سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جا بَر، بَحَرَ ۽ پهاڙَ

باب:

صفحو:1

سنڌ جا بَر، بَحَر ۽ پهاڙَ

مصنف: غلام رباني آگرو

پيش لفظ

سنڌي ادبي بورڊ، نامياري ليکڪ، سائين غلام رباني آگري جو هيءُ ڪتاب ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ وڏي شوق ۽ احترام سان پنهنجن پيارن پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري ٿو.

سائين غلام ربانيءَ جي اولين ادبي مڃتا سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان آهي. سندس نالو جديد سنڌي افسانه نويسيءَ جي ”ٽمورتيءَ“ ۾ شامل آهي، جنهن ۾ ٻيا ٻه ڄڻا جمال ابڙو ۽ شيخ حفيظ آهن. رباني صاحب جي افسانن جو مجموعو ”آب حيات“ هاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڪلاسڪس ۾ شمار ٿئي ٿو.

رباني سائينءَ ڪجهه عرصي لاءِ لکڻ ڇڏي ڏنو هو. پر، جڏهن قلم وري هٿ ۾ کنيائين، ته لکڻ جي انهيءَ نئين مرحلي ۾ سندس موضوع بدليل هئا، ۽ افسانن بدران ’علمي ۽ فڪري شهپارن‘ جي تخليق ٿي. ان سان گڏ، ملڪ جي ممتاز علمي ۽ ادبي شخصيتن تي خاڪا لکيائين، جن سنڌي ادب ۾ منفرد ۽ يادگار حيثيت حاصل ڪئي. مون کي اهو فخر حاصل آهي ته اهي خاڪا اول مون کي ئي مليا ۽ مهراڻ جي صفحن جي زيب زينت جو سبب بنيا. رباني سائينءَ انهن ۾ واڌارو ڪيو ته ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جڙي پيو، جيڪو بورڊ جي انهن چند ڪتابن مان هڪ آهي، جن کي هاڻي غير معمولي ادبي مقبوليت حاصل ٿي آهي.

هت، رباني سائينءَ جي فڪري اڀياس ”سنڌي ڪلچر، پس منظر ۽ پيش منظر“ جو ذڪر ڪرڻ بيجا نه ٿيندو. اهي مضمون روزنامه ”هلال پاڪستان“ ۾ ڪالمن جي صورت ۾ شايع ٿيا هئا. پر، انهن جي ڪتابي صورت ۾ اشاعت به نهايت ضروري آهي ۽ منهنجي ته ديرينه تمنا آهي.

هيءُ ڪتاب، ٽن قابل احترام هستين - پير سائين روضي ڌڻي، غوث بهاؤالحق ملتاني ۽ قلندر لعل شهباز بابت مصنف جي مطالعي جو نچوڙ آهي. اهي ٽيئي موضوع اهڙا ڪونه آهن، جن تي اڳ ڪڏهن ڪنهن لکيو ئي نه هجي، پر رباني سائينءَ جي لکڻ جي انداز ۽ ان مان نڪتل نقطن کي پڙهڻ سان اها چوڻي ياد اچي ٿي ته ”سرمو سڀڪا اک پائي، پر اک اک جو ڦير“.

انداز بيان جو اهڙو فرق ئي ڪنهن به مصنف کي ٻين کان منفرد ۽ ممتاز بنائيندو آهي.

 

٢٠- آڪٽوبر ١٩٩٦ع                 نفيس احمد شيخ

ڄام شورو سنڌ                            سيڪريٽري

                                    سنڌي ادبي بورڊ

پير سائين، محمد راشد، روضي ڌڻي، رحمت الله عليه سونهاريءَ سنڌي جي برگزيده، باڪمال ۽ ڪرشمه ساز روحاني شخصيت آهن. سندن ولادت جو سن ١١٧٠ هجري ۽ وفات جو ١٢٣٣ هجري آهي. ان حساب سان، پاڻ هن جهان ۾ حضور پيغمبر ' جن جيتري ڄمار ماڻيائون.

مون کان مخدوم امير احمد کهڙن واري جو هڪ گفتو ڪڏهن ڪونه وسريو آهي. هڪ دفعي، حيدرآباد جي بسنت هال ۾ تقرير ڪندي چيائين ته، ”سنڌ الله وارن جو ديس آهي.“ مخدوم صاحٻ جي ڳالهه ۾ ڏاڍو ڪو تاثير هو. سندس گفتو منهنجيءَ دل تي نقش ٿي ويو. بيشڪ، سونهاريءَ سنڌ وڏا وڏا اولياءَ پيدا ڪيا آهن. ليڪن، پير سائين، روضي ڌڻي، گلستان سنڌ جو هڪ اهڙو ته بي مثال گلابي گل آهن، جنهن جي سونهن ۽ سرهاڻ، سنڌ ۽ بيرون سنڌ، ڪيئي پرانهان پٽ، پڌر، پوٺا، پهاڙ ۽ ٿر بر واسي ڇڏيا آهن.

پاڻ ننڍپڻ ۾ ڪجهه عرصو، ڪنڊياري تعلقي جي ڪوٽڙي ڪبير واري مدرسي ۾، مخدوم يار محمد وٽ پڙهندا هئا. اتي هالاڻيءَ جو بزرگ، سيد عاقل شاهه گيسوئي دراز ۽ مخدوم محمد دائود آگرو سندن هم درس هوندا هئا. مون سان حاجي بلال آگري ڳالهه ڪئي ته مدرسي ۾ نم جو هڪ وڻ هوندو هو، جنهن جي هيٺان تڏا وڇائي، طالب پنهنجي استاد کان سبق وٺندا هئا. هڪ دفعي مخدوم يار محمد درس ڏيندي پير سائينءَ کي چيو ته: ”ابا محمد راشد! نم جي هن وڻ ۾، ڪانون جو ڪو آکيرو آهي. سي نڀاڳا، سڄو ڏينهن ڪن ڪچرو ڪيرائي، طالبن جا ڪپڙا خراب ڪندا رهن ٿا. اهو آکيرو ته پٽي ڇڏيو.“

پير سائين جن ان مهل ئي نم تي چڙهيا. ڪانون کين گهڻئي ڪڪ ڪيو. پر پاڻ آکيرو پٽي، هيٺ لٿا. اهو ڏسي استاد کي مٿن ڏاڍو پيار آيو. سندن مٿي تي ٻاجهه ڀريا هٿڙا گهمائي، کين هنن لفظن ۾ دعا ڪيائين:

