مٿين مثالن تي غور ڪرڻ وقت اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻي
آهي ته هرڪا حقيقت پنهنجي تاريخي پس منظر ۾ پرکڻ
گهرجي. ڊاڪٽر سورلي، انهيءَ اصول کي اڳيان رکي،
پنهنجي ڪتاب -
Shah Abdul Latif of Bhitt
(ڀٽ جو شاهه عبداللطيف) ۾ ڏيکاريو آهي ته شاهه جي
دور جي سنڌي زبان ڪا ايڏي ترقي يافته ڪانه هئي، پر
اهو سندس ڪمال هو، جو ان جي لفظن کي، پنهنجي فن جي
سانچي ۾ ائين پلٽيائين، جو منجهن آفاقي ڪلام جو
نور ۽ ترنم پيدا ڪري ڇڏيائين. شاهه جنهن دور ۾
پيدا ٿيو، سو بادشاهه گرديءَ وارو دور هو، انڪري
سخت افراتفريءَ جو زمانو هو. سنڌ ۾ سياسي اقتدار
مغلن کان ڪلهوڙن ڏانهن منتقل ٿي رهيو هو.
پير سائين روضي ڌڻيءَ جو زمانو سنه ١١٧٠ هجريءَ
کان ١٢٣٣ هجري آهي. اهو به بادشاهه گرديءَ وارو
دور هو. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي ۽ ميرن جي
شروع ٿي. ملفوظات شريف ۾، هڪ هنڌ لکيل آهي ته:
”هيڪر پاڻ خليفي ميان الله رکئي کي فرمايائون ته
هالاڻيءَ جي جنگ ۾، جيڪا مير فتح علي خان ٽالپر ۽
عبدالنبي ڪلهوڙي جي وچ ۾ لڳي هئي، اسان وچ ۾ ويٺا
هئاسون، جو ٻنهي طرفن هڪٻئي کي بندوقون پئي هنيون
۽ گوليون اسان کان اچي ٿي لنگهيون، پر اسين امن
امان سان هئاسون.“
ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ ۾ نادر شاهه سنڌ کي تاراج
ڪري ويو. سنڌ اڳي دهليءَ کي ڏن ڏيندي هئي، پوءِ
ايران جي تابعدار ٿي. ميرن جي حڪومت ۾ وري ڪابل کي
ڍل ڏيڻ شروع ڪيائين. شاهه شجاع ته رڻ ٻاري ڏنو.
مدد خان پٺاڻ ان کان علاوه ماڻهن کي سٽي ڪٽي، ڦري،
ماري ويو. پهاڪو ٺهي ويو ته، ”جڏهن تڏهن سنڌڙي،
توکي قنڌارئون جوکو.“
قنڌار کان جيڪي جنگي ڪٽڪ يا واپاري قافلا ايندا
هئا، سي سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ، سڀ کان
اول اچي شڪارپور ۾ وارد ٿيندا هئا. شڪارپور جو شهر
افغانستان، بلوچستان، سنڌ، پنجاب ۽ هندستان ڏانهن
ويندڙ واپاري رستن جو مرڪز هو. احمد شاهه ابداليءَ
جي مرشد فقير الله علويءَ جي مزار شڪارپور ۾ آهي.
رحيم بخش سومري صاحب جي چوڻ موجب شاهه شجاع به
شڪارپور ۾ ئي پوريل آهي.
تاريخ نويسن جو چوڻ آهي ته شڪارپور ۽ اتر سنڌ واري
پٽ ۾، دائود پوٽا، مهر ۽ ٻيون قومون ۽ قبيلا وڏي
تعداد ۾ هوندا هئا. منجهن جنگيون لڳنديون رهنديون
هيون. آخرڪار، دائود پوٽا اهو ملڪ ڇڏي ويا ۽ سندن
هڪ حصي وڃي بهاولپور وارو پٽ وسايو. ملفوظات شريف
جي مرتب خليفي محمود نظاماڻيءَ پنهنجو هڪ واقعو
لکيو آهي، جنهن مان ان زماني جي اتر سنڌ جو احوال
معلوم ٿئي ٿو:
”هيڪر ٽيڙ تپ جي ڪري، ڏهه مهينا گذري ويا، ته
درگاهه شريف تي حاضر ٿيڻ جو ست ساري نه سگهيس.
آخر، تپ هوندي ئي، گهوڙي تي سوار ٿي، روانو ٿيس.
رستي تي ڏاڍو مينهن پيو. لاچار گهوڙي تان سنج لاهي
هڪڙي ڪرڙ جي پاڙ ۾ رکي، انهن جي مٿان چڙهي ويٺس.
سومهاڻيءَ جي نماز به اتي ئي پڙهيم. سجدي ڏيڻ مهل
منهن ۽ ڏاڙهي مينهن جي گپ چڪ ۾ ڀرجي ٿي ويا. آخر
صبح ٿيو. اڳتي روانو ٿيس. منزلون ڪندو، اچي درگاهه
مبارڪ تي پهتس. اتي ٻڌم ته سائينجن ڳڙهي بختيار
خان ڏانهن اسريا آهن، جو دائودپوٽي جي ملڪ جو
مشهور شهر آهي. ارادو ڪيم ته اڳتي روانو ٿيان ۽
سندن حضور ۾ حاضر ٿيان پر اندران صاحبن سڳورن
جهلرائي موڪليو ته ”هينئر اڪيلو نه وڃ، ڇو ته
ٻروچن ۽ دائودپوٽن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٻڌجي ٿو. دائود
پوٽن جي لشڪر اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪو شخص ڪنهن
ٻروچ جو مٿو وڍي آڻي ڏيندو، تنهن کي ست رپيا انعام
ڏنو ويندو. سو جيڪو به شخص وڏن وارن ۽ ڊگهيءَ
ڏاڙهيءَ سان ٻروچن جي مشابه آهي، تنهن کي ڪهيو ٿا
وڃن. نيٺ جيئن تيئن ڪري، حيلن حوالن سان، صباحبن
سڳورن کان موڪل وٺي، دائودپوٽن ڏانهن روانو ٿيس.
واٽ اها ورتم، جيڪا جهنگ ۽ ويران پاسي هئي. سو،
ماڻهو ڪونه پئي مليم. هلندي هلندي اتفاق سان
سائينجن جا ٻه مريد منهن چڙهيا، جن ٻڌايو ته اڄ
رات پاڻ اٻاوڙن جي شهر ۾ تشريف فرما ٿيڻا آهن.
پوءِ اتان هلي ٻه - پهرو اچي، خيرپور جي شهر ۾
ڪيم. اتان گهوڙي تي چڙهي، رات جو اچي اوٻاوڙن جي
شهر ۾ پهتس، جتي ميان ابوالخير ڏاهري مليم، تنهن
پاڻ وٽ ترسايو ۽ ٻڌايائين ته ماڻهو سندس حضور اقدس
۾ ويل آهن. انشاءَ الله پاڻ ستت تشريف فرما ٿيندا.
پر، نماز مهل هڪڙو ماڻهو آيو، جنهن ٻڌايو ته رات
اتي ترسي پيا ۽ خير سان صبح جو ايندا، رات گذاري
ته صبح جو سوير اٿي اچي رستي تي بيٺس ۽ سندن
انتظار ڪندو رهيس. تان ته ڏٺم ته پاڻ سامهون پيا
اچن. منهن مبارڪ تي نظر پوڻ شرط وجد پئجي ويم. پاڻ
به ڪمال توجه سان اتانئي گهوڙي تان لهي پيا ۽ اچي
ڀاڪر ۾ ورتائون.“
خليفي صاحب جي هن سفر مان ظاهر ٿئي ٿو ته ميرن جي
حڪومت ۾، ڌارين جي حملن، خون خرابيءَ ۽ ڦرلٽ جي
باوجود، سنڌ جي ماڻهن ۾ ايڪو ۽ اتحاد ڪونه هو.
ڌارين جي عذاب هوندي، پاڻ ۾ به جنگ جدل لايون ويٺا
هئا. اتر سنڌ ۾، ماڻهوءَ جي منڍيءَ جي قيمت ست
رپيا هئي! داد فرياد جو ڪو سوال ئي ڪونه هو. سو،
خليفي محمود جهڙا مسافر، رستو ڇڏي، جهنگ جي واٽ
وٺندا هئا، ڇاڪاڻ ته کين مرن کان وڌيڪ ماڻهن جو
خوف هوندو هو.
حضرت عيسيٰ عليه السلام کان تقريبا ڇهه سو ورهيه
اڳ يونان ملڪ هڪ ڏاهو پيدا ڪيو، جنهن جي دنيا تي
ڌاڪ ويٺل آهي. کيس افلاطون ڪوٺيندا آهن. سندس هڪ
قول آهي ته: ”جڏهن آسپاس طوفان جا آثار هجن، هوا
جو زور ۽ وڻن ۾ شور هجي، تڏهن ڏاهي ماڻهوءَ جو ڪم
آهي ته گهر جا در، دروازا بند ڪري، محفوظ ٿي وهي.“
ڳالهه تمام سٺي ڪئي اٿس. منجهس وڏو عقل آهي. پر
اهو اصول شايد اهڙن ماڻهن سان ئي لاڳو اهي، جن جي
حياتيءَ جو مقصد رڳو پنهنجي لاءِ جيئن آهي. جيڪي
عظيم انسان پنهنجي زندگي ڪنهن اعليٰ مقصد لاءِ وقف
ڪري ڇڏيندا آهن، سي هر قسم جي خوف خطري کان بي
نياز هوندا آهن.
ڪنهن ڏاهي شخص چيو آهي ته ”بکايل ماڻهوءَ کي ته
خدا به مانيءَ جي صورت ۾ نظر ايندو آهي.“ سو،
بکايل ۽ ڏکايل ماڻهن ۾ وڃي واعظ ڪرڻ ته پنهنجا ڏک
سک وساري، الله ڏانهن منهن ڪريو، ڪو سولو ڪم
ڪونهي. اهو ڪم اهڙي سمي ۾ هيڪاري اوکو هوندو، جڏهن
ملڪ ۾ ماڻهوءَ جي منڍيءَ جو ملهه ست رپيا هجي!
ليڪن، پير سائين روضي ڌڻي، بنا ڪنهن ثمر جي، اتر
سنڌ، لاڙ، قلات، ٿر، ڪڇ ڀڄ ۽ جيلسمير کان به پرڀرو
الائي ته ڪهڙن ڪهڙن وارياسن پٽن ۽ ويرانن ۾ سفر
ڪندا رهيا ۽ ايمان جو شمعون روشن ڪندا رهيا. قدرت
کين سوڀارو ڪيو. سندن هاڪ مشڪ جي خوشبوءِ وانگر هر
هنڌ پکڙجي ويئي ۽ سندن بلند و بالا شخصيت جو پري
پري پڙلاءُ پيو.
