سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جا بَر، بَحرَ ۽ پهاڙ

باب:

صفحو:11 

آغا خاني اسماعيلي

هت، اها ڳالهه چٽيءَ طرح سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته اسماعيلي تحريڪ جيڪا انهيءَ زماني ۾، عظيم سياسي طاقت جي حيثيت ۾ اڀري هئي. تنهن جا باقي بچيل حصا، ايڊورڊ برائون جي لفظن ۾، ”مشرق ۾ اڃا تائين شام، ايران، اوڀر آفريڪا، وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا (يعني هندستان ۽ پاڪستان) ۾ پکڙيا پيا آهن. آغا خان، رڪن الدين خورشاهه جي نسل مان آهي،جنهن جو چوڻ هو ته پاڻ نذار جي نسل مان آهي، جيڪو فاطمي خليفي مستنصر بالله جو پٽ هو. فاطمي خليفن جي دعويٰ هئي ته هو حضور ' جن جو سؤٽ، حضرت علي عليه السلام جي خاندان مان ستين امام حضرت اسماعيل عليه السلام جي اولاد مان آهن. هزهائينيس آغا خان، اسماعيلين جي انهيءَ شاخ جو مڪرم ۽ معظم سربراه، روحاني رهنما ۽ امام آهي.“

ايڊورڊ برائون جا اصل انگريزي لفظ هي آهن:

“Even at the present day the remnants of this once powerful body are widely, though sparsely, scattered through the east, in Syria, Persia, east Africa, central asia and India, where the agha khan- a lineal descedant of ruknud-din khurshah, the last grand master of alamut, who himself claimed descent through nizar, the son of al mustansir, the fatimid caliph, from ismail, the seventh imam, and great- great- great- grandson of the prophet’s cousin and son-in-law, ’Ali b. Abi Talib- is still honoured as the titular head of this branch of the ismailis.‘

آغا خاني اسماعيلن پنهنجي روحاني رهنما ۽ امام، هزهائينس آغا خان جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪيترائي اهم ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن. سندن جماعت منظم آهي، پر امن آهي ۽ معاشي ۽ معاشرتي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ سرگرم آهي. انگريزن جي حڪومت وقت، سر سلطان محمد آغا خان، هندستاني مسلمانن جو نامور مسلم ليگي اڳوان هو ۽ پاڪستان ٺاهڻ ۾ وڏو بهرو ورتائين. موجوده آغا خان جي ايامڪاريءَ ۾، پاڪستان ۽ سنڌ ۾ عام خلق جي ڀلائيءَ لاءِ جيڪي اهم ڪم ٿيا آهن، تن ۾ هڪ مثال ڪراچيءَ ۾ آغا خان اسپتال آهي، جنهن ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي به ٺهي آهي.

*


 

٣٣

حسن بن صباح ۽ اسماعيلي فداين جي تحريڪ

ايران ۾ اسماعيلي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ جيڪي به نگاهون کڄنديون، سي سموريون آخرڪار وڃي حسن بن صباح جي پراسرار شخصيت تي مرڪوز ٿينديون. سندس شخصيت جي اردگرد جيڪي افسانا سونين ۽ روپين، تارن ۽ تندن سان رقم طراز ڪيا ويا آهن، تن ان کي هڪ طلسمي روپ ڏيئي ڇڏيو آهي. انهن مڙني ۾ گهڻو مشهور هيءُ افسانو آهي:

حسن بن صباح، فارسي زبان جو مشهور شاعر عمر خيام ۽ خراسان جو نامور وزير، نظام الملڪ طوسي، ننڍپڻ ۾، مدرسي ۾ گڏ پڙهندا هئا. اتي پاڻ ۾ قول قرار ڪيائون ته اسان ٽنهي مان جيڪو ڪنهن اعليٰ پد تي پهچندو، سو باقي ٻن ٻين جي سار سنڀال لهندو.

بَخت نظام الملڪ طوسيءَ جي ياوري ڪئي، ۽ هو خراسان جو وزير ٿيو سو، سندس ٻئي دوست وٽس ويا ۽ ننڍپڻ جو وعدو ياد ڏياريائونس. نظام الملڪ، حسن بن صباح کي پاڻ وٽ درٻار ۾ اعليٰ عهدو ڏنو، پر هن ستت ڪا سازش سٽي، سو کيس تڙي ڪڍيائين.

عمر خيام گوشهء تنهائي طلب ڪيو. سو، نظام الملڪ کيس هڪ عمدو باغ عطا ڪيو ۽ علم رياضيءَ ۽ نجوم جي اڀياس لاءِ تجربيگاهه پڻ ٺهرائي ڏنائين.

هي افسانو سڀ کان اول رشيدالدين جي ”جامع التواريخ“ ۾ ملي ٿو، جيڪو بلاشبه ان دؤر جو هڪ معتبر ڪتاب آهي. ان کي گهڻن ئي معروف مصنفن نقل ڪيو آهي، جن ۾ عمر خيام جو شهره آفاق انگريز مترجم، ايڊورڊ فزجرالڊ به شامل آهي، جنهن اهو ”ڪلڪتا رويو جرنل“ تان ورتو آهي.

ايڊورڊ برائون جو خيال آهي ته اهو افسانو ڪنهن شخص رڳو زيبِِ داستان خاطر ٺاهيو آهي. نظام الملڪ طوسي ٤٠٨ هجريءَ ۾ ڄائو هو. عمر خيام ۽ حسن بن صباح سنه ٥١٧ هجريءَ ۾ وفات ڪئي. گويا، هو کانئن ويهه ورهيه وڏيءَ ڄمار وارو شخص هو. اهڙيءَ صورت ۾ ٽنهي ڄڻن جو ساڳئي مدرسي ۾ گڏ پڙهڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه لڳي ٿي. اسماعيلي روايتون به انهيءَ گمان جي تائيد ڪن ٿيون.

حسن بن صباح جي هڪ سوانح عمري ”الموت“ جي قلمي ڪتابن مان هلاڪوءَ جي حملن دوران هٿ آئي هئي، جنهن جو نالو هو ”سرگذشت سيدنا“. انهيءَ ۾ لکيل هو ته سندس سڄو نالو حسن بن علي بن محمد بن جعفر بن الحسن بن صباح هو. پڻس ڪوفي مان لڏي قم آيو. اتي حسن ڄائو. ستن سالن کان سترهن سالن جي عمر تائين، کيس علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتابن پڙهڻ جو ڏاڍو خفت هو. شروع ۾ پاڻ به پيءُ وانگر اثنا عشري خيالن جو هو. پر، پوءِ فاطمي خليفن جي داعين جي اثر هيٺ آيو، جن ۾ ابن عتاش ڏاڍو اهم هو. تاريخ ساز ذهن جو مالڪ هو. آذربائيجان کان اصفهان تائين سڄو علائقو(1) سندس ذمي هو. هن ئي حسن بن صباح کي مصر موڪليو. اتان جي مکيه اسماعيلي داعيءَ بنو دائود سندس وڏي پذيرائي ڪئي. خود خليفي مستنصر بالله به سندس عزت افزائي ڪئي. کانئس خفيه نموني ۾ پڇا ڪرايائين ته ’اوهان جي وفات کان پوءِ اوهان جي ٻن پٽن، نذار (وڏي) ۽ مستعليءَ (ننڍي) مان، بيعت ڪنهن جي نالي تي وٺجي؟‘ جواب مليس ته ’نذار جي نالي‘. ان وچ ۾ مصر ۾ سندس سياسي مخالف پيدا ٿي چڪا هئا، سو واپس وطن وريو ۽ يزد، ڪرمان، طبرستان ۽ ٻين علائقن ۾ نذار جي تبليغ ڪرڻ لڳو. ري ڪونه ويو، جو نظام الملڪ سندس گرفتاريءَ جا حڪم جاري ڪيا هئا.

نظام الملڪ ته بهرحال کيس ڪجهه به ڪري ڪونه سگهيو. پر، مشيت ايزدي ائين هئي ته هو پاڻ پنهنجيءَ سموريءَ طاقت ۽ عوامي مقبوليت جي باوجود، جيئن ئي اقتدار تان هٽيو، ته هڪ اسماعيلي فداعيءَ کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيو. اڪثر تاريخ نويس انهيءَ خيال جا آهن، ته انهيءَ قتل ۾ حسن بن صباح جو هٿ هو. ڪن جو خيال آهي ته اهو قتل سلطان مالڪ شاهه جي ملڪه، ترخان خاتونءَ ڪرايو هو. اسماعيلي روايتن ۾ به انهيءَ رايي جي تائيد ملي ٿي.

