاميه منشي پريم چند جي 125جنم ڏينهن جي ورسي پڻ ڌوم ڌام سان ملهائي رهي آهي. ان موقعي تي لڳايل نمائش جو افتتاح نٽور سنگهه وزير ڪندو. خرچ جو وڏو حصو صفدر هاشمي ميموريل ٽرسٽ وارا ڏيندا ۽ هندستان جا مشهور آرٽسٽ ۽ ڊزائينرس: ارپنا ڪور، ايلينا بانڪ، صبا حسن ۽ رام رحمان وغيره پڻ حصو وٺندا.

منشي پريم چند جو مشهور ناول گودان آهي ۽ هن جي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ انڊيا جي ڳوٺن جي عڪاسي ٿيل آهي.

 

انڊيا جي ماڻهن لاءِ نوڪريون جام ڇو؟

انڊيا جي اخبارن جا اشتهارن وارا صفحا کولي کڻي ڏس ته نه فقط آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جي  Jobsسان ڀريل نظر اچن ٿا پر سعودي عرب، دبئي، ڪويت جهڙين اسان جي پاڙيسري ملڪن ۽ ملائيشيا ۽ برونائي جهڙن مسلمان ملڪن جي نوڪرين لاءِ پڻ ”فلاڻين نوڪرين لاءِ هي ڄاڻ يا ڊگري رکندڙ انڊين جي ضرورت آهي.“ عرب ملڪ جيتوڻيڪ اسان جا پاڙيسري ملڪ آهن هنن کي کپي ته اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر، انجنيئر، مڪينڪ ۽ مستري گهرائين. بيروزگاري به اسان جي ملڪ ۾ گهڻي آهي. پر جڏهن به اتي جي ڪنهن واسطيدار عرب ڪارخانيدار يا سرڪاري ڪاموري سان ڳالهاءِ يا توڙي کڻي ملائيشيا ۾ ان بابت مڪاني ماڻهن يا اسان جي پاڪستاني Settlersسان ڳالهاءِ. (جن جا ملائيشيا، انڊونيشيا،سنگاپور پاسي ڪارخانا، ڪاروبار ۽ جهازي واپار آهن) ته هو ان بابت جيڪي سبب ڏين ٿا اهي هن ريت آهن:

پاڪستانين وٽ ٺلهيون ڊگريون آهن علم ايترو نه اٿن جيترو انڊين کي آهي پوءِ انڊين ڀلي کڻي هندو هجي يا مسلمان، سک هجي يا عيسائي، جنهن سبجيڪٽ ۾ گريجوئيشن يا پوسٽ گريجوئيشن ڪئي آهي هو ان جي ڄاڻ ۾ ڀڙ آهي. نوڪرين ڏيڻ بعد هن تي مغز ماري نٿي ڪرڻي پوي.

اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي انڊين محنت ڪئي آهي ۽ هو سادگيءَ ۾ رهيو آهي. ان ڪري هن جي اها عادت نوڪريءَ دوران به رهي ٿي. هو ٻٽاڪون هڻڻ بدران ڪم جي ڳالهه ڪري ٿو. نئين نئين Ideasذريعي پنهنجي اداري جي ترقي ۽ مالڪ لاءِ خوشحاليءَ جا رستا پيدا ڪري ٿو. هڪ اڻ ڄاڻ ۽ بنيادي تعليم کان غير واقف ورڪر جو حال ناچ نه آئي آنگن ٽيڙها وارو ٿيو پوي، هو پنهنجي ڪمزوري ۽ ڪوتاهيءَ کي لڪائڻ لاءِ ويتر مالڪ حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪريو وهي.

انڊين توڙي بنگلاديشي تمام گهڻو Obedientآهي. هو گهٽ پگهار ۽ ڏکين حالتن ۾ به خوش ٿي ڪم ڪري ٿو. هو علم ۽ ڄاڻ جي بنياد تي مسئلن جا حل پيش ڪري ٿو ۽ نه مسئلا.

پاڪستانين کي اجائي سجائي موڪلن ڪرڻ جي پٽ آهي. ڪو دوست يا مائٽ اچڻو آهي يا ان سان ملڻ لاءِ وڃڻو آهي يڪدم موڪل کپي. ڪنهن مائٽ مٽ جي شادي يا طهر يا مڱڻو آهي موڪل کپي. ننڍڙي ننڍڙي ڳالهه تي رسي Contract ختم ڪريو ڇڏين. انڊين يا بنگلاديشي هڪ دفعو ڪنهن هنڌ نوڪريءَ ۾ لڳايو وڃي ٿو ته وري موڪلون نٿو ڪري. پنهنجي ڪم ۾ ئي لڳو رهي ٿو.

