تاريخ
معصومي:
مير معصوم سکر جو رهاڪو هو، ۽ اڪبر بادشاهه جو درٻاري امير هو.
گهڻين ئي خوبين وارو شخص هو. عام ماڻهن جي ديدار
لاءِ سکر ۾ سندس ٺهرايل منارو اڃا صحيح ثالم بيٺو
آهي.
سنڌ جي عالمن ۽ محققن لاءِ وري سندس لکيل ’تاريخ معصومي‘، ’علم
جي مناري‘ واري حيثيت رکي ٿي. منجهس قلندر لعل
شهباز جو ذڪر ته آهي، پر تمام مختصر. اهو به سنڌ ۽
ملتان جي حاڪم شهزادي محمد جي احوال ۾ آيو آهي.
تاريخ فرشتي تان ورتل آهي.
مير معصوم، پاڻ مورخ، عالم ۽ شاعر هو، تڏهن به قلندر لعل شهباز
کي ’سنڌ جو بزرگ‘ ڪوٺي ٿو، سو، شايد انڪري جو
قلندر شهباز جي زماني ۾ سنڌ ۽ ملتان هڪ ئي صوبو
هو.
***
چچ نامو:
سنڌ جي تاريخ جي ٽي مکيه ذريعا آهن:
١. چچ نامو، ٢. مير معصوم جي تاريخ سنڌ، ٣، تاريخ تحفته الڪرام.
انهن ٽنهي ۾ ’چچ نامي‘ کي اولين حيثيت حاصل آهي.
بلڪ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو رايو آهي ته ’چچ نامو‘
هندستان پاڪستان ۾ تاريخي سلسلي جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو
ڪتاب آهي.
هي ڪتاب اصل ۾ عربيءَ ۾ لکيل هو، جنهن کي علي ڪوفيءَ فارسيءَ ۾
ترجمو ڪيو. پنهنجي ’پيش لفظ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هيءَ
تاريخ انهيءَ وقت لکي ويئي، جڏهن سلطان محمد بن
سام جي بادشاهيءَ جي تخت کي، ناصرالدين قباچه
پنهنجي جلوس سان سينگاريو هو.“
قباچه جي حڪومت جو زمانو سنه ٦٠٢هجريءَ کان سنه ٦٢٥هجريءَ تائين
هو ۽ سندس حڪومت جو علائقو ملتان کان عربي سمنڊ
تائين هو، جو ’سنڌ صوبو‘ سڏبو هو ۽ انهيءَ جي
گاديءَ جو هنڌ ملتان هو. قباچه، چچ نامي جي مترجم
علي ڪوفيءَ جو محسن هو، جو پنهنجو وطن ڇڏي، وٽس اچ
شريف ۾ اچي رهيو هو.
علي ڪوفيءَ جو سڄو نالو علي پٽ حامد پٽ ابي بڪر ڪوفي هو. چچ
نامي جي پيش لفظ ۾ پاڻ لکيو اٿس ته:
هن تاريخ جو لکندڙ (يعني علي ڪوفي پاڻ) جڏهن پنهنجي عمر جو هڪ
عرصو آرام ۽ نعمت ۾ گذاري چڪو تڏهن ’حادثن جي
مصيبتن ۽ زماني جي اوچتين آفتن‘ سبب، پنهنجي
اصلوڪي وطن کان جدا ٿيو ۽ ’ڪي ڏينهن‘ اچي، اچ شريف
۾ آرام ڪيائين.
سوال آهي ته علي ڪوفيءَ جي وطن ۾ اهي ”اوچتيون آفتون“ ڪهڙيون
اچي ڪڙڪيون، جو کيس پنهنجو اباڻو وطن ڇڏڻو پيو؟
چچ نامي جي تصنيف بابت سندس چوڻ آهي ته:
”محمد بن قاسم جي هٿان، هن ملڪ (هند سنڌ) ۾ اسلام ظاهر ٿيو،
سمنڊ کان وٺي ڪشمير ۽ قنوج تائين، مسجدون ۽ منبر
ٺهيا، ۽ اروڙ جي تختگاهه ۾ رهندڙ راجا ڏاهر پٽ چچ
پٽ سيلائج قتل ٿيو.هي سارو ملڪ، پسگرداين سميت،
محمد بن قاسم جي حوالي ٿيو.“
”مون چاهيو ته اهو بيان ۽ هن ملڪ جي خلق جي ڪيفيت وغيره معلوم
ٿئي، سو اهڙي تاريخ تيار ڪجي. (انهيءَ مقصد سان
معلوماتي ڪتابن جي تلاش ۾) اچ شريف کان اروڙ ۽ بکر
جي شهرن ڏانهن رخ رکيم.“
علي ڪوفيءَ جو پنڌ سجايو ٿيو. اروڙ ۽ بکر مان کيس ’چچ نامي‘ جو
عربي نسخو هٿ آيو، جنهن کي فارسيءَ ۾ ترجمو
ڪيائين. ائين ڪرڻ ۾ کيس ڪيترو وقت لڳو ۽ فارسي
ترجمو ڪهڙي سال ۾ تيار ڪيائين، انهيءَ جي ڪا خبر
ڪانهي. اهو ترجمو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ڪيترو
عرصو زندهه رهيو، تنهن جي ڪا خبر ڪانهي. ڊاڪٽر
بلوچ صاحب ايترو معلوم ڪري سگهيو آهي ته ’چچ نامي‘
کان سواءِ ٻيا ٻه ڪتاب به لکيائين، جي هي آهن:
١. ڪتاب الانساب، ٢. تنقيح الانساد في تشريح الامصارو البلاد.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق موجب، علي ڪوفي جي ولادت جو سنه ٥٥٥
هجري آهي ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي تحقيق
موجب، قلندر لعل شهباز جي ولادت جو سنه، ٥٣٨هجري
آهي. انهيءَ حساب سان هو علي ڪوفيءَ کا سترهن سال
وڏو هو. مروند جو رهاڪو هو. علي ڪوفي وري ڪوفي جي
رهاڪو هو. ٻئي شهر ٻن پاڙيسري مسلمان ملڪن ۾ هئا.
پر، ”مغلن جي فتني“ ڪري رهڻ لائق نه رهيا. ماڻهو
لڏڻ لڳا، ته هيءُ ٻئي بزرگ سنڌ ڏي لڏي هليا آيا.
انهيءَ جو مطلب وڃي اهو نڪتو ته علي ڪوفيءَ جن ”اوچتين آفتن“
اچڻ ڪري پنهنجو وطن ڇڏي، اچ شريف ۾ اچي سڪونت
اختيار ڪئي هئي، سي هيون مغلن جون ڪاهون!
*
٢٢
قلندر لعل شهباز جو ڄم:
قلندر لعل شهباز کي هن جهان مان گذرئي، ڀريا ست سؤ سال ٿيا. پر،
پاڻ ڪهڙيءَ سڳوريءَ ساعت، ماه ۽ سال ۾ تولد ٿيا،
ان باري ۾ تاريخنويسن ۽ تذڪري نگارن ۾ اختلاف آهي.
صحيح سن ۽ سال معلوم ڪونهي. پر، اها ڪا نئين ڳالهه
ڪانهي.
اڳوڻي زماني ۾ گهڻيون ڳالهيون ٻڌ سڌ تي لکي ڇڏيندا هئا، جيڪي
تحقيق ۽ تصديق کان پوءِ صحيح ثابت ڪونه ٿينديون
هيون. اهوئي سبب آهي جو وڏن وڏن مشاهيرن جي ولادت
۽ وفات جا سن ۽ سال، هڪڙن ڪتابن ۾ هڪڙا ته ٻين ۾
ٻيا لکيا پيا آهن.
حضور پيغمبر ' جن لاءِ عام روايت آهي ته سندن حيات طيبه جي هر
ڳالهه لکيل ۽ محفوظ ٿيل آهي. هندستان ۾، علامه
شبلي نعمانيءَ وڏيءَ محنت ۽ تحقيق کان پوءِ سندن سيرت
طيبه لکي آهي، جنهن کي علمي حلقن ۾ وڏي قدر جي
نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. علامه شبليءَ پاڻ سڳورن جي
ولادت جي تاريخ بابت لکيو آهي ته مصر جي مشهور
هيئتدان، محمود پاشا هڪ رسالو لکيو آهي، جنهن م
دليل ڏيئي ثابت ڪيو اٿس ته پاڻ سڳورن جي ولادت جي
تاريخ ٩ ربيع الاول مطابق ٢٠ اپريل ٥٧١ع آهي. پر،
ان کان پوءِ، شبليءَ وضاحت لاءِ فٽ نوٽ ڏنو آهي ته
”حضور ' جن جي تاريخ ولادت بابت ’اختلاف‘ آهي.
ليڪن، ايترو ’اتفاق‘ آهي ته ته ربيع الاول جو
مهينو هو، سومر جو ڏينهن هو
۽ تاريخ اٺينءَ کان ٻاهرينءَ تائين هئي، يعني
نائين هئي، يا ٻي ڪا.“
هاڻي پاڪستان ۾، عام طرح، ٻارهين ربيع الاول، پاڻ سڳورن جي
ولادت جي تاريخ مڃي وڃي ٿي. انهيءَ ئي تاريخ تي
ملڪ ۾ جلسا جلوس ٿيندا آهن. اخبارون سيرت ايڊيشن
شايع ڪنديون آهن. اسلام آباد ۾ حڪومت سيرتِ
ڪانفرنس به ڪندي آهي.