ايراني دانشور، جن جي اڪثريت شيعا فرقي سان تعلق رکي ٿي، تاريخي لحاظ کان، نظام الملڪ جي قتل کي افسوسناڪ واقعو قرار ڏين ٿا. پهلوي يونيورسٽيءَ جي پري چهر ڪسريٰ انهي دور جي حالتن تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته:

”نظام الملڪ جي سياسي بصيرت سلجوق خاندان جي دور حڪومت ۾ ايران ۾ امن امان آندو. سندس قتل کان پوءِ ظلم ۽ تباهيءَ جو دؤر آيو.“

مذهبي حالتن تي تبصرو ڪندي لکيو اٿس ته:

”ايران جي مشرقي حصي ۾ سني ۽ مغربي حصي ۾ شيعا پکڙيل هئا. منجهن گهڻائي اختلاف هئا. هڪٻئي خلاف ڪتاب لکندا هئا. ڪن ۾ سني شيعن تي الزام هڻندا هئا ته توهان اسماعيلي عقيدن کي مڃو ٿا. ڪن ۾ وري شيعا ساڳيو ئي الزم سنين تي هڻندا هئا. شيعن ۾ چار مکيه فرقا هئا: (١) زيدي (٢) نصيري (٣) امامي يعني اثنا عشري ۽ (٤) اسماعيلي. چئني ۾ امامي زور هئا. پر، مصر ۾ فاطمي خلافت ٺهي ته اسماعيلين جي سياسي اهميت وڌي ويئي ۽ ماڻهو کانئن ڊڄڻ لڳا.

پري چهر ڪسريٰ لکيو آهي ته:

”الموت ۾ حسن بن صباح سهڻو مثال قائم ڪيو. نهايت پرهيزگاريءَ جي زندگي گذارڻ لڳو. سمورو وقت لکڻ ۾ يا وري پنهنجن پوئلڳن جي تربيت ۾ گذارڻ لڳو. سخت مزاج ماڻهو هو. هڪڙي پٽ کي انهيءَ ڪري مارائي ڇڏيائين، جو هن شراب پيتو هو ۽ ٻئي کي انڪري مارائي ڇڏيائين، جو ان تي قتل جو الزام هو (جو پوءِ غلط ثابت ٿيو). سندس اهڙيءَ روش ڪري، سندس پوئلڳ به سخت مزاج ٿيا ۽ الموت جي آسپاس ڪيترن ئي قلعن تي قبضو ڪيائون.ا نهن قلعن مان جيڪي خوني حملا شروع ڪيائون، تن ۾ چونڊ ماڻهن کي ماريو ويندو هو، جو سندن خيال هو ته سني فرقي جي سلجوقي سلطانن خلاف ملڪ ۾ گوڙ گهمسان پيدا ٿيندو. جيڪي جوان انهن خوفناڪ مهمن تي ويندا هئا، تن کي ”فدائي“ ڪوٺيندا هئا.

”سلطان سنجر، حسن بن صباح ۽ فدائين جي حملن کي ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. پر، سندس تخت جي اڳيان، فرش ۾، هڪ رات خنجر کتو پيو هو. ستت، کيس حسن بن صباح جو پيغام پهتو ته ”جيڪو شخص سخت فرش کي خنجر جي نوڪ سان ٽوڙي سگهي ٿو، سو ساڳئي خنجر جي نوڪ سان سلطان جو نرم سينو به چيري سگهي ٿو.“

He who could pierce the hard ground, with a dagger, could also pierce the soft bosom of sultan.

The rubaiyat of omar khayyam:

Translated and with an introduction by paricher kasra:

Scholars facsimiles of reprints.

Delmar. New york. U.S.A.

اهو پيغام ٻڌي، سلطان سنجر ڊڄي ويو ۽ الموت تي حملي جو ارادو لاهي ڇڏيائين.“

پري چهر ڪسريٰ جو خيال آهي ته انهن خوني حملن ڪري، فدائين تي، يورپ ۾ Assassin نالو پيو. ايڊورڊ برائون جو به ساڳيو خيال آهي ته فدائين جي تحريڪ تي اهو نالو سياسي قتلن جي ڪري پيو. هن، ڪن تاريخنويسن جي انهيءَ رايي تي به تفصيل سان بحث ڪيو آهي ته فدائين جي تحريڪ تي اهو نالو حشيش (ڀنگ) جي گهڻي ۽ عام استعمال ڪري پيو ۽ پوءِ ان کي رد ڪرڻ لاءِ دليل ڏنو اٿس ته ”ڀنگ جي استعمال ڪري ماڻهو سست، ڪاهل ۽ ذهني طرح ضعيف ٿي ويندو آهي. اهڙن شخصن تي ملڪ جي وڏن ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي ذميواري ڪيئن وڌي ويندي، ڇو ته اهي ته محلن ۽ قلعن ۾ هميشه پهري هيٺ هوندا؟“

هت هڪڙي ٻي ڳالهه به توجهه طلب آهي. پري چهر ڪسريٰ حسن بن صباح کي پرهيزگار ۽ سخت مزاج وارو ماڻهو ڪوٺيو آهي. ايڊورڊ برائون به پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ کيس مذهبي لحاظ کان شدت پسند بيان ڪيو آهي. پوءِ ڀلا، جيڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي شراب پيئڻ جي تهمت ڪري مارائي ٿي سگهيو، سو پنهنجن پوئلڳن لاءِ نشي جو استعمال جائز ڪيئن قرار ڏيندو؟ جيڪو ماڻهو پنهنجي ٻئي پٽ کي قتل لاءِ ڪيئن آماده ڪندو؟

ايڊورڊ برائون ته اسماعيلي فدائين ڏانهن منسوب ”ارضي بهشت“ جي روايتن بابت، مارڪو پولو جي يادگيرين مان، هي اقتباس به پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي:

”شيخ الجبال، جبلن جي وچ ۾ ماٿريءَ کي پاسن کان بند ڪرائي باغ بنايو هو. اهڙو سهڻو ۽ ايڏو وڏو، جو ڇا چئجي! ان ۾ ماڙيون ۽ محل جوڙايا هئائين، جيڪي سدائين چمڪندا رهندا هئا، ۽ تصويرن ۽ رنگن روپن سان آراسته هئا. باغ ۾ طرح طرح جا ميوا هئا. نهرون هيون، جيڪي شرابَ، ماکيءَ ۽ شفاف پاڻيءَ سان وهنديون رهنديون هيون. دنيا جون حسين ترين عورتون، جيڪي مختلف ساز وڄائڻ، وڻندڙ نغما ڳائڻ ۽ مسحور ڪندڙ رقص ۾ ماهر هونديون هيون، سو انهن محلن ۽ ماڙين ۾ رهنديون هيون.

ويهن ٽيهن ورهين جي جوانن کي حشيش پياري، انهيءَ ارضي بهشت ۾ آندو ويندو هو، جتي هو ڪجهه ڏينهن فرحت ڪندا هئا. پوءِ وري ساڳيءَ ريت، نشي جي حالت ۾ کين ٻاهر موڪليو ويندو هو. ائين اٺ ڏهه دفعا کين ارضي باغ بهشت ۾ موڪليو ويندو هو. آخر اهڙن جوانن کي شيخ الجبال جي اڳيان پيش ڪيو ويندو هو، جو کين حڪم ڏيندو هو ته فلاڻي شهزادي ۽ فلاڻي امير کي قتل ڪري اچو... اهڙن جوانن کي ”فدائي“ ڪوٺيندا هئا.... کين ذهن نشين ڪرايو ويندو هو ته جي اوهان اهو ڪم ڪري آيا ته هن بهشت ۾ اچي عيش ڪندا ۽ جي شهيد ٿي ويا ته ملائڪ اوهان کي آڻيندا.“

ارضي بهشت جي روايت ۾، افسانو ۽ حقيقت هجي يا نه هجي، بهرحال، ”فدائين جي تحريڪ“ ۽ ”سياسي قتلن“ ايڏو ته ڏهڪاءُ پيدا ڪيو، جو مسلمان ملڪن جا امير امراءَ ۽ سلطان ته درڪنار، يورپ جي ڏورانهن ڏيهن جا عيسائي بادشاهه به ”شيخ الجبال“ کان ڪنبڻ لڳا.

