سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جا بَر، بَحرَ ۽ پهاڙ

باب:

صفحو:4 

سنڌ ۽ ملتان جا تاريخي لاڳاپا نهايت قديم آهن. ٻنهي جو جاگرافيائي ماحول به گهڻي قدر هڪجهڙو آهي. ملتان ۽ ان جي آسپاس وارا علائقا وڏا دريائي ميدان آهن. سنڌ ۾ به درياءَ جي ٻنهي پاسن کان وڏا وڏا ميداني علائقا آهن.

دريائي ميدان، دنيا ۾ هر هنڌ، آباد هوندا آهن. آڳاٽي زماني ۾، ماڻهو پاڻيءَ جي سهنج ۽ سانگي سان، چشمن، ڍنڍن، ڍورن، دريائن ۽ واهن جي پاسن سان ڳوٺ ٻڌي وهندا هئا، جيڪي وقت جي گذرڻ سان، وڌي وڃي شهرن جي شڪل وٺندا هئا. دنيا جي قديم تهذيبي مرڪزن جو بنياد ائين ئي پيو. مصر ملڪ جا قديم شهر، نيل نديءَ جي ڀر پاسي سان ائين ئي اڏيا. سنڌ ۾، ”مهين جودڙو“ به اهڙو ئي هڪ بيمثال قديم تهذيبي مرڪز آهي.

اڳي جڏهن ريلوي ۽ لاريون ڪونه هيون، تڏهن سوداگر وڻج واپار جو سامان، هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، خشڪيءَ تان اٺن جي قافلن وسيلي ۽ درياءَ مان ٻيڙين جي وسيلي، آڻيندا هئا. هاڻي به ڪي سوداگر ائين ڪن ٿا. پاڪستان ٺهڻ کان چار پنج سال اڳ، مان ننڍو ٻار هئس ته منهنجو پيءُ مون کي سکر گهمائڻ وٺي ويو: اتي دريائي بندر تي، بار بردار ٻيڙيون بيٺيون هيون. جيڪي ملتان مان مال کڻي آيون هيون. ڪيئن چئجي ته ”سنڌ باد“ سوداگرن ملتان جا اهي دريائي سفر ڪڏهن کان شروع ڪيا؟ جڏهن کان انسانذات ٻيڙي ايجاد ڪئي؟ ۽ انهن سفرن ڪري سنڌ ۽ ملتان جو هڪٻئي تي اثر ڪڏهن کان پوڻ شروع ٿيو، سو چوڻ به ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. البت، ايترو چئي سگهجي ٿو ته اهو اثر زندگيءَ جي سمورين ڳالهين تي پيو هوندو. سڀ کان اول ملتاني ماڻهن سنڌي سکي هوندي ۽ سنڌ واسين ملتاني يا سرائڪي. ڀلا ٻوليءَ جي ٿوريءَ گهڻيءَ واقفيت کان سواءِ پاڻ ۾ ڌنڌو ۽ واپار ڪيئن ڪري سگهن ها؟ سنڌ ۾، هاڻي اهڙا ڪافي ماڻهو آهن، جيڪي ٻئي ٻوليون يعني سنڌي ۽ سرائڪي ڳالهائين ٿا. ديري غازي خان مان ڪيترائي بلوچ قبيلا سنڌ ۾ لڏي آيا ۽ گهر ڪري ويٺا. سندن مادري ٻولي سرائڪي آهي، جنهن کي ”ديري والي“ به ڪوٺيندا آهن. ڀانئجي ٿو ته بلوچي ٻولي رڳو اهي بلوچ قبيلا ڳالهائين ٿا، جيڪي بلوچستان مان سڌو سنڌ ۾ آيا. بلوچن وانگر ڪيترائي بروهي پڻ بلوچستان مان سڌو سنڌ ۾ آيا ۽ گهر ڪري ويٺا.(١)

سنڌي دنيا جي هڪ قديم زبان آهي. رچرڊ برٽن (يا ڪنهن ٻئي انگريز عالم) چيو آهي ته ”ان جي هڪ خاص خوبي هيءَ آهي ته منجهس هرڪنهن ٻوليءَ جي لفظن جا اچار ڪڍي سگهجن ٿا.“ اهو انڪري آهي، جو سنڌي زبان ۾ لفظن جو سرمايو تمام گهڻو آهي. منجهس انڊلٺ جا سمورا رنگ (All the colours of Rainbow) ڀريا پيا آهن. پر سرائڪيءَ جو رنگ جان تان چهرو آهي ۽ پيارو پڻ. سنڌ کي سچل سائينءَ جهڙو باڪمال شاعر ڏنائين!

سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ جو هڪٻئي سان سنٻنڌ صدين جون صديون ڪو ايڏو گهرو ۽ گهاٽو رهيو آهي، جو عربن جي فتح کان پوءِ جيڪي سياح ملتان ۾ آيا آهن، تن مان مسعوديءَ لکيو آهي ته ”ملتان ۾ ٽي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون: هڪ عربي، ٻي فارسي ۽ ٽين سنڌي.“

اها ته ٿي اڳئين زماني جي ڳالهه، پر هاڻي، ويجهيءَ ڇڪ ۾ به سرائڪي زبان، جيڪو وڏي ۾ وڏو شاعر پيدا ڪيو، سو، خواجه غلام فريد هو. پنجاب پرڳڻي جي عظيم شاعرن بابا فريد، سلطان باهوءَ، شاهه حسين، ميان محمدبخش ۽ بلهي شاهه جي صوفيانه سوچ ۽ غنائيه شاعريءَ جيڪو ساز سلوڪ وارو ماحول پيدا ڪيو، ان جو آخرين عظيم شاعر (Last of the Great) هو. پر، متاثر سچل کان هو ۽ سنڌي زبان ۾ ڪافيون چيون اٿس.(٢)

ڪنهن به قوم جي ڪلچر کي ٻه ڳالهيون ٻين کان وڌيڪ متاثر ڪن ٿيون. هڪ ٻولي ۽ ٻي مذهب، ڇو ته ٻنهي جو واسطو ماڻهوءَ جي نفسيات سان آهي. سنڌ ۽ ملتان جا ماڻهو هڪٻئي جي ٻوليءَ سان آشنا ٿيا هوندا، ته هڪٻئي جي هنرن ۽ ڪاريگرين کان به واقف ٿيا هوندا. شاهه سائينءَ کي جڏهن پنهنجي پڙڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي روضي جي تزئين ۽ آرائيش جو خيال آيو، تڏهن سندس اعليٰ شاعرانه ذوق کيس ملتان وٺي ويو، جتان ڪاشيءَ جي سرن جي ٻيڙي ڀرائي آيو.

ڪاشيءَ جو ڪم هاڻي سنڌ ۾ به سٺو ٿئي ٿو. نصرپور ۾ مون هڪ مسجد ڏٺي، جنهن جي ڇت تي، اندران، ڪاشيءَ جي سرن جي جڙت ٿيل هئي. نهايت نفيس ڪم هو. چيائون ته سؤ سال ٿي ويا اٿس، پر سرون اهڙيون سهڻيون ٿي لڳيون، جو ڄڻ ته ڪالهه لڳيون آهن.

اڄڪلهه، ملتان ۾ ڪاشيءَ جي هنر وانگر، جاين کي سينگارڻ لاءِ شيشو استعمال ڪن ٿا، جنهن کي ”شيشا ڪاري“ ڪوٺين ٿا. ڀت ۽ ڇت تي، شيشي جي ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن جي ڪنهن مسالي سان لنباوت ڪن ٿا ۽ منجهانئس سهڻيون سهڻيون ڊزائينون ٺاهين ٿا. تمام سهڻو هنر آهي، پر سنڌ ۾ اڃا ان جو رواج ڪونه پيو آهي.

ملتان ۾ اٺ جي چمڙي مان به ڏاڍو سهڻو سامان ٺاهين ٿا، جنهن تي رنگبرنگي چٽسالي ڪن ٿا. اڳئين زماني ۾ ان مان وڏيون خوبصورت صراحيون ٺاهيندا هئا، جن ۾ خوشبودار تيل ۽ عطر عنبير رکندا هئا. هاڻي ان مان ٽيبل لئمپ جا شيڊس ۽ ٻيا سامان ٺاهين ٿا، جي ڏسڻ وٽان آهن.

اڳي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تيل ميٽ سان وهنجڻ جو عام رواج هوندو هو. ان ۾ ليمي جا ساوا پن وجهندا هئا. سرهي صابڻ عام ٿيڻ کان پوءِ، اهو رواج گهٽجي ويو. مون هڪ دفعي اسلام آباد ۾ ميٽ جي پڇا ڪئي. آب پاري مارڪيٽ ۾ ڳولي لڌم. دڪاندار چيو ته ”جيڪڏهن صحيح نالو وٺو ها، ته جلد ملي وڃي ها.“ مون پڇيس ته صحيح نالو ڪهڙو اٿس؟ چيائين ته ”ملتاني مٽي.“

پهرئين ڀيري جڏهن ملتان پئي ويس، تڏهن هڪ ڀيڻ فرمائش ڪئي ته اتان منهنجي لاءِ ميندي وٺي اچجانءِ. مون پڇيس ته ڇو؟ چيائين ته ننڍپڻ کان ملتاني مينديءَ جي تعريف ٻڌي اٿم. مون ميندي ته ڪانه آندي، البت، ڀريل رئو آڻي کيس ڏنم. سو، انڪري جو ملتان ۾، زالاڻن وڳن تي، ڀرت جو بي مثال ڪم ٿيندو آهي. هڪڙي ملتاني ڪاريگر مون سان ڳالهه ڪئي ته اڳي رئيس غيبي خان چانڊيي جو هاڪارو خاندان به شاديءَ جي موقعي تي ڀرت جو ڪم ملتان مان ڪرائيندو هو ۽ ان زماني ۾ به ان جو اجورو هزارين رپيا ڏيندو هو.