”ابا محمد راشد، جيئن اڄ ڪانون توتي ڪانگيرا ڪيا، تيئن الله اهو ڏينهن به آڻيندو، جو جڳ تنهنجي مٿان ڍرندا.“

رب پاڪ، درويشن جي دعا، حرف بحرف قبول ڪئي. پير سائين، محمد راشد جڏهن وڏو ٿيو، ته رشد ۽ هدايت جي اهڙي ته زوردار شمع روشن ڪيائين، جو ماڻهو پتنگن وانگر مٿن پاڻ گهورڻ لڳا. برن ۾ بازارون لڳي ويون. خلقن جون خلقون پلٽجي پيون. چون ٿا ته سنڌ اهڙو نظارو نه اڳي ڏٺو نه پوءِ. محمد نظاماڻي پٽ ٻاجهي نظاماڻيءَ جو، لنواريءَ جي لال، خواجه محمد زمان سائينءَ جي مريدن مان هو. پير سائين، روضي ڌڻيءَ جي خليفي اول، محمود نظاماڻيءَ ملفوظات شريف ۾ نقل بيان ڪيو آهي ته:

”مون سان محمد نظاماڻيءَ ڳالهه ڪئي ته منهنجي پيءُ ٻاجهي فقير چيو ته هيڪر مون خواب ڏٺو ته هڪڙو سادات اتر طرف کان پيدا ٿيو آهي، جو خلق کي ارشاد پيو ڪري، ۽ سارو جهان ان جي فيض کان بهرياب پيو ڪري، ۽ سارو جهان ان جي فيض کان بهرياب پيو ٿئي.“

ٻاجهي فقير مٿيون خواب سڀني پٽن ۽ مٽن کي ٻڌائي، سمجهايو ته:

       ”جڏهن اهو معرفت جو سج اڀري، ته اوهين سڀ ذرڙن وانگر ان جي نوراني شعاع مان بهرياب ٿجو، ۽ جيڪڏهن آءٌ هن فاني دنيا مان رحلت ڪري وڃان، ته هزارين سلام، هن ناتمام طرفان، انهيءَ محي الدين والسلام جي حضور ۾ پهچائجو.“

خليفي محمود ٻيو اهڙو واقعو حافظ هاليپوٽي جو پڻ بيان ڪيو آهي. هيڪر خواب ڏٺائين ته:

       ”هڪ نوراني شعاع اتر جي طرف کان وٺي سوجهرو ڪيو آهي ۽ ساري جهان کي پنهنجيءَ روشنائيءَ سان ويڙهي ورتو اٿس.“

سڀ خواب سچا ڪونه ٿيندا آهن، پر ڪي سورنهن آنا سچا به ٿيندا آهن. ڪي خواب حقيقتون ٿي ويندا آهن، ته ڪي حقيقتون وري خواب ٿي وينديون آهن. هونئن، اڪثر ڪري هن جهان جا انسان، مون وانگر، زندگيءَ ڀر اکڙين ۾ پنهنجا پنهنجا خواب کڻي زندهه رهندا آهن. ڪن ڏاهن ته ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي ئي خواب ڪوٺيو آهي. فانيءَ فرمايو آهي ته:

زندگي کاهي کو هئه؟ خواب هئه ديواني کا

پر، جديد دور جو انسان هر ڳالهه جي صداقت پرکڻ ڪاڻ ان کي سائنس جي اصولن تي پرکي ٿو. تاهم، خواب جي اهميت کان اڄ به ڪنهن کي انڪار ڪونهي، يورپ ۾ توڙي آمريڪا ۽ روس ۾، خواب جي نوعيت، ماهيت، تعبير ۽ تشريح کي سمجهڻ لاءِ نفسيات جا ماهر علمي مرڪزن ۽ ليبارٽرين ۾، رات ڏينهن تحقيق ڪري رهيا آهن. انگريزي زبان ۾ ته هڪ چوڻي عام ٿي ويئي آهي:

Coming events cast their shadows

(ايندڙ واقعن جا پاڇا اڳواٽ پون ٿا)

سنڌي زبان جي هاڪاري عالم، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”لنواريءَ جا لال“ ۾ فرمايو آهي ته:

”مشرق جي ماڻهن ۾ عام اعتقاد آهي ته جڏهن ڪو عجيب واقعو وارد ٿيڻ تي هوندو آهي، يا جڏهن ڪو ڌڻيءَ ڌئو فطرت جي ڪک ۾ سمايل هوندو آهي، تڏهن ڪن رندن کي ان راز جو اڳيئي پرو پئجي ويندو آهي. مثلا جڏهن حضرت عيسيٰ بيبي مريم جي پيٽ ۾ هو، تڏهن ان جي تولد جو ڄاڻ شمعون کي ڪيو ويو هو ۽ خود حضرت عيسيٰ کي وري حضرت محمد ' جي آمد جو اطلاع ڪيو ويو. ڪيترن اوليائن جي باري ۾ پڻ اڳڪٿيون ٿيل هيون.“

ٻاجهي فقير ۽ حافظ هاليپوٽي جي خوابن جي تعبير هاڻي روز روشن وانگر چٽي بيٺي آهي. پير سائين روضي ڌڻيءَ جي درگاهه جا معتقد ۽ مريد پنجاب، اتر سنڌ، لاڙ، ناري، ٿر، ڪڇ، جيسلمير، قلات ۽ بلوچستان ۾ لکن جي تعداد ۾ پکڙيا پيا آهن.

اهڙيءَ بلند و بالا شخصيت جي زندگيءَ جي حالات کي بروقت قلمبند ڪرڻ وڏو خير جو ڪم ٿئي ها. سندن تعليمات کي پکيڙڻ لاءِ هن مهل تائين جيڪر ڪيئي ڪتاب لکجي وڃن ها. حق ته ائين هو ته نه فقط ڪتاب لکيا وڃن ها، پر علمي، تعليمي ۽ ادبي ادارن ۾ تحقيقاتي مرڪز قائم ڪيا وڃن ها. ائين ان ڪري به ڪرڻ کپندو هو، جو سنڌ جي علمي روايت نهايت قديم آهي. هت، ان جو فقط هڪ مثال ڏيڻ ڪافي ٿيندو.

