سيڪشن؛    سفرناما

ڪتاب: دهليءَ جو درشن

باب: --

صفحو :3

 

 

هندستان ڏي روانگي

لاهور کان دهلي جيڪا بس هلي رهي هئي ان ۾ مون کي اتفاق سان نه فقط اڳيان قطار ۾ سيٽ ملي پر دريءَ واري پاسي پڻ، مون به اهوئي چاهيو ٿي ته اهڙي هنڌ جاءِ ملي جتان ٻاهر جو نظارو چٽيءَ طرح ٿي سگهي. مون بارڊر جي ٻن پاسن ۾ فرق ٿي ڏسڻ چاهيو، ڪي ملڪ اهڙا هوندا آهن جن جي بارڊر جي ٻنهي پاسي ميلن ۾ رڻ پٽ يا بيابان هوندو آهي يا ملائشيا ۽ ٿائلينڊ جي وچ ۾ جنگل آهي، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جبل ئي جبل آهن ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي ماڻهن جي آدمشماري وڌي ٿي. ويندي کوکرو پار ۽ مونا بائو پاسي به ائين هوندو پر پنجاب جا ٻئي حصا سرسبز آهن ٻنهي طرف بارڊر جي ويجهو وڏا، ماڊرن ۽ تاريخي شهر لاهور ۽ امرتسر آهن. اهڙي صورت ۾ هڪ ملڪ جي سرزمين کان ٻئي ۾ گهڙڻ وقت تبديلي ڏسڻ وٽان ٿئي ٿي. زبان کڻي ساڳي آهي پر مذهب، ڪلچر، حڪومت ويندي ان ساڳي ڳالهائڻ واري زبان (پنجابي) جي لکڻي مختلف آهي. اسان وٽ پنجابي اردو ۾ لکي وڃي ٿي انڊيا واري پنجاب ۾ گرمکي ۾ لکي وڃي ٿي.... وغيره وغيره.

پاڻي واري جهاز ۾ به ان قسم جي تبديلي دلچسپ ٿئي ٿي. ڪٿي ته جڪارتا کان پينانگ اچ ته ساڳيا ماڻهو، ساڳي ملندڙ جلندڙ زبان، ساڳيو ڪچلر، ساڳيا مذهب، ساڳي موسم، ساڳيا فصل ۽ پوکون، ساڳيا ويس وڳا ۽ ساڳيا گهرن جا نمونا ۽ ڪٿي وري سڏ پنڌ جي فاصلي تي به تمام گهڻو فرق. پورچو گال يا اسپين جي ڪنهن بندرگاهه مان رڳو ٿورو هيٺ ڏکڻ ۾ ڪنهن آفريقا جي پورٽ ۾ گهڙ ته زبان، مذهب، ڪلچر سان گڏ ماڻهن جو رنگ به ٻيو نظر اچي ٿو.

هونءَ ته ننڊي کنڊ جي ماڻهن، شهرن ۽ ريتن رسمن ۽ افعالن ۾ ڪو خاص فرق ته ناهي چاهي پاڪستان هجي يا هندستان ۽ بنگلاديش پر ساڳي وقت ننڍي کنڊ لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته هتي هر سؤ ميلن بعد زبان بدلجي ٿي. بهرحال ٿوري يا گهڻي تبديلي جيڪا ڪو يورپين يا آمريڪن ته کڻي نه محسوس ڪري سگهي پر اسان ڪري سگهون ٿا. هو هڪ سک ۽ مسلمان مولويءَ ۾ شايد فرق نه ڪري سگهي پر اسان مڪاني ماڻهو سندن ڏاڙهين مڇين  پٽڪي جي ٻڌڻ اسٽائيل مان سڃاڻي سگهون ٿا ته مسلمان ڪير آهي ته سک ڪير. اهڙي طرح جڳ جهوني روڊ تي جيڪو گرانڊ ٽرنڪ روڊ سڏجي ٿو ۽ جنهن تان صدين کان ماڻهو پيرين پنڌ ۽ گڏهن، گهوڙن ۽ هاٿين تي سفر ڪندا رهيا. ان بعد ڍڳي گاڏين، سائيڪلن ۽ هاڻ بسين، موٽرن تي سفر ڪندا رهن ٿا، ان تي مون سفر ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ ان شوق ڪري مون پنهنجي دوست نولراءِ سان گڏ باءِ ايئر دهلي وڃڻ بدران سندس ٻين مائٽن سان گڏ سفر ڪرڻ چاهيم، جيڪي باءِ روڊ بس ذريعي دهلي وڃي رهيا هئا.

