ڪامياب راستي
انڊيا هيڏو وڏو ملڪ آهي. آدمشماري ۾ به ته پکيڙ ۾ به. ان ۾ ڪجهه
نه ڪجهه عيجب کيل تماشا ته ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن
جون خبرون دنيا جو ڌيان ڇڪائين ٿيون. ڪنهن
پنهنجوين مڇون ايڏيون وڌائي ڇڏيون جو انڊيا جو
ورلڊ رڪارڊ قائم ٿي ويو. اهڙي طرح ڪنهن آڱرين جا
ننهن وڌائي ڇڏيا. ڪو ساڌو جيئري قبر ۾ ٽي مهينا
سمهي رهيو. انهن چريائين جي رڪارڊن کان علاوه
Sensible
رڪارڊ به جام آهن جن مان ڪيترا گنيز بڪ آف رڪارڊ
۾ ايندا رهن ٿا. الهه آباد ۾ گنگا ۽ جمنا نديءَ جي
سنگم وٽ 2001ع ۾ جيڪو ڪمڀ جو ميلو لڳو ان ۾ هڪ
ڪروڙ کان مٿي ماڻهو آيا هئا ۽ ايترن ئي ماڻهن
1969ع ۾ تامل ناڊو رياست جي چيف منسٽر جي دفن
Funeral
جي رسم ادا ڪئي هئي. انڊيا جو ريلوي کاتو دنيا جو
وڏي ۾ وڏو کاتو آهي جنهن ۾ سورهن لکن کان وڌيڪ
ماڻهو ڪم ڪن ٿا ۽ سرڪار کان پگهار وٺن ٿا. ڪلڪتي
جي سائوٿ پوائنٽ هائوس اسڪول ۾ ٻارهن هزارن کان
مٿي شاگرد پڙهن ٿا. انڊيا ۾ ٽي سؤ جي لڳ ڀڳ سياسي
پارٽيون آهن جيڪي لوڪ سڀا (قومي اسيمبليءَ) جي ڇهه
سؤ کن سيٽن لاءِ اليڪشن وڙهن ٿيون.
پنجاب جي شهر لڌيانا ۾ ٺهندڙ ”هيرو“ سائيڪلن جو ڪارخانون دنيا ۾
سڀ کان گهڻيون سائيڪليون ٺاهي ٿو. گذريل سال هن ۾
ٽيهه لکن کان مٿي ”هيرو“ سائڪيلون ٺهيون. ويسٽ
بنگال جي ريلوي اسٽيشن خارگپور جو 833 ميٽر پليٽ
فارم دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو پليٽ فارم آهي. انڊيا جي
اسٽيٽ بئنڪ جون سڄي انڊيا ۾ 12243 برانچو آهن.
دنيا ۾ سڀ کان گهڻو مينهن انڊيا جي شهر چيرا
پنجيءَ ۾ پوي ٿو جيڪو شهر ميگهالايا رياست ۾ آهي.
گذريل سال 24 ميٽرن کان مٿي پيو جڏهن ته سنڌ ۾
چوٿون ميٽر به مينهن نٿو وسي. لتا منگيشڪر هندستان
جي ويهن زبانن ۾ ٽيهه هزار کان به وڌيڪ گانان
رڪارڊ ڪيا آهن.
ڪلڪتي جي بوٽنيڪل گارڊن ۾ هڪ پپر جو وڻ آهي جنهن جو ڇٽ
(Canopy)
هڪ هيڪٽر کان به گهڻي پکيڙ ۾ آهي. دنيا جي سڀ کان
مٿاهين پل سامونڊي سطح کان 56000 ميٽر مٿي انڊيا ۾
آهي جيڪا منالي ۽ ليهه
(Leh)
جي رياستن کي ڳنڍي ٿي ۽ ڪلڪتي جي هائوڙا پل دنيا
جي مشغول ترين پل آهي جنهن تان هر روز ستر هزار
کان مٿي سوارين ۽ اڻ ڳڻت ماڻهو لنگهن ٿا ۽ 73 ميٽر
اوچائي جو قطب مينار بنا سپورٽ جي بيٺل آهي.
انڊيا ۾ قدرتي ۽ انساني مصيبتن جو به ڪاٿو ناهي. ڀوپال جي
ڪارخاني ۾ گيس ليڪ ٿيڻ تي ڇهه هزار ماڻهو اڦٽ مري
ويا هئا ۽ ٻه لک کن زخمي ٿي پيا. 1888ع ۾ ڳڙن وسڻ
۾ 246 ماڻهو مري ويا، 1997ع ۾ ڊيم جي ٽٽڻ ڪري
گجرات ۾ 500 ماڻهو ٻڏي ويا ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾
گجرات ۾ آيل زلزلي ۽ هندستان جي ڪناري واري علائقن
۾ سونامي طوفان ڪري جيترا ماڻهو مري ويا يا دربدر
ٿي ويا انهن جو ڪاٿو ئي ناهي.
