سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جا بَر، بَحرَ ۽ پهاڙ

باب:

صفحو:7 

ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ words of wisdom ”ڏاهپ جا اکر“ عنوان هيٺ بعضي بعضي سهڻيون ڳالهيون نظر اينديون آهن. هڪ دفعي هي گفتو لکيل هو:

Rich is the person who has a purpose in life

”امير آهي اهو ماڻهو، جنهن جي زندگي بامقصد آهي.“ ٻئي دفعي وري انهيءَ عنوان هيٺ هي گفتو نظر آيو:

”ڪرامتون هاڻي به ٿين ٿيون، پر اسان جي مٿن نظر ڪانه ٿي پوي.“

قلندر لعل شهباز جي ڪرشمه ساز شخصيت جي حقيقي ڪارنامي ۽ ڪرامت تي ڪنهن جي به نظر ڪانه پئي، ته شو جو مندر، قلندر آستانو ڪيئن ٿي ويو، ڇو ته اله آباد واريءَ عبادتگاهه جي ياترين وانگر اسان جا تذڪري نگار به ڪتابن ۾ پنهنجيءَ پنهنجيءَ پسند جو منظر چِٽيندا رهيا. درحقيقت، دنيا جي ميلي ۾ هر انسان پنهنجيءَ پنهنجيءَ پسند جو منظر ڳولي ٿو.

هاڻي، هنن غلط روايتن جي گرد ۽ غبار ۾ قلندر لعل شهباز جي متبرڪ قدمن جا صحيح نشان ڳولڻ، انڪري به ڏکيرو ڪم ٿي پيو آهي، جو وقت پنهنجي بي رحم دستور موجب، ”وجود“ تي ”عدم“ جا پڙن مٿان پڙ چاڙهيندو رهيو آهي. قلندر شهباز کي هن جهان کان پردو اختيار ڪئي، ڀريا ست سؤ ورهيه ٿيا. ان وچم، ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾:

لڳي لڳي واءَ، ويا انگڙا ئي لٽجي.

سنڌ ۾ انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾، علمي لحاظ کان، هڪ تمام سهڻو ڪم ٿيو. شاهه سائينءَ جي حياتيءَ، ڪلام ۽ پيغام تي گهري تحقيق (In-depth study) ٿي. شاهه جو پهريون پهريون رسالو، هڪڙي يورپي عالم ئي جرمنيءَ مان ڇپايو. ڪا محنت ڪئي هوندائين! سنڌي زبان جي پهريون ڀيرو، ديار غير ۾، ٽائيپ ٺهرائي هوندائين، ۽ الائي ته ڪيڏا ڪشالا ڪڍيا هوندائين.

انگريز ١٩٤٧ع ۾ هتان هليان ويا. اسان جو ملڪ غلاميءَ مان آزاد ٿيو، ۽ پير علي محمد راشديءَ جي لفطن ۾: هند کي سوراج ۽ سنڌ کي پاڪستان جڙيو.“ سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم جي واڌاري واسطي جدا جدا ادارا ۽ يونيورسٽيون ۽ شاهه سائينءَ جي آفاقي ڪلام کي عام ڪرڻ لاءِ خاص انجمنون ۽ مرڪز جڙيا. ڪئين ڪروڙين رپيا خرچ ٿيا. پر، ڪنهن کان به ايترو ڪونه پڳو، ته ارنيسٽ ٽرمپ جي سنڌ ۽ اهل سنڌ تي احسان جي اعتراف طور، سندس ياد ۾ ڪو باوقار جلسو ئي ڪري! بي حسيءَ ۽ بي مروتيءَ جي حد آهي.

حميت نام تها جس کا، گئي تيمور کڍ گهر سڍ

هڪ انگريز ڪمشنر پنهنجيءَ نياڻيءَ جي تعليم ۽ تربيت لاءِ، شاهه سائينءَ جي حياتيءَ جو احوال لکرايو. ٻئي هڪ انگريز اعليٰ عملدار، جنهن سنڌ ۾ نوڪري ڪندي، سنڌي ٻوليءَ تي سٺو ملڪو حاصل ڪري ورتو هو. شاهه سائينءَ جي حياتيءَ، ڪلام ۽ پيغام تي تحيق ڪري، Shah abdul latif of bhit نالي سان هڪ اهڙو ته شاهڪار ڪتاب لکيو، جنهن جهڙو ٻيو تحقيقي ڪتاب اڇا ته سنڌ ڪونه لکي سگهي آهي. ڪتاب ڇا آهي ڄڻ ته شاهه سائينءَ جي زماني جي ”سنڌ جي انسائيڪلوپيڊيا“ آهي، ۽ سورلي ان کي اهڙن ته دل ڀڄائيندڙ اکرن ۾ سنڌ جي عوام ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جو پڙهه ته اکيون آليون ٿي ٿيون وڃن. پر، سنڌ جي ڪنهن به عالم يا اديب کي اها توفيق ڪانه ٿي، جو پنهنجي ڪتابُ سورلي ڏانهن منسوب ڪري. ”جي وڙ جن سونهن، سي وڙ سي ئي ڪن.“

سورلي نوڪريءَ مان رٽاير ڪيو، ته ست سمنڊ پار به سنڌ ۽ ڀٽائيءَ کي ڪونه وساريائين. روڊيشيا ۾ گهرڙو ڪري وهڻ کان پوءِ، سڄيءَ دنيا جي اڍائن هزارن ورهين جي چونڊ ”غنائيه شاعري“(1) (lyrical poetry) تي (Musa parvagunis) نالي سان ٻيو عمدو ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ دنيا جي اعليٰ کان اعليٰ شاعرن سان ڀيٽ ڪري، ڀٽائيءَ کي پهريون نمبر ڏنائين. سندس اصل انگريزي لفظ هي آهن:

“But to me in this gathering of excerpts from the works of thirteen real poets, speaking six different languages, the first place goes to shah abdul latif of sindh”

]پر، منهنجي خيال موجب، (دنيا جي) تيرهن سچن شاعرن مان، جيڪي ڇهه مختلف ٻوليون ڳالهائن ٿا، پهرئين نمبر تي سنڌ جو شاهه عبداللطيف اچي ٿو.[

قلندر لعل شهباز تي به ڪو ارنيسٽ ٽرمپ، ڪو ڊاڪٽر سورلي تحقيق ڪري ها، ته غلط روايتن جي گرد و غبار ڦهلجڻ بدران، اڄ جيڪر سندن حياتيءَ ۽ پيغام تي high way of information ”معلومات جي شاهراهه“ جڙي پوي ها.

مٿئينءَ صورت حال تي ۾، مون کي قلندر شهباز جي سلسلي ۾، جيڪي چار چڱيرا ڪتاب اهڙا نظر آيا، تن جو مختصر جائزو وٺي، انگ اکر پڙهندڙ جي خدمت ۾، ادب سان پيش ڪريان ٿو، ته جيئن کين سنڌ جي هن ولي الله جي متبرڪ خدو خال جو ذهن ۽ ڪو خاڪو تيار ڪرڻ ۾ مدد ملي.

*


 

٧

قلندر نامو سنڌي

هيءُ ڪتاب حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ سنه ١٩٠٤ع ۾ لکيو ۽ شڪارپور جي ڪتب فروش، منشي پوڪرداس ساڳئي سال شايع ڪيو.

حڪيم فتح محمد سيوهڻ جو ويٺل هو. سندس شمار ويهينءَ صديءَ جي شروعاتي برک سنڌي عالمن ۽ اديبن ۾ ٿئي ٿو. سنڌي زبان ۾ قلندر نامي سنڌيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪتاب لکيائين، جن ۾ ”حيات النبي“، ”ميراڻي سنڌڙي“ ۽ ”آفتاب ادب“ مشهور آهن. چوٿون ڪتاب ”ابوالفضل ۽ فيضي“ آهي، پر اهو ننڍڙو آهي. ضخامت جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو ”حيات النبي“ آهي.

