سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جا بَر، بَحرَ ۽ پهاڙ

باب:

صفحو:14 

۽ هزارن ورهين جي انهيءَ ڊگهي عرصي ۾، سنڌ جي ماڻهن جو قدرتي آفتن، ڏڪارن ۽ بيمارين سان به واسطو پيو هوندو. پر، جڏهن ڌاريا اگهاڙين ترارن سان کين ڪهڻ آيا هوندا، تڏهن ته ڏاڍو خون خرابو ڪيو هوندائون. سنڌين کي بي عزت ڪيو هوندائون، سندن گهر ساڙيا هوندائون ۽ بي گناهه ماڻهو ماريا هوندائون. ڌرتيءَ جو هي ٽڪرو دوزخ جي ٽڪري ٿي ويو هوندو. ’بيگلارنامو‘ پڙهڻ سان سنڌ ۾ هڪ اهڙو دردناڪ منظر اکين اڳيان نظر اچي ٿو.

پوئين زماني ۾ ٻيو اهڙو دلسوز واقعو تاريخ جي ورقن ۾ ان طرح سان درج ٿيل آهي، ته يورپ جي سڌريل ۽ ترقي يافته قومن مان پورچوگيزن سنڌ جي سڀ کان وسندڙ شهر ٺٽي تي ڪاهه ڪئي ۽ ان کي باهيون ڏئي ساڙي ٻاري ڇڏيو. ان ڏکوئيندڙ واقعي جو بنيادي سبب وري به ’سنڌين جا پنهنجا اختلاف‘ هئا.

رچرڊ برٽن انهيءَ ئي تاريخي پس منظر ۾ پنهنجي ڪتاب جو نالو ’سنڌ، هڪ ڏکويل ماٿري‘ رکيو هو.

٣

هن صورتحال ۾، ڏکويل ماٿريءَ وٽ دنيا جي سمورن ملڪن ۽ قومن جي سڌاري لاءِ ڪهرو ”پيغام“ آهي، سا ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي آيم، سو، انهيءَ جي ڏاڍي تلاش ڪيم، خوشقسمتيءَ سان ملي ويو. ان جا اصل لفظ هي آهن:

”سرزمين سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم ۽ ماڻهن جي مادياتي ۽ روحاني ترقيءَ لاءِ هڪ خاص پيغام آهي. انهيءَ پيغام جي تشريح اسان جي ولين ۽ درويشن ڪئي آهي، ۽ ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪوشش ڪئي اٿن.“(1)

ان جو مطلب اهو ٿيو ته سنڌ جي انهيءَ پيغام جا شارح سنڌ جا سنت، ولي ۽ درويش آهن، تنهنڪري سندن طور طريقي، گفتگوءَ، نصيحتن ۽ هدايتن تي توجهه ڏجي. ان سلسلي ۾ هڪڙي ڳالهه ته پڌري پئي آهي. سا هيءَ ته سنڌ جي بزرگن هميشه ماڻهن کي هڪٻئي سان ساز سلوڪ سان گڏجي رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. هڪڙن کي ٻين تي، دين، ڌرم رنگ، نسل ۽ ذات پات ڪري مٿاهون ڪونه ڪيو آهي.

سنڌي زبان ۾ ’پيغام‘ کي نياپو چوندا آهن. سنڌ جي سون بلڪ هزارن سالن جي تهذيب ۽ ثقافت جو ’گلابي گل‘ شاهه ڀٽائي آهي. سندس هڪ شعر آهي ته:

راڻي وٽان رات، نئون نياپو آئيو،
لڌيسون لطيف چئي، ڪنا ڏاتر ڏات،
’ڪانه پڇن ٿا ذات، جي آيا سي اگهيا‘.