ڪلڪتي جي اسڪول ۾ ته فقط ٻارهن هزار شاگرد آهن پر ڪي جي
مانٽيسوري ۾ ته هونءَ به اسڪول کان گهڻا ٻار ٿين
ٿا پر ڪيترا گهڻا هجن کپن؟ دنيا ۾ لکنؤ جي سٽي
مانٽيسوري جهڙو ڪو اسڪول ناهي. جنهن ۾ هن وقت
ستاويهه هزار ٻار آهن، جن جي عمر ٻن کان پنج سال
آهي. هي اسڪول 1959ع ۾ جگديش گانڌي نالي هڪ سوشل
ورڪر ۽ سندس چائلڊ سئڪالاجسٽ زال مسز ڀارتيءَ
کوليو هو ۽ ان جي شروعات فقط پنجن ٻارن سان ٿي
هئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ جيپور جي شاگردن جيڪا رنگولي ٺاهي ان جيڏي وڏي
ڪڏهن به نه ٺاهي وئي. رنگين پائوڊر، گلن ۽ پٿرن
مان ٺهيل هي خوبصورت گلن ۽ جوميٽريڪل ڊزائين ٽي
ڪلوميٽر پڪي رستي جي ٻنهي ڪنارن تائين پکڙيل هئي ۽
ڏهه ٽن رنگين پائوڊر جا استعمال ٿيا.
مقابلي جي ڳالهه ٿا ڪريو ته انڊين فلم ايڪٽريس مالائيڪا شراوت
سترهن چميون ڏيئي سمجهيو ته ٻي ڪا بالي ووڊ جي
ائڪٽريس سندس مقابلو نه ڪري سگهندي پر هاڻي
”ڪامياب راستي“ فلم اچي رهي آهي جنهن جي پهرين
دفعو فلمي دنيا ۾ ايندڙ پونم درياناڻي هيروئن سڀ
کان ڊگهي چمي ڏيئي مالائيڪا جا رڪارڊ ڀڃي ڇڏيا آهن
۽ اها
Kiss
حاصل ڪرڻ وارو ڪهڙو هيرو آهي؟ شعير الياسي.
هن فلم ۾ سين لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ سؤ کان مٿي ڇوڪرين کي
آزمايو ويو جنهن مان هڪ ڪلڪتي ڄايل بنگال ڇوڪري
پونم ڪامياب وئي. پونم درياناڻي ڪلڪتي جي ماڊل ۽
بنگالي ٽي وي جي ڊرامن ۾ اچي ٿي ۽ سندس عمر 23 سال
آهي. فلمي دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي چمي جين وائمن ۽
ريگس ٽومي جي وچ ۾ 1914ع جي انگريزي فلم
You are in the Army way.
۾ آهي جيڪا ٽي منٽ ۽ پنج سيڪنڊ هلي ٿي. انڊيا جي
سينسر بورڊ جيڪڏهن هيءَ ممبئيءَ جي اڪسا بيچ تي
ورتل چميءَ جي سين پاس ڪئي ته هيءَ چمي دنيا جي
فلمي دنيا جي پڪ ڊگهي ۾ ڊگهي چمي ثابت ٿيندي ۽ هن
ڪامياب راستي جهڙي فلم کي ڪامياب بنائڻ جو اهوئي
رستو آهي.
انڊيا بابت ڪتاب ۽ انڊيا جا
رائيٽر
انگريزي دنيا جي زبان ناهي پر گذريل ٻن ڏهاڪن سالن ۾ انڊيا جا
ليکڪ انگريزيءَ ۾ ناول لکڻ ڪري اهل زبان انگريزن
کان به وڌيڪ مشهور ٿيا آهن ۽ اهڙن ليکڪن جو هر سال
وڃي پيو تعداد وڌندو. سلمان رشدي به انهن مان هڪ
آهي جنهن جي
The Satanic Verses
مواد ۽
Message جي خيال کان دنيا جي مسلمان کي سخت رنج پهچايو ايتري
قدر جو ايران جي عالم ۽ بزرگ شخصيت آيت ا: خميني
هن کي موت جي فتويٰ ڏني ۽ اهو ڪتاب پاڪستان،
ملائيشيا، ايران ۽ ٻين مسلمان ملڪن وانگر انڊيا ۾
به بندش هيٺ آهي پر سندس تازي ڪتاب
Midnight Children
انعام کٽڻ کان علاوه بيحد گهڻو وڪرو ٿيو آهي. ان
جي ئي پويان سندس ٻيو ڪتاب
Shame
آهي ۽ هاڻي ٽيون جنهن جي ڪهاڻي بالي ٺاڪري جي
Defamation
ڪيس جي چوڌاري ڦري ٿي
The Moor`s Last Sigh.
آهي.