آدمشماريءَ جي هڪ اندازي موجب، دنيا ۾ پنجين پتي ماڻهو مسلمان
آهن، يعني پنجن ماڻهن ۾ هڪ ڄڻو مسلمان آهي. گذريل
چوڏهن سو ورهين جي عرصي اندر لکين، ڪروڙين انسان
هن جهان ۾ آيا هوندا، تن ۾ مسلمان ملڪن اندر الائي
ته ڪيترن عالمن ۽ محققن حضور ' جن جي ولادت جي
صحيح تاريخ ڳولڻ لاءِ ڪوششون ڪيون هونديون!
جيڪڏهن انهن سمورين ڪوششن کان پوءِ به شبلي نعمانيءَ جحڙي محقق
کي اهو فٽ نوٽ ڏيڻو پوي، ته سندس ولادت جي تاريخ ۾
البت ”اختلاف“ آهي ته پوءِ تذڪري نگارن ۽ تاريخ
نويسن ۾، جيڪڏهن قلندر لعل شهباز جي ولادت جي
تاريخ تي ”اختلاف“ هجي، ته ان ۾ حيرت جي ڳالهه
ڪانهي.
قلندر لعل شهباز جي تاريخ ولادت جي باري ۾ ڪي اهم رايا هي آهن:
١. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ سندن ولادت جو سن ٥٣٨هجري ڏنو آهي.
٢. لب تاريخ سنڌ جي مصنف، خداداد خان، سندن ولادت جو سن ٥٨٣هه
(مطابق ١١٨٧ع) ڏنو آهي.
٣. پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ مظهر شاهجهانيءَ جي
تعليقات ۾ لکيو آهي ته قلندر شهباز جي ولادت جي
تاريخ فقط ٽن ڪتابن ۾ ملي ٿي، جن مان، لاڙڪاڻي جي
گزيٽيئر ۾ ٥٣٨هجري ڄاڻايل آهي.
٤. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي ڪتابَ ’سنواح قلندر‘ ۾ لکيو
آهي ته ’بستان العارفين‘ جي مؤلف سندن ولادت جو سن
٥٦٥هجري ڏنو آهي.
٥. جناب انعام محمد پنهنجي ڪتاب ۾ سندن ولادت جو سنه ٥٧٣ هجري
(مطابق ١١٧٧عيسوي) ڏنو آهي.
٦. مرحوم محبوب علي چنا قلندر نامي سنڌيءَ جي ٻئي ڇاپي ۾ پنهنجي
فٽ نوٽ ۾ لکيو آهي ته:
منهنجي تحقيق موجب قلندر شهباز جي وفات جو سن ٦٧٣هجري آهي، ڇو
ته ٦٥٠ هجريءَ ۾ بلبن اڃا سلطانيءَ جون واڳون ڪونه
ورتيون هيون. هو صاحب ٦٦٢ هجريءَ ١٢٦٥ع ۾ سلطان
بنيو. ان حساب سان قلندر لعل شهباز جي سن ولادت ۾
به ڦيرو ايندو، جيڪڏهن سندن عمر ١١٢ سال ليکبي.
(ورنه عمر جي مدت به تحقيق طلب آهي).
***
هي احوال پڙهي، مون کي ائين خيال ۾ آيو ته انگريزن جي حڪومت ۾،
سنڌ جي ڳوٺن ۾، سنڌي پرائمري اسڪولن ۾ ڄم ۽ موت جي
داخلا جا رجسٽر رکيا ويندا هئا. قلندر لعل شهباز
جن جنهن زماني ۾ پيدا ٿيا، ان زماني جو اهڙو ڪو ڄم
۽ موت جو رجسٽر ته مليو ئي ڪونهي، جنهن کي ڏسي
سندس ولادت جي صحيح تاريخ، سن ۽ سال معلوم ڪجي.
ازانسواءِ، اڳوڻي زماني ۾،ڪاتبن جون چڪون به مشهور هونديون
هيون. لکڻ پڙهڻ ۾ انسان کان سموريءَ نيڪ نيتيءَ جي
باوجود ڪا نه ڪا غلطي ٿي ويندي آهي. ٥٣٨هه ۽ ٥٨٣هه
جا انگ اکر به اڳتي پوئتي ٿي ويا هجن، ته عجب
ڪونهي. پر، خاطريءَ سان رڳو ايترو چئي سگهجي ٿو ته
پاڻ هجري سن ٥٣٨ ۽ ٥٨٣ جي وچ ۾، ڪنهن سڳوري سال
تولد ٿيا هئا.
*
٢٣
قلندر شهباز جي ڄمڻ جو هنڌ:
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ قلندر نامي سنڌيءَ ۾ لکيو آهي ته ”سندن
ڄم ۽ نيپاج جي جاءِ مروند آهي، جو آذربائيجان ۽
تبريز ڏانهن اقليم پنجينءَ ۾ آهي. مروند شريف ۾
سندس والد ماجد سيد ڪبير الدين جو مقبرو خلق جي
لاءِ زيارت گاهه به آهي.“
حڪيم صاحب پنهنجيءَ راءِ جي تصديق لاءِ ’حديقة الاولياء‘ ۾ ڏنل
هڪڙي قصيدي جو حوالو ڏنو آهي، جنهن جي پڇاڙيءَ جو
بيت هي آهي:
دمبدم رحمت خداوندي
باد برجان شاهه مروندي.
هن بيت مان سندن ڄم جو هنڌ ”مروند“ نڪري ٿو. ”مرند“ ڪونه ٿو
نڪري.
***
خداداد خان پنهنجي ڪتاب لبِ تاريخ سنڌ ۾ لکيو آهي ته ”حضرت
عثمان مروندي (ميمندي) جي اصلي رهائش مروند
(ميمند) ۾ هئي، جو افغانستان جي مشهور شهر ’هرات‘
جي پسگردائيءَ ۾ آهي.“ گويا، خداداد خان مروند ۽
ميمند کي ساڳيو شهر سمجهي ٿو.
***
مرحوم محبوب علي چنا سيوهاڻي پنهنجي مضمون، ’قلندر شهباز
سيوهاڻي‘ ۾ هيئن لکيو آهي ته:
”سندن آباءُ و اجداد جو وطن مالوف مروند هو، جنهن کي لب تاريخ
سنڌ جي مولف، افغانستان جي هرات پرڳڻي جي قريب
ڄاڻايو آهي. مگر، ’ماثرالڪرام‘ جو مصنف لکي ٿو ته
’تذڪره مشايخ سنڌ‘ ۾ لکيل آهي ته قلندر شهباز جو
وطن مرند آهي. ’الوحيد‘ جي ’سنڌ آزاد نمبر‘ ۾ به
چيل آهي ته ”لعل شهباز آذر بائيجان (آرمينيا)
پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ مرند ۾ تولد ٿيو.“
انهن ٻنهي حوالن ڏيڻ کان پوءِ چنا صاحب پنهنجي راءِ ڏيندي چيو
آهي ته، ”حضرت لعل شهباز مرندي آهي، ۽ نه مروندي،
جيئن عام مشهور آهي.“
جيڪڏهن چنا صاحب جي خيال موجب، قلندر شهباز مرندي آهي ته پوءِ
خلق خدا کيس مروندي ڇو ٿي ڪوٺي؟ انهيءَ ڳالهه جو
چنا صاحب وٽ ڪوبه جواب ڪونهي!
اڳتي هلي لکي ٿو:
”مون کي ٻن انگريزي ڪتابن ’ايران، ماضي ۽ حال‘ از: ڊونالڊ. اين.
ولبر ۽ ’افغانستان‘ از: فريزر ٽٽلر جي مطالعي مان
معلوم ٿيو ته جتي روس ۽ افغانستان جون سرحدون اچي
ملن ٿيون، ان کان به اتر ۾، خشڪ جابلو ملڪ ۽
بيابان جي وچ ۾ هڪ وڻندر خيابان ’مرو‘ (Merve)
نالي سان آهي، جو عربن جي ڏينهن ۾، خراسان جي
اڳوڻيءَ گاديءَ جو هنڌ هو. مرو (Merve)
علم، عرفان ۽ آسودگيءَ جو مرڪز هو. سلجوقين جي
ڏينهن ۾ منجهس يونيورسٽي هئي. ڪيترن ئي سياسي
حڪمرانن جي اک ۾ هو.“
انهن انگريزي ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ چنا صاحب کي شڪ پوي ٿو ته پاڻ
شايد مرو جا ويٺل هئا، سو لکي ٿو ته:
”هاڻي جيڪڏهن افغانستان جو شهر ’مرو‘ وٺون ٿا، ته اهو مرو آهي ۽
نه مروند. سو، آذربائيجان پرڳڻي جي شهر مرند کي
لعل شهباز جو اباڻو شهر سمجهبو.“
***
قلندر شهباز ميلا ڪميٽيءَ طرفان ست سو ايڪٽيهين عرس مبارڪ جي
موقعي تي شايع ڪيل سووينيئر ’سنڌڙي جو شهباز
قلندر‘ ۾ ڏنل هڪ انگيزي مضمون ۾، جنهن جي لکندڙ جو
نالو ڄاڻايل ڪونهي) قلندر لعل شهباز جي وطن جي
باري ۾ هيئن لکيل آهي ته:
”سيد عثمان ٥٧٣هه، مطابق ١١٧٧ع) ۾، مرند ۾ ڄائو، جو آزربائيجان
جو مشهور شهر هو. ياقوت حمويءَ جي زماني ۾ (وفات
٦٢٧هه، مطابق ١٢٢٩ع) تبريز کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي
هو.