ابوالڪلام آزاد ”غبار خاطر“ (ساهتيه ايڪيڊمي ايڊيشن، دهلي، صفحو ١٣٩) ۾ لکيو آهي ته:

”شيخ الجبال جي لقب سان پهريائين حسن بن صباح ملقب ٿيو. پوءِ سندس هر جانشين کي انهيءَ لقب سان سڏيندا هئا. ’فرقه باطنيه‘ جو هي نظام تاريخِ عالم جي عجيب واقعن مان آهي. هي نظام ڪنهن به وڏيءَ فوج کان سواءِ ڏيڍ سو ورهيه قائم رهيو ۽ اولهه ايشيا جي مڙني طاقت کي انهيءَ اڳيان جهڪڻو پيو. حسن بن صباح اهو اقتدار فوج ۽ مملڪت جي ذريعي هٿ ڪونه ڪيو هو، بلڪ سندس جانفروش ’فدائين‘ جا بي پناهه حملا هئا، جن کيس هڪ ناقابل تسخير قوت بنائي ڇڏيو هو. وقت جو ڪو بادشاهه، ڪو وزير، ڪو امير، ڪو اهڙو وڏو ماڻهو ڪونه هو، جنهن وٽ سندس پراسرار خنجر پهچي نه سگهي. انهيءَ خنجر جي پهچڻ جو مطلب اهو هو ته جيڪڏهن شيخ الجبال جي فرمائش پوري نه ڪئي وئي، ته توکي قتل ڪيو ويندو.

شيخ الجبال جا ’فدائي‘ سمورن شهرن ۾ پکڙيل هوندا هئا ۽ چونڊ ماڻهن جي پويان آسيب وانگر، محفوط کان محفوظ جاين تي پهچي ويندا هئا.

*


 

٣٤

مغلن جي اسماعيلن جي مرڪز تي چڙهائي:

هن تاريخي پس منظر ۾، هاڻي اها ڳالهه سمجهڻ ڏکي ڪانه آهي ته مغلن، ”الموت“ جي اسماعيلي مرڪز تي چڙهائي ڇو ڪئي؟

فدائين جي تحريڪ ۽ سياسي قتلن جڏهن ايڏو ڏهڪاءُ پيدا ڪيو، جو مسلمان سلطان ۽ عيسائي بادشاهه به ”شيخ الجبال“ جي نالي کان ڪنبڻ لڳا، تڏهن مغل انهيءَ ماجرا ڏانهن متوجهه ٿيا.

’طبقات ناصري‘ جي مصنف، جيڪو قلندر شهباز ۽ بابا فريد جو همعصر هو، لکيو آهي ته چنگيز جي وفات کانپوءِ، سندس پوٽي، منڪوءَ جي دؤر ۾، (جيڪو تليءَ جو پٽ هو، جنهن مرو ۽ خراسان جي ٻين شهرن جو ڪم لاٿو هو)، قزوين جو محقق، عالم ۽ سچو امام، قاضي شمس الدين هڪ دفعو وري خراسان کان قراقرم جو ڏکيو سفر ڪري، منڪوءَ وٽ اسماعيلين جي خلاف دانهن کڻي ويو ۽ چيائينس ته:

”هن کان وڌيڪ ڪهڙي اوندهه ٿيندي، جو اوهان جي حڪومت ۾، اسان بيوس آهيون. اسماعيلين جي جماعت چند قلعا قبضي ڪيا آهن. سندن دين عيسائين، مسلمانن ۽ مغلن جي دين جي خلاف آهي.(1) هو مال ملڪيت جي زور تي توهان کي لالچ ۽ دوکو ڏيئي رهيا آهن ۽ انهيءَ انتظار ۾ آهن، ته توهان جي حڪومت ۾ ٿورڙو وڳوڙ پوي، ته قلعن ۽ پهاڙن مان نڪري اچن ۽ رهيل کهيل مسلمانن کي به ختم ڪن، جو ماڳهن مسلمانيءَ جو نالو به نه رهي.“

طبقات ناصريءَ جي مصنف لکيو آهي ته اهو ٻڌي منڪوءَ کي غصو آيو ۽ ’قلعه الموت‘، ۽ قهستان ۾ اسماعيلين جي قبضي هيٺ ٻين سمورن قلعن جي تباهيءَ جو فيصلو ڪيائين. حڪم ڏنائين ته ايران ۽ عجم ۾ مغلن جا جيڪي به لشڪر آهن، سي اسماعيلين تي حملو ڪن. چنانچه، ڏهن سالن جي عرصي اندر اسماعيلين جا سڀ قلعا فتح ٿي ويا.

***

طبقات ناصريءَ جي هن روايت ۾ ڪجهه ته صداقت آهي ۽ ڪجهه قياس آرائي. ڪي ڳالهيون اصل سمجهه ۾ نٿيون اچن. مغلن کي مذهبي معاملن ۾ دخل ڏيڻ جو شوق ڪونه هو. پر، قاضي شمس الدين جي تقرير جو سڄو زور مذهبي معاملن تي آهي. خاص ڳالهه اها ٿو ڪري ته ”اوهان اڃا به ڪجهه نه ڪيو، ته مسلماني ختم ٿي ويندي!“

منڪوءَ جو مسلمانيءَ سان ڪهڙو واسطو؟ سندس ڏاڏي چنگيز خان ئي ته خوارزم شاهه جي اسلامي سلطنت کي ختم ڪيو هو! پر، جيڪڏهن منڪوءَ کي پنهنجي مسلمان رعايا ايڏي عزيز هئي، ته پوءِ سندس لشڪر اسماعيلين جي مرڪز کي چٽ ڪرڻ کان پوءِ بغداد جي عباسي خلافت کي ڇو ختم ڪيو؟ اتي ڪهڙا اسماعيلي ويٺا هئا؟

ڳالهه پڌري پئي آهي. اسماعيلين جي مرڪز ”الموت“ ۽ عباسي خلافت جي مرڪز بغداد تي، مغلن جي چڙهائيءَ جو مقصد فقط سياسي غلبو هو. هو انهيءَ سڄي علائقي تي پنهنجيءَ حڪومت پڪي پختي ڪري رهيا هئا. چنگيز خان چين ۽ خوارزم شاهه جي فتح کانپوءِ، گوبيءَ جي سڄي رڻ پٽ بدران سڄيءَ دنيا کي فتح ڪرڻ جو خواب ڏٺو هو. چنگيز لفظ جي معنيٰ ئي آهي: ”سمورن انسانن جو شهنشاهه“. هن خراسان ۾ عام ماڻهن جو ڪوس به انڪري ڪرايو هو، ته ڪوبه شخص محمد علاؤالدين شاهه جي خاندان جي حمايت ڪري نه سگهي. عام ڪوس ڪرڻ مان سندس مقصد رڳو ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ هو، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو. چنگيز خان جي وفات کان پوءِ، سندس اولاد، سندس خواب جي تڪميل لاءِ نوان ملڪ فتح ڪرڻ جو ڪم جاري رکيو. انهيءَ پس منظر ۾، مغلن بغداد جي خلافت به ختم ڪئي ۽ اسماعيلين جي طاقت کي به ڪاپاري ڌڪ هنيو.

*


 

٣٥

هلاڪوءَ جو حملو ۽ فدائين جي تباهي

منڪو، جنهن کي مغربي مصنف ”منگو“ ڪوٺن ٿا، مغلن جي شهنشاهه جي حيثيت ۾، ١٢٥١ع ۾ تخت تي ويٺو. پهرئين ئي سال، پنهنجيءَ پارليامينٽ (مشاورتي مجلس)(1) جو اجلاس ڪوٺايائين، جنهن ۾ ٻن فوجي مهمن جو فيصلو ٿيو: هڪڙي چين ڏانهن ۽ ٻي پارس ڏانهن. پهرينءَ جو سپهه سالار قبلائي خان چونڊيائون ۽ ٻيءَ جو هلاڪو خان. ٻئي منڪوءَ جا ڀائر هئا.