پاڪستاني ٿوري ئي ڪم جي پريشر وڌڻ تي يا گهڻا ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيڻ تي چڙچڙا ٿيو پون ۽ پاڪستانين ۾ غيرقانوني حرڪتون ڪرڻ جو رجحان گهڻو آهي.

ڪجهه اهي سبب آهن جو هر ملڪ انڊين کي نوڪري ڏيڻ لاءِ Prefer ڪري ٿو ۽ ٻئي نمبر تي بنگلاديشي ۽ سريلنڪن کي.

نوڪرين جي معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جي اخبارن ۾ جيڪي ڌارين ملڪن جي نوڪرين جا اشتهار اچن ٿا اهي به ٺڙڪو قسم جي ننڍين نوڪرين جا آهن پر انڊيا جي اخبارن ۾ وڏين ۽ اهم نوڪرين جا اچن ٿا جيئن اڄ جي اخبار ۾ نوڪرين جا اشتهار پڙهي رهيو آهيان ته آمريڪا ۽ آسٽريليا جي ڪيترن ڪمپيوٽرن سان واسطو رکندڙ فرمن کي انڊين نوجوان گريجوئيٽن جي ضرورت آهي. ڪجهه اشتهار سعودي عرب، ڪويت، دبئي. ويندي ايران جي مختلف ڪمپنين ۽ حڪومتن جا آهن جيڪي انجنيئرنگ ۽ مئنيجمينٽ جي مٿاهين Postsلاءِ آهن. ويندي دبئي جي شپ يارڊ لاءِ مئرين اليڪٽرانڪ انجنيئرن جي ضرورت جا اشتهار آهن ۽ اهي گهڻو ڪري سڀ ڊائريڪٽ اشتهار انهن ملڪن جي نجي ڪمپنين يا حڪومتن طرفان آهن. اسان جي اخبارن ۾ مزورن ۽ پورهيتن جي نوڪرين جا ڪڏهن ڪڏهن اشتهار هونداسي به لاهور يا پنڊيءَ جي ڪنهن ٺيڪيدار طرفان يعني ڪويت يا سعودي عرب جي ڪنهن اسپتال يا بندرگاهه جي صفائيءَ جو ڪو عرب ٺيڪو کڻي ان تي فائدو رکي ڪنهن پاڪستاني حوالي ڪيو آهي ۽ هاڻ هو پنهنجي لاءِ پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي هم وطنين جو تيل ٿو ڪڍي. ان لاءِ هو ڳولي ڳولي مجبور ماڻهو کڻندو جن کي هو گهٽ پگهار ڏئي سهوليتن جو پئسو پنهنجي کيسي ۾ وجهي عيش ڪري ٿو، يعني هنن جو رت چوسي پاڻ کي ۽ ڪفيل کي خوش ڪري ٿو. ولايت جي نوڪريءَ جي شوق ۾ عرب ملڪن يا ملائيشيا ۾ پهچي اسان جي پورهيت کي خبر ٿي پوي ته هنن لاءِ اتي نه رهائش جو فضيلت وارو بندوبست آهي نه ميڊيڪل جون سهولتون پوءِ جڏهن هو حڪومت وٽ يا پنهنجي سفارتخاني ۾ دانهين ٿا ته هنن کي خبر ٿي پوي ته هو ته هڪ پنهنجي ئي ملڪ جي ٺيڪيداري ۾ ڪم ڪرڻ آيا آهن ۽ ڌارئين ملڪ جي حڪومت ۽ سفارتخاني کي نه خبر آهي ۽ نه ان ڳالهه سان واسطو ۽ اهڙين نوڪرين ۾ گهڻي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ تي اڪثر خبر پوندي آهي ته اها غير قانوني نوڪري هئي ۽ پوءِ غريب پورهيت سورن ۾ پئجيو وڃي ته پرديس ۾ ڇا ڪريان.