ملتان وانگر سنڌ جا هنر ۽ ڪاريگريون به لاجواب آهن. حيدرآباد جي شاهي بزار ۾، حاجي عبدالڪريم جو ڪاٺياواڙ ڪلاٿ اسٽور سنڌي کيسن، اجرڪن، سوسين، گربين ۽ ڀرت جي نفيس ڪم وارن ڪپڙن لاءِ مشهور هوندو هو. پير حسام الدين راشدي اڪثر اتان خريداري ڪندو هو ۽ ايران ۾ دوستن کي تحفا موڪليندو هو. هڪ ڏينهن حاجي صاحب (مرحوم) کان اجرڪ پئي ورتم، ته سنڌ جي هڪ امير خاندان جي ٻڍڙي مائي پنهنجين نوڪرياڻين جي اٽالي سان آئي. حاجي صاحب کي هڪ سنڌي کيس ڏيکاري، چيائينس ته، ”اسان جي خاندان ۾ شادي آهي. هن جهڙا ٻه چار کيس کپن. ٺهرائي ڏيو. پئسا جيڪي چئو، سي هاڻي ئي ڏيون.“

حاجي صاحب ڪا دير ته کيس کي اٿلائي پٿلائي جاچيندو رهيو. پوءِ ٿڌو ساهه ڀري مائي صاحبه کي چيائين ته، ”هزارين رپيا ڏبا، ته به اهڙو کيس هاڻي ٺهي ڪونه ملندو. سنڌ مان اهي ڪاريگر ئي جهان ڇڏي ويا.“

شاهه ايران کي ملڪه فرح ديبا مان جڏهن پٽ ڄائو، تڏهن سائين حسام الدين راشديءَ ۽ ممتاز حسن هڪ شاندار دعوت ڪئي ۽ ايران جي سفير کي ”مکيه مهمان“ ڪري سڏيائون. ڪراچي شهر جا وڏا وڏا معزز ماڻهو آيا. جنهن شامياني ۾ ويٺا هئا، تنهن کي سينگارڻ لاءِ ننڍا قالين (Wall Carpets) قناتن تي ٽنگيا هئائون. انهن جي وچ ۾ هڪ سنڌي رلهي چمڪي رهي هئي، جنهن جي اڳيان ايراني غاليچا شرمندا ٿي لڳا. چيائون ته اها رلهي پير سائين پاڳاري جي خاندان لاءِ سندن مريدياڻين ٺاهي هئي ۽ ان کي پوري ڪرڻ ۾ کين پنج ورهيه لڳا هئا. (اها رلهي بعد ۾، سائين حسام الدين شاهه ڊاڪٽر شمل کي تحفي طور ڏني.)

اسان جي ڳوٺ ۾، مون هڪ فراسي ڏٺي، جا ٿر جي پاسي ٻڪريءَ جي ڏاس مان ٺهيل هئي. چيائون ته سؤ سال ٿي ويا اٿس، پر اڃا ائين بيٺي آهي، جو مٿانئس پاڻي هاريو ته هيٺ ڪونه وهندو.

اهي ته هاڻوڪي زماني جا سنڌي هنر آهن. اڳئين زماني ۾ سنڌ ۾ ململ جو اهڙو ته نفيس ڪپڙو ٺهندو هو، جو ٻاهرين ملڪن ۾ ويندو هو. بادشاهن کي تحفي طور ملندو هو. ”سندس“ ڪوٺيندا هئس. ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ انهيءَ تي تحقيق ڪري دلچسپ دريافتون ڪيون آهن ۽ ”مهراڻ“ ۾ مضمون لکيو آهي.

نارائڻداس ملڪاڻيءَ ”ڳوٺاڻي چهر“ نالي سان هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا هنر بيان ڪيا اٿس. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به سنڌ جي هنرن تي سٺا سٺا ڪتاب نڪتا آهن. محترمه مهتاب راشديءَ مون کي، اجرڪ تي، ڪلچر کاتي جو ڇپايل هڪ انگريزي ڪتاب موڪليو، جو نهايت معياري هو.(٣)

ملتان ۽ سنڌ جا لاڳاپا گهرا گهاٽا ٿيا هوندا، ته ڪي قومون ۽ ذاتيون سنڌ مان ملتان لڏي ويون هونديون ۽ ڪي وري اتان سنڌ ۾ آيون هونديون. مون ڪن ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته سنڌ جا فلاڻا فلاڻا هندو گهراڻا ملتان مان لڏي، سنڌ ۾ اچي ويٺا. منجهن اهو به لکيل هو ته انگريزن جي زماني ۾، سنڌ جا هندو واپاري جڏهن بمبئيءَ ويندا هئا، تڏهن اتان جا واپاري کين ”ملتاني“ ڪوٺيندا هئا.

مسلمانن ۾، مهر، عباسي، ڪلهوڙا، دائود پوٽا، صديقي، قريشي، جيلان، انڊهڙ، چاچڙ، کوکر، چانڊيا، سومرا، ۽ ٻيون ڪيئي ذاتيون سنڌ توڙي ملتان ۾ ڪثرت سان آباد آهن. مون الاهي بخش سومري صاحب جي اسلام آباد واري گهر ۾، سنڌ جي سومرن تي انگريزيءَ ۾ هڪ عمدي تاريخ ڏٺي، جا ملتان ۾ ڇپيل هئي.

سما ۽ سومرا سنڌ جا اصلوڪا باشندا آهن ۽ فرزند زمين Sons of the soil) سڏائڻ جا هروجه مستحق آهن. سوين سال اڳي به سنڌ جي سر زمين ۾ سندن پاڙون ايتريون ته پختيون هيون، جو عربن جو اقتدار ڪمزور ٿيو، ته پاڻ سنڌ جا حاڪم بڻجي ويٺا. سائين جي. ايم. سيد مون کي چيو ته ”سمن ۽ سومرن جي بادشاهي سنڌ جي تاريخ جو سونهري دور (Golden Period) آهي.“

سنڌ جا ڪي عشقيه داستان مثلا دودو چنيسر ۽ عمر مارئي سمن ۽ سومرن جي دور سان ئي وابسته آهن. پر، سڀ کان وڏي ڳالهه آهي سنڌي ٻولي. هونئن ته هزارين سال قديم آهي، پر، ان ۾ نظم جا پهريان پهريان نمونا سومرن جي دور ۾ ملن ٿا. ان کان اڳي اوندهه آهي. سمن ۽ سومرن جي عهد ۾ ئي سنڌيءَ کي سرڪاري سرپرستي نصيب ٿي.(٤)

سمن ۽ سومرن وڏا وڏا سخي ۽ درياءَ دل بادشاهه پيدا ڪيا. دودو سومرو ايڏو ڪو دلير هو، جو اڄ ڏينهن تائين سندس نالو پيو ڳائجي ته ”مڙس ته دودو.“

سمن بادشاهن جو خطاب ”ڄام“ هوندو هو. ايڏو ته پيارو هو، جو سنڌ جي بادشاهه شاعر ان کي حضور پيغمبر ' جن جي ساراهه ۾ ڪم آندو آهي. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي مشهور مداح آهي:

”ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون“

ڄام نظام الدين سمو ايڏو ته طاقتور حاڪم هو، جو اڪبر بادشاهه وانگر، اڌ صدي حڪومت ڪيائين. تاريخ نويسن جو چوڻ آهي ته سنڌ اهڙو انصاف پسند بادشاهه نه اڳي ڏٺو نه پوءِ، سندس ايامڪاريءَ ۾ شينهن ۽ ٻڪري ساڳئي تڙ تان پاڻي پيئندا هئا. سائين حسام الدين شاهه راشديءَ مون سان ڳالهه ڪئي ته:

”صبح جي نماز پڙهي، گهوڙن جي طنبيلي ۾ ويندو هو. مٿن پيار سان هٿڙا گهمائي چوندو هو ته ڀٽارا، الله سائي اهو ڏينهن نه آڻي، جو مان ڪنهن تي ظلم ڪرڻ لاءِ توهان تي چڙهي ڪريان.“(٥)

سنڌ جي تاريخ جو قومي سورهيه (National Hero) دولهه دريا خان، جنهن تي هر دور ۾ سنڌ جو سلام رهندو. ڄام نظام الدين خان سمي جو ئي سپهه سالار هو. جڏهن مغلن هند کي فتح ڪيو، تڏهن سندن سوٽي- سوٽن، ارغونن ۽ ترخانن، وري سنڌ ۾ اکيون وڌيون. ڪاهه ڪري آيا. دريا خان، سنڌين جو لشڪر وٺي، سندن سامهون ٿيو ۽ اهڙي ته شڪست ڏنائين، جو جيسين ڄام جيئرو هو، تيسين کين سنڌ ڏانهن نهارڻ جي وري همت ڪانه ٿي.

چون ٿا ته ٺٽي جو شهر به ڄام ٻڌايو هو. تاريخ تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي ته:

”ڄام نظام الدين سمي، نائين صدي هجريءَ جي پوين مهينن ۾، نجومين کي نئون شهر آباد ڪرڻ لاءِ، اهڙيءَ زمين جو ٽڪرو ڳولڻ جو حڪم ڪيو، جا فرحت بخش هجي. سو، ٺٽي جي زمين چونڊيائون، جنهن جي اڀرندي طرف باغ هئا. هن وقت ٺٽو ٻن معنائن سان آباد آهي. ڪي چون ٿا ته ان جي معنيٰ آهي ”تهه“ ”تهه“ يعني ”هيٺ، هيٺ“. (جنهن جو مطلب ته تهن مٿان تهه.) ڪن جو چوڻ آهي ته ٺٽي جي معنيٰ آهي ٺٽ، يعني سنڌي محاوري موجب ”ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ.“ جڏهن زماني جي گذرڻ، وقت جي انقلابن ۽ حادثن ڪري، ڀنڀور، ديبل، بڪار ۽ ٿرڙيءَ جهڙا عمدا شهر اجڙڻ لڳا، جيڪي ساڪري جي زمين ۽ ان سان لاڳيتي علائقي ۾ هئا، تڏهن اتان جا اڪثر باشندا هن شهر (ٺٽي) ڏانهن لڏي آيا.“

تحفة الڪرام جي مصنف مير علي شير قانع جو اهو بيان ته ”ٺٽه“ جي هڪ معنيٰ آهي ”تهه تهه“ يعني هيٺ هيٺ، انهيءَ ڳالهه جو گمان پيدا ڪري ٿو، ته شايد ٺٽي جي هنڌ تي اڳ ۾ ڪو قديم شهر هو، جنهن جي چوڌاري جيڪي چار جدا جدا شهر (ڀنڀور، ديبل، بڪار ۽ ٿرڙي) هئا، سي به سڀ تمام قديم هئا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب امير خسروءَ جي حوالي سان پڪي پختي نشاني ڏني آهي، ته ٺٽي جو بنياد، سمن جي زماني کان گهڻو اڳي پئجي چڪو هو.

ملتان ۾ ممتاز صاحب نالي منهنجو هڪ دوست هوندو هو. وڏو علم دوست هو. خزاني آفيسر هو، پر پئسن بدران ڪتابن سان دل هئس. مون سان ڏيٺ ويٺ ائين ٿيس، جو سنڌي ادبي بورڊ مان تاريخ جا ڪتاب گهرائيندو هو. اهي پڙهي، سائين حسام الدين شاهه جو عقيدتمند ٿي ويو. سندس ئي تحريڪ سان، غوث بهاؤالحق ملتانيءَ جي سالياني عرس ۾، سائين پير صاحب کي ادبي ڪانفرنس جو خاص مهمان ڪري سڏيائون. پير صاحب وري مون کي، مولانا قاسميءَ ۽ ڊاڪٽر الانا کي ملتان وٺي ويو ۽ غوث جي سجادهه نشين، مخدوم سجاد حسين قريشي صاحب سان ملايائين.