سنڌ جي ماڻهن، شاهه ڀٽائيءَ جي انهيءَ ”پيغام“ تي ڪيترو عمل ڪيو آهي، سو ته تاريخنويس ئي ٻڌائي سگهندو. پر، مون کي ايترو ياد آهي ته انگريزن جي ڏينهن ۾، نوابشاهه ضلعي ۾، هڪ سياسي پارٽي هوندي هئي، جيڪا سڏبي ئي هئي: ”سيد پارٽي“

جيڪڏهن ڪنهن به سماج، سوسائٽيءَ يا معاشري ۾، سياسي پارٽيون ماڻهن جي سياسي سوچ، اهليت ۽ لياقت بدران، سندن حسب نسب، ذات پات، ڀائپيءَ برادريءَ ۽ مٽيءَ مائٽيءَ جي بنيادن تي ٺهنديون، ته انهيءَ سماج جو جيڪو حال ٿيندو ، سوبه هرڪو عقلمند شخص آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو.

***

”سنڌ جا بَر، بَحر ۽ پهاڙ“ ڪتاب لکڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي، ته سنڌ جي انهن اعليٰ هستين جي زندگين جو مطالعو ڪجي، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ جي بزرگن جي چوڻ موجب، سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جا معمار آهن. سندن تذڪري لکڻ جو خيال هنن اڳيئي منهنجي ذهن ۾ وڌو هو، سو، دل ۾ چيم ته هي خير جو ڪم به ٿي وڃي، ته ڏاڍو سٺو. الله سائينءَ رستو پيدا ڪيو. حسين شاهه راشدي اول سينيٽر ۽ پوءِ بورڊ جو چيئرمن ٿيو. ساڻس ڳالهه ڪڍيم، هائوڪار ڪيائين ۽ ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ حڪم جاري ڪيائين. بلڪ، ملازمن کي ڪم جي ترت اڪلاءَ جو تاڪيد ڪيائين. سندس قرب کانسواءِ ڪم ايڏو سٿرو ڪونه نبري ها.

هن تذڪري لاءِ رٿيل لسٽ ۾ ڏهن ٻارهن مشاهيرن جا نالا آهن. پر، ٽن بزرگن يعني پير سائين روضي ڌڻي، غوث بهاؤالحق ملتاني ۽ قلندر لعل شهباز جي ذڪر ۾ ئي لڳ ڀڳ چار سو صفحا پورا ٿي ويا. هونئن، منهنجو ارادو هو ته هن ئي جلد ۾ ٻن ٽن ٻين بزرگن جو احوال به ڏيندس. پر، شاهه جي لفظن ۾:

واڳ ڌڻي تنهنجي وس
آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي

سنڌ عالمي ليول جو ڪوبه سياستدان يا سائنسدان ته پيدا ڪيوئي ڪونه. نڪي وري ڪو ٻيو غير معمولي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. سو، تاريخي پس منظر ۾ صاف صاف نظر ايندو ته سنڌ جي هزارن سالن جي تهذيب جي ’حاصلات‘ اهي ئي اعليٰ علمي، ادبي ۽ روحاني شخصيتون آهن. پر، سندن باري ۾ به سنڌيءَ توڙي ٻين ٻولين ۾ ڪي ٿورڙا ڪتاب آهن. مون کي ياد آهي ته جڏهن Saints of Sindh ڪتاب ولايت مان ڇپجي سنڌ ۾ آيو هو، ته سائين جي. ايم. سيد جي ڪچهريءَ ۾ پير صاحب حسام الدين شاهه چيو هو ته، ”منجهس رڳو ڀنگ پيئڻ جا قصا لکيا پيا آهن.“

ظاهر آهي ته ڌاريو ۽ غير مذهب ماڻهو، ته ائين ئي ڪتاب لکندو. سڀ يوروپي دانشور ته ارنيسٽ ٽرمپ، سورلي، مڌر ايلسا قاضي ۽ ڊاڪٽر شمل وانگر سنڌ دوست ته ڪونه ٿيندا. تازو، هڪ انگريزي ڪتاب ڏٺم جنهن ۾، قلندر لعل شهباز لاءِ لکيل هو ته هو دراصل غوث بهاؤالحق جي نياڻيءَ جي سڱ جو طالبو هو. سڱ جو ڪونه مليس، ته سيوهڻ هلي آيو ۽ دل شڪستو ٿي پيو.(1)