محمد بن قاسم سنڌ سن ٩٣ هجريءَ ۾ فتح ڪئي. ان واقعي کي پوريون پنج صديون گذري ويون. سن ٦١٣ هجريءَ ۾، علي ڪوفيءَ نالي هڪ شخص، انهيءَ اميد ۽ آسري سان، اچ شريف مان سفر ڪري اروڙ ۽ بکر ويو، ته من اتي محمد بن قاسم سان گڏجي آيل قديم عربي خاندانن جي پونيرن مان اڃا ڪو اهڙو شخص زنده هجي، جنهن وٽان سنڌ جي عربي فتح جو پيرائتو احوال ملي وڃي. دراصل، علي ڪوفيءَ کي تاريخ سان وڏي دلچسپي هئي ۽ ڪتابن جي مطالعي مان پتو پيو هوس ته اڳوڻن عالمن خراسان، عراق، ايران، روم، ۽ شام جي عربي فتوحات جو تفصيلي احوال اڳيئي نثر توڙي نظم ۾ قلمبند ڪري ڇڏيو آهي.

علي ڪوفيءَ جو پنڌ سجايو ٿيو. اروڙ ۾، قاضي اسماعيل نالي هڪ شخص سان ملاقات ٿيس، جنهن جو شجرو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق موجب هن ريت آهي: اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي بن يعقوب بن طائي بن محمد بن موسيٰ بن شيبان بن عثمان الثقفي.

مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ ۾ ائين به لکيو آهي ته، ”قاضي اسماعيل محمد شيباني بن عثمان ثقفيءَ جي اولاد مان هو، جنهن کي محمد بن قاسم اروڙ ۾ قاضي مقرر ڪيو هو.“

قاضي اسماعيل علي ڪوفيءَ سان ڳالهه ڪئي ته ”سنڌ جي عربي فتح جي تاريخ، سندس ابن ڏاڏن جي هٿ اکرين، حجازي ٻوليءَ (عربيءَ) ۾ لکيل آهي ۽ هڪڙي نسل کان ٻئي کي ورثي ۾ ملندي رهي آهي. پر جيئن ته عربيءَ ۾ آهي، سو عجمي ماڻهو (غير عرب) ان کان بي خبر آهن.“

قاضي اسماعيل اهو ناياب نسخو علي ڪوفيءَ کي ڏنو، جو هن کي ڏاڍو وڻيو. ان کي ”هند ۽ سنڌ جي فتح بابت عرب جي عالمن جي تصنيف“ قرار ڏنائين، ۽ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جا سندس زماني ۾ سنڌ جي مروج علمي ۽ ادبي زبان هئي. اهڙيءَ ريت، اهو قلمي ڪتاب سنڌ جي عالمن جي ڪوشش سان، پورا پنج سؤ ورهيه گمناميءَ ۾ هئڻ جي باوجود بچي ويو. اچ شريف، ان زماني ۾، ملتان وانگر، سنڌ جو اهم شهر هو ۽ محمد بن قاسم جي فتح کان اڳ توڙي پوءِ انهيءَ تي سنڌ جا حاڪم حڪومت ڪندا هئا. هاڻي، ان ڪتاب جا سنڌي، اردو ۽ انگريزي ترجما ٿي ويا آهن. نالو اٿس ”چچ نامو“.

پير سائين، روضي ڌڻي رحمت الله عليه هن جهان کان پردو اختيار ڪيو، ان ڳالهه کي تقريبا ٻه سؤ ورهيه گذريا آهن. اهو ڪو ايڏو وڏو عرصو ڪونهي، پر حقيقت اها آهي ته سنڌي ڪتابن ۾، سندن عظيم الشان شخصيت جي باري ۾ احوال تمام گهٽ آهي.

سنڌ جو هاڪارو عالم ڊاڪٽر گربخشاڻي جڏهن شاهه جي رسالي لاءِ پنهنجو شاهڪار ”مقدمه لطيفي“ لکي رهيو هو، تڏهن به کيس ساڳي ڳالهه سامهون آئي هئي. سو، هڪ هنڌ لکيو اٿس ته: ”شاهه ڀٽائيءَ کي وفات ڪئي اڄ اٽڪل پوڻا ٻه سو سال ٿيا. اهو ڪو ايڏو وڏو عرصو نه چئبو، پر تڏهن به سندس حياتيءَ جو ڪو دل گهريو ۽ ڀروسي جوڳو احوال ڪٿان به ملي نٿو سگهي.“

پير سائين روضي ڌڻيءَ جي سوانح حيات جي احوال معلوم ڪرڻ جو مکيه ذريعو هاڻي سندن ”ملفوظات شريف“ ئي آهي. ڪي جزوي روايتون ٻين ڪتابن ۾ به ملن ٿيون ۽ ممڪن آهي ته ڪي اڃا زباني طور به محفوظ هجن. ”ملفوظات شريف“ جي ترتيب ۽ تاليف جي ثواب جو ڪم، ڪڙئي گنهور واري خليفي اول محمود نظاماڻي صاحب ۽ ڀاڳناڙيءَ واري خليفي محمد حسين مهيسر صاحب جدا جدا سرانجام ڏنو. انهيءَ عظيم ڪارنامي لاءِ ٻنهي ڀلارن بزرگن کي جيتريون به گهڻيون دعائون ڏجن، اوتريون ٿوريون آهن. ان زماني جي رواج موجب، ملفوظات شريف فارسي زبان ۾ لکي هئائون، ڇو ته ايامن کان وٺي، سنڌ ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪم فارسيءَ ۾ ٿيندو هو.

هونئن ته اڄ کان پنج هزار ورهيه اڳ موهن جي دڙي واري زماني ۾ به سنڌ ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج هو، پر، ان ٻوليءَ کي اڃا ڪير به پڙهي ڪونه سگهيو آهي. عربن سنڌ فتح ڪئي، ته عربي زبان سنڌ ۾ آئي. جيڪي سيلاني ان زماني ۾ سنڌ جو سير ڪرڻ آيا، تن پنهنجن سفرنامن ۾ لکيو آهي ته سنڌي ۽ عربي ٻيئي ٻوليون سنڌ ۾ مروج هيون. ان کان اڳ واري زماني ۾ جڏهن سنڌ ايران جي ”هفت اقليم“ سلطنت جو حصو هئي، تڏهن فارسي سنڌ ۾ لکڻ پڙهڻ جي ٻولي هئي. ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ خود ڪلهوڙن توڙي ٽالپرن جي ايامڪاريءَ ۾ به فارسي زبان ئي سنڌ جي سرڪاري ٻولي هئي. عام چوڻي هئي ته ”فارسي گهوڙي چاڙهسي“. سنڌي زبان کي سرڪاري سرپرستي نصيب ٿي، سا انگريزن جي صاحبيءَ ۾. جڏهن سنڌ سمن ۽ سومرن جي هٿ ۾ هئي، تڏهن سو سنڌي ٻوليءَ ٿورو گهڻو ساهه پٽيو هو، نه ته شاهه جي ٻوليءَ ۾:

اڃيو تان ”آب“ گهري، بکيو تان ”طعام.“

انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾، سنڌي سرڪاري ٻولي ٿي، سو، ان ڪري جو انگريزن هندستان ۾، جڏهن سندن پير پختا ٿيا، ته حڪم ڪيائون ته سرڪاري ٻوليءَ جو درجو يا ڏيهي ٻولين کي ڏيو يا انگريزيءَ کي. بنگال، گجرات، مهاراشٽر، ڪاٺياواڙ ۽ ٻين پرڳڻن جي ٻولين وانگر سنڌيءَ کي به وارو ملي ويو. يو.پيءَ. جي پاسي، اتان جي ڏيهي ٻوليءَ ۾ فارسي ۽ عربي لفظن جي آميزش ڪري، هڪ نئينءَ ٻوليءَ جنم ورتو هو، جنهن کي ڪوٺيائون ”اردو“. ترڪي زبان ۾ ”اردو“ لفظ، لشڪر جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. چنگيز جي لشڪر جي ڇانوڻيءَ کي ارد ڪوٺيندا هئا. هندستان جي مغل بادشاهن جا فوجي سپاهي ترڪي ۽ فارسي اکر مقامي ٻوليءَ جي اکرن سان ملائي استعمال ڪندا هئا ۽ سندن وڏيون ڇانوڻيون دهليءَ ۽ آگري جي طرف هيون.

مغل بادشاهن جي ٻولي فارسي هئي. بابر ته ترڪي به ڳالهائيندو هو. بابر، همايون ۽ اڪبر توڙي جهانگير ۽ شاهجهان يا اورنگزيب اردوءَ کان نا آشنا هئا، فارسي ڳالهائيندا هئا. پر، جيئن جيئن فارسي ۽ ترڪي اکر ڏيهي ٻولين مثلا، پوربيءَ کڙي ٻوليءَ ۽ هنديءَ جي اکرن سان ملندا ويا ته اردوءَ کي خاص شڪل صورت ملي. انگريزن جي اوئلي زماني ۾ اردوءَ کي هندستاني ڪوٺيندا هئا. انگريزن جي هندستان تي قبضي کان اڳ خود پويون مغل بادشاه بهادر شاهه ظفر اردوءَ ۾ شعر چوڻ لڳو. ائين فارسي ٻولي آهستي آهستي وساربي ۽ ميساربي ويئي ۽ فارسي مدرسا ۽ مڪتب بند ٿيند اويا. انگريزي اسڪول ۽ ڪاليج وڌندا ويا. پر سن ١٩٤٧ع ۾ به مان انگريزي اسڪول مان پڙهي گهر ايندو هوس، ته چاچا سائين اسان کي پارسيءَ جي شروعاتي ڪتابن ”دوايو“، ”ٽه وايو“ ۽ ”ڪريما“ جا سبق ڏيندو هو، پاڻ سعديءَ جي ”گلستان“ ۽ ”بوستان“ سان دل وندرائيندو هو ۽ بابا سائين جاميءَ جي ”يوسف زليخا“ سان. انگريزي تهذيب جي هوا لڳڻ سان، علم وڃي ماني ڪمائڻ جو ذريعو بڻيو. منشي ۽ ڪلارڪ پيدا ڪرڻ لڳو. اسان جي ادب، تهذيب، تمدن ۽ دين کان ڌار ٿي ويو. هاڻي سنڌ ۾ فارسي سمجهڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ وارا گهڻا ڪونهن. سو، اسان جو نئون نسل گهڻي قدر ”ملفوظات شريف“ کان مستفيد نه ٿي سگهيو. پر ان لاءِ مٿس ميار به ڪانهي. اهو ته وڏن جو فرض آهي، ته بدليل وقت جي تقاضائن موجب پنهنجي نئين نسل جي ضرورتن کي خيال ۾ رکن.

سنڌي ادبي بورڊ اهو چڱو ڪم ڪيو، جو اڳوڻن عالمن جا چاليهارو کن عربي ۽ فارسي قلمي ڪتاب ڇاپي ورتا ليڪن، اهي ڪتاب رڳو فارسيءَ ۾ ڇپيا، سو، سنڌ جا اڪثر ماڻهو اڳي وانگر اڄ به انهن کان اڻواقف آهن. بورڊ رڳو هڪڙي فارسي ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهانيءَ“ جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو، ته ايڏو تيزيءَ سان وڪاڻو، جو هاڻي ان جي ڪاپي ڪانه ٿي ملي. روشن ضمير عالم ۽ دانشور جو بنيادي فرض پنهنجن ماڻهن کي تعليم ڏيڻ آهي. هو ائين تڏهن ڪري سگهندو، جڏهن ماڻهن سان سندن پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو.

الله جي نيڪ ٻانهي مولانا محمد قاسم مشوريءَ ”ملفوظات شريف“ کي (سندس پنهنجن لفظن ۾) ”سنڌيءَ سهنجي ٻوليءَ ۾“ ترجمو ڪرڻ جو ساراهه جوڳو ڪم ڪيو. ترجمي جي ڇپائي مختلف مرحلن ۾ ٿي. پر، جمعيت علماء سڪندريءَ کي اها سعادت نصيب ٿي، جو رهيل ڪم جي تڪميل ڪيائون ۽ ملفوظات شريف جو مڪمل سنڌي ترجمو نئين سر، ٽن جلدن ۾ ڇاپي پڌرو ڪيائون.

هونئن، شروع شروع ۾، سنڌي ترجمي جو پهريون حصو مولانا محمد قاسم مشوريءَ جي ڪوشش سان اڄ کان ٽيهارو ورهيه اڳ پهرين جنوري سن ١٩٦٢ع تي، مدينه پرنٽنگ پريس، بندر روڊ، لارڪاڻي ۾ ڇپيو هو ۽ (سندس سهڻن لفظن ۾) ”اهل محبت جي اکين لاءِ نور افزا ٿيو هو.“ سن ١٩٦٢ع ۾، مان پنهنجي يار، رشيد ڀٽيءَ سان گڏ پير ڳوٺ گهمڻ ويس. اتي درگاهه شريف جي زيارت به ڪيم ۽ اهو املهه ڪتاب به ورتم. گذريل ٽيهن ورهين کان پيو پڙهندو آهيان. وري وري پڙهڻ ڪري، ان جا ڪيترا ٽڪرا، اهڙا ته دل نشين ٿي ويا آهن، جو اڃا ٻه چار سٽون مس پڙهان، ته پويون احوال ذهن تي تري اچي. دل گهرندي آهي، ته جيڪر ڪي ٻيا حصا به ملي پون، ته پڙهان! ملفوظات شريف جو اهو شروعاتي حصو نيوز پرنٽ جي سادي ڪاغذ تي ڇپيل هو. سو، مون ويهارو ورهيه اڳ، ڪراچيءَ جي شيخ محبوب کان ان تي پڪو جلد ٻڌايو هو. مرحوم شيخ صاحب حيدرآباد دکن جي نواب جي ڪتبخاني جو ماهر جلد ساز هوندو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچيءَ لڏي آيو هو.