سنڌي زبان ۾، هن وقت تائين جيڪي به ڪتاب شايع ٿيا آهن، تن ۾ ٻيو ڪوبه ڪتاب ڪنهن به موضوع تي ”حيات النبي“ کان وڌيڪ ڪونه ڇپيو آهي. پهريون ڇاپو ته الائي ڪنهن ۽ ڪٿي ڇپيو. پر، پوءِ جا سڀ ڇاپا سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. ڪتاب جي ايڏي مقبوليت ان ڳالهه جو به پڪو پختو دليل آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي ’ڪهڙيءَ اعليٰ ۽ ارفع شخصيت جي ڳالهه‘ سڀ کان گهڻي وڻي ٿي:

ماهرچه دانئيم، فراموش کردئيم
الا حديثِ يار، که تکرار مي کنيم

 

]اسان جيڪي به سکون ٿا، سو سڀ وساري ڇڏيون ٿا سواءِ جيڪي يار جي ڳالهه جي، جيڪا وري وري ڪريون ٿا.[

حڪيم صاحب سٺو اديب به هو ۽ هوشيار طبيب پڻ. سيوهڻ مان لڏي ڪراچيءَ اچي ويٺو هو، جو سيوهڻ پؤڻو پوندو ٿي ويو ۽ ڪراچي اسرندڙ شهر جي صورت وٺي رهي هئي. اها ڳالهه حڪيم صاحب جي ”مستقبل جي سوچ“ جي نشاندهي ڪري ٿي. موصوف راڄنيتي مسئلن يعني ان دؤر جي ”امور سياست“ ۾ به گهري دلچسپي رکندو هو. مون سان رحيم بخش سومري صاحب ڳالهه ڪئي ته، ”بابا (خانبهادر الله بخش سومرو، چيف منسٽر سنڌ) مون کي موٽر ۾ ساڻ کڻي، حڪيم صاحب جي دواخاني تي هلندو هو. ملڪ اڃا آزادي ڪانه ماڻي هئي، سو پوليس وارا وڏن ماڻهن جي موٽرن اڳيان توتارا وڄائيندا ڪونه ويندا هئا. ننڍي وڏي وزير جي ڪار به ٻين عام خاص ماڻهن جي موٽرن وانگر پنهنجو پاسو ڏئي رستي سان خاموشيءَ سان لنگهي ويندي هئي. حڪيم صاحب اسان کي ڏسي، دواخاني جي اڳيان آرام ڪرسيون وجهائيندو هو ۽ پنهنجي ڀائٽيي کي چاءِ ٺاهڻ لاءِ چوندو هو. پوءِ اسان چاءِ به پيئندا هئاسون ۽ حڪيم صاحب سان سنڌ جي سياست تي ڪچهري به ڪندا هئاسين.“

حڪيم صاحب جهرا بزرگ پنهنجي عزيز اقاربَ، يار دوستار، پاڙي پنبي، راڄ، تر، شهر ۽ وطن جي معاملن ۾ گهري دلچسپي وٺندا هئا ۽ هر معاملي ۾ پنهنجو فرض ادا ڪندا هئا، سو حڪيم صاحب ان ڳالهه کي پنهنجو فرض سمجهيو، ته قلندر شهباز جي مقدس حياتيءَ تي ڪتاب لکي، ڇو ته سندس چوڻ آهي ته ”اڳ ۾ قلندر شهباز تي سنڌي زبان ۾ ڪوبه ڪتاب ڪونه لکيو ويو هو.“

مون حڪيم صاحب جو ڪتاب پڙهيو آهي. شروع ۾ جناب شيخ عبدالواسع ”عبد“، حڪيم صاحب جو ’تعارف‘ لکيو آهي، جنهن ۾ حڪيم صاحب جي علمي خذمتن سان گڏ ان دور جي ادبي ماحول ۽ سرگرمين جو ذڪر به آهي. پر، ڪٿي اشاري سان به ائين چيل ڪونه آهي ته قلندر شهباز تي سنڌي زبان ۾ ڪي ڪتاب اڳيئي موجود آهن ۽ هاڻي حڪيم صاحب هي نئون ڪتاب لکي، انهن ۾ واڌارو ڪيو آهي. اها حقيقت به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته قلندر نامي سنڌيءَ کان اڳ سنڌي زبان ۾ قلندر لعل شهباز تي ڪوبه معتبر ڪتاب لکيل ڪونه هو.

حڪيم صاحب پنهنجي ’پيش لفظ‘ ۾ چيو آهي ته کيس گهڻا قلمي ڪتاب دستياب ٿيا، جن مان انتخاب ڪري ”قلندر نامو“ سنڌي ٺاهيائين. خاص طرح سان ٽن ڪتابن مان مدد ورتائين. ١. تذڪره مشائخ سيوستان، ٢. قلندر نامو فارسي ۽ ٣. اخبار الاخيار. انهن ٽنهي ۾ قلندر نامي فارسيءَ جي گهڻي تعريف ڪئي اٿس ۽ اهو به لکيو اٿس ته ان جو لکندڙ معلوم نه آهي. ان روايت کي به رد ڪيو اٿس ته مخدوم عبدالواحد سيوستانيءَ جو لکيل آهي، ڇو ته منجهس ڪجهه احوال ’تذڪره مشائخ سيوستان‘ تان ورتل آهي، جنهن ۾ مخدوم صاحب جي حياتيءَ جو احوال، وفات جي تاريخ سميت ڏنل آهي. حڪيم صاحب اهو پڻ چيو آهي ته ”ڪيترا ڪتاب اهڙا به هٿ آيا،جيڪي نامحقق هئا. انهن ۾ هڪ ته گلستان جيڏو ضخيم هو، پر نامحقق هو.“ يعني غلط روايتن ۽ ڪوڙين ڪرامتن سان ڀريل هو.

حڪيم صاحب قلندر نامو سنڌي سنه ١٩٠٤ع ۾ لکيو ۽ ساڳئي سال ان کي شڪارپور جي تاجر ڪتب منشي پوڪرداس شايع ڪيو، جيڪو سنڌي ڪتابن جو واپاري به هو ۽ ناشر به پڻ. مون سنه ١٩٤٣ع ڌاران، کيس ڏٺو. اڃا ٻار هئس، پر ايترو ياد اٿم ته سندس دڪان وچ بزار ۾ هو ۽ ان تي گولا (پيٽرومئڪس) پئي ٻريا. سومهاڻيءَ جي مهل هئي، پر سندس دڪان تي چڱي پيهه هئي.

بابا سائينءَ کي خليفي نبي بخش جو سرائڪيءَ ۾ سسئي پنهونءَ جو منظوم قصو وٺڻو هو، جو منشي پوڪرداس جو لٿو ۾ ڇپيل هو. اسان کي چڱي دير ڪتاب لاءِ انتظار ڪرڻو پيو، جو الاهي ماڻهو اڳيئي دڪان اڳيان بيٺا هئا. ان زماني ۾ گهڻا تڻا ڪتاب لٿو ۾ ڇپبا هئا.

منشي پوڪرداس هو ته ڪتابن جو واپاري، پر واپار جي سانگي سان ئي سهي، سنڌي زبان ۽ ان جي ادب جي ته وڏي خذمت ڪري ويو. هندستان ۾ منشي نولڪشور اردو ادب جي خذمت ڪئي، ته اڄ اردو عالم پاڪستان ۾ سندس ساراهه جا قصيدا ڳائيندا رهن ٿا. پر اسان وٽ جيڪڏهن ڪتابن ۽ رسالن ۾ هاڻي منشي پوڪرداس جو نالو نشان به نظر ڪونه ٿو اچي، ته ان ۾ حيرت جي ڳالهه ڪانهي. احسان جو قدر ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ ۾ شناس جو انگ هئڻ ضروري آهي.

*


 

٨

سوانح حيات قلندر

سنڌي زبان ۾ قلندر شهباز تي پهريون پهريون معياري ڪتاب حڪيم صاحب جو آهي، ته پويون اهم ڪتاب ”سوانح حيات قلندر“ جي نالسا ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو آهي، پر ٻئي اڻلڀ آهن. عزيزم الطاف آگري حڪيم صاحب جي ڪتاب جي فوٽو ڪاپي برادرم عبدالقادر جوڻيجي کان هٿ ڪري ڏني، قلندر شهباز تي ٻه ڪتاب ٻيا به ڏٺائين، پر چيائين ته رڳو ڪرامتن جا انبار هئا. عزيزم ناشاد وري ميمڻ صاحب جو ڪتابُ، برادرم غلام محمد لاکي کان وٺي موڪليو. ايتري ۾، ميمڻ صاحب به ڪتاب جي ڪاپي موڪلي ڏني، ۽ ٻڌايائين ته ’ڳچ عرصي کان ناچاق هئس.‘ مڙني مهربانن علم پروري ڪئي. اها سندس سخاوت جي نشاني آهي.(1)

هندستان جي هڪ سنڌي پروفيسر، مسز روما کي سنڌي پهاڪن تي ڪتاب کپندا هئا. ڇٺيءَ ڇماهيءَ، مون کي خط پٽ لکندي رهندي آهي، سو اميد رکي، گهر ڪيائين، مون کيس گهربل ڪتاب موڪليا. ڏاڍي خوش ٿي، پڇا تي ٻڌايائين ته ”اسان حيدرآباد جا سنڌ ورڪي آهيون. اتان سائگان لڏي وياسين، جتان وري ڪجهه سالن کان پوءِ فرانس لڏي آياسين. مان پئرس مان فرينچ ۾ پي. ايڇ. ڊي. ڪري رهي آهيان. هاڻي هندستان آيا آهيون، ته مائٽن زور رکيو آهي، ته سنڌي پهاڪن تي ريسرچ ڪر. سو ان لاءِ ڪتاب کپن. پر، هتان جا سنڌي هندو ڀائي سخت ڪنجوس آهن. مجال جو کڻي ڪو ڪتاب ڏسڻ لاءِ ڏين!“

سندس شڪايت ٻڌي افسوس ٿيو. هند جا هندو هجن يا سنڌ جا مسلمان، علم ۾ بخل ته حيرت جهڙي ڳالهه آهي!