هندستان جي هاڪاري عالم، سيد ابوالحسن علي ندويءَ
”پرانڍ چراغ“ نالي اعليٰ شخصيتن، بزرگن، استادن ۽
دوستن جو هڪ تذڪرو لکيو آهي، جنهن جي جلد اول ۾
لکيو اٿس ته:
”بارهوين صدي کي تقريبا وسط ميڻ سندهه بلوچستان
ميڻ ايک مشهور پير طريقت سيد محمد راشد گزرڍ
هين.... مين نڍ مولانا عبيدالله صاحب سندهي سڍ خود
سنا هڍ که وه ان ديار ميڻ علمي اور روحاني طور پر
تقريبا وهي مرتبه اور شهرت رکهتڍ تهڍ، جو ان کي
معاصر حضرت شاه ولي الله صاحب دهلوي کا شمال مغربي
هندستان ميڻ تها.“
شاه ولي الله دهليو جنهن زماني ۾ پيدا ٿيو، تنهن ۾
هندستان جو حڪمران، مغل خاندان، ترين ڀر اچي ڪريو
هو. شاه ولي الله، مرهٽن جو زور پڃڻ ۽ مغل خاندان
کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ احمد شاه ابداليءَ کي هندستان تي
ڪاهه ڪرڻ جي دعوت ڏني. ڪن تاريخنويسن جو چوڻ آهي
ته احمد شاه ابداليءَ ڪاهيو، پر مرهٽن جي اسرندڙ
طاقت کي ڌڪ هڻن بدران، دهليءَ جي مغل خاندان جو
رهيل کهيل سوجهرو به چٽ ڪري ويو. پنجاب ۾ سندس
لشڪر جيڪي راڱا ڪيا، تن جو چٽو پٽو پڙلاءُ پنجابي
مسلمان صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر، ڪن
عالمن مثلا سيد صباح الدين عبدالرحمان جو خيال آهي
ته احمد شاه ابداليءَ جي حملي ڪري مغلن جي حڪومت
کي ڪجهه ڏينهن لاءِ جيئدان ملي ويو. حقيقت جيئن به
هجي، شاهه ولي الله بهرحال پنهنجي دور جو وڏو مفڪر
هو. جيڏو وڏو مفڪر هو، ان کان به وڏو مصلح هو.
زوال پذير مغل هندستان جو معاشرو کوکلو ٿي ويو هو.
سمورا اخلاقي قدر پائمال ٿي ويا هئا. ان دور جو
حقيقي احوال ”مرقع دهلي“ نالي اردو ڪتاب ۾ پڙهي
سگهجي ٿو. اهڙين ابتر حالتن ۾، شاه ولي الله جهڙو
دين ۽ علم جو اڪابر الائي ڪيئن پيدا ٿيو؟
يورپ جو هڪ غير ملسمان عالم هو، جنهن جي مسلمانن
جي تاريخ ۾ گهري دلچسپي هئي. پندرهن ويهه ورهيه
اڳ، دهليءَ ۾ قرآن ڪانفرنس ٿي، ان ۾ شريڪ ٿيڻ ويو
هو. موٽ تي، حيدرآباد ۾، شاهه ولي الله اڪيڊميءَ
جا ڪتاب وٺڻ آيو. مون سان سائين غلام مصطفيٰ
قاسميءَ جي وسيلي متعارف ٿيو. کيس ڪراچيءَ موٽڻو
هو، سو مون سان گڏيو هليو. ائين مون کي ساڻس رستي
تي ٻه ٽي ڪلاڪ علمي ڪچهريءَ جو موقعو مليو.
پڇيو مانس ته ”توهان جي خيال موجب، ماضيءَ ۾
مسلمانن ڪهڙو وڏو ماڻهو پيدا ڪيو آهي؟“
جواب ڏنائين ته ”امام غزالي.“
وري پڇيومانس ته ”ڀلا، هاڻوڪي ويجهڙائيءَ واري
زماني ۾؟“
جواب ڏنائين ته ”شاهه ولي الله.“
انهيءَ غير مسلمان يورپي عالم جي راءِ کي ڇڏي،
جيڪڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي ڪنهن به اهم علمي
مرڪز ۾ جهاتي پائبي، ته اتي به شاهه ولي الله جي
قدمن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ ايندي. هر عظيم انسان وانگر،
شاهه کي به پنهنجيءَ عظمت جو احساس هو. چون ٿا ته
هڪ دفعي موج ۽ مستيءَ جي ڪنهن ڪيفيت ۾ فرمايائين
ته ”هي دور منهنجو دور آهي.“
پر، صديق جو صديون علم جي سج وانگر چمڪڻ جي
باوجود، هندستان پاڪستان جي سرزمين تي اڄ ڪابه
اهڙي تنظيم يا جماعت نظر ڪانه ٿي اچي، جيڪا سندس
پوئلڳ هجي. شايد ڪي علمي ادارا ۽ عالم سڳورا ملي
ويندا، جن وٽان سندس ڪتابن مان استفادو ڪري سگهبو.
ٻئي طرف، پير سائينءَ روضيءَ ڌڻيءَ جي زندگيءَ ۾،
سندس مريدن، معتقدن ۽ فقيرن جي جيڪا جماعت ٺهي، سا
خدا جي فضل سان، جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي.
ملفوظات شريف ۾ لکيل آهي ته هڪ دفعي مير رستم
ٽالپر، پير سائين روضي ڌڻيءَ کي چيو ته ”سائين،
پوک گهڻي پوکيو، پر مارجي پئي.“
پير سائينءَ فرمايو ته، ”جي مارجي پئي، ته به
حاڪمن جي ڍل کان بچيل رهندي.“
اڄ مير رستم خان جي حڪومت جو ته نالو نشان ڪونهي.
پر، پير سائين سردار جي پوکيل پوک چهچ سائي بيٺي
آهي!
ملفوظات شريف ۾ خليفي محمود هڪ واقعو درج ڪيو آهي
ته هڪ ڏينهن سائينجن جي خدمت ۾، حرم خاني جي مٽي
کڻڻ ۾ مشغول هئاسون، ته سالڪه حاجي ابراهيم فقير
جي ماءُ، جيڪا مقربه مريدياڻي هئي، سا آئي.
سائينجن فرمايو ته: ”اي مجذوبه، هاڻي تنهنجي محبت
ٿڌي ٿي ويئي آهي ڇا، جو عشق جون رڙيون نه ٿي ڪرين؟
اڄ ته ڪجهه ٻڌاءِ.“ پوءِ مجذوبه محبت الاهيءَ ۾ هي
سنڌي بيت وڏي درد سان پڙهيو:
وسين تان وس، عالم لڳئي آسري،
هاڻي ڪيم ترس، مندون مٿي آئيون!
ملفوظات شريف ۾ ڏاڍا سهڻا سنڌي بيت آهن، پر، هي
بيت به بي مثال آهي. ان ۾ ستايل سنڌ جي صدين جي
صدا آهي. ”مندون مٿي آئيون“ لفظ ڪيڏا نه دل
ڀڄائيندڙ آهن! خليفي محمود لکيو آهي ته ”بيت ٻڌڻ
شرط، حرم خاني ۾ جن فقيرن مٿي تي مٽي ٿي کنئي، تن
۾ روڄ راڙو ۽ وجد پئجي ويو.“
پير سائينءَ جن مجذوبه کي هٿ جي اشاري سان ٻيو بيت
پڙهڻ کان منع فرمائي.
***
انساني تاريخ ۾ قدرتي حادثن کي وڏو دخل آهي. مثلا
صديون اڳ سنڌو درياءَ جي وهڪري مٽائڻ ڪري يا زلزلن
سببان، سنڌ جا وڏا وڏا وسندڙ شهر مٽيءَ جا دڙا ٿي
ويا. پر، اها به حقيقت آهي ته ڪن وڏين شخصيتن جي
وڏن ڪارنامن ڪري به تاريخ جو وهڪرو بدلبو رهيو
آهي. وڏي شخصيت وڏي ڳالهه آهي.
انگلستان جي راڻي ايلزبيٿ، تازو مشهور آفريقي
اڳواڻ، نيلسن منڊيلا جي دعوت تي سندس ملڪ گهمڻ
ويئي. دوري ختم ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجا تاثرات بيان
ڪندي چيائين ته، ”بيشڪ، انسان جو پڪو ارادو جبلن
کي به لوڏي سگهي ٿو.“
هندستان جي تاريخ ۾، مجدد الف ثانيءَ جي بغاوت
ڪري، ”دين الاهي“ اسري ڪونه سگهيو، نه ته اڪبر
اعظم جو هندستان جي روحاني اتحاد
Spiritual unity of India
وارو خواب ته پورو ٿئي ها
الائي ڪونه، البت هندو - مسلمان ڇڪتاڻ ايڏي ته وڌي
وڃي ها، جو برصغير صدين جون صديون ان ۾ سڙندو رهي
ها، ڇو ته دين پارليامينٽ ۾ ڪونه ٺهندا آهن. ليڪن،
ڪو دين ”ديوان عام“ يا ”ديوان خاص“ ۾ ٺهندو به
سهي، ته اهو ماڻهن م ڪيئن هلي سگهندو؟
دين جي لاءِ قدرت وڏين شخصيتن جو انتخاب ڪندي آهي.
ڪي غارن ۾ وڃي وهندا آهن، ته ڪي سڃن جبلن جي واٽ
وٺندا اهن. ڀلا جي ڪنهن بادشاهه جو انتخاب ٿيندو
آهي ته اهو به محل ماڙيون زالون ۽ گهر ٻار ڇڏي،
جهنگ منهن ڪندو آهي.
وڏي شخصيت وڏي ڳالهه آهي. سنڌ ۾ پنج هزار ورهيه اڳ
به هڪ زبان اهڙي مروج هئي، جيڪا لکي پڙهي ويندي
هئي. منجهس ڪيڏو نه علمي سرمايو هوندو! پر ڀٽائيءَ
جي شخصيت کي جدا ڪريو ته منجهن باقي ڇا ٿو بچي؟
حقيقت اهائي نظر ايندي ته
سو سرن پائي، جي تند برابر توريان
ته به اٽل
اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻرائي
سڄو ڪرشمو وڏيءَ شخصيت جو آهي. تاريخ اعليٰ انسانن
جي ڪارنامن سان ئي عبارت آهي. ان جي ورق ورق تي
ڪنهن نه ڪنهن وڏيءَ شخصيت جي مهر لڳل آهي ته ”هي
دور منهنجو دور آهي.“
پير سائين روضي ڌڻي اسان جي سونهاريءَ سنڌ جي
باڪمال، ڀلاري ۽ برگزيده شخصيت آهن. قدرت کين ڪنهن
سڀاڳيءَ ساعت ۾، اعليٰ مقصد لاءِ خلقيو هو. پاڻ
عحب انداز سان زندگي بسر ڪري، اهو مقصد پورو
ڪيائون. هن دنيا کي هميشه مانجهاندي جو ماڳ
سمجهائون. ملفوظات شڙ:َ ۾ لکيل آهي ته هڪ دفعي
فرمايائون ته:
”عبادت ڪري، دنيا جي لاءِ دعا گهرڻ ائين ئي آهي،
جيئن قرآن شريف تي پير رکي، ڪٻٽ مان شراب جو شيشو
کڻڻ.“
چون ٿا ته ڪنهن شخص شاه ولي الله دهلويءَ کان حضور
پيغمبر ' جن جي وصال جو پڇيو. شاه ولي الله کيس
جواب ڏنو ته ان جو مثال ائين ئي آهي، جيئن ڪا روشن
شمع ٻاهران صحن مان کڻي، اندر ڪمري ۾ رکجي. شمع
پنهنجيءَ جاءِ تي روشن آهي.
پير سائين، روضي ڌڻيءَ رحمت الله عليه جن پنهنجي
حياتي حضور پيغمبر ' جن جي سنت موجب گذاري، سو،
شاه ولي الله جي بيان ڪيل اصول موجب، سندس فيض به
جاري ۽ ساري آهي. قرآن ڪريم ۾ اهڙن ئي اوليائن کي
بشارت مليل آهي ته:
”خبردار! الله جي پيارن کي نه ڪي ڀؤ آهي، نه اهي
غمگين ٿيندا. جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪئي، تن
لاءِ هن دنيا جي حياتيءَ م ۽ آخرت ۾ خوشخبري آهي.