”حدود العالم“ (تاليف ٣٧٢هه ٩٨٢ع) جي مصنف لکيو آهي ته ”مرند
ننڍي بستي هئي، پر سکي ستابي ۽ آباد هئي: ان مان
ٺهيل مال جي پيداوار لاءِ مشهور هئي.“
حمدالله مستوفي پنهنجي ڪتاب ”نزهت القولب“ (تاليف ٧٤٠هه مطابق
١٣٤٠ع) ۾، مرند کي ’هڪ وڏو شهر‘ ڪوٺي ٿو، ”جنهن
جون ڀتيون (يعني’شهر پناهه‘) گولائيءَ ۾، اٺ هزار
وکون هيون.“ پر لکي ٿو ته، ”هاڻي شهر جو اڌ وڃي
بچيو آهي.“
***
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (مرحوم) پنهنجي ڪتاب ’سوانح قلندر‘ ۾
لکيو آهي ته ”سندن وطن بابت مختلف روايتون آهن.“
پوءِ، پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ”مرو“ ميمنه“
”ميمند“ يا ”ميوند“ مان ڪوبه اهڙو نالو مناسب نظر
ڪونه ٿو اچي، جنهن مان مروندي ٺهيو هجي. ان کان
سواءِ، اهي شهر آذربائيجان ۾ آهن، جتي صرف ’مرند‘
شهر جو نالو ملي ٿو. سو، چئي سگهجي ٿو ته صحيح
نالو مرند آهي، پر ”ي“ پڇاڙي وڌائڻ وقت ”و“ به
وڌايو ويو آهي.
ي ۽ و جي واڌاري لاءِ ميمڻ صاحب ڪوبه دليل ڪونه ڏنو آهي.
***
مٿين راين پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته عالم ۽ محقق قلندر لعل شهبا
زجي سن پيدائش وانگر سندن جاءِ پيدائش جي باري ۾
به متفق ڪونه آهن. بهرحال، انهيءَ باري ۾ هي
ڳالهيون اهم آهن:
(١) حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”مرند“ ۽ ”مروند“ ۾ ڪوبه فرق ڪونه ٿو
ڪري.
(٢) لب تاريخ جو مصنف، خداداد خان کين هرات جي پاسي، مروند جو
ويٺل ڪوٺي ٿو، جيڪو، سندس چوڻ موجب، افغانستان جي
حد ۾ آهي. پر، حقيقت اها آهي ته افغانستان ۾ مروند
نالي ڪوبه شهر ڪونهي. سو، هو افغانستان جي ميوند
شهر کي مروندي ڪوٺي ٿو ۽ لکي ٿو ته: ”سندس اصلي
رهائش مروند، يعني ميوند (ميمند) ۾ هئي، جيڪو هرات
جي پسگردائيءَ ۾ آهي.“
***
مون کي هي رايا پڙهڻ کانپوءِ ائين سمجهه ۾ آيو ته قلندر شهباز
جو آبائي شهر ”مرو“ هو. مرو مان مروندي لفظ ٺهيو،
سو بلڪل ٺيڪ آهي، ’اتر‘ مان ’اترادي‘ لفظ ٺهندو.
’اتري‘ ڪونه ٺهندو. مرو مان مروندي لفظ ٺهندو.
مرند مان مروندي ڪونه ٺهندو.
ٻيو ته ”مرند“ ايران ۾ آهي، پر، ڪڏهن به، ڪوبه ايراني سندن
درگاهه تي حاضري ڏيڻ ڪونه ٿو اچي. پٺاڻن جي سندس
درگاهه سان وڏي عقيدت آهي. سدائين وڏي تعداد ۾
موجود آهن. سندن تعلق افغانستان سان آهي. ملڪن جون
سرحدوين پيون مٽجن. ”وگهيه ڪوٽ“ اڳي سنڌ ۾ هو،
هاڻي هند ۾ آهي. اڳواڻي زماني ۾، مرو جو شهر اتر
افغانستان سان لاڳاپيل هوندو هو، ته ان ۾ عجب
ڪونهي.
”طبقات ناصري“ جي مصنف، منهاج سراج جو اصل وطن جوزجان هو، جنهن
جون حدون اولهه ۾ هرات، مرو (merve)
۽ مرغاب (مرغ آب) سان ملنديون هيون. اولهه طرف
”مرو رود“ جو به رستو هوندو هو، جيڪو ڏاڍو آباد
هوندو هو. مرو جون ڪي نديون جوزجان مان لنگهنديون
هيون.
انهن ڳالهين جي باوجود، مون مرند کي رد ڪرڻ غلط ڳالهه سمجهيو.
سو، اسلام آباد ۾ ايراني سفار تخاني وارن سان
رابطو قائم ڪيم.
اتي پنهنجو پراڻو يار تسبيحي ويٺو هو، تنهن چيو ته ”آغا، اڄ ئي
ايران ٽيليڪس موڪليون ٿا، ته مرند مان خاطري ڪري
ٻڌائن، ته اتي حڪيم فتح محمد جي چوڻ موجب، قلندر
شهباز جي والد بزرگوار جي خانقاه آهي يا نه؟“
مهيني ماسي کان پوءِ جڏهن کيس يادگيري ڏياريم، تڏهن چيايئن ته
”آغا ٽيليڪس جي جواب جي انتظار آهي.“
ٻه چار مهينا ٻيا به ائين گذري ويا، ته سمجهيم ته ”اها ٽيليڪس
اٺ تي چڙهي ايران ويئي آهي، سا مولائڻ موٽندي به
اٺ تي. سال ٻه ته سفر ۾ لڳي ويندس.“ سو، آسرو لاهي
ڇڏيم.
تسبيحيءَ هڪ خوشخبري ٻڌيائي هئي، ته راولپنڊي ۾ جيڪو خانه فرهنگ
آهي، تنهن جو ڊئريڪٽر مرند جو ويٺل آهي. سو، علامه
اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي استاد ۽ محقق، ڊاڪٽر
شبليءَ تي بار رکيم ته ”مروندي صاحب کان پڇ.“
هن انهيءَ ئي ڏينهن مرندي صاحب سان ڳالهايو ۽ مون کي اطلاع ڏنو
ته ”ايران ۾ چاليهارو کن ننڍا وڏا شهر اهڙا آهن،
جن ۾ ابراهيم نالي بزرگن جون خانقاهون آهن. انهن
مان ڪي آل رسول ' آهن، جن کي ’امام زاده‘ ڪوٺيندا
آهن.“
پر، مرندي صاحب ائين به چيو ته، ”ڳالهه ڏاڍي منجهائيندڙ آهي، ڇو
ته اها تصديق ڪيئن ڪجي، ته مرند ۾ ابراهيم نالي
جنهن بزرگ جي خانقاهه آهي، قلندر شهباز جو والد هو
يا ڪو ٻيو شخص هو؟“
***
هڪ دفعي پير سائين حسام الدين شاهه ايران ويو. جڏهن موٽيو ته
چيائين ته هن ڀيري ان پاسي وڃڻ ٿيو، جنهن طرف
چوندا آهن ته اتي مرند نالي شهر آهي. مون ڏاڍي پڇا
ڪئي، پر، چيائون ته مرند نالي هتي ڪابه وسندي
ڪانهي. مون قلندر شهباز جو ذڪر ڪڍيو. پر، ڪنهن به
ايراني عالم کي ڪابه خبر ڪانه هئي.
جڏهن تسبيحيءَ سان پير صاحب جي ڳالهه ڪيم تڏهن چيائين ته ”مرند
نالي شهر ته موجود آهي. مان پاڻ يورپ کان موٽندي
اتي رات رهيو آهيان.“ پر، قلندر شهباز جي سلسلي ۾
خود کيس به ڪا معلومات ڪانه هئي، توڙي جو پاڻ
ورهين جا ورهيه پاڪستان ۾ رهيو آهي ۽ سنڌ گهميو
آهي.
سو، مون ڳالهه تي غور ڪرڻ کان پوءِ اهوئي نتيجو ڪڍيو، ته
ايرانين جي قلندر شهباز ۾ دلچسپي انڪري ڪانهي، جو
هن جو ايران سان ڪو واسطو ئي ڪونهي.