هڪ دفعي، مان پير صاحب سان گڏ ملتان ويس. ممتاز منجهند جي ماني ڪئي. ڪچهريءَ جو موضوع سنڌ ۽ ملتان جا تاريخي لاڳاپا هو. انهيءَ پس منظر ۾، هن هڪ سنڌي لوڪ بيت ٻڌايو، جو ڏاڍو دلچسپ هو:

جڏهن ٺٽي ٿي ٺاهه ڪيو ۽ اڏيو ٿي ملتان
تڏهن سؤ سهيلين ساڻ، مون مٽي ڍوئي ڪوٽ جي.

 

هن بيت ۾، ٺٽي ۽ ملتان جي گڏ اڏجڻ جو ذڪر نهايت معنيٰ خيز آهي. بيت الائي ڪهڙي زماني جو آهي؟ منجهانئس ماموئيءَ وارن بيتن جي بوءِ اچي ٿي، يعني، جيئن انهن بيتن ۾ ڪن خاص تاريخي واقعن ڏانهن اشارو آهي، تيئن هن بيت ۾ به ٻن تاريخي شهرن جي گڏ اڏجڻ جو ذڪر آهي.

ڊاڪٽر داني بنيادي طرح آثار قديمه جو ماهر آهي، پر تاريخ ۽ ثقافت ۾ به وڏو درڪ اٿس. ٺٽي تي هڪ ڪتاب اٿس، جو اسلام آباد جي اداري National institute for historical and cultural researchجو ڇپايل آهي. مان ڪجهه عرصو انهيءَ اداري جو سربراهه رهيو آهيان. پر، مون کان گهڻو اڳ، ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان جو ڳچ عرصو سربراهه هو ۽ سندس ئي ايامڪاريءَ ۾ اهو ڪتاب ڇپيو هو. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو هڪ مضمون ٺٽي جي شروعات بابت ڏنل آهي. جنهن جو آغاز انهيءَ ئي بيت سان ٿئي ٿو. جيئن ته مضمون انگريزيءَ ۾ آهي، سو ڊاڪٽر صاحب بيت جو فقط انگريزي ترجمو ڏنو آهي:

The origin of Thatta, now a district headquarter town in the Hyderabad division of sind, has remained shrouded in mystery. The traditional lore of sind assigns its foundation to antiquity, equation it with that of Multan. Says one of the four women of the lore (each one asserting that she is the eldest one):

When thatta was being fouded and multan was being buil.

With one hundred friends I had carried earth on my head.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مضمون ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته چار سهيليون آهن، جي پنهنجي دراز عمريءَ جو ذڪر ڪن ٿيون. هر هڪ جي دعوا آهي ته هوءَ ٻين کان وڏي آهي. انهن چئن مان هڪڙي پنهنجيءَ ڊگهيءَ ڄمار جو ذڪر ڪندي، اهي اکر استعمال ڪري ٿي.

ممتاز صاحب جيئن بيت ٻڌايو هو، تنهن ۾ ۽ ڊاڪٽر صاحب جي روايت ۾، اکرن جي ٿورڙي ڦير ڏسجي ٿي. ممتاز صاحب جي روايت ۾ ”مٽي ڍوئي ڪوٽ جي“ لفظ آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڏنل روايت ۾ ”مٽي ڍوئي مٿي تي“ اکر اچن ٿا. پر اصل ڳالهه ٻنهي روايتن ۾ ساڳي اچي ٿي، يعني ٺٽي ۽ ملتان جي گڏ ٺهڻ جو زمانو.

ڏاهن لوڪ ادب جي داستانن کي ”نيم تاريخي داستان“ ڪوٺيو آهي، يعني انهن ۾ حقيقت سان افسانو (من گهڙت ڳالهه) گڏي پيئي آهي. بهرصورت، ٺٽو جيترو به قديم هجي، ملتان جي قدامت کان ته ڪنهن کي انڪار ئي ڪونهي.

ملتان کي هندن جي دنيا جو ”دن“ ۽ مغلن جي دنيا جو ”دارالامان“ ڪوٺيو اٿن. ملتان جو شهر، خاص ڪري قلعو ۽ آسپاس وارو هنڌ هڪ اچي دڙي تي آهن، جنهن کي کوٽبو ته قديم اتهاس ظاهر ٿيندو. ملتان کي تاريخ ۾ مختلف نالن سان سڏيو اٿن. ان جو قديم نالو ”ڪاسياپاپورا“ هو، جنهن جو يوناني تاريخنويس، هيروڊٽس ۽ سڪندر جي جرنيل، ٽالميءَ به ذڪري ڪيو آهي. چيني سياح ”هيون سن“ ملتان کي ”مولو، سان، پولو“ ڪوٺيو آهي. نندولال ان کي مهاڀارت جو ”ملاوا“ ۽ رامائڻ جو ”مالا ديس“ سڏيو آهي. ملتان صدين جون صديون سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي پرڳڻن جو مرڪزي شهر رهيو آهي ۽ ان جي شهرت جو وڏو سبب ”سورج ديوتا“ جو مندر هو.(٧)

پر، ملتان هاڻي پنجاب جو مرڪزي شهر ڪونهي، لاهور آهي. پنجابي زبان ۾ چوڻي آهي ته ”جنهن لاهور نه ڏٺو، سو ڄائو ئي ڪونهي.“ بلاشبه، لاهور پنهنجي تاريخي تشخص تي به فخر ڪري سگهي ٿو ۽ هن زماني ۾ پنهنجيءَ رنگينيءَ ۽ رونق تي پڻ. ڪنهن ان کي ”داتا جي نگري“ ڪوٺيو آهي، ته ڪنهن ”باغن جو شهر“ ته ڪنهن وري ”تاريخي جاين“ جو شهر سڏيو آهي. فيض پنهنجي هڪ نظم ۾ ان کي ”اي روشنين جا شهر“ لفظن سان خطاب ڪيو آهي. فاطمه ثوبيه لکيو آهي ته ”لاهور جي قديم تاريخ، قياس، روايت ۽ حڪايت جي ڌنڌ ۾ ائين ڍڪي پئي آهي، جو ڪوشش جي باوجود اها ڳالهه معلوم ڪرڻ ڏکي آهي، ته هن شهر جو پايو ۽ هاڻوڪو نالو ڪڏهن ۽ ڪيئن پيو؟ البت، تاريخن ۾ لاهور جو چٽو ذڪر پهريون ڀيرو نائينءَ صديءَ عيسويءَ ۾ ملي ٿو.“

ان زماني ۾ شهر جي حيثيت ڪهڙي هئي، سو ته معلوم ڪونهي. پر، جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جو هاڪارو ولي الله، علي بن عثمان هجويري، جو ”داتا گنج بخش“ جي شاهاڻي خطاب سان وڌيڪ مشهور آهي. پنهنجو شاهڪار ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ لکي رهيو هو، تڏهن سندس مشاهدو هو ته:

”لاهور يکڍ از مضافات ملتان است(٨)

”ملتان“ تي انگريزي زبان ۾ هڪ معياري ڪتاب احمد نبي خان لکيو آهي، ليڪن، هن پڻ ملتان جي پايي پوڻ بابت ساڳيا اکر ڪم آندا آهن ته ”ان جي قديم تاريخ ڏند ڪٿائن جي غبار ۾ ڍڪي پيئي آهي. تاريخ ۾ ان جو چٽو ذڪر عيسوي پنجينءَ صديءَ ۾ ملي ٿو.“(٩)

سنڌ سان ملتان جي لاڳاپي جو سربستو احوال ”چچ نامي“ ۾ موجود آهي، جنهن موجب، اڳي اڳي، جڏهن ٻڌ ڌرم جا راءِ سنڌ تي حڪومت ڪندا هئا، تڏهن ملتان سنڌ جي سلطنت جو هڪ مکيه شهر هو. پر گاديءَ جو هنڌ اروڙ هو، جنهن لاءِ ”چچ نامي“ جي مصنف جو چوڻ آهي ته:

”سيحون نديءَ تي هو، جنهن کي مهراڻ چوندا آهن. قسمين قسمين ماڙين، چراگاهن، گلن، باغن، حوضن،نهرن، باغيچن ۽ گلڪارين سان سينگاريل وڏو شهر هو. منجهس راءِ سهيرس پٽ راءِ سهاسي نالي راجا رهندو هو. جنهن وٽ گهڻا خزانا ۽ پوريل ناڻا هئا. سندس عدل دنيا ۾ مشهور هو ۽ سخاوت سڄي جهان ۾ پکڙيل هئي... پنهنجي ملڪ تي، چار حڪمران مقرر ڪيا هئائين: هڪ برهمڻ آباد ۾، ٻيو سيوستان ۾، ٽيون اسڪلندهه ۽ ڀاٽيه ۾، چوٿون ملتان جي شاندار شهر ۾ رهايائين.“

سنڌ تي ٻڌ ڌرم جي راجائن جي حڪومت ختم ٿي، ته هندو برهمڻ جي شروع ٿي، جنهن جو بنياد چچ وڌو. سندس پٽ راجا ڏاهر جي زماني ۾، محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ ملتان کي به فتح ڪيائين، ڇو ته سلطنت سنڌ جو هڪ مکيه شهر هو. ان کان پوءِ به صدين جون صديون ملتان سنڌ سان ڳنڍيل هو، تان جو ميرزا قليچ بيگ جي چوڻ موجب، ”ارغونن ۽ ترخانن جي زماني ۾، جاني بيگ اڪبر بادشاهه کي نذراني طور پيش ڪيو.“ مرزا صاحب ”قديم سنڌ جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ ڪتاب ۾ ائين به لکيو آهي ته ”ملتان، اچ، ديرو ۽ ڪي ٻيا وڏا شهر سنڌ سان تعلق رکندا هئا.“

پر، ائين به ڪونهي، ته ملتان سدائين سنڌ جي هٿ هيٺ رهيو آهي. جڏهن ناصر الدين قباچه حڪمران هو، ته سڄي سنڌ سندس هٿ هيٺ هئي ۽ گاديءَ جو هنڌ ملتان هو. اهوئي زمانو هو، جڏهن غوث بهاؤالحق عرب ۽ عجم ۾ علم جي تحصيل ڪري ملتان موٽي آيو.

محمد حسين پنهور جي تحقيق موجب، سنڌ ۽ ملتان قديم زماني کان هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. سندس چوڻ آهي ته حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان ٢٧٢ سال اڳ، سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم آيو. پوءِ بئڪيٽرين گريڪ، سٿين، پارٿين، ڪشن، ايران جا ساساني، هن لوڪ ۽ ٻيا ڌاريا سنڌ ۽ ملتان تي حڪومت ڪندا رهيا. ان کان پوءِ راءِ گهراڻو سن ٤٩٩ عيسويءَ کان ٦٤١ عيسويءَ تائين، سنڌ ۽ ملتان تي حڪومت ڪندو رهيو. پوءِ برهمڻ سن ٦٤١ کان سن ٧٧١ کان سن ٧٥٠ تائين ۽ عباسين جا گورنر سن ٧٥١ کان سن ٧٥٤ تائين سنڌ ۽ ملتان جا حاڪم رهيا. انهن کان پوءِ هباري ۽ سومرا حڪمران ٿيا.(١٠) ائين ملتان ۽ سنڌ هزارين ورهيه هڪٻئي سان گڏ رهيا آهن.

