دهليءَ جي عمارتن جو سير
دهليءَ ۾ اچڻ جو خاص مقصد اسان جي پيٽارو جي درست رامچند اوڏ جي
پٽ راجيش جي شادي اٽينڊ ڪرڻ هو. ان بعد ٻن هفتن
بعد انڊيا جي گجرات صوبي جي تواريخي شهر بڙودا
(جنهن کي هاڻ وري سندس اصلي نالو
Vodoodra
جي نالي سان سڏين ٿا) ۾ اسان جي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج
جي ٻئي دوست ۽ رامچند اوڏ جي ڀاءُ نولراءِ جي پٽ
مڪيش جي شادي اٽينڊ ڪرڻي هئي. سو هاڻ جيئن دهلي
واري شادي پوري ٿي ته اسان سنڌ کان آيل سڀ ڄاڃي ڄڻ
آزاد ٿي وياسين ۽ روزانو ٽولن ۾ يا اڪيلي سر دهلي
۽ اوس پاس جي شهرن کان علاوه اجمير، آگري، هردوار
جهڙن ڏورانهن شهرن ڏي به نڪرڻ لڳاسين جيڪي ٻين
صوبن ۾ آهن ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن شام ڌاري موٽي
ايندا هئاسين يا رات ٽڪي ٻئي ڏينهن دهليءَ ورندا
هئاسين جتي اسان پنهنجو ٺام ٺڪاڻو ٺاهي رکيو هو.
اسان سان گڏ آيل ڄڃ جا ماڻهو صبح جو دير سان اٿندا هئا پر
منهنجي سوير اٿڻ جي عادت ڪري آئون هاڻ اڪيلي سر
سوير ئي نيرن ڪري چڪر تي نڪرڻ لڳس. بلڪه نيرن به
ٻاهر ڪٿي نه ڪٿي ڪري وٺندو هوس. صبح جو سوير نڪرڻ
ڪري جيئن ته سج جا ڪرڻا پاسيرو رهن ٿا ان ڪري فوٽو
گرافي به بهتر ٿي ويندي هئي، دهليءَ جي تقريبا هر
گهٽيءَ ۾ هڪ ٻه ننڍي ريڙهي واري هوٽل ضرور نظر اچي
ئي اچي ان تي ڪا عورت، ڇوڪرو يا پوڙهو مرد گيس جي
سلينڊر تي چلهو ٻاري ديڳڙيءَ ۾ چانهه ٺاهي ٽي
روپئي ڪپو پيو وڪڻندو ته ڪو بيضا ۽ اڦراٽا پيو
ٺاهي وڪڻندو. سو سوير نوڪرين تي نڪرڻ وارا اهڙن
ريڙهي وارن کان فقط چانهه يا نيرن ڪري پوءِ آفيس
يا فيڪٽرين ۾ وڃن. آئون به پنهنجي بورچيءَ جي اٿڻ
جو انتظار ڪرڻ بدران ٻاهران هڪ اهڙي ڪئبن واري
هوٽل تان ڇوڪري کان چانهه جا هڪ ٻئي پويان ٻه کن
ڪوپ پي وٺندو آهيان. سامهون خالصا ٽيڪسي اسٽينڊ
آهي ان تي رات جي بيٺل ٽيڪسين جا سک ڊرائيور به ان
کان چانهه وٺي پيئندا آهن جنهن وٽ آئون ايندو
آهيان. پوءِ هڪ ٻه ڄڻا مون سان به خبر چار ڪن يا
ڪڏهن آئون ڳالهائڻ جي موڊ ۾ هوندو آهيان ته آئون
ساڻن خبرون ڪندو آهيان.
”ڪٿي جا آهيو؟“
”پنجاب جا پرهاڻ هتي ئي رهون ٿا؟“
”هي فٽ پاٿ تي ٺهيل جهڳين ۾
ڪير رهن ٿا؟“
”هي بهار ۽ ٻين رياستن جا غريب بيروزگار آهن جن کي سرڪاري
ٺيڪيدار هتي وٺي آيا آهن.“
”ڇو ڀلا اتي انهن رياستن ۾
ڪم ناهي ڇا؟“
”ظاهر آهي بيروزگاري آهي تڏهن ته هتي اچن ٿا.“
”کين ڏهاڙيءَ جو گهڻو ملي؟“
”اهوئي ته مسئلو آهي کين تمام گهٽ ملي ٿو. سندن ڪمائيءَ
جو وڏو حصو ٺيڪدار کايو وڃن. هتي پڙهيل ڳڙهيل لاءِ به بيروزگاري
آهي. هاڻ مڙيئي انڊيا جي ايڪانامي سنڌري پئي، گه۾
گهٽ پڙهلين کي آمريڪا ۾سٺيون نوڪريون ملن پيون ان
کان علاوه عرب ملڪن ۾ به.“
”تون ڪيترو پڙهين؟“
”مون فقط ميٽرڪ ڪئي ۽ هي اباڻو ڌندو ٽيڪسي هلائڻ ۾ جو ڪريان
ٿو.“
”توکي ٻاهر وڃي ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ جو شوق نٿو ٿئي.“
”آئون به ڪجهه عرصو ٻاهر نوڪري ڪري آيو آهيان.“
”ڪٿي سعودي عرب ۾؟“
”نه منهنجا سڀ سک مائٽ ڪويت ۾ ڪم ڪن ٿا.“
”ڪهڙو ڪم ڪن ٿا.“
”اهوئي ٻڌايو مانو نه ٽيڪسي، لاري ٽرڪ هلائڻ اسان جو اٻاڻو ڌندو
آهي.“
۽ ائين ڳالهين ڪندي هڪ بدران ٻه ڪوپ به ختم ٿي ويندا آهن. هڪ
ڏينهن هلڪ سک ٽيڪسي ڊرائيور کان پڇيم ته آگري وٺي
هلڻ ۽ موٽائي آڻڻ جا گهڻو وٺندين؟
”اٽڪل چار هزار روپيا کن.“
”چار هزار گهڻو ناهي؟“
”سفر به اوٽ موٽ جو اٽڪل ڇهه سؤ ڪلوميٽر آهي.“
”تڏهن به؟“
”چڱو ڀلا ساڍا ٽي هزار وٺندس، جڏهن به موڊ ٿيانو ته هڪ ڏينهن اڳ
ٻڌائجو ته پنهنجي گاڏيءَ ۾ تيل ڀرائي صبح ساڻ اچي
کڻندوسانو.“
هڪ ڏينهن دهليءَ جون اهم ۽ تواريخي جايون ڏسڻ لاءِ صبح سان
ڪئميرا کڻي آٽو رڪشا لاءِ روڊ تي اچي بيٺس. هونءَ
جو هر وقت منٽ منٽ تي ڪا ڀريل يا خالي آٽو رڪشا
پئي لنگهي اڄ ڪا نظر ئي نه اچي، هڪ ٻه نظر آيون سي
به خالي پر اهي به اهو بهانو ڪري هليون ويون ته
گيس ڪانهي انهيءَ ڪري مون کي پهرين اوکلا ڏي تيل
ڀرائڻ لاءِ وڃڻو آهي. پوءِ معلوم ٿيو ته آٽو رڪشا
وارن مسافر کٽڻ کان اڄ هڙتال ڪئي آهي. ”ڏاڍي
ٻڌايائون.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ”آئون به اڄ
پنهنجن ساٿين سان دهلي کان ٻاهر ڪو شهر گهمڻ بدران
اڪيلي سر دهليءَ جي سير تي نڪتو هوس ته هنن
اسٽرائيڪ ڪئي آهي ۽ اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ انڊيا
جي اها آٽو رڪشا ئي صحيح سواري آهي. سائيڪل رڪشا
وڌ ۾ وڌ ميل اڌ في فاصلي تائين صحيح آهي. بس ۾
چڙهڻ جي پاڻ ۾ همت ناهي جو بسون هڪ ته پنهنجو روٽ
وٺي هلن ۽ ٻيو ته ڪڏهن خالي رهن ٿيون ته ڪڏهن
منجهن اهڙي پيهه پيهان ٿي ٿئي جو نه فقط چڙهڻ ۽
لهڻ مشڪل پر اندر بيهي ساهه کڻڻ به مشڪل. ٻڌبو هو
ته انڊيا ۾ بس ۾ ماڻهو قطار ۾ چڙهن ٿا. عورتون ۽
مرد گڏ ويهن ٿا وغيره وغيره. بلڪل صحيح آهي پر اهو
اچي هاڻ معلوم ٿيو آهي ته ڪي خوش نصيب ئي ويهن ٿا
باقي مخلوق، عورتون توڙي مرد سارڊين مڇين وانگر هڪ
ٻئي سان ڪلهو ڪلهي سان پير پير سان ملائي بيٺل نظر
اچن ٿا. ٽيڪسي هڪ ٻن ميلن لاءِ مجبوريءَ ۾ ته صحيح
آهي باقي اڌ شهر گهمڻ لاءِ جيڪو گهٽ ۾ گهٽ چاليهه
ڪلوميٽر ٿيو وڃي مهانگي ئي چئبي.