هلاڪو سال کن تياري ڪري قراقرم مان پارس روانو ٿيو. سندس لشڪر ۾، هڪ هزار چيني انجنير ۽ توبچي هئا. وڏي آرام سان اڳتي وڌيو ۽ ١٢٥٤ع جو اونهارو ترڪستان ۾ گذاري، سرءُ جي مند ۾ اچي سمرقند پهتو. اتي چاليهه ڏينهن ٻيا به آرام ڪيائين. ڪيش ۾ ارغون به اچي ساڻس مليو، جنهن کي منڪوءَ پارس جو گورنر جنرل مقرر ڪيو هو. ساڻس چيف سيڪريٽري ۽ ان جو ننڍو ڀاءُ، جواني به گڏ هو. هو پوءِ، سمورو وقت، هلاڪوءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. اسماعيلين جي مرڪزي قلعي ”الموت“ جي تباهيءَ وقت به موجود هو ۽ هلاڪوءَ جي اجازت سان انهيءَ جي دنيا ڀر مشهور لئبرريءَ جي سڙڻ کان اڳ، ڪي قيمتي قلمي ڪتاب ڪڍي ورتائين. انهن ۾ ڏنل معلومات جي آڌار تي ”تاريخ جهان ڪشا“ لکيائين، جا انهيءَ دور جو اهم دستاويز آهي.

هلاڪوءَ سڀ کان اول قهستان ۾، اسماعيلين جي ٻن قلعن تي حملو ڪيو: هڪ تون (Tun) ۽ ٻيو قاف (Khwa’f) حملو ڇا ڪيائين، ڄڻ ته قيامت آڻي ڇڏيائين! ڏهن سالن کان مٿي عمر جا ڇوڪرا، جوان ۽ مرد سڀ ڪهائي ڇڏيائين. ان کان پوءِ سندس چالبازيون شروع ٿيون: پيش پوڻ لاءِ حڪم ۽ امن امان جا واعدا، ٻيءَ صورت ۾ تجلا ڏيندڙ تلوارن جا دڙڪا!

”الموت“ جو تڏهوڪو ”شيخ الجبال“ رڪن الدين خورشاهه ٻن باهين جي وچ ۾ اچي ڦاٿو: هڪ طرف مغلن سان مقابلو، جو ڏاڍو ڏکيو هو! ٻئي طرف پيش پوڻ سان اها هلڪي اميد، ته من جان بخشي ڪن! انهيءَ صورتحال ۾، ٻنهي طرفن جي ڳالهه ٻولهه ۽ سوديبازي شروع ٿي. پر، هر ڀيري، رڪن الدين خورشاهه کي ئي ڪجهه نه ڪجهه وڃائڻو پيو. مغل رڳو واعدن مٿان واعدا ڪندا آيا. رڪن الدين خورشاهه پنهنجا ڪي قلعا انهيءَ واعدي سان کين پيش ڪيا ته انهن جي رهاڪن کي مڪمل امن امان ملندي. پنهنجي ڳالهه پڪي ڪرڻ لاءِ شهنشاهه نالي پنهنجو ننڍو ڀاءُ ۽ ٽي سؤ اسماعيلي معزز ماڻهو، ضمانت طور، هلاڪوءَ وٽ موڪليائين، ته انهن قلعن ۾ رهندڙ ماڻهو ڪوبه دنگو فساد نه ڪندا. پر، هلاڪوءَ اول شهنشاهه کي ڪهي ڇڏيو. پوءِ ٽي سو اسماعيلي معزز به مارائي ڇڏيائين. ٻيو ته ٺهيو، پينگهن ۾ ستل ٻارڙن کي به ڪونه ڇڏيائين! ڪن جوانن بهادريءَ سان مقابلو ڪيو، پر هلاڪوءَ جي لکيل واعدي جي باوجود مارجي ويا. ١٩ نومبر تي، فدائين جي تحريڪ جي روحِ روان، ”شيخ الجبال“ رڪن الدين خور شاهه پنهنجو پاڻ هلاڪوءَ جي حوالي ڪيو. ايڊورڊ برائون جي لفظن ۾، ”هلاڪوءَ اسلامي دنيا ۾ ناقابل تسخير شهرت رکندڙ قلعي ”الموت“ کي اول ته ڦريو، لٽيو، پوءِ باهه ڏئي ساڙائي ڇڏيو.“

ايڊورڊ برائون جي بيان ڪيل روايتن موجب، مغلن ستت اسماعيلين جا ٻيا ڪيئي قلعا به فتح ڪري ورتا. ”شيخ الجبال“ رڪن الدين خورشاهه سان پهريائين سهڻو سلوڪ ڪيائون. کيس، سندس مرضيءَ موجب، هڪ خوبصورت مغل خاتون پرڻائي ڏنائون، ۽ هزار عمدا گهوڙا ۽ اٺ وندر ورونهن لاءِ نذراني طور ڏنائون. سنه ١٢٥٧ع ۾ کيس پنهنجي تختگاهه قراقرم ڏانهن موڪليائون. رستي تي، کيس مجبور ڪري، قهستان ۾ باقي بچيل ”اسماعيلي قلعيدارن“ ڏانهن پيغام موڪليائون ته، ”پيش پئو. امن امان جي خاطري ملي آهي. ”پر، جيئن ئي قلعي وارا ٻاهر نڪتا، ته سڀ ڪسي ويا. رڳو قهستان واري قلعي ۾ ئي ٻارهن هزار ڄڻا ته تيغ ٿي ويا.

بخارا ۾ رڪن الدين خوارشاهه سان چڱو سلوڪ ڪونه ڪيائون. قراقرم پهچڻ شرط منڪوءَ جي حڪم ملڻ تي، کيس ماري ڇڏيائون. ائين تاريخ عالم جو هڪ اهم ورق وري ويو.

*


 

٣٦

اسلامي خلافت جو خاتمو

”فدائين جي تحريڪ“ جي تباهيءَ تي اول ته اسماعيلين جي مخالفن ڏاڍا شادمانا ڪيا. پر، هلاڪوءَ، جڏهن ”الموت“ مان واندو ٿي. ”بغداد“ ڏانهن اکيون کنيون ۽ اسلامي دنيا جي عباسي خليفي معتصم بالله کي پيش پوڻ جو حڪم ڏنو، ته ڌرتي ڌڏي ويئي!

هلاڪوءَ بغداد تي حملو ڪيو، اسلامي دنيا جي خليفي کي گرفتار ڪري، چمڙي جي ٿيلهي ۾ بند ڪرائي، ٿڏا هڻائي، مارائي ڇڏيو. ان کان پوءِ پنهنجي لشڪر کي، شهر جي عام مانهن کي ڪهڻ جو حڪم ڏنو. بغداد جي ڀِڪ ۾ دجلو درياءُ وهندو هو، پر جڏهن خلق جو عام ڪوس شروع ٿيو، ته اهڙا ڪيئي دجلا درياءَ انساني رت سان وهڻ لڳا. انسانذات اهو دردناڪ واقعو قيامت تائين وساري ڪونه سگهندي. فارسي زبان جي هاڪاري شاعر، شيخ سعديءَ انهيءَ الميي تي ڏاڍو دلسوز مرثيو چيو آهي، جنهن جا ڪي شعر هي آهن:

آسمان را حق بود گر خون ببارد بر زمين
بر زوال ملڪ معتصم امير المومنين
اڍ محمد! گر قيامت مڍ بر آري بر ز خاک
سر بر آور وين قيامت درميان خلق بين

 

]آسمان کي حق آهي ته زمين تي رت جو مينهن وسائي
معتصم اميرالمومنين جي ملڪ جي زوال تي
اي محمد '! جي قيامت جي ڏينهن مٽيءَ مان اٿندين
ته اٿ ۽ خلق خدا تي هيءَ قيامت ڏس
[

 

فارسي زبان جو هاڪارو شاعر، شيخ مصلح الدين سعدي، ملتان جو مخدوم، غوث بهاؤالحق زڪريا ۽ اسان جو مخدوم ۽ ممدوح، سيد عثمان مروندي ٽيئي ڄڻا همعصر هئا.

*


 

٣٧

قلندر شهباز جو وطن،

مغلن جي حملي کان اڳ ۽ پوءِ

ڪنهن زماني ۾، يونان ملڪ ۾، ڏاڍا ڏاها انسان پيدا ٿيا. انهن ۾ هڪڙو افلاطون هو، جو ايڏو ڪو وڏو ڏاهو هو، جو هن زماني جا ڏاها انسان به سندس نالو ادب ۽ احترام سان کڻندا آهن.