وڪرم سيٺ جو ڊگهو تيرهن سؤ کن صفحن جو ناول يا کڻي چئجي
Classic
جنهن جو نالو
A Suitable Boy آهي انڊيا جي ورهاڱي بعد پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ هڪ هندو ماءُ جي
گرد گهمي ٿو جيڪا پنهنجي ڌيءَ لاءِ لائق مڙس جي
ڳولا ۾ آهي. 1300 صفحن جي ڪتاب ۾ مصنف ڪيترين ئي
ڳالهين کي ٽچ ڪيو آهي، هندو مسلمان ڪلچر، ننڍي کنڊ
جون رسمون رواج، زمينداري سسٽم جو خاتمو، ذات نيات
جا چڪر، جنرل اليڪشن وغيره وغيره ڪري ۽ ڪتاب جي
ٿولهه ڪري هي ڪتاب هر هڪ جي نظرن جو مرڪز رهندو
اچي. آئون اهي ٻه سال سئيڊن ۽ يورپ جي مختلف ملڪن
۾ هوس جتي هر هنڌ هن ناول جو راڳ مڪاني اخبارن ۾
هلي رهيو هو ۽ جيترو جلد وڪرم سيٺ مشهور ٿي ويو
اوترو ٻيو ڪو شايد ئي ٿيو هجي. ليکڪ ڪري سندس ملڪ
انڊيا جو به نالو ٿيو. وڪرم جي مادري زبان بنگالي
آهي ۽ 1952ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو. ڪلڪتي، دهلي،
آڪسفورڊ، اسٽانفورڊ ۽ نانڪنگ مان تعليم ورتائين.
اڄڪلهه هتي دهليءَ ۾ رهي ٿو يا برطانيه ۾. اڃا
تائين غير شادي شده آهي.
هڪ ٻي نوجوان انڊين رائيٽر ڪمالا مارڪندايا آهي جنهن جو انگريزي
ناول
Nectar in a Sieve تمام مشهو آهي جيڪو هڪ ڳوٺاڻي عورت جي روزمره جي زندگيءَ جو
احوال آهي، ڪمالا جا ناول پنجاهه واري ڏهاڪي کان
ڇپجڻ شروع ٿيا هئا. پاڻ ميسور ۾ 1924ع ۾ ڄائي ۽
پوءِ 25 سالن جي ڄمار ۾ انگلينڊ ۾ وڃي رهي ۽ اتي
ئي انڊيا بابت لکندي رهي. مٿيون سندس پهريون ناول
هو ان بعد ٻيا به ڪيترائي لکيائين. گذريل سال
پنهنجي لنڊن واري گهر ۾ وفات ڪيائين.
انگريزي ناولن کان خوشونت سنگهه به دنيا ۾ مشهور آهي سندس 1990
ع جو ناول ”دهلي“ تمام مشهور آهي. اهڙي طرح
هندستان جي ورهاڱي تي لکيل ڪتاب ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب
تمام گهڻو پڙهيا وڃن ٿا. سندس ڪيترائي مزاحيه،
دلچسپ ۽ طنز سان ڀريل مضمون اسان جي سنڌي اخبارن ۾
به ڇپبا رهن ٿا.
انڊيا جو هڪ ٻيو پراڻو ۽ بيحد مشهور ليکڪ آر. ڪي ناراين آهي
جنهن جي مادري زبان مدراسي آهي ۽ سن 1906ع ۾ مدارس
۾ ڄائو. پاڻ ميسور جي مهاراجا ڪاليج مان تعليم
حاصل ڪيائين. سندس پهريون ناول 1935ع جو لکيل
Swami& Friends
آهي جيڪو هڪ انڊين خيالي ڳوٺ ”مال گودي“ جي پس
منظر ۾ آهي. سندس ڪهاڻين تي ٺهيل هڪ هڪ قسط جا
ڊراما ”مالگوديءَ کي دن“ جي نالي سان ايندا هئا.
ملائيشيا پاسي گهڻا مدراسي ۽ ڏکڻ هندستان جا رهن
ٿا جن جو آر. ڪي ناراين (سڄو نالو رسي پورم ڪرشنا
سوامي ناراين) دلپسند ليکڪ هو. مون به هن مصنف جا
ڪتاب ملائيشيا ۾ ئي پڙهيا. سندس ٻيا به ٽي ڪتاب
جن جي پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس، هي آهن:
The Financial Expert the Guide, waiting for the Mohatma
۽ سڀ ۾ بهترين
Malgudi
آهي. پاڻ 94 سالن جي ڄمار ۾ 2001ع ۾ گذاري ويو.
گهڻي وقت کان ۽ سڀ کان گهڻو مشهور ليکڪ وي. ايس نائيپال آهي
جنهن کي نوبل پرائيز به ملي چڪي آهي. هن جو پڙڏاڏو
انڊيا مان لڏي ٽرنيڊاد (ويسٽ انڊيز) وڃي رهيو.