جڏهن ڪنهن به سلطنت يا بادشاهيءَ ۾، ڪي به شهر يا پرڳڻا ايڏو وڏو عرصو هڪٻئي سان ڳنڍيل رهندا، ته انهن جي رهاڪن جو هڪٻئي جي مادي ۽ روحاني ڪلچر Material & Spiritual culture) رهڻيءَ ڪهڻيءَ، ٻوليءَ، لباس، کاڌي خوراڪ، جاين جي اڏاوت، رسمن، رواجن، خيالن، نظرين ۽ عقيدن تي اثر پوڻ هڪ قدرتي ڳالهه آهي- ملتان ۽ سنڌ ۾ به ائين ٿيو.

هن تاريخي پس منظر ۾، هاڻي اهو سمجهڻ ڏکي ڳالهه نه آهي، ته غوث بهاؤ الحق ملتانيءَ جا مريد هونئن ته هر هنڌ پکڙيا پيا آهن، پر سڀ کان زياده سنڌ ۾ ڇو آهن؟

غوث جو سنڌ تي اثر:

غوث بهاؤالحق جي حياتيءَ جو زمانو سنه ٥٧٨هجريءَ کان سنه ٦٦١هجري آهي. ان حساب سان کين هن جهان کان پردو اختيار ڪئي، ڀريا ست سو سال گذريا آهن. انهيءَ عرصي، سندن تعليم جو اثر ڪهڙي هنڌ، ڪيترو پيو آهي، ان باري ۾ پنجاب يونيوسٽيءَ جي دائره معارف اسلاميه (جلد ٥) ۾ چٽيءَ طرح ڄاڻايل آهي ته:

”توڙي جو غوث جا مريد هرات، همدان ۽ بخارا ۾ به هئا، پر منجهن وڌارو سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٿيو.“

ملتان جي عالم، مولانا نور احمد فريديءَ ”بهاؤالدين ذڪريا“ نالي سان ڪتاب لکيو اهي، جنهن ۾ غوث جي ڏنل تعليم جو ذڪر ڪندي، چيو اٿس ته:

(١) پاڻ خلق کي دين اسلام جي تعليم ڏيڻ لاءِ تبليغي جماعتن جو سلسلو شروع ڪيو هئائون. هڪڙيون جماعتون سنڌ ۽ مڪران جي دوري تي وينديون هيون، ته، ٻيون ڪشمير ۽ دهليءَ ڏانهن ۽ ٽيون وري افغاني قبيلن ڏانهن وينديون هيون.

(٢) غوث پاڪ جن پاڻ به، انهيءَ مقصد لاءِ رفيقن سميت، گرميءَ جي مند ۾ سرحد، ڪشمير، افغانستان بخارا ۽ نيشاپور جي دوري تي ۽ سرديءَ جي مند ۾ پنجاب، سنڌ ۽ راجپوتانا جا سفر ڪندا هئا.

انهن تبليغي جماعتن تي تبصرو ڪندي، لکيو اٿس ته:

(١) ملتان ۾، دين اسلام جي تبليغ جو ڪم غوث پاڪ کان اڳ، سخي سرور جون جماعتون ڪنديون هيون. پر، وقت جي گذرڻ سان منجهن ٿڌائي اچي ويئي هئي.

(٢) غوث پاڪ جي درگاهه جون تبليغي جماعتون سنڌ ۽ بلوچستان جي ڳوٺڙن مان هلنديون هيون ۽ ملتان پهچنديون هيون.

(٣) اڄڪلهه ته سفر ڪن ڪلاڪن جو ٿي ويو آهي، پر، ست سؤ سالن جي گذريل عرصي ۾، انهن مريدن کي ٽي چار درياءَ ٽپڻا پوندا هئا. گهڻا مريد سنڌ جي لاڙ وارن ضلعن مان اگهاڙين پيرين پنڌ ڪري ايندا هئا.

(٤) هاڻي به ريلن جا گاڏا انهن ئي مريدن سان ڀريل هوندا آهن. هر شخص وٽ معمولي سامان ۽ لٺ هوندي آهي. رکي رکي ”مدد بهاؤالحق“ جا نعرا هڻندا آهن ۽ مولود پڙهندا آهن. ملتان ۾ (ادب جي ڪري) پيرن ۾ جتي به ڪونه پائيندا آهن.

مخدوم سجاد حسين قريشي صاحب، غوث جي موجوده سجاده نشين، پنهنجن سنڌي مريدن جو ذڪر ڪندي، مون سان هڪ دفعي ڏاڍيءَ محبت سان اها ڳالهه ڪئي ته ”انهن ۾ هڪڙا پانڌي آهين، جيڪي گذريل ستن صدين کان سنڌ جي دور دراز ڳوٺڙن ۽ واهڻن مان پيرين پيادو سفر ڪندا، منزلون هڻندا، ملتان پهچندا آهن.“

غوث جا پانڌي ۽ غوث جا دمبها:

مخدوم صاحب جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي ننڍپڻ جا ٻه واقعا ياد آيا. مان ستن سالن جو ٻار هئس. سانوڻيءَ جا ڏينهن هجن ۽ منجهند جي مهل گرمي اڃا اهڙي ڪانه هجي، جو ماڻهوءَ جو هيانءَ ماندو ٿئي. تن ڏينهن ۾ ڳوٺن ۾ بجلي ڪانه هئي. سو، سانوڻ ۾ سج اک ڏيکاريندو هو. هڪڙي ڏينهن، اسان جي گهر ۾، ويرانڊي جي وچ ۾، اوڙي پاڙي جون زالون اکريءَ مهريءَ جي ڪٽ ڪٽان لايون ويٺيون هيون. (ويٺيون هيون بدران ائين چئجي ته بيٺيون هيون.) ٻه ٽي زالون بيٺڙ اکريءَ ۾ ڪي شيون ڪٽي رهيون هيون. ٻه ٽي ٻيون وري انهن کان وارو وٺڻ لاءِ تيار بيٺيون هيون. گهڻو ڪري سڀئي هارين جون زالون هيون. پاڙي ۾ رهنديون هيون. اڪثر ڪري، ڪم ڪار سان اسان جي گهر اينديون هيون. مون ان ڏينهن اها ڪٽ ڪٽان ڏسي، حيرت مان ڪنهن کان پڇيو ته ”هي مايون ڇا ٿيون ڪن؟“ چيائين ته ”غوث جا روٽ پچائڻا آهن. ڪڻڪ ۾ سونف، ڳڙ ۽ ٻيون شيون ملائي ڪٽن ٿيون. جڏهن ڪٽي بس ڪنديون، ته روٽ پچائينديون.“ ڪٽ ڪٽان جي اها ڪارروائي چڱي دير هلي، پر، نيٺ مصالو ٺهي تيار ٿيو ۽ زالن غوث جا روٽ پچايا، مون به کاڌا، ڏاڍا سوداي هئا.

ٻئي دفعي شام جو اسڪول مان پئي موٽياسون، جو اسان جي ڳوٺ کان ميل کن پرڀرو هو. ڇهن ستن ٻارن جو ڊنب هئاسين. اوچتو ڪنهن سريلي آواز جو ڪن تي پڙلاءُ پيو. اڃا جو پوئتي ڪنڌ ورائي ڏسئون، ته چڱو چڱو ڊنب ماڻهن جو آهي، سو نعرا هڻدو، اهڙو ڇوهو ڇوهو پيو اچي، جو ڄڻ ته ڊڪندو ٿو اچي. در حقيقت، ڊنب ۾ شامل ماڻهو نڪي ڊڪندا ٿي آيا. نڪي وک وک ۾ ٿي آيا. ڇوها ڇوها ٿي آيا ۽ رکي رکي، سريلا نعرا ٿي هنيائون. جڏهن اڳڀرو لنگهي ويا، ته ڪنهن راهگير ٻڌايو ته غوث جا پانڌي آهن، ”دمبها“ هڻندا، پيرين پيادا، ملتان وڃي رهيا آهن. پوءِ خبر پئي ته اهي پانڌي، ملتان جي ڊگهي سفر لاءِ، گهران روٽ پچرائي ساڻ کڻندا آهن. جاٿي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ساهي کڻندا آهن، يا رات گذارڻ لاءِ منزل ڪندا آهن، اتي روٽ جو ٽڪر کائي، پاڻي پي آرام ڪندا آهن. ائين منزلون هڻندا، وڃي ملتان پهچندا آهن، ۽ غوث جي درگاهه تي حاضري ڏيندا آهن.

ان واقعي کي ورهيه وري ويا. مان وڏو ٿيس ۽ پير صاحب سان گڏجي ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ملتان ويس. اتي مخدوم صاحب، پاڻمرادو، پانڌين جو ذڪر وڏي چاهه سان ڪيو. پر، مون کانئس اها ڳالهه ڪانه پڇي، ته ”غوث جا پانڌي رڳو سنڌ مان اچن ٿا، يا ٻين علائقن مان به؟“ منهنجو پنهنجو ذاتي مشاهدو هيءَ آهي ته پانڌي رڳو سنڌ مان اچن ٿا. اسان مخدوم صاحب جي رهائشگاهه تي ٽڪيل هئاسون، جيڪا ”دولت گيٽ“ وٽ آهي. آمهون سامهون، ۽ ڀر پاسي سان، مريدن جي ٽڪڻ جون جايون آهن. اتي رات ڏينهن، وقفي وقفي کان پوءِ، غوث جا ”دمبها“ لڳندا رهندا هئا. ڏاڍا وڻندڙ هوند اهئا. ڄڻ ته هڪ سرمدي نغمو هوندو هو، جو روح تان سموري ڪس ڪوري ڪڍندو هو.

عرس جي ڏينهن ۾ ملتان وڃڻ ۽ سو به مخدوم صاحب سان رات ڏينهن صحبتون ڪرڻ زندگيءَ جو هڪ اهڙو مشاهدو آهي، جو ڪڏهن به وسري نٿو سگهي. سڄو ڏينهن، زيارتين جا ٽولا نظر ايندو آهي، جيڪي غوث جي درگاهه کان رڪن عالم جي قبي ڏانهن ايندا ويندا رهندا آهن. انهن ۾ سنڌي ۽ غير سنڌي ٻئي شامل هوندا آهن. منجهن فرق ڪرڻ رڳو انڪري سولو آهي، جو ٻنهي جو لباس هڪٻئي کان جدا آهي. سنڌي مريدن کي ٺيٺ سنڌي سلوارون، رنگبرنگي قميصون ۽ مٿي تي سنڌي طرز جو پٽڪو ٻڌل هوندو آهي. ڪي وري ڪاون وارو ٽوپ ۽ اجرڪ پائيندا آهن. غير سنڌي مريد، جيڪي پنجاب جي مختلف هنڌن تان ايندا آهن، پنجابي طرز جي گوڏ ۾ هوندا آهن ۽ مٿي تي جيڪا پڳڙي ٻڌندا آهن، سابه ٺيٺ پنجابي طرز جي. سندن تعداد سنڌي مريدن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هوندو آهي. ٺيٺ پٺاڻڪي ويس ۾ مون ته ڪوبه مريد ڪونه ڏٺو ۽ نه وري ڪو ٻروچ ڏٺو. ممڪ آهي ته ڪي ايندا به هجن.