هاڻي سنڌي زبان ۾ ڪمپيوٽر وسيلي، عمديءَ کان عمدي ڇپائيءَ جون سڀ سهوليتون موجود آهن. سو هڪ دفعي خيال آيم ته جيڪر ملفوظات شريف جو ترجمو، عمدي ڪاغذ تي ۽ سهڻي نموني ۾ ڇپجي. مرحوم محمد خان جوڻيجو انهيءَ زماني ۾ ملڪ جو وزير اعظم هو ۽ سندس پي. آر. او. مسٽر علي محمد چنا منهنجو دوست هو. ساڻس ڳالهه ڪڍيم. ڏاڍي وڻيس. وس پڄيس ها ته مون کي ان مهل ئي ڇپائيءَ لاءِ آرڊر وٺي ڏئي ها. مون کي رڳو سرڪاري اجازت نامو کپندو هو. باقي اڪيڊمي آف ليٽرس ۾ اهڙي علمي ڪم لاءِ گهربل پئسا ڪوبه مسئلو ڪونه هئا ۽ ملفوظات شريف کي شاندار نموني ۾ ڇاپڻ جو مون کي ڪو شوق هو! پنهنجي دوست، مسٽر چنا جي نيڪ نيتيءَ جي مان پرپٽ ساک ڏئي سگهان ٿو. پر، هو غريب ”ايوان اقتدار“ ۾ اڳي به ڪي مفيد تجويزون پيش ڪري چڪو هو. جن کي ڪو پورو وزن ڪونه مليو هو، سو دلشڪستو ٿي لڳو. ڳالهه اڳتي وڌي ئي ڪانه. زمانو پيو ڦري، وقت گذرندي ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. ڀٽائي صاحب جي اکرن ۾ ”سدا سانوڻ ڏينهڙا، درياءَ تو نه هوندا.“ نيٺ، هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جو جوڻيجو صاحب وزارت عظميٰ تان لهي ويو.

ڏاهن چيو آهي ته ڪتاب ماڻهوءَ جو سٺي ۾ سٺو دوست آهي. هڪڙا دوست ڪو عرصو گڏ رهڻ کان پوءِ عمر لاءِ وڇڙي ويندا آهن. ٻيا وري عمر ڀر ياري نڀائيندا آهن. ڪتاب به ائين آهن. هڪڙا ڪتاب پڙهي ڇڏي ڏبا آهن. ٻيا وري ماڻهو سڄي عمر پيو پڙهندو آهي. مان به سنڌي زبان جا ٻه ڪتاب وري وري پيو پڙهندو آهيان. هڪ شاهه سائينءَ جو رسالو ۽ ٻيو پير سائينءَ جي ملفوظات شريف.

هڪ دفعي خليفي ميان لقمان، پير سائين، روضي ڌڻيءَ کي عرض ڪيو ته، ”سائينءَ جن جون فرمايل ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌائجن، ته کين ڏاڍو فائدو ٿيندو.“

پاڻ فرمايائون ته، ”اي يار، نصيحت جي ٻڌل ڳالهه مان مطلب آهي ته ان تي عمل ڪجي. اهو غرض نه آهي، ته ٻين کي ٻڌائجي ۽ پاڻ ان کان محروم رهجي وڃجي.“ اصل ڳالهه اهائي آهي. رڳين ڳالهين ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟“

ليڪن، ملفوظات شريف ۾ ائين به لکيل آهي، ته پير سائين سردار پنهنجن فقيرن کي خدا جي ذڪر جي گهڻي کان گهڻي تلقين ڪندا هئا. جيڪڏهن خدا جي پيارن سان محبت ڪرڻ ۽ سندن ڳالهيون ڪرڻ به خدا جي واٽ ۾ ئي وک وجهڻ آهي، ته پوءِ اها به عبادت آهي.

صاحبزادو ميان جمال شاهه نقل ٿو ڪري ته هيڪر پاڻ فرمايائون ته ”مرشد مڪرم، حضرت ميان صاحب جن قدس الله ديهه مزار ۾ تشريف فرما ٿيا هئا. ميان عبدالرزاق جن ڏهاڪي ۾ ويٺل هئا. تنهن جو سندن اچڻ جي خبر ٻڌي، سو اعتڪاف ڀڃي، اچي حضور ۾ حاضر ٿيو. خطابين بزرگ کان پڇيو ته ”زيارت جي لاءِ اعتڪاف کي ڀڃي ٻاهر نڪتا؟ جواب ۾ فرمايائون ته اعتڪاف جي لاءِ قضا آهي. پر، صحبت جو وقت قضا ٿي نه سگهندو.“ پوءِ هي بيت پڙهيائون:

صحبت سپيريان جي، هيءَ پڻ وڏي هاج
قضا ٿئي نماز، وقت ورائڻ سٿرا

خوشنصيب هئا اهي انسان، جن کي پير سائينءَ روضي ڌڻيءَ جي صحبت نصيب ٿي. مبارڪ هيون اهي اکيون، جن سندن زيارت ڪئي. مون کي ته رڳو سندن ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ٻين سان ڪرڻ ۾ ئي روح کي راحت ملندي آهي. جڏهن مفلوظات شريف پڙهندو آهيان، ته ائين ڀانئيندو آهيان ته ڄڻ سندن محفل ۾ موجود آهيان ۽ پري پري کان، سڪايل اکڙين سان، سندن ديدار پيو ڪريان.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ”ملفوظات“ جي معنيٰ ڪئي آهي ”ڳالهايل گفتا“، سو، ان جي برعڪس ٿيندا ”لکيل گفتا.“ انگريزي جي اچڻ کان اڳ ”لکيل لفظ“ (Written Word) جو سنڌ ۾ ايڏو ته احترام هو، جو ڳوٺن ۾ اڻ پڙهيل ماڻهو گهٽيءَ ۾، لکيل ڪاغذ يا اخبار جا ڦاٽل ٽڪرا ڏسندا هئا، ته کڻي، ڪچين اوڏڪين ڀتين جي ڦوٽين ۾ چيرن ۾ وجهي ڇڏيندا هئا، ته متان انهن تي الله ۽ رسول جو نالو لکيل هجي ۽ ڪا بيحرمتي ٿي پوي! انهيءَ زماني ۾ ڇاپخانا اڃا ايجاد ڪونه ٿيا هئا، پر، سنڌ علم جو گهر هئي. سو، عالم سڳورا ڪتابن جا نقل هٿ سان اتاريندا هئا ۽ ان ۾ کين ورهين جا ورهيه لڳي ويندا هئا.