سندس پهريون ڪتاب
the Mystic Masseur
آهي جيڪو 1957ع ۾ ڇپيو جنهن جي پوءِ انگريزيءَ ۾
فلم به ٺهي جنهن جو ڊائريڪٽر اسماعيل مرچنٽ آهي ۽
آصف ماندوي، اوم پوري، عائشه ڌرڪار ۽ جيمس فاڪس
ائڪٽنگ ڪئي آهي. مون سندس پهريون ڪتاب 1981ع ۾
Among the Believers An Islamic Journey
پڙهيو هو جنهن ۾ هو اسلامي ملڪن ۾ اچي ٿو. پاڪستان
جي شهر ڪراچي ۾ هو انٽر ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ اچي رهي
ٿو، جيڪا اڄڪلهه پرل ڪانٽيٽل سڏجي ٿي. هن ڪتاب ۾هن
سکر ضلعي جي ڪنهن زميندار (وڏيري) بابت لکيو آهي
جيڪو بقول ان وڏيري جي هر سال فصل لهڻ تي هفتو ڏيڍ
هن هوٽل ۾ سئمنگ پول پاسي کلڻ وارين درين واري
ڪمري ۾ اچي رهندو آهي ۽ هيٺ سئمنگ پول ۾ عورتن کي
بڪنيز ۾ وهنجندو ڏسي ٺرندو آهي.
وي ايس نائيپال (سڄو نالو وڌياڌر سورج پرساد نائيپال) جا ٻيا
ڪجهه ڪتاب جيڪي سامونڊي ڊگهن سفرن جا ڏينهن ڪٽڻ
لاءِ مون پڙهيا ۽ پنهنجن پڙهندڙن کي
Recommend
ڪندس هن ريت آهن:
1.Miguel Street
2. A House for Mr.Biswas
3. an area of Darkness
4. India. A wounded Civilization
5. Bombay
وي ايس نائيپال ٽرنيڊاد ٻيٽ جي شهر پورٽ آف اسپين جي ڪاليج
Queen,s Royal College
مان تعليم ورتي ۽ 1950ع ۾ هن کي آڪسفورڊ
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي اسڪالرشپ ملي وئي جتي هن جي
ملاقات پئٽريشيا سان ٿي ۽ 1955ع ۾ شادي ڪيائون ڏهن
سالن بعد (1966ع ۾) پئٽريشيا گذاري وئي. ان بعد هن
پاڪستاني جرنلسٽ ڇوڪري نادرا علويءَ سان شادي ڪئي.
نائيپال جي ڄم جو سال 1932ع آهي ۽ هن وقت 73 سالن
جو آهي ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿو.
هڪ ٻي انڊين ليکڪا جيڪا جوان آهي ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿي جهمپا
لاهيري آهي جنهن کي سال 2000ع جو
Pulitzer Prize
به ملي چڪو آهي.
Jhumpa Lahiri
1967ع ۾ لنڊن ۾ ڄائي پر پلي نپني
Rhode Island
تي. اڄڪلهه هوءَ نيويارڪ ۾ رهي ٿي. پاڻ بوسٽن
يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪئي اٿس. پاڻ ڪيترا دفعا
انڊيا جا چڪر هنيا اٿس ۽ سندس ناول ۽ ڪهاڻيون
انڊيا بابت ئي آهن. سندس انعام يافته ڪتاب
(Interpreter of Molodies) آهي جيتوڻيڪ سندس پهريون انگريزي ناول
(the Namesake)
آهي.
اڄڪلهه جي مشهور ليکڪن ۽ ليکڪائن ۾ ڊئوڊ دويدار ۽ ارون ڌتي راءِ
به آهن. ارون ڌتي جون لکڻيون ۽ هن جي زندگيءَ جو
احوال سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ به ڏاڍو ايندو رهي
ٿو. کيس
God of Small things
ڪتاب تي انعام به ملي چڪو آهي. ارون ڌتيءَ راءِ جا
ٻيا ڪجهه مشهور ڪتاب هن ريت آهن:
1. the Cost of Living
2. power politics
3. Public Power in the Age of Empire.
ارون 1961ع ۾ ڪيرالا (ڏکڻ هندستان) ۾ ڄائي. سندس ماءُ ڪيرالا جي
عيسائي هئي ۽ پيءُ بنگال جو هندو هو.شادي ناڪامياب
ويئي ۽ ارون کي پنهنجي ماءُ سان رهڻو پيو. ارون
پاڻ پڙهي آرڪيٽيڪٽ ٿي. پاڻ هتي دهليءَ ۾ رهي ٿي.
جتان هي لکي رهيو آهيان.
ڊئوڊ ڊئويڊر جو انگريزي ناول
The House of Blue Mangoes
ڏکڻ هندستان جي پس منظر ۾ آهي ۽ تمام مشهور ٿيو
آهي.