***
ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اسان کي اهو، ڏسڻ گهرجي ته تاريخي لحاظ کان
مرو (Merve)
جي ڪهڙي اهميت هئي؟ مرو تي اهي ڪهڙيون اوچتيون
آفتون اچي ڪڙڪيون، جن جي ڪري، قلندر شهباز کي
پنهنجو وطن ڇڏي، هندستان جي دور دراز سفر تي اچڻو
پيو! سيوهڻ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين ته واپس وطن وڃڻ
جو وري نالوئي ڪونه ورتائين؟ ڇو؟
تذڪره نگار عام تاثر اهو ڏيندا آهن ته پنهنجي وطن مان سير سياحت
لاءِ نڪتو هو. جي ائين آهي ته پوءِ سير سياحت بعد
واپس وطن ڇو نه ويو؟ ابن بطوطه جهڙو سياح به موٽي
وطن ويو. جي پيريءَ ۾ پرديس ۾ وفات ڪري ويو، ته
پوءِ اها وصيعت ڇو نه ڪيائين ته منهنجي وفات بعد
مون کي پنهنجي وطن، يا ڪربلا معليٰ، يا ديار پاڪ ۾
دفن ڪجو.
*
٢٤
قلندر شهباز جي سنڌ ۾ آمد:
قلندر لعل شهباز جي سنڌ ۾ اچڻ بابت ڪتابن ۾ ڪوبه خاص سبب ڄاڻايل
ڪونهي. سنڌ جي تاريخ نويسن ۽ تذڪري نگارن سڀ کان
اهم ڳالهه ڏانهن سڀ کان گهٽ توجهه ڏنو آهي.
ڪنهن به واقعي کي سمجهڻ لاءِ ان جو ”پس منظر“ (Context)
سمجهڻ ضروري آهي ته ’هي واقعو ڇو ٿيو؟‘
جناب انعام محمد اهو اڪيلو مصنف آهي، جنهن ان ڳالهه ڏي پورو
پورو توجهه ڏنو آهي ۽ عالمي شهرت جي ڪتاب
Literary history of Persia
مان قلندر شهباز جي سنڌ ۾ آمد
بابت هي اهم تاريخي حوالا ڏنا آهن. سندس اکر سون
جي فريم ۾ مڙهائڻ لائق آهن. لکي ٿو ته:
(١) تيرهينءَ صديءَ عيسويءَ جي شروع ۾، علاؤالدين محمد شاهه
خوارزم جي تخت تي ويٺو. سندس سلطنت ايڏي وڏي هئي،
جيڏي سلجوقين جي پنهنجي انتهائي اؤج واري زماني ۾
هئي. هڪ طرف اڙل جبلن کان وٺي ايراني نار تائين
پکڙيل هئي، ته ٻئي طرف، سنڌو نديءَ کان فرات نديءَ
تائين.
(٢) خوارزم جي اها سلطنت پنهنجي پيش رو غزنوي سلطنت، سلجوق
سلطنت ۽ غوري سلطنت کان به وڌيڪ مستحڪم هئي، ۽ سؤ
کن سال اڃا به قائم رهي هئا، پر اهو واقعو، جنهن
کيس، بلڪل کانئس وڏين اهميت وارين طاقتن کي تهس
نهس ڪري ڇڏيو، سا هڪ آفت هئي. جا اوچتو ڪڙڪڻ کان
اڳي، شايد، اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻڌل هئي. دنيا جو چهرو مسخ
ڪري ڇڏيائين، اهڙين قوتن کي اڀاريائين، جيڪو اڄ
ڏينهن تائين اثرانداز آهن. انسان ذات تي جهڙو عذاب
آندائين، تهڙو، دنيا جي تاريخ ۾، اسان جي زماني
تائين محفوظ ٿيل رڪارڊ ۾ ته ڪنهن به واقعي ڪونه
آندو آهي، انهيءَ مان مطلب آهي (Mongol
invasion)
مغلن جي چڙهائي.
***
(٣) هلاڪو، مغل شهنشاهه، ٦٥٦هه مطابق ١٢٥٨ع ۾، بغداد تي حملو
ڪيو، اسلامي خلافت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ اسماعيلي
فدائين جي ’الموت‘ وارن قلعن جي مرڪز کي مسمار ڪري
ڇڏيو. ’شيخ الجبال‘ (Grand master)
رڪن الدين خورشاهه ۽ سندس پوئلڳن لاءِ سواءِ ان جي
ٻيو ڪوبه رستو ڪونه بچيو، ته هو ٻين ملڪن ۾ وڃي
پناهه وٺن ۽ پنهنجون مذهبي سرگرميون جاري رکن.
انهن مان هڪڙو ڄڻو، جيڪو نسب جي لحاظ کان ته
اسماعيلي هو، پر عقيدي جي لحاظ کان ڪونه هو، سيد
عثمان مروندي هو.
هن پنهنجو آبائي شهر ڇڏيو،
اوڀر طرف رخ ڪيو، ۽ آخرڪار، سنڌ جي تاريخي شهر،
سيوهڻ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين.
انعام محمد جي ڏنل مٿين حوالن مان صاف ظاهر آهي ته قلندر لعل
شهباز جي ’سنڌ ۾ آمد‘ جو اصل سبب اهو سندس وطن تي
’مغلن جي چڙهائي‘.
قاضي نبي بخش صاحب به پنهنجيءَ تصنيف ۾ اهڙو اشارو ڏنو آهي، ۽
ڊاڪٽر بلوچ صاحب چچ نامي جي فارسي مترجم، علي
ڪوفيءَ جي وطن ڇڏڻ ۽ اچ شريف ۾ لڏي اچڻ جو سبب پڻ
’مغلن جو فتنو‘ ڄاڻايو آهي.
مغلن جي چڙهائيءَ (Mongol invasion)
کي صحيح نمموني ۾ سمجهڻ ۽ ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ
لاءِ، اسانکي تاريخ جا ورق پوئتي ورائڻا پوندا. جن
۾ڏاڍو ڏکوئيندر داستان آهي.
تازه خواهي داشتن گر داغهائڍ سينه را
گاهڍ گاهڍ باز خوان اين قصهء پارينه را
*
٢٥
چنگيز خان جو اسرڻ ۽ مغلن جي چڙهائي:
مغل، اصل ۾، گوبيءَ جي رڻ پٽ جا رولاڪ ماڻهو هئا. فارسيءَ ۽
اردوءَ ۾ اهڙن ماڻهن کي خانه بدوش ۽ انگريزيءَ ۾
Nomads
ڪوٺيندا آهن. نسلي لحاظ کان
منجهن ترڪن ۽ ايرانين جو گڏيل رت هو. کين خاڪ تان
کڻي اؤج جي آسمان تي پهچائڻ وارو شخص چنگيز خان
هو. ست سؤ سال اڳ سموريءَ انسانذات کي اهڙو ته
ڪنبائي ڇڏيائين، جو صدين تائين ايندڙ نسلن جي ذهن
مان سندس خوف ڪونه ويو.
چنگيز خان جو اصلي نالو تيموجن هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”بهترين
رڪ“، پر چيني زبان ۾ کيس ”تي مؤجن“ ڪوٺيندا هئا،
جنهن جي معنيٰ ٿيندي ”ڌرتيءَ جو سڀ کان اعليٰ
انسان.“
چنگيز خان جو پيءُ، يسوڪائي پنهنجيءَ بهادريءَ ڪري مشهور هو ۽
مغلن جي هڪ قبيلي جو سردار هو، جنهن کي ’ڪاڪا‘
ڪوٺيندا هئا. مغلن جي ٻوليءَ ۾ اهو لفظ تعظيم ۽
تڪريم جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو هو. (سنڌيءَ ۾ به
ڪاڪا لفظ جي ساڳي معنيٰ آهي.)
خانه بدوش مانهن جو هڪ هنڌ ماڳ مڪان ڪونه هوندو آهي. خانه بدوش
معنيٰ ته رلهي ڪلهي تي. اڄ هتي ته سڀاڻي هتي. ڪاڪا
مغل به، گوبيءَ جي رڻ پٽ جي ٻين خانه بدوش قبيلن
وانگر، سدائين لڏ پلاڻ ۾ هوندا هئا. گاهه ۽ چاري
جي سانگي سان هڪڙي هنڌان لڏو پٽي ٻئي هنڌ هليا
ويندا هئا. ڪٿي به ڪچا پڪا گهر اڏي ڪونه وهندا
هئا. بيل گاڏين وانگر ڦيٿن تي بيٺل گول گهرن ۾
رهندا هئا، جيڪي تنبن جي طرز تي ٺهيل هوندا هئا.
انهن کي ڏاندن بدران گهوڙا (۽ رينڊيئر) ڇڪيندا
هئا.)
اهڙن گهرن کي يرت ڪوٺيندا هئا. منجهن بخارا جا ٺهيل غاليچا ۽
گهريلو قيمتي سامان، مثلا، زالاڻا ريشمي وڳا ۽
چانديءَ جا ڳهه ڳٺا رکيل هوندا هئا. اهي ڪنهن شاطر
عرب تاجر کان ’جنس جي بدلي ۾ جنس‘ جي واپاري اصول
تي ورتل هوندا هئا، يا وري ڪنهن تجارتي قافلي مان
چوريءَ يا ڦر لٽ وسيلي ڦٻايل هوندا هئا. پر، انهن
کان به اهم هوندا هئا هٿيار، مثلا، ڀالا، بڙڇيون،
نيزا، زرهون ۽ تيرن جون بٺيون، جيڪي يرت جي پاسن
کان پيون لڙڪنديون هيون.