الله جي حڪمن ۾ ڪابه ڦير گهير ڪانهي. اهائي وڏي
مراد ماڻن آهي.“
پير سائين، روضي ڌڻي رحمت الله عليه اهل دل انسانن
جا سائين ۽ سردار، سونهاريءَ سنڌ جا اولياءَ الله
۽ عارف بالله هئا. سندن جامع ۽ مستند سوانح حيات
لکڻ ۽ ڇپائڻ وڏو ثواب جو ڪم ٿيندو ۽ هڪ عظيم علمي
خدمت پڻ. خبر ناهي ته ڇاجي ڪري، سنڌ جي ڪنهن به
تاريخ نويس يا تذڪره نگار، ان طرف اڃا تائين توجهه
نه ڏنو آهي، نه وري سنڌ جي ڪنهن به علمي اداري ان
ڪم کي پنهنجي تحقيق ۽ تصنيف جي پروگرام ۾ شامل ڪيو
آهي. ممڪن آهي ته ان جو هڪ سبب اهو به هجي، ته ان
موضوع تي هڪيو تڪيو مواد ڪٿي به جمع ٿيل ڪونهي.
پر، عالمن ۽ محققن جو ته ڪم ئي آهي واريءَ مان سون
جا ذرڙا ڳولي لهڻ. ڏهاڪو ورهيه اڳ، فقير مولوي
عبداللطيف سڪندريءَ، من ۾ محبت رکي، ”حضرت پير
سائين سردار، روضي ڌڻي جو ڪلام“ نالي سان هڪڙو
ڪتابڙو، پنهنجي هڙئون وڙئون ڇپايو هو، جنهن ۾
هيٺين اهڙن قلمي خزانن جو ڏس ڏنو هئائين، جتان
سوانح حيات لاءِ مواد ملي سگهي ٿو:
(١) ملفوظات شريف خليفي محمود نظاماڻيءَ جي گڏ
ڪيل، جا سنڌي زبان ۾، ڇهن حصن ۾، جمعيت علماءِ
سڪندري ڇپائي پڌري ڪئي آهي. هاڻي عام جام ملي ٿي.
(٢) ملفوظات شريف ننڍي جوڙيل خليفي محمد حسين
مهيسر ڀاڳناڙيءَ واري جي، جيڪا مڪمل ڪرڻ بعد پير
سائين سردار جن جي حضور ۾ پڙهي ٻڌائي هئائين ۽ پاڻ
پسند فرمائي هئائون.
(٣) مڪتوبات شريف (خط مبارڪ) سندن وڏي فرزند، پير
سائين سيد صبغت الله شاهه اول تجر ڌڻي رحمت الله
عليه جا ترتيب ڏنل، جن جو تعداد ٣٩ آهي ۽ فارسي
ٻوليءَ ۾ مختلف ماڻهن ڏانهن جواب طور لکيل آهن.
فقير مولوي عبداللطيف سڪندريءَ اها به وضاحت ڪئي
آهي ته ڪن نسخن ۾ ٤٥ خط ڄاڻايل آهن.
(٤) ”اسماءُ الحسنيٰ“ نالي ڪتاب جيڪو پير سائين،
روضي ڌڻيءَ جن فارسي زبان ۾ جوڙيو هو ۽ جنهن ۾ پاڻ
مولانا عبدالحق محدث دهلويءَ ۽ علامه يعقوب چرخيءَ
کان استفادو ڪيو اٿن.
(٥) آداب المريدين ڪتاب (فارسي) جيڪو پڻ پير
سائين، روضي ڌڻيءَ جن جو جوڙيل آهي. مولوي
عبداللطيف سڪندريءَ ٻڌايو آهي ته ان جي قلمي ڪاپي
وٽس موجود آهي.
(٦) ”رساله سلوڪ المبتدي“ جيڪو پڻ پير سائين سردار
روضي ڌڻيءَ جي تصنيف آهي ۽ قادري توڙي نقشبندي ذڪر
فڪر جي شغل بابت آهي. ان جو نسخو پڻ مولوي صاحب
ممدوح وٽ موجود هو.
(٧) المحبوبيت المحموديت جوڙيل خليفي وڏي محمود
فقير نظاماڻيءَ جو، جنهن ۾ پير سائين سردار جي
طريقت جا سبق ڏنل آهن.
(٨) خود مولوي عبداللطيف صاحب جا مرتب ڪيل ٻه
ڪتابڙا، هڪڙو روحاني راز ۽ رمزون ۽ بيو پير
سائينءَ جو ڪلام.
(٩) مولوي صاحب اهو به فرمايو آهي ته انهن کان
علاوه پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري جي لئبرريءَ ۾،
درگاه شريف جي طريقت ۽ مختلف گادي نشينن جي سوانح
حيات بابت ست ڪتاب ڏٺا هئائون.
انهيءَ پوئينءَ ڳالهه بابت عرض آهي ته سنه ١٩٥٧ع
۾، مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ نائب سيڪريٽري هئس ته هڪ
ڏينهن سنڌ مسلم ڪاليج جي تڏهوڪي پرنسپال، سيد غلام
مصطفيٰ شاهه صاحب مون کي ياد فرمايو ۽ بورڊ جي
لئبرريءَ لاءِ قلمي ڪتابن جي هڪ چڱي پٺارڪ تحفي
طور ڏني. بعد ۾ ڪن تي سڻس پيم ته انگريزن واريءَ
مارشل لا ۾ ڪافي ڪتاب ضايع ٿي ويا هئا. پر جيڪي
بچيا هئا، تن جو ڪجهه حصو سنڌ مدرسي کي مليو هو.
سنڌ مدرسو ۽ سنڌ مسلم ڪاليج، ان وقت ساڳيءَ
انتظاميه جي هٿ هيٺ هئا. شاهه صاحب سنڌ مسلم ڪاليج
جو پرنسپال هو ۽ هڪ محب وطن سنڌيءَ وانگر کيس سنڌي
ادبي بورڊ سان محبت هئي، جو سنڌ جي علم ۽ ادب جي
ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو. سو، قلمي ڪتابن جو
اهو عطيو بورڊ جي لئبرريءَ لاءِ انهيءَ سبب ڪري
عنايت ڪيو هئائين. تن ڏينهن ۾ بورڊ جو سيڪريٽري
سائين محمد ابراهيم جويو هو ۽ سنڌ جي سدا بهار
عالمن مان قبله علامه امداد علي قاضي، شمس
العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽو، سائين پير حسام الدين
راشدي ۽ محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ بورڊ سان گهڻي
قدر لاڳاپيل هئا. پر، مذڪور قلمي ڪتاب، جيئن بورڊ
جي لئبرريءَ ۾ جمع ٿيا، ته وري انهن تي ڪنهن نگاه
ڪانه ڪئي، ته ڪنهن جا لکيل آهن ۽ ڪهڙي موضوع تي
آهن. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته تن ڏينهن ۾ بورڊ
تصنيف ۽ تاليف جي ٻين تحقيقي ڪمن ۾ مصروف هو. ڏهه
پندرهن ورهيه پوءِ، جڏهن مان بورد جو سيڪريٽري
ٿيس. تڏهن گاهي ماهي لئبرريءَ ۾ وڃي وهندو هوس.
ڪڏهن ڪن اهڙن ڪتابن تي نظر پوندي هئي، جيڪي پير
سائين پاڳاري، سيد صبغت الله شاه (شهيد) رحمت الله
عليه هندستان ۾، اسيريءَ واري زماني ۾، مطالعي
فرمايا هئا. مٿن سندن دستخط ۽ بعضي ننڍا نوٽ لڳل
هوندا هئا ته ”هي ڪتاب اڄ اسان پڙهي پورو ڪيو.“
”هي ڪتاب اڄ احمد کڻي آيو.“ انهن ڪتابن ۾ هڪڙو
ديوان حافظ جو قلمي نسخو به هو.
مان جنهن زماني جي ڳالهه ڪريان ٿو، سو انتهائي
ايمانداريءَ جو زمانو هو. اسان بورڊ کي مسجد وانگر
مقدس سمجهندا هئاسين. مان محترم محمد ابراهيم جويي
۽ سائين حسام الدين راشديءَ جو تربيت يافته هئس،
سو بورڊ مان سندن وڃڻ کان پوءِ منهنجي ڪوشش اهائي
رهي ته لئبرريءَ ۾ جيڪو قلمي سرمايو آهي، سو محفوط
رهي ۽ قلمي ڪتابن جي علمي انداز سان ڪا فهرست ٺهي،
ته اسان جي يا ٻاهران آيل عالمن کي انهن جي
استفادي ڪرڻ جو موقعو ملي. وڏا وس ڪيم، پر ڪابه
صورت نظر نه آئي. علمي ۽ تحقيقي ڪم سولو به ڪونهي.
ڊاڪٽر محمد علي قاضي سنڌيونيورسٽيءَ جو ناميارو
لئبررين ٿي رهيو هو. علامه آءِ. آءِ قاضي صاحب جو
نوازيل هو. رٽايرمينٽ بعد گهر ۾ واندو ويٺو هو. ٻي
ڪا واهه وسيلو نه ڏسي کيس وڃي عرض ڪيم. بورڊ ۾ آيو
۽ لئبرري به ڏٺائين پر قلمي نسخن جي فهرست ٺاهڻ ۾
ڪا به مدد ڪانه ڪيائين.
ليڪن، قدرت جا پنهنجا ڪرم آهن. جيڪو ڪم ڪوبه سنڌي
عالم سرانجام ڏيئي ڪونه سگهيو، تنهن جي تڪميل لاءِ
صورت آخر ائين پيدا ٿي، ته ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان
رٽايرڊ صدر شعبه اردو، منهنجيءَ استدعا تي بورڊ ۾
پير ڀري آيو. ان زماني ۾ پاڻ حيدرآباد جي مقتدر
ديني شخصيت هو. هڪ رات، مون سوين ماڻهو سندس گهر
تي ذڪر فڪر ۾ مشغول ڏٺا، پر منجهس ڪابه وڏائي ڪانه
هئي. وٽس ڪا مڙهي موٽر، رڪشا هوندي هئي. گرميءَ جي
مند هئي ان ۾ آيو. مون ساڻس مدعا بيان ڪئي. پاڻ
اتي جو اتي ”هائو“ ڪيائين! ڏينهن ئي ڪونه لڳا، جو
سندس ٻه ماتحت جيڪي شعبه اردوءَ ۾ استاد هئا، مون
وٽ آيا ۽ قلمي ڪتابن جي علمي فهرست ٺاهڻ جو ڪم
شروع ڪيائون. وٽن انگلستان ۽ ٻين يورپي ملڪن جي
اعليٰ ڪتبخانن جون انگريزي فهرستون موجود هيون.
انهن کي نمونو بڻائي، ڪم ۾ هٿ وڌائون. ڪا محنت
ڪيائون! گرمي هجي، سردي هجي، لڪ هجي، جهولو هجي،
کڻي جو مٿن اثر ٿئي! ٻئي ڄڻا مقرر وقت تي ڄام شوري
واريءَ آفيس ۾ اچن ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ سانده ڪم ڪري هليا
وڃن. مجال آهي جو ڪڏهن کڻي چاءِ جي ڪوپ جي گهر ڪن!
مان سندن اعليٰ اخلاق جو اکين ڏٺو شاهد آهيان.
هڪڙي جو نالو هو ڊاڪٽر نجم الاسلام.
دنيا ۾ هر قسم جا ماڻهو پيا آهن. انهن ٻنهي ملائڪن
جي مقابلي ۾ پنجاب جو هڪ مولوي سڳورو ياد اچيم ٿو.