هتي (انڊيا) جي اخبارن ۾ آمريڪا طرفان انڊيا جي ماڻهن لاءِ جن نوڪرين جي اشتهار جي گهڻي ڌم آهي انهن جو واسطو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ سان آهي. آمريڪا وارا انڊين کي ڪمپيوٽر جو وڏو ڄاڻو سمجهن ٿا ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو آهن به. اسان جا گهڻي ڀاڱي نوجوان غلط سلط انگريزي يا رومن اردو ۾ Chatڪندي يا واهيات ۽ اگهاڙيون web Sitesکولي پيا ٺرندا ۽ گد گد ٿيندا. مائٽ به خوش ٿيندا ته سندن ٻار ڪمپيوٽر کوليو ويٺا آهن. وڏي ڳالهه کي پهچي ويا آهن اها خبر ئي نه ته سندن وقت هڪ طرف پيو خراب ٿئي ته اخلاق ٻئي طرف ان جي مقابلي ۾ هتي جيڪي ڏسان پيو ته گهڻي ڀاڱي انڊين ٻار ننڍي هوندي ئي ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ سکڻ کان وٺي پروگرامنگ، گرافڪ ۽ ٻيون اهم ڪم جون ڳالهيون سکڻ جي جستجو ڪندا جيڪي کين نوڪري ڏياري سگهن.

دهليءَ جي سنگهه ڪانٽيننٽل هوٽل جتي اسان شروع جا ڪجهه ڏينهن رهياسين، ان جي ٽي روم ۾ ڪم ڪندڙ هڪ B.scجو امتحان ڏيئي رزلٽ جو انتظار ڪندڙ پارٽ ٽائيم جاب واري ڇوڪريءَ کان پڇيم ته مهيني ۾ ڪيترو پگهار کيس ملي ٿو.

”مهيني جي حساب سان نه پر روز جي حساب سان سٺ روپيه ٿا ملن. ڇنڇر ۽ آچر موڪل ٿي ڪريان.“ هن ٻڌايو.

”يعني ان حساب سان مهيني ۾ تيرهن سؤ کن رپيا ٿيا.“ مون چيومانس.

”نه ان کان گهڻو گهٽ.“ هن وراڻيو.

”ڪيئن؟“ مون تعجب مان پڇيو.

”روز جي سٺ رپين مان ڏهه رپيا اوٽ موٽ جو بس جو ڀاڙو ڪٽيو ۽ ڏهه رپيا آئون مستقبل جي Investment ۾ لڳائيندي آهيان.“ اهو چئي هوءَ کلڻ لڳي.

”مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي. ڇا اهي خيرات ڪندي آهين ٻئي جهان جي فائدي لاءِ؟“ مون پڇيو.

”نه. ڀر واري سيبر ڪيفي ۾ ڪلاڪ جا ڏهه رپيا ڏيئي فوٽو شاپ Adobe)پروگرام( سکندي ۽ پرئڪٽس ڪندي آهيان. اڄڪلهه رڳو B.scجي آڌار تي ته نوڪري نه ملي سگهندي.“

”اهو پروگرام سکڻ بعد مونکي ڪنهن فوٽو اسٽوڊيو ۾ نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ شام جو اها نوڪري ڪرڻ مان پئسو حاصل ڪري صبح جي شفٽ ۾ آئون M.sc ۽ اڳتي هلي Ph.Dڪري سگهان ٿي.“ هن ٻڌايو. هوءَ هڪ غريب گهر جي ڇوڪري هئي. سندس ماءُ جو ٻه سال اڳ ڊليوري ڪيس ۾ موت ٿي ويو هو. پيءُ مزوري ٿي ڪئي سو ظاهر آهي هن کي پنهنجي پڙهائي قائم رکڻ لاءِ نوڪري ڪرڻي پيئي ٿي ۽ گهر جو ڪم ڪار پڻ. پر هن جو ٻين انڊين ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن وانگر Moral بلند هو. هن کي يقين هو ته هوءَ سٺي Position ۾ M.sc ڪري ويندي ته هن کي Ph.D لاءِ ضرور ڪنهن فارين يونيورسٽيءَ مان اسڪالر ملي ويندي ۽ پوءِ پنهنجي تعليم ۽ هنر جي آڌار تي اتي ولايت ۾ ئي نوڪري حاصل ڪري سگهندي.

دهليءَ جي رستن تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ڏي ويندڙ بنا ميڪ اپ جي چهرن ۽ سادن سودن لباسن ۾ هتي جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ آئون هر وقت اهوئي سوچيندو رهندو آهيان ته هو ڪيڏا ته محنتي آهن ۽ علم حاصل ڪرڻ جي هنن کي ڪيڏي ته جستجو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org