يرت جي وچ ۾، پٿر مان ٺهيل چلهه هوندي هئي. ڇوڪرين جي بلي اهو
ڪم هوندو هو، ته چلهه کي وسامڻ نه ڏين. يرت جي ڇت
۾ ڳڙک هوندو هو، جنهن مان چلهه جو دونهون هر وقت
نڪرندو رهندو هو
تيموجن جي پيءُ به ٻين قبائلي سردارن وانگر هڪ سينگاريل يرت ۾،
پنهنجين زالن ۽ ٻارن سان رهندو هو. تيموجن سندس
وڏو پٽ هو. جڏهن رات ٿيندي هئي ته وڏيءَ عمر وارا
ڳائڻا ۽ وڄائڻا ميراثي، يڪتارا کڻي، هڪڙي يرت مان
ٻئي يرت ۾ ويندا هئا ۽ اڳواڻن سردارن جي بهادريءَ
جا داستان ۽ قصا کڻندا هئا. ٻاهر رڻ پٽ ۾ برف
وسندي رهندي هئي، پر، اندر يرت ۾، ڇيڻن جي باهه
دکندي رهندي هئي، جنهن جي سوجهري ۽ توتي، ننڍڙو
تيموجن اهي داستان ڏاڍي شوق سان ٻڌندو هو. اتان ئي
کيس خبر پئي ته پاڻ، خاڪي اکين وارن ماڻهن جي نسل
مان آهي ۽ سندس تڙ ڏاڏي، ڪابول خان، هڪ ڀيري چين
جي بادشاهه کي ڏاڙهيءَ کان جهلي ڇڪيو هو، جنهن ڪري
کيس زهر ڏيئي ماريو هئائون.
هڪڙي ٻڍڙي ڏاهي ماڻهوءَ تيموجن کي راز جي ڳالهه ٻڌائي. چيائينس
ته، ”چين جو ملڪ ۽ ماڻهو هڪ سو حصڻ ۾ ورهائجن، ته
اسان ان جي هڪ حصي جيترا به ڪونه آهيون. پر، رڳو
انهيءَ ڪري، منهن ڏيئي سگهيا آهيون، جو خانه بدوش
آهيون ۽ وڙهڻ ڄاڻون ٿا. جڏهن مقابلي جو ست نٿا
ساريون، ته لڪي ٿا وڃون. ڀلا، جي گهر ۽ ڳوٺ ۽ شهر
ٻڌي وهون، ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو اهو طور طريقو
بدلائيون، ته به سکيا ستابا ڪونه ٿينداسون. ٻيو ته
مڙهيون ۽ مندر ماڻهوءَ کي نماڻائي ۽ ٻاجهه سيکارن
ٿا. ماڻهن تي چڙهت اهو ٿو ڪري، جيڪو ويڙهاڪ آهي.
***
گوبيءَ جي رڻ پٽ ۾ انساني حياتيءَ جي ڪا اهميت ڪانه هئي. ڪو مئو
ته ڇا، بچيو ته ڇا. رڻ پٽ جي اترئين علائقي ۾ ڄاول
ٻار سختيون سهڻ سکندا ڪونه هئا: انهن ۾ ڄمندا هئا
۽ انهن ۾ ئي وڏا ٿيندا هئا. ڪچڙيءَ عمر ۾ ماءُ جي
ٿڃ ڇڏي، گهوڙين جي کير پيڻ تي اڃا هرندا مس هئا،
ته کين پنهنجن پيرن تي بيهڻو پوندو هو.
يرت ۾، باهه جي ڀر پاسي واري جاءِ ويڙهاڪ ماڻهن ۽ مهمانن لاءِ
مقرر هوندي هئي، زالون ٿورو پرڀرو، کاٻي پاسي سان
وهنديون هيون. ٻارن کي پنهنجي لاءِ ڪنڊ پاسي سان
جاءِ ڳولڻي پوندي هئي.
ماني کائڻ مهل به ائين ٿيندو هو. چيت جي مند ۾، جڏهن ڳئون ۽
گهوڙيون کير جام ڏينديون هيون، تڏهن سڀڪجهه ٺيڪ
ٺاڪ هوندو هو. رڍون چري چري، سڻڀيون ۽ ٿلهيون ٿي
پونديون هيون. شڪار جي به ڪمي ڪانه هوندي هئي. سو،
شڪاري ڏٻري ڍور بدران هرڻ ۽ بعضي رڇ ماري ايندا
هئا. سڀڪجهه ڪني ۾ رجهندو هو. سڀ کان اول ڏاڍا
مڙس، پنهنجيءَ پسند موجب، ڪني مان ٻوڙ ڪڍندا هئا،
ٻئي نمبر تي ٻڍڙن مردن ۽ عورتن کي وارو ملندو هو.
ٻارن لاءِ رڳو اوبر بچندي هئي، جنهن ۾ به کين
هڪٻئي سان چٽاڀيٽي ڪرڻي پوندي هئي. ڪتن لاءِ ڪو
سکڻو هڏو بچيو نه بچيي جهڙو.
***
’سور ۽ سختيون‘ تيموجن جي پهرين پهرين ميراث هئي. خانه بدوش
قبيلن جا هڪٻئي سان جهيڙا جهڳڙا کٽندا ئي ڪونه
هئا. تيموجن جي ماءُ ڪاڪا قبيلي جي ڪانه هئي ڌاري
هئي. پر، ڏاڍي سهڻي هئي. تيموجن جي پيءُ، يسوڪائي،
سندس پرڻي رات، پرائي قبيلي مان کيس زوريءَ کڻي
آيو هو. ڪاڪا قبيلي وارن کي سجهندو هو، ته اڳلا به
پلئه ڪرڻ کان اصل ڪونه مڙندا. ٿيو به ائين. تيموجن
جو پيءُ ڪنهن هنڌ مهمان ٿي ويو. اتي ڊوهه ڪري، زهر
ڏيئي ماري ڇڏيائونس. تيموجن کي خبر پئي ته گهوڙي
تي سوار ٿي فورا اتي پهتو. پر، مئل پيءُ جي لاش تي
وڃي بيٺو. چڱي دير تائين رئندو رهيو. موٽي آيو، ته
پهريون پهريون مسئلو جيڪو اڳيان آيس، سو اه وهو ته
سندس قبيلي وارا ٻڏتر ۾ هئا، ته هاڻي ڪيئن ڪريون؟
وڏو پاڻي وهي ويو. هن ٻار جي اڳواڻيءَ هيٺ رهڻ مان
آخر ڇا ورندو؟ نيٺ، اڌرڪ سندس ساٿ ڇڏي ويا ۽ باقي
جيڪي بچيا، سي به لاچار انڪري جو تيموجن جي ماءُ
کين ليلايو، ته ’همت ڪريو، حوصلو نه ڇڏيو. پنهنجي
سردار جي گهر کي ائين اڪيلو ڇڏي نه وڃو.‘
اهو مسئلو اڃا اتي ائين ئي هو، ته ٻئي قبيلي، موقعي جو فائدو
وڍي، مٿن ڪاهه ڪئي. ڪاڪا قبيلي جي قبضي ۾ جيڪي
چراگاهه هئا، تن تي انهيءَ قبيلي واران جي اک هئي.
وٺ وٺان ٿي وئي. ڪاڪا قبيلي واران مان ڪي مارجي
ويا، ته ڪي ڀڄي ويا. تيموجن جي ماءُ، پنهنجن ٻن ٽن
ٻارن سان ڪنهن چر ۾ وڃي لڪي. تيموجن پاڻ ڀر وارين
پهاڙين ۾ لڪي ويو، پر ٽن ڏينهن جي بک ڇتو ڪيس، ته
نيٺ ميدان ۾ لهي آيو. دشمن اڳيئي سندس تاڙ ۾ ويٺو
هو. پڪڙي، اول سندس هٿ ٻڌائون ۽ پوءِ چيلهه ۾ رسو
وڌائون، ان کانپوءِ ”ڪانگ“ (kang)
کڻي آيا، جو ڪاٺ جو هڪ چڪرو هوندو هو. ان کي چيري
ٻه اڌ ڪندا هئا ۽ وچ تي ايترو ڳڙک ڪندا هئا، جو
منجهس ماڻهوءَ جي منڍي ڦاسي، پوءِ ٻئي اڌ ملائي،
پيچ ڪسيندا هئا، ته ڄن ڪاٺ جو جنڊ ماڻهوءَ جي
ڳچيءَ ۾ پئجي ويو.
تيموجن کي ائين قابو ڪري، سندس قبيلي جا يرت، گهوڙا ۽ گهوڙيون
ڪاهي، پنهنجي قبيلي ۾ موٽي آيا. هڪڙي يرت ۾ تيموجن
کي بند ڪري، مٿس پهريدار ويهاريائون. پاڻ فتح جو
جشن ملهائڻ لڳا. کاڌا پيتا راڳ روپ شروع ٿيا.