ڪنهن زماني ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن، سائين
مخدوم صاحب کي ڪنهن مشورو ڏنو ته اهو مولوي وڏو
پڙهيو آهي. کانئس سيدنا سرور نوح عليه رحمت جي
سوانح حيات لکائجي. مخدوم صاحب اهڙن معاملن ۾ مون
سان صلاح مشورو ڪندو هو. سو مون کي چيائين ته
اوهان منهنجي پاران خط لکي موڪليوس. مون مولوي
صاحب کي محبت سان خط لکي موڪليو. ستت ئي جواب
موڪليائين ته، ”ڪم قبول آهي. حيدرآباد ئي اچي
رهندس ۽ ان ۾ هٿ وجهندس. البت، منهنجي کاڌي پيتي
جو خيال رکندا، جو ان معاملي ۾ پرهيز ڪندو آهيان.
نيرن تي اوڦراٽا، ڳائي مکڻ سان مکيل هجن ۽ هڪ
ڏينهن ڇيلي جو ميڄالو نزريل هجي ته ٻئي ڏينهن جيرن
۽ بڪين جو ٻوڙ هجي. منجهند جو ديسي ڪڪڙ جو چوزو
ڦوٽي جي داغ سان رڌل هجي ۽ رات جو رڳو ٻاجهريءَ جي
سوڪ ماني هجي، پر مينهن جي خالص کير سان، جنهن کي
مصري ۽ ننڍڙا ڦوٽا وجهي، چڱيءَ طرح ڪاڙهجي. باقي
رهيو ڪتاب لکڻ جو مالي معاوضو، سو مخدوم صاحب سان
مشورو ڪري ٻڌايو ته اڳواٽ ڪيترو ڏيندا ۽ ڪم پوري
ٿيڻ تي ڪيترو؟“ مان سائين مخدوم صاحب جن جي خدمت ۾
حاضر ٿيس. پاڻ مولوي صاحب جو خطڙو پڙهي فرمايائون
ته ”جواب ڏيڻ جو ضرور ڪونهي.“
ڳالهه پئي هلي بورڊ جي قلمي ڪتابن جي فهرست ٺاهڻ
جي. ڊاڪٽر نجم الاسلام ۽ سندس ساٿيءَ اڍائن يا ٻن
ورهين جي عرق ريزيءَ کان پوءِ علمي دنيا ۾ مروج ۽
يورپ جي ڪتبخانن جي معيار موجب، بورڊ جي لئبرريءَ
جي قلمي ڪتابن جي مڪمل فهرست ٺاهي، مون کي پيش
ڪئي. چڱو ڳورو ڪتاب ٺهي پيو. ڪاري رنگ جو جلد ٻڌل
هئس. فل اسڪيپ سائيز جي ٽن چئن سون صفحن تي مشتمل
هو. ليڪن، اشرافن معاوضي جو لفظ زبان تي نه آندو.
البت، بورڊ فورا منهنجي چوڻ تي کين مناسب نذرانو
ڏنو. پر، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ته ”نيڪي ڪر ۽
درياه ۾ وجهه“ جي محاوري تي عمل ڪيو، يعني جڏهن به
وري ملاقات ٿي، ته ائين نه چيائين ته ”اوهان هي ڪم
مون تي رکيو هو ۽ ان جي فورا تعميل ڪيم.“ هاڻي کيس
ياد ڪري، ڀٽائيءَ جو قول ياد ايندو اٿم:
”جوڳيئڙا ته جهان ۾، نوري ۽ ناري.“
قلمي ڪتابن جي فهرست اڃا تائين بورڊ جي لئبرريءَ ۾
محفوظ آهي، يا وئي هيٺ مٿي ٿي، سو مون کي معلوم
ڪونهي. پر، ڊاڪٽر نجم الاسلام وٽ ڪاپي ضرور هوندي.
ان جي مطالعي ڪرڻ سان ئي معلوم ٿيندو، ته پير
سائين، روضي ڌڻي رحمت الله جن جي حيات طيبه تي
احوال گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾
جيڪو مواد موجود آهي، سو ڪهڙو ۽ ڪيترو آهي.
پر، رڳو بورڊ جي لئبرريءَ تي اڪتفا نه ڪجي.
سنڌالاجيءَ جي لئبرريءَ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي
سينٽرل لئبرري، خيرپور پبلڪ لئبرري، سنڌ جي خانگي
ڪتبخانن مثلا پير جهنڊي واري ڪتبخاني جو اهو حصو
جو اڃا اتي موجود آهي، ۽ ٻيو حصو جو هاڻي نيشنل
ميوزيم جي ملڪيت آهي، سنڌ پراونشل لئبرريءَ ۽
ميوزيم جو ڪتبخانو، اسلام آباد ۾ قائداعظم
يونيورسٽيءَ ۾ سائين پير حسام الدين راشدي صاحب
وارو ڪتبخانو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو ڪتبخانو
۽ ٻيا سمورا اهڙا علمي مرڪز جاچڻ گهرجن. خاص طرح
سان اهي هنڌ ۽ ماڳ وڃي ڏسجن، جيڪي پير سائين سردار
جي زماني ۾ علمي مرڪز هئا: مثلا فقير الله علويءَ
وارو مدرسو، ڪوٽڙي ڪبير وارو مدرسو، کهڙن وارو
مدرسو، اهڙيءَ ريت، سيد عاقل شاهه، مخدوم محمد
دائود آگري(٢) ۽ سندن ٻين همعصرن جي پونيرن، خود
پير سائينءَ جي جماعت جي پيرسن خليفن ۽ مشهور ۽
معتقد عالمن وٽان مستند روايتون جمع ڪجن. پوءِ
سمورو مواد، ڌرين جي رضامنديءَ سان، هٿ ڪري، ترتيب
ڏجي ۽ پير سائين سردار جي موجب، سهڻي کان سهڻي
نموني ۾ ڇپائجي.
ڪم وڏو آهي، پر الله وٽ اجر ان کان به وڏو آهي.
بيشڪ، سڀ کان وڏو غني الله آهي.
پير سائينءَ جي مضمون جا حوالا ۽ اضافا:
١. پير سائينءَ جي ملفوظات شريف جو ٻيو سنڌي ترجمو
پير سائين، روضي ڌڻي رحمت الله عليه جن جي ملفوظات
شريف جي سنڌي ترجمي بابت، عام مشهور آهي ته ان جي
شروعات سندن متبرڪ خاندان جي معتقد، مولانا محمد
قاسم مشوريءَ ڪئي هئي. ۽ هاڻي جماعت سڪندريه
انهيءَ جو مڪمل سنڌي ترجمو متعدد جلدن ۾ شايع ڪيو
آهي. ليڪن، پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ
حديقته الاولياءَ جي مقدمي ۾، ”خاندان راشديه“ جي
عنوان هيٺ هيئن لکيو آهي:
”جامع الفيوظات: از خليفو محمود ڪڙئي وارو (١٢٤٨).
حضرت پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي (١٢٣٣هه) جي
ملفوظات آهي، جنهن ۾ هڪ مقدمو، هڪ خاتمو ۽ ٢٣ باب
آهن. هي ڪتاب معلومات جو وڏو ذخيرو آهي. تيرهين
صديءَ هجريءَ جي سنڌ جو معاشرو منجهانئس چٽيءَ ريت
معلوم ٿئي ٿو. مدرسا ۽ تعليم، سياسي ۽ سماجي
احوال، خدا وارن جا قصا، اصحاب ڪمال جو بيان،
حڪيمن ۽ حاڪمن جون ڳالهيون، مطلب ته ڪتاب سراسر هڪ
خزانو آهي. ڪتاب جا سنڌ ۾ ڪيئي نسخا موجود آهن.
منهنجي برادر بزرگ، جناب پير علي محمد راشي صاحب،
نهايت اعليٰ درجي جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي، جيڪو
راقم الحروف وٽ موجود آهي. ٻين سنڌي ترجمن کان
زياده مستند ۽ فصيح آهي. انهيءَ ملفوظات تان پير
سائينءَ جن جي مفصل سوانح پڻ راشدي صاحب تيار ڪئي
هئي، جيڪا بدقسمتيءَ سبب گم ٿي وئي. انهيءَ کان
بهتر شايد وري ڪڏهن به تيار ٿي نه سگهي.“
***
٢. خليفو محمد حسين مهيسر
پير سائينءَ روضيءَ ڌڻيءَ جو ڀاڳناڙيءَ وارو خليفو
ڪوٺبو آهي. سندن ملفوطات شريف مرتب ڪرڻ جي شورعات
ڪئي هئائين ۽ فارسي زبان ۾ ”صحبت نامه“ نالي سان
هڪ ننڍي ملفوظات مرتب ڪئي هئائين. مون مضمون ۾ ان
جو ”مختصر ذڪر“ ڪيو آهي. ڇو ته اها هاڻي ملي ڪانه
ٿي ۽ ان جي ڪنهن به ترجمي جي ته ٻڌ سڌ به ڪانه
هئي. جڏهن هيءُ مضمون ڪمپوز ٿي ويو، ۽ ان جا پروف
به پڙهجي ويا، تڏهن سڪرنڊ جي سائين، عبدالرسول
قادريءَ، تازا ڇپيل ٻه ٽي سنڌي ڪتاب، تحفي طور
موڪليا. مون کيس اهڙي ڪابه فرمائش ڪانه ڪئي هئي.
پر، ڀلن کان هميشه ڀلايون ٿينديون آهن. انهن ڪتابن
۾ ٻه ٽي ته سندس پنهنجا لکيل هئا ۽ ٻه ٽي وري
منهنجو ذوق شوق خيال ۾ رکي، پاڻ مرادو موڪليا
هئائين. اڃا جو ڏسان، ته انهن ۾ خليفي محمد حسين
مهيسر واريءَ ملفوظات جو سنڌي ترجمو رکيو آهي!
ظاهري طرح، ان ڳالهه کي هڪ ”سهڻو اتفاق“ سمجهبو.
پر، جي ٻيءَ طرح سوچبو، ته انهيءَ ننڍڙي واقعي ۾
به قدرت جي غيبي هٿن جي آڱرين جي جنبش نظر ايندي.
حافظ شيرازيءَ، مون جهڙن ٿلهي عقل وارن ماڻهن کي،
اها ماجرا سمجائڻ لاءِ فرمايو آهي ته:
تانگردي آشنا زين پرده رمزي نشنوي
گوش نا محرم نه باشد جاي پيغام سرورش
(جيسين هن پردي جي رمز سان آشنا نه ٿيندين،
تيسين ٻڌي نه سگهندين.
”ازلي ساز ۽ آواز ٻڌڻ جي لاءِ“
نا محرم جو ڪن صحيح جاءِ نه آهي.)
خليفي محمد حسين مهيسر واريءَ مرتب ڪيل ملفوظات
شريف جو سنڌي ترجمو فقير عبدالرحيم سڪندريءَ ڪيو
آهي ۽ مدرسي صبغته الهديٰ شاهپور چاڪر سن ١٩٩٣ع ۾
شايع ڪيو آهي. سنڌي نالو اٿس: ”صحبت سپيرين جي.“
ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ آهي ۽ منجهس جملي ٢٤٣ صفحا آهن،
جن ۾ ١٤٢ صفحا مقدمو ۽ ٨٧ صفحا متن آهي.