سنڌي زبان ۾ قلندر شهباز تي رڳا ٻه ٽي مختصر ڪتابَ هجن، سابه حيرت جهڙي ڳالهه آهي! سنڌ جي ماڻهن کي لعل سائينءَ سان عشق آهي.

سنڌ ۾ ايامن کان وٺي وڏي ۾ وڏا ميلا ٻه لڳن ٿا: هڪ لعل جو ۽ ٻيو ڀٽائيءَ جو. جي چئجي ته انهن ٻن ميلن ۾ سوين هزارين ماڻهو اچن ٿا ته ڪوبه وڌاءُ ڪونهي. ايڏي تعداد ۾ ماڻهن جو ميلن ۾ اچڻ ٻه ڳالهيون ڏيکاري ٿو: هڪ ته خلق جي لعل ۽ ڀٽائيءَ سان عقيدت ۽ ٻيو ميلي ۾ وندر ورونهن. جيڪڏهن ائين چئجي ته خلق رڳو اوليائن سان عقيدت ڪري اچي ٿي، ته به صحيح ڪونهي. ٻهراڙين جا ماڻهو ڏاڍا مجبور آهن. کين وندر ورونهن آهي ئي ڪونه. هڪڙا ويچارا دال مانيءَ لاءِ رات ڏينهن هڻ هڻان ۾، ته ٻيا وري نکمڻا خان، جن کي سواءِ ڀڀ ڀري کائڻ جي ٻيو ڪو ڪم ڪونهي. سو، غريب غربو جو ميلي جو ٻڌي، ته هن لاءِ ته ڄڻ عيد ٿي! سائين جي.ايم سيد چوندو هو ته چوڻ آهي ته، ”ياران جهرمر لاتي، ساڏا روح به نه رهيا.“ لعل ۽ ڀٽائيءَ جي ميلن ۾ ته هشام ماڻهن جا مڙن ٿا.

ٻنهي اوليائن سان خلق جي عقيدت جي ٻي به ثابتي آهي. منهنجو دوست، دريا خان ڪوريجو، اوقاف کاتي جو چيف ايڊمنسٽريٽر هو. سنڌ ۾ جن درگاهن تي خلق سڀ کان گهڻو نذرانو ڏئي ٿي، تن جا نالا پڇيامانس، ته چيائين ته قلندر شهباز ۽ ڀٽائي بادشاهه جا نالا انهن ۾ سرفهرست آهن. جيڪڏن اهو نذرانو سرڪاري ٽئڪس هجي ۽ زوريءَ وصول ٿيندو هجي ته ٻي ڳالهه ٿي، پر غريب ماڻهو جو لکين رپيا هر سال سڪ سان نذرانو رکن ٿا ته اها سندن دلين ۾ اوليائن جي عقيدت جي پڪي پختي ثابتي چئبي.

تاهم، حقيقت اها آهي ته سنڌي زبان ۾ حڪيم صاحب جو ڪتاب سنه ١٩٠٤ع ۾ ڇپيو ته ان جو ٻيو ڇاپو مس مس وري وڃي ستر سالن کان پوءِ نڪتو. سيد قطب علي شاهه حسيني، سيڪريٽري اوقاف، ان سان گڏ، مرحوم ضياءُ الدين جو انگريزي زبان ۾ ڪتابڙو به ڇپايو، پر اهو هاڻي نظر ڪونه ٿو اچي.

ميمڻ صاحب جو ڪتاب به اوقاف کاتي ڇاپيو آهي. ١٩٩٥ع ۾ ڇپيو آهي. تڏهن به سولائيءَ سان ڪونه ٿو ملي. پنو سادو اٿس. جلد ڪچو، پر دلڪش ڇپيل صاف آهي.

***

قلندر شهباز جا ميلا ۽ ڪاميٽيءَ جا ڪتابڙا

قلندر شهباز ميلا ڪاميٽي، ساليانن ميلن جي موقعي تي، ننڍا ننڍا ڪتابڙا ڪڍيا آهن، جن ۾ ڪي ڪي مضمون معلوماتي آهن. انهن ڪتابڙن مان چونڊ مضمون گڏ ڪري، ڪتابي صورت ۾ شايع ڪجن، ته اهو به قلندر شهباز تي معلومات جو چڱو ذريعو ٿيندو.

*


 

٩

شاهباز نامو

ڪوٽڙي ڪبير جي ميان غوث محمد گوهر ”شاهباز نامو“ نالي ”قلندر شهباز سان منسوب“ فارسي ڪلام جو سنڌي ترجمو، پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، سهڻي نموني ۾ ڇپايو آهي. سنڌ جي زميندار طبقي مان علم ۽ ادب جي سرپرستيءَ جو جذبو هاني تقريبا ختم ٿي ويو آهي، پر ميان صاحب، بنيادي طرح، هڪ وڏي تاريخي اهل علم خاندان جو وارث آهي، سو پنهنجي ٻنيءَ ٻاري جي ڪمائي به ڪتابن سانڍڻ ۽ ڇپائڻ تي خرچ ڪري ٿو. انهيءَ مقصد سان ”الڪبير اڪيڊمي“ نالي هڪ ننڍڙو ادارو به قائم ڪيو اٿس، جنهن ۾ ڪتابن (ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل) سان گڏ، سنڌ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت جون نادر ۽ ناياب شيون به جمع ڪيون اٿس، جي ڏسڻ وٽان آهن.

”شاهباز نامي“ لاءِ ڪابه ثابتي ۽ خاطري ڪانهي، ته قلندر شهباز جو ڪلام آهي، پر هونئن جو ضايع ٿي وڃي ها، سو هاڻي محفوظ ٿي ويو. ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ عالم اڳتي هلي پيا ڪندا.

ميان غوث محمد گوهر جي ڇپايل ”شاهباز نامه“ ۾، محترم نياز همايونيءَ ”ڪلام بلاغت نظام بابت“ عنوان هيٺ، هڪ هنڌ لکيو آهي ته:

”سنڌ جو هاري رهنما جناب حيدر بخش جتوئي ١٩٥٢ع ڌاري شڪارپور ۾ آيو ۽ مون کي گهرائي چيائين ته ’توکي سڀاڻي خانپور جي پريان رهندڙ ملا ڄام ڏانهن هاري ڪاميٽيءَ جي ڪنهن ضروري ڪم سام موڪلڻو اٿم.‘

ٻئي ڏينهن، جتوئي صاحب جو خط کڻي، مان اهو پوري پچائيندو، ملا ڄام ڏانهن وڃڻ لڳس، ته علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب هڪ ڀيري ڳالهه ڪئي هئي ته ’قلندر شهباز جي ملفوظات‘ جو فارسيءَ ۾ قلمي نسخو وٽس موجود آهي.

جڏهن ملا ڄام سان مليس، ته ساڻس اها ڳالهه ڪڍيم. چوڻ لڳو ته، انهيءَ شرط تي ڏيندس ته مون کي انهيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيو.‘

ميان غوث محمد جي ڪتاب ۾ نياز جي اها ڳالهه پڙهي، خيال آيم، ته هن کان اڳ ته ڪنهن به تذڪري، تاريخ يا ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾ ’قلندر شهباز جي ملفوظات‘ جو ذڪر ڪونهي. سو، سائين غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب سان انهيءَ ڳالهه جي تصديق لاءِ ملڻ ويس. پاڻ گهر ۾ ڪونه هئا، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ڪنهن جلسي ۾ ويا هئا. سو، ملاقات ڪانه ٿي سگهي.