پير سائين، روضي ڌڻيءَ جي ڪوٽڙي ڪبير واري مدرسي جي هم درس ۽ سنڌ جي جيد عالم، مخدوم محمد دائود آگري ڪيئي اهم ديني ۽ علمي ڪتاب اتاريا، جن مان هڪ مثنوي مولانا روم هئي، جا هاڻي سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ ٻن جلدن ۾ محفوظ آهي. ان زماني ۾، قلمي ڪتاب وڏي ذوق شوق سان سانڍيا ويندا هئا. پراڻن مسودن کي محفوظ ڪرڻ جو هاڻوڪي سائنسي طريقو اڃا ڪونه نڪتو هو. پر جڏهن ڪي عالم سڳورا فوت ٿي ويندا هئا ۽ سندن خاندانن ۾ قديم قلمي نسخن جي سار سنڀال لهڻ وارو پڙهيل ماڻهو گهر ۾ ڪونه بچندو هو، ته وري به علم جي بيحرمتيءَ کان بچڻ خاطر، اڻ پڙهيل مرد يا بيوه زالون، اهي ضعيف نسخا، ڪنهن ڪپڙي ۾ ويڙهي کوهه ۾ وڃي وجهنديون هيون. ننڍپڻ ۾ هڪ اهڙو واقعو اسان جي ڳوٺ ۾ خود منهنجين اکين اڳيان ٿيو. ان سبب ڪري، هر هنڌ، ڪيترا اهم علمي شاهڪار ضايع ٿي ويا. سنڌ ۾ اڄ کان پنج هزار ورهيه اڳ به لکڻ پڙهڻ جو رواج هو. پر، اڄ ڪو هڪ هزار ورهيه پراڻو قلمي نسخو به ڪونه ٿو ملي، ته انهيءَ ماجرا جو آخر ڪو ته سبب هوندو؟

انهيءَ پس منظر ۾، اها ڪيڏي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو ”ملفوظات روضي ڌڻي“ جهڙو اهم تاريخي دستاويز ضايع ٿيڻ کان بچي ويو! هڪ ته اهو ڀلو ڪم ٿيو. ٻيو ته ملفوظات جا صاحب يعني پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله عليه ماڻهن ۾، دين جي تبليغ فارسي زبان ۾ ڪونه ڪندا هئا. سنڌيءَ ۾ ڪندا هئا. بيشڪ، پاڻ مثنوي شريف جو درس ڏيندا هئا ۽ فارسيءَ جا شعر پڙهندا هئا ۽ انهن سان گڏ قرآن ڪريم جون آيتون ۽ حديثون عربي زبان ۾ بيان ڪندا هئا. پر، سندن مادري ٻولي ته سنڌي هئي ۽ سنڌي زبان جا ڪيئي لاجواب شعر سندن ملفوظات شريف ۾ موجود آهن. خود پاڻ به سنڌيءَ ۾ مولود ۽ شعر چيا اٿن. سندن متبرڪ خاندان، اڳتي هلي، سنڌي زبان جا ڪيترا باڪمال شاعر ۽ عالم پيدا ڪيا. اسان جي پنهنجي دور ۾، سنڌ جو عالمي شهرت رکندڙ، تاريخ نويس، پير سائين حسام الدين راشدي سندن ئي متبرڪ خاندن جو چشم و چراغ هو.

قدرت پير سائين سردار کي سنڌي زبان تي وڏو ملڪو ڏنو هو. سندن سينو کليل هو. هڪ دفعي، پاڻ لاڙ ۾ هئا. سندن زيارت لاءِ خلقون اچي پلٽيون. ڪيترن ئي زائفن جو به کين زيارت لاءِ نماڻو عرض پهتو. ان موقعي تي، هڪ نيڪ بيبيءَ کين عقيدت سان چيو ته، ”قبلا، اوهان جي پناهه ورتي اٿئون،“ ائين چئي، بيت پڙهيائين ته:

”جي اگليائي اوڏ، ته پڻ لاکي ڄام جا“

پير سائينءَ جن برمهل جواب ڏنو ته امان!

”اوڏ سي ئي اوڏ، جي لاکي جي لوڏ“

خليفو محمود نظاماڻي مفلوظات شريف ۾ لکي ٿو ته، ”مان درگاهه مبارڪ تي هوندو هئس. جڏهن فقير جون جماعتون ڪيترن طرفن کان اينديون هيون، ته کين ڏسڻ سان پير سائينءَ جن کي شوق ۽ ذوق غالب ٿيندو هو. منهن مبارڪ ڳاڙهو رتيءَ ورن ٿي ويندو هو. فقيرن کي وجد ۽ جوش اچي ويندو هو ۽ منجهن روڄ پئجي ويندو هو. پاڻ انهيءَ وقت هي سنڌي بيت فرمائيندا هئا:

ڀلي ڪئي ڀؤنرن، جي واس وٺڻ آئيا
تنين کي ڪونرن، ڏنا هنڌ هيانو ۾
هڪڙي فقير ڳالهه ڪئي ته هيڪر آءٌ ٻين فقيرن جي جماعت سان گڏجي، درگاهه مبارڪ تي ويو هوس. پوءِ جڏهن سندن حضور مبارڪ ۾ آياسون، تڏهن پاڻ هي سنڌي بيت فرمايائون:

جان جان جوءِ نه پسن، جنهن لاءِ جوڳي ٿيا،
تان تان ڪاپڙين، ورهه وهامي راتڙي.

بيت جي ٻڌڻ سان جماعت ۾ وجد، جوش ۽ روڄ پئجي ويو.

 

خليفو اميد علي نقل ٿو ڪري، ته هيڪر مان درگاهه شريف تي حاضر هئس. سندن روش هوندي هئي، ته سومهاڻيءَ جي نماز کان پوءِ حويليءَ ڏانهن اسرندا هئا. گهڻيءَ دير کان پوءِ جڏهن اڪثر فقير ننڊ پئجي ويندا هئا، تڏهن پاڻ حويليءَ مان ايندا هئا ۽ آهستي مسجد ۾ اچي وهندا هئا.