اميگريشن ۽ ڪسٽم جون Formalities پوريون ٿيڻ بعد اسان جي بس رواني ٿي. پاڪستان جي گيٽ مان ٻاهر نڪري اتي ئي ٺهيل هندستان جي دروازي ۾ داخل ٿياسين، ڪو خاص فرق نه هو، ڪا خاص تبديلي نه. ڪڻڪ جو فصل جيڪو پاڪستان پاسي هوا ۾ لڏي رهيو هو اهوئي هندستان پاسي Continuity ۾ هو. ساڳي جهڙالي موسم ۽ ساڳي ٿڌي هير لڳي رهي هئي. بس ان هنڌ تي پنج منٽ کن ترسي جتي لوهي ميخدار تارن ذريعي بارڊر ٺهيل هو يعني انهن ڪنڊن وارين تارن جي هڪ پاسي جيڪي ڪڻڪ جا سنگ نظر اچي رهيا هئا اهي پاڪستان جي رهاڪن جا هئا ۽ ٻي طرف هندستان جي ماڻهن جا. ٻنهي پاسن جي يونيفارم ۾ بيٺل پوليس ۽ فوج چست چوبند ٿي نگهباني ڪري رهي هئي ته هڪ پاسي جو ماڻهو ٻئي پاسي ٽپڻ جي ته نٿو ڪري پر ٻنهي پاسي نظر ايندڙ پنجابي مسلمان ۽ سک هاري پنهنجين زالن، ٻارن ۽ وهٽن سان مطمئن نظر اچي رهيا هئا، شايد ان ڪري جو ٻنهي پاسن جي ماڻهن کي خبر آهي ته بارڊر جي ٻئي پاسي ڪا سون جي ديڳ لٿل ناهي. هندستان ۽ پاڪستان جو ڪامن بارڊر تمام ڊگهو آهي ۽ سڄي بارڊر تي روڪ ٿام لاءِ ڪي ڪوڪن واريون تارون نه لڳل آهن جتي اهڙي آڏ ناهي اتي هڪ پاسي جا ماڻهو ٻئي پاسي ٽپي به ويندا هوندا. سون جو ٿالهه وٺڻ لاءِ نه پر پنهنجا وهٽ ورائڻ جانورن کي ڪهڙي خبر ته مولا جي ملڪ تي انسانن ويهي سرحدون ٺاهيون آهن، سو اهي چرندي چرندي ٻئي طرف وڃي سگهن ٿا جن کي مالڪ ورائڻ لاءِ قانون جي ڀڃڪڙي به ڪن ٿا. ٻنهي پاسي جي سپاهين سنترين کي به خبر آهي ته هي ڪو پوليند ۽ جرمنيءَ جو بارڊر ڪونهي، الباينه ۽ اٽليءَ جو بارڊر ناهي، ڪيوبا ۽ يونائيٽڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو بارڊر ناهي، جنهن جي هڪ پاسي غربت، بک ۽ بيروزگاري آهي ته ٻئي پاسي مال ملڪيت ۽ مستقبل آهي ۽ پوءِ ڏکويل زندگيءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ غريبن ملڪن جا ماڻهو سر تان آهو کڻي پاڙي واري ملڪ ۾ گهڙڻ جو Risk کڻن ٿا، هتي ته ڪو اوڻهين ويهن جو فرق مس آهي. ٻنهي پاسي ساڳيو حال آهي... پري پري تائين نظر ڪيان ٿو ته ٻنهي پاسي  پورهيت هاري ڪم ۾ رڌل آهن. ڪي ڪوڏرون هڻي رهيا آهن، ڪي وهٽن جي پٺي ٺپري رهيا آهن، ڪي پگهر اگهي رهيا آهن، ٻنهي طرف لسيءَ جا لوٽا ۽ دٻڪين ۾ مانيون نظر اچي رهيون آهن، پاڪستان واري پاسي، پٽ تي ويٺل ڪٻرون ۽ جهرڪيون ڀڙڪو ڏيئي اڏامن ٿيون ۽ انڊيا طرف جي فصلن ڏي ٿورو وڃي هوا ۾ ٻه گول ڦيرا ڪري جڏهن زمين تي اچي ويهن ٿيون ته هاڻ سڀ پاڪستان واري پاسي ويهڻ بدران ڪجهه بارڊر جي ٻئي پاسي وڃيو ويهن ويهن. هنن کي ڪهڙي خبر ته هو ڪهڙي شهر جون رهاڪو آهن. پاسپورٽ ته هنن وٽ آهي ئي ڪونه جو ان بابت ڌيان ڌرين. اسان وٽ به جيستائين پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ نه هئا ته اسان به انهن پکين وانگر آزاد هئاسين. ڪجهه ڪانگ وچ تي ويٺا هئا يعني بارڊر طور لڳل تارن تي ويٺا هئا ۽ هڪ ڪانگ کي پٽي رهيا هئا جيڪو خبر ناهي پاڪستان پاسي يا هندستان پاسي بيٺل هارين جي ٻارن مان ڪنهن هڪ ٻار کان ٻاجهر يا ڪڻڪ جي مانيءَ ڀور کسي کائڻ لاءِ اچي ويٺو هو. ٽيهارو کن ميل هن پاسي لاهور ڏي  يا هن پاسي امرتسر ۾ ڀلي ته اميرن جا ٻار اتي جي KFC يا مئڪنڊولنڊ ۾ برگر سان گڏ ڪوڪ پي رهيا هجن پر اسان وٽ اهڙن امير ماڻهن جو ڪيترو سيڪڙو آهي؟ تقريباً نه برابر باقي غريب عوام ۽ ڳوٺن جي ماڻهن جي ته زندگي چاڪيءَجي ڍڳي وانگر ان ڦنگي لسي ۽ جوئر يا ٻاجهر جي ڍوڍي جي چوڌاري ڦري ٿي. رستي جي ويجهو وارين ٻنين ۾ بيٺل ٻار ۽ مرد اسان جي هٿ لوڏڻ تي هٿ لوڏي جواب ڏين ٿا. هنن لاءِ ڇا مختلف ملڪ ڇا مذهب! ڇا پاڪ انڊيا دوستيءَ جا نعرا! هنن لاءِ فقط هڪ ڳالهه حقيقت آهي ته صبح جو سوير اٿي پورهيو ڪرڻو آهي جيئن هو ان لسي ۽ اڻڀي  ماني سان پيٽ ڀري سگهن.

اسان جي بس آهستي آهستي ٿي اڳيان هلندڙ پوليس جي موبائيل کي فالو ڪري ٿي. رستو ڪو خاص ويڪرو ناهي پر پوليس جي گاڏي سامهون ايندڙ ٽرئفڪ کي لڪڻ جي اشاري سان پاسي تي بلڪه ڪچي ڏي لهڻ جو اشارو ڪري ٿي جيئن اسان جي بس لاءِ رستو کليل ۽ ڪشادو هجي ۽ بريڪن جي استعمال بنا سٺي رفتار ۾ مفاصلو طئي ڪندي وڃي.

جيئن پاڪستان پاسي بارڊر وارو شهر بلڪه ڳوٺڙو واگها آهي تيئن بارڊر جي ٻئي پاسي واگها جي ڀر ۾ ئي پر انڊيا واري پاسي ڳوٺ جو نالو اتاري آهي. واگها ۽ اتاري ائين آهن جيئن حيدرآباد جي سٽيزن سوسائٽي ۽ گلشن سجاد يا کڻي ائين چئجي ته ڪراچيءَ جي زينب مارڪيٽ ۽ صدر پوسٽ آفيس واري عمارت. ۽ پوءِ اتاري ڳوٺ کان امرتسر پنجويهه ٽيهه ميل کن مس آهي ۽ اسان ويهن منٽن اندر امرتسر پهچي وياسين. يعني بارڊر تي اميگريشن ۽ ڪسٽم جي گهڻي گهوپي نه هجي ۽ ملائيشيا سنگاپور وانگر يا يورپ جي ملڪن وانگر بارڊر تي گاڏيءَ ۾ ويٺي ويٺي فقط پاسپورٽ ڏيکارڻو پوي ته ڪار ذريعي ماڻهو لاهورکان امرتسر اڌ ڪلاڪ ۾پهچي سگهي جيئن هالا کان حيدرآباد. ايڏو ويجهو لاهور ۽ امرتسر هڪ ٻئي کي آهن! تڏهن ته اڄ کان ويهارو سال اڳ جڏهن اڃا ڪيبل يا ڊش سسٽم شروع نه ٿيو هو ۽ اسان جي ٽي وي خاص ڪري لاهور ٽي وي اسٽيشن جا ڊراما ”جهوڪ سيال“ ”وارث“ ”بڪرا قسطون پر“ ”آنگن ٽيڙها“ تمام گهڻو پسند ڪيا ويا ٿي ته انڊيا جا شوقين اهي ڊراما ڏسڻ لاءِ امرتسر ايندا هئا ۽ انڊين فلمون ڏسڻ جا پاڪستاني شوقين لاهور ايندا هئا جو لاهور مان انڊيا جي ٽي وي ۽ امرتسر مان پي ٽي وي صاف نظر ايندي هئي. اڄڪلهه ته انڊيا جا ڪيترائي ٽي وي چئنل ٿي پيا آهن جن مان به ڪيترن تي سڄو ڏينهن فلمون پيون هلن پر تن ڏينهن ۾ انڊيا جو به  اڪيلو چئنل هو جنهن تان هفتي ۾ ٻه دفعا انڊين فلم ڏيکاري ويندي هئي ساڳي وقت جڏهن به انڊيا ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي آهي يا ٺلهي ڳالهه ٿي ٿئي ته سڀ کان اڳ ۽ سڀ کان گهڻو  الرٽ لاهور ۽ امرتسر جا ماڻهو ٿا ٿين جو اهي شهر هڪ ٻئي جي ايترو ته ويجهو آهن جو ڪنهن هڪ ملڪ جي ٿوري به پيش قدمي ٻئي ملڪ جو هي شهر هڙپ ڪري سگهي ٿو.