ڪيترن انگريزن به انڊيا جي پس منظر ۾ ناول، ڪتاب ۽ پنهنجون
يادگيريون لکيون آهن، جن مان هڪ
BBC
جو پراڻو نمائندو مارڪ ٽلي به آهي. سڀ کان گهڻو
مشهور رڊيارڊ ڪپلنگ آهي جنهن جي خاص ڪري ٻن ڪتابن:
KIM
۽
Plain Tales From the Hill
جو هر ڪو حوالو ڏئي ٿو. ننڍي هوندي
EM Forester
جو
A Passage to India
وڏي شوق سان پڙهيو هئوسين. اهڙي ئي هڪ انگريز جان
ماسٽرس جو ڪتاب باواني جنڪشن آهي جنهن جي فلم پڻ
ٺهي. هي سڀ 1960ع کان 1962ع جي ڏينهن جون ڳالهيون
آهن، جڏهن مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج جا ڪتاب
پڙهڻ کان وڌيڪ لئبرري جا ڪتاب پڙهڻ جو شوق هوندو
هو.
انڊيا گهمڻ کان اڳ جيڪڏهن ڪو انڊيا بابت ڪتاب پڙهڻ چاهي ٿو ته
انگريز ليکڪ
John Keay جو
Into India
ڪتاب سٺو آهي جيتوڻيڪ هن اهو ٽيهه سال اڳ لکيو
آهي. انڊيا بابت
Lonely Planet وارن جا ڪجهه ڪتاب آهن خاص ڪري
In Rajasthan
جيڪو رويينا گريوال لکيو آهي. راجستان جي رياست
جو سفرنامو
Robyn Davidson
به پنهنجي ڪتاب
Desert Places
۾ لکيو آهي، جيڪو سمورو سفر مڪاني خانه بدوش
رابڙي سان اٺ تي ڪيو آهي. هڪ اڪيلي عورت جي حيثيت
۾ هن کي سفر دوران ڪهڙيون تڪليفون سامهون آيون، هن
انهن جو پڻ احوال لکيو آهي. اهڙي طرح
Eric Newby
پنهنجي ٻيڙيءَ جي سفر جو احوال
Slowly Down the Ganges
۾ لکيو آهي.
انهن سڀني ۾ گهڻو
Trevor Fishlock
جو ڪتاب
India File
پڙهيو وڃي ٿو. هفتيوار
Times
رسالي جي خبر سان نمائندي جي حيثيت سان هن ڪتاب
۾ هن جا مضمون آهن جن ۾
Sex in India
وارو مزاحيه چئپٽر تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.
William Dalrymple
جي ڪتاب ”جنن جو شهر“
(City of
Djinns)
جو هڪ چئپٽر
A Year in
Delhi
هن شهر دهليءَ بابت سٺي تاريخي معلومات ڏئي ٿو.
رونالڊ سهگل جيڪو سائوٿ آفريڪا ۾ رهندڙ انڊين آهي ان جو
The Crisis of India
پڻ پڙهڻ جوڳو ڪتاب آهي جيڪو هن ان
Theme
هيٺ لکيو آهي:
Spirituality is not always more important than a
full stomach.
”ايم جي وساڻ جي“ جو انگريزي ڪتاب
The Gunny sack
انهيءَ ئي
Theme
تي آهي جنهن ۾ انڊيا جي گجراتي ڪٽنبن جي سوچ
ويچار ڏنل آهي جن انگريز راڄ ۾ انڊيا مان ڏکڻ
آفريڪا لڏ پلاڻ ضرور ڪئي پر دلي طرح پنهنجو
ڳانڍاپو پنهنجي وطن جي شهرن : احمد آباد، بڙودا،
مهيسانا، گوڌرا، ڊسا، سورت، پالئپور وغيره سان
رکيو. اهو ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي ۽ فقط گجرات رياست
گهمڻ وارن کي، هن رياست گجرات جي ماڻهن ۽ انهن جي
مسئلن، خواهشن، سوچن ويچارن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي
ٿو.
انڊيا بابت ويد مهتا جا به ڪيترائي دلچسپ ڪتاب آهن جن مان سڀ
کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب پينگئن پبلشرس ڪمپنيءَ
جو
Walking the Indian Streets
آهي گهڻو عرصو ولايت ۾ رهڻ بعد پنهنجي بلڪ انڊيا
موٽڻ تي جن ڳالهين تي هن کي حيرت لڳي ٿي ان ڪلچرل
شاڪ جو احوال هن هن ڪتاب ۾ ڏنو آهي. ويد مهتا جو
هڪ ٻيو ڪتاب
Protrait of India
به ان عنوان تي آهي. هڪ ٻي انڊين ليکڪا گيتا مهتا
جو ”ڪرما ڪولا“ نالي انگريزي ڪتاب آهي جنهن جو هڪ
چئپٽر ”دي مارڪيٽنگ آف مسٽڪ ايسٽ“ انڊيا ۽ مغرب جي
هڪ ٻئي لاءِ اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. انڊيا
ٽيڪنالاجي ۽ ماڊرن طريقن لاءِ مغرب ڏي ڏسي ٿو ۽
مغرب ڏاهپ ۽ دل جي سڪون جي ڳولا لاءِ انڊيا ڏي
نهاري ٿو.