’صحبت سپيرين جي‘ ڇپائيءَ جي لحاظ کان سهڻو ڪتاب
آهي ۽ علمي لحاظ کان ان جون ڪي خصوصيتون آهن. سڀ
کان پهرين ۽ اهم هيءَ ته خليفي صاحب هي ڪتاب پير
سائين سردار جي حياتيءَ ۾ جوڙيو هو ۽ کين پڙهي
ٻڌايو هو. گويا، ان ۾ هر ڳالهه مستند آهي. ٻيو ته
ان ۾ ڪي نوان نقطا به آهن، جي پير سائين سردار جي
جامع صفات شخصيت کي ويجهڙو ڏسڻ ۾ پڙهندڙ لاءِ
مددگار ٿيندا. ٽين خصوصيت ان جو جامع مقدمو آهي،
جنهن ۾ فقير عبدالرحيم سڪندريءَ، خليفي محمد حسين
مهيسر جي ’صحبت نامي‘ ۽ خليفي محمود نظاماڻيءَ جي
’جامع ملفوظات‘ جي مدد سان، پير سائين سردار جي
برگزيده شخصيت جون ڪي وصفون نمايان ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. فقير صاحب جي ڪوشش ۽ ڪاوش هروجه قابل
تعريف آهي ۽ سندس تحرير جي سٽ سٽ ۽ حرف حرف ۾ پير
سائينءَ جي محبت موجزن آهي. مان ته خاص طرح سندس
تهدل شڪرگذار آهيان، جو سندس سعيي ۽ محنت سببان ئي
مون کي ’صحبت نامه‘ جي مطالعي جو موقعو نصيب ٿيو.
فقير عبدالرحيم سڪندريءَ ٻيو به هڪ نيڪ ڪم ڪيو آهي
سو هيءُ ته پير سائينءَ روضي ڌڻيءَ جي اولاد بابت
تحقيق ڪري، مستند معلومات ڏني اٿس. اڳي ان باري ۾
ڪجهه مونجهارو هو ۽ مختلف روايتون هيون. شمس
العلماءَ مرزا قليچ بيگ جهڙي وڏي عالم ”قديم سنڌ
جا شهر ۽ ماڻهو“ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”پير محمد
راشد کي تيرهن پٽ هئا.“ هاڻي، فقير صاحب ڳالهه چٽي
ڪري ڇڏي آهي ته ”پير سائين روضي ڌڻي رحمت الله
عليه جن کي چوڏهن فرزند هئا.“ پير سائينءَ جي
چوڏهن ئي فرزندن جا نالا ڏيڻ کان پوءِ فقير صاحب
وضاحت ڪئي آهي ته:
”دراصل کين ارڙهن فرزند هئا، جن مان چار ننڍيءَ
عمر ۾ وصال ڪري ويا هئا. انهن مان ٽن جا نالا، نون
ڄاول فرزندن تي رکيا ويا. ارڙهن فرزندن وارو تعداد
صحيح آهي. نالن جي اشتباهه ۽ اختلاف سببان ڪجهه
مونجهارو ٿي پيو.“
پير سائين روضي ڌڻيءَ جي وصال کان پوءِ، سندن
فرزند، سيد صبغت الله شاهه (اول) مسند نشين ٿيو.
پاڻ خليفته الله جي خطاب سان مشهور آهن. سندن
ملفوظات خزانته المعرفت جو سنڌي ترجمو فقير مفتي
محمد رحيم سڪندريءَ ڪيو، جيڪو جمعيت علماءِ
سڪندريه (درگاهه پير جو ڳوٺ) سن ١٤١١ هجريءَ ۾،
شايع ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ان جو عالمانه
مقدمو لکيو آهي ۽ گهڻائي علمي مسئلا صاف ڪيا آهن.
جن علم دوست ماڻهن کي اڃا ملفوظات شريف جي مطالعي
جو موقعو نه مليو آهي، تن جي معلومات لاءِ ايترو
عرض ڪرڻ ضروري آهي ته پير سائين سردار روضي ڌڻيءَ
رحمته الله عليه ۽ سندن متبرڪ خاندان جي بزرگن مان
هرهڪ بزرگ جي ملفوظات جي طرز تحرير ساڳئي نوع جي
آهي يعني نقل بيان ٿيل آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته
پير سائينءَ جن اڄ هيئن فرمايو يا هيئن ڪيو. انهن
نقلن جي ٻولي سليس ۽ دلنشين آهي ۽ منجهن سنڌي ۽
فارسي شعر ڪثرت سان اچن ٿا، بعضي هندي بيت به ملن
ٿا. ساڳيءَ ريت، قرآن ڪريم جون آيتون ۽ حديثون به
جابجا موجود آهن.
خليفي محمد حسين مهيسر جي جوڙيل ملفوظات شريف
’صحبت نامه‘ جو به ساڳيو ئي انداز آهي. ان جا ڪي
نقل مثال طور ڏجن ٿا:
***
پير سائين سردار هڪ ڏينهن فرمايو ته جيڪو شخص الله
تعاليٰ جي رضامندي خاطر ڪتاب مهانگا خريد ڪندو ته
سندس اولاد ۾ علم قائم رهندو.
***
ٻئي دفعي فرمايائون ته مريد چوڻ بدعت آهي. ’يار‘
چوڻ بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته حضور پيغمبر عليه الصلات
والسلام جن جي زماني پاڪ ۾ ’اصحاب‘ لفظ چوندا هئا،
جنهن جي معنيٰ ’يار‘ آهي. پوءِ ٻڌايائون ته حضرت
ميان صاحب نورالله مرقده جن به پنهنجي مريدن لاءِ
فرمائيندا هئا ته ’فلاڻي هنڌ منهنجو يار آهي.‘
***
هڪ وقت پنهنجي مسجد شريف جي ڀرسان وضو ٿي
ساريائون. جڏهن وضو ڪري فارغ ٿيا، ته پنهنجيءَ
سونهاريءَ مبارڪ کي ڦڻي ڏنائون. اوچتو منهنجي دل ۾
خيال پيدا ٿيو ته پير سائينءَ جن رات جو ڦڻي ڏين
ٿا، سو الائي جائز آهي يا نه؟ تنهن تي منهنجي حال
موافق جواب ڏيندي فرمايائون ته:
”سرور عالم عليه الصلات والسلام عشا جي وقت ڦڻي ٿي
ڏني، ته مومنن جي ماءُ حضرت عائشه صديقه رضي الله
تعاليٰ عنها کانئن پڇيو ته ’سائين، روزانو رات جو
ڦڻي ڏيندا آهيو، تنهن ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟‘
پاڻ فرمايائون ته ’رات جو جيڪو شخص سونهاريءَ کي
ڦڻي ڏيندو، تنهن تي قرض نه ٿيندو.‘
پوءِ مومنن جي ماءُ پڇيو ته ’سائين اوهان تي ڪنهن
جو قرض آهي ڇا؟‘
پاڻ فرمايائون ته ’اوهان جو ڪابين (مهر) اسان تي
قرض آهي.‘
تنهن تي ام المومنين عرض ڪيو ته ’سائين مون پنهنجو
ڪابين اوهان کي بخش ڪيو.‘
پوءِ ٻيءَ رات وري ام المومنين ڏٺو ته پاڻ ڦڻي ڏئي
رهيا آهن. تڏهن عرض ڪيائين ته ’سائين جيڪي اسان جو
قرض هئو، اهو ته بخشيو سون، هاڻي ڦڻي ڇا لاءِ ٿا
ڏيو؟‘
پاڻ فرمايائون ته ’جنهن شيءِ مان اهڙو فائدو ٿئي،
ان کي ڇا لاءِ ڇڏيان؟‘
***
هڪ ڀيري ترائي (ڪڙئي گنهورجي ويجهو) ڳوٺ ۾ پير
سائينءَ جن سان گڏ ترسيل هئاسون. پير سائينءَ جن
جي سمهڻ وقت ڏٺم، ته کٽ تي صرف هڪ فراسي پئي هئي.
مون هڪڙي خادم کي چيو ته ’ڪو ٻيو ڪپڙو (پٿراڻي
وغيره) به فراسيءَ تي وڇائڻ لاءِ کڻي اچ.‘ تنهن تي
پاڻ فرمايائون ته ”منهنجي عادت آهي، ته اڪثر مسجد
شريف جي ڪکن تي سمهندو آهيان.“ پوءِ پٿراڻي وڇائي
نه ڏنائون ۽ انهيءَ فراسيءَ تي ئي آرام فرمايائون.
***
(٢٨) هڪ دفعي مهيسرن جي ڳوٺ ۾ ترسيل هئاسون. جڏهن
ننڊ جو وقت ٿيو ته مون ڏٺو ته پير سائين سردار
مسجد شريف جي ڪکن تي ليٽي پيا. پهرياڻ مبارڪ جيڪو
سندن جسم شريف تي هو، اهو به لاهي ڇڏيائون ۽ خالي
ڪکن تي پاسو مبارڪ رکي سمجهي پيا.
***
احمد شاهه ابدالي، دهليءَ تي ڪاهڻ وقت، سنڌ مان
لنگهندي، پريان لوءِ جي بزرگ، مخدوم محمد اسماعيل
جوڻيجي رحه (متوفي ٨ ربيع الاول سن ١١٧٤هه) جن جي
زيارت لاءِ آيو هو ۽ کانئن دهليءَ جي فتح لاءِ دعا
گهرائي هئائين. ان تاريخي واقعي جو ذڪر ڪندي، پاڻ
فرمايائون ته هڪ رات احمد شاهه ابدالي پنهنجي وزير
سان گڏ حضرت مخدوم صاحب جي زيارت لاءِ پريان لوءِ
آيو. مخدوم صاحب پنهنجي هڪ فقير سان گڏجي، شهر کان
ٻاهر اچي، بادشاهه سان ملاقات ڪري، هيٺ زمين تي
ويهي رهيو. احمد شاهه ابدالي بيٺو رهيو. بادشاهه
جي وزير زمين تي پنهنجو ڪپڙو وڇايو. پوءِ بادشاهه
ان ڪپڙي تي ويهي رهيو. تنهن تي فقير، جيڪو مخدوم
صاحب جن سان گڏجي آيو هو، هي بيت پڙهيو:
نڪي ٻانهڙين ۾، نڪي منجهه ڪنن،
محب پايو من، ٿي ملي مالا تن کي.
***
٣. مخدوم محمد دائود آگرو
مخدوم محمد دائود آگرو سونهاريءَ سنڌ جو هاڪارو
درويش ٿي گذريو آهي. هو پير سائين محمد راشد روضي
ڌڻي رحمت الله عليه جو هم مڪتب هو. سندن ٽيون ساٿي
هالاڻيءَ وارو ڀلارو بزرگ سيد عاقل شاهه اول هو.
مخدوم صاحب، هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز جي تعلقي
ڪنڊياري ۾، هالاڻي شهر کان اتر اولهه طرف، ڇهن
ميلن جي پنڌ تي، ڳوٺ محمد خان آڳرا ۾، سن ١١٦٠
هجريءَ ۾ ڄائو هو. اتان، اترطرف، ڇهن ستن ميلن جي
مفاصلي تي درياءُ وهي ٿو. سندس مزار، هالاڻيءَ کان
ڪنڊياري ويندي، ميل کن جي مفاصلي تي، قومي شاهراه
(نيشنل هاءِ وي) جي کاٻي ڪپ تي آهي.
مخدوم صاحب جي ذات وارن آگرن جا ٻيا ڳوٺ ۽ گهرڙا،
درياءَ جي پار، دادو ضلعي ۾، ميهڙ جي ويجهو آهن.