ٻئي ڏينهن، ’مهراڻ‘ جو مدير مسٽر ناشاد مليم. ساڻس اها ڳالهه ڪڍيم ۽ مٿس بار رکيم ته سائين قاسمي صاحب ۽ برادرم عشقي صاحب سان ملي، مون کي حقيقت حال کان واقف ڪري، جو نياز ائين به لکيو آهي ته ”ٻئي هڪڙي يار کي وري قلندر شهباز جي ڪلام جو قلمي نخسو هٿ آيو، جو ريڊئي پاڪستان حيدرآباد ۾ ملازمت ڪندو هو. اهو نسخو هاڻي عشقي صاحب وٽ اهي.“

مسٽر ناشاد ادبي ڪانفرنس ۾ اسلام آباد ته آيو. پر، اسان جي ملاقات ڪانه ٿي، ڇو ته مان سرڪاري ڪم سان ڪوئيٽيا ويل هئس، سو خط لکي هيٺيون احوال موڪليائين:

١. سائين قاسمي صاحب سان ڳالهه ڪيم، ٻڌي، ٽهڪ ڏنائين ۽ چيائين ته ’توبهه‘ ’توبهه‘! سائينءَ ٻڌايو ته ’ملا ڄام برابر علمي ماڻهو هو ۽ منهنجي ساڻس واقفيت به هئي. پر، مون ڪڏهن به وٽس قلندر شهباز جي ملفوظات ڪانه ڏٺي، ۽ نه وري هن ڪڏهن به مون سان اهڙو ڪو ذڪر ڪيو. مون سان منسوب اها ڳالهه غلط آهي.‘

٢. عشقي صاحب سان به مليس. هن چيو ته، ”اها ڳالهه صحيح ڪانهي، ته مون وٽ قلندر سائينءَ جي ڪلام جو ڪو قلمي نسخو موجود آهي.“ هڪ عالم جي حيثيت ۾، پنهنجي راءِ ڏيندي چيائين ته ”قلندر لعل شهباز سان منسوب ٻه چار فارسي ڪلام به درحقيقت سندن ڪونه آهن.“

عشقي صاحب، انهي کان پوءِ، پنهنجي گهران وڃي، هڪ قلمي نسخو کڻي آيو ۽ مون کي ڏيکاري چيائين ته ”ريڊئي واري يار کي جيڪو قلمي نسخو هٿ آيو هو، ۽ مون کي ڏنو هئائين، سو ته اجهو هيءُ آهي. پر، اهو ته قلندر شهباز سان غلطيءَ سببان منسوب ڪيو ويو آهي. ڏاڍو ڪچو ڪلام آهي.“

مسٽر ناشاد جي ڏنل احوال مان ٻئي ڳالهيون بي بنياد ثابت ٿيون. ڀانئجي ٿو ته اسان جي يار، نياز سان به ڪنهن اهي ڳالهيون ڪيون هيون، جي هن وري عام معلومات لاءِ لکي ڇڏيون.

*


 

١٠

لعل شهباز قلندر

هن نالي سان، فارسي زبان ۾، چاليهارو صفحن جو هڪ ڪتابرو، ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل آهي، جيڪو اصل ۾ ساڳئي نالي سان انگريزي ڪتابڙي جو ترجمو آهي. انهيءَ جو اردو ترجمو به ڇپيو هو. ان جو مصنف سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فارسي زبان جي شعبي جو اڳوڻو صدر پروفيسر قاضي نبي بخش آهي. ڪتاب جي فارسي ترجمي جي فهرست هن ريت آهي.

١. زمينهء تاريخي و اجتماعي ايران در قرن هفتم هجري.

٢. شبه قاره هند و پاڪستان در دورهء استيلاي مغول بر ايران

٣. اوضاع مذهبي سند در قرن سيزدهم ميلادي

٤. فرقه دراويش قلندريه

٥. خلاصه ئي از زندگينامه لعل شهباز قلندر

٦. اشعار لعل شهباز قلندر

٧. محتو اي شعر لعل شهباز

٨. يادداشتها و منابع

هي انگريزي ڪتابڙو R.C.D ڇپيو هو. مون وٽ ورهين جا ورهيه هو. پوءِ ڪو کڻي ويو ۽ موٽائي ڪونه ڏنائين، سو قاضي صاحب کان فوٽو ڪاپي گهريم. ان وچ ۾، ڪتاب جو فارسي ترجمو ڏٺم، جيڪو موسسهء فرهنگي منطقه ئي تهران، مهر ماه ١٣٥٢ ۾ ڇاپيو هو ۽ بها ٢٥ ريال هئس. بعد ۾، قاضي صاحب مون کي انگريزي ترجمي جي فوٽو ڪاپي به عنايت ڪئي. پر، هاڻي اصل انگريزي ڪتابڙو، توڙي ان جو فارسي ۽ اردو ترجمو اڻلڀ آهن.

قاضي صاحب جي تحرير هر قسم جي اجائيءَ سجائيءَ لفاظيءَ کان پاڪ صاف آهي. جيڪي ڪجهه لکيو اٿس، سو، ڇنڊي ڇاڻي لکيو اٿس. سندس تحرير مان هڪ ديانتدار عالم جي مطالعي جي خوشبوءِ اچي ٿي.

*


 

١١

Hazrat lal shahbaz qalandar of sehwan sharif

هي انگريزي ڪتاب انعام محمد لکيو آهي، جو ڪراچيءَ جي ”رايل بڪ ڪمپنيءَ“ ١٩٧٨ع ۾ ڇاپيو آهي. ڪتابن جو اهو دڪان، ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ تي، سول اسپتال جي ماهون سامهون هوندو هو. ويهارو ورهيه اڳ، مان اڪثر اتي ويندو هوس، جو منجهس نوان نوان سٺا ادبي ڪتاب هر وقت موجود هوندا هئا. هاڻي ته سڄيءَ ڪراچيءَ ۾ سٺو ڪتاب ڳولڻ ئي مشڪل آهي.

انعام محمد سيوهڻ شريف ۾ درگاهه شريف جي توسيعي ۽ تعميري پروجيڪٽ، توڙي اوقاف کاتي جي مذهبي ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. اوليائن جو عقيدتمند هو. لعل سائينءَ سان ته وڏي سڪ هئس پر شاهه ڀٽائي، سچل سرمست، داتا گنج بخش، ميان مير لاهوري (جو اصل ۾ سنڌي آهي ۽ سيوهڻ جو آهي)، بابا فريد، معين الدين چشتيءَ، ۽ دهليءَ ۾ نظام الدين اولياء جي درگاهن جو پانڌيئڙو هو. سندس روح کي انهن آستانن تي قرار ملندو هو.

سندس ٻيو تعارف هي آهي ته پاڻ پاڪستان جي اڳواڻي گورنر جنرل غلام محمد (مرحوم) جو پٽ هو، جنهن جمهوريت جو سلو پاڙان پٽيو، ملڪ جي پهرينءَ دستور ساز اسيمبليءَ کي ٽوڙيو، ’ون يونٽ‘ ٺاهڻ جي ڪڌي ڪم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سڪندر مرزا جي آپيشاهيءَ لاءِ راهه هموار ڪئي، ايوب خان جي مارشل لا واسطي ٻج ڇٽيو، ۽ ملڪ تي ٻيون ڪي ئي آفتون آنديون، جن جي عذابن مان ملڪ اڃا آجو ڪونه ٿيو آهي. پوين ڏينهن ۾ اڌرنگو ٿيس، هلي ڪونه سگهندو هو، ڳالهائي ڪونه سگهندو هو، پر همراهه جي همت اها جو مرڪزي وزيرن کي پنهنجيءَ چچريل زبان ۾ چهريون، ڪچيون ۽ ڪوسيون گاريون ڏيندو هو.

چوندا آهن ته ”بادشاهه کي ويهن ولين جي طاقت هوندي آهي.“ پر، غلام محمد کي شايد چاليهن جي هئي، تڏهن ته چڱن ڀلن کي گارين جا دس لايون ويٺو هو. نيٺ جڏهن کيس مسند اقتدار تان لاٿائون، ته بجنسي ٽنگو ٽالي ڪري کنيائونس. تڏهوڪيءَ سنڌ سرڪار ته کيس خوش ڪرڻ لاءِ، ڪوٽڙي براج تي ’غلام محمد براج‘ نالو رکيو هو. پر، سنڌ جي پبلڪ ڪونه مڃيو. سو، اهو ڪوٽڙي براج ئي سڏجي ٿو. غلام محمد صاحب جڏهن گورنر جنرل هو، ته سرڪاري ڪم ڪار، اڌرنگي جي بيماريءَ جي باوجود، ڪيئن هلائيندو هو، اهو احوال معلوم ڪرڻو هجي، ته قدرت الله شهاب جو ڪتاب ”شهاب نامو“ پڙهي ڏسجي.