عرس وارن ڏينهن ۾، مخدوم صاحب جي رهائشگاهه تي، ملتان جي مقامي معزز ماڻهن سان به ميل ملاقات ٿيندي هئي. اهي به اها ڳالهه ڪندا هئا، ته زيارتين جو وڏو تعداد سنڌ مان اچي ٿو.

جيڪڏهن ملتان شهر ۾ گهمڻ وڃبو هو، ته درگاهه جي آسپاس جيڪي مريدن جا ٽولا هيڏي هوڏي ايندي ويندي نطر ايندا هئا، يا بزار ۾ منهن سامهون پوندا هئا، سي سڀ سنڌي هوندا هئا. ساڻن زالون ۽ ٻار به گڏ هوندا هئا. کين ڏسي، ائين لڳندو هو ته ملتان جي مٿان محبت جي مينهن جو وسڪارو ٿيو آهي، ۽ سنڌي ماڻهو، رنگبرنگي ويس ڍڪي، ملائڪن وانگر، آسمان مان اچي لٿا آهن.

ملتان ۾ اهي منظر ڏسي، مون ته ائين محسوس ڪيو ته سنڌي ماڻهو، بنيادي طرح، وڏو مهذب ۽ متمدن آهي. هو مادي مفاد تي روح جي خوشيءَ ۽ تسڪين کي ترجيح ڏي ٿو.

غوث جو حسب، نسب ۽ ولادت:

غوث پاڪ کي سنڌ ۾ عام طرح ”غوث بهاؤالحق“ ڪوٺيندا آهن. پر، اهو سندن لقب آهي. ٻيو لقب، جيڪو ڪتابن ۾ گهڻو اچي ٿو، سو آهي ”بهاؤالدين“.

هندستان جي وڏن وڏن صوفي بزرگن جي تذڪرن ۾ اهڙا لقب القاب عام طرح نظر ايندا آهن، جيڪي سندن مريدن ۽ معتقدن جي محبت ۽ عقيدت جون نشانيون آهن.

سيد جلال بخاري، غوث پاڪ کي ڏاڍو ويجهو هو. پنهنجين تصنيفن ۾ کين ”بهاؤ الحق والشرع والدين“ ڪوٺيو اٿس.

سير العارفين جي مؤلف حامد بن فضل الله جماليءَ کين ”بهاءُ الملت والدين“ لقبن سان سڏيو آهي.

دراصل، غوث پاڪ جو نالو زڪريا هو ۽ سندن ڪنيت ابو محمد ۽ ابوالبرڪات هئي. پاڻ هندستان جي ”شيخ الاسلام“ جي اعليٰ منصب تي فائز ٿيا هئا، سو، مولانا نوراحمد فريديءَ کين پنهنجي ڪتاب ۾ هنن لقبن سان سڏيو آهي.

شيخ الاسلام والمسلمين، غوث العالمين، بهاؤ الحق والدين ابومحمد زڪريا رحمة الله عليه.

هندستان جي ممتاز محقق سيد صباح الدين عبدالرحمان غوث پاڪ جو حسب نسب بيان ڪندي، پنهنجي ڪتاب ”بزم صوفيه“ ۾ لکيو آهي ته:

”حضرت شيخ بهاؤ الحق زڪريا جو پڙڏاڏو حضرت ڪمال الدين قريشين جي قبيلي مان هو. فرشتي، پنهنجي تاريخ ۾، شيخ عين الدين بيجاپوريءَ جي حوالي سان لکيو آهي ته ”شيخ بهاؤ الدين زڪريا، هبار بن اسود بن مطلب بن اسد بن عبدالعزيز بن اقصي جي اولاد مان آهي.“

حضرت ڪمال الدين قريشي مڪي معظم مان خوارزم شاهه آيو، جتان لڏي ملتان آيو. اتي کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو رکيائين وجيه الدين محمد. سندس شادي مولانا حسام الدين ترمذيءَ جي نياڻيءَ سان ڪرايائين، جيڪو تاتارين جي حملن جي ڪري، ملتان لڏي آيو هو ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ”ڪوٽ ڪروڙ“ ۾ گهر ڪري ويٺو هو. وجيه الدين محمد به پنهنجي سهري سان گڏ وڃي رهيو. اتي ئي غوث بهاؤالدين زڪريا جي ولادت ٿي.

مولانا نور احمد فريديءَ ولادت جي تاريخ بابت، سيد جلال بخاريءَ جو حوالو ڏنو آهي ته:

”منهنجو مرشد، حضرت بهاؤلادين والحق ابو محمد زڪريا ٢٧ رمضان ٥٦٦ هجريءَ تي ڄائو. اها ليلة القدر هئي، جمعي رات هئي ۽ ولادت جو وقت اسر هو.“

پنجاب جي اوقاف کاتي جي محقق، محمد نسيم عباسيءَ پنهنجي تحقيقي مقالي ۾، غوث پاڪ جي ولادت جي تاريخ بابت مختلف رايا گڏ ڪيا آهن جي هيئن آهن:

١. پاڻ ٥٦٨هجريءَ ۾ ڄاوا ... اخبار الاخيار.

٢. پاڻ ٥٦٦هجريءَ ۾ ڄاوا... سفينته الاولياءَ.

٣. پاڻ ٧٨ هجريءَ ۾ ڄاوا ... تاريخ فرشته، خزينته اصفيا، ۽ دائرة المعارف اسلاميه لاهور.

مولانا نور احمد فريديءَ پڻ غوث جي حسب نسب بابت، سيد عبدالرحمان ۽ ٻين عالمن وارو رايو ڏنو آهي ته ”سندن آباءَ اجداد مڪي شريف مان هجرت ڪري، ملتان آيا هئا.“ سندس گهڻو انحصار سيد جلال بخاريءَ جي سند تي آهي، جو پنهنجي دور جو برگزيده بزرگ هو. البت، غوث پاڪ جا آباءَ اجداد جي ڪوٽ ڪروڙ ۾ اچڻ ۽ اتي حڪومت ڪرڻ واريءَ روايت جي باري ۾، پنهنجي ڪتاب ”غوث بهاؤالدين زڪريا“ جي تعارف ۾ هيٺيون رايو به ڏنو اٿس:

”غوث پاڪ جي پوٽي، شيخ الاسلام، حضرت رڪن عالم رحه، پاڻ، مشهور سياح، ابن بطوطه سان ڳالهه ڪئي ته، اسان جا ابا ڏاڏا محمد بن قاسم جي لشڪر سان سنڌ ۾ آيا هئا.“

مولانا فريديءَ جو چوڻ آهي ته:

”سو، جڏهن سنڌ جي تاريخ ۾ هبارين جي اچڻ ۽ ٽن پيڙهين تائين حڪومت ڪرڻ جي پڪي پختي ثابتي ملي ٿي، تڏهن غوث پاڪ جي ’سنڌي وطنيت‘ جي دعويٰ ڪندڙن جي ڳالهه کي وزن ملي ٿو.“

علم جي تحصيل:

غوث پاڪ پاڻ ننڍيءَ عمر ۾ قرآن پاڪ ياد ڪيو. ڪن ستن سالن جي عمر لکي آهي، ته ڪن، مثلا سيد صباح الدين عبدالرحمان ٻارهن سالن جي عمر ڄاڻائي آهي ۽ وڌيڪ چيو اٿس ته، ”ستن ئي قرآتن ۾ قرآن پاڪ ياد ڪيائون.“ پوءِ پاڻ علم حاصل ڪرڻ لاءِ اول خراسان ۽ پوءِ بخارا ويا. ست اٺ سال هڪڙي هنڌ ۽ ست اٺ سال ٻئي هنڌ، ديني عالمن ۽ اڪابرن کان ظاهري ۽ باطني علم حاصل ڪيائون.

عام طرح، جوانيءَ ۾ ماڻهو دنيا جي رنگينين ڏانهن متوجهه ٿيندا آهن ۽ وڏيءَ ڄمار تائين انهن ڏانهن مائل رهندا آهن. ليڪن، قدرت جي هن گلستان ۾ اهڙا سرها گل به ڦٽن ٿا، جن تي ڪابه مند ۽ موسم اثر نٿي ڪري. اهي سدا بهار آهن.

غوث پاڪ به ڄمندي ڄام هو. جڏهن ٻيا ماڻهو دنيا جي سير تماشي ۾ مست هئا، تڏهن پاڻ علم ۽ عبادت ڏانهن متوجهه هو. خراسان ۽ بخارا جي رهائش واري زماني ۾ ڦوهه جوانيءَ ۾ هوندو. پر، اهڙو ته پرهيزگار هو، جو ”خزينة الاسرار“ جي مصنف لکيو آهي ته:

”اهل آنجا (خراسان وبخارا)
ايشانرا بهاؤالدين فرشته مي گفتند“
 

(خراسان ۽ بخارا جا رهاڪو کين بهاؤالدين فرشتو ڪوٺيندا هئا)

حرمين ۾ حاضري:

بخارا ۾ علم جي تحصيل کان پوءِ حج جي ارادي سان پاڻ مڪي شريف ويا ۽ اتان روضهء رسول جي واٽ ورتائون:

اتران ٿي آئيون، ڪري هڪل هوءِ
ڀري تل ترائيون، جوڙي هليون جوءِ
پسو جا پٽن ۾ کٿوريءَ خوشبوءِ
اچي روبروءِ، اٺيون روضي تان رسول جي

 

حرم نبويءَ ۾، ڪمال الدين محمد يمني نالي هڪ محدث هو، جو ٽيونجاهه سالن تائين روضي پاڪ جو مجاور ٿي رهيو هو. کانئس علم حديث سکيا ۽ پنج ورهيه حرم ۾ عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريائون. بعد ازان، قبله اول، بيت المقدس ويا ۽ مختلف زيارتون ڪندا، وڃي بغداد پهتا.

شيخ شهاب الدين سهروردي:

بغداد ان زماني ۾ اسلامي علوم جو مرڪز هو. جڏهن غوث پاڪ منجهس وارد ٿيا ته شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي عظمت جا نغارا وڄي رهيا هئا.

سهرورد، سهراب گرد جي بدليل صورت آهي. سهراب، قديم زماني ۾ هڪ ايراني گورنر هو. هيءَ قديم بستي ان جي نالي تي مشهور ٿي. همدان کان زنجان ڏانهن هڪ سڙڪ پهاڙي علائقي مان وڃي ٿي. سهرورد جي بستي انهيءَ ئي سڙڪ تي آباد هئي. چوٿينءَ صديءَ هجريءَ ۾ جڏهن سهروردي خاندان منجهس رهندو هو، تڏهن شهر تي ڪردن جو قبضو هو، جن جو اخلاق، دين ۽ ڌرم سان ڪوبه واسطو ڪونه هو. ”جاني آءُ، جواني ماڻ“ سندن زندگيءَ جو مقصد هو. قدرت ڪردن جي هدايت لاءِ سهروردين جو متبرڪ خاندان موڪليو.