آڌيءَ اسر جو هرڪو وڃي ستو: ڪو فتح جي خوشيءَ ۾
مسرور، ته ڪو شراب جي نشي ۾ مخمور. اڪيلو تيموجن
بيوس اڀين پيرين بيٺو رهيو. ڳچيءَ ۾ ڪانگ پيو هئس،
سو پٽ تي ليٽي به نٿي سگهيو. هٿ ته هئئين قابو ٻڌل
هئس. ائين وڏي رات گذري وئي. پهريدار اوجاڳو ڪري
ٿڪو، سو ڪنهن مهل سندس اک به لڳي وئي. تيموجن سهي
ڪيو،ته مهل اها آهي، نه ته جان وئي! آهستي آهستي
اڳتي وڌي، ننڊاکڙي پهريدار کي پنهنجيءَ ڳچيءَ ۾
پيل ڪانگ اهرو ته زور سان اوچتو ٺڪاءُ ڪرايائين،
جو هو امالڪ وڃي پٽ تي ڪريو ۽ ڏندڻجي ويو. اهو
لقاءُ ڏسي، پاڻ وٺي ڀڳو. اوچتو کڙڪو جو ٿيو، ته
الاهي ماڻهو جاڳي پيا. اڃا جو ڏسن ته تيموجن آهي
ئي ڪونه! پهريدار بيهوش پيو آهي. سي هڪدم گهوڙن تي
سوار ٿيا ۽ تيموجن جي پويان پيا، جيڪو ڀڄندو ڀڄندو
وڃي پاڻيءَ جي وهندڙ نالي تي پهتو. گهوڙيسوار به
پٺيانئس ’ٽاٻڙ‘ ’ٽاٻڙ‘ ڪندا ٿي آيا. تيموجن کين
ڏسي پاڻيءَ ۾ گهڙيو ۽ ايترو اندر هليو ويو، جو
باقي رڳو سندس منڍي وڃي مٿي بچي. پوءِ ڪنڌيءَ تي
بيٺل ٻوڙن ۽ جهنگ ۾ لڪي بيهي رهيو. ايتري ۾
گهوڙيسوار به اچي پهتا. ڪي هيڏي ته ڪي هوڏي، ڪي
پاڻيءَ ۾، ته ڪي جهنگ ۾ ۽ ڪي وري ٻوڙن ۾ کيس ڳولڻ
لڳا. پر ناڪام ٿيا ۽ پوئتي موٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪو
چارو ڪونه ڏٺائون. هڪڙو ڄڻو اتان اچي لنگهيو، جتي
تيموجن پاڻيءَ وارن ٻوڙن ۾ لڪو بيٺو هو. کيس ڏسي
ورتائين، پر، روح ۾ ڪو رحم پيس، سو ڪڇيائين ڪونه،
ماٺڙي ڪري اڳتي هليو ويو.
جڏهن سڀ موتي ويا، ته تيموجن ٻاهر نڪتو، ڪانگ کيس ڏاڍو ڪڪ
ڪريوڌو. سوچي، سوڍي، نيٺ وري دشمن جي ڪئمپ جو رستو
ورتائين. رات جو پويون پهر هو، ته اتي پهتو ۽
انهيءَ ئي شخص جي يرت اندر هليو ويو، جنهن کيس
پاڻيءَ م ڏٺو هو. اوچتي کڙڪي تي، هو ننڊ مان جاڳي
پيو. ٽمندر پاڻيءَ ۾، تيموجن کي پنهنجين اکين
اڳيان ائين بيٺل ڏسي، گهٻرائجي ويو. اول ته ڏاڍو
ڊڄي ويو، پر، پوءِ اٿيو ۽ اوزار کڻي، تيموجن جي
ڳچيءَ مان ڪانگ ڪڍيائين، سندس ٻڌل هٿ ڇوڙيائين ۽
کيس گهوڙين جو کير ۽ ٻاجهري جو ڀت کائڻ لاءِ
ڏنائين. ان کان پوءِ سر ٻاٽ ڪيائينس ته ”هاڻي ڀڄي
وڃ. ڪنهن ڏسي ورتو، ته اڄ کان پوءِ منهنجي يرت مان
نڪرندڙ دونهون هميشه لاءِ وسامي ويندو.“
***
تيموجن جڏهن دشمن جي قيد مان آزاد ٿي نڪتو، ته سندس عمر تيرهن
ورهيه هئي. گوبيءَ جي رڻ پت ۾ هن لاءِ حياتي آسان
ڪانه هئي. سڀ کان اول کيس ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀائرن کي
ڳولڻو پيو. پوءِ دشمنن کان کين ۽ پاڻ کي بچائڻو
پيو. انهن جي وچ ۾ پاڻ ائين ئي هو جيئن ڪا جهرڪي
بکين بازن جي وچ ۾. ايندڙ چار سال هن وڏيءَ همت ۽
حرفت سان گذاريا. سترهن ورهين جو ٿيو، ته پنهنجن
پيرن تي بيهڻ جهڙو ٿيو. شادي ڪري آيو. آهستي آهستي
اها ڳالهه چؤطرف مشهور ٿيندي ويئي ته تيموجن ۽
سندس ڀائر زور وٺي رهيا آهن. ماڻهو هوريان هوريان
وري سندس جهنڊي هيٺان جمع ٿيڻ لڳا. نيٺ چڱو ڪٽڪ ٿي
ويو. پر، ايتري ۾ سندس دشمنن فيصله ڪن جنگ جي
تياري ڪري ورتي. هڪ سردار ڀلا ٻئي سردار کي ڪيئن
سهندو؟ تيموجن ۽ سندس ڀائرن به ڀڄ ڊڪ ڪري ٽيهه
هزار ماڻهو گڏ ڪري ورتا. پر، سندس دشمنن جو لشڪر
هڪ لک هو. خوفناڪ لڙائي لڳي. سڄو ڏينهن ماڻهو
وڙهندا ۽ مرندا رهيا. لاشن جا ڍير لڳي ويا. هرڪو
زخمن سان چڪنا چور هو. تيموجن ته سڄو ئي رتو رت ٿي
ويو. سج لٿو، ته جنگ جي ميدان جو نظارو به بدلجي
ويو. تيموجن سوڀارو ٿيو. دشمن جا باقي بچيل سپاهي
ڀڄڻ لڳا ۽ سندن سپهه سالارن مان ستر ڄڻا گرفتار
ٿيا، جن کي تيموجن جي حڪم تي ٽنگو ٽالي ڪري، کڻي
ٽچڪندڙ تيل جي وڏن ڪڙاهن ۾ اڇلايائون. ٽچڪي ٽچڪي،
جيئري ئي ڪباب ٿي ويا.
تيموجن جو خواب اهو ئي هو، جو ننڍپڻ ۾ يڪتاري تي لوڪ داستان
ٻڌندي لڌو هئائين، ته وڏو ٿي، سمورن خانه بدوشن
قبيلن کي ماري مڃائيندس ۽ گوبيءَ جي رڻ پٽ تي
حڪومت ڪندس. پر، سندس قسمت اڳيئي ڪي ٻيون واٽون
گهڙي ڇڏيون هيون.
*
٢٦
مغلن جي چين تي چڙهائي
چين هر زماني ۾ دنيا جي وڏي طاقت رهي آهي. ست سو سال اڳ به هو ۽
اڄ به آهي. چين جو شمار دنيا جي انهن متمدن ملڪن ۾
ٿئي ٿو، جتي سنڌ وانگر، هزارين ورهيه اڳ انساني
تهذيب جا اولين گؤنچ ڦٽا هئا.
دنيا جا شاهه ۽ شهنشاهه چيني ريشمي ڪپڙو ۽ کاڌي پيتي جا چيني
ٿانو ۽ چيني دوائون هڪٻئي کي تحفي طور ڏيندا هئا.
انهن جي تجارت مشرق ۽ مغرب جي ڏورانهن ڏينهن ۾
ٿيندي هئي. انهن ئي تجارتي قافلن ’شاهراه ريشم‘ (Silk
route)
کي جنم ڏنو.
چين جو بادشاهه خاقان سڏبو هو يعني خانن جو خان. سندس فوجن ۽
لشڪرن جي سکيا ۽ اڳواڻي، وڏا وڏا جرنيل ۽ فيلڊ
مارشل ڪندا هئا. ورلي ڪنهن ملڪ يا قوم کي چين تي
حملي ڪرڻ جي جرئت ٿيندي هئي. البت، ايترو هو ته
چين جي اتر اولهه واريءَ سرحد تي، مغل ۽ ٻيا وحشي،
خانه بدوش قبيلا، موقعو ۽ مهل ڏسي، چين جي شهرن ۾
ڦر لٽ ڪري ڀڄي ويندا هئا. سو، چين جي بادشاهن انهن
حملن کي روڪڻ لاءِ هڪ عظيم ديوار تعمير ڪرائي،
جيڪا پندرهن سو ميل ڊگهي هئي. زمين کان پنجويهه
فوٽ اوچي هئي ۽ موڪري ايتري هئي، جو ڇهه
گهوڙيسوار، مٿس هڪ ئي قطار ۾، ڪلهوڪلهي ۾ ملائي،
پهري لاءِ هلندا هئا.
انهيءَ حفاظتي اپاءَ وٺڻ کان سواءِ ائين به ٿيندو هو، ته جڏهن
ڪو طاقتور بادشاهه چين جي تخت تي وهندو هو، ته
ديوار جي پرئين پاسي، گوبيءَ جي رڻ پٽ ۾ جيڪي خانه
بدوش قبيلا هوندا هئا، تن جي سردارن کان ڏن وٺندو
هو. پر، جڏهن بادشاهه ڪمزور هوندو هو، ته انهن
وحشي قبيلن کي خوش رکڻ لاءِ سندن سردارن کي چاندي،
ريشم، رنڱيل چمڙي جون کلون، زمرد جا گلدان ۽ اناج
جون ٻوريون تحفي طور موڪليندو هو.