بهرحال آٽو رڪشا جي ڳولا ۾ آخر ڪامياب ٿي ويس ۽ هڪ ڄڻو راضي ٿي
ويو. هن مون کي ڀر ۾ ٺهيل ڪالڪا ديوي جو مندر،
بهائي ڌرم جو مندر ۽ ٻيون ڪجهه شيون ڏيکارڻ بعد
آخر ۾ انڊيا گيٽ ۽ قطب مينار ڏيکاري واپس هتي ئي
(جتان وٺي هليو ٿي) آڻڻ جا چار سؤ روپيا چيا.
”چار سؤ ته گهڻا ٿو ٻڌائين. ٻيا ته اهي شيون ٻن اڍائي سؤ روپين
۾ گهمائي آيا آهن.“ مون احتجاج ڪيو.“
”صحيح ٿا چئو پر اڄ اسٽرائيڪ آهي. هونءَ ته آئون پوليس کان ڊڄان
ٿو ۽ نه ٽيڪسي وارن جي ايسوسيئيشن کان. پر ڪو مٿي
ڦريل دارونءَ جي بوتل چاڙهي بيٺو هجي ۽ پٿر هڻي
منهنجي رڪشا جو اڳيون شيشو ڀڃي رکي ته مون غريب کي
نئين شيشي لڳرائڻ جا ٽي سؤ روپيا چٽي پئجي ويندي.“
”چڱو هينئن ڪر، اڍائي سؤ وٺ، شيشو جي ڀڳو ته نئون آئون هڻائي
ڏيندس.“ مون چيومانس.
”سائين پهريون وارو حساب توهان لاءِ به ۽ مون لاءِ به صحيح
ٿيندو باقي آئون توهان کي اڍائي ٽي ڪلاڪ کن دل
وٽان گهمائيندس. ڀلي جتي جيترو وقت وڻانوَ وڃجو
پيو آئون انتظار ڪندو رهندس.“
مون کي ڊرائيور جي ڳالهه وڻي، ٿورو گهڻو پڙهيل ۽ جوان مڙس به
هو، يعني هو منهنجو رکي رکي فوٽو به ڪڍي سگهيو ٿي.
وڏي عمر جي ڊرائيور لاءِ، نظر گهٽ هجڻ ڪري، فوٽو
ڪڍڻ به مسئلو ٿيو پوي جو ان لاءِ ويجهي جي عينڪ
ضروري ٿيو پوي. خاص ڪري هنن
Digital
ڪئميرا سان فوٽو ڪڍڻ مهل.
”پهرين هي ڀر وارا مندر ڏسندا هلون؟“ ٽيڪسي ڊرائيور جنهن جو
نالو ونود ڪمار هو تنهن پڇيو.
”بلڪل هتان کان شروع ٿي انڊيا گيٽ تائين هليو هل. رستي تي
دهليءَ جون جيڪي به اهم شيون سمجهين اهي ڏيکاريندو
هل. باقي رهيل ڏسڻ لاءِ وري ٻئي ڪنهن ڏينهن
هلنداسين.“
اسان جي رهائش واري علائقي کان هندن جو ڪالڪا مندر ۽ بهائي ڌرم
جو ڪنول مندر
(Lotus Temple)
بلڪل ويجها آهن. بلڪه ڪنول مندر جي جي ڪنول جي گل
جهڙي ڇت ته اسان واري بلنڊنگ جي پهرين ماڙ تان مون
واري ڪمري مان به نظر اچي ٿي ۽ ڪالڪا مندر ته آهي
ئي هن علائقي ۾ جنهن تان هن علائقي جو نالو
”ڪالڪاجي“ پيو آهي. ڀر ۾ پارس سئنيما، صفدر جنگ
اسپتال، بالاجي مارڪيٽ، گوبندا پوري بازار ۽ هتي
جو جهونو ڪاليج ”ديش بندو ڪاليج“ آهي. ان کان
علاوه دهليءَ جي مشهور پوليٽڪنڪ انسٽيٽيوٽ (جنهن
لاءِ چون ٿا ته دنيا جو ٻيو نمبر وڏو پوليٽيڪنڪ
دارو آهي. ضرور هوندو، سندس ايراضي ۽ شاگردن جي بي
پناهه تعداد مان لڳي به ٿو) هرڪيش نگر (جنهن ۾ سنڌ
کان آيل اوڏ رهن ٿا ۽ سندن وڏو هولڊ آهي) ۽ شيام
نگر آهي. هن پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ جي ڀرسان ئي
بنارسي داس چاندي والا آئي انسٽيٽيوٽ آهي. هارٽ
انسٽيٽيوٽ ۽ نهرو پليس پڻ هتي ئي آهن، ڪالڪا جي،
نهرو پليس ۽ ديش بندو ڪاليج نالي وڏا بس اسٽاپ پڻ
آهن.
انڊيا مندرن جو ديس آهي. هتي جو پراڻو مذهب هندو ڌرم آهي جنهن
جو هزارين سال پراڻو اثر هن ننڍي کنڊ تي آهي.
ٻڌڌرم، جين ڌرم، سک ڌرم ۽ اسلام ان کان پوءِ هن
ڌرتي تي آيا ۽ انهن مذهبن جا به پنهنجا پنهنجا
عبادت گهر انڊيا ۾ موجود آهن پر دنيا جا سڀ کان
پراڻا مندر هن ملڪ ۾ آهن ائين ته اڄڪلهه جتي جتي
به هندو رهن ٿا اتي هنن جا مندر آهن پر انڊيا کان
پوءِ ٻئي نمبر تي گهڻا مندر ۽ سرڪاري طرح هندو ڌرم
نيپال ۽ انڊونيشيا جي هڪ ننڍڙي ۽ سهڻي ٻيٽ بالي ۾
آهي. اهي مندر مختلف ديوين ۽ ديوتائن جي نالن سان
سڏجن ٿا جن جون مورتيون انهن مندرن ۾ ٿين. روزمره
کان علاوه ڪن مندرن جا ڪي خاص ڏينهن پوڄا لاءِ شڀ
ڏينهن سمجهيا وڃن ٿا جن پوڄارين جو وڏو تعداد
پنهنجي دلپسند ديويءَ يا ديوتا جي مورتيءَ جي درشن
لاءِ اچي ٿو.
آٽو رڪشا ڊرائيور ونود ڪمار ٻڌايو ته ”اهڙو ئي ڀلارو ڏينهن هن
مندر جو اڄ آهي ان ڪري تمام گهڻي رش آهي ۽ ماڻهو
پري پري جي ڳوٺن کان ڪهي هتي آيا آهن جن مان گهڻو
تعداد ته ڪيل سکا موجب پيرين پنڌ پهچي ٿو.“ ماڻهن
۾ گهڻو تعداد واقعي ڳوٺاڻن جو نظر اچي رهيو هو جن
۾ به عورتون ۽ ٻار گهڻا هئا. مندر ۾اندر گهڙڻ لاءِ
گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلو ميٽر جي ڊگهي قطار هئي. ڪيتريون
عورتون مندر جي پهرين چائنٺ ٽپڻ کان وٺي اندر
تائين پٽ تي ليٽي ٺونٺين ۽ گوڏن جي زور تي
Crawling
ڪري (ليٿڙيون پائي) اڳتي وڌي رهيون هيون. مندر جي
ٻاهران مين روڊ تي مندر ۾ پرساد ڏيڻ لاءِ ناريلن،
رومالن، مٺن مرمڙن ۽ چانورن جهڙين شين جا دڪان فٽ
پاٿ تي ائين هئا جيئن ڪراچيءَ ۾ عبدالله شاهه
غازيءَ جي مقبري ٻاهر آهن. ماڻهو، خاص ڪري
ڳوٺاڻيون عورتون اخبار جي پني يا ٿالهه ۾ اهي شيون
رکي قطار ۾ بيٺل هيون جيڪا قطار بيحد آهستي اڳتي
وڌي رهي هئي. هڪ عورت جنهن کان پرساد جو ٿالهه وٺي
منجهس رکيل شيون ڏٺم تنهن ٻڌايو ته هوءَ ڀر واري
ڳوٺ کان صبح جو چئين بجي پيرين پنڌ نڪتي آهي ۽ هن
قطار ۾ بيٺي به ٻه ڪلاڪ ٿي ويا اٿس ۽ اڃا به لڳي
ٿو ته ديويءَ جي درشن تائين پهچڻ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ لڳي
ويندو. ڀر ۾ ويٺل هڪ ٻي عورت کي سندس ننڍڙو ٻار به
تنگ ڪري رهيو هو ۽ هوءَ ٿڪجي به پئي هئي پر هن
ٻڌايو ته هوءَ گهران پڪو پهه ڪري هن مندر لاءِ
نڪتي آهي ۽ هاڻ ڀلي سڄو ڏينهن لڳي وڃي هوءَ واپس
نه ويندي ۽ هن کي يقين آهي ته ڪالڪا ديوي جيڪا هن
تي بيحد مهربان آهي اها سندس دل جو مرادون پوريون
ڪندي.