افلاطون جو هڪ قول آهي ته، ”جڏهن آسپاس طوفان جا آثار هجن، وڻن ۾ هوا جو شور ۽ آسمان ۾ ڪڪرن جي گجگوڙ هجي، تڏهن ڏاهي ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته گهر جا دروازا دريون بند ڪري، اندر محفوظ ٿي وهي.“

پر، افلاطون اسان کي اهو ڪونه ٻڌايو آهي ته جي طوفان اهڙو تيز هجي، جو بند ٿيل درن، دروازن ۽ درين جا انجيس اکوڙي وجهي ۽ انهن جا طاق اڇلائي وڃي پري ڦٽي ڪري، ته پوءِ ڏاهو ماڻهو ڇا ڪري؟

خراسان، پارس، غزنه، عراق، عجم ۽ عربَ جي ملڪن ۾، مغلن جي حملي کان پوءِ، اهائي صورتحال پيدا ٿي، ڌرتيءَ تي هر هنڌ انساني رت جا دٻا ۽ تلاءَ هئا، ۽ آسمان، انهن شهرن ۽ ڳوٺن جي دونهين سان ڍڪجي ويو هو، جيڪي مغلن جي ڏنل باهين ۾ سڙي خاڪ ٿيڻ کان اڳ، وسندڙ آباديون هيون: منجهن سرسبز پوکون ۽ باغ بستان هئا، جن ۾ گلابَ رابيل جا گل هئا ۽ انهن کان به سرها ۽ سهڻا انسان رهندا هئا.

جڏهن اسان ننڍڙا ٻار هوندا هئاسين، تڏهن ڳوٺ ۾ هڪ راند ڪندا هئاسين. هڪڙو ٻار ڳوٺ جي آسپاس پوکن کي پاڻي پهچائيندڙ نارن ۽ کوهن جا نالا ياد ڪري، هڪڙو نالو دل ۾ واريندو هو ۽ پوءِ ٻين کان پڇندو هو ته، ”منهنجا همراهه! کوهن ۾ کوهه؟“

جيڪو ٻار، سندس سوال، سڀني کان اڳ ڀڃندو هو، تنهن جا مزا ٿي ويندا هئا.

مغلن جي حملي کان اڳ واري خراسان کي تاريخ نويسن ”باغ بهشت“ سان ڀيٽيو آهي ۽ خراسان جي شهرن ۾ مرو (Merve) کي وري ”هيرن ۽ جواهرن جهڙو شهر“ ڪوٺيو آهي، جيڪو سهڻن باغن ۽ بستانن سان سينگاريل هو.

مرو جي سبزه زارن، سمن زارن ۽ لاله زارن ۾ الائي ته ڪيترا گل هئا! پر، ”گلن ۾ گل“ هڪڙو ئي هو. سندس نالو سيد عثمان مروندي هو. وڏو ٿيو ته سندس سرهاڻ چوڌاري پکڙجي ويئي. قلندر لعل شهباز جي لقب سان مشهور ٿيو. تيرهينءَ پيڙهيءَ ۾، سندس نسبُ، سڌو سنئون، حضرت امام جعفر صادق عليه السلام سان ملي ٿو، جنهن جو نسب وريءَ ڇهينءَ پيڙهيءَ ۾، سڌو سنئون، حضرت علي مرتضيٰ عليه السلام ۽ بيبي فاطمته الزهريٰ سلام الله عليه تائين پهچي ٿو.

حسب نسب جي هن شجري ۾ هاڻي مٿي فقط هڪ منزل آهي: ٻنهي جهانن جا سردار، آقاي نامدار، پيغمبر آخر زمان، حضرت محمد مصطفيٰ، رسول الله، صلي الله عليه وآله وسلم.

***

”خزينته الاصفيا“ ۾ لکيل آهي ته ”حضرت ابو حنيفي جي امام جعفر صادق رحمته الله عليه سان ڏاڍي محبت هئي ۽ کانئن علمي استفادو ڪيائين.“

”بحرالانوار“ جي مصنف، ملا محمد باقر مجلسيءَ لکيو آهي ته هڪ دفعي امام ابوحنيفو ڪنهن فقهي ۽ حديث جي مسئلي متعلق ساڻن ملڻ آيو. حضر امام جعفر صادق لٺ تي ٽيڪ ڏئي، گهران ٻاهر نڪتو.

ابو حنيفي چيو ته، ”سائين، اوهان جي عمر ته اڃا ايڏي ڪانهي، جو لٺ هٿ ۾ کڻو؟“

پاڻ فرمايائون ته، ”اوهان صحيح آهيو. پر، هيءَ عصا مبارڪ نانا سائين (حضور پيغمبر صلعم) جن جي آهي، سو تبرڪ طور کڻندو آهيان.“

اهو ٻڌي، ابو حنيفي کين چيو ته، ”سائين، ڏيو ته چمي ته ڏيانس.“

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام پنهنجيءَ ٻانهن تان چولو مٿي ڪيو ۽ فرمايو ته، ”ابوحنيفا! هيءَ عصا ته ڪاٺ جو ٽڪرو آهي. توکي چمي ڏيڻي آهي ته هن جسم کي ڏي، جو رسول الله ' جن جي جسم مان جڙيو آهي.“

سيد عثمان مرونديءَ جو جسم وري حضرت امام جعفر صادق جي جسم مان جڙيو هو. سندس شان ڏاڍو وڏو هو.

*


 

٣٨

قلندر شهباز جي

حسب نسب جو شجرو

قلندر شهباز جي حسب نسب جو شجرو، خزينه الاولياءَ ۾، ”اخبارالاولياءَ“ جي حوالي سان هيئن ڏنل آهي:

لعل شهباز بن سيد حسن ڪبير الدين بن سيد شمس الدين بن سيد صلاح الدين بن سيد شاهه بن سيد خالد بن سيد محب بن سيد مشتاق بن سيد نواالدين بن سيد اسماعيل بن سيد امام جعفر صادق بن امام محمد بن امام زين العابدين علي بن سيدالڪونين امام حسين عليه السلام(1)

لب تاريخ سنڌ ۾ به سندن شجرو ڏنل آهي، جيڪو هن ريت آهي: ”حضر عثمان مروندي (ميمندي) عرف ’لعل شهباز قلندر‘ ولد سيد ڪبير، ولد سيد شمس الدين، ولد سيد نور شاهه، ولد سيد محمود شاهه، ولد سيد احمد شاهه، ولد سيد هادي، ولد سيد مهدي، ولد سيد منتخب، ولد سيد غالب، ولد سيد منصور، ولد سيد اسماعيل، ولد حضرت امام جعفر صادق رضي الله تعاليٰ عنه.

پر، خزينة الاولياء جي لکڻ موجب، طريقت جي لحاظ کان پڻ سندن سلسلو امام جعفر صادق تائين پهچي ٿو: قلندر لعل شهباز مريد حضرت شيخ جمال مجرد، اهو مريد سيد ابراهيم مجرد، اهو مريد شيخ عاقل شهيد، اهو مريد مسڪين شهيد، اهو مريد مرتضيٰ سبحاني، اهو مريد حضرت امام جعفر صادق عليه السلام.

ڪن ڪتابن ۾ کين سيد ابراهيم مجرد جو مريد لکيو ويو آهي ۽ ان بزرگ کي سيد جمال مجرد جو مريد لکيو ويو آهي.

خزينة الاولياء جي مصنف کين سهروردي اوليائن ۾ به شمار ڪيو آهي، انڪري ڪن ڪتابن ۾ اها به روايت آهي ته پاڻ غوث بهاؤالحق ملتانيءَ جا مريد ۽ خليفا هئا. پر، اها روايت عالمن غير مصدقه قرار ڏني آهي.

*


 

٣٩

سنڌ ڏانهن هجرت

خراسان ۾ مغلن جيڪي قهر ڪيا، تن کان پوءِ، ڪوبه شريف انسان امن سان ته اتي رهي ڪونه ٿي سگهيو. هجرت کانسواءِ ٻيو رستو ئي ڪونه بچيو. مڪي شريف ۾ جڏهن ڪافرن حضور اڪرم صلعم جن لاءِ ڪا راهه نه ڇڏي، تڏهن پاڻ سڳورن به رب جي رضا سان مديني پاڪ ڏانهن هجرت ڪئي هئي.