جڏهن چنگيز خان گوبيءَ جي خانه بدوش قبيلن: تاتار، ويگر، مرڪيت،
ڪريت، نائيمن ۽ مغلن کي مغلوب ڪري، سندن ’خان‘
بڻيو، ته چين جي بادشاهه کيس باغي قبيلن جو
سربراهه تسليم ڪيو.
جڏهن چين جو ٻڍڙو بادشاهه مري ويو، ته سندس نوجوان پٽ تخت تي
ويٺو. قد جو ڊگهو هو ۽ ڏاڙهي ڏاڍي شاندار هئي.
تصويرن ٺاهڻ ۽ شڪار ڪرڻ ۾ خاص دلچسپي هئس. سندس
سپاهي، ٻين ماتحت سردارن وانگر، مغلن جي خان کان
به ڏن وصول ڪرڻ لاءِ شاهي فرمان کڻي آيا.
چنگيز خان چين جو شاهي فرمان، دستور موجب، گوڏن ڀر جهڪي وٺڻ
بدران بيٺي ئي ورتو. چين جي طرف نياز نوڙت سان ڪنڌ
جهڪائڻ بدران ٿڪ اڇلايائين. پوءِ شاهي سپاهين کان
پڇيائين ته ”چين جو نئون بادشاهه ڪير آهي؟“ جڏهن
هنن نئين بادشاهه جو نالو کنيو ته چيائين ته ”اهڙي
نڪمي ماڻهوءَ جي مان پرواهه ڇو ڪريان؟“ ائين چئي
گهوڙي تي لانگ ورائي هليو ويو.
رات جو خانه بدوش قبيلن جي سردارن سان صلاح ڪيائين ۽ ٻئي ڏينهن
صبح جو شاهي سپاهين کي پاڻ وٽ سڏائي کين جواب
ڏنائين ته ”اسان جو علائقو، گوبيءَ جو رڻ پٽ هاڻي
اهڙو ته منظم آهي، جو اسان چين اچي سگهون ٿا. پر،
چين جي بادشاهه جو ملڪ ايڏو منظم آهي، جو اسان جي
آجيان ڪري سگهي؟ اسان اهڙي لشڪر سان اينداسين،
جيڪو سمنڊ وانگر گجندو ايندو. اسان کي ان ڳالهه جي
پرواهه ڪانهي ته توهان اسان کي مهمان ٿا سمجهو، يا
دشمن سمجهي، لڙائي ٿا ڪريو. جي چين جو بادشاهه
اسان سان دوستي ڪندو، ته اسان کيس پنهنجي هڪ ماتحت
وانگر حڪومت ڪرڻ ڏينداسين، پر جيڪڏهن جنگ ڪندو ته
اها تيسين جاري رهندي، جيسين اسان ٻنهي مان هڪ ختم
ٿئي.“
چنگيز خان جو جواب سڌو سنئون اعلان جنگ هو. هوڏانهن چين به اجگر
وانگر وات ڦاڙيو ويٺو هو. پر، چنگيز خان جي
اڳواڻيءَ هيٺ مغل شهسوارن جا گهوڙا، ڌرتيءَ جي
سيني تي پنهنجن سنبن جا ڏونڪا هڻندا، ڏانهنس
هڻڪارون ڪندا هليا. ’مغلن جي چڙهائي‘ چين جو مقدر
ٿي چڪي هئي.
دنيا جا تاريخنويس اڄ ڏينهن تائين اهو راز سمجهي نه سگهيا آهن،
ته گوبيءَ جو هڪ رولو ۽ اڻ پڙهيل شخص، چين جهڙي
طاقتور ملڪ جي عظيم جرنيلن ۽ فوجي ماهرن کي شڪست
ڏيڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿيو! پر، خود چنگيز خان جو هڪ
قول انهيءَ راز کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. چيائين ته
”ڪنهن به ديوار جي مضبوطي انهيءَ ڳالهه تي منحصر
آهي، ته ان جا محافظ ڪيتريءَ همت سان ان جو بچاءُ
ڪري سگهن ٿا.“
چنگيز خان چين فتح ڪيو، ۽ مٿس پنهنجو نائب مقرر ڪري، پاڻ وري
گوبيءَ جي رڻ پٽ ڏانهن موٽيو. چين جي باغن بستانن،
شاندار شهرن ۽ سونهري تاج تخت وارن محلاتن لاءِ
کيس ڪابه رغبت ڪانه هئي. گوبيءَ جي رڻ پٽ ۾ پنهنجو
تختگاهه قائم ڪرڻ لاءِ ’قراقرم‘ نالي هڪ شهر
ٻڌائين، جيڪو هڪ پوٺي ۾ اڏيل هو. چوڌاري واريءَ جا
واچوڙا تند ۽ تيز هوا هوندي هئي. آسپاس ڪوبه وڻ ٽڻ
يا ٽڪري به ڪانه هئي. جايون ڪچيءَ مٽيءَ مان ٺهيل
هيون يا وري ڪکن جون لانڍيون هيون. انهن جي چوڌاري
ڪاري رنگ جا يرت هئا. قراقرم ۾ گهٽيون ته هيون ئي
ڪونه. منجهس پٿر جي ٺهيل هڪ مسجد هئي ۽ ٻڌ ڌرم
وارن جو مندر به هو، جو ڪاٺ جو ٺهيل هو ۽ عيسائين
جي هڪ ديول به هئي. هر ڪنهن کي عبادت جي آزادي
هئي. چنگيز خان ۽ سندس قبائلي مغل هڪ خدا کي
مڃيندا هئا ۽ آسماني طاقت کي تنگري ڪوٺيندا هئا.
چنگيز خان کي هاڻي گاهه ۽ چاري لاءِ رڻ پٽ ۾ رلڻ جي ضرورت ڪانه
هئي. وٽس ڪيئي گدام ڀريل هئا، جن ۾ چانورن ۽
ٻاجهريءَ جي ڪمي ڪانه هئي. گهوڙين جو کير به جام
هو ۽ گهوڙن لاءِ سڪل گاهه به هر وقت موجود هو.
چنگيز خان سان ملڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن مان جيڪي سفير ايندا هئا،
تن کي سپاهي سرحدن تي ئي روڪيندا هئا. پوءِ پنهنجي
پهري هيٺ قراقرم وٺي ايندا هئا. شهر ۾ پير پائڻ
کان اڳ کين هٿيارن جي تلاشي ڏيڻي پوندي هئي. جڏهن
خان ’هائو‘ ڪندو هو، تڏهن سفيرن کي وٽس پيش ڪندا
هئا. اهڙن موقعن تي خان هڪ وڏي تنبوءَ ۾،
هيٺاهينءَ بينچ تي وهندو هو. کاٻي پاسي کان سندس
پٽ راڻي، بورتائي، کانئس ٿورڙو هيٺ وهندي ئي.
چنگيز خان ساڻس جوانيءَ ۾، وڏي شوق سان، پر
پنهنجيءَ پيءُ جي اجازت سان، شادي ڪئي هئي. چئني
طرفن کان تنبوءَ جي پاسن سان رکيل بينچن تي قبائلي
سردار پنهنجي پنهنجي منصب موجب وهندا هئا. تنبوءَ
جي وچ ۾، ڪانڊيرن ۽ ڇيڻن جي هلڪي باهه ٻرندي رهندي
هئي. تنبوءَ جو ڏکڻ طرف کليل هوندو هو، جتي سفيرن
جي آجيان لاءِ پڪل گوشت گهوڙين جو کير ۽ ميوو رکيل
هوندو هو. سفير پاڻ سان سوغاتون آڻيندا هئا. جڏهن
خان جي اڳيان پيش ٿيندا هئا، ته جهڪي تعظيم جو
سجدو ڏيندا هئا.قبائلي سردار پاڻ ۾ آهستي ڳالهه
ٻولهه ڪندا رهندا هئا، پر جڏهن خان ڳالهائيندو هو،
ته چپ ٿي ويندا هئا. خان ٿورڙو ڳالهائيندو هو ۽ ڪم
جي ڳالهه ڪندو هو. سندس گفتو فرمان ۽ قانون هوندو
هو. ان کان پوءِ ڪنهن کي به ڳالهائڻ جي نه اجازت
هوندي هئي ۽ نه جرئت.
چنگيز خان چين کي فتح ڪرڻ کان اڳ ڏکڻ ۾ ٿٻيٽ جي ’هيا‘ حڪمرانن
تي چڙهائي ڪري، کين به مطيع ۽ مغلوب ڪري آيو هو.
هنن ساڻس دوستانو لڳ لاڳاپو پڪو ڪرڻ لاءِ کيس
پنهنجي هڪ شهزادي پرڻائي ڏني هئي. چين مان به هڪ
شهزادي پرڻجي آيو هو. سهڻين زالن سان دل هئس. هڪ
دفعي ڪنهن چيس ته ”اوهان جي فتح ڪيل ملڪن ۾، هڪڙي
زال ڏاڍي سهڻي آهي، پر اها خبر ڪانهي ته ڪاٿي
آهي؟“ چنگيز خان چيس ته ”مون لاءِ ايتري معلومات
ڪافي آهي. مان کيس ڳولي لهندس.“ انهن زالن مان به
کيس اولاد هو. پر ان کي شاهي نسل جو درجو ڪونه هو.