جناب انعام محمد اهڙو ڪوبه ڪڌو ڪم ڪونه ڪيو. نيڪ ماڻهو هو. عربيءَ ۾ چوندا آهن ته پٽ پيءُ جو اثر وٺندو آهي. انعام محمد اوليائن سان شايد لنؤ انڪري لاتي، جو غلام محمد (مرحوم) پاڻ به پيرن فقيرن جو معتقد هوندو هو. ادبي بورڊ جي آفيس ۾ مولانا غلام محمد گرامي روزانو اچي مون سان ڪچهري ڪندو هو. ائين هڪ دفعي چيائين ته ”ٻڌو اٿم ته غلام محمد گورنر جنرل ڪالهه ڀٽ شاهه تي حاضري ڏيڻ ويو، سو روضي جي چانئٺ تي ويهي چڱي دير رئندو رهيو.“ غلام محمد جا قهري ڪارناما اکين اڳيان هئا، سو ٺهه پهه چيو مانس ته، ”اها ڳالهه ڪنهن ڄاڻي ٻجهي هلائي آهي.“ پر، پوءِ ڪنهن پڪي ماڻهوءَ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته رڳو ڀٽ شاهه تي نه پر جتي به ڪنهن نامياري پير فقير جي درگاهه هوندي هئي، اتي غلام محمد حاضري ڏئي ايندو هو.

قلندر لعل شهباز تي انعام محمد جو ڪتاب ڊاڪٽر رفيعه موڪليو. ان جي هڪ ڪاپي برادرم نواز علي شوق پڻ تحفي طور موڪلي هئي، جا ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته سچو سنڌي هڙئون وڙئون سخي ٿيندو آهي. ڪتاب سهڻو ڇپيل آهي. جهڙو عمدو ڪاغذ اٿس، اهڙوئي عمدو ڳاڙهي رنگ جو جلد ٻڌل اٿس. ڊيمي سائيز ۾ آهي. جملي صفحا لڳ ڀڳ ٻه سؤ اٿس. ڪتاب کولبو، ته پهريائين هن دلچسپ عبارت تي نظر پوندي:

انتسابُ قائم ۽ دائم پيار ڀريءَ يادگيريءَ سان، جيڪا وابسته آهي حضرت مخدوم حافظ حاجي سيد محمد عثمان مروندي قلندر لعل شهباز سيوهاڻيءَ (لڄ پال) ۽ حضرت حافظ حاجي سيد وارث علي شاهه حسني حسيني ديوا شريف واري ڏانهن

(پالڻهار)

انهيءَ عبارت وارو ورق اٿلائبو ته سامهون واري صفحي تي انعام محمد جي ڀڀڪيدار اڇي ۽ ڪاري تصوير نظر ايندي. پڻس جوانيءَ ۾ ڪا تصوير ڪڍائي هوندي، ته لاشڪ اها به ائين ئي لڳندي هوندي. تصوير کان پوءِ اچي ٿي ڪتاب ۾ ڏنل مواد جي فهرست جا هن ريت آهي:

حصو پهريون

١. حضرت لعل شهباز قلندر

٢. سيوهڻ شريف جي تاريخي اهميت

٣. سيوهڻ شريف جي صوفيانه اهميت

٤. سيوهڻ شريف کي ترقي ڏيارڻ

٥. سيوهڻ شريف جي اهميت آثار قديمه جي لحاظ کان

٦. خاتمو

حصو ٻيو

١. حضرت ابوذر الغفاري

٢. حضرت اويس قرني

٣. حضرت اما ابو حامد محمد بن الغزالي

٤. حضرت مولانا جلال الدين رومي

٥. حضرت غوث الاعظم سيد عبالقادر الگيلاني

٦. حضرت رابعه بصري

٧. حضرت منصور الحلاج

٨. داتا گنج بخش

٩. خواجه معين الدين چشتي

١٠. حضرت مخدوم شيخ جلال الدين سهروردي، سلهٽ

١١. حضرت بو علي شاهه شرف الدين قلندر

١٢. حضرت علاؤالدين علي احمد صابر ڪلياري

١٣. حضرت حافظ حاجي وارث علي شاهه حسني حسيني

١٤. حضرت بابا سيد محمد چشتي صابري ناگپوري

١٥. حضرت شيخ فريد گنج شڪر

موضوع سان متعلق مواد پهرئين حصي ۾ ئي آهي. ٻيو حصو جن بزرگن جي احوال سان ڀريو آهي، تن مان ڪي قلندر شهباز کان صديون اڳي ٿي گذريا ته ڪي صديون پوءِ، پر، انعام محمد پيرن فقيرن جو عقيدتمند هوندو هو. سو، ٻئي حصي جي ابتدا حضرت ابوذر غفاريءَ سان ڪيائين ته انتها بابا فريد سان. پر، انهيءَ ڪري نه جو بابا فريد قلندر شهباز جو ڪو صحبتي هو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بابا فريد جي احوال ۾ ماڳهين قلندر شهباز جو نالو به ڪونه کنيو اٿس. نه وري انهن سفرن جو ذڪر ڪيو اٿس، جيڪي بابا فريد ۽ قلندر شهباز گڏجي ڪيا هئا.

پر، ڪتاب جي پهرئين حصي م ڪم جو احوال چڱو ڏنو اٿس. ڪنهن به قسم جي ’خرافات‘، جنهن کي اسان وارا ڪي عقل جا اڪابر ’ڪرامات‘ قرار ڏين ٿا، سندس ڪتاب ۾ درج ٿيل ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. قلندر لعل شهباز جي باري ۾ مفيد معلومات ڏني اٿس.

انعام محمد جي ڪتاب جي خاص خوبي هيءَ آهي ته قلندر شهباز جي سيوهڻ ڏانهن هجرت ڪري اچڻ لاءِ اهڙو اشارو ڏنو اٿس، جو تاريخي لحاظ کان نهايت اهم آهي.

*


 

١٢

Persian poets of sindh

هي ڪتاب ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگريءَ لاءِ لکيو هو. سندس پورهيو سجايو ٿيو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ سنه ١٩٤٦ع ۾ کيس ڊگري ڏني. تڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ اڃا ڪانه ٺهي هئي. سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنه ١٩٥٦ع ۾ شايع ڪيو ۽ بيو ڇاپو سنه ١٩٨٧ع ۾. ٻئي ڇاپا هزار هزار ڪاپين جا آهن ۽ ڪتاب جي ضخامت پوڻا چار سؤ صفحا آهي.

ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”تاريخ ۾ ٻن پرڏيهين جا مثال ملن ٿا، جيڪي سنڌ ۾ آيا ۽ رهيا*. فارسي زبان جي شاعر طور مڃتا حاصل ڪيائون. منجهانئن هڪرو هو علي بن حامد ڪوفي ۽ ٻيو شيخ عثمان ولد ابراهيم ڪبير مروندي، جو عام طرح ’لعل شهباز‘ مشهور آهي.

پهريون عربي ڪتاب ”منهاج الدين و الملک“ جي فارسي ترجمي ”چچ نامي“ لکڻ ۾ مصروف ٿي ويو. انهيءَ ڪتاب ۾، ملتان ۽ سنڌ جي حاڪم، ناصرالدين قباچه جي تعريف ۾ پنهنجا فارسي شعر ڏنا اٿس، جن جي ٻوليءَ ۽ فن مان ڀانئجي ٿو ته قابل قدر شاعر هو ۽ غالبا سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جي بنياد وجهندڙ مان هو.

ٻيو بزرگ لعل شهباز هو. ڪن حلقن ۾، ’عشقيه‘ نالي سان هڪ فارسي شعر جو ڪتاب، جيڪو روحانيت سان لبريز آهي، ڏانهس منسوب ٿي ويو، سو سندس شاعر هجڻ بابت شڪ شبها پيدا ٿيا. اهو مغالطو ان ڪري ٿيو جو ’عشقيه‘ جي مصنف (شاعر) جو نالو به عثمان هو ۽ ذات انصاري هئي. بحر وزن جي لحاط کان ’انصاري‘ ۽ ’مروندي‘ لفظن ۾ فرق ڪونه ٿي ٿيو. عثمان انصاري قادري ۽ نقشبندي هو ۽ سترهينءَ ارڙهينءَ صديءَ عيسويءَ جو زمانو ڏٺائين. لعل شهباز جو زمانو عيسوي تيرهين صدي هو. ’عشقيه‘ جي تصنيف بابت اها به تصديق ٿي ويئي ته منجهس حافظ، جاميءَ ۽ ٻين شاعرن جا شعر موجود آهن، جيڪي لعل شهباز جهڙي سڳوري ۽ ڀلاري درويش کان گهڻو پوءِ ٿي گذريا آهن.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ قلندر نامي سنڌيءَ ۾ لکيو آهي ته ”مخدوم عبدالواحد بياض والا (جيڪو ارڙهينءَ صديءَ عيسويءَ ۾ ٿي گذريو آهي) پنهنجي ڪتاب ’فتويٰ‘ ۾ لکيو آهي ته ”شيخ عثمان مروندي ڪڏهن ڪڏهن شعر چوندو هو.“ ۽ پنهنجي ڪتاب فتويٰ ۾ مثال جي طور سندس ٻه غزل ڏنا اٿس، جن جون مصراعون هي آهن:

ز عشق دوست هر ساعت دروڻ نارمي رقصم

***

من آڻ درم کڍ در بحر جلال الله بوده ام

 

ڊاڪٽر سدارت نگاڻي مخدوم عبدالواحد جي انهيءَ راءِ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته، ”شيخ عثمان مرونديءَ جهڙا اعليٰ ۽ ارفع روح، جيڪي روحاني عشق ۾ مست هوندا آهن، تن کي يقينا شاعريءَ جي ڏات، قدرت جي سوغات طور ملندي اهي. ان باري ۾ اسان وٽ جلال الدين روميءَ جو قول موجود آهي:

شاعري جزويست از پيغمبري

ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ ائين به لکيو آهي ته، ”ان کان سواءِ مخدوم عثمان مرونديءَ کي شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ تاريخي شهادت به موجود آهي. هو هندستان جي سلطان غياث الدين بلبن جي وليعهد شهزادي محمد جي عربي شعر جي محفلن ۾ سماع ۾ شريڪ ٿيندو هو.“

”سو، هنن حقيقتن جي پيش نظر ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ، علي شير قانع، فقير قادر بخش بيدل، مهتا مولچند نارائڻداس (بياض صالح جي مؤلف) ۽ خانبهادر خداداد خان، جن سندس شعر حوالي طور ڏنا آهن، تن جي آڌار تي به فتويٰ جي مصنف مخدوم عبدالواحد سان شامل راءِ ٿيڻو پوي ٿو ته قلندر لعل شهباز مروندي شاعر هو.“

ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ اها ڳالهه به چٽن لفظن ۾ چئي آهي ته ”حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ لعل شهباز جي مٿي ڄاڻايل غزلن جي باري ۾ لکيو آهي ته اها عثمان انصاريءَ ۽ شمس تبريزيءَ جا آهن. پر، مون جاچ ڪئي آهي ته اها ڳالهه صحيح ڪانه آهي.“

ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ سنڌ جي فارسي ٻوليءَ ۾ شعر چوندڙ شاعرن تي پي. ايڇ. ڊي. ڪئي ۽ جنهن زماني ۾ ڪيائين، تنهن ۾ ڊگريون ڀڳڙن مٺ تي ڪونه وڪامنديون هيون. تڏهن علم جو مان هو.

سدارنگاڻي هڪ طرف هو لعل شهباز کي هندستان ۾ فارسي شعر جو بنياد وجهندڙ ٻن شخصن مان هڪ ڪوٺي ٿو. ٻئي طرف سندس ڪلام جي بياض کي پراڻو ڪوٺي، رد ڪري ڇڏي ٿو. آخر ۾ تڪيو اچي انهيءَ ڳالهه تي ڪري ٿو، ته فلاڻا ٻه غزل سندس آهن. حڪيم صاحب ته لکيو آهي ته اهي به سندن ڪونه آهن. سدارنگاڻي دليل ڏئي ٿو ته شيخ عثمان مرونديءَ جهڙا اعليٰ ۽ ارفع روح قدرت طرفان شاعريءَ جي سوغات سان سنواريل هوندا آهن.

اهو ته ڪو دليل ڪونه ٿيو. شاعري ۽ درويشي پاڻ ۾ لازم ملزوم ڪونه آهن.

پنجاب جي عظيم صوفي شاعر، وارث شاهه چيو آهي ته ”درويشن جو دنيا سان ڪهڙو پيوند؟“

سريش(1) هڻي ڪو پٿر جي ٻن ٽڪرن کي پاڻ ۾ جوڙي سگهبو ڇا؟

*


 

١٣

قلندر لعل شهباز جو ذڪر

سائين جي. ايم. سيد جي تحريرن ۾

سائين جي. ايم. سيد پنهنجين ڪچهرين ۾ ڪڏهن ڪڏهن قلندر لعل شهباز جو ذڪر ڪندو هو ۽ اها ڳالهه خاص طرح دلچسپيءَ سان بيان ڪندو هو ته ”سنڌ جا هندو کيس راجا ڀرٿريءَ جو اوتار سمجهندا هئا.“

جڏهن سائينءَ ”بزم صوفيائي سنڌ“ ٺاهي ته صوفين ۽ درويشن جي درگاهن تي، خاص ڪري، سندن ساليانن ميلن ۾ جلسا ڪندو هو، جنهن ۾ سندن تعليم جو ذڪر ڪندو هو.

قلندر لعل شهباز بابت هيٺيون احوال، ”لعل جي سالياني ميلي“ جي موقعي تي، ١٩ شعبان ١٣٨٩ هجري مطابق ١، نومبر ١٩٦٩ع واريءَ بزم صوفيائي سنڌ جي ڏهين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس ۾، سندس افتتاحي خطبي مان ورتل آهي. لکيو اٿس ته:

”انساني زندگيءَ جي ڪاروبار جا مکيه ٽي شعبا آهن، جن جي فرائض جي ڄاڻ حاصل ڪري، سندن مختلف مسائل جي وچ ۾ تميز ڪرڻ نهايت ضرورت آهي:

(١) پهريون مکيه شعبو مذهب آهي.

(٢) ٻيو مکيه شعبو سياست آهي.

(٣) ٽيون مکيه شعبو طريقت يا ڪلچر آهي.

جيڪڏهن غور سان چتائي ڏسبو ته ماڻهن ۾ محبت ۽ اتفاق، امن ۽ سلامتي، ڀلائي ۽ بهتري آڻڻ لاءِ جي راهون ۽ رستا، طريقا ۽ تجويزون سوچيون يا رٿيون ويون آهن، تن ۾ مذهب کي مکيه درجو حاصل آهي. دنيا جا عالمگير مذهب، بنيادي طرح ماڻهن کي محبت ۽ امن جو سبق سيکارڻ ۽ سندن فلاح ۽ بهبوديءَ لاءِ آيا هئا، ليڪن انهن کي اڪثر ڪري، شخصي ۽ گروهي مقصدن ۽ طبقاتي مفاد لاءِ به ڪتب آندو ويو آهي.

هن وقت دنيا ۾ چار عالمگير مذهب رائج آهن جهڙوڪ: (١) هندو ڌرم (٢) ٻڌ ڌرم (٣) ڪرسچنٽي ۽ (٤) اسلام. ٻين مذهبن کي ڇڏي، جيڪڏهن اسلام جي تاريخ ۽ ان جي موجوده ترڪيب تي نظر ڪبي ته معلوم ائين ٿيندو ته خود ان جا پوئلڳ به ڪنهن وحدت خيال ۽ عمل تي متفق ٿي نه سگهيا آهن ۽ ڪيترن فرقن ۾ ورهائجي ويا آهن، سو قديم زماني کان وٺي اوليائن انهن کي متحد ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. ڪن اولياءِ ڪرام مسلمانن جي مختلف گورهن کي هڪ رسيءَ ۾ پوئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته ڪن مورڳو هڪ وک وڌيڪ اڳتي وڌائي، مکيه مذهبن جي وچ ۾ اتحاد پيدا ڪري، عوام جي ڪاروبار زندگيءَ کي سهل بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

حضرت قلندر لعل شهباز عليه الرحمت، انهن مان هڪ مکيه بزرگ آهي. جڏهن هن شهر سيوهڻ ۾ آيو، ته اهو شو ڌرم جو مکيه مرڪز هو. مسلمان ڪي نالي ماتر موجود هئا. شهر ڪيترين خرابين جو اڏو هو، ليڪن حضرت قلندر شهباز رحه اتحاد انسانيءَ جي نقطئه نگاهه کان اهڙو رويو اختيار ڪيو، جو ٻنهي مذهبن جي پوئلڳن جي دلين تي قابض ٿي ويو. هندو کيس راجا ڀرٿريءَ جو اوتار ڪري مڃڻ لڳوا ته مسلمان وري دين فطرت يعني اسلام جو پرچارڪ سمجهي پيروي ڪرڻ لڳا. هو نهايت وڏيءَ عمر ۾ هتي آيو هو، گهڻو وقت حيات نه رهيو. ليڪن جڏهن وفات ڪيائين ته هندن هن کي پنهنجي مکيه مندر ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت ڏني، ۽ شو جا جملي پوڄاري ڦري سندس ملنگ بنجي پيا. وٽس رواداري اهڙي آهي، جو سندس ملنگ، اڃا تائين ڪيتريون قديم رسمون قائم رکندا اچن ٿا، جي اڪثر شو جي پوڄارين وٽ مروج آهن. جهڙوڪ:

(١) نفيل وڄائڻ، جا اتر هند ۾ شو جي مندرن ۾ ناد يا ناقوس وانگر وڄائي ويندي آهي.