آئون به مندر اندران ڏسڻ خاطر ڪجهه دير قطار ۾ بيٺس پر ڪجهه
ماڻهن جي پيهه پيهان ۽
Suffocation
ڪري ۽ ڪجهه ٻارن جي اتي جو اتي هنگڻ مٽڻ جي ڌپ ۽
لوبان ۽ ٻين مسالن جي سڙڻ جي تکي بوءِ ڪري ۽ ڪجهه
آٽو رڪشا ڊرائيور جي نماڻين اکين کي ڏسندي جنهن جو
وقت وڌيڪ ڪمائتو هو مون هاڻ موٽڻ جي ٿي ڪئي پر
پوءِ هڪ ٻائي جنهن سان ٻاهر فوٽو ڪڍرايم سو ٻين کي
منهنجي نالي اهو چوندي ته فارينر آهي ۽ ڪلاڪ بعد
فلائيٽ اٿس، ٻين پوڄارين کي هٽائي مون کي اندر
تائين نه فقط وٺي هليو پر فوٽو پڻ ڪڍڻ جي اجازت
وٺرائي ڏنائين. ان
Service
جا مون ان ٻائي کي ڪجهه پئسا آفر ڪيا جيڪي هن
ڏکيائيءَ سان مڃي قبول ڪيا. بهرحال ان ٻائي کي يا
مون مندر ڏسڻ جي خوشي ٿي يا نه پر اسان جي ڊرائيور
جي من جي مراد ضرور پوري ٿي وئي جو مون کي جلد
وارو ملڻ ڪري جهٽ موٽڻو پيو ۽ هن جو وقت بچي پيو.
هن مندر جي ٻاهران ئي بهائي ڌرم جي ماڻهن جو ڪنول مندر آهي ۽
ٿورو رڪشا ۾ هلي ڪنول مندر جي وڏي در تي لٿاسين
جنهن جي پاسي کان اڇي رنگ جي وڏي پٿر تي سونهري
اکرن ۾ لکيل آهي:
Bahai House of Worship
ڀائي ڌرم جا ڪيترائي ايراني پنهنجي ملڪ ۾ به رهن
ٿا. خاص ڪري ڪراچي ۽ لاهور ۾ هو چانهه ۽ بسڪيٽن
جون هوٽلون هلائين ٿا، انهن جي هوٽلن جي خاص نشاني
اها هوندي آهي ته پئسن وٺڻ واري ڪائونٽر مٿان فريم
۾ ”يا بهائي“ جهڙا لفظ لکيل ٿين ٿا. هتي انڊيا ۾
پارسين وانگر (جيڪي باهه جي پوڄا ڪن ٿا ۽ ايران جي
شهر پارس کان اسان جي ننڍي کنڊ ۾ آيا) هي بهائي به
تمام گهڻا رهن ٿا ۽ سندن بهائي عبادت گهر انڊيا جي
هن شهر دهليءَ کان علاوه ڪمپالا (يوگنڊا) شڪاگو
(USA)
فرئنڪفورٽ (جرمني) سڊني (آسٽريليا) پاناما ۽ دنيا
جي ٻين شهرن ۾ آهن. هي دهليءَ وارو سندن عبادتگاهه
”ڪنول مندر“ ان ڪري سڏجي ٿو جو هتي جي عمارت جو
گنبذ ڪنول جي گل جي شڪل جهڙو آهي. مندر جي چوڌاري
وڏي ڀت ڏنل آهي ۽ دهليءَ جهڙي شهر ۾ جتي پٽ جي
قيمت آسمان سان ڳالهيون ٿي ڪري هي مندر سوين ايڪڙن
تي پکڙيل آهي.
”بهائي عبادت گهر خدا جي عبادت جو مرڪز آهي، هتي خاموشيءَ سان
ويهي هڪ انسان پنهنجي پيدا ڪرڻ واري جي لاءِ خاموش
محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪري ٿو.“ هتي جو گائيڊ مون
کي ۽ ٻين آيل ٽوئرسٽن کي هن عبادت گهر بابت روز جا
رٽيل جملا ٻڌائيندو هلي ٿو، ”بهائي عبادت گهر سڀني
مذهبن لاءِ کوليو ويو آهي.“
هن عبادت گاهه جي زمين 1953ع ۾ خريدي وئي هئي ۽ تعمير جو ڪم
1980ع کان شروع ٿيو. جيڪو 1986ع ۾ مڪمل ٿيڻ بعد
پبلڪ لاءِ کوليو ويو. هن عبادت گاهه جي پهرين ماڙ
تي انتظام هلائڻ لاءِ آفيس ۽ ٻئي طرف لائبريري ۽
پبلڪ لاءِ سلائيڊ شو لاءِ ڌار هال آهي.
هتي جي هڪ عالم جي چواڻي ”بهائي دين هڪ مستقل عالمگير دين آهي
جنهن جو ظهور 1844ع ۾ ٿيو، بهاءَالله هن دين جو
دور شروع ڪيو جنهن جي پيدائش هڪ معزز ۽ ممتاز وزير
جي گهر ۾ 1817ع ۾ ايران ۾ ٿي. کيس خدا جي طرف کان
پهريون دفعو 1853ع ۾ تجلي نظر آئي. ان کان پوءِ
کيس بغداد جلاوطن ڪيو ويو جتي ڏهه سال رهڻ بعد هن
پنهنجو پاڻ کي دين جو پيشوا هجڻ جو اعلان ڪيو،
جنهن بعد کيس ڪجهه عرصو اتي جي هڪ ٻي شهر ۾ قيد
رکڻ بعد 1868ع ۾ فلسطين آندو ويو جتي جي شهر عڪا ۾
هن کي وري قيد ڪيو ويو، جتي هن 1892ع ۾ وفات ڪئي.
بهائي دين جي هندستان ۾ آمد سن 1844ع ۾ سندس جيئري
ئي ٿي وئي هئي....“
بهرحال ڪجهه گائيڊ جو ليڪچر ڪنن سان ٻڌندي ڪجهه هن عبادت گهر جي
سهڻي عمارت ۽ مختلف ملڪن ۽ هندستان جي مختلف شهرن
کان آيل ماڻهن جي خوبصورت چهرن ۽ سندن ويس وڳن کي
ڏسندي اچي ٻاهر نڪتاسين. هڪ خوبصورت نيپالي عورت
جو فوٽو به ڪڍيم، بلڪه اڪيلو ڏسي فوٽو لاءِ
چيومانس ته پيهه ۾ بيڍل سندس مڙس ڏي موڪل وٺڻ
لاءِ هلي وئي تنهن مون کي غور سان ڏسي کيس مون سان
گڏ فوٽو ڪڍائڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. جيڪا ويهه ٽيهه
سال کن اڳ واري الطاف کي هرگز نه ملي ها جڏهن هو
جوان هو.