اهڙي بي بنياد ڳالهه ڪندي، انهيءَ انگريز مصنف ڪو نيم مستند ته ٺهيو، پر ڪو اڙيو ٿڙيو حوالو به ڪونه ڏنو هو. مون کي شڪ آهي ته هو ڪو لاعلم سياح هو. جيڪي به هتان هتان ٻڌائين، سو ڪنهن ماٺڙي ڪري، تحقيق ۽ تصديق کان سواءِ، لکي ڇڏيائين. ڪتاب مارڪيٽ ۾ اڃا موجود آهي. مون لاهور ۾ فلئٽيز هوٽل جي بڪ اسٽال تي ڏٺو.

ليڪن، ولائتي ماڻهن کي ”ڀنگ پيڻ“ جا قصا بيان ڪرڻ جو سبب انڪري به ملي ٿو، جو سنڌ ۾، روحانيت جا اهي سرچشما، جن مان اڳي ظالم بادشاهن جي ڏينهن ۾ به، خلق کي مدد، محبت، تسڪين، هدايت ۽ نيڪي نصيب ٿيندي هئي، تن مان ڪي پنهنجي اصلوڪي روايت قائم رکي ڪونه سگهيا آهن. اتي به هاڻي دنياداري عام ٿي پئي آهي. ڪي وري عيش عشرت جا اڏا ٿي پيا آهن. بلڪ، خلق لاءِ آزار ٿي ويا آهن.

پر، سنڌ جي اعليٰ تاريخي شخصيتن جي اهميت ته پنهنجيءَ جاءِ تي قائم آهي. ليڪن ماڻهو اڄ به ساڻن عقيدت رکن ٿا. شاهه ڀٽائي ”سنڌ جي سڃاڻپ جي مکيه ۽ متبرڪ علامت“ اڳي به هو، هاڻي به آهي ۽ آئنده به هوندو. مٿس هر دور ۾ ڪتاب لکيا ويندا. اهڙيءَ ريت، ڏيهي توڙي پرڏيهي عالم سنڌ جي ٻين اعليٰ شخصيتن تي به ڪتاب لکندا رهندا. حب الوطنيءَ جي تعليم جيتري شاهه جي ڪلام ۾ آهي، اوتري ان دور جي ٻئي ڪهڙي شاعر ۾ آهي؟ پر، ان ڳالهه کان به ڪو انڪار ڪونهي ته سندس آفاقي ڪلام جي تهه ۾ ”اسلامي تصوف جو بحر بي ڪنار موجزن آهي.“

سنڌ جا سڀ عظيم بزرگ صوفي هئا ۽ تصوف جي باري ۾ اهو چوڻ ته رهبانيت سيکاري ٿو، هروڀرو صحيح ڪونهي.

معاشري جون مجموعي حالتون سماجي ادارن کان متاثر ٿين ٿيون، ۽ انهن تي اثرانداز به ٿين ٿيون. مثلا، جمهوريت سٺو سياسي سرشتو آهي. پر، جيڪڏهن بداخلاق سياسي اڳواڻ طاقت ۾ ايندا، ته ملڪ ۾، ظاهر ۾ ته جمهوريت هوندي، اصل ۾، رشوتي ۽ رهزن ماڻهو زور وٺندا. زور ڏيندا جمهوريت تي ۽ ڦريندا غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن کي، ياوري قومي خزاني کي. سندن پنهنجا ذاتي مفاد امير طبقي سان وابسته آهن ۽ هميشه رهندا. عوام يا جمهور ۾ سندن ڪابه دلچسپي ڪانهي. انهن جا رڳو کين ووٽ کپن. ٻيو ٿيو ڀلو. چونڊن ۾ سدائين امير چونڊجن ٿا. ۽ آئينده به چونڊبا. غريب ته رڳو ووٽ ڏئي ٿو. سو، جمهوريت ۾ به غريب وري به غريب ئي رهندو.