اسان جي بس ان صديون پراڻي شاهراهه Grand Trunk روڊ تان اڳتي وڃي رهي هئي جيڪو صدين کان ڪلڪتي کان پشاور بلڪه ڪابل تائين بادشاهن ۽ فقيرن لاءِ، عوام ۽ فوجين لاءِ، ساڌو ۽ صوفين لاءِ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ گهمڻ لاءِ“ لڏپلاڻ لاءِ“ حملي ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي.

لاهور ڇڏڻ وقت صبح جو وقت هو، بسون ۽ ڪارون مالڪ ۾ ڀنل رستن تان هلي رهيون هيون. رستن جي ڪنارن تي ٺهيل فٽ پاٿن ۽ انهن جي ڀر ۾ ٺهيل ساوڪ ۽ گلڪارين سان ڀريل پٽين تي لاهوري واڪ ۽ جاگنگ ڪري رهيا هئا دڪانن اڳيان انگريزي ۽ اردو ۾ لڳل بورڊن جون بتيون ۽ Neon Signs اڃا ٻري رهيون هيون. آئون ڏهاڪو سال اڳ لاهور آيو هوس، مون کي تڏهن به لاهور وڻيو هو ۽ هاڻ ته اڃا به وڌيڪ خوبصورت ۽ صاف سٿرو ٿي پيو آهي. پنجابي ليڊرن ڇا ته پنهنجن شهرن کي ٺاهيو آهي، چڱو ٿا ڪن، اسان جي ليڊرن کي به ائين ڪرڻ کپي يا انهن کي ائين ڪرڻ سان نانگ ٿو چڪ هڻي؟ ڪراچيءَ جي ناظم نعمت اللہ خان وانگر ٻين شهرن جا ناظم به پنهنجن شهرن جا گهٽ ۾ گهٽ روڊ رستا ۽ Sewarage system بهتر بنائي سگهن ٿا.

اتاري کان پوءِ اسان جي بس انڊيا جي رستي تي هلي رهي هئي، سج ڪافي مٿي چڙهي آيو هو، ماڻهو، مزدور، دڪاندار سڀ پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ مشثغول نظر اچي رهيا هئا. چوڌاري ساوڪ واري ٻهراڙي هئي جيئن اسان واري پاسي جي پنجاب جي جيڪا پٺيان ڇڏي آيا هئاسين. امرتسر سکن جو ڳڙهه هجڻ ڪري رڳو سک ئي سک نظر اچي رهيا هئا. رستي تي توڙي پاسي تي ۽ ٻنين ٻارن ۾ ٽريڪٽر، ٽرڪن، ويٽ ٿريشر ۽ بلڊوزرن جهڙوين وڏيون مشينون ڏسي لڳو ٿي ته ايگريڪلچر ۾ انڊيا جو پنجاب نه فقط اسان جي سنڌ صوبي کان پر اسان جي پنجاب کان به اڳتي آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پنجاب انڊيا جو سکيو ستابو صوبو آهي. انڊيا جي وڏي آدمشماري هوندي به انديا چانورن جو دنيا ۾ ٿائلينڊ بعد ٻئي نمبر وڏو ايڪسپورٽر آهي ۽ ڪڻڪ پنهنجي ماڻهن جي کائڻ لاءِ ڪافي پيدا ڪري ٿو.

امرتسر اچڻ تي روڊ جي ٻنهي پاسي دڪانن جا بورڊ پڙهان ٿو جيڪي گهڻو ڪري گرمکيءَ ۾ لکيل آهن ۽ انهن مان ڪيترن تي انگريزيءَ ۾ به لکيل آهي، ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ بورڊ تي اردو لکائي پڻ آهي. انڊيا جي پنجاب ۾ هندي ۽ گرمکي پڙهائي وڃي ٿي، گرمکي پڻ هندي ۽ بنگاليءَ وانگر لکي وڃي ٿي. انڊيا جون 18 خاص زبانون آهن، جهڙوڪه، هندي آسامي (آسام صوبي جي) بنگالي، گجراتي، ڪاناڊا (انڊيا جي ڏاکڻي صوبي ڪارناما ٽاڪا ۾، ڳالهائي ويندڙ) ڪشميري، مليالم، مانيپوري، مرهٽي (ماراشٽر صوبي جي زبان جنهن ۾ بمبئي به اچي وڃي ٿو) اورييا (اوڙيسا صوبي جي زبان) پنجابي، تامل، تيلگو (ڏاکڻن صوبن، تامل ناڊو ۽ انڌراپرديش جون زبانون) اردو، سنڌي ۽ سنسڪرت وغيره. اردو ڄمون ڪشمير کان علاوه دهليءَ جي زبان آهي.

لاهور جا رستا هتي جي رستن کان ويڪرا ۽ سهڻا لڳن ٿا باقي لاهور کان ٽپي انڊيا ۾ گهڙڻ سان رستن ۽ اوسي پاسي نهار ڪرڻ سان يڪدم محسوس ٿيو وڃي ته انڊيا ۾ ٽرئفڪ توڙي عوام تمام گهڻو آهي. رستن تي پرائيويٽ ڪارن کان وڌيڪ اسڪول بسون، ٽريڪٽر ۽ انهن جي پويان گاهه، ڳني يا سرن سان ڀريل ٽرالر، ڍڳي گاڏيون، آٽو رڪشائون، موٽر رڪشائون ۽ سائڪلون نظر ٿي آيون. موٽر سائيڪل سوار سکن جو منهن ڪپڙي سان ائين ڍڪيل هو جيئن عورتون حجاب ڪن ۽ فقط اکيون نظر اچن. سکن لاءِ ههڙن ڌڌڙ سان ڀريل رستن تي موٽر سائيڪل هلائڻ وقت ڏاڙهيءَ کي ڪپڙي سان ڍڪڻ ضروري ٿيو پوي نه ته ههڙي مٽي، ڄارو ۽ دونهاٽيل ماحول ۾ کين ايئرڪنڊيشن جي فلٽر وانگر هر وقت ڏاڙهي ڌوئڻي پوي، رکي رکي رستي جي ڪپر تي يا پري گهرن جي وچ ۾ سکن جو گوردوارو (ٽڪاڻو) نظر آيو ٿي.

انڊيا ۾ اٽڪل ٻه ڪروڙ سک رهن ٿا جن جو وڏو تعداد پنجاب ۾ آهي. اسان واري پنجاب ۾ به ڪافي رهيا ٿي جيڪي هندستان جي ورهاڱي بعد انڊيا واري پنجاب ۾ لڏي ويا، سندن پاڪ جايون ۽ پوڄا مندر اڄ به پاڪستان واري پنجاب ۾ موجود آهن، جن جي زيارت لاءِ هو لاهور ۽ خاص ڪري حسن ابدال ايندا رهن ٿا. سک پنهنجي ڏاڙهي، پٽڪي ۽ ٻانهن ۾ پاتال ڪڙي (ڪنگڻ) ڪري پري کان سڃاتا وڃن ٿا. گروگوبند سنگهه پنهنجن چيلن لاءِ پنج شيون رکڻ ضروري ڪيون جيڪي پنج ڪاڪر (ڪاف) سڏجن ٿيون: ڪيش (جسم جو ڪوبه وار نه ڪٽڻ) هو ان کي بزرگيءَ ۽ درويشيائي جي نشاني سڏين ٿا، ڪنگهو (ڪاٺ يا عاج جي ڦڻي، صفائيءَ جي نشاني)، ڪڇو، چست ۽ چوبند رهڻ جي نشاني، ڪڙو (اسٽيل جو ڪنگڻ) پڪي عزم جي نشاني ۽ ڪرپان (خنجر) ڪمزور جي بچاءَ لاءِ. مٿي جي ڊگهن وارن کي بچائڻ لاءِ هنن کي پٽڪو پائڻو پوي ٿو. بلڪه سکن جا هي پٽڪا اڳهين سيٽ ٿيل ۽ سبيل آهن. ور ڏيئي ٻڌڻ بدران ٽوپيءَ وانگر پائڻو پوي ٿو.