رڪشا وارو انتظار ڪري رهيو هو: مون کي پنهنجي رڪشا سڃاڻڻ ۾ دير
نه لڳي جو ڪنول مندر جي ٻاهران اهائي هڪ رڪشا بيٺل
هئي. رڪشا وارن جي اسٽرائيڪ ڪري رستن تي به ڪا
ورلي رڪشا نظر آئي ٿي. مندرن ۽ ٻين عمارتن ۽ پارڪن
ٻاهران جتي روزانو ڪيتريون ئي رڪشائون نظر اچن
ٿيون اڄ هڪ به نه هئي. ڪنهن هنڌ ڪا هڪ ٻه هيون ته
ڪنڊ پاسي ۾ بيٺيون هيون ۽ ڊرائيور غائب هئا. آئون
جيئن ئي رڪشا ۾ ويٺس ته هڪ موالي ٽائيپ سيپڪڙي
سگريٽ جو ڪش هڻي مون واري ڊرائيور انود کي چيو
ته”سواري اڻهاني کي منع هي.“
”وڃ ڙي گرا. تون ڪير ٿيندو آهين مون کي جهلڻ وارو.“ ڊرائيور ڊڄڻ
بدران رعب سان چيس.
”اڇا اها ڳالهه آهي.“ سڪل دادا پنهنجي کيسي مان موبائيل فون ڪڍي
ان جي نمبرن تي هٿ رکيو. يعني ٻين دادائن يا آل
رڪشا جماعت جي ليڊرن کي اطلاع ٿو ڪريان، پر مون
واري ڊرائيور به يڪدم پنهنجي کيسي مان موبائيل فون
ڪڍي چيس: ”اڙي ڪنگلا تون ڌوئنس ڪنهن تي ٿو ڄمائين؟
تون سمجهين ٿو ته رڳو تو وٽ موبائيل فون آهي. ڪر
پڻهين کي فون ته آئون تنهنجي ماءُ پوليس کي فون
ڪيان.“
مون سمجهيو ته هاڻ ٿو جهيڙو ٿئي ۽ مون کي گهر تائين پنڌ وڃڻو
پوي پر سڪل دادا پنهنجي فون کي کيسي ۾ وجهي چيس:
”چڱو تون موٽي اچ ته توکي ڏسان ٿو.“
”اجهو ٿو موٽان جيڪي ڪرڻو اٿئي اهو ڪجانءِ.“ اسان واري ڊرائيور
هن کي چئي مون کي وري پهرين مندر ڏي وٺي ويو جتي
مون کي اڃا ڪجهه فوٽو ڪڍڻا هئا. مندر جي ٻاهر
دڪاندران حوالي رڪشا ڪري ڊرائيور مون سان گڏ مندر
۾ هليو جتي هڪ ٻائي کي کيڪار ڪري مون کي هن جي
حوالي ڪيو ته جيڪي وڻنم فوٽون ڪڍان. واپسيءَ تي
رڪشا ۾ اچڻ وقت دڪاندارن کيس چانهه پيئڻ لاءِ
چيو.
”لڳي ٿو تنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪافي آهي.“ مون ونود ڪمار ڊرائيور کي
چيو.
”سائين مون هنن ٻنهي مندرن تي ڇهه سال ڪنسٽرڪشن جو ڪم ڪيو آهي
سو هن تر جا ماڻهو مون کي سڃاڻن ٿا.“ واپسيءَ تي
مون کي لڳو ته سنهو سڪل داداگير اسان جو ڳٽ جهليو
بيٺو هوندو پر اهو غائب هو.
”ڪڏانهن ويو سوير وارو دادا؟“ مون ڊرائيور کان پڇيو.
”هن ملڪ کي دارونءَ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ٽڪي ٽڪي جا ڇورا چاڙهيو
بوتل پاڻ کي ڦوس مان فتح خان ٿا سمجهن. هاڻ اهو ڇا
جهيڙو ڪندو جيڪو پنهنجين ٽنگن کي سڌو نٿو رکي
سگهي. گهر ۾ جوڻس خرچ هلائڻ لاءِ ڪو يار پئي
ڳوليندي هوندي پاڻ هليو آهي ٻي بوتل لاءِ پئسا
ميڙڻ...“
”شراب لڳي ٿو ته سستو هجڻ ڪري گهڻو پيتو وڃي ٿو.“ مون کيس چيو.
”سستو هجي يا نه هتي جي غريب عوام پيئڻ جي عادي ٿي چڪي آهي.
مهانگو ٿيندو ته به پيئڻ نه ڇڏيندا. جوءِ ۽ ۽ ٻار
به گروي رکي بوتل وٺندا. سرڪار به چپ آهي جو سندس
وڏي ڪمائي شراب مان آهي.“
ڊرائيور رستي تي هڪ ٻيو ننڍڙو مندر، ڪالي مندر، هوچي منهه روڊ
تي هيلٿ سينٽر ۽ اڳتي هارٽ اسنٽيٽيوٽ جون عمارتون
ڏيکاريندو مٿرا روڊ تي روڊ تي چڙهيو جيڪو ائين آهي
جيئن ڪراچيءَ جو ايم اي جناح روڊ. رستي تي ڪيترائي
فلاءِ اوور آيا جن جي هيٺان گهٽ اهم روڊ گذري ويا
هئا. آئون هيڏانهن هوڏانهن بسين، ٽرڪن رڪشائن جي
پيهه پيهان، هر هنڌ ماڻهن جا درياء ۽ مختلف عمارتن
کي ڏسندو رهيس ۽ علائقن ۾ رستن جا بورڊ پڙهندو
رهيس. انڊيا اچڻ کان اڳ پنهنجي بنگالي جهازي دوست
چيف انجنيئر بديع زمان سان ملاقات ٿي هئي. تنهن کي
انڊيا وڃڻ جو ٻڌايم، ”تو ته ڪيترائي دفعا ڏٺي
هوندي.“ مون کانئس پڇيو.
”ها بنگلاديش بعد مڙيئي ٽي چار دفعا باءِ روڊ انڊيا ويو آهيان.
هينئر به منهنجي جهاز جي روٽ چٽگانگ، ڪلڪتو،
چنائي، بمبئي، ڪراچي آهي.“ هن ٻڌايو.
”ڀلا اهو ته ٻڌاءِ ته انڊيا جا شهر ڪيئن ٿا لڳن. تو ته سڄي دنيا
ڏٺي آهي.“
مون کانئس پڇيو ۽ جواب ۾ مون انڊين فلمون ڏسي جيڪو انڊيا جي
شهرن جو تصور ٺاهيو هو اهو يورپ جي شهرن جهڙو نه
ته بيروت، دبئي، ڪوالالمپور، سنگاپور جهڙو ضرور هو
پر جڏهن جواب ۾ بديع زمان ٻڌايو ته انڊيا جا شهر
بنگلاديش جي چٽگانگ ۽ ڍاڪا جهڙا ٿا لڳن ته مون کي
تعجب لڳو هو.
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيومانس.
”اڙي ڀائي ڇا مطلب ڇا. بس جيئن چٽگناگ ڏٺو اٿئي. جتي ڪٿي غربت،
عوام، گندگي...“ هن وراڻيو.
”۽ پاڪستان؟“ مون پڇيو هئومانس.
”اهو ان جي مقابلي ۾ صاف سٿرو ۽ گهٽ آدمشماري وارو آهي، ماڻهو
اڇن اجرن ڪپڙن ۾ فضيلت وارا ٿا لڳن، اسلام آباد
جهڙو شهر ته يورپ وانگر ٿو لڳي.“ هن وراڻيو.
”پر فلمن ۾ مون ڏٺو آهي ته انڊيا جا شهر تمام سٺا آهن. سهڻا
سهڻا پارڪ خوبصورت رستا، حسين عورتون، يورپ وانگر
اوچيون عمارتون، هوٽلون ۽ ماڊرن ڪلب...“ مون بديع
کي چيو هو.
”صحيح ٿو چوين، ائين ضرور آهي پر انڊيا جي شهرن جا فقط ڪجهه حصا
جيڪي کڻي پاڪستان جي شهرن کان سهڻا ۽ امير هجن. پر
هتي اسان جنرل ڳالهه پيا ڪريون. ائين ته نيويارڪ
شهر جي هارلم علائقي ۾ غريب ۽ موالي شيدي ڪچري جي
دٻي مان ڊبل روٽي ڪڍي پيا کائين. ان جو مطلب اهو
ته نه ٿيو ته سڄو آمريڪا يا نيويارڪ غريب آهي.