شيخ شهاب الدين سهروردي، انهيءَ ئي ڳوٺڙي ۾، ٥٣٦ هجريءَ ۾ ڄائو. سندس نالو عمر هو. ڪجهه وڏڙو ٿيو ته تعليم ۽ تربيت لاءِ پنهنجي چاچي شيخ ابونجيب وٽ بغداد هليو آيو. يارهن سالن جي عمر ۾، علم حديث سان تعليم جو آغاز ڪيائين، پوءِ علم فقه پڙهيائين ۽ آخر ۾ علم تصوف سکيو. پنهنجي چاچي کان وعظ جا سبق به ورتائين. جڏهن جوان ٿيو، ته علم الڪلام سان رغبت رکيائين، پر، اها ڳالهه چاچس کي نه وڻي، جو سندس استاد به هو ۽ مرشد به هو. سو، کيس بغداد ۾، اسلامي دنيا جي هاڪاري عالم، درويش، صوفي، بزرگ ۽ ولي الله، سيدنا عبدالقادر جيلاني، پيران پير دستگير جي خدمت ۾ وٺي ويو.

شيخ شهاب الدين جي ڪتاب ”عوارف المعارف“ ۾ لکيل آهي ته پيران پير مون کان پڇيو ته ”علم الڪلام جا ڪهڙا ڪتاب پڙهيا اٿيئي؟“

مون ڪتابن جا نالا کنيا، پيران پير منهنجي سيني تي پنهنجو هٿ رکيو. مون کان ڪتابن جا نالا ته وسري ويا، پر دل جو دروازو کلي پيو. پيران پير مون کي دعا ڪئي:

”يا عمر، انت آخر المشهورين بالعراق“

(اي عمر تون عراق جي مشاهيرن مان آخرين آهين.)

قدرت کي ائين ئي منظور هو. پيران پير سنه ٥٦٢هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سال کن کان پوءِ، شيخ ابو نجيب هي جهان ڇڏيو. علم ۽ فضيلت جي پڳ، شهاب الدين عمر سهرورديءَ جي مٿي تي آئي. حافط جي لفظن ۾: ”قرعه فال بنام من ديوانه زدند.“

هاڻي، شهاب الدين عمر سهروردي پنهنجي زماني جو قطب هو، شيخ الشيوخ هو. اوري پري جا پيران طريقت کانئس ئي فتويٰ وٺندا هئا. اسلامي دنيا جا سلاطين سندس سلامي هئا. پري پري کان علم جا پياسا سندس حضور ۾ حاضري ڏيندا هئا. انهن ۾ شيخ نجيب الدين علي برغش، شيخ نورالدين غزنوي، شيخ ضياء الدين رومي، شيخ محمد يمني ۽ سيد جلال تبريزيءَ جهڙا مشاهير به شامل هئا. فارسي زبان جي هاڪاري شاعر، شيخ سعديءَ به سندس ئي قدمن ۾ ويهي فيض حاصل ڪيو. پنهنجي عالمي شهرت يافته ڪتاب ”بوستان“ م سندس ساراهه ڪندي چيو اٿس:

مرا شيخ دانائڍ مرشد شهاب
دو اندرز فرمود بر روئڍ آب
يکڍ آن که در جمع خود بين مباش
دوئم آن که در نفس خوش بين مباش
 

]منهنجي عقلمند رهنما ۽ مرشد شهاب هڪ ڀيري درياهه ۾ سفر ڪندي مون کي ٻه نصيحتون ڪيون: هڪ اها ته عام ماڻهن سان خراب نه هل ۽ ٻي اها ته پنهنجي باري ۾ گهڻي خوش فهمي نه رک.[

انسان فقط ٻئي انسان کان ئي متاثر ٿئي ٿو. غوث بهاؤالدين زڪريا، خراسان، بخارا، مڪي شريف، مديني منور، بيت المقدس ۽ علم جي ٻين مرڪزن ۾ الائي ته ڪيترن مشاهيرن، عالمن، بزرگن ۽ درويشن سان ملاقاتون ڪيون هونديون، پر سندن شخصيت فقط شيخ شهاب الدين سهرورديءَ کان متاثر ٿي. سو، سندن مريد ٿيڻ ۾ پنهنجي سعادت سمجهيائون ۽ تاحيات ان تي فخر ڪيائون.

غوث پاڪ، سيد صباح الدين عبدالرحمان جي روايت موجب ستر ڏينهن ۽ نظام الدين اولياءَ جي روايت موجب سترهن ڏينهن مرشد وٽ ٽڪيو. مرشد کيس خلافت جو خرقو ڏنو ۽ ملتان موٽي وڃڻ جو حڪم ڏنو، ۽ خلق خدا جي هدايت جو ڪم سونپيو.

شيخ الشيوخ جا ٻيا مريد اهو لقاءُ ڏسي رنجيده ٿيا ۽ ادب سان عرض ڪيائون ته اسان کي حضور جي قدمن ۾ رهندي مدتون گذري ويون آهن، مگر هڪ هندي شخص آيو ستت سرفراز ٿي ويو. (ڪن تذڪرن م هنديءَ بدران ”سنڌي“ لفظ لکيل آهي.)

شيخ الشيوخ کين ورندي ڏني ته ”اوهان جو مثال آلين ڪاٺين وانگر آهي، جن کي باهه دير سان وٺندي آهي. بهاؤالدين زڪريا جو مثال سڪين ڪاٺين وانگر هو، جن کي باهه جلد وٺندي آهي.“

ملتان ڏي موٽ:

غوث پاڪ جن جڏهن ملتان موٽي آيا ته سندن سرهاڻ کٿوريءَ جي خوشبوءِ وانگر هند سنڌ کي واسي ڇڏيو. شيخ محمد نور بخش مولف ”سلسلة الذهب“ ۾ لکيو آهي ته:

غوث بهاؤالحق ملتاني ظاهري علمن جا عالم ۽ مڪاشفات ۽ مشاهدات ۾ ڪامل هئا. خلق خدا کي وٽانئن هدايت ۽ رهبري نصيب ٿي. ماڻهو ڪفر کان ايمان ڏانهن موٽيا. گناهه کان نيڪيءَ جو رستو ورتائون. نفسانفسيءَ جي اوندهه مان روحانيت جي روشنيءَ ۾ آيا.

ساڳيءَ ريت سفينة الاولياءَ ۾ چيل آهي ته:

”پاڻ جڏهن شيخ الشيوخ کان موڪل وٺي ملتان موٽي آيا، ته خلق جي رشد ۽ هدايت جي ڪم ۾ لڳي ويا. ماڻهن کانئن ڀلائيءَ ۽ برڪت جي واٽ سکي ۽ ٽولن پٺيان ٽولا سندن مريد ٿيندا ويا.“

ناصرالدين قباچه:

غوث جو فيض عام خاص لاءِ هڪجهڙو هو. ان زماني ۾، ملتان تي ناصرالدين قباچه جي حڪومت هئي ۽ سڄيءَ سنڌ تي سندس فرمان جاري هو. هند تي سلطان التمش حڪمراني ڪري رهيو هو، جيڪو زهد، تقويٰ، دينداريءَ ۽ شريعت جي پابنديءَ جي لحاظ کان اولياءَ الله ۾ شمار ٿيندو هو. ناصر الدين قباچه کي ساڻس ڏاڍو ساڙ هو. سدائين پيو سندس خلاف سازشون سٽيندو هو.

غوث بهاؤالحق توڙي ملتان جو قاضي، شرف الدين اصفهاني انهيءَ ڪري قباچه کان ناراض هوندا هئا. هنن التمش کي حقيقت کان واقف ڪرڻ لاءِ خط لکيا، پر اتفاق سان اهي پڪڙجي پيا. قباچه ٻنهي ڄڻن کي پاڻ وٽ سڏيو. اول قاضيءَ کان پڇا ڳاڇا ڪيائين. هو خاموش رهيو. جلاد کي حڪم ڏنائين، جنهن کيس اتي جو اتي شهيد ڪري ڇڏيو. پوءِ عوث ڏانهن متوجهه ٿيو. غوث کيس چيو ته، ”هائو، اهو خط مون لکيو آهي ۽ سڀ سچ لکيو اٿم. تون مون کي ڇا ٿو ڪري سگهين؟

قباچه اهي اکر ٻڌي ڊڄي ويو. غوث کان معافي وٺي، کين عزت احترام سان واپس روانو ڪيائين.

شيخ جلال تبريزي:

شيخ جلال تبريزي وڏو عالم، غوث پاڪ جو صحبتي ۽ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو مريد هو. جڏهن ٻئي ڄڻا پنهنجي مرشد وٽان بغداد مان موٽي رهيا هئا، تڏهن واٽ تي نيشاپور ۾ جلال تبريزي اسلامي دنيا جي هاڪاري عالم، شيخ فريد الدين عطار سان ميل ملاقات لاءِ ويو ۽ واپسيءَ تي سندس ساراهه ڪيائين. غوث پاڪ چيس ته، ”جڏهن عطار توکان ڪنهن وڏي عالم جي پڇا ڪئي، ته تو سندس اڳيان اسان جي مرشد شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو نالو کنيو؟“ جلال تبريزيءَ چيو ته، ”نه، مون تي عطار جو ايڏو ته رعب پئجي ويو، جو مون کان سڀڪجهه وسري ويو.“ اها ڳالهه غوث پاڪ کي نه وڻي. ٻئي ڄڻا الڳ الڳ ٿي ويا ۽ هر ڪو پنهنجي ليکي سفر تي اڳتي روانو ٿيو. غوث پاڪ ملتان موٽيو ۽ شيخ جلال تبريزي نيشاپور مان خراسان ويو، جتان ڪجهه عرصي کان پوءِ، دهليءَ روانو ٿيو.

سلطان التمش شيخ جلال تبريزيءَ جي هاڪ ٻڌي هئي، سو سندس استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر ويو. دهليءَ جي شيخ الاسلام نجم الدين صغريٰ کي شيخ جلال تبريزيءَ جي ايڏيءَ پذيرائيءَ ڪري ساڻس ساڙ ٿي پيو. بادشاهه کي صلاح ڏنائين ته کيس دهليءَ ۾ ”جنن واريءَ جاءِ“ ۾ ٽڪايو. ڀلارو بزرگ هوندو ته جنن مان جند ڇٽي پوندي. مڪر ڪندو هوندو، ته پاڻ لوڙيندو. بادشاهه چيس ته ”توکي شيخ الاسلام جي منصب تي هوندي هڪ درويش لاءِ اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي.“

سلطان التمش ڏينهون ڏينهن جلال تبريزيءَ ڏانهن مائل ٿيندو ويو ۽ نجم الدين صغريٰ ساڙ ۾ سڙندو رهيو. نيٺ هڪ سازش سٽيائين. هڪ خوبصورت رقاصه کي پنج سو سونا سڪا رشوت ڏيئي، کانئس فرياد ڪرايائين ته شيخ جلال تبريزيءَ مون سان زوري ڪئي آهي.