(٣) ملنگ ڏاڙهي ڪوڙائي مهر هڻائين ٿا ۽ چرش پيئن ٿا. اهو دستور به شو جي پوڄارين ۾ اڃا تائين هليو اچي ٿو.

(٤) ميلي جي موقعي تي نقارن جي ڌمال جو رقص به انهن رسمن مان آهي.

(٥) درگاهه جي دروازن تي چڙا ٽنگيل آهن، جي شو مندر جي دروازن تي ٽنگيل گهنڊن جي يادگيري تازي ڪرائين ٿا.

اهڙا مثال نه رڳو حضرت قلندر شهباز رحه جي تعليم مان ملن ٿا، ليڪن حضرت شاهه عنايت عليه الرحمة، شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمة ۽ حضرت سچل سرمست عليه الرحمة جي تعليم پڻ اهڙا مثال پيش ڪري ٿي. انهن بزرگن جون درگاهون، هندن توڙي مسلمان لاءِ مرجع عام آهن.

*


 

١٤

قلندر شهباز جو ذڪر

پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ جي تحريرن ۾

پير سائين حسام الدين راشديءَ کي سيوهڻ جي بزرگن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. هڪ ڀيري مون کي چيائين ته ”سيوهڻ تاريخي لحاظ کان ڏاڍو قديم آهي ۽ مٿس تحقيق جي سخت ضرورت آهي.“

ماڻهو سيوهڻ جو سوچيندو، ته سر فهرست قلندر شهباز جي قداور شخصيت اکين اڳيان ايندي. ليڪن پير صاحب کي قلندر شهباز متعلق ڪنهن به تاريخ يا تذڪري مان مستند مواد نه ٿي مليو، سو هڪ تاريخنويس جي حيثيت ۾، کيس ان ڳالهه جو احساس محرومي هو. ٻئي طرف، قلندر شهباز جي برگزيدهه شخصيت سان، سنڌ جي ماڻهن جو ستن سون سالن کان ’بي پناهه عشق‘ به کانئس مخفي ڪونه هو.

پير صاحب پاڻ به قلندر شهباز جي ولايت ۾ ويساهه رکندو هو. مون سان ڳالهه ڪيائين ته ”جڏهن مرحوم ڀٽي صاحب سان منهنجي تعلقات هميشه سٺا رهيا. جڏهن هو پاڪستان جو صدر ٿيو، ته منهنجي وڏي ڀاءُ (پير علي محمد راشدي صاحب) سان سندس ڪي اختلاف هئا، سو مون کي پنهنجي خاندان جي باري ۾ ڏاڍا انديشا هئا. ڏاڍو منجهي پيس. هڪ ڏينهن، صبح جو سوير، ڪراچيءَ مان موٽر ۾ چڙهيس ۽ سڌو سيوهڻ هليو ويس. قلندر شهباز جي مزار تي حاضر ٿيس ۽ خدا کان دعا گهريم. اڃا مزار


 

 

قلندر لعل شهباز جي شبيه مبارڪ

هيءَ تصوير، لاهور جي ميوزيم ۾ رکيل آهي، پير سائين، حسام الدين شاهه راشديءَ، ان جو عڪس ”مقالات الشعراء“ جي صفحي ٤٣٤ تي ڏنو آهي


 

مبارڪ وٽان هٽيو ئي ڪونه هئس، ته هڪ ڳورو، وڏيءَ جسامت وارو شخص، ڀاڪر پائي اچي مليو. ڀانيم ته اسان جي تر جو ڪو چڱو مڙس هوندو. ساڻس خوش مرحبا ڪري، موٽر ۾ ويهي، ڪراچيءَ موٽيس. پر، واٽ تي سوچيندو آيس ته اهو شخص ڪير هو، ڪير هو، جنهن کي مون ڪونه سڃاتو؟ اوچتو ذهن ۾ خيال آيو ته ڳوري، قوي ۽ جسيم شخص سان ملاقات دراصل بزرگ وٽان بشارت آهي، ته ڪو به ڊپ ڊاءُ ڪونهي. انهيءَ احساس اچڻ شرط طبيعت ۾ ڏاڍي فرحت آئي.

ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ ڪراچيءَ گهر ويٺو هئس، ته ٽيليفون وارا آيا ۽ مهينن کان ڪٽجي ويل ٽيليفون لائين جوڙڻ لڳا. پڇا تي چيائون ته ’اسان کي مٿين عملدارن جو حڪم مليو آهي.‘ نيٺ هو ٽيليفون ٺاهي هليا ويا.“

”رات جو ڪو ڏهين ساڍي ڏهين جو ٽائيم هوندو، جو فون جي گهنٽي وڳي ته ’راولپنڊيءَ مان ڪال آهي.‘ گهڙيءَ کان پوءِ وري گهنٽي وڳي ۽ فون جي آپريٽر پڇيو ته ”پير صاحب حسام الدين راشدي موجود آهي؟“

”مون چيو ته ’مان ڳالهائي رهيو آهيان.‘ تڏهن چيائين ته ’صدر پاڪستان، جناب ذوالفقار علي ڀٽو ڳالهائيندو. لائين تي رهو.‘

ڪجهه دير کان پوءِ، ڀٽي صاحب جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. چيائين ته، ”چاچا، هاڻي ته سڀڪجهه پنهنجي هٿ وس آهي. ڪو ڪم ڪار؟ ڪا صلاح سباب؟“

مون سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پير صاحب، ڀٽي صاحب سان انهيءَ غير متوقع ۽ برمهل خوشگوار رابطي جو تعبير، قلندر شهباز جي مزار وٽ گهريل دعا سان ٿي ڪيو.

قلندر شهباز سان انهيءَ عقيدت جي باوجود، هو مٿس ڪوبه ڪتاب لکي ڪونه سگهيو. هڪ سبب شايد اهو هو ته کيس سيوهڻ ڏانهن اچڻ وڃڻ جي سهوليت ڪانه هئي. هڪ دفعي ڊاڪٽر شمل کي به ساڻ وٺي ويو. جڏهن ڪراچيءَ موٽيا، ته ڊاڪٽر شمل مون کي چيو ته، ’رباني، موٽ تي مون کي ڪو اڃ ستايو! گرميءَ جي مند! پاڻيءَ جي ڍڪ ڪاڻ سڪي سڪي، نڙي ڪنڊا ٿي ويئي.“

اهڙن سببن ڪري، پير صاحب قلندر شهباز ۽ سيوهڻ تي دلجمعيءَ سان تحقيق ڪري ڪونه سگهيو. ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ڪتاب ۾، ’تذڪره مشايخ سوستان‘ جي پيش لفظ ۾، لکيو اٿس:

’تذڪره مشايخ سيوستان‘ جو فارسي خطي نسخو لنڊن ۾ موجود آهي، جنهن جو فوٽو اسٽيٽ منهنجي دوست سائمن ڊگبيءَ مون کي سنه ١٩٧١ع ۾ مهيا ڪيو.(1)

ڪتاب ۾ ٢٤ ورق آهن ۽ هر صفحي ۾ ١٣ سٽون. ڪتاب جي حاشين تي، شروع کان آخر تائين، ’قوت باهه‘ ۽ ان سلسلي ۾ ’مڙني ضرورتن‘ جا مجرب نسخا مرقوم آهن.

هن تذڪري (مشايخ سيوستان) ۾ ذڪر ڪيل بزرگن جي تلاش ۽ تحقيق ۾، آءٌ ڪيترا دفعا سيوهڻ ويو آهيان. ٺٽي وانگر سيوهڻ جي به مٽي اٿلائي اٿم. ڀريل ٽن سالن جي جاکوڙ کان پوءِ اڄ آءٌ هن تذڪري کي شايع ڪري رهيو آهيان.“

پير صاحب جي سيوهڻ بابت سموري تحقيق گويا ’تذڪره مشايخ سيوستان‘ تائين محدود آهي. مظهر شاهجهانيءَ ۾ به سيوهڻ جو ڪجهه ذڪر ڪيو اٿس. خاص طرح تعليقات ۾ قلندر لعل شهباز متعلق سٺا حاشيا Note ڏنا اٿس، جن ۾ روضي بابت مفيد معلومات ڏنل آهي، جيڪا اڳ ۾ مير مائل تي هڪ مضمون ۾ به ڏني هئائين.