اهڙي طرح انڊيا جي شهرن جا ڪجهه حصا بهتر آهن.“ ۽
هاڻ جڏهن هفتي ٻن کان آئون دهلي ۽ ڀر وارن شهرن ۾
ڦري رهيو آهيان ته بديع الزمان جي ڳالهه صحيح ٿي
لڳيم.
آئون دهليءَ جي گهٽين جي گندگي، مين روڊ تي رستو بلاڪ ڪندڙ ۽
ڇيڻا لاهيندڙ ڍڳين، فٽ پاٿ ۽ ڀتين اڳيان
Zip
کولي پيشاب ڪندڙ ماڻهن، ڪچري جي دٻن اڳيان ڦرندڙ
رول ڪتن ۽ اٿليل گٽرن ۾ ڀريل ڪاري رنگ جي سوئرن
تان ڌيان هٽائي هيڏانهن هوڏانهن سهڻن پارڪن، مختلف
اسڪولن مان نڪرندڙ، يونيفارمن ۾ سمارٽ ۽ ڊسپلينڊ
ٻار، هتي جي ٺهيل ننڍڙين ۽ چمڪندڙ گاڏين کي ڏسان
ٿو ۽ بورڊ پڙهڻ شروع ڪيان ٿو:
مولچند اسپتال،
نهرو پليس ايسٽ،
نهرو پليس بس اسٽاپ
ايروز سئنيما هال، جنهن ۾ وير زارا فلم لڳل آهي.
لجپت نگر
نظام الدين ايسٽ
نظام الدين ويسٽ ۽ ان کان ٿورو اڳيان حضرت نظام الدين اولياء
ريلوي اسٽيشن ۽ روڊ پڻ. اڳتي هلي حضرت نطام جي
درگاهه جنهن کي ۽ جاميه مليه يونيورسٽيءَ کي ڏسڻ
لاءِ ڪنهن ٻئي ڏينهن نڪرندس.
ٿورو اڳيان جتي کاٻي کان لوڌي روڊ اچي ٿو هن مين روڊ مٿرا تي
لڳي ان تي مغل شهنشاهه همايون جو مقبرو آهي. مغلن
جي سلطنت ۾ هندستان ۾ ڪجهه عرصي لاءِ اهڙيون به
حالتون پيدا ٿيون جو همايون پنهنجي جان بچائڻ لاءِ
دهلي ڇڏي اچي ٿر جي ڏورانهين شحر عمرڪوٽ ۾ رهيو
جتي کيس شهنشاهه اڪبر چائو جيڪو همايون کان پوءِ
هندستان جو وڏي اثر رسوخ وارو بادشاهه ٿيو. آٽو
رڪشا واري کي ترسائي فوٽو ڪڍان ٿو ۽ دل ۾ هڪ
واٽهڙو خيال اچي ٿو ته همايونءَ کي ڪهڙي خبر ته
سندس مرڻ کان 450 سال رکي مون جهڙو ڪو متوالو سندس
مقبري جو اچي فوٽو ڪڍندو ۽ جنهن بادشاهن سان نفرت
هجڻ ڪري انٽر ۾ تواريخ بدران جاگرافيءَ جو سبجيڪٽ
کنيو. واپسيءَ تي رڪشا وارو لوڌي روڊ تان وٺي آيو
هو، جتي دهليءَ جو مشهور ڪاليج ديال سنگهه آهي، ۽
هڪ پاسي لوڌي گارڊنس آهي ته ٻئي پاسي جو باغ آهي ۽
جتي لوڌي روڊ پرٿوي راج روڊ ۽ صفدر جنگ روڊ سان
اچيو ٿو ملي اتي صفدر جنگ جو مقبرو ۽ ڀر ۾ ايئرو
ڪلب آهي جنهن جي پهرين ماڙ تي رکيل ان جهاز جو
ماڊل رستي تان لنگهندي چٽو نظر اچي ٿو، جنهن ۾سنجي
گانڌيءَ جو حادثو پيش آيو. انڌرا گانڌي ميموريل،
دهلي ريس ڪلب ۽ دهلي فلائنگ ڪلب به اتي ئي آهن.
صفدر جنگ هندستان جي مغل شهنشاهه محمد شاهه و وزير مرزا مقيم هو
جنهن جو مقبرو سندس فرمانبردار پٽ پنهنجي پيءُ جي
ياد ۾ 1753ع ۾ اڏرايو. مغلن جون دهليءَ ۾ جيڪي
اڏاتون ۽ مقبرا آهن انهن ۾ هي آخري مقبر آهي جيڪو
دهليءَ ۾ ٺهيو.
لوڌي روڊ تي گارڊنس وٽ لهي چانهه واري کي رڪشا ڊرائيور کي چانهه
۽ بسڪيٽ ڏيڻ لاءِ چوان ٿو ۽ آئون لوڌي گارڊنس جو
مين گيٽ ٽپي اندر واڪ ڪريان ٿو. منجهس لوڌي گهراڻي
جا ڪيترائي مقبرا آهن جيڪي پندرهين ۽ سورهين صديءَ
ڌاري ٺهيا ۽ اڄ چوڌاري ساوڪ ۽ سرسبز ڇٻر ۽ وڻن جي
وچ ۾ گلدستي وانگر آهن. انهن ۾ خاص مقبرا جن جا
نالا پڙهي نوٽ ڪري سگهيس يا هن وقت ياد اٿم اهي
آهن. سڪندر لوڌي جو مقبرو، جيڪو سندس پٽ ٺهرايو ۽
محمد شاهه جو مقبرو جيڪو سيد گهراڻي جي مختصر
حڪومت جو ٽيون حاڪم هو. انهن جي ڀر ۾ هڪ ”بڙا
(وڏو) گنبذ“ ۽ هڪ ”شيش گننذ“ پڻ سڏجن ٿا، شيش گنبذ
لاءِ چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ ان تي بلو رنگ جون
ٽائليون لڳن هيون جيڪي سج جي روشنيءَ ۾ چمڪنديون
هيون ان ڪري ان جو نالو شيشي وارو گنبذ پيو. گنبذ
تي گلن ۽ قرآني آيتن جي چٽسالي ٿيل آهي.
مٿي ذڪر ڪيل همايون جو مقبرو به ڏسڻ جهڙو آهي خاص ڪري آرڪيٽيڪچر
جي خيال کان. اهو مقبرو همايو جي زال حاجياڻي بيگم
سورهين صديءَ ۾ ٺهرايو هو ۽ ڪيترائي ته اهوئي چون
ٿا ته تاج محل بعد ٻي ڪا سهڻي شيءِ انڊيا ۾ آهي ته
همايون جو مقبرو آهي.
رکي رکي شير شاهه روڊ ۽ ٻين مسلمانن جي نالن وارا روڊ، گهٽيون ۽
مارگ (شاهراه) ڏسي تعجب ٿئي ٿو ته هتي پراڻا نالا
اڃا تائين قائم آهن. کين هندو نه بنايو ويو آهي،
جيئن اسان وٽ ڪيترن روڊن ۽ باغن تي مسلمانن جا
نالا رکي انهن کي مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
آهي. آئون حيرت مان اهڙن مسلمانن جي نالن وارن
رستن جا فوٽو ڪڍان ٿو ۽ اهو به تعجب لڳيلم ٿو ته
دهليءَ جي رستن جا نالا ته فقط انگريزيءَ ۽ هندي ۾
لکيل آهن پر اردوءَ ۾ پڻ. هتي رهندڙ هڪ هندو ٻڌائي
ٿو ته اهو ان ڪري جو دهليءَ جي هندي بعد ٻيو نمبر
اردو سرڪاري زبان آهي.
”۽ ڀلا هيءَ چوٿين زبان ڪهڙي آهي، جنهن ۾ پڻ ڪجهه وڏن رستن جا
نالا لکيل آهن؟“ آئون هن کان پڇان ٿو.
”اها گرمکي آهي، پنجابي صوبي جي زبان، جيڪو صوبو دهليءَ سان
مليل آهي.“ هو مون کي ٻڌائي ٿو.