صحيح لفظ
’آڳرا‘ آهي. پر، اڳوڻي زماني ۾، ڪتاب فارسيءَ ۾
لکبا هئا، جنهن ۾ ’ڳ‘ جو اچار آهي ئي ڪونه. سو،
”آڳرا“ ڪتابن ۾ ’آگرا‘ لکبا هئا.
’سن ١٩٠١ع ۾، هڪ انگريزي ڪتاب
Muslim Races Tribes of Sindh
نالي سان سنڌ جي ذاتين تي،
ڇپيو هو، جنهن جو لکندڙ صادق علي انصاري شڪارپوري
هو.‘
انهيءَ ڪتاب ۾، سنڌ جي سيدن، پٺاڻن، بلوچن ۽ سماٽن
جو احوال ڏنل آهي. آڳرن کي ابڙن سان گڏ سماٽن ۾
شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي سنڌ جا قديم رهاڪو آهن.
تاريخ تحفة الڪرام ۽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي
ڇپايل ’سنڌ جي تاريخ‘ ۾ ڏنل احوال مان به معلوم
ٿئي ٿو ته آڳرا سماٽ آهن. مثلا: ’لب تاريخ سنڌ‘ ۾
لکيل آهي ته ست سؤ سال اڳي، سنڌ ۽ ملتان تي
ناصرالدين قباچا حڪومت ڪندو هو، جنهن جي گاديءَ جو
هنڌ ملتان هوندو هو. سندس هٿ هيٺ، ست راڻا، سنڌ ۾،
جدا جدا هنڌن تي راڄ ڪندا هئا، جن ۾ هڪڙو راڻو،
جسوڌن آگرو هو، جو ’مين نگر‘ ۾ تعلقي ’بانڀران
واهه‘ جو حاڪم هوندو هو. بانڀران واهه يا برهمڻ
آباد جا کنڊهر شهدادپور تعلقي ۾ اڃا موجود آهن.
”بانڀران واهه“ فارسيءَ ۾ لکڻ ڪري بگڙي ويو آهي.
”بانڀران“ اصل ۾ سنڌي لفظ ”ٻانڀڻ“ آهي.
شاهه ڀٽائيءَ جسوڌن کي سڪ سان ڳايو آهي. سر ڏهر ۾
اهڙا بيت آهن. هڪڙي ۾ فرمايو اٿس ته:
پٽيهل چئي: ’پرينءَ کي ساري آءٌ سڪو،
آهيم اولاڪو، جسودن جي جان ۾.‘
شاهه جي رسالي ۾، آڳرن (آڳڙين) جي باري ۾ به بيت
آهن، جيڪي آگ يا باهه جو ڪم ڪندا هئا:
اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سراڻي،
پياري پاڻي، تيغون ڪندا تکيون.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”مهراڻ“ رسالي جي ’سوانح
نمبر‘ جي منڍ ۾ سنڌي زبان جا ’ست قديم بيت‘ ڏنا
آهن، جن ۾ هڪ بيت ’آگرا‘ ذات جي شاعر جو آهي. سندس
نالو به جسوڌن آهي. اهو ساڳيو بيت شاهه جي رسالي
۾، سر ڏهر ۾ به ڇپيو پيو آهي. سو، ڊاڪٽر صاحب جي
نظر مان ضرور نڪتو هوندو. بيت هيئن آهي:
ڍور نه اڳينءَ ڍار، مهند ملاحن لکيو
موڙي ڇڏيائون مڪڙا، پسي پاڻي پار
جسوڌن جيها يار، پيا وير وماس ۾.
پير سائين، حسام الدين راشديءَ ’مهراڻ‘ رسالي ۾،
ٺٽي جي آڳاٽي جاگرافي تي هڪ اهم مضمون لکيو آهي،
جنهن ۾ ’آگر، محلي‘ جو احوال ڏنو اٿس. انهيءَ محلي
جا رهاڪو ’آگريا‘ قديم ’آڳڙيا‘ آهن.
صحيح لفظ آڳڙيا آهي، پر فارسيءَ ۾ لکڻ ڪري بگڙي،
آگريا ٿيو آهي. ٺٽي ۾ ’ارغون‘ به رهندا هئا، جي
اصل ۾ ’مغل‘ هئا. ارغونن شاهه بيگ واري زماني م
سنڌ تي راڄ ڪيو هو.
آڳرن وٽ، سندن ذات جي باري ۾ هڪ روايت اها به آهي،
ته ’هو مغلن جي چغدا پاڙي مان آهن.‘ اها ڳالهه مون
سان خود منهنجي چاچي حڪيم عزيزالله آگري (مرحوم)
به ڪئي هئي، جنهن ٽيهارو ورهيه اڳ، ٧٧ سالن جي عمر
۾ وفات ڪئي.
صادق علي انصاريءَ به پنهنجي (مٿي ذڪر ڪيل
انگريزي) ڪتاب ۾ هڪ هنڌ ’آڳرن‘ کي ’چغدن، مغلن‘ ۾
شامل ڪيو آهي ۽ ٻئي هنڌ وري ’چغدن‘ کي ’سمن‘ ۾
شامل ڪيو اٿس.
تازو، سنڌ ادبي بورڊ غلام محمد لاکي جو ’سمن جي
سلطنت‘ نالي سان، ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن ۾ پهرئين
صفحي تي هي بيت ڏنل آهي:
سنڌ سمون، ڪاڇي چنو، ڀٽي جيسلمير،
چوٿون ڀاءُ هو
چغدو، جنهن جو اڱڻ مٿي پير.
مخدوم محمد دائود آگري جي ذات وارا آگرا هالاڻيءَ
مان لڏي، ڇهه ميل، پرڀرو، پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ويٺا
هئا. هالاڻيءَ ۾، مغل قوم جا ماڻهو اڃا تائين رهن
ٿا. لوهارڪو ڌنڌو ڪندا آهن. هڪ دفعي، منجهانئن هڪ
ڄڻو مون کي مخدوم محمد دائود آگري جي مزار وٽ مسجد
۾ مليو. چيائين ته لاڳيتو ٽي راتيون هڪ خواب ڏٺم،
ته ’ٽيپهريءَ جي نماز، هت، هن مسجد ۾ پڙهان ٿو.‘
سو، ان کان پوءِ، هاڻي روزانو هالاڻي شهر مان
ٽيپهريءَ جي نماز پڙهڻ لاءِ هت ايندو آهيان. نماز
پڙهي، موٽي شهر هليو ويندو آهيان. وڌيڪ ٻڌايائين
ته ’اسان مغل آهيون. گهر ۾، سنڌي ٻوليءَ سان گڏ،
پنهنجي اصلوڪي ٻولي به ڳالهائيندا آهيون.‘ مون چيس
ته ’انهيءَ ٻوليءَ ۾ چئه ته درياءُ وهي ٿو.‘ جڏهن
اهي اکر پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ چيائين، ته ڀانيم ته
ڀڳل ٽٽل فارسي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي. اهو به
ٻڌايائين ته وٽن ڪي پراڻا ڪتاب آهن، جي انهيءَ
ٻوليءَ ۾ لکيل آهن.
آڳرا سماٽ ته آهن، پر مغلن سان به سچ پچ ڪو لڳ
لاڳاپو اٿن يا نه، ان باري ۾ تاريخي ثابتي ڪابه
ڪانهي رڳو روايت آهي. ٿي سگهي ٿو ته جڏهن ارغونن
کان حڪومت کسجي وئي هجي ۽ هو سنڌ جي عام ماڻهن سان
رلي ملي هڪ ٿي ويا هجن، تڏهن هنن سنڌ جي سماٽن
(آڳڙين يا آڳرن) سان مٽيون مائٽيون ڪيون هجن.
هاڻوڪي زماني ۾ ان ڳالهه جو هڪ چٽو مثال هي آهي ته
سيد سنڌ ۾، غير سيدن کان نياڻيون وٺندا آهن، پر
کين ڏيندا ڪونه آهن. ليڪن، هاڻي ڪن سيدن سنڌ ۾ غير
سيد ليڪن خوشحال خاندانن ۾ نياڻيون پرڻائي ڏنيون
آهن.
***
مخدوم صاحب جو والد
مخدوم محمد دائود آگري جي والد جو نالو مخدوم
عبدالله هو. هو ايڏو ته هاڪارو شخص هو، جو مير علي
شير قانع پنهنجيءَ ”تاريخ تحفة الڪرام“
۾ سندس ذڪر سنڌ جي مشاهيرن ۾ ڪيو آهي. لکيو اٿس
ته:
”ميان عبدالله، آگرا قوم جو هڪ ڪامل فقير آهي، جو
هن وقت جيئرو ٻڌجي ٿو.“
مير علي شير قانع تاريخ ’تحفة الڪرام‘ ١١٨١ هجريءَ
۾ لکي. پاڻ ١١٤٠ هجريءَ ۾ ڄائو هو ۽ ١٢٠٣ هجريءَ ۾
وفات ڪيائين.
قريشي حامد علي خانائي صاحب جي تحقيق موجب، شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مخدوم عبدالله آگري سان گهرو
گهاٽو رستو هو. کهڙن ڏانهن ايندي ويندي، جڏهن
ساهتيءَ مان لنگهندو هو، ته وٽس ٽڪندو هو. جڏهن هن
جهان مان لاڏاڻو ڪيائين ته سنڌ جي دستور موجب، ان
ڏکوئيندڙ واقعي جو ڄاڻ مخدوم عبدالله آگري کي به
ڪيائون. هن بروقت شاهه صاحب جي ياد ۾، پنهنجن
طالبن ۽ احبابن جي تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي، ۽ دعا
گهرڻ کان پوءِ ڏاڍي ڏک مان چيائين ته ”سنڌ اڄ هڪ
وڏي عالم ۽ اهل الله کان خالي ٿي ويئي.“
شاهه ڀٽائيءَ ١١٦٥هه ۾ وفات ڪئي. مخدوم عبدالله
آگري ١١٩٥هه ۾ وفات ڪئي. سندس ولادت جو سن ١١٢٠هه
آهي.
***
مخدوم محمد دائود آگري جي شخصيت:
مخدوم محمد دائود آگرو، مخدوم عبدالله جو اڪيلو پٽ
هو. پر، ”هڪ رانجهو، لکان دي مٽ“ ٿيو. جڏهن وڏو
ٿيو، ته علم ۽ عمل جي سونهن سببان ايڏو ته هاڪارو
ٿيو، جو ماڻهن کان خود سندس والد به وسري ويو. سنڌ
۾ درس نظاميءَ جي بنياد وجهندڙ عالمن ۾ سندس نالو
نمايان هو. هالاڻيءَ جي ساداتن ۾، سيد غلام نبي
شاهه صاحب وٽ هڪ قلمي نسخو ٻڌجي ٿو، جيڪو مخدوم
صاحب جو لکيل آهي ۽ درس نظاميءَ جي نصاب ۾ پڙهايو
ويندو هو.
مخدوم صاحب وڏو عالم هو. ڪيئي ڪتاب لکيائين، جي
علمي ۽ مذهبي نوعيت جا هئا. ان زماني ۾ ڇپائيءَ جو
رواج ڪونه هو. وٽس قيمتي قلمي ڪتابن جو ڪتبخانو
هوندو هو. سندس هٿ اکرن ۾ لکيل مولانا روميءَ جي
مثنوي سنڌي ادبي بورڊ ۾ هڪڙو شخص وڪري لاءِ کڻي
آيو. مون خريد ڪري، جلد ٻڌائي بورڊ جي ڪتبخاني ۾
محفوظ ڪئي هئي.