رڳو خاڪي اکين واريءَ راڻيءَ بورتائيءَ جا چار پٽ
سندس شهزادا هئا: وڏي جو نالو توشي هو، ان کان
پوءِ چغتائي هو، ان کان پوءِ اوڪتائي هو، ۽ چوٿين
۽ سڀ کان ننڍي جو نالو تولي هو.
هندستان ۾ مغل بادشاهت جو بنياد وجهندڙ بابر بادشاهه چغتائيءَ
جي اولاد مان هو.
***
قراقرم جي هڪ طرف چين جي سلطنت هئي، ته ٻئي طرف خوارزم شاهه جي
مسلم سلطنت، جنهن جو بادشاهه علاؤالدين محمد شاهه
وڏو جنگجو ۽ دلير شخص هو. پري پري سندس ڏهڪاءُ هو.
خان کي ساڻس هٿ اٽڪائڻ جو شوق ڪونه هو. سو، ساڻس
واپاري ناتا رکڻ ٿي گهريائين. پيغام ڏياري
موڪليائينس ته:
”مان مبارڪون ۽ سلام موڪليان ٿو. مون کي تنهنجيءَ طاقت ۽ وڏيءَ
سلطنت جي خبر آهي. توکي پنهنجو پيارو پٽ سمجهان
ٿو. توکي خبر هوندي ته مون چين ۽ ڪيتريون ترڪ
قومون مغلوب ڪيون آهن. منهنجو ملڪ بهادرن جي
ڇانوڻي آهي ۽ چانديءَ جي کاڻ آهي. مون کي ٻين ملڪن
جي ضرورت ڪانهي. مان سمجهان ٿو ته اسان ٻنهي جي
دلچسپي ان ڳالهه ۾ آهي ته اسان جي رعيت هڪ ٻئي سان
واپار ڪري.“
مغلن جي اسرندڙ طاقت جي لحاظ کان اهو ٿڌونياپو هو، چين جي
بادشاهه ڏانهن ته چنگيز خان سڌو سنئون بي عزتيءَ
وارو جواب موڪليو هو. پر، خوارزم شاهه جي مسلمان
بادشاهه کي تجارت جي آڇ ڪيائين ۽ چانديءَ جون
سرون، سفيد اٺ جي وارن مان ٺهيل چوغا ۽ زمرد مان
ٺهيل قيمتي ساز سامان تحفي طور موڪليائينس. پر،
علاؤالدين محمد شاهه کي طاقت جو ڏاڍو ڪو گهمنڊ هو.
خوش ٿيڻ بدران، بُڇان لڳس ۽ چڙ مان چيائين ته ”اهو
چنگيز خان وري ڪير آهي؟ چين فتح ڪيو اٿس ڇا؟ سندس
لشڪر منهنجي لشڪر جيترو آهي؟“
قاصدن جيئن تيئن ڪري، ڳالهه کي ٺاهيو ۽ ٻنهي بادشاهتن جي وچ ۾
واپاري لڳ لاڳاپا قائم ٿيا.
بغداد ۾ اسلامي خليفو خود خوارزم جي بادشاهه علاؤ لادين محمد
شاهه کان ڊنل هو، جو هو سندس پرواهه ئي ڪانه ڪندو
هو. مسلمان ملڪن ۾ ڏاڍا مڙس جڏهن هڪٻئي جا تاج ۽
تخت اونڌا ڪرڻ ۾ ڪامباب ٿيندا هئا، تڏهن خليفو
سرسي ڪندڙ شخص کي پنهنجو فرمان ۽ مبارڪباد موڪلي،
حڪمران تسليم ڪندو هو. حق ۽ ناحق جو ڪلمو چوڻ جي
منجهس همت ڪانه هئي. جڏهن خوارزم جي بادشاهه
علاؤالدين محمد شاهه زور ورتو ته خليفي وري به
ائين ڪيو. پر علاؤالدين محمد شاهه کي خليفي جي
فرمان جي ضرورت ئي ڪانه هئي. اٽلو کيس اکيون
ڏيکارڻ لڳو. سو، خليفي چنگيز خان ڏانهن خفيه نموني
۾ ايلچي موڪليو ته ’هن بلا مان منهنجي جان ڇڏايو.‘
پر، چنگيز خان کيس گوش ڪونه ڏنو. انهيءَ جو هڪ سبب
اهو هو ته پاڻ علاؤالدين محمد شاهه سان واپاري
عهدنامو ڪري چڪو هو.
خان جو اصول هو ته، ”ماڻهوءَ کي هر حال ۾ پنهنجو سخن پاڙڻ
گهرجي.“ سندس حڪومت ۾ وڏي ۾ وڏا ڏوهه وعدي خلافي ۽
ڪوڙ ڳالهائڻ هئا. سپهه سالارن توڙي سپاهين کي
معلوم هو ته ڪوڙ ڳالهائڻ جي سزا موت آهي، سو جڏهن
کانئن ڪا خطا ٿيندي هئي، ته پنهنجو پاڻ اچي خان کي
ٻڌائيندا هئا. پوءِ بعضي کين معافي ملندي هئي ۽
بعضي موت جي سزا. پر، هو انهيءَ کي عزت جو موت
سمجهندا هئا ۽ خوشيءَ سان قبول ڪندا هئا.
خان جو ايڏو ته ڏر هو، جو سندس بادشاهيءَ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي
ڇيڙي تائين ڪابه ڪنواري ۽ جوان زال، پنهنجو سامان
هڙ ۾ ٻڌي، وڏي آرام سان اڪيلي سفر ڪندي هئي. ڪنهن
جي مجال هئي، جو ڏانهنس اک کڻي ڏسي! خان آنڊا ڪڍي
ڇڏيس! خان پنهنجن سردارن ۽ سپاهين تي خاص طرح
مهربان هوندو هو. ڏاڍو سخي هوندو هو. کين انعام
اڪرام ڏينود هو. ٻين بادشاهن وانگر پنهنجا مٽ مائٽ
ڪونه مارائيندو هو. مذهبي معاملن ۾ ته ماڻهن کي
مڪمل آزادي ڏيندو هو.
پر، خان جا اهي سونهري اصول رڳو پنهنجيءَ رعيت ۽ دوستن لاءِ
هئا. دشمنن سان ڪوڙ ڪرڻ، کين دوکو ڏيڻ، ڦرڻ ۽ مارڻ
هن لاءِ فخر جي ڳالهه هئي. هڪ دفعي، خان پنهنجي
ڪنهن مغل سپاهيءَ کان پڇيو ته، ”دنيا ۾ سڀ کان سٺي
ڳالهه ڪهڙي آهي؟“
سپاهيءَ جواب ڏنو ته، ”کليل ميدان هجي، ڏينهن صاف، چٽو ۽ روشن
هجي، تيز رفتار تازي گهوڙو هجي ۽ شڪار لاءِ ٻانهن
جي ڪرائيءَ تي باز ويٺل هجي.“
چنگيز خان چيس ته، ”دشمن کي چيٿاڙڻ، کيس پنهنجي پيرن ۾ ليٿڙندي
ڏسڻ، سندس گهوڙا کسڻ، مال متاع ڦرڻ ۽ سندس زالن کي
پار ڪڍندي ٻڌڻ ۾ وڌيڪ مزو آهي.“
***
مغلن جو هڪ واپاري قافلو خوارزم شاهه جي بادشاهيءَ ۾ تجارتي مال
کڻي ويو. اطرار نالي هڪ سرحدي شهر جي گورنر قافلي
جي ڦرلٽ ڪئي ۽ ڪن مغل واپارين کي مارائي ڇڏيو.
چنگيز خان، پنهنجا ايلچي انصاف لاءِ علاؤالدين
محمد شاهه ڏي موڪليا. پر هن ڪوبه تدارڪ ڪونه ڪيو.
بلڪ، ڪن ايلچين جون ته ڏاڙهيون باهه سان ساڙائي
ڇڏيون. چنگيز خان کي اها خبر پئي ته باهه ٿي ويو.
علاؤالدين محمد شاهه کي چورائي موڪليائين ته،
”هاڻي جيڪي ٿيندو، سو ٿيندو. رڳو خدا ڄاڻي ٿو، ته
ڇا ٿيندو.“
ڀير تي ڏونڪو لڳو. مغل- شهسوارن کي خوارزم شاهه جي اسلامي سلطنت
تي چڙهائيءَ جو حڪم مليو. گوبيءَ جي رڻ پٽ مان
قبائلي سردار، پنهنجن پنهنجن لشڪرن سان قراقرم
روانا ٿيا. سفر ۾ جيڪڏهن ڪنهن سپاهيءَ کي اڃ لڳندي
هئي ته پاڻيءَ پيڻ لاءِ به ترسندو ڪونه هو. گهوڙي
جي ران ۾ خنجر هڻي، ان جي رت جي لپ پي، لشڪر سان
گڏ سفر جاري رکندو هو.
خان جي هڪل گوبيءَ جي رڻ پٽ ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو.
پير، خوارزم شاهه جي اسلامي سلطنت تي ته هو خدا جي
قهر وانگر ڪڙڪيو.
|