لوڌي ۽ همايون جي مقبرن وٽان لنگهندي بابر جون ياذگيرون ڪتاب جو
اهو صفحو ياد ٿو اچي جنهن ۾ هن پاڻيپٽ جي ميدان ۾
ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽
ابراهيم جي محل ۾ اچي داخل ٿيو، جيڪو محل تن ڏينهن
۾ آگري ۾ هو. بعد ۾ مغلن دهليءَ کي گاديءَ جو هنڌ
بنايو، ظهير دين بابر مغل خاندان جو پهريون
شهنشاهه سن 1483ع ۾ ڄائو (۽ 1530ع ۾ وفات ڪيئاين)
پاڻ تيمور ۽ چنگيز خان جي اولاد مان هو. ٻارهن
سالن جي عمر ۾ هن کي فرغانا (ترڪستان جي علائقي)
جو سردارو بنايو ويو. 21_22 سالن جي عمر (سن1504ع
۾) هن جو سڄي ڪابل تي قبضو ٿيو ۽ هندستان تي پنجون
دفعو 1526ع ۾ حملو ڪرڻ تي هو ڪامياب ٿيو ۽ سندس
گهراڻي مغل خاندان جي هندستان تي ڊگهي حڪومت رهي
جيڪا وڃي 1858ع ۾ ختم ٿي جڏهن انگلينڊ جي مهاراڻي
وڪٽوريا هن ملڪ جو تخت ۽ تاج پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.
Ambition admits not of inaction
The world is his who exerts himself.
In wisgom`s eye, every condition
Many find repose, but roalty alone.
اهو خميس جو ڏينهن هو، رجب جي 28 تاريخ (10 مئي 1526ع) اڳين
نماز کان ڪلاڪ کن اڳ آئون آگري ۾ گهڙيس ۽ هندستان
جي طاقتور حاڪم سلطان ابراهيم لوڌيءَ جي محلات تي
اچي وارد ٿيس...“ بابر پنهنجي ياداشتن جي ڪتابن ۾
لکي ٿو: ”حضور ڪريم ﷺ جن جي ڏينهن کان وٺي اڄ
ڏينهن تائين، فقط ٽن ڌارين بادشاهن هندستان تي فتح
يابي حاصل ڪئي ۽ ان جا طاقتور شهنشاهه بڻيا. انهن
مان هڪ سلطان محمود غزنوي (1030ع_ 997ع) هو، ٻيو
سلطان شهاب الدين غوري (1203ع_ 1157ع) ۽ ٽيون
مابدولت آهيان پر منهنجي ڪاميابي باقي ٻن حاڪمن
کان وڌيڪ حيثيت رکي ٿي جو مون کي ڪنهن جي مدد نه
هئي. هندستان ٽڪرن ۾ ورهايل هجڻ بدران هڪ ئي
بادشاهه جي هٿ هيٺ هو. مڪاني ماڻهن ابراهيم لوڌيءَ
جي مڃي ٿي ان ڪري هن جو لشڪر منهنجي سپاهه کان
تمام وڏو هو پر منهنجو رب پاڪ ۽ پڪو ڀروسو ۽ يقين
هو ته مون کي ضرور ڪامياب ڪندو. هيءَ فتح يابي
آئون پنهنجي سگهه ڪري نٿو سمجهان ۽ نه هي ڀاڳ
پنهنجين ڪوشش ڪري حاصل ڪيا آهن پر هي سڀ ڪجهه رب
پاڪ جي مهرباني آهي...“
ٺهيو چئبو ته ان وقت جا حاڪم به هر ڳالهه کي مذهبي رنگ ڏيندا
هئا. سچ چيو آهي ڊاڪٽر مبارڪ. تاريخ جي نقاد، تي
هي جنگيون سياسي ۽ مالي طاقتون حاصل ڪرڻ لاءِ حاڪم
ڪندا رهيا پوءِ ان کي نالو کڻي اسلامي ڏنائون. ڇا
اسان جي نبي ڪريم ﷺ هنن وانگر جنگيون ڪري پوءِ محل
محلات اڏي عيش جي زندگي گذاري جو هي حاڪم پنهنجي
ويڙهه ۽ قبضي کي اسلامي رنگ ٿا ڏين.
آئون دهلي گولف گرائونڊ اڳيان رڪشا کي بيهاري ان جي دروازي
اڳيان ۽ ٿورو اڳتي اوبراءِ هوٽل اڳيان فون جي ڳولا
ڪريان ٿو. هڪ هنڌ پي سي اور ڏسي ڳوٺ فون ڪريان ٿو
ته ۽ دير ٿي وڃڻ تي رڪشا ڊرائيور جي شڪل جو پنو
پڙهان ٿو ته هو ڪٿي دل ۾ ته نه پيو ڪري. پر هو
شانت آهي هن جي چهري تي ڪا ڪاوڙ يا پريشاني جي ليڪ
ناهي. ۽ واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هتي جا ڊرائيور
ايترو هٻڇي ۽ لالچي نه آهن، ڪراچيءَ جي مقابلي ۾
ڀاڙا به گهٽ آهن. اڍائي ٽن ڪلاڪن جي ٻولايل وقت
کان اڌ ڪلاڪ مٿي ٿي ويو ته به منهنجي لهڻ وقت هن
نه دل ۾ ڪيو ۽ نه وڌيڪ پئسن جي گهر ڪئي. هن هلڻ
وقت ٻولايل ساڍا ٽي سؤ روپيا ئي ورتا ۽ جڏهن کيس
هٿ تي پئسا رکيم ته هو خوشيءَ مان نوٽن ۽ رڪشا کي
چمڻ لڳو يعني ان رڪشا ڪري ئي هن کي روزگار مليو
آهي. پڇيومانس جيڪي روز ڪمائين اهو ڇا تي خرچ
ڪرين.
”گيس جا پئسا ڪڍي باقي جو اڌ رڪشا لاءِ رکندو آهيان ۽ باقي اڌ
گهر جي خرچ لاءِ، پوءِ اهو اڌ ڪڏهن چاهي ايترو گهٽ
هجي جو هڪ ويلو مس کائي سگهون.“
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
”ان ڪري جو آئون نٿو چاهيان ته رڪشا خراب ٿي پوي ۽ مون وٽ ان جي
مرمت لاءِ پئسو نه هجي، ٻي ڳالهه ته آئون سڄي عمر
رڪشا هلائڻ نٿو چاهيان، هن کان اڳ آئون سائيڪل
رڪشا هلائيندو هوس پوءِ ٻن سالن اندر پئسو بچائي
هي آٽو رڪشا ورتي اٿم ۽ هاڻ ٽيڪسي (ڪار) وٺڻ لاءِ
قسطون ڏيئي رهيون آهيان.“
”ان بعد؟“ مون کلندي چيومانس.
”ان بعد ۽ منهنجو آخري مقصد ٽيمپو خريد ڪرڻ جو آهي.“ هن چيو.
انڊيا ۾ ٽيمپو ان ٽرڪ کي چئجي ٿو جيڪا مال ڍوئي ٿي جيئن پاڻ وٽ
سوزوڪي ۽ مزدا گاڏيون سامان کڻڻ لاءِ ٿين. هي
ٽيمپو گاڏيون وڏيون ٽرڪ ۽ مزدا جي وچ جي سائيز جون
ٿين. انڊيا جو اهو هڪ عام ڪلچر ٿي چڪو آهي چاهي
هندو هجي يا مسلمان (سک ته شروع کان ڪفايت شعار
هئا) ته هو ڪمائيءَ کان وڌيڪ بچت ۾ يقين رکن ٿا.
هو جو انگريزيءَ ۾ چوڻ آهي ته :
It is not the salary but saving that counts.
ان تي ڀروسو ۽ عمل ڪن ٿا، هٿ ڦاڙ ۽ اجايا خرچ ڪرڻ بدران هر هڪ
انڊين بچت کي ترجيح ڏئي ٿو چاهي هن جو پگهار گهڻو
هجي يا ٿورو اهوئي سبب آهي جو هندستان عام طور
غريب هجڻ جي باوجود ان جي هر ايندڙ جنريشن پهرين
کان بهتر ٿيندي وڃي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو اسان
جهڙن ملڪن کان اڳ ۽ سگهوئي غربت جي ليڪ کان ٻاهر
نڪري وڃن. اسان وٽ، انڊيا جي مقابلي ۾ بچت جو ايڏو
Concept
ناهي. نتيجي ۾ اسان وٽ ڪيترا وڏيرا، پير،
ڪارخانيدار وغيره جيڪي ٻاهران شو شا مان ته ڏسبو
ته وڏا تونگر آحن پر اندروني طرح قرضي ٿيا پيا آهن
۽ سندن سوچون رڳو نيگيٽيو چرخا پيون هلائين ته هاڻ
ايندڙ اليڪشن ۾ ڪا وزرات ملي ته پراڻا قرض به
لاهيون، ڪا رشوت جي نوڪري ملي ته منهن کڻي
هلون.... پر لڳي ٿو ته معاشرو هاڻ اهڙي انتها ۽ بي
وسيءَ جي حد تي پهچي ويو آهي جو اسان کي ان معاملي
۾ انڊيا جي ماڻهن کان سبق سکڻو پوندو.