غوث بهاؤالحق ملتانيءَ جي ڏاڏي سائينءَ به مغلن جي حملي کان پوءِ خراسان مان ملتان هجرت ڪئي هئي.(1) قلندر لعل شهباز کي به مغلن جي حملن کان پوءِ پنهنجي وطن مان هجرت ڪرڻي پئي: ملتان ۾ آيا ۽ سيوهڻ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائون. ان زماني ۾ سنڌ ۽ ملتان هڪ ئي ملڪ هو. سنڌ جي حوالي سان سندن سڃاڻپ ايڏي ته پڪي ۽ پختي ٿي وئي، جو خزينة الاولياءَ جي مصنف لکيو آهي ته ”پاڻ اصل سنڌ جا رهاڪو هئا.“

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سوانح قلندر ۾ لکيو آهي ته ”مغلن سندن علائقي ۾ تباهي مچائي... سو، ائين ٿو معلوم ٿئي ته حضرت شهباز اسلامي دنيا جي سير ۽ سياحت تي نڪتو.“

منهنجي دوست، (مرحوم ۽ مغفور) ميمڻ صاحب کي خبر ناهي ته اها ڳالهه خيال ۾ ڇو ڪونه آئي، ته گهر کي باهه ۾ سڙندو ڏسي، سير سياحت تي ڪيئن وڃبو؟‘

مرحوم ومغفور ميمڻ صاحب ’سياحت‘ جو ذڪر غالبا انڪري ڪيو آهي، جو ڪن ڪتابن ۾ اهڙيون روايتون موجود آهن. هونءَ به قرون وسطيٰ ۾، قلندرانه ۽ صوفيانه مسلڪ وارن درويشن لاءِ ’سير ۽ سياحت‘ نهايت ضروري سمجهي ويندي هئي. خود قرآن ڪريم ۾ به سير ۽ سياحت ڪرڻ لاءِ هدايت ڏنل آهي.

هت وضاحت لاءِ فقط ايترو عرض ڪرڻ مناسب ٿيندو ته اهڙيون غلط روايتون رڳو قلندر لعل شهباز بابت ڪونه گهڙيون ويون آهن. بابا فريد لاءِ وري ائين مشهور ڪيو ويو ته هو بغداد، بخارا، سيوستان، بدخشان، ڪرمان، غزني، ڪشمير، مالوا ۽ اجمير گهمڻ ويو هو، ۽ خواجه شهاب الدين شهاب سهرورديءَ، خواجه اجل شيرازيءَ شيخ سيف الدين باخرزي ۽ شيخ اوحدالدين ڪرمانيءَ سان ملاقاتون ڪيون هئائين. حالانڪ قديم ۽ بنيادي ڪتابن، مثلا: ’فواد الفواد‘، ’خير المجالس‘ ۽ ’سير الاولياءَ‘ ۾ اهڙو ڪوبه ذڪر ڪونهي، سو، ڀانئجي ٿو ته اهي روايتون بعد ۾ گهڙيون ويون آهن. محقق انهن غلط روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، هن نتيجي تي پهتا آهن ته:

”بابا فريد جي سير ۽ سياحت جو جيڪو زمانو بيان ڪيو وڃي ٿو، سو انتهائي پر آشوب دور هو. مغلن جي ڪاهن، رونقدار اسلامي شهرن کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو هو. اسلامي تهذيب ۽ تمدن جا مرڪز صفحه هستيءَ تان مٽجي ويا هئا. جن جاين تي اڳي محلات ۽ ڪتبخانا ڪر کنيو بيٺا هئا، اتي هاڻي مٽيءَ ۽ ملبي جا ڍير هئا. جڏهن ابن بطوطه بخارا سمرقند ۽ بلخ ويو، ته ان وقت به انهن شهرن جو چڱو حصو کنڊهر ٿي چڪو هو. سو، سمجهي سگهجي ٿو ته اهڙين حالتن ۾ صوفين، سياحن ۽ تاجرن جي انهن ملڪن ۾ وڃڻ جو ڪو سوال ئي ڪونه هو. ٻئي طرف، خود انهن ئي ملڪن مان مهاجرن جا قافلا، امن ۽ پناهه جي تلاش ۾، مسلسل هندستان اچي رهيا هئا.(1)

بابا فريد جو والد، قاضي شعيبُ، پڻ معلن جي خوف ڪري غزنيءَ ۽ ڪابل مان هندستان هجرت ڪري آيو هو، ڇو ته پڻس کي چنگيز خان قتل ڪرايو هو. بابا فريد، قاضي شعيب جو ٻيو نمبر پٽ هو ۽ قلندر لعل شهباز جو ساٿي ۽ دوست هو.

*


 

٤٠

قلندر شهباز ۽ اسماعيلي

قلندر شهباز لاءِ ائين چوڻ ته هو اسماعيلي هو يا نه هو، ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي، ڇو ته ان لاءِ دستاويزي ثابتي ته ڪابه ڪانهي.

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جي اولاد مان هئڻ ڪري، نسب جي لحاظ کان حضرت اسماعيل سان سندن قرابت ته پڌري پئي آهي.

پر، اسماعيلي عقيدي يعني ”تعيلم“ جي جيڪا تشريح، حسن بن صباح ڪئي هئي ۽ جنهن جا بنيادي اصول، پري چهر ڪسريٰ ۽ ان کان به وڌيڪ ايڊورڊ برائون پنهنجن ڪتابن ۾ بيان ڪيا آهن، تن مان ته ڪابه ڳالهه، قلندر لعل شهباز جي زندگيءَ جي هن وقت تائين معلوم ٿيل واقعن ۾ نظر ئي ڪانه ٿي اچي.

سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ واريءَ سندن زندگيءَ جون ڪي ڪي جهلڪون ڪتابن ۾ موجود آهن. پر، انهن ۾ به اسماعيلي عقيدن جي ڪا ڳالهه نظر ڪانه ٿي اچي. سنڌ ۾ آيا ته ملتان ويا، جيڪو ڪنهن زماني م اسماعيلين جو مرڪز هو. اسماعيلين جون ڪيتريون ئي ”تاريخ ساز شخصيتون“ اتي ابدي آرام ۾ آهن. پر، سندن قرب ۽ محبت جو رستو، نشست برخواست، سفر، دعوتون، ضيافتون، ٻيو ٺهيو خود دين جي تبليغ، سڀ سهروردي طريقي جي بزرگن سان وابسته هيون، جن جو اسماعيلي عقيدن ۽ بزرگن سان ڪو واسطو ئي ڪونه هو.

سنڌ ۾ به ان وقت جي گهڻن ئي برگزيده شخصيتن سان سندن محبتون هيون. جن جو ذڪر هن مضمون جي منڍ ۾ آيو آهي. پر، انهن مان به ڪو اسماعيلي عقيدن وارو ڪونه هو.

سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ”ابطال الاسماعيليه“ The) great ismaili heroes) نالي هڪ ڪتابُ، سنه ١٩٧٣ع ۾، ڪراچيءَ مان شايع ٿيو آهي، جنهن جي منڍ ۾ آغا خان جو دعائيه خط به ڏنل آهي. ان ۾ منصور اليمان (ٽين صدي هجري) کان وٺي، پير سبز علي (وفات سنه ١٩٣٨ عيسوي) تائين، ٽيهن اهم اسماعيلي مشاهيرن جو احوال ڏنل آهي. پر، قلندر شهباز جو منجهس ڪاٿي به ذڪر ڪونهي.

سو، ڪراچيءَ ۾ اسماعيليه ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽريءَ، شيخ محمد اقبال صاحب جي انهيءَ ڳالهه ۾ وڏو وزن آهي ته ”اصل ڳالهه اها آهي ته قلندر لعل شهباز اسماعيلي ڪونه هو.“

*


 

٤١

قلندرن جو عقيدو

عقيدو اهو اسم اعظم آهي جيڪو ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو رخ طئي ڪري ٿو. جيڪو ماڻهو جنهن مذهبي عقيدي جو هوندو، سو اهوئي رستو اختيار ڪندو. عقيدي جو وڏو واسطو مذهب سان آهي.

غريب غربي کي خيرات ڏيڻ عام خير جو ڪم آهي. ساڳيءَ ريت، جانورن تي رحم ڪرڻ به خير جو ڪم آهي. سنڌ ۾ هندو، رستن تي جانورن لاءِ پاڻي پيڻ جا حوض ٺهرائيندا هئا ۽ سمجهندا هئا ته اهو ثواب جو ڪم آهي. گويا، انهن خير جي ڪمن جو هندوانه يا اسلامي عقيدن سان ڪوبه واسطو ڪونهي. هندو توڙي ملسمان، سڀ انهن کي سٺا ڪم سمجهن ٿا.