اصل مسئلو آهي اخلاق جو. ڏسڻو اهو آهي ته حاڪمن ۾ اخلاق آهي يا نه؟ حاڪم وٽ انصاف هوندو، ته غريب غربو سک جو ساهه کڻندو، عام ڀلائيءَ جا ڪم ٿيندا. ماڻهن کي امن امان، روزگار، صحت ۽ تعليم جون سهوليتون ملنديون.

مذهبي ادارن جو به معاملو به ائين آهي. اهي روشنيءَ جا منارا به ٿي سگهن ٿا ۽ اونداهيءَ جا اڏا پڻ. ڏسڻو اهو آهي ته انهن ادارن جي سربراهن جو پنهنجو اخلاق ڪيئن آهي.

هونئن، ٻن انگريز مصنف، اليگزينڊر بينيزن ۽ ايس. اينڊرس ومبش اسلامي تصوف تي پنهنجي تحقيقاتي ڪتاب ۾، سر آغاز،امام شمائل جو هڪ قول انهيءَ ڳالهه جي ثابتيءَ طور ڏنو آهي ته اسلامي تصوف رهبانيت ڪونه ٿو سيکاري. سندس قول آهي ته:

“Weakness and cowardice never saved anybody”

سنڌ جي باري ۾ سدائين اها پروپئگنڊا ٿي آهي ته سنڌي سست، ڪاهل ۽ ڊڄڻا آهن. پر، انگريزن جي ڏينهن ۾، سنڌ ۾ حر تحريڪ وارا ڪارناما ڪهڙيءَ ڳالهه جا دليل آهن؟ امام شمائل جي قول جي صداقت تي سو فيصد شاهد آهي يا نه؟ حر سنڌي هئا. پنهنجي پير جا پروانا هئا. انگريز فيل مست هو. ساڻس ٽڪر کائڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانه هئي، پر حرن اهڙي ته صورت حال پيدا ڪئي، جو انگريزن کي پنهنجي سموري تهذيب، شرافت، شائستگي، قاعدا ۽ قانون ويڙهي سيڙهي، حرن جي تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ ”مارشل لا“ هڻڻو پيو.

٤

دنيا ۾، هن صديءَ ۾ ڪي اهڙا ملڪ به وجود ۾ آيا، جيڪي سيڪيولر هئا. ٻيا وري سوشلسٽ نظريي جا حامي هئا ۽ اعلانيه، مذهب کي ڀنگ ۽ تصوف کي آفيم جو نشو ڪوٺيندا هئا. سو، سرڪاري طرح، انهن جي پاڙ پٽڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ڀائيندا هئا، ته جنهن نظريي تي، پاڻ حڪومت جي سموريءَ طاقت وسيلي، محڪم ارادي سان، ڪاربند آهن، سو هڪ ڏينهن سندن ملڪ ۾ مساوات، برابريءَ ۽ ڀائپيءَ جو ماحول پيدا ڪندو. پر، ائين ڪونه ٿيو. پوريءَ منيءَ صديءَ جي تجربي کان پوءِ، اهڙن ملڪن جو حال اڳئين کان ابتر ٿي ويو. سڀني کان طاقتور ملڪ، سوويت يونين اوچتو اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو. سڄي دنيا وائڙي ٿي وئي! چين روس جو اهو حال ڏسي، سبق سکيو. اقتصادي پاليسيون ايتريون ته تبديل ڪيائين، جو هاڻي اتي سوشلزم نالي ماتر وڃي بچيو آهي. ماڻهن کي مذهبي آزاديون به عام مليون آهن. ٻڌ ڌرم جي مندرن جا رنگ روغن شروع ٿي ويا آهن. چين ۾ ان کي هاڻي Open Door Policy ڪوٺن ٿا.