”سائين پهرين انڊيا گيٽ هلون يا پهرين خان بازارا؟“ رڪشا واري
مون کي ماٺ ۾ ڏسي پڇيو.
”پهرين انڊيا گيٽ هل.“ مون هڪدم الرٽ ٿيندي چيومانس، مون کي
دراصل ڪجهه شيون وٺڻيون هيون جيئن ته بوٽ پالش
وغيره. دهليءَ جي رستن تي هلي هلي شام تائين
منهنجي بوٽن تي مٽيءَ جو تهه چڙهي ويو ٿي جنهن کي
صاف ڪرڻ ٿي چاهيم. ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ کتو ٿي خاص
ڪري
Ariel
صابڻ جون روپئي روپئي واريون پڙيون جنهن جي هر هڪ
مان چار پنج ڪپڙا فرسٽ ڪلاس ڌوپي ٿي ويا. شاديءَ
تي آيل ڄڃ وارا ڪپڙن سان بيگون ڀري آيا هئا. آخري
ڏينهن ۾ ادي وينجهار جي ڌيءَ ڪرن جيڪا سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ زولاجيءَ ۾
M.Sc
پئي ڪري ۽ سندس ڪمرو منهنجي ڪمري جي سامهون آهي،
تنهن کان پڇيم ته ڪيترا وڳا آندا اٿئي؟
”انڪل ارڙهن.“ هن وراڻيو.
”شاباس هجئي ڇوڪري! سفر ۾ ايڏو بار کڻبو آهي.“
”انڪل ڇا ڪجي شاديءَ جي ڪري ۽ سي به هڪ نه ٻه آهن ۽ روز دعوتون
۽ گهڻ پيو ٿئي.“
”تڏهن به
One should teavel Light.“
”انڪل توهان کي خبر آهي ته سروج ڪيترا وڳا آندا آهن؟ پورا 26
وڳا جيڪي هن روز هڪ پائڻ جي حساب سان آندا آهن.“
هن ڀر ۾ ويٺل سروج لاءِ چيو.
سروج نولراءِ جي ٻئي نمبر وڏي ڀاءُ حشمت راءِ جي ڌيءَ ۽
حيدرآباد ۾ انجينئر راڻي اوڏ جي ڀيڻ آهي. پاڻ
باٽني ۾
M.Sc
ڪئي اٿس ۽ پيٽارو جي ملٽري اسڪول ۾ پڙهائي ٿي.
”انڪل توهان گهڻا آندا آهن؟“ سروج پڇيو.
”توکي ۽ مون کي انعام ملڻ کپي.“ مون چيومانس.
”ڇو توهان به مون جيترا گهڻا آندا آهن؟“ سروج پڇيو.
”نه توکي گهڻا وڳا آڻڻ جو انعام ۽ مون کي ٿورا وڳا. فقط ٻه آڻڻ
جو انعام.“ مون ٻڌايومان.
”فقط ٻه! انڪل ڪمال ٿا ڪريو.“
”بلڪل ٻه ڪافي آهن سو به شادي هئي ان ڪري، پر توهان کي ڪو محسوس
ٿيو ۽ منهنجي بيگ ڏسو ڪيڏي هلڪي ڦلڪي آهي. بهترين
طريقو اهوئي آهي ته گهڻن وڳن جو بار کڻڻ بدران پاڻ
سان هڪ استري کڻي نڪرجي يا جنهن ملڪ ۾ وڃجي اتي
پهرين استري خريد ڪجي پوءِ ساڳي وڳي کي استري ڪري
پيو پائجي. ۽ هتي انڊيا ۾ ته استري وٺڻ جي به
ضرورت ناهي، هر گهٽيءَ ۾ ٻين روپئي وڳو استري ٿيو
پيو ملي.“ مون ٻڌايومان. ”۽ سفر ۾ ته بوٽ به هڪ
کڻجي، جاپان ۽ سئيڊن جهڙا ملڪ هجن ۽ ڊگهي رهائش
هجي ته پوءِ وڌ وڌ ۾ ٻه نه ته ايشيا جي ههڙن ملڪن
۾ ته هڪ به ڪافي آهي جو هتي بوٽ سستا ٿا ملن. ڦاٽل
کي سبائڻو هجي ته به موچي پنج روپيا ٿو وٺي. چپل
به هتي اچي ڪو سستو وٺجي ۽ پوءِ آخري ڏينهن تي
اڇلي هلجي.“
سو مون لاءِ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ سرف يا ايريل ٽائيپ پائوڊر صابڻ وٺڻ
ضروري هو. ان کان علاوه مڇر ڀڄائڻ جي اليڪٽرڪ مئٽ
وٺڻ ضروري هئي جو انڊيا جو ڪهڙو شهر آهي ۽ ان شهر
جي ڪهڙي گهٽي آهي جنهن ۾ مڇر نه آهن. هڪ مسافر کي
انڊيا يا ٻين ملڪن ڏي سفر ڪرڻ لاءِ مڇر ڀڄائڻ جو
بندوبست ضروري آهي نه ته مليريا سڀ کان وڌيڪ خراب
بيماري آهي جيڪا مڇرن ڪري لڳي ٿي. مڇرن کي ڀڄائڻ
لاءِ ميٽ ۽ اليڪٽرڪ هيٽر ڪراچيءَ کان کڻي اچان ها
پر مون کي ڄاڻ هئي ته اسان وٽ اهي ٻئي درجي جا ٺهڻ
ڪري صحيح ناهن. مئٽ يا ته ٻن ٽن ڪلاڪن. ۾ سڙيو وڃي
۽ پوءِ باقي رات مڇر پٽين ٿا وري صحيح طرح نه سڙڻ
ڪري اثر نٿيون ڪن، پر جاپان، ملائيشيا ۽ انگلينڊ
وانگر انڊيا جون مڇر ڀڄائڻ جون مئٽس به بهترين آهن
بلڪه ٻين کان سستيون به. ان تان مون کي ياد ٿو اچي
ته ملائيشيا ۾ 1985ع ڌاري ٻه انڊين ڪئپٽن آيا ۽
اچي اسان جي پاڙي ۾ رهيا. اسان وٽ مڇر ڀڄائڻ جون
اهي مئٽس (جيڪي اسان پاڪستان کان آنديون هيون ۽
اڃا ملائيشيا ۽ انڊيا ۾ به نه آيون هيون) ڏسي ايڏو
تعجب پيا کائين جو اسان کين پاڪستان کان گهرائي
ڏنيون هيون ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي انڊيا به اهي
ٺاهيون ۽ اڄ انڊيا جون اهي مشهور آهن ۽ سڄي دنيا ۾
وڪرو ٿين ٿيون ۽ پاڪستان انهن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ
بدران ماڳهين انهن ۾ کوٽ پيدا ڪئي جنهن سبب پنهنجي
ملڪ ۾ به نٿيون هلن. اهوئي عالم پاڪستان ۾ ٺهندر
مڇرن کي ڀڄائڻ واري چڪريءَ جو آهي جنهن ۾ ايڏو
سادو مال آهي جو منجهانئس پيدا ٿيندڙ دونهون مڇرن
سان گڏ انسانن جو به ساهه گهٽي ٿو. بهرحال اهي
ڪجهه شيون هيون جيڪي هتان مون کي وٺڻيون هيون ۽
رڪشار وارو هتي جي مشهور خان بازار ۾ آخر ۾ وٺي
آيو هو. خان بازار مشهور ضرور آهي. ڪپڙن، عطرن،
تحفي جي شين کا. پر سستي هرگز ناهي جو هيءَ بازار
فارينرس لاءِ آهي. توهان کي هر دڪان تي يورپي،
آمريڪن ۽ عرب نظر ايندا. دڪان ايئرڪنڊيشنڊ ۽ وڏا
آهن، هر گراهڪ کي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ٻه ٻه سيلز گرلس
اچيو حاضر ٿين پر قيمتون تمام وڏيون آهن. اسان
جهڙن غريب ملڪن جي غريب ماڻهن لاءِ دهليءَ ۾ ٻيون
کوڙ مارڪيٽون ۽ بازاريون. پر سچ ته اهو آهي جيڪو
نه فقط مون
Observe
ڪيو پر منهنجي ٻين ساٿين به ته خريداريءَ ۾ اڄڪلهه
پاڪستان جهڙو ٻيو ملڪ ناهي جتي دنيا جي هر شيءِ
ملي ٿي ۽ بيحد سستي. خاص ڪري جمع بازارين يا آچر
بازارين ۾ جتي فارين جا نوان ۽ ڪجهه استعمال ٿيل
ڪپڙا، بوٽ، رانديڪا ۽ هر شيءِ ملي ٿي. هونءَ اسان
جا ماڻهو ٻاهران شيون وٺي ايندا هئا ۽ هاڻ ٻاهر
رهندڙ پاڪستاني هتان پاڪستان مان وٺي وڃن ٿا.