سکن جو ڌرم گرونانڪ ايجاد ڪيو جيڪو سن 1464ع ۾ ڄائو جڏهن هندستان تي لوڌي گهراڻي جي حڪومت جي شروعات هئي (گرونانڪ سن 1545ع ۾ وفات ڪئي جڏهن شير شاهه سوري دهليءَ جي تخت تي ويٺل هو) يعني سک ڌرم همايون جي ڏينهن کان هندستان ۾ شروع ٿيو ۽ پنج سؤ کن سال پراڻو چئبو.

سک ڌرم ۾ ڪي ڳالهيون اسلام جون آهن ته ڪي هندو ڌرم جون، سکن ۾ هندن واري ذات نيات جو چڪر ناهي ۽ نه ئي هو هندن وانگر مورتيون پوڄين ٿا، سکن جي عبادتگاهه گوردواري ۾ فقط هنن جو مذهبي ڪتاب ”گرنٿ صاحب“ دکيل ٿئي جنهن ۾ هنن جي ڏهن گروئن جون لکڻيون شامل آهن. سندن آخري گروءَ جي وفات سن 1708ع ۾ ٿي (مغل بادشاهه اورنگزيب جي وفات وارن ڏينهن ۾) سک هڪ خدا کي مڃين ۽ مري ويل جي لاش کي دفن ڪرڻ بدران ساڙين.

امر تسر، جنهن شهر ۾ هاڻ اسان جي بس پهتي هئي، سکن جي سڀ کان وڏي گوردواري ”هري مندر“ کان مشهور آهي، جنهن مندر کي انگريزيءَ ۾ ”گولڊن ٽيمپل“ سڏين ٿا. مندر جي عمارت سازيءَ جو ڪم هندن جي مندرن ۽ مسلمانن جي مسجدن سان ملي ٿو. مندر جي چوڌاري پاڻيءَ جو وڏو تالاب آهي ۽ هن تالاب تان هن شهر جو نالو امرتسر پيو آهي. هندستان ۾ توڙي ٻاهر جي ملڪن ۾ سکن جي دڪانن، آفيسن ۽ هوٽلن ۾ جنهن مندر جي تصوير نظر اچي ٿي اها هن مندر جي آهي، اسان جي بس ۾ ويٺلن مان ڪيترن چاهيو ته جيڪر بس اڌ ڪلاڪ کن بيهي ته مندر ڏسندو هلجي پر بس ۾ ويٺل پوليس اهوئي چيو ته هو اسان کي فقط مقرر شهرن جي مقرر هوٽلن وٽ چانهه پاڻي ۽ مانيءَ لاءِ ترسائيندا. ”توهان کي دهليءَ تائين سلامتيءَ سان پهچائڻ اسان جي ذميواري آهي، دهلي پهچي پوءِ ڀلي توهان هيڏانهن پنجاب موٽي اچو يا بمبئي مدراس هليا وڃو.“ هنن اسان کي سمجهايو، هنن جو مطلب هو ته هن وقت اسان ”انڊيا پاڪستان دوستي“ جي بنياد تي هلندڙ سرڪاري بس ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ خدانخواسته ڪجهه ٿي پيو ته حڪومت جي بدنامي ٿيندي جو ٻنهي ملڪن جا ڪجهه ماڻهو حڪومت جي هن دوستي وڌائڻ جي پاليسيءَ جي خلاف آهن.

بهرحال اسان مان ڪيترن ئي اهو پهه ڪيو ته جيئن ئي دهليءَ ۾ واندڪائي جا ڏينهن ملندا ته آگري ۽ اجمير سان گڏ هن پاسي جا هي شهر امرتسر به ڏسڻ اينداسين ۽ تاج محل جي اڳيان تصوير ڪڍرائڻ سان گڏ هتي اچي امرتسر جي هن گولڊن مندر وٽ پڻ تصوير ڪڍرائينداسين، هي شهر امرتسر جنهن جي لفظي معنيٰ امرت جو حوض آهي سکن جو چوٿين گروءَ رام داس سن 1577ع ۾ ٻڌرايو. امرتسر نه فقط پنجاب صوبي جي وڏن شهرن مان هڪ آهي پر سک ڌرم جو مرڪز پڻ آهي. هن شهر لاءِ زمين مغل شهنشهاهه اڪبر منظور ڪئي. 1761ع ۾ احمد شاهه درانيءَ نه فقط هن شهر جي ڦرلٽ ڪئي پر مندر پڻ تباهه ڪري ڇڏيو جيڪو ٽن سالن بعد 1764ع ۾ وري ٺاهيو ويو. 1802ع ۾ رنجيت سنگهه هن مندر جي ڇت ٽامي جي تهه سان ٺهرائي ۽ ان جي ڳاڙهي رنگ ڪري گولڊن ٽيمپل سڏجڻ لڳو.

دهلي ڏي ويندي هن رستي جي کاٻي پاسي رام باغ نظر اچي ٿو ۽ ساڄي پاسي گول باغ. سئيڊن ۾ مون سان رهندر امرتسر جو سک ستنام (جنهن جو ذڪر ڪراچيءَ کان ڪوڀن هيگن ۾ ڪيو  اٿم) ٻڌائيندو هو ته رام باغ جي ڀرسان ”سنڌي ڪافي هائوس“ نالي هڪ مشهور هوٽل آهي جيڪا تمام پراڻي آهي. بهرحال امرتسر ۾ سکن جو گولڊن ٽيمپل بعد اگر ڪا مشهور تاريخي شيءِ آهي ته گوبند گره جو قلعو آهي جيڪو رنجيت سنگهه 1805ع ۾ ٺهرايو (امرتسر شهر جون ڀتيون به هن راجا ٺهرايون) ۽ ٻيو جاليانوالا باغ جيڪو گولڊن ٽيمپل جي بلڪل ويجهو آهي جتي انگريزن ٻه هزار کن انڊين کي گوليءَ جو نشانو بنايو. اهو هڪ اهڙو اهم واقعو هو جنهن ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي دلين ۾ آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو جذبو پيدا ڪيو. انگريزي فلم گانڌي Gandhi ۾ اهي سڀ نظارا Recreate ڪيا ويا آهن.