هڪڙيءَ رات پاڻ حويليءَ ڏانهن اسريا، تڏهن آءٌ ٻيا ٻه ٽي فقير سندن واپسيءَ جي انتظار ۾، دروازي ۾ ديد وجهي، ويهي رهياسون. جڏهن پاڻ ٻاهر تشريف فرما ٿيا ته اسان کي پنهنجو منتظر ڏسي، هي سنڌي بيت پڙهيائون:

آگم ڪيو اچن، سڄڻ ساوڻ مينهن جان
پاسي تن وسن، جي سڀ ڄماندر سڪيون
عبدالله فقير رهندڙ کورواهه جو نقل ٿو ڪري ته هيڪر ڳوٺ سالارن منجهه، رات جو سندن خدمت ۾ راڳ پئي ڪيوسون. صبح جو مون کي سڏي پڇيائون ته، ”رات تو سر کنڀات مان هڪڙو بيت پئي ڏنو، سو ته وري چئه ته اسان ياد ڪريون.“ عرض ڪيم ته، ”سائين، الائي ڪهڙي بيت ڏانهن اشارو آهي؟“ تڏهن پاڻ هن بيت ڏانهن اشارو فرمايائون:

چنڊ م اڀر سنجهه، ته اونداهي اجهو ڪيان
ڀري کٿوري هنجهه، رٺا پرين پهائيان

قدرت جي هر ڳالهه ۾ راز آهي. سنڌ جي خوشقسمتي چئجي، جو ٻن سون ورهين جي وٿيءَ کان پوءِ پير سائينءَ سردار جي ملفوظات شريف پنهنجيءَ اصلوڪيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي. انهيءَ ڪاميابيءَ جي مبارڪ جا مستحق مڙيئي مترجم آهن. فاضل مترجم فقير قربان علي جي تحقيق موجب ملفوظات شريف جي ڇهن حصن ۾ اڻويهه سو يارهن (١٩١١) روايتون آهن. چار (٤) مڪتوب (خط)، پنج وقتي وظيفا ۽ وصال بابت هڪ فصل شامل آهي. سڀ کان وڌيڪ روايتون، ڪڙئي گنهور واري وڏي خليفي فقير محمود نظاماڻيءَ جون، ڏهه سو ٽيانوي آهن (١٠٩٣)، ٻئي نمبر تي مرحوم خليفي ميان لقمان فقير کوکر جون هڪ سو چوهتر (١٧٤) ۽ ٽئين نمبر تي، مرحوم خليفي ميان اميد علي فقير علي ٽالپر جون اڻاسي (٧٩) آهن. اهڙيءَ ريت، جملي تيرهن سو ڇائيتاليهه (١٣٤٦) روايتون. ٽن خليفن کان ۽ پنج سو پنجهٺ (٥٦٥) روايتون ٻين راوين کان فقل ٿيل آهن. جملي راوي هڪ سو اٺانوي (١٩٨) آهن، تن مان هڪ سو اڻاسي (١٧٩) ڄڻن جا نالا ملن ٿا ۽ اڻويهه راوي گمنام آهن.

هاڻي وري ڀاڳناڙيءَ واري خليفي محمد حسين مهيسر جي جوڙيل پير سائين سردار جي ننڍي ملفوظات به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي ويئي آهي. اهو خير جو ڪم ٿيو آهي. الله پاڪ مترجم ۽ سڀني واسطيدارن کي ان جو اجر ڏيندو.(١)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پير سائين روضي ڌڻيءَ جي فرزند، پير سائين پاڳاري صبغت الله شاهه راشدي اول (رحمت الله عليه) جي ملفوظات شريف ”خزانه المعرفت“ جي مقدمي ۾ فرمايو آهي ته:

”لغت جي لحاظ کان ’ملفوظ‘ معنيٰ ’زباني لفظ‘ يا ’چيل گفتو‘، جنهن جو جمع آهي ’ملفوظات‘. پيري طريقي ۽ تصوف جي اصطلاح ۾ ’ملفوظات‘ جي خاص معنيٰ آهي ولين، عارفن، طريقت جي صاحبن ۽ مرشدن جون بيان ڪيل الاهي معرفت واريون مقالون، قلب ۽ نيت جي صفائيءَ واريون مثالي ڳالهيون، درويشيءَ ۽ دانائيءَ واريون حقيقتون، اعليٰ اخلاقي نصيحتون ۽ عقيدتمندن جي رهنمائيءَ لاءِ ديني ۽ دنيوي هدايتون.“

ٻئي هنڌ ملفوظات جي مطالعي لاءِ، پڙهندڙ جي رهنمائيءَ خاطر، وضاحت ڪئي اٿس ته:

”ملفوظات لکندڙ جيئن ته پنهنجن مربين مرشدن جا بيحد عقيدتمند هوندا آهن، تنهن ڪري حقيقت کان وڌيڪ عقيدت جي بنا تي، ملفوظات ۾ اهڙيون روايتون ۽ حقيقتون آڻيندا آهن، جن ۾ ڪشفن، ڪرامتن، عجيب اڻ ٿيڻين واقعن ۽ فوق العقل ڳالهين جو ذڪر هوندو آهي.“

ڊاڪٽر صاحب درگاهه پير ڳوٺ جو پانڌيئڙو آهي. سندس قول ملفوظات شريف جي مطالعي لاءِ طالبن واسطي راه نما اصول آهي. مون پنهنجيءَ هلڪي سلڪيءَ سمجهه آهر ائين محسوس ڪيو آهي ته توڙي جو ملفوظات شريف بنيادي طرح هڪ ديني ڪتاب آهي، پر منجهس اعليٰ کان اعليٰ ”ادبي ڪتاب“ جون سڀ خوبيون پڻ موجود آهن. چون ٿا ته يورپ جا مشهور مصنف، ٽالسٽاءِ ۽ روسو پنهنجيءَ گفتار جي سچائيءَ سببان، دنيا ڀر مشهور آهن. پر، جيڪو ماڻهو دل جي سچائيءَ سان ملفوظات شريف پڙهندو، سو دنيا جي مڃيل اڪابرن جي ڀيٽ ۾ به پير سائين سردار جي خوش گفتار جي صداقت جي گواهي ڏيندو. ملفوظات شريف ۾ هڪ هنڌ نقل آهي ته:

هيڪر پاڻ مسجد شريف ۾، کٻڙ جي وڻ هيٺان قرآن شريف جي تلاوت ۾ مشغول هئا. ان ڏينهن کين عمدو لباس پهريل هو. سٺي قسم جي ڪيمخاب جو ڪوٽ ۽ مٿي مبارڪ تي پٽ جي لنگي، سوناڪاري چِٽن سان ٻڌل هئي. اڳينءَ رات ساريءَ جماعت سميت فاقي ۾ گذري هئي ۽ ’الجوع طعام الله‘ واري طعام سان جماعت کي سر بلندي بخشي ويئي هئي. اتفاقا هڪڙو پٺاڻ مسافر شخص به ان رات مسجد شريف ۾ ٽڪيل هو. ويچاري جي ساري رات لنگهڻ ۾ گذري. درگاهه شريف جي ڪورين جي گهران ٿورو ماني ٽڪر مليو هوس، پر ان مان کيس ڍؤ ڪونه ٿيو هو. جڏهن صبح جو حضرت پير سائينءَ جن کي اهڙي سٺي پوشاڪ پهريل ڏٺائين، ته وٺي دانهون ڪيائين ته ”حضرت پير صاحب، اهڙو قيمتي لباس ڍڪيو ويٺا آهيو ۽ هي مسافر ساري رات توهان جي درگاهه تي بک مئو آهي.“

پاڻ جواب ۾ ارشاد فرمايائون ته، ”ادا، هيءَ پوشاڪ جيڪا ڏسين ٿو، سا اسان کي الله تبارڪ و تعاليٰ بنا سعي ۽ ڪوشش جي عطا فرمائي آهي. باقي پنهنجي سڌ سان خريد ڪري ڪونه وٺي آيا آهيون. هن پوشاڪ پهرڻ ۾ اسان جا ٻه مقصد آهن. هڪ ته پنهنجي مالڪ سائين جل جلاله جي نعمتن جو اظهار ڪريون ٿا، جو خاص پنهنجي ڀلائيءَ سان، اسان کي هي نعمتون عطا فرمايون اٿس. ۽ ٻيو ته ماڻهو کي خدا تعاليٰ جي طلب ۾ رغبت ٿا ڏياريون، جو ساڳيو اسان کي ڏٺو هئائون ته مينهون چاريندا هئاسون.“

”ماڻهو هي نعمتون ڏسي دل ۾ چوندا ته ڏسو ته پير صاحب پنهنجي رب کي سڃاتو، ته الله تعاليٰ کيس ڪيتريون نه نعمتون عطا ڪيون آهن. اسان به الله تعاليٰ جي طلب ڪريون، ته انهن نعمتن جا حقدار ٿي پئون.“

اعليٰ ادبي ڪتابن جي هڪ خصوصيت اها به هوندي آهي ته انهن ۾ مکيه موضوع سان گڏ، ٻين به ڪيترن مفيد ڳالهين جي معلومات ملندي آهي. ان لحاظ کان فقير قربان علي سڪندريءَ جو هيءُ نوٽ ملاحظه ڪجي:

اعليٰ ادبي ڪتابن جي هڪ خصوصيت اها به هوندي آهي ته انهن ۾ مکيه موضوع سان گڏ، ٻين به ڪيترن مفيد ڳالهين جي معلومات ملندي آهي. ان لحاظ کان فقير قربان علي سڪندريءَ جو هيءُ نوٽ ملاحظه ڪجي:

”ملفوظات شريف مان تيرهين صدي هجريءَ ۾، ديس جي معاشري ۽ تاريخ بابت به ڪافي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي: مثلا مدرسا ۽ تعليم جو طريقه ڪار، ماڻهن ۽ ماڳن جا نالا، ديهن، پرڳڻن ۽ شهرن جو تفصيل، سياسي ۽ سماجي احوال، حڪيمن ۽ حاڪمن جون ڳالهيون، ديس پرديس جي ڪاملن جو ذڪر، نيڪ ٻانهن جا سبق آموز قصا، نصيحت ڀريا گفتا ۽ نڪتا وغيره.“

فقير صاحب جو هي نوٽ پڙهي، مون کي ياد آيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه بابت هي نقل نظير مون فقط ملفوظات شريف ۾ پڙهيو آهي:

بزرگ محمد عارف چوي ٿو، ته منهنجيءَ ٻاراڻپ جي زماني جي ڳالهه آهي ته منهنجا عزيز قريب سڀ شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا مريد هئا ۽ سندس بزرگيءَ ۽ ڪرامتن جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا. مون دل ۾ سوچيو ته ”شاهه صاحب ڪا وڏي شيءِ آهي.“

پوءِ هڪ ڏينهن شاهه صاحب اسان جي ديه ۾ لٿل هو. ماڻهو پري پري کان شاهه صاحب جي ديدار لاءِ ڊوڙندا، خوش ٿيندا آيا ٿي. مان به پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس. مون گهٽ حوصلي ۽ ننڍڙائپ جي ڪري، پيءُ کي عرض ڪيو ته: ”بابا، هنن ماڻهن هيتري تعريف ٿي ڪئي. شاهه صاحب ته ماڻهو آهي. ٻي شيءِ ته ناهي.“

شاهه صاحب منهنجيءَ ٻاراڻيءَ ڳالهه تان مرڪي فرمايو ته: ”اي ڇوڪرا، مان ماڻهو آهيان.“

مون چيو ته، ”هائو، توهان ماڻهو آهيو.“

پوءِ شاهه صاحب مون کي فرمايو ته ”مون کي چڱيءَ طرح ڏسي ڇڏ. جتي ڏسين اتي سڃاڻجانءِ.“

مون عرض ڪيو ته: ”سائين، مون توهان کي چڱيءَ طرح ڏسي ڇڏيو آهي. جتي به ڏسندس، اتي هاڻي توهان کي سڃاڻندس.“

گهڻن ڏينهن کان پوءِ شاهه صاحب وفات ڪري ويو. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، منهنجي مامي جي ڌيءَ سان نڪاح ڪرڻ کان پوءِ، اسان جي مائٽن ۾ اچي لٿو. گهڻا ماڻهو، مٿين پيرين اگهاڙا، جوش ۽ خروش سان، مخدوم صاحب جي خدمت ۾ روئي رهيا هئا. آءٌ به ان مجلس ۾ اچي حاضر ٿيس. مخدوم صاحب مون کي ڏاڍو پيار ڏنو، ايتريقدر جو مون کي ٻه ٽي مهينا پاڻ سان گڏ وٺيو هليو. تڏهن به منهنجيءَ دل تي، ان رابطي جو اثر نه ٿيو. بلڪه، هر حال ۾ شاهه سائينءَ جي صورت غالب رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org