”ڳالهه ٻڌ ڪناٽ پليس به وٺي هلندين؟“ مون رڪشا واري کان پڇيو.
”سائين اڄ ذرا مشڪل آهي.“ رڪشا واري چيو، ”ٻئي دفعي لال قلعو ۽
جامع مسجد وغيره هلندائو ته ڪناٽ پليس مان به
ٿيندا هلنداسين.“
”انڊيا گيٽ کان ٿورو ئي ته پري آهي.“ مون رڪشا واري کي چيو.
”سائين اها ڳالهه ناهي، چئو ته جنتر منتر وٺي هلانوَ جيڪو ڪناٽ
پليس وٽ آهي يا گول مارڪيٽ وٺي هلان جيڪا ڪناٽ
پليس کان به پرڀرو آهي پر ڪناٽ پليس ان ڪري نه جو
اتي آٽو رڪشا وارن داداگيرن جون يونينون آهن ۽ اهي
رڪشا هلائڻ کان جهليندا ته اڄ اسٽرائيڪ ۾ ڇو پيو
هلائين.“
ڪناٽ پليس مان دراصل مون کي پنهنجي
Digital
ڪئميرا جي لاءِ نئين
Chip وٺڻي هئي جيئن وڌيڪ فوٽو
Save
ٿي سگهن.
Connaught place
۾ داصل انگريزن جي ڏينهن جا ڪالونيل اسٽائيل دڪان
۽ عمارتون آهن جيئن ڪراچيءَ جي صدر ۾ زيب النساءِ
اسٽريٽ تي پراڻيون عمارتون آهن يا بولٽن مارڪيٽ ۾
ڊينسو هال ۾ آهن. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ ڪناٽ
انگريز جي نالي ڪناٽ پليس آهي. هي انگريز مهاراڻي
وڪٽوريا ۽ شهزادي البرٽ جو پٽ ۽ ايڊورڊ ستين جو
ڀاءُ وليم پئٽرڪ هو جنهن کي ڊيوڪ آف ڪناٽ جو خطاب
مليو. پاڻ فوج ۾ ڪمانڊر ان چيف جي رئنڪ تائين پهتو
۽ رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪئناڊا جو گورنر جنرل ٿي رهيو
1886ع کان 1890ع تائين انڊيا ۾ رهيو جڏهن سنگاپور
۽ ملايا کي به انڊيا کان ڪنٽرول ڪيو ويو ٿي. پاڻ
1850ع ۾ ڄائو ۽ 1942ع ۾ وفات ڪيائين. کيس ٽي ٻار،
شهزادي مارگريٽ، شهزادو آرٿر ۽ شهزادي پئٽريشيا
هئا جن مان شهزادو آرٿر سائوٿ آفريقا جو گورنر
جنرل ٿيو ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪيترن ئي شهرن، ڪيمپ
ٽائون، ڊرين، جهانسبرگ وغيره ۾ هن شهزادي ڪناٽ
نالي روڊ، رستا ۽ عمارتون آهن.
دهلي ۾ هي ٻه گول دائري ۾ رستا آهن جن ۾ هي عمارتون ۽ انهن جا
ورانڊا ٺهيل آهن جن جي چوڌاري سينٽرل پارڪ آهي.
ٻاهريون گول رستو ڪناٽ سرڪس سڏجي ٿو ۽ اندريون
ڪناٽ پليس. هونءَ عام طرح هي علائقو شاپنگ ۽
Entertainment
جو مرڪز آهي. ڪناٽ سرڪس واري گول روڊ کي چوڌاري
گهٽ ۾ گهٽ اٺ کن اهم رستا اچيو لڳن انهن مان هڪ
بابا کڙڪ سنگهه روڊ به آهي. هڪ ٻيو رستو جنهن جو
نالو بڙا کمبا به آهي. هڪ ٻيو روڊ جيڪو پڻ ڪناٽ
سرڪس کي اچيو ملي ان جو نالو پانج کنوان (پنج
کوهه) آهي، يا شايد پنج ڪوئين آهي، جنهن جي معنيٰ
ڪا ٻي هجي. هن روڊ تي خوبصورت ڏيا، بجلي جا لئمپ
انهن جا
Shade
براس، ۽ ڪاٺ جون شيون ۽ فرنيچر ۽ ٻيو گهر جي
سينگار جو سامان ملي ٿو.
دهليءَ جو مشهور جنتر منتر به ڪناٽ پليس وٽ ئي آهي جيڪا چنڊ
تارا ڏسڻ ۽ ڪئلينڊر ٺاهڻ جي
Observatory
آهي جيڪا 1719ع ۾ جيپور جي مهاراجا جئه سنگهه
ٺهرائي هئي.
رڪشا ڊرائيور مٿرا روڊ ختم ڪري ڊاڪٽر ذاڪر حسين روڊ تي چڙهيو
جيڪو پڻ ڪراچي جي بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ)
وانگر ڪافي ڊگهو آهي ۽ اچيو انڊيا گيٽ تي ڪڍي اهو
اسان جو آخري اسٽاپ هو. انڊيا گيٽ دهليءَ جي اهم
شيءِ آهي جتي هر سال آزاديءَ واري ڏينهن 15 اگسٽ
تي مارچ ٿئي ٿو ۽ شهر جا هزارين ماڻهو هن پريڊ جو
نظارو ڪن ٿا جيڪا انڊيا گيٽ سان ملندڙ هڪ ٻئي روڊ
Raj Path
تائين ٿئي ٿي. راج پاٿ وارو رستو انڊيا گيٽ کان
وٺي راشترپتي ڀون ۽ سينٽرل سيڪرريٽريٽ تائين وڃي
ٿو. راشتر پتي ڀون ۾ انڊيا جو صدر رهي ٿو جيڪو 300
ايڪڙن تي هڪ شاهي نموني جو محل آهي ۽ سينٽرل
سيڪريٽريٽ ۾ گورنمينٽ آف انڊيا جون آفيسون آهن، هي
ٻئي عمارتون نئين دهلي شهر جي اڏاوت ڪندڙ انگريز
ايڊورڊ لٽين ۽ هڪ ٻئي انگريز چارلس بيڪر 1920ع ۾
ٺهرايون هيون، جڏهن دهليءَ تي بلڪ سڄي هندستان تي
انگريزن جو راڄ جو.
انڊيا گيٽ 42 ميٽر اتاهون هڪ يادگار دروازو آهي جيڪو انڊيا جي
انهن نوي هزار سپاهين جي ياد ۾ ٺهرايو ويو هو جيڪي
ورلڊ وار پهرين ۾ مارجي ويا هئا. انهن مان 36 هزار
سپاهين جا نالا به ان دروازي تي لکيل آهن. هن
دروازي
(India Gate) جي پيڙهه جو پٿر سن 1921ع ۾ رکيو ويو هو ۽ مڪمل ٿيڻ ۾ ڏهه سال
لڳي ويا. دروازي جي وچ ۾ رائيفلون ۽ سولجر جو
ٽوپلو رکيل آهي. پاسي کان ٻرندڙ ڏيئي جي لاٽ اڻ
سڃاتل سپاهين جي مان ۾ هميشه ٻرندي رهي ٿي. ٽيڪسي
ڊرائيور کي چيم ته منهنجو هڪ ٻه فوٽو ڪڍ ته پوءِ
پاڻ واپسيءَ جي پنڌ کي ڇڪيون. منجهند جا ٻح کن ٿيا
هئا سج چوٽ تي هجڻ ڪري فوٽو گرافي صحيح نه ٿي رهي
هئي پر تڏهن به يادگار فوٽو ڪڍرائي ورتم. |