اسان جي بس هاڻ اڳتي جالنڌر ڏي وڌي رهي هئي، جنهن جي هڪ شهر ڪرتار پور ۾ اسان کي ترسي ٿوري فرحت وٺڻي هئي ۽ بس وارن طرفان هوٽل ۾ چانهه ملڻي هئي، جالنڌر ضلعو به آهي  ته ان ضلعي جو وڏو شهر به. پاڪستان جو اڳوڻو حاڪم جنرل ضياءَ هن شهر کان لڏي پاڪستان آيو هو. مون هن جي بايوگرافي نه پڙهي آهي پر بينظير صاحبه هن جي رمارڪس جي ورنديءَ ۾ اڪثر اهو چوندي هئي ته آئون ڄائي نپني سنڌ ۾ آهيان ۽ هتي ئي رهنديس جالنڌر کان نه آئي آهيان. بهرحال پنجاب جا لڌيانا ۽ امبالا جهڙا تاريخي شهر هن پراڻي رستي گرانڊ ٽرنڪ روڊ تي ئي اچن ٿا ۽ هي روڊ ايڏو پراڻو آهي جو هن جي ٻنهي پاسن کان ايڏي ته وسندي ۽ ڳوٺ آهن جو خبر نٿي پوي ته ٻهراڙي ڪڏهن شروع ٿيندي جيئن ٽرئفڪ  گهٽجي. ڪو فرلانگ کن مس بنا گهرن ۽ دڪانن جي آيو ٿي ته وري گهرن، دڪانن، اوطاقن ۽ ڪارخانن جو سلسلو شروع ٿي ويو ٿي ۽ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ڪچا پڪا رستا اچي هن روڊ سان مليا ٿي جن تان ڍڳي ۽ سان گاڏين کان وٺي ٽريڪٽر ۽ ٽرڪون پئي آيا ويا. ان کان علاوه آٽو رڪشائون، اسڪول بسون، موٽرسائيڪلن تي ڏاڙهي ڍڪيل سک ۽ ويسپا موٽر سائيڪلون هلائيندڙ سکڻيون ٽرئفڪ ۾ وڌيڪ اضافو آڻي رهيون هيون. اسان جي اڳيان پوليس جي موبائيل گاڏي رستو صفا ڪرائڻ لاءِ نه اچي ها ته اسان جي بس به ٻين وانگر ڦاسندي ڦاسندي هلي ها. هي اهو رستو آهي جيڪو انگريزن جي حڪومت کان اڳ تائين جرنيلي سڙڪ سڏبي هئي پر هاڻ گرانڊ ٽرنڪ روڊ يا ٺلهو ”جي ٽي روڊ“ سڏجي ٿو ۽ ڪلڪتي کان شروع ٿئي ٿو ته دهلي ۽ پوءِ امرتسر وٽان ٿيندو واگها ۽ لاهور پهچي ٿو ۽ اڳتي ڪابل افغانستان وڃيو دنگ ڪري. پاڪستان ۾ اڄڪلهه هن روڊ کي N-5 (پاڪستان نيشنل هاءِ وري نمبر 5) پڻ سڏين ٿا. ڪلڪتي کان ڪابل تائين هن 2600 ڪلوميٽري (1600 ميل) ڊگهي جي ٽي روڊ لاءِ هڪ صدي کن اڳ مشهور انگريزي ليکڪ رڊيارڊ ڪپنلگ چيو هو ته:

Such a river of life nowhere else axists in the world. It is the beack bone of all Hind on which one can see all castes and kinds of men..... all the world going and coming.

رڊرياڊ ڪپلنگ جي مشهور ناول Kim جا ڪيترائي واقعا هن روڊ (Grand Trunk) تي درپيش اچن ٿا. ڪيترن تاريخدانن جو ته اهو چوڻ آهي ته هن روڊ جو وجود اڄ کان 3500 سال اڳ جو آهي جڏهن اتر کان آرين ننڍي کنڊ تي چڙهائي ڪئي. هن روڊ اتر کان انهن آرين کي مارچ ڪندي ڏٺو. ايراني ۽ يونانين جي فوجن کي انڊيا تي ڪامياب حملا ڪندي ڏٺو. هن رستي تان Scythians سفيد هن (Huns) سلجوق، تاتاري، منگول، ساساني، ترڪ، مغل ۽ دراني آيا ۽ خيبر پاس لتاڙي هن سنڌ ۾ ڌوڪي ويا. هي اهوئي رستو آهي جنهن ذريعي تيمور، بابر، نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جهڙا فاتح ۽ ڦورو ننڍي کنڊ ۾ آيا ۽ ڄمائي ويٺا يا ڦرون ڪري واپس هليا ويا. دنيا ۾ هن روڊ جي عجيب جاگرافيائي بيهڪ آهي ۽ ان بيهڪ ڪري ئي اتر کان حملا ڪندڙ ايندا رهيا ۽ تاريخ ۾ نوان باب ڳنڍبا رهيا. ڪنهن صحيح چيو آهي ته:

Geography rather than history has fated the GT Road to play a role in every age.

هن گرانڊ ٽرنڪ روڊ ذريعي ننڍي کنڊ ۾ نه فقط حڪمران ۽ ڦورو آيا پر دنيا جا سياح، مسافر، عالم، ڏاها، سوداگر، ثقافت (Culture) ۽ Ideas هن ننڍي کنڊ ۾ پهتيون. سوين سالن تائين هن روڊ تان اٺن جا قافلا گذريا. هنن جهونن واپارين ۽ هنرمندن هن ڌرتيءَ تي عاليشان قسم جي سلڪ ۽ چينيءَ (Porcelain) جو بهترين سامان چين ۽ وچ مشرق کان آندو. گرانڊ ٽرنڪ روڊ پاڪستان واري پاسي به تاريخي جاين تان لنگهي ٿو خيبر پاس کان وٺي ڏٺو وڃي ته پشاور گنڌارا جي ڪنول ماٿري، اٽڪ جتي جو قلعو 1581ع ۾ مغل شهنشاهه اڪبر ٺهرايو، حسن ابدال جتي نانڪانا صاحب جو سکن جو گوردوارو آهي، ٽئڪسلا (گنڌارا ۽ راجا امبي کان مشهور) پوٽوهار، روهتاس جو قلعو (جيڪو شيرشاهه سوريءَ ٺهرايو) گجرات (انگريزن جو جنگي ميدان) گجرانوالا (رنجيت سنگهه جي ڄم جي جاءِ) لاهور، شاليمار باغ، بادشاهي مسجد ۽ مشهور لاهوري قلعي جو شهر. جتي انگريزن جو دلپسند ۽ ايشيا جو پراڻو تعليمي اقدارو پنجاب يونيورسٽي آهي، رڊيارڊ ڪپلنگ جي مشهور Kim,s Gun آهي ۽ انگريزن طرفان مٿاهين (Elite) ڪلاس جي ٻارن جو ايڇيسين ڪاليج آهي ۽ واگها.

هونءَ ڏٺو وڃي ته جرنيلي سڙڪ يعني هن گرانڊ ٽرنڪ روڊ کي ٺاهڻ ۾ شير شاهه سوريءَ جو وڏو هٿ هو. شيرشاهه سوري به هڪ عجيب بادشاهه ٿي گذريو آهي، جنهن هندستان تي فقط پنج سال بادشاهي ڪئي پر پاڻ ان زماني جي حاڪمن ۾ تمام سٺو ائڊمنسٽريٽر هو. شيرشاهه سوري (سندس اصل نالو فريد هو پر پاڻ کي ”شينهن بادشاهه“ (شيرشاهه) ٿي سڏرايائين) هڪ ننڍڙي افغاني جاگيردار جو پٽ هو جيڪو پنجاب ۾ 1472ع ۾ ڄائو. پنهنجي ماٽيلي ماءُ جي بدسلوڪيءَ ڪري هن ننڍي هوندي ئي گهر ڇڏي جانپور ۾ وڃي سخت پڙهائي ڪئي ۽ عربي ۽ فارسي ٻولين تي هن جي سٺي ڪمانڊ ٿي وئي. انهن ڏينهن ۾ ته اهو Trend هو ته فارسي گهوڙي چاڙهسي. فارسي جا ڄاڻوءَ کي سٺي نوڪري ملي وئي ٿي. هن کي به تن ڏينهن جي مغل بادشاهه بابر وٽ نوڪري ملي وئي، بابر جي وفات بعد همايون تخت تي ويٺو. مغل بادشاهت ۾ ڪيترائي فوجي ۽ حڪومت مونجهارا ٿي پيا جن کي همايون منهن ڏئي نه پئي سگهيو ۽ همايونءَ جي ڪمزورين مان فائدو وٺي شيرشاهه هن جو تختو اونڌو ڪيو ۽ پاڻ بادشاهه ٿي ويٺو. شيرشاهه ملٽري ۽ سول ائڊمنسٽريشن ۾ وڏو قابل ماڻهو هو. هن پنهنجي مختصر حڪومت ۾ عوام جي ڀلي ۽ پنهنجي حڪومت مضبوط بنائڻ لاءِ ڪيترائي ڪم ۽ سڌارا به آندا ۽ ڪيترا تاريخدان کيس مڃين ٿا ته:

He was in truth the greatest ruler that sat upon the throne of Delhi.

هن ڍلون وغيره اوڳاڙڻ جو بنياد زمين جي ماپ تي قائم ڪيو، عوام کي انصاف مهيا ڪيو. دهليءَ کان ڪابل تائين گرانڊ ٽرنڪ روڊ ٺهرايو. رستن تي وڻ پوکرائين، مسافرن جي آرام ۽ سهولت لاءِ گرانڊ ٽرنڪ روڊ تي سرائيون (مسافر خانا) ٺهرائين ۽ کوهه کوٽرائين، ڪوس مينار (ميلن جي سڃاڻپ لاءِ منارا) ٺهرايائين جيئن اڄڪلهه پٿر جا ننڍڙا Mile Stone ٿين ٿا، ٽپال کڻي ڊوڙندڙ گهوڙن لاءِ Horse- changing posts ٺهرايائين جتي گهوڙا ساهه پٽي سگهن ۽ مسافرن لاءِ ٻيون به ڪيتيون بنيادي شيون مهيا ڪيائين.

شيرشاهه سوريءَ 1540ع ۾ همايون کي شڪست ڏئي دهليءَ جو تخت حاصلم ڪيو. پنجن سالن بعد 1545ع ۾ پاڻ گذاري ويو. گن پائوڊر جي ڌماڪي ۾ پاڻ مري ويو، کيس ٻه پٽ هئا پر بيحد نڪما ۽ حڪومت هلائي نه سگهيا ۽ همايون وڃايل حڪومت کي هڪ دفعو وري حاصل ڪري ويو. گرانڊ ٽرنڪ روڊ کي ٺاهڻ واري شيرشاهه جي ”سوري گهراڻي“ جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو...

آئون تاريخ جي ورقن ۾ گم هوس ته بس هلائيندڙ سک ڊرائيور ٻڌايو ته سامهون بياس نالي شهر اچڻ وارو آهي، مون امرتسر ۾ هن ڊرائيور کي Request ڪيو هو ته ڪو اهڙو شهر، ندي، جبل وغيره گذري ته مون کي ٻڌائجان، آئون تنهنجي بلڪل پٺيان ويٺو آهيان.

”بياس ندي آهي يا شهر؟“ مون پڪ ڪئي.

”ٻئي“ ڊرائيور وراڻيو.“ پهرين شهر ايندو پوءِ ندي به ٽپنداسين.“

پنجاب جن پنج ندين تان هن علائقي تي نالو پيو اهي آهن: جهلم، چناب، ستاج، راوي، ۽ بياس. هيءَ ندي بياس سڀ ۾ ننڍي آهي ۽ انڊيا جي اتراهين صوبي هماچل پرديش مان ڪري پنجاب جي گرداسپور ضلعي ۾ اچي گووند وال کان ٿورو اڳيان ستلج ۾ وڃيو ملي ۽ پوءِ اها ستلج هندستان ۽ پاڪستان جي پنجاب صوبي جو بارڊر ڏيئي راجستان جي شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي پنجاب اندر هليو وڃي اڳتي وڃيو سنڌو درياهه سان ملي. اسان جي بس بياس جو شهر ۽ ان بعد بياس درياهه ٽپي اڌ ڪلاڪ وڌيڪ اڳتي هلي ضلعي جلنڌر جي شهر ڪرتاپور ۾ مين روڊ تي ٺهيل هڪ وڏي هوٽل ”منگوليا ٽورسٽ ڪامپليڪس“ اڳيان اچي بيٺي. هتي اسان کي چانهه پاڻي پيئڻو هو ۽ ڪجهه ٽنگ به ڊگهي ڪرڻي هئي، بس ۾ ويٺي ٻه اڌائي ڪلاڪ ٿي ويا هئا. سگريٽ پيئڻ وارن لهڻ سان پهرين سگريٽ دکايو باٿ روم جو به پوءِ پڇيائون. چانهه پيئڻ بعد ڪي بس ۾ اچي ويٺا ڪي بس جي ٻاهران بيهي رستي تان لنگهندڙ ٽرئفڪ کي ڏسڻ لڳا. هوٽل جي ڀر ۾ پان جون مانڊڻيون هيون جتي پان ته نه هئا پر سوپارين جون پڙيون، ٽڪيون، ٽافيون، چيغم وغيره هئا. ٻنهي مانڊيڻ تي پبلڪ فون هو جتان اسان جي ڪيترن ساٿين پاڪستان پنهنجن گهرن ۽ دوست ڏي فون ڪيو. بس جي ڊرائيور هاڻ هارن مٿان هارن وڄائڻ شروع ڪيو يعني ڏاڍي دير ٿي وئي آهي جلدي ورو ته بس اڳتي جي سفر تي هلي. بس ۾ سوار ۽ اڳيان موبائيل ۾ ويٺل سپاهين هش هش ڪري مسافرن کي هتان هتان ورائي بس ڀيڙو ڪيو. مسافرن جو تعداد ڳڻيو ويو. هڪ ٻه اڃا کٽل هئا ٻه پوليس وارا بس مان لهي کين ڳولڻ لاءِ هوٽل ۾ ويا. هڪ باٿ روم ۾ هو ۽ ٻئي اڃا هاڻ چانهه پيئڻ شروع ڪئي هئي. بهرحال ماڻهو پورا ٿيڻ تي بس جي ڊرائيور موبائيل ۾ ويٺل پوليس کي اشارو ڪيو يعني هاڻ اڳيان ٿيو ته پٺيان اسان اچون.

”هاڻ ڪٿي ترسنداسين؟“ مون بس ڊرائيور کان پڇيو.

”هاڻ سائين ڀلي سمهي رهو. گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڪلاڪن بعد سرهند شهر ۾ مانيءَ لاءِ ترسنداسين. آئون اڌ ڪلاڪ کن دريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهيس جلنڌر Jalandhar جو شهر گذرڻ بعد  سگهو ئي اک لڳي ويم. دريءَ جو پردو ڇڪي ڇڏيو هوم ۽ وڌيڪ اوندهه ڪرڻ لاءِ منهن تي ننڍڙو ٽوال وجهي ڇڏيو هوم جلنڌر امرتسر کان پورن 80 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي يعني حيدرآباد کان نوابشاهه جيتري پنڌ تي. پنجاب جا مهاراجا رنجيت سنگهه هن شهر ۾ سن 1839ع ۾ گذاري ويو هو. جلنڌر لاءِ چون ٿا ته ڪنهن قديمي هندو سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ پڻ هو. اسان جي سک بس ڊرائيور ٻڌايو ته هن شهر جلنڌر جي معنيٰ ”پاڻي اندر“ آهي يعني جل اندر. هن ٻڌايو ته هن شهر ۾ هڪ تمام پراڻي سراءِ (مسافر خانو) 1857ع جو ٺهيل آهي.