اليگزينڊر فراٽر جو انڊيا بابت هڪ خوبصورت سفرنامو
Chasing the Monsoon
آهي جنهن ۾ هن ڪيرالاجي شهر ۾ ڪووالام کان دنيا
جي سڀ کان آلي شهر يعني ميگهالا رياست جي چيرا
پونجي شهر تائين جو احوال لکيو آهي. ياد رهي ته
دنيا ۾ سڀ کان گهڻو مينهن چيرا پونجيءَ ۾ پوي ٿو.
انڊيا جي عورتن جي هتي جي سوسائٽيءَ ۾ ڇا پوزيشن آهي ان جي
بهترين عڪاسي ايلزبيٿ بوميلر پنهنجي ڪتاب
< May you be the mother of one hun dred sons>
۾ ڪئي آهي. مصنفا هي ڪتاب لکڻ لاءِ انڊيا ۾ ساڍا
ٽي سال کن اتي جي هر قسم جي عورت سان هن جي هر قسم
جي مسئلي تي خيال اوريو ۽ انٽرويو ورتو. انهن مان
ڪجهه عام مسئلا هي آهن: ڏيج گهٽ ملڻ ڪري ڪنوارين
جو موت، مڙس جي مرڻ تي عورت جو پاڻ ساڙي ستي ٿيڻ،
Arranged
شاديون ۽
Female Infanticide
يعني نياڻي ٻار ڄمڻ تي ان کي گهٽو ڏيئي ماري ڇڏڻ.
انڊيا جي صوبي بهار ۽ اوڙيسا جي قبيلائي ڳوٺن جو احوال پڙهڻو
هجي ته نارمن ليويس
(Lewis)
جو ڪتاب
(Goddess in the Stones) پڙهجي. مٿي ٽرنيڊاڊ جي انڊين ليکڪ وي ايس نيئپال جي
ڪتاب تي لکيو اٿم. ڪجهه دير اڳ پراڻي دهلي جي دريا
آباد وارن اسٽالن تان هڪ ليکڪ جو هڪ ڪتاب
A Million Mutinies Now
مليو اٿم جيڪو نائيپال جو ويجهڙائيءَ ۾ لکيل ڪتاب
لڳي ٿو ۽ اهو پڻ انڊيا بابت لڳي رهيو آهي. ان کان
علاوه ڪجهه ٻيا ڪتاب پڻ ان مارڪيٽ مان اڌ قيمت تي
ملي ويا اٿم، جيڪي پنهنجي ملڪ پهچي پڙهڻ چاهيان
ٿو. اهي ڪتاب هن ريت آهن:
1. Death of Vishnu by Manil Suri
2. Clear Day Light by Anita Desai
3. Jasmine by Bharti Mukherjee
4. Untouchable by Mulk Raj Anand
5. the great Indian novel by Shashi tharoor
6. Deep river, by shusaky Endo
7. The long silence by shashi deshpande
8. A River of sutra by gita Mehta
9. The book of shadows by Namita Gokhale
10. The Solitude of surabhi by deepa Shah
11. Memories of rain by Sunetra Gupta
12. The Calcutta Chromosome by Amitav Ghosh
13. Beach boy by Ardashir Vakil
14. All for love by Ved Mehta
15. City of Joy by Dominique & lapirre
انڊيا ۽ دهليءَ سان واسطو رکندڙ
ڪجهه اهم سن
هندستان جي تاريخ سان واسطو رکندڙ ڪجهه اهم سن جيڪي هن سفرنامي
۾ ٻڌايل جاين ۽ ڳالهين کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي سگهن
ٿا.