سيوهڻ جي مشائخن جي باري ۾، جن ۾ قلندر شهباز به شامل آهي، پير صاحب جي ايڊٽ ڪيل ڪتاب حديقته الاولياءَ جي مقدمي ۾ چڱي معلومات آهي. هن مقدمي ۾ پير صاحب اهڙن تذڪرن جي فهرست مختصر جائزي سميت ڏني آهي، جيڪي سنڌ جي مشايخن، صوفين (اوليائن) يا سنڌ جي ديني خواه تصوف جي تحريڪ ۽ تاريخ جو احوال لکڻ ۾ بنيادي ماخذ (Basic sources of refrence) جي حيثيت رکن ٿا.

سيوهڻ جي درويشن جا تذڪرا بيان ڪندي حديقة الاولياءَ جي مقدمي ۾ هي احوال ڏنو اٿس:

سيوهڻ جي مشايخن جا تذڪرا:

١. تذڪره اولياء سيوستان: هن جو نالو تذڪرهء حبيبيه ۾ (ميان مير سيوستانيءَ لاهوري جي سلسلي ۾) آيو آهي. راقم الحروف کي هن جي ڪنهن به نسخي جي ڄاڻ نه آهي.

٢. حالات بزرگان سيوستان: هن تذڪري جو نسخو به مون کي ڏسڻ ۾ ڪونه آيو آهي.

٣. قلندر نامه: مخدوم عبدالواحد نعمان ثاني سيوستاني. تذڪرهء حبيبيه ۾ هن جو ذڪر آيو آهي. قلندر لعل شهباز ۽ سندس مريدن جي سوانح تي مشتمل آهي.

٤. رساله قلندري: خضر علي سيوستاني. هي نسخو منهنجيءَ نظر ۾ نه آهي.

٥. تذڪره مشائخ سيوستان: عبدالغفور سيوستاني. هن جو نسخو پڻ راقم جي علم ۾ نه آهي.

٦. تذڪره قلندري: حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح ۽ ڪرامتن تي مشتمل هي ڪتاب، نهايت غير مستند ۽ غير معتبر آهي. راقم وٽ هن جو نسخو آهي. تصوف جي تاريخ لکندڙن لاءِ سرسري مطالعو ضروري آهي.

٧. سڪينة الاولياءَ داراشڪوه تاليف ١٠٥٢هه. ميان مير سيوستاني ۽ سندس مريدن تي هيءُ نهايت معتبر ۽ معاصرانه ڪتاب آهي.

٨. مڪتوبات واحدي: جامع ميان فضل الله. هن جو ذڪر تذڪرهء حبيبيه ۾ آهي.

٩. رساله حبيبيه مخدوم حبيب الله صديقي پاٽائي. تاليف ١٣٠٠هه کان بعد. هي تذڪرو پاٽ ۽ سيوهڻ جي صديقي مخدومن جي احوال ۾ آهي.

١٠. يمن البرڪت: مهته مولچند. تاليف ١٠٧٢هه. هي ڪتاب فارسيءَ ۾ سيوهڻ جي هڪ اهل علم ۽ صوفي منش هندوءَ فارسيءَ ۾ تاليف ڪيو آهي. ٥x٩ سائيز جي ٢١٧ صفحن تي آهي. ابتدائي چند ورقن تي مختلف شاعرن جا غزل، رباعيون فرد، قطعا ۽ قصيدا آهن، جن مان ڪي قصيدا قلندر لعل شهباز جي مدح ۾ آهن. جيڪي ڪرپال نالي هندو شاعر جا تصنيف آهن.

هي ڪتاب مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي ٢٢ مارچ ١٩٥٨ع تي سنڌي ادبي بورڊ کي هديه طور ڏنو هو. ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز جي سوانح آهي، جيڪا غير مستند ۽ ڏند ڪٿائن تي مشتمل آهي. مؤلف پنهنجي خاندان جو شجرو ڏنو آهي. درگاهه سان هندن جي تعلق تي ڪافي معلومات آهي.

پير صاحب جي بيان ڪيل مٿين تذڪرن مان قلندر شهباز تي ڪجهه نه ڪجهه احوال ملي ويندو. پر، ٿورو گهڻو احوال متفرقه ڪتابن ۾ به هوندو. مثلا، پير صاحب ”تذڪرته الانساب“ جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو:

”هي رسالو منهنجي برادر بزرگ پير علي محمد راشديءَ جي هٿ اکرين (١٢، آڪٽوبر ١٩٣٢ع) نقل ٿيل آهي. ساٺيڪو صفحن جي هن رسالي ۾ ڪيترن ئي مشايخن ۽ قبيلن جا شجرا ڏنل آهن، مثلا ١. قلندر لعل شهباز، ٢. غوث بهاؤالحق ملتاني. ٣. مخدوم نوح هالائي، ٤. مخدوم فيروز قريشي ٺٽوي، ٥. ملاڪاتيار جا قاضي، ٦. مير معصوم بکري، ٧. لڪياري سادات، ٨. مٽياري سادات، ٩. لاکيار، لاکا، لنجار، چنا، ساند ۽ سما.“

***

مٿي ڄاڻايل تذڪرا معلوم هئڻ جي باوجود، پير صاحب جهڙو بلندپايه عالم قلندر لعل شهباز متعلق ڪوبه مستند ڪتاب لکي ڪونه سگهيو، شايد انڪري جو انهن تاريخي دستاويزن جا نالا ته معلوم ڪري سگهيو، پر پاڻ انهن کي (جيئن مقدمي ۾ اشارا ڏنا اٿس) اکين سان ڏسي ڪونه سگهيو. هاڻي ته اهو دور به گذري ويو.

پير صاحب جهڙا روشن ضمير انسان هن جهان ۾ هاڻي گهڻا آهن؟ ۽ ڪاٿي آهن؟.... جيڪي علم جي مرڪزن ۽ پرينءَ جي پار ڏي ويندڙ پيچرن جا ڏس ڏيندا هئا.

پير صاحبَ، حديقته الاولياءَ جي مقدمي ۾، پنهنجي هڪ مرحوم رفيق جي ياد ۾، عربي زبان جي دلنواز شاعر، لبيد جا ڪي دلاويز اشعار ڏنا آهن. پر، اڄ ئي اهي اشعار خود مٿس ڪيترا نه صحيح ۽ صادق آهن:

* اهي وسئون، جتي پل پهر، آجهاپ ڪندا هئاسين، ۽ جتي رهاڻيون ڪندي راتيون گذاريندا هئاسين، سي سڀ ويران ٿي ويون.

* رجام واريون ٽڪرين جي ڀِڪ ۾، اڄ انهن جا نشان به ڪونه بچيا.

* نشان انهن ماڳن ۽ محفلن جا، جن مان اسان جو ساٿ ڌڻي سرواڻ هليو ويو.

*مهينا ۽ سال گذري ويا. مٿن بهار جون بوندون بار بار پيون ۽ ڪيترائي ڀيرا، اتر پار جا ڪارا ڪم انهن ويرانن تي وڏڦڙا وسائي ويا.


(1)  غنائيھ شاعري يعني اھو ڪلام جيڪو ڳائي سگھجي. ”مغني“ معنيٰ ڳائڻڪ. يورپ ۾ اڄڪلھھ اھڙو شعر بھ لکجي ٿو جيڪو ڳائبو ڪونھي. پڙھبو آھي.

(1)  ميمڻ صاحب مون کي ڪتاب موڪليو ۽ سڪ ڀريو خط لکيو. مھيني کن کان پوءِ خبر ڇپي تھ پاڻ وفات ڪري ويو. ڏاڍو ڏک ٿيو. الله سائين کيس جنت ۾ جايون ڏي.

(1)  سريش کي سنڌيءَ ۾ واڍا ٿنڀڻ بھ ڪوٺيندا آھن. اھو مسالو ھڻي ڪاٺ جا ٻھ ڀڳل ٽڪر ڳنڍينڊآ اھن.

(1)  سائمن ڊگبي مون ڏٺو. ١٩٧٥ع واري ’سنڌ سيمينار‘ ۾ آيو ھو. قد جو بندرو، پيٽ وڏو، ڏاڙھي ايڏي ڊگھي جو دن تائين پئي پوندي ھئس. فرصت جو سمورو وقت، ڪراچي پرل ڪانٽينٽل ھوٽل جي سوئمنگ پول (وھنجڻ جي تلاءَ) ۾ پيو تڙڳندو ھو. مون کي بھ ھڪ انگريزي ڪتاب تحفي طور ڏنائين، جنھن جو نالو ھو: ”مغل حڪومت ۾ گھوڙي ۽ ھاٿيءَ جي اھميت.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org