لاهور کان دهلي هلندڙ هيءَ بس تمام گهڻي آرام ده آهي. هر سيٽ جي وچ ۾ ٽنگون ڊگهيون ڪرڻ جي ڪافي جاءِ آهي. نئين ۽ وڏي بس آهي. ٻاهر ڌوڙ ۽ گرمي هجڻ جي باوجود اندر ايئرڪنڊيشنڊ هجڻ ڪري ٿڌڪار آهي. هر هڪ ڪالهه کان سفر ۾ هو، ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ روهڙيءَ کان چڙهيل اسان جا مسافر 18 ڪلاڪ کن ٽرين ۾ سفر ڪري رات جو ٻارهين هڪ بجي لاهور پهتا هئا. ان بعد باقي رات جو حصو به اوڄاگو ڪري صبح جو هن بس ۾ اچي سوار ٿيا هئاسين. ٿڪ ۽ اوڄاڳي ڪري هاڻ هر هڪ ننڊون ڪري رهيو هو. آئون به دريءَ مان وڌيڪ ڏسي نه سگهيس جو رکي رکي جهوٽا پئي آيا ۽ نيٺ اک لڳي وئي. ڪلاڪ ڏيڍ بعد اک کلي ته بس لڌيانا جي شهر جي هدن ۾ گهڙي چڪي هئي. اهو سچي عيجب لڳو ته اسان هندستان جي رستن تي سفر ڪري رهيا هئاسين، چوويهه ڪلاڪ اڳ يعني هن وقت اسان جي ٽرين روهڙي کان ڏهرڪي پهچي رهي هئي ۽ ريل جي دريءَ مان اينگرو ڀاڻ جي ڪا فيڪٽري نظر اچي رهي هئي ۽ هاڻ دريءَ مان لڌيانا شهر جا دڪان، هوٽلون، گرمکي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل اشتهار، سکن جا ٽڪاڻا، مختلف يونيفارمن ۾ اسڪولن جا ٻار جن جي مٿي جي وارن جو جهڳٽو رومال ۾ ويڙيهل، ڏاڙهين ۽ پٽڪن سان سک مرد، پاجامن ۽ ڌوتين ۾ پنجابي هندو، دڪانن ۽ هوٽلن اڳيان چرندڙ سست ڍڳيون ۽ رول ڪتاب نظر اچي رهيا هئا.

لڌيانا،  گرداسپور، امرتسر، هوشياپور، چنڊيڳڙهه، فيروز پور، پٽيالا، روپ نگر وغيره هندستان جي پنجاب صوبي جا مشهور ۽ وڏا شهر آهن. لڌيانا جي نالي سان ٻي ڪا شيءِ ياد اچي يا نه پر مون جهڙي پرديس ۾ رهندڙ کي لڌيانا ۾ ٺهندڙ مشهور سائڪيلون ”هيرو“ ياد ٿيون اچن. جيئن ٽاٽا ڪمپنيءَ جون بسون ۽ ٽرڪون انڊيا ۽ دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مشهور آهن تيئن هن شهر جون هيرو سائيڪلون آهن جيڪي ٽاٽا وانگر مون کي ملائيشيا، ٿائلينڊ، سريلنڪا ۽ آفريقا جي ڪيترن ملڪن ۾ نظر آيون. لڌيانا لاءِ مشهور آهي ته اتان هر سال 35 لک سائيڪلون ٺهي وڪري لاءِ انڊيا ۽ ٻاهر وڃن ٿيون يعني روزانو 10 هزار سائيڪلون ٺهن ٿيون.

لڌيانا جا گريجوئيٽ ميڊيڪل ڊاڪٽر به جتي ڪٿي نظر اچن ٿا خاص ڪري ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾. لڌيانا جو هي ڪرسچن ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال 1895ع ۾ ٺهيو ۽ چيو وڃي ٿو ته هي ميڊيسن جو اسڪول سڄي ايشيا کنڊ ۾ پراڻي ۾ پراڻو آهي. رستي تان لنگهڻ مهل ڪيترن ئي هنڌن تي هتي جي ڪنهن هوٽل ”سٽي هارٽ“ جا سائن بورڊ نظر اچن ٿا جيڪا لڳي ٿو ته هتي جي ڪا وڏي هوٽل آهي.

هن شهر جو لڌيانا (لوڌيانا) نالو لوڌي گهراڻي جي حاڪمن تان پيو جن دهليءَ تي 1451ع کان 1526ع تائين (بابر جي فتحيابي تائين) حڪومت ڪئي. 1489ع تائين هن شهر جو نالو مير هوتا هو. هن شهر ۾ قاعدي Law & Order جي حالت صحيح رکڻ لاءِ دهليءَ طرفان سڪندر لوڌيءَ کي هتي مقرر ڪيو ويو هو جيڪو 1489ع کان 1517ع تائين هتي رهيو ۽ هن شهر مير هوتا جو نالو بدلائي لوڌيانا (Ludhiana) رکيو.