-محمود غزنيءَ جا انڊيا تي حملا
100
-سينا گهراڻي جي حڪومت جي شروعات
1150
-راجپوتن جي آخري بادشاهه پرٿوي راج جي وفات
1192
-ترڪيءَ جي فاتحن هٿان سينا گهراڻي جو خاتمو
1202
-اتر انڊيا ۾ مسلمانن جي حڪومت جي شروعات غلام
گهراڻو
1206_ 1290
-قطب دين ابيڪ
1206_ 1210
-آرام شاهه
1210 _1211
-التمش شمس الدين
1211_1236
-فيروز شاهه پهريون
1236_ 1236
-رضيه بيگم
1236 _1240
-بهرام شاهه
1240_1242
-مسعود شاهه
1242_1246
-محمود شاهه پهريون
1246_1266
-بلبن
1266_1287
-ڪيڪباد
1287_1290
-ڪايو مارٿ
1290_1290
-چنگيز خان جي اڳواڻيءَ ۾ منگولن جو انڊيا تي
پهريون حملو 1221
-ڏکڻ هندستان ۾ وجي نگر سلطنت جي شروعات
1230
-خلجي گهراڻي جي انڊيا تي حڪومت
1290_1320
-جلال الدين خلجيءَ هن گهراڻي جي حڪومت قائم ڪئي
1290_1294
-علاؤ الدين خلجيءَ پنهنجي چاچي ۽ سهري جلال الدين
کي قتل ڪري تخت تي ويٺو
1294_1316
-مارڪو پولو جو انڊيا اچڻ
1288
-علاؤالدين بعد خلجي گهراڻي جا ڪجهه حاڪم
ٿيا جن ۾ قطب الدين مبارڪ شاهه ڪجهه وڌيڪ رهيو
1316_1320
-تغلق گهراڻي جي حڪومت 93 سال رهي
-غياث دين تغلق
1320_1413
-محمد بن تغلق
1325_1351
-(هن جي دؤر ۾ پليگ (وبا) شروع ٿي جنهن ۾
سندس اڌ فوج مري وئي. پليگ جو سال
1334
-فيروز تغلق
1351_1388
-فيروز تغلق سنڌ تي حملو ڪيو
1326
-آخري تغلق حاڪم محمود نصير دين
1294_1413
-هن جي ڏينهن ۾ تيمور انڊيا تي حملو ڪيو
1398
-دهليءَ تي سيد گهراڻي جي حڪومت
1414_1451
-لوڌي گهراڻي جي حڪومت
1451_1526
-بهاول خان لوڌي
1451_1489
-سڪندر لوڌي
1489_1517
- ابراهيم لوڌي
1517_1526
-گرونانڪ جو جنم ۽ سک ڌرم جي شروعات (وفات؛ 1545ع) 1469
-لوڌي گهراڻي جي حاڪم سڪندر لوڌيءَ آگري شهر جو
بنياد رکيو 1494
-پورچو گال جو جهازي واسڪو ڊيگاما ڪيپ آف گڊ هوپ
-لتاڙي انڊيا جي ڪاليڪٽ بندرگاهه ۾ پهچي
1498
-ڪوچين ۾ پورچو گالي ڪالوني ٺاهين
1502
-پورچو گالين جو حملو ۽ گواتي قبضو
1510
-فرغانا شهر ۾ ظهير دين بابر جو جنم
1483
-بابر ۽ ابراهيم لوڌيءَ جي پاڻيپٽ جي ميدان ۾
لڙائي
-بابر جي سوڀ ۽ مغل گهراڻي جي شروعات
1526
-بابر جي حڪومت
1526_1530
-همايون جي حڪومت
153-1540
-شير شاهه سوريءَ جي حڪومت
1540_1555
-همايون جو دهليءَ تي وري قبضو
1555_1556
-اڪبر جي حڪومت
1556_1605
-اڪبر پنهنجي حڪومت کي وڌائي ۽ سڌاري آڻي
1556
-اڪبر جي راجپوتانا جي هندو شهزادي پدمني سان شادي 1562
-رايل چارٽر ذريعي انڊيا ۾ ايسٽ انڊيا قائم ٿي 1600
-اڪبر جي وفات
1605
-جهانگير جي حڪومت
1605_1627
-گجرات صوبي جي سورت شهر ۾ انگريزن جي پهرين
-فيڪٽريءَ جو قائم ٿيڻ
1612
-شيوا جي ڄمڻ جو سال
1627
-شاهجهان جي حڪومت
1627_1658
-شاهجهان جي راڻي ممتاز محل جو ڊليوري دوران موت ۽
تاج محل جو ڪم شروع ڪرائڻ
1631
-انگريزن کي بنگال ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت جو فرمان
ڏيڻ 1644
-شاهجهان جي پٽ اورنگزيب جو پنهنجن ڀائرن کي
ماري ڇڏڻ ۽ پيءُ کي قيد ڪري پاڻ تخت تي ويهڻ
1658
-شاهجهان جي قيد ۾ وفات
1666
-سکن جي نائين گرو تيغ بهار جو اورنگزيب جي حڪم سان قتل
1675
-
اورنگزيب جي وفات
1707
-اورنگزيب
جو وڏو پٽ بهار شاهه پهريون
1707_ 1712
-جهاندار شاهه جي حڪومت