وري عقيدو هڪ ڳالهه آهي ۽ عمل ٻي ڳالهه آهي. عقيدي جي لحاط کان مان پاڻ مسلمان آهيان. اسلام جي تعليم ۾ اهو سکيو آهيان ته پنج وقت نماز دين جو پهريون رڪن آهي، ۽ اها جماعت سان مسجد ۾ پڙهڻ گهرجي. پر، مان پنج وقت نماز ته ڪونه پڙهندو آهيان. هڪ ٻه وقت مس پڙهندو آهيان ۽ اها به گهر ۾. البت، جمعي جي نماز مسجد ۾ پڙهندو آهيان. ان جو مطلب اهو ٿيو ته مان عقيدي جي باوجود عمل ۾ ڪمزور آهيان.

ڪي هندو مذهب وارا به ائين عمل ۾ ڪمزور آهن ته ڪي ٻڌ ڌرم وارا به ائين آهن. ڪي پوريءَ طرح پنهنجن مذهبي عقيدن تي پائبند آهن ته ڪي بلڪل ڪمزور آهن.

مغربي ملڪن جا اڪثر عيسائي ته ڪو نالي ماتر پنهنجن مذهبي عقيدن تي قائم آهن. مذهبي نالا به رڳو ان ڪري رکن ٿا، جو جنهن ماءُ ۽ پيءُ جي گهر ۾ ڄاوا، تن جا عيسائيءَ عقيدا ۽ نالا هئا. هونئن نه ته جيڪر پنهنجا نالا به مٽائي، اپولو ۽ اسپوتنڪ رکن.

ڪي ڳالهيون وري اهڙيون آهن، جن کي هر معاشري ۾ خراب سمجهيو وڃي ٿو. مثلا چوري ڪرڻ ڪاٿي به چڱي ڳالهه ڪانه ٿي سمجهي وڃي. ڪوڙ ڳالهائڻ به هر هنڌ خراب ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. ان جو به ڪنهن به مذهب سان واسطو ڪونهي.

اهڙيءَ عام بداخلاقيءَ جو ٻيو مثال هي آهي ته ماڻهوءَ جي دل ۾ هڪڙي ڳالهه هوندي آهي، ۽ ڪندو ٻي آهي. سوچ ۽ عمل جي انهيءَ طريقي کي ”ڊپلومسي“ ڪوٺيندا آهن، جنهن جو سوليءَ سنڌيءَ ۾ مطلب آهي منافقي.

قلندري عقيدي موجب، منافق لعنتي آهي. سو، قلندر جو پهريون پهريون ڪم آهي منافقت جي پاڙ پٽڻ. قلندر ڄڻ ته منافق جي مٿي تي ترار آهي، ڇو ته قرآن منافق جي سخت مذمت ڪئي آهي. منافق ماڻهو رات ڏينهن ماڻهن کي ٺڳيندو رهندو آهي. کين ڏٽو ڏيئي، پنهنجن قريبي دوستن کي رازداريءَ ۾ چوندو آهي ته، ”ويچارو مون ۾ اميد رکي آيو هو. سو، دم دلاسو ڏئي، مڙئي خوش ڪري موڪليومانس.“ منافق ماڻهو سوين روپ اختيار ڪندا آهن. ڪڏهن عام خلق جا خذمتگار بنبا آهن، ته ڪڏهن ملڪ ۽ قوم جا محب! ڪڏهن وري حال ۽ قال جا صاحب! پر، هو ڪهڙا به روپ اختيار ڪن، سراسر ٺڳ، دوکيباز ۽ بداخلاق آهن. کين سڃاڻڻ تمام سولو آهي، جو چوندا هڪ ڳالهه آهن ۽ ڪندا ٻي آهن.

اسان جو معاشرو بيمار آهي. منجهس اهڙن ڪريل ۽ ڪوڙن ماڻهن جي ڪمي ڪانهي. جيئن ڪتن ٻلن جي ڪمي ڪانهي.

پر، بيمار معاشري ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو اعليٰ انسان پيدا ٿيندو آهي، جيڪو سدائين سچ چوندو آهي. اهڙي دلير ماڻهوءَ کي ”قلندر“ ڪوٺيندا آهن. قلندر ڪنهن جي به ڪاڻ ڪونه ڪڍندو آهي. حافظ جي لفظن ۾:

ما رند و خراباتي و ديوانه و مستيم،
پوشيده چه گوئيم، همانيم که هستيم.

 

”برهان قاطع“ فارسي زبان جي مڃيل مستند لغت آهي، انهيءَ ۾ ”قلندر“ لفظ جي معنيٰ ۽ تشريح هيئن ڏنل آهي:

قلندر

بروزن سمندر، عبارت از ذاتي است
که از نقوش و اشکال عادتي و آ مال بي سعادتي
مجرد و باصفا گشته باشد و بمرتبه روح
ترقي کرده و از قيود تکلفات رسمي و
تعريفات اسمي خلاص يافته و دامن
وجود خود را از همه بريد مو طالب جمال
و جلال حق شده و بدان حضرت رسيده
و اگر ذره اي بکونين و اهل آن ميلي
داشته باشد از اهل غرور است نه قلندر.

 

قلندر ُ: بر وزن سمندر، يعني قلندر سمندر جي وزن تي آهي. قلدنر جو اچار سمندر وانگر ڪبو.

قلندر مان مراد اهڙو شخص آهي، جيڪو رسم ۽ رواج جي هر شڪل ۽ صورت کان پري هجي، ۽ ان کان پاڪ هجي. روحاني ترقي ڪري، رسم ۽ رواج جي پابندين ۽ ظاهري رک رکاءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪو هجي، سڀني سان لڳ لاڳاپا ٽوڙي فقط ذات حق (خداوند تعاليٰ) جي جمال ۽ جلال ڏانهن متوجهه ٿيو هجي ۽ انهيءَ ذات پاڪ تائين رسائي حاصل ڪري چڪو هجي. جيڪڏهن اهڙو شخص ٻنهي جهانن مان ڪنهن به شيءِ جي ذري برابر به آرزو رکي ٿو، ته اهو اهل غرور آهي- قلندر ڪونهي.

”برهان قاطع“ ۾، قلندر لفظ جي هيءَ معنيٰ، تعريف، توصيف ۽ تشريح پڙهڻ سان، ذهن ۾ قرآن ڪريم جي انهيءَ ئي آيت جو پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، جا هن مضمون ۾ اڳي به آئي آهي:

”مون سڀني کان هٽي، پنهنجو رخ، انهيءَ ئي (ذات پاڪ) جي رخ ڏانهن ڪيو آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو آهي.“

اها آيت قلندري مسلڪ آهي. قلندر شهباز زندگيءَ ڀر، انهيءَ ئي مسلڪ تي قائم رهيو. ظاهري طرح ماڻهو کيس ”ملامتي“ ڪوٺن، يا ٻيو ڪجهه، تنهن سان ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي.

”برهان قاطع“ ملامتيءَ جي هي معنيٰ لکي آهي: ملامتي انهيءَ شخص کي چئبو آهي، جيڪو پنهنجيءَ عبادت کي ٻين کان لڪائي، پر، ڏوهه ۽ گناهه نه لڪائي، ۽ پنهنجن ثواب ۽ خير جي ڪمن جي به تشهير نه ڪري. هاڻي، انهيءَ معنيٰ ۾، ’ملامتي‘ ۽ ’قلندر‘ ۾ ڪو فرق ڪونهي.

’ملامتي‘ ماڻهن کان عبادت انڪري لڪائيندو آهي، ته هو کيس بزرگ شخص سمجهي، سندس تعظيم۽ تڪريم ۾ سندس اڳيان نياز ۽ نوڙت نه ڪن، ته متان پاڻ غرور ۾ پئجي وڃي. هو ڏوه ۽ گناهه انڪري ڪونه لڪائيندو آهي، ته اها ته سراسر منافقي ٿيندي، يعني ظاهر ۾ پرهيزگاري ۽ پس پردهه خرابي! اها ته قلندري جي نفي ٿيندي.

قلندري مسلڪ ۾ سڀ ڳالهه رب جي راضپي لاءِ آهي.

***

”قلندر“ ۽ ”ملامتي“ لفظن جي مٿئين مفهوم جي روشنيءَ ۾ اسان کي لعل شهباز جي زندگيءَ تي نظر وجهڻ گهرجي.