پر، جن ڏينهن ۾ سوويت يونين جو اڃا دنيا ۾ ڌڌڪو هو، تن ڏينهن ۾، اتان جا ماهر، توڙي کانئن به آڳاٽا روسي ماهر ۽ خود ٻيا يورپي ماهر، مسئلن جو سائنسي مطالعو ڪري، سرڪاري پاليسي ٺاهيندا هئا. انهيءَ مقصد خاطر، وچ ايشيا جي مسلمان رياستن ۾ ”اسلامي تعليم جا اثرات“ به سندن مطالعي جو خاص موضوع رهيا آهن. هو انهيءَ نتيجي تي پهتا آهن ته ’اسلامي تصوف‘ جي تعليم ۾ بي پناهه قوتون پوشيده آهن، جي ڪڏهن به ڀڙڪي، باهه جو ڀڀڙ ٿي سگهن ٿيون! سندن پنهنجا اصل انگريزي لفظ هي آهن:

Sufism is a fact, and potent one, of Islamic reality in the soviet union. It has never been a negligibe factor in the conduct of relations between russians and the muslims of the empirs, and given the domestic and foreign stimuli which affect it, it is unlikely to become negligible in the future. Therefore Sufism should not and cannot be seen as something of simply anecdotal significance, a colourful by product of islam in the soviet state, or a termporal factor that can be brushed aside as lacking in meaning... soviet state is a closed society. We tend to see its problems as sui generis. Of course, many are, but it would be wrong to see Sufism in this light. Sufism in the soviety union has developed in ways which do indeed reflect its immediate political and social milieu, but Sufism per se is a worldwide phenomenon. Therefore, Sufism in the soviet union must be viewed in this broader comparative perspective, as well as in its own distinctive environment.

Sufism has engaged, rather over-optimistically, the attention of pre-soviet and soviet Rusians. It is something which refuses to go away. A le Chatelier, in his L’islam au XiXeme Siecle (Paris, 1888) obserbved in the North African context that <iT is necessary to insist on the vitality of mystical islam. It is this islam which in the nineteenth century is the active religious principle. "Writing a decaded later, the sulmanstvu, vol. 3 Tashkent, 1898) made a similar and, we believe, appropriate observations:

“Given the immobility of official Islamic dogmas, all intellectual Movements in the muslim world must cover themselves with the flag of Sufism. The renaissance of islam can take place only under its in fluence every new idea, any movement, political or religious, reactionary or revolutionary, will cover it self with the flag of Sufism”.

These observations, although written in the last century, should command our attention today.

Mystics and Commissars

Sufism in the soviet union

Alexandre bennigsen

S. EnDERs wimbush

c. hurst & company, London, 1985

مغربي ماهرن جو اهو تجزيو ۽ آئيندي جو اندازو غلط ڪونه هو. ان جو ثبو اڳتي هلي، دنيا جي اڳيان، روس جي خلاف چيچنيا ۾ بغاوت جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، جنهن جا باغي اڳواڻ ’نقشبندي صوفين‘ جي تعليم کان متاثر آهن، ۽ رڳو چيچنيا تائين محدود ڪونه آهن. سابق سوويت يونين جي ٻين علائقن ۾ به ڪثرت سان پکڙيا پيا آهن. چيچنيا جي روس جي اڳيان ته ڪا حيثيت ئي ڪانهي، پر پوءِ به چيچنيا بغاوت ڪامياب ٿي ۽ سڄيءَ دنيا ۾، روس جهڙيءَ عظيم طاقت لاءِ خواريءَ جو باعث ٿي. بي. بي. سيءَ جي مبصر ته محتاط انداز ۾، رڳو ايترو چيو ته ”روس کي چيچنيا ۾ دخل ڏيڻ سان ڪجهه ڪونه مليو.“ پر، خود هڪ روسي فوجي جرنيل، چيچنيا مان ناڪام ٿي موٽڻ کان پوءِ، صاف صاف لفظن ۾ اعتراف ڪيو ته:

”اسان بي حيا ٿي، چيچنيا ۾ گهڙياسين، ۽ بڇڙا ٿي اتان نڪتاسين.“

اسان وٽ ته صوفين جو اثر سابق سوويت يونين کان به وڌيڪ رهيو آهي. سنڌ ته خاص طرح صوفين جي تعليم کان متاثر رهي آهي، انڪري نسبتا سانتيڪي رهي آهي ۽ انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ به امن امان وارو صوبو رهي آهي.