1712_1713
-فرخ سيار جي حڪمت
1713_1719
-محمد شاهه جي حڪومت
1719_1948
-محمد شاهه مغل شهنشاهه جي ڏينهن ۾ ايران جي نادر
شاهه جو انڊيا تي حملو ۽ ڦر
1739
احمد شاه بهادر جي حڪومت
1748_1754
-صفدر جنگ جي وفات ۽ سندس مقبرو
1753
-عالمگير دوم جي حڪومت
1754_1759
-افغان حاڪم احمد شاهه ابداليءَ جو دهليءَ تي حملو 1756
-شهنشاهه شاهه عالم جي دهليءَ تي حڪومت
1760 _1806
-اڪبر دوم
1806_1837
-آخري مغل شهنشاهه بهادر شاهه ظفر 1837_1858
حيدر علي/ٽيپو سلطان
1761_1799
-پلاسيءَ جي لڙائي جنهن ۾ انگريزن مغل فوجين کي
شڪست ڏيئي بنگال تي قبضو ڪيو ۽ انڊيا تي برطانيه
وارن جي حڪومت شروع ٿي
1757
-پاڻيپٽ جي ٽين لڙائي
1761
-بڪسار جي لڙائي
1764
-وارن هئسٽنگس برٽش انڊيا جو پهريون گورنر جنرل
مقرر 1772
-انڊيا مان پهرين انگريز نيوز پيپر
Hickey`s Calcutta
Gazatte in
India
جو
اجزائ
1718
-ميسور جي ٽين لڙائي
1790
-رنجيت سنگهه جي پنجاب ۾ حڪومت
1792_1839
-لارڊ بينٽنڪ جو گورنر جنرل مقرر ٿيڻ 1828_1835
-ملڪ ۾ انگريزي ميڊيم ۾ تعليم جي شروعات 1835
-ملڪ ۾ انگريزي ميڊيم ۾ تعليم جي شروعات
-ائنگلو افغان لڙائي
1839_1842
-پوسٽ جي ٽڪليءَ جي شروعات
1854
-ايسٽ انڊيا واپاري ڪمپني خلاف هندستان سپاهين
جي آزاديءَ لا جدوجهد/بلوو
1958_1957
انڊيا تي ايسٽ انڊيا ڪمپني بدران انگلينڊ جي تاج جي حڪومت جيڪا
”
برٽش راج“ سڏجڻ لڳي. مغلن جي حڪومت جو خاتمو 1958
- رابند ناٿ ٽئگور جو ڄمڻ
1861
- بهادر شاهه ظفر جي وفات
1862
- موهنداس ڪرمچند گانڌيءَ جو ڄمڻ
1869
- بنگال جو خوفناڪ ڏڪار
1874
- ڪانگريس (جيڪا پوءِ انڊين نيشنل ڪانگريس سڏجڻ لڳي)
1885
- سڀاس چندرا بوس جو جنم
1897
بنگال جو ورهاڱو ڪري مشرقي ۽ مغربي بنگال ۽ آسام
صوبا ٺاهيا ويا
1905
-مسلم ليگ (آل انڊيا مسلم ليگ) جو ٺهڻ
1906
-بنگال جو وڌيڪ ورهاڱو ڪري بهار ۽ اوڙيساصوبا ٺاهيا
ويا ۽ گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتي کان دهلي ڪيو ويو
1912
-رابندر ناٿ ٽئگور کي نوبل پرائز ملڻ
1913
-مهاتما گانڌيءَ جو ڏکڻ آفريڪا کان انڊيا موٽڻ
1914
-پهرين وڏي جنگ
(W.W.I)
شروعات
1914
-جاليانوالا باغ ۾ انگريزن طرفان سکن جو قتل عام
1918
-خلافت تحريڪ
1920_1922
-ڪانگريس طرفان سول نافرماني تحريڪ
1930
-برما کي انڊيا کان جدا ڪيو ويو
1937
-ٻي وڏي جنگ
WW-11
شروعات
1939
-انگريزن خلاف
Quit India
تحريڪ
1942
دهلي ۽ آس پاس جا ارڙهين صديءَ جا شاعر
بلهي شاهه- پنجابي صوفي شاعر
1680_1752
شاه عبداللطيف ڀٽائي 1689_1752
-مرزا محمد رفيع سعودا (ارود شاعريءَ کي وڌائي ادبي ڏنو ويو)
1713_1780
-خواجه مير درد ( دهليءَ جي شاعرن جي گڏجاڻيءَ
ڪري مشاعري جو بنياد وڌو)
1719_1785
-محمد تقي مير (اڪبر آباد ۾ ڄائو ۽ لکنو ۾ وفات
ڪيائين پر گهڻو وقت دهليءَ ۾ رهيو)
1722_1810
وارث شاهه- پنجابي زبان جو شاعر
1730_1790
-محمد ابراهيم ذوق- دهليءَ جو مشهور شاعر
1789_1854
-مرزا اسدالله خان غالب، آگري ۾ ڄائو ۽ دهليءَ
۾ وفات ڪيائين
1797_1869
-مومن
1800_1851
سنڌ جي تاريخ تي هڪ نظر -سومرا
750_1350
-سما
1351_1521
-ارغون
1521_1554
-ترخان
1555_1608
-مغل
1608_1701
-ڪلهوڙا
1701_1783
-ٽالپر
1783_1843
-انگريز
1843_1947 |