مخدوم صاحب جو ڪتبخانو توڙي مدرسو ٻئي هالاڻيءَ ۾
هئا. سندس وفات کان پوءِ به اهو مدرسو، ڪافي عرصو،
آگرن، عالمن هلايو، جن ۾ مخدوم عبدالڪريم آگرو،
مخدوم محمد معروف آگرو ۽ مخدوم صاحبڏنو آگرو گهڻو
مشهور ٿيا.
مخدوم محمد دائود آگرو، جيڏو وڏو عالم هو، ايڏو
رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۾ سادو هو. پنهنجي عقيدي ۽ اصول تي
سختيءَ سان هلندو هو. جوڙيءَ جا ڪپڙا ۽ سنڌي موچڪي
جتي پائيندو هو. مٿي تي پڳ به جوڙيءَ جي ٻڌندو هو.
سندس پڳ جو هڪ ننڍو ٽڪر (منهنجي چاچي مرحوم) عزيز
الله آگري کي مليو، سو سانڍي رکيائين. سندس وصيعت
موجب، وفات کان پوءِ، اهو ڪپڙو سندس اکين تي رکي،
خاڪي جسم لحد ۾ لاٿائون. اهڙيءَ ريت، ٻين ڪيترن
ماڻهن مخدوم صاحب جون ڪي ٻيون شيون پاڻ وٽ تبرڪ
ڪري رکيون. پر، افسوس آهي ته سندس قيمتي ڪتبخانو
محفوظ ڪونه رهيو. ڪي ڪتاب ته اسان واري زماني ۾ به
ٻاهريان ماڻهو تڳائي ويا. البت، سندس هٿ اکر لکيل
قرآن پاڪ، نثار احمد آگري محفوظ ڪري، ڳوٺ جي جامع
مسجد جي لئبرريءَ ۾ رکيو آهي.
هالاڻيءَ جا ميمڻ سيٺيون ۽ ٻين ذاتين وارا---- خود
سادات مخدوم صاحب جو وڏو احترام ڪندا آهن. سندس
ذات وارن کي ’آگرا، مخدوم‘ ڪوٺيندا آهن. تازو، سيد
واحد بخش شاهه (مرحوم) هي جهان ڇڏيو ته وصيعت ڪري
ويو ته ’مون کي مخدوم صاحب جي پيرانديءَ ۾ رکجو.‘
هونئن، سنڌ ۾، سيد، امتيءَ جي پيرن ۾ ڪونه پوربو
آهي. هالاڻيءَ، نوشهري فيروز ۽ دادوءَ جي ميمڻ
سيٺين جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون آهن. دادوءَ جو سيٺ
(مرحوم) شمس الدين ميمڻ، مون کي حيدرآباد ۽ اسلام
آباد ۾ خط لکندو رهندو هو، ته مخدوم صاحب جي
حياتيءَ جو احوال گڏ ڪري ڇپائڻ گهرجي.
مخدوم صاحب جي ڳوٺ وارا ماڻهو ساڻس وڏي عقيدت
رکندا آهن ۽ اوکيءَ سوکي سندس مزار تي خير،
خيراتون ڪندا آهن ۽ رب کان دعائون گهرندا آهن.
منهنجو والد بزرگوار پيرن فقيرن ڏي اصل رايو ڪونه
رکندو هو. بلڪ کانئن ونءٌ ويندو هو. پر، مخدوم
صاحب ۾ وڏو يقين هئس. هڪ دفعي ڳالهه ڪيائين، ته
اتر سنڌ ۾ هڪ وڏيءَ درگاهه تي فاتح پڙهيم ۽ دعا
گهريم. رات جو ننڊ ۾ اهي اکر ٻڌم ته ”اسان وٽ ڇو
آيو آهين؟ هالاڻيءَ جي ڀرسان، ڊٻ ۾، تنهنجو پنهنجو
’ٺوڙهو‘ جو ستو پيو آهي.“
چون ٿا ته مخدوم صاحب جو پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مائي
صاحبه سان شاديءَ جو ارادو هو، جنهن جي مائٽن،
زماني جي ڪن معاملن ڪري، سڱ ڏيڻ کان عار ڪيو. پاڻ
ناراض ٿي، ڳوٺ ڇڏي، هالاڻيءَ هليو ويو. اتي مسجد ۽
مدرسو قائم ڪيائين. سڄي زندگي تصنيف، تاليف ۽ درس
تدريس ۾ گذاري ڇڏيائين. نه شادي ڪيائين ۽ نه وري
موٽي ڳوٺ جا وڻ ڏٺائين. هالاڻيءَ ۾ وفات ڪيائين ۽
اتي ئي دفن ٿيو.
سندس مزار تي چوڪنڊي آهي، پر قبو ڪونهي. شرعي لحاظ
کان، ان ڳالهه کي پسند ڪونه ڪندو هو. اها چوڪنڊي
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي چوڪنڊيءَ وانگر آهي.
انهيءَ جي پاسي ۾، قومي شاهراه جي ڪپ تي، وڏي مسجد
بيٺي آهي، جيڪا آڳرن جي نيڪمرد، وڏيري محمد خان
(مرحوم) ٺهرائي هئي. هاڻي، مرامت طلب آهي. وڏيري
محمد خان (مرحوم) جو هاڻوڪو جانشين، الله داد خان
آگرو سخي مرد آهي. سو، اميد آهي ته هو پنهنجن نيڪ
نام وڏڙن جي روايت موجب، مسجد شريف ۽ مخدوم صاحب
جي چوڪنڊيءَ جي مرمت جو ڪم، خاطرخواه نموني ۾
ڪرائيندو.
مخدوم صاحب پاڻ به هالاڻيءَ ۾ هڪ مسجد جوڙائي هئي،
جا ساداتن واري محلي ۾ هئي. سنڌي ادبي بورڊ جي
”مهراڻ“ رسالي جي مدير، نفيس احمد شيخ، مون کي
ٻڌايو ته ڪراچيءَ جي هفتيوار ”آزاد“ جي ١٢ جولاءِ
١٩٨٢ع واري پرچي ۾ سيد عاقل شاهه (اول) جي پڙ -
ڏوهٽي، سيد مدد علي شاهه مرحوم جو هڪ خط ڇپيل آهي،
جنهن ۾ چيل آهي، ته:
”هالاڻيءَ جي شهر ۾، جمعي نماز ساداتن واريءَ مسجد
۾ ٿيندي آهي، جنهن جو پايو مخدوم محمد دائود آگري
وڌو هو. سيد عاقل شاهه اول، پڻ انهيءَ ئي مسجد ۾
درس ڏيندو هو.“
***
بابا سائين ٻڌائيندو هو ته جڏهن پير سائين روضي
ڌڻي رحمت الله عليه هالاڻيءَ تشريف فرما ٿيندا هئا
ته ڪيئي ماڻهو پيادا ۽ اٺن توڙي گهوڙن تي ساڻن گڏ
سوار هوندا هئا. پر، انهن کي ڪنهن هنڌ ترسائي، پاڻ
اڪيلي سر مخدوم صاحب سان ملڻ ايندا هئا. مخدوم
صاحب اهڙي موقعي تي پير سائينءَ لاءِ چوٿڙو چانورن
جو پنهنجن هٿن سان، چاڙهيندو هو.
اها ڳالهه ٻڌي، مون دل ۾ چيو ته اها ڪهڙي مهماني
ٿي! پر، پوءِ پير سائينءَ جي ملفوظات شريف ۾
پڙهيم، ته هيڪر پاڻ ڪنهن دعوت تي آيا. جڏهن سندس
خدمت ۾ طعام پيش ڪيو ويو ته پڇيائون ته ”ڇا آندو
اٿو؟“ خليفي چيو ته،؟ قبلا، ٻوڙ ۽ پلاءُ! تڏهن پير
سائينءَ فرمايو ته، ”اهو نه کپي. ساڳ ۽ جوئر جي
ماني کپي.“ خليفو پهريائين ته منجهي پيو، پر پوءِ
ساڳ ۽ جوئر جي ماني آڻي پيش ڪيائين. ان زماني ۾
عام رهڻي ڪهڻي هونئن ئي سادي هئي. پير سائين سردار
ته ”الفقر الفخري“ جا قائل هئا.
ملفوظات شريف ۾ ذڪر آهي ته، پير سائين روضي ڌڻي جي
والد بزرگوار کين شڪارپور واري فقير الله علويءَ
جي مدرسي مان ڪڍي، ڪوٽڙي ڪبير جي مدرسي ۾ تعليم
لاءِ داخل ڪرايو. اتي سائين عاقل شاهه (اول) ۽
مخدوم محمد دائود آگرو، مخدوم يار محمد صاحب وٽ
ساڻن گڏ پڙهندا هئا. اهو بزرگ ۽ ڪوٽڙي ڪبير جو
مدرسو سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هوندو هو.
ڪوٽڙي ڪبير جي ديني اهميت:
ڪوٽڙي ڪبير شهر تي اهو نالو مخدوم يار محمد جي نيڪ
نام ڏاڏي، مخدوم محمد ڪبير پٺيان پيو. وڏو درويش
هو. مخدوم نوح رحمة الله عليه جو همعصر هو.
مون سان ويهه پنجويهه ورهيه اڳ، سندس سجاده نشين،
ميان غلام قادر پيرزادي (مرحوم) ڳالهه ڪئي، ته
جڏهن سنڌ ۾ مدد خان پٺاڻ جي ڦرلٽ جو شور هو، تڏهن
مخدوم محمد دائود آگري پنهنجي استاد کي عرض ڪيو ته
”اجازت هجي، ته مدد خان پٺاڻ کي خط لکي موڪلجي، ته
ڪوٽڙي ڪبير درويشن ۽ ديندارن جو مسڪن آهي، هيڏي نه
اچي.“ سندن استاد فرمايو ته، ”ابا، هن نامراد ۾
ايڏي ساڃهه ڪانهي.“بهرحال، سندن اجازت سان، مخدوم
محمد دائود آگري، مدد خان کي خط لکي موڪليو. ان ۾
ڪوٽڙي ڪبير جي بزرگن بابت هڪ شعر وڌائين.
روايت اها آهي ته مدد خان پٺاڻ انهيءَ خط پهچڻ کان
پوءِ ڪوٽڙي ڪبير ته آيو، پر، ڪابه نازيبا ڳالهه
ڪانه ڪيائين.
مدد خان پٺاڻ جي سنڌ ۾ آمد ۽ ڦرلٽ، بهرحال، هڪ
تاريخي واقعو آهي، ۽ اها به حقيقت آهي، ته هن
ڪوٽڙي ڪبير ۾ ڦرلٽ ڪانه ڪئي هئي.
مخدوم محمد دائود آگري سان ٻيون به اهڙيون گهڻيون
روايتون ۽ ڪرامتون منسوب آهن، پر مون ڄاڻي ٻجهي هت
انهن جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي، ڇو ته ماڻهن پيرن فقيرن
جي باري ۾، اکيون ٻوٽي، بيشمار ڪوڙيون ڪرامتون
گهڙيون آهن، جن سنڌ جي ذهن کي وڏو نقصان پهچايو
آهي. سائين شاهه محمد شاهه، اڳوڻو چيئرمن سنڌ
ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، مون کي ٻڌائيندو هو، ته هڪ شخص
ساڻس ڳالهه ڪئي ته ’منهنجو مرشد پکيءَ وانگر
اڏرندو آهي. هڪ گهوڙي جي پٺيءَ تان اڏامي وڃي، ٻئي
تي وهندو آهي!‘
مان ڪرامتن کان انڪار ڪونه ٿو ڪريان ۽ الله وارن
جي غير معمولي فهم، ادراڪ ۽ قول جي تاثير جو قائل
آهيان. منهنجو به عقيدو آهي ته رب پاڪ جي حضور ۾
سندن التجا کي وڏو مان ملي ٿو. پر، هن ڪائنات جو
نظام هلائڻ لاءِ قدرت جا قانون مقرر آهن. اهي اڻٽر
آهن. ايتريقدر جو حضور پيغمبير صلي الله عليه وآله
وسلم جن فرمايو آهي ته مون کي غيب جو علم ڪونهي.