انگريزن برصغير ۾ پير پختا ڪرڻ کان پوءِ، سامرا جي حاڪمن وانگر، ڪن ڏيهي ماڻهن کي هميشه لاءِ وڏيون وڏيون جاگيرون ڏنيون، ته هو سندن وفادار ڇاڙتن وانگر رهن. اهڙيءَ طرح انگريزي دؤر ۾، اڳوڻن بادشاهن واري جاگيرداري طبقي هيڪاري وڌيڪ طاقتور حيثيت حاصل ڪئي. هونئن ته انگريزن جا پيش رو مغل بادشاهه به مقامي بااثر مانهن کي جاگيرون ڏيندا هئا. پر، اهي موروثي ڪونه هونديون هيون. جاگيردار جي مرڻ سان سندس منصب به ختم ٿي ويندو هو. بادشاهه گهرندو هو ته غمزده خاندان لاءِ پينشن منظور ڪندو هو ۽ مرحوم منصبدار جي اولاد کي لياقت جي آڌار تي عهدا ڏيندو هو.(1)

انگريز وڌيڪ شاطر حاڪم ثابت ٿيا. سندن جاگيردارانه پاليسيءَ جي نتيجي طور ملڪ ۾ سرڪار پرستيءَ جا پاليسي شروع ٿي. هرڪو حاڪم کي پاڻ وڻائڻ لاءِ اڳتي وڌيو. وڏا وڏا جاگيردار، وڏيرا ۽ پير، انگريز سرڪار جا معتبر ايجنٽ ٿيا. خوف خدا ختم ٿي ويو، خوف حاڪم وڌي ويو. بيٺل سکين ستابن، ڏسڻن، وائسن، معتبر ماڻهن ديسي لباس لاهي، انگريزي لباس پاتو ۽ پنهنجيءَ رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو طور طريقو به مغربي ڪيو. گويا، پنهنجو ظاهر باطن هڪ ڪري ڇڏيائون. پير علي محمد راشديءَ جي لفظن ۾:

”ستر ونديون چادرون چيري ٻاهر نڪري آيون. اڳي رڳو کدڙا نچندا هئا. هاڻي هوشو شيديءَ جا وارث به رمبا سمبا ۾ لڳي ويا.“

جڏهن خلافت تحريڪ شروع ٿي ته هندو ملسمان انگريزن جي خلاف هڪ ٿي ويا. منهنجي والد بزرگوار انهيءَ زماني ۾ هندو مسلم اتحاد جي ڪيفيت بيان ڪندي، هڪ دفعي مون کي ٻڌايو ته ”خلافت جي زماني ۾ اسان مٿي تان مشهدي لونگي لاهي، کاڌيءَ جو پٽڪو به ٻڌو“.

انگريز هندو- مسلم اتحاد ڏسي ڇرڪي ويا. پير صاحب پاڳاري، سيد صبغته الله شاهه راشديءَ جهڙي سورهيه ته انگريزن سان وڙهندي شهادت جو جام پيتو(1). پر، سنڌ ۾ اهڙا سرڪار پرست پير گهڻا هئا، جن انگريزن جي اشاري تي، ”خلافتي مجاهدن“ خلاف فتوائون ڏنيون. کين ”وهابي“ ڪوٺيائون. چيائون ته ”واڻئي جي هٽ تان سودو وٺڻ جائز آهي. پر، وهابي مسلمان جو پاڻي پيڻ به حرام آهي.“ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جهڙو مجاهد کي به ڪونه بخشيائون.(2)