ڌڪڙ تي اٽو لڳو. مقدمي جي شنوائيءَ جي تاريخ مقرر ٿي. سڄي هندستان مان هاڪارا عالم فيصلي لاءِ دهليءَ سڏيا ويا. غوث پاڪ کي فيصلي ۽ فتوا لاءِ چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. جڏهن شيخ جلال تبريزي، هڪ جوابدار جي حيثيت ۾، جامع مسجد جي دروازي تي پهتو، ته سمورا علماءَ ادب سان اٿي بيٺا. غوث پاڪ جن پاڻ اڳتي وڌيا ۽ سندس جتي، هٿن سان کڻي، ادب سان ٺاهي رکيائون. سلطان التمش اهو لقاءُ ڏسي، اتي ئي مقدمي جي ڪاروائي روڪڻ وارو هو، پر غوث پاڪ فرمايو ته ”ائين ڪرڻ ڪري عام تاثر بيهندو، ته منهنجيءَ تعظيم ڪرڻ ڪري، جلال تبريزيءَ جي ڏوهه تي پردو پئجي ويو. سو ائين نه ڪريو، مقدمو هلڻ ڏيو.“

رقاصه کي سڏ ٿيو ته پنهنجو بيان ڏئي. هوءَ جيئن غوث جي اڳيان آئي ته مٿس اهڙو ته رعب پئجي ويو، جو سڀني جي سامهون، سڄي حقيقت صاف صاف اکرن ۾ بيان ڪري ٻڌايائين. سازشي نجم الدين اهو لقاءُ ڏسي، اتي جو اتي، ڦهڪو ڏيئي وڃي پٽ تي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو. سلطان التمش کيس هڪدم ”شيخ الاسلام“ جي عهدي تان برطرف ڪيو ۽ غوث پاڪ کي اهو منصب قبول ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو. غوث پاڪ سوچڻ لاءِ مهلت ورتي. ڪجهه عرصي کان پوءِ، جڏهن قبوليت ڏنائين، تڏهن سلطنت هند جي ”شيخ الاسلام“ جي اعليٰ منصب تي سرفراز ٿيا.

غوث جي فياضي:

هڪڙي دفعي، ملتان ۾، سخت ڏڪر پيو. واليءَ کي اناج جي ضرورت پئي. خبر پيس ته غوث جي گدام ۾ موجودآهي. مدد لاءِ ماڻهو موڪليائين. غوث پاڪ هڪدم گهربل اناج موڪلي ڏنس. جڏهن ان جون ڳوڻيون کوليائون، ته انهن مان ست ڪوزا نڪتا، جيڪي سونن روپن سڪن سان ڀريل هئا. واليءَ فورا امانت موٽائي موڪلي، پر غوث پاڪ وٺڻ کان انڪار ڪيو، ته جا شيءِ موڪلي، پر غوث پاڪ وٺڻ کان انڪار ڪيو، ته جا شيءِ هڪ دفعو ڏنم، سا موٽائي نه وٺبي.

غوث جو لنگر:

ملتان ۾ غوث پاڪ جو لنگر رات ڏينهن جاري هوندو هو. وٽن هميشه فقير فقراءَ جو هجوم رهندو هو. هڪ دفعي، گودڙي پوش فقيرن جي هڪ ٽولي آئي ۽ کانئن خيرات گهريائين. پر ٿوري گهڻي تي راضي ئي نه ٿئي. لاچار غوث پاڪ نوڪرن کي چيو ته ”خانقاهه جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.“ اهو ڏسي، فقيرن دروازي تي پٿرن ۽ سرن جو وسڪارو لائي ڏنو.

غوث پاڪ نوڪرن کي چيو ته ”دروازو کولي ڇڏيو. مان هت پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڪونه ويٺو آهيان. مون کي منهنجي مرشد شيخ شهاب الدين سهرورديءَ وهاريو آهي.“

فقير پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيا ۽ معافي ورتائون. غوث پاڪ پنهنجي مرشد جي نقش قدم تي هلندي، شريعت جي سخت پابندي ڪندا هئا. ٻين صوفي بزرگن وانگر، سماع ۾ شريڪ ڪونه ٿيندا هئا. اڪثر وقت ورد، وظائف ۽ نماز ۾ گذاريندا هئا.

خواجه امير حسن سجزيءَ، پنهنجي مرشد نظام الدين اولياءَ جي ملفوظات ”فوائد الفواد“ ۾ لکيو آهي ته، ”غوث پاڪ هڪ دفعي فرمايو ته مون کي جيڪي ڪجهه مليو، سو نماز ۾ مليو.“

حضرت نظام الدين اولياءَ جي ملفوظات ”فوائدالفواد“ وانگر ”سيرالعارفين“ جي مولف حامد بن فضل الله جماليءَ غوث پاڪ جي ڪن مريدن جا واقعا بيان ڪيا آهن.

غوث جا ڪي معاصر ۽ مصاحب:

حضور پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جن جا جيڪي اصحاب هئا، سي سندن معتقد يا مريد ڪونه سڏبا هئا. قرآن انهن کي حضور جا رفيق ڪوٺيو آهي. اسلامي دنيا جا اڪابَر، خصوصا سونهاريءَ سنڌ جا مشاهير، مثلا، پير سائين، روضي ڌڻي رحمته الله عليه به حضور صلعم جن جي سنت جي پيرويءَ ۾، پنهنجن ساٿين کي ”يار“ ڪوٺيندا هئا، جو اصحاب لفظ جو سنڌي ترجمو آهي. غوث پاڪ جن کي به سنت جي پابنديءَ جو خاص خيال هوندو هو، سو پاڻ به پنهنجن اصحابن سان ازحد محبت ڪندا هئا. سندن مصاحبن ۾ هي بزرگ سرفهرست آهن:

فخرالدين عراقي:

فخرالدين عراق جو ويٺل هو، سو عراقي ڪوٺيندا هئس. سهروردي مسلڪ ۾، سماع ۽ شعر شاعريءَ کي پسند ڪونه ڪيو ويندو آهي، پر عراقي فارسي زبان جو وڏو شاعر هو ۽ پنهنجي مٺي آواز ڪري مشهور هو.

هڪ دفعي غوث پاڪ جي ڪن عقيدتمند عراقيءَ کي پنهنجي حجري ۾ نغمه سرائي ڪندي ڏٺو. غوث پاڪ کي وڃي وانهن ڏنائون ته، ”اسان جي مسلڪ ۾ ته انهن ڳالهين جي منع آهي. پوءِ عراقي ائين ڇو ٿو ڪري؟“ غوث پاڪ کين جواب ڏنو ته:

شما را ازين چيزها منع است او را منع نيست

]اوهان کي انهن جي منع آهي، هن کي ڪانهي[

ان واقعي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، غوث پاڪ جو هڪ خاص ماڻهو، شيخ عمادالدين شهر ۾ ويو ته هڪ هنڌ ڳائڻن جي ٽوليءَ کي عراقيءَ جو هيءُ غزل، چنگ ۽ چنگانه تي، ڳائيندي ٻڌائين:

نخستين باده کاندر جام کردند
ز چشم مست ساقي وام کردند

 

به عالم هر کجا درد و غمڍ بود
بهم کردند و عشقش نام کردند

 

چو خود کردند راز خويشتن فاش
عراقي را چرا بدنام کردند

 

]سڀ کان اول جام ۾ جيڪو شراب اوتيائون،
سو ساقيءَ جي مست اکين کان اڌارو ورتائون
دنيا ۾ جتي به ڏک ۽ غم هو
ان کي گڏ ڪري، عشق نالو رکيائون.
جڏهن پاڻ ئي پنهنجو راز ظاهر ڪيائون
ته پوءِ عراقي غريب کي ڇو بدنام ڪيائون
[

 

گهڻا گهڻا سال اڳ، ملتان تي هڪ اردو ڪتاب ۾ پڙهيم ته جڏهن غوث جي معتقدن عراقيءَ تي غزل سرائيءَ جو الزام مڙهيو ته پاڻ عراقيءَ کي طلب ڪيائون. عراقي غريب ته بيخوديءَ جي حالت ۾ هو. پاڻ ئي پنهنجو غزل غوث جي حضور ۾ پڙهيائين. جڏهن هي شعر پڙهيائين، ته غوث جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا:

به عالم هر کجا درد و غمڍ بود
بهم کردند و عشقش نام کردند

 

سيد صباح الدين عبدالرحمان ”بزم صوفيه“ ۾ لکيو آهي ته هي سڄو غزل ”تذڪري دولت شاهيءَ“ ۾ ڏنل آهي، ۽ ”مخزن الغرائب“ جي مولف جو بيان آهي ته عراقيءَ اهو غزل پنهنجي مرشد شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي فراق ۽ پنهنجيءَ غريب الوطنيءَ تي چيو هو، جنهن کان پوءِ غوث پاڪ کيس واپس عراق وڃڻ جي اجازت ڏني. ائين به لکيو اٿس ته جڏهن شيخ عمادالدين غوث کي اچي دانهن ڏني ته رندن جي محفل ۾ عراقيءَ جو غزل، هيئن چنگ ۽ چنگانه تي ڳائي رهيا هئا، تڏهن غوث پاڪ، خلوت ۾، عراقيءَ جي حجري ڏانهن ويا ۽ فرمايائونس ته:

”عراقي، مناجات در خرابات مي کني بيرون آئي.“

عراقي ٻاهر آيو ۽ پنهنجو مٿو غوث پاڪ جي پيرن ۾ رکي، روئڻ لڳو. غوث پاڪ کيس ڀاڪر پاتو، پنهنجن هٿن سان پنهنجو چولوپاتو، خلافت ڏني ۽ ساڻس پنهنجي نياڻي جو نڪاح ڪيو.

عراقي رڳو بلند پايي شاعر ڪونه هو، وڏو عالم به هو. غوث پاڪ جي وفات کان پوءِ عرب ۽ عجم جي ملڪن ۾ سير سفر ڪندو وڃي قونيه نڪتو. اتي اسلامي دنيا جي هاڪاري مفڪر، محي الدين ابن عربيءَ جي خليفي ۽ سجاده نشين، شيخ صدرالدين جي صحبت ۾ رهيو ۽ ”فصوص الحڪم“ جو اڀياس ڪيائين. پوءِ پاڻ ”لمعات“ نالي هڪ ڪتاب لکيائين، جيڪو اهل تصوف کي ڏاڍو وڻيو. مولانا جاميءَ ۽ مولانا اصفهانيءَ ان جون شرحون لکيون. سيرالعارفين جي مولف لکيو آهي ته ”لمعات، فيض جي ڪڪر جو هڪ ڦڙو آهي، جو معرفت جي درياءَ يعني غوث بهاؤالدين زڪريا جي دهن مبارڪ مان عراقيءَ جي زبان تي ڪريو.“

عراقيءَ پورا پنجويهه ورهيه غوث پاڪ جي صحبت ۾ گذاريا هئا. سندن نياڻيءَ مان کيس هڪ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو ڪبير الديرن رکيائين. جڏهن عرب ۽ عجم جي ملڪن جي سير سفر تي ويو ته اتي سندس وڏي عزت افزائي ٿي ۽ اعليٰ منصب مليا. پر، پاڻ الهه لوڪ ماڻهو هو. انهن کي ليکيائين به ڪونه. دراصل، پاڻ غوث پاڪ جي وفات جو صدمو برداشت ڪري ڪونه سگهيو. مٿن جيڪي دردناڪ مرثيا لکيا اٿس، سي پڙهي، پٿر دل انسان جو هيانءُ به ڦسي پوي ٿو.