لڌيانا ڪافي وڏو شهر ٿي لڳو جو اسان جي بس ڪا دير شهر جي پيهه پيهان مان وڏا وڏا هارن ڏيندي هلندي رهي. ان کان علاوه اسان جي اڳيان هلندڙ پوليس جي گاڏي رون رون (سائرن) ۽ هارن ڏيندي ٽريفڪ کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. انهن زوردار هارنن تي بس ۾ ستل سڀ همراهه سجاڳ ٿي پيا هئا ۽ سڀ پڙدا ريڙهي ٻاهر جي دنيا جو ديدار ڪرڻ لڳا. هن شهر وٽ رستي جي ٻنهي پاسن کان ڪيترائي روڊ ڦٽا ٿي جن تان ٽريفڪ هن مين روڊ تي اچي وڌيڪ رستو جئم ڪري رهي هئي. ڊرائيور ٻڌايو ته هي مختلف رستا هن صوبي جي ٻين ڪيترن شهرن: موگا، مختصر (Muktsar)، باٿندا سانگرور، نوانشهر وغيره ڏي وڃن ٿا، اسان ڀانت ڀانت جا ماڻهو نموني نموني جي سوارين ۾ توڙي پيرين پنڌ ايندي ويندي ڏسندا هلياسين. رستي جي ڪپرن تي وڏا دڪان، ننڍا دڪان، ڪئبنون ۽ مانڊڻيون، انهن جي اڳيان پٽ تي ويٺل موچي، ديڳڙن تي ڪلعي چاڙهڻ وارو، لوهه کي گرم ڪري ڪهاڙيون، کرپيون ۽ ڏانتا ٺاهڻ وارو لوهار، ڪن مان مر ڪڍڻ وارو، جڙتون ٻوٽيون ۽ طاقت، شباب ۽ جوانيءَ جا نسخا وڪڻڻ وارو ۽ هر ڀت تي چن سان لکيل اشتهار، اسڪولن ۾ داخلائن جا، ٽيوشن سينٽرن جا، ڪمپيوٽر سکڻ جا ۽ وڃايل طاقت ۽ جوانيءَ کي ماڻڻ جي نسخن ۽ دوائن جا... سچ چيو آهي رڊيارڊ ڪپنلگ ته هي گرانڊ ٽرنڪ روڊ River of life آهي. اها زندگيءَ جي ندي جيڪا گنگا، جمنا ۽ ويندي سنڌوءَ کان به ڊگهي آهي جيڪا ڪلڪتي کان شروع ٿئي ٿي ته امرتسر وٽان ٽپندي پاڪستان هليو وڃي ۽ خيبر پاس ٽپيو ڪابل (افغانستان) ۾ وڃيو دنگ ڪري. هي اهو جهونو رستو ۽ تهذيب آهي جنهن تي دنيا چئن جهونن ۽ مشهور مذهبن، هندو ڌرم ٻڌ ڌرم، جين ڌرم ۽ سک ڌرم جنم ورتو ۽ دنيا ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ مذهب اسلام هن رستي ذريعي ننڍي کنڊ ۾ پکڙيو. هن رستي تي لاهو، امرتسر، امبالا، ڪرڪ شاترا، پاڻيپٽ، دهلي، علي ڳڙهه، مٿرا، آگرو، ڪانپور، الهه آباد، بنارس جنهن کي هاڻ وارا انساني سڏين ٿا، ساسا رام، گيام (ٻڌگيا) درگاپور، ڌنباد، ٽيٽاڳره ۽ ٻيا ڪيترائي تاريخي شهر آهن جيڪي هندن، سکن، مسلمانن، ٻڌن ۽ ٻين مذهبن، حڪومتن ۽ قومن جي ماڻهن جي عبادت گهرن، تاريخي جاين ۽ تعليمي ادارن ۽ مقبرن خانقاهن کان مشهور آهن. اڄ اسان هن روڊ تان بس ذريعي گذرون پيا اسان کان اڳ ڪئين صديون خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو، حاڪم، ساڌو سنت، ڦورو، لٽيرا، عالم ڏاها، واپاري سوداگر هن رستي تان پيرين پنڌ يا اٺن، هاٿين، گهوڙن، گڏهن يا بيل گاڏين، سائيڪلن ۽ ٻين سوارين تي گذرندا رهيا، اسين برطانيه جي فوجين کي 1880ع وارن سالن ۾ هن رستي تان مارچ ڪندو Imagine ڪري سگهون ٿا جن لاءِ ڪپلنگ اڄ کان سوا صدي اڳ Route- Marchin جي عنوان سان نظم لکيو هو:

We`re marchin, of relief

Over India`s Sunny Plains

A little O` Christmas time

An` just be`ind the Rains,

Ho! get away` you bullock- man.

Yon` ve` eard the bugle blowed,

There,s a regiment a- comin

Down the Grand Trunk Road.

مون گهڻو جاڳڻ بدران ننڊ ڪرڻ ٿي چاهي جيئن شام جو يا رات جو هلي پهچي ٻه ٽي ڪلاڪ هن سفر بابت لکي سگهان ۽ اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن آئون تازگي محسوس ڪري رهيو هوندس. اڌ ڪلاڪ کن اڳ لڌيانا ۾ کاڌل ليڪسوٽنل جي گوري هاڻ پنهنجو اثر ڏيکاري رهي هئي ۽ آئون ننڊا کڙو محسوس ڪري رهيو هوس. مون ننڊ ڪرڻ ئي چاهي ٿي جو گذرين ٽيهارو کن ڪلاڪن ۾ ڪي ٽي چار ڪلاڪ مس ستو هوندس سو به قسطن ۾. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جي هيءَ Made in Sweden جي Vlovo ڪمپنيءَ جي نه فقط بس آرامداه هئي پر ان ۾ ٺهيل سيٽون پڻ جيڪي پٺيان لاڙي ماڻهو اڌ گابرو سمهي سگهيو ٿي. چوڌاري نظر ڪيم، ڪيترائي مسافر کونگهرا هڻي رهيا هئا. ڪي ڊرائيور جي سيٽ مٿان لڳل ٽي وي تان فلم ڏسي رهيا هئا.

پنهنجي پاسي واري دريءَ تي پردو ڏئي يعني دنيا جي اهم، پراڻي، ڊگهي ۽ تاريخي روڊ تان هلندڙ جيئرن جاڳندڙن ڪردارن کي ڏسڻ بدران ٽي وي جي اسڪرين تي فلمي اداڪار ڏسڻ لڳس. ٽي سال کن اڳ انڊيا جي صوبي گجرات ۾ (جيڪو صوبو هونءَ ته تمام پرامن ليکيو ويندو هو) هندو مسلمانن جا فساد ٿي پيا هئا. اهي فساد بڙودا (جتي اسان کي ٻه هفتا کن دهليءَ ۾ رهي اسان جي دوست نولراءِ اوڏ جي پٽ مڪيش جي شاديءَ تي وڃڻو هو) کان هڪ اسٽيشن اڳ گوڌرا کان شروع ٿي سڄي گجرات ۾ باهه وانگر پکڙجي ويا هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي انڊيا جي حڪومت انهن فسادن تي يڪدم ڪنٽرول ڪري ورتو ۽ شرپسند ماڻهن جي سختيءَ سان وٺ پڪڙ ڪري انهن کي چڱي طرح سزا ڏني ۽ ٻين لاءِ سبق مهيا ڪيو. ان بعد وري سڄي گجرات ۾ ڪنهن اڳ اڳرائي نه ڪئي، گوڌرا ۾ درپيش آيل هندو مسلمانن فساد جي هن افسوسناڪ واقعي تي مبني فلم ديو (Dev) ٽي وي تان هلي رهي هئي جنهن ۾ پراڻا ايڪٽر اميتاڀ بچن ۽ امريش پوري به هئا. فلم جو هيرو ۽ هيروئن فيروز خان جو پٽ فردين خان ۽ رنڌير ڪپور جي ڌيءَ ڪرينا ڪپور آهن. فلم ڏسندي ڏسندي مون کي به اک لڳي وئي.

پنجاب ٻن فارسي لفظن پنج ۽ آب مان ٺهيل آهي، يعني پنج درياهه اسڪول جي ڏينهن ۾ پاڪستان جو نقشو کڻي پنهنجي (پاڪستان پاسي واري) پنجاب ۾ درياهه ڳوليندا هئاسين ته فقط چار درياهه نظر ايندا هئا. جهلم، چناب، ستلج ۽ راوي ۽ انهن جي ئي نالن تي اسان جي جهاز ان ڪمپنيءَ جا پاڻيءَ جا جهاز هلايا. تن ڏينهن ۾ انڊيا جو نقشو ڏسڻ بنا آئون اهوئي سوچيندو هوس ته پنجون درياهه ڪهڙو ٿيو جنهنجي ڪري ننڍي کنڊ جي هن صوبي جو نالو پنجاب ٿيو. ڪو چوندو هو ته پنجون درياهه سنڌو درياهه، مهراڻ آهي جنهن کي اسان جي ڪمپنيءَ جو جهاز اباسين Represent ٿو ڪري. پر پوءِ سگهوئي خبر پئجي وئي ته پنجون درياهه بياس آهي جيڪو سڄي پنجاب مان گذرڻ بدران فقط اتر واري ان حصي مان گذري ٿو جيڪو پنجاب جو حصو انڊيا حوالي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org