مولانا عبدالله سنڌيءَ تي به ساڳيو هٿيار آزمايائون ۽ کيس”وهابي“ ڪوٺي، سندس عظيم شخصيت کي مجروح ڪرڻ جي مذموم ڪوشش ڪيائون، توڙي جو هو پير سائين روضي، ڌڻيءَ جو وڏو عقيدتمند هو ۽ سندس خاندان جي بزرگن، خاص طرح جهنڊي وارن سان ته گهاٽا لاڳاپا هئس.

اهڙيءَ ريت، انگريزن هندستان ۾، ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي اصول تي عمل ڪيو، ۽ ”مذهبي ڇڪتاڻ“ کي وڌايو، ته جيئن هندن ۽ مسلمانن ۾ نفرت وڌي ته کين مٿن حڪومت ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. هو ان ۾ ڪامياب ٿيا.

توڙي جو انگريزن هندستان مان مسلمانن کان ئي حڪومت کسي هئي. آخرين مسلمان مغل بادشاهه جي پٽن کي پڪڙي، گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو مغل بادشاهه کي جلاوطن ڪري کيس پرديس ۾ پوري ڇڏيو هو. پر، ١٨٥٧ع واريءَ بغاوت کان پوءِ، انگريز، برصغير جي ”مسلمان سياست“ تي ايتريقدر ته اثر انداز ٿي ويا، جو جن شخصن کي ”سر“، ”خان صاحب“ ۽ ”خانبهادر“ جا خطاب ڏيندا هئا، خلق به انهن جي ئي پٺيان هلندي هئي. ائين، سنڌ، خانبهادرن ۽ خان صاحبن جي غلام ٿي وئي.

اهي خانصاحب ۽ خانبهادر سنڌ جي عوام جي امنگن جي ترجماني ڪندا هئا يا انگريزي سرڪار جا ايجنٽ هئا، ان ڳالهه جي تصديق لاءِ ڏسو روزنامه ”الوحيد“ جو ايڊيٽوريل مورخه ١٩ آگسٽ ١٩٢٠ع. عنوان اٿس: ”قرآن ڪريم جي مخالفت ۾ لاڙڪاڻي جي ڪن خانبهادرن ۽ خانصاحبن جي ميٽنگ.“


(1)  تيئن ڙٺو آ مون: تي. ايم. ٺيد (اردو ٻرتمو)

(1) Sindh Revisited: A journey in the foot-steps of Captain Sir Richard Frances Burton, 1842-1849, the Indian years by Christopher Ondaatje, harper Collins publishers Ltd. Page 271

(1)  ٿوالي لاءَ ڙٺو مٺرٻ زبيريءَ تو ڱٻاب: Voyage Through History

(1)  ٻازو ھڱ اڃليٰ پوليٺ ڃملدار، آڇٻاب نبيءَ، ”ڏان“ اٽبار ۾ ڃمدا مجمون لڳيا آھن، تن ۾ انگريزن تي دؤر ۾ ٿر متاھدن تي ٻٿريڱ ۽ پير پاٿب پاگاري، ثھيد بادثاھھ تي دليريءَ تو داٺٻان نھايٻ موڀر لڇظن ۾ بيان ڱيو اٿٺ.

(2)  اھڙن ٺرڱاري ٺنڍي پيرن تي ٻڇپيلي اٿوال لاءَ ڙٺو: ”مولانا ڃبيدالله ٺندھي ڳي ٺرگزثٻ ڳابل مرٻب: ڏاڱٽر چلام مپڄڇيٰ ٽان ٺابح پدر ثڃبھ اردو، ٺنڍ يونيورٺٽي. پڇٿو ١١١، ناثر: نيثنل انٺٽيٽيوٽ ڇار ھٺٽاريڱل ائنڏ ڱلچرل ريٺرچ، اٺلام آباد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org