سيد صباح الدين عبدالرحمان پنهنجي ڪتاب ”تذڪره اوليائڍ ڪرام“ ۾، ”سير العارفين“ جي مؤلف جو اهو بيان به ڏنو آهي ته ”عراقي غوث پاڪ جي همشيره جو پٽ يعني سندن ڀاڻيجو هو.“ ليڪن، ٻين تذڪرن ۾ عراقيءَ کي غوث جي مرشد ”شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو ڀاڻيجو“ لکيو ويو آهي. تذڪري نويسيءَ ۾ اهڙي ڀل چڪ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. مثلا، بابا فريد گنج شڪر کي ڪيترن تذڪري نگارن غوث جو ماسات لکيو آهي. اهو مغالطو، ٻنهي بزرگن جي پاڻ ۾ گهڻيءَ سڪ سببان پيدا ٿيو.

توجهه طلب ڳالهه هيءَ آهي ته سيد صباح الدين عبدالرحمان جهڙي هاڪاري ۽ محتاط محقق، ”تذڪره اوليائڍ ڪرام“ ۾، بابا فريد گنج شڪر جي معاصرن ۽ مصاحبن جي فهرست ۾، غوث پاڪ کي ”سنڌي“ سڏيو آهي: هي نالا ڏنا اٿس:

١. سلطان المشائخ نظام الدين اولياءَ رحه

٢. شيخ جمال الدين قطب رحه

٣. شيخ دائود پالهي رحه

٤. شيخ برهان الدين محمود رحه

٥. شيخ منتخب الدين چشتي رحه

٦. خواجه علاؤالدين ديال پور رحه

٧. شيخ برهان الدين هانسوي رحه

٨. مولانا علي بهاري

٩. شيخ حميد الدين مڪاني رحه

١٠. عصباره سيد ستاني رحه

١١. شيخ علاؤ الدين صابر رحه

١٢. شيخ نجيب الدين متوڪل رحه

١٣. سيد امام علي رحه

١٤. سيد محمد بن سيد محمود ڪرماني رحه

١٥. شيخ زڪريا سنڌي رحه

١٦. مولانا محمد مولهاني رحه

١٧. شيخ محمد نيشاپوري رحه

١٨. شيخ شهاب الدين بلخي رحه

بابا فريد گنج شڪر:

غوث پاڪ جي معاصرن ۾ سر فهرست بابا فريد گنج شڪر جو نالو اچي ٿو. شيخ عبدالحق محدث دهلويءَ لکيو آهي ته:

”ٻئي ڄڻا، ڪيترا سال گڏ رهيا ۽ ڏاڍيءَ محبت سان وقت گذاريائون. هڪ دفعي، ڪن ماڻهن غوث جي پاران بابا فريد کي هڪ اهڙو نياپو ڏنو، جو سندن شان مطابق نه هو. جڏهن غوث پاڪ کي اها خبر پيئي تڏهن پاڻ بابا فريد کي وضاحت طور خط لکيائون ته، ”اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ عشق بازي آهي.“

بابا فريد کين جواب ۾ لکيو ته ”اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ عشق آهي. بازي ڪانهي.“

بابا فريد جو اصل نالو مسعود هو. سندس خاندان، شهاب الدين غوريءَ جي زماني ۾ ڪابل کان لاهور آيو. اتان ملتان ويو، پوءِ قصور ۽ آخر ۾ ڪهني وال آيو، جتي مسعود ڄائو. تن ڏينهن ۾، خواجه معين الدين چشتيءَ جو وڏو خليفو خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي ملتان ۾ رهندو هو. مسعود به تعليم لاءِ ملتان آيو. جتي ساڻس ملاقات ڪيائين ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪيائين. جڏهن خواجه ڪاڪي دهليءَ هليو ويو ته مسعود اعليٰ تعليم لاءِ غزنيءَ، بغداد، سيوستان، بدخشان ۽ بغداد ويو، جتي شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي زيارت ڪيائين ۽ ڳچ عرصو سندس صحبت ۾ رهيو.

مسعود، جو پوءِ ”بابا فريد“ جي خطاب سان مشهور ٿيو، پڇاڙيءَ تائين شيخ شهاب الدين سهرورديءَ سان وڏي عقيدت رکندو هو ۽ سندس ڪتاب ”عوارف المعارف“ جو دور ڪندو رهندو هو. غوث پاڪ سان ڏاڍي محبت هئس. بابا فريد جي پنهنجي ملفوظات ”راحت القلوب“ جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ شعر تي به وڏو ملڪو رکندو هو. سندس ڪي شعر، سک ڌرم جي پاڪ ڪتاب ”گرنٿ صاحب“ ۾ شامل آهن. ڪن کي وري ڀلاري ڀٽائيءَ سنڌي زبان جو سهڻو ويس ڍڪايو آهي.

بابا فريد گنج شڪر پاڪ پٽڻ ۾ دفن ٿيل آهن، جنهن جو اصلوڪو نالو اجودهن هو. پر، شهنشاهه هند، اڪبر اعظم بابا فريد جو معتقد هوندو هو، تنهن عقيدت سببان، اهو نالو ڦيرائي ”پاڪ پٽڻ“ رکيو. پاڪ پٽڻ معنيٰ پاڪ پٽ يا پاڪ جاءِ. پاڪ پٽڻ هاڻي هندستان ۽ پاڪستان جي تمام وڏي درگاهه آهي، جتي بيشمار ماڻهو رات ڏينهن زيارت ۽ دعا لاءِ ويندا آهن.

چار يار:

غوث پاڪ جن تبليغ جي خيال کان گهڻو سير سفر ڪندا هئا. اڪيلي سر، ورلي سفر تي نڪرندا هئا. گهڻو ڪري، بابا فريد، قلندر لعل شهباز ۽ سيد جلال سرخ بخاري ساڻن گڏ هوندا هئا، انهيءَ ڪري ماڻهو کين ”چار يار“ ڪوٺيندا هئا.

”تحفته الڪرام“ ۾ لکيل آهي ته سيوهڻ جي ڀرسان جبل ۾ چشمو آهي. (ان مان مراد غالبا لڪيءَ وارو چشمو آهي). اتي چمڙيءَ جي بيمارين وارا مريض اچي ٽڪندا آهن ۽ چشمي جي پاڻيءَ سان غسل ڪندا آهن، ته چڱا ڀلا ٿي ويندا آهن. ويجهڙو هڪ ٿنڀي جاءِ آهي، جتي غوث پاڪ، قلندر شهباز، بابا فريد ۽ سيد جلال بخاري چلا ڪڍندا هئا.

مولانا نور احمد فريديءَ پنهنجي ڪتاب ”بهاؤالدين زڪريا“ ۾ لکيو آهي ته ”ڀانئجي ٿو ته سلطان حميد الدين حاڪم جي شامل ٿيڻ کان پوءِ، ’چار يار‘ ڦري ’پنج پير‘ ٿيا، ڇو ته پنجاب جي لوڪ ادب ۾ ’پنج پير‘ اصطلاح گهني قدر رائج آهي.“ هن اهو خيال به ظاهر ڪيو آهي ته ”ممڪن آهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ به پنجن پيرن جو ذڪر هجي.“

”هنن پنجن پيرن جو اونهاري جو سفر، اڪثر ڪري، ڪشمير ۽ صوبي سرحد ۾ ٿيندو هو. ڪڏهن بلخ ۽ بخارا ڏانهن به نڪري ويندا هئا. چيٽ جي مند ۾، سليمان جبل جي پاسي ۽ سانوڻ ۾ سنڌ ايندا هئا. سيوهڻ جي ڀرسان، لڪيءَ واري چشمي کان سواءِ، ڪراچيءَ جي پاسي منگهي پير وٽ ۽ سکر جي ڀر پاسي ۾، ڪيترائي تيرٿ، تڪيا ۽ اوتارا اڄ به سندن راهه تڪي رهيا آهن. ڄڻ ته اداس اکڙين سان چئي رهيا آهن ته:

ڪاڪ ڪوماڻي، ويل وهاڻي، ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا

آءُ موٽي تون راڻا.

هيءَ انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن سڄي عالم اسلام ۾ بادشاهه گرديءَ جو دور هو. وڏي اٿل پٿل هئي.

چنگيز خان جي پوٽي، هلاڪو خان بغداد تي ڪاهيو. اسلامي خلافت جو چراغ هڪڙيءَ ئي ڦوڪ سان وسائي ڇڏيائين ۽ پوءِ عام ماڻهن جو اهو ڪوس ڪرايائين، جو تاريخ ۾ ان جو ڪو مثال ئي ڪونه ٿو ملي.

چنگيز خان جي ڪاهه ڪري، جيڪي لکين انسان قتل ٿيا هئا ۽ شهر اجڙي ويرانا ٿي ويا هئا، اتي اڃا ساوا سلا نڪتا ئي ڪونه هئا، ته مٿان هلاڪوءَ جا ارد اچي پهتا. چوڌاري چيخ و پڪار ۽ ماڻهن جون آهون دانهون هيون. بغداد ته ظلم جو مرڪز هو!

جڏهن دنيا جي اسلامي مرڪز بغداد جي اها حالت هئي ته ان جي پسگرداين جي ڪهڙي حالت هوندي؟ چنگيزي بگهڙن انساني خون چکيو هو، سو سندن خونخواري چنبن ۽ ڏندن کان نه خوارزم بچيو، نه ايران، نه عراق ۽ نه هندستان. چوطرف اوندهه انڌوڪار ۽ چيخ و پڪار جو آواز هو. اهڙي زماني ۾ ڪير هوندو، جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو سوچيندو؟ ليڪن، غوث پاڪ ۽ سندن چار يار عين، انهيءَ وقت، ڪشمير کان سلون ۽ دهليءَ کان بخارا تائين سفر ڪندا هئا ۽ هر هنڌ ڏکويل انسان ذات جي ڦٽن تي پها رکندا هئا.

تذڪرن ۽ تاريخن ۾ غوث جو ذڪر:

سيرت، سوانح ۽ تذڪري جي ڪتابن ۾ جيترو ذڪر غوث پاڪ جو ملي ٿو، اوترو ٻين مشاهيرن جو مشڪل سان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org