١. چوندا آهن ته عام طرح، معاشري ۾ ٽي ڳالهيون فتني ۽ فساد جو ڪارڻ آهن: زال، زر ۽ زمين. هونئن ته هر هنڌ فتني ۽ فساد جا ڪارڻ ٻيا به ڪيترائي نظر ايندا، پر مکيه مٿين ٽن مان ڪو هوندو.

قلندر لعل شهباز سڄي عمر شادي ڪانه ڪئي. ساڻس ڪو معاشقو به منسوب ڪونهي. انسان کي گهر جي تمنا ٿئي ٿي، اولاد، ٻار ۽ ٻچي جي آرزو ٿئي ٿي. سهڻيءَ صورت ڏانهن رغبت ٿئي ٿي. پر، هن وقت تائين سندس زندگيءَ جا جيڪي به ٿورا گهڻا واقعا معلوم ٿيا آهن، تن مان ثابت ٿو ته زندگيءَ جي انهيءَ اهم ۽ بنيادي خواهش کان پاڻ پلي ڇڏيو هئائين.

ملتان ۾ اچڻ کان پوءِ، جن بزرگن سان سندس گهڻو لڳ لاڳاپو ٿيو، تن ۾ بابا فريد به شامل آهي. وڏو اولياءُ هو، الاهي شاديون ڪيائين. پر، قلندر شهباز هڪ به ڪانه ڪئي. سڄي عمر جتي ستي رهيو. اهو معجزو ڪيئن ڪيائين، سو معلوم ڪونهي. پر، ڪري ڏيکاريائين.

٢. قلندر شهباز جي من کي زمين ۽ زر جي ڪشش به ميرو ڪري ڪانه سگهي. دنيا ۾ جهيڙو ۽ جهڳڙو آهي ئي مال ملڪيت تي. شهزادي محمد بن غياث الدين بلبن کيس ملتان ۾ خانقاهه ٺهرائي ڏيڻ جي آڇ ڪئي، پر قبول ڪانه ڪيائين. ظاهر آهي ته شهزادو، ان زماني جي دستور موجب، ڪي ڳوٺ، باغ بستان ۽ زرخيز زمينون به خانقاهه جي خرچ پکي لاءِ وقف ڪري ها. پر، قلندر شهباز کي انهن لاءِ ڪا رغبت ئي ڪانه هئي.

غوث بهاؤالحق ملتاني ڪيڏو نه وڏو اولياءُ هو. سنت موجب تجارت ڪندو هو ۽ ڪامياب تاجر هو. ڏاڍو سخي هو. الائي ته ڪيڏي مخلوق سندس خانقاهه تي پلبي هئي. وفات کان پوءِ به وڏي ملڪيت ڇڏيائين، پر، قلندر شهباز ڪابه ملڪيت ڪانه ڇڏي.

٣. ٻيا درويش بادشاهن جا نذر نياز ۽ نذرانا قبول ڪندا هئا. پر، قلندر شهباز انهن ڏي اک کڻي به ڪونه نهاريو. ايتري روايت سو ڪتابن ۾ ملي ٿي ته سيوهڻ ۾ هڪ هندو هوندو هو، جو اٺين پهر کيس مٺي ماني پچائي، نذراني طور پيش ڪندو هو. ڀلا ڀاڳ اسان جي انهيءَ هندوءَ يار جا. ساڻس ريس ڪير ڪري! قلندر شهباز جهڙي فقير روشن ضمير، وقت جي مسلمان بادشاهن ۽ سلطانن جا باغ بستان ۽ سيم ۽ زر جا نذرانا ته قبول ڪونه ڪيا، پر، هندو يار جي هٿن جو پڪل لولو ”بسم الله“ ڪري کاڌو.

سنڌ کي انسانيت جو اهو اعليٰ درس قلندر لعل شهباز ڏنو!

قلندر نامي (سنڌي) ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ لکيو آهي ته انهيءَ هندو دوست جو نالو مهتو منجر هو. سندس آڪهه اڃاتاين سيوهڻ ۾ آهي. ميراڻي سڏبا آهن.

٤. چوڻي آهي ته spirit is strong but flesh is weak جنهن ماڻهوءَ کي گهر ٻار ۽ مال ملڪيت جو سهارو ڪونهي، تنهن کي تنهائي، بي سرو ساماني ۽ اڃ بُک نيٺ ٿڪائي وجهن ٿيون. اڪيلو ماڻهو اڳي پوءِ منجهي موڳو ٿي پوي ٿو. جسماني صحت ئي سندس ساٿ ڇڏي ڏئي ٿي، پر، قلندر شهباز جي زندگيءَ ۾ اهڙي ڳالهه به نظر ڪانه ٿي اچي.

گپ چِڪ جي هن جهان ۾، سؤ سالن جي ڀرپور زندگي ڪنول جي گل وانگر، گذاريائين. انساني حياتيءَ جو اذيتناڪ پهلو اکين سان ڏٺائين، يعني سندس وطن ۾ مغلن جا هاڃا ۽ راڱا، پر، پوءِ به سندس من ملول ڪونه ٿيو ۽ روح هر آلائش کان پاڪ رهيو. هميشه زندگيءَ جي روشن رخ تي نظر رکيائين.

ملتان ۾ آيو ته گلاب ۽ رابيل جهڙن سرهن انسانن سان سنگت رکيائين: غوث بهاؤالحق ملتاني، بابا فريد ۽ اچ جو سيد جلال بخاري. ساڻن گڏجي سير سفر ۽ نيڪ ڪمن جي تبليغ ڪندو هو. سندن محبت انهيءَ منزل تي پهتي، جو تاريخ جي ورقن ۾ هاڻي کين ”چار يار“ لکيو وڃي ٿو.

سيوهڻ ۾ آيو ته سنڌ جي اهل دل انساني ۽ اوليائن سان صحبت ڪرڻ ويندو هو. جڏهن انهن مان ڪو رحلت ڪندو هو، ته پيرسنيءَ جي باوجود، سندس پوين کي فاتحه ڏيڻ ويندو هو. گويا، موتيءَ فوتيءَ ساڻن پير کڻندو هو.

قلندر شهباز جي زندگيءَ جا هي واقعا سندس عقيدي ۽ عمل جا آئينه دار آهن. انهيءَ حقيقت تي شاهد آهن ته پاڻ اسم بامسميٰ  قلندر هو. جيئن ته ذاتي نام نمود ۽ تشهير قلندري مسلڪ جي منافي هئي، تنهنڪري سندس زندگيءَ جا اڪثر واقعا ماڻهن جي اکين کان اوجهل ٿي ويا. ساڳئي سبب ڪري، سندن ملفوظات قلمبند ڪرڻ جو به ڪو امڪان ڪونه رهيو هوندو. جيتوڻيڪ، ڏانهن منسوب ڪن ”جڙتو ملفوظات“ جي امڪان کي رد ڪري نٿو سگهجي.

حفيظ الله پنهنجي ڪتاب ”احوال و آثار شيخ فريد الدين مسعود گنج شڪر“ ۾ لکيو آهي ته ”بابا فريد جي سير ۽ سياحت جو ذڪر رڳو ڪوڙ آهي. اها روايت انهيءَ بزرگ ڏانهن منسوب ’جعلي ملفوظات‘ مان ڦهلي آهي.“


(1)  داعيءَ جي ذمي اھڙي ”علائقي“ کي اسماعيلي اصطلاح ۾ ”بَحر“ ڪوٺيندا ھئا. ايڊورڊ برائون: پارس جي ھڪ ادبي تاريخ.

(1)  طبقات ناصري، جلد ٻيو صفحو ٢٢٩، مصنف منھاج سراج، مرتب: عبدالحيي حبيبي، مترجم: غلام رسول مھر، نظر ثاني: پير حسام الدين راشدي.

(1)  مغلن جي ٻوليءَ ۾ اھڙيءَ پارليامينٽ کي قريلتي (Quriltay) ڪوٺيندا ھئا. ايڊورڊ برائون: پارس جي ھڪ ادبي تاريخ.

(1)  خزينة الاصفيا: غلام سرور لاھوري، مڪتبه نبوية لاھور، سنھ ١٩٩٤ع صفحو ٧٩

(1) Voyage through history by M.H. Zuberi p. 310

(1)  احوال و آثار، فريدالدين مسعود گنج شڪر، مصنف: خليق احمد نظامي، مترجم: قاضي محمد حفيظ الله، مدير: محمد ارشد قريشي، المعارف، گنج بخش روڊ، لاھور، ١٩٨٣ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org