جي هجي ها، ته تڪليفون ڇو اچن ها.
پير سائين روضي ڌڻي رحمته الله عليه جن جي تڙ -
پوٽي پير رشيدالدين جهنڊي واري جو قول آهي ته:
”ڪشف، ڪاني ۽ ڪرامت، ٽيئي ڪفر جو ٽڳو،
مڙس اهو ڀلو، جيڪو ٽنهي کان ڀڳو.“
دنيا جي هاڪاري سائنسدان، آلبرٽ آئنسٽائين چيو آهي
ته ”معجزن ۽ ڪرامتن تي اعتبار ڪرڻ جو منطقي مطلب
وڃي اهو بيهندو، ته قدرت جا ٺاهيل قانون نامڪمل
آهن، سو کين مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت بوقت ترميم جي
ضرورت پوي ٿي.“
ڪوٽڙي ڪبير جي تاريخي اهميت:
ميان غوث محمد پيرزادي صاحب مون کي ٻڌايو آهي ته
ڪوٽڙي ڪبير جو اصلوڪو نالو راءِ ڳڙهه هو. ان جو
بنياد ٻڌ ڌرم جي راءِ سهاسي اول وڌو هو. هن راءِ،
ڳڙهه جي ڀرسان، بچاءَ جي لحاظ کان، لشڪر لاءِ هڪ
ڪوٽ به ٺهرايو هو، جنهن جا آثار ڏيون - ڳوٺ جي شاخ
وٽ موجود آهن.
راءِ، ڳڙهه وڏو دريائي پتڻ هو ۽ اروڙ ڏانهن ويندڙ
واٽ تي هو، جنهن کي ’رائري‘ ڪوٺيندا هئا. سنڌ جي
راءِ کي انهيءَ ئي راهه تان، جنس ۽ نقديءَ جي صورت
۾ ڍل موڪلي ويندي هئي. راجا کي راءِ ڪوٺيندا هئا.
سندس تختگاهه اروڙ هو.
راءِ سهاسي، پتڻ تان درياءُ ٽپي، سيوهڻ ويندو هو،
جتان جو مقامي حاڪم هڪ قديم قلعي ۾ رهندو هو. چون
ٿا ته اهو قلعو چندرگپت جي ڀاءٌ ٺهرايو هو. پر،
عام مشهور آهي، ته سڪندر ٺهرايو هو. ٻڌجي ٿو ته
آثار قديمه وارا هاڻي انهيءَ قلعي جي کوٽائي ڪرائڻ
وارا آهن.
سيوهڻ، منهنجي خيال موجب، هن وقت سنڌ جو قديم ترين
شهر آهي. انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ لکيل گزيٽيئرن
موجب، سڪندر جي حملي وقت، ان جي وڏي رونق هئي. پر،
ان کان به گهڻو اڳ، جڏهن مهاڀارت جي جنگ لڳي هئي،
تڏهن به سيوهڻ پنهنجي جوڀن تي هو.
سيوهڻ واري علائقي کي ”ٻڌيه“ (ٻوڌي) ۽ ساهتيءَ کي
سمه (سما) ڪوٺيندا هئا. اتي سهتا قوم گهڻي رهندي
هئي. ساهتيءَ جو دنگ، هاڻوڪيءَ راڻيپور جي اتر ۾
گهلپور کان وٺي، هيٺ ڏکڻ اولهه ۾ دولتپور تائين
هو. ساهتيءَ جو سڄو علائقو، ڪوٽڙي ڪبير، هالاڻيءَ،
بهالاڻيءَ، خانواهڻ، جلباڻين، ديهات، خشڪن، تنين،
آڳرن، ڀئونرن، بکريءَ، محبت ديري سيال ۽ محبت ديري
جتوئيءَ، موسيٰ ديري، ڪمال ديري، ڪنڊياري، ڊڀري،
نوشهري، جتوئين، مٺياڻيءَ، موري، بهڻن، بلڪ، ويندي
دولتپور تائين
سڄوئي دريائي پٽ وڏيءَ تاريخي اهميت وارو علائقو
آهي، ڇو ته جڏهن درياءَ جي هڪ طرف، موهن جي دڙي
جيڏو عاليشان شهر بيٺو هوندو، تڏهن ٻيو طرف صفا
سڃو ڪونه هوندو. اتي به ڪيئي ننڍا وڏا شهر هوندا.
چون ٿا ته اڳئين زماني ۾، هالاڻيءَ وٽان هڪ راهه
نڪرندي هئي، جا ٻيلي مان لنگهي، موهن جي دڙي تي
ويندي هئي.
هالاڻيءَ جو شهر تمام پراڻو آهي. ڪنڊرياري وانگر،
دڙن تي وري وري اڏيل آهي. انگريزن جي زماني ۾ لکيل
گزيٽيئرن موجب، ڪنڊرياري جو شهر جهانگير بادشاهه
جي زماني ۾ ٻڌو هو. پر، انهيءَ کان به اڳ، انهيءَ
ئي هنڌ تي، هندڪي نالي سان هڪ پراڻو شهر هوندو هو.
خبر ناهي ته اهو ڪيترو قديم هو؟ هالاڻيءَ جي قدامت
جي به ڪا خبر ڪانهي. اتان پراڻي زماني جا ٺڪر جا
عجيب ٿانءَ ۽ ٻيا سامان مليا آهن، جن مان ڪي ميان
غوث محمد پيرزادي وٽ محفوظ آهن. تمام پراڻا آهن.
ويجهي دور ۾، ڪلهوڙن ۽ ميرن ۾ فيصله ڪن جنگ به
هالاڻيءَ وٽ لڳي هئي. انهيءَ جنگ جي ميدان ۾ اڃا
ٺڪراٺو پکڙيو پيو آهي. پير سائين روضي ڌڻيءَ جي
ملفوظات ۾ انهيءَ جنگ جو ذڪر آهي. فرمايو اٿن ته
”اسان انهيءَ جنگ وقت انهيءَ هنڌ موجود هئاسون.“
هالاڻيءَ جي ٻاهران مير محراب واري تاريخي مسجد فن
تعمير جو هڪ شاهڪار آهي. سنڌ جي رازن ۽ ڪاريگرن
منجهانئس پهرينءَ تاريخ جو چنڊ ڏسڻ جو عجب انتظام
رکيو آهي. اهڙو ئي ٻيو شاهڪار، ويساکيءَ وارو مندر
آهي، جنهن جهڙو ٻيو سڄيءَ سنڌ ۾ ڪٿي به ڪونهي.
ويساکيءَ جي تاريخ تمام پراڻي آهي هالاڻيءَ ۾
ويساکيءَ جو ميلو اڃا لڳندو آهي، جنهن ۾ وڏي خلق
ايندي آهي. سنڌ ۾ اهو ميلو ائين ئي لڳي ٿو، جيئن
نوروز جو جشن ايران ۾ ملهايو وڃي ٿو.
هالاڻيءَ جي ٻاهران اهو تاريخي قبرستان، جتي مخدوم
محمد دائود آگري جي تربت مبارڪ آهي، تمام قديم
آهي. سنڌ جا ڪيئي مشاهير منجهس ابدي آرام ۾ آهن.
***
مخدوم هنڱورجن جي استادن ۽ شاگردن جو سلسلو:
مخدوم محمد دائود آگري جي استادن جو سلسلو مولانا
عبدالحڪيم سيالڪوٽيءَ کان ٿيندو، مولانا نظام
الدين تائين وڃي ٿو، جيڪو درس نظاميءَ جو باني چيو
وڃي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اهو سلسلو اڃا به اڳتي هلي،
علي بيضويءَ تائين پهچي ٿو، جيڪو اسلامي دنيا جي
مشاهيرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
دادو ضلعي جي هڪ بزرگ، مولانا ڪريم بخش منگسيءَ
ويهارو ورهيه اڳ مون سان سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملاقات
ڪئي هئي ۽ مخدوم محمد دائود آگري جي استادن جي
سلسلي جي فهرست عنايت ڪئي هئي، پر مون کي منجهس
ڪجهه خال نظر اچن ٿا. بهرحال، سلسلو هيئن آهي:
مخدوم محمد دائود آگرو شاگرد مولانا محمد آريجن
واري جو سندن استاد مولانا قل احمد، سندن استاد
مولانا امين الحسيني شهيد، سندن استاد عبدالله
ڪمال الدين ڪاشميري (جيڪو استاد هو امام رباني
مجدد الف ثانيءَ جو) سندن استاد مولانا نظام
الدين، جنهن جو درس نظامي دنيا ۾ مشهور آهي. سندن
استاد مولانا دانيال، سندن استاد مولانا
عبدالسلام، سندن استاد مولانا سعيدالدين، سندن
استاد مولانا عضدين، سندن استاد مولانا زين
العابدين، سندن استاد مولانا ناصرالدين ابوالخير
عبدالله، جيڪو پٽ هو عمر بن محمد بن عليءَ جو جنهن
کي علي بيضوي ڪوٺيندا آهن.
مخدوم صاحب جي استادن ۽ شاگردن جو سلسلو، درحقيقت،
ڏاڪي به ڏاڪي، ڪيئن آهي، تنهن جي پڪي خبر ڪابه
ڪانهي. مثال جي ڳالهه ته پير سائين روضي ڌڻيءَ جي
پرواني، مولوي عبداللطيف سڪندريءَ پنهنجيءَ تصنيف
’روحاني رمزون‘ ۾ لکيو آهي ته ”پير سائين، روضي
ڌڻي رحمت الله عليه شاگرد آهن مولانا محمد آريجن
واري جا ۽ اهي پاڻ شاگرد آهن مخدوم محمد دائود
آگري جا.“
پر، عام طرح ائين ئي سمجهيو ويندو آهي ته پير
سائين روضي ڌڻي رحه، سائين عاقل شاهه، اول ۽ مخدوم
دائود آگرو ٽئي اول ڪوٽڙي ڪبير ۾ گڏ پڙهندا هئا ۽
پوءِ مولانا محمد آريجن واري وٽان فارغ التحصيل
ٿيا.
انگريزن جي آمد کان اڳ سنڌ ۾ علم تعليم ۽ درس
تدريس جو نظام، ديني مدرسن جي ذريعي هلندو هو.
انهن ۾ هڪ مدرسو شهدادڪوٽ ۾ هو، جو مولانا غلام
صديق شهداد ڪوٽيءَ ڪري گهڻو مشهور ٿيو. سندس هڪ
شاگرد، قاضي محمد ابراهيم هو، جيڪو ڪارڙن جي شهر
جو ويٺل هو. هن سنڌ جي ديني عالمن جو هڪ سلسلو
فارسي نظم ۾ قلمبند ڪيو آهي، جنهن مان به مخدوم
محمد دائود آگري جي استادن ۽ شاگردن جي سلسلي تي
ڪجهه روشني پوي ٿي. لکيو اٿس ته:
غلام صديق جيڪو پنهنجي زماني جو استاد هو، ۽
’تحقيق جي فن جو علامه‘ هو، تنهن پنهنجي ڀاءُ گل
محمد، جيڪو ’فخر جهان‘ هو، کان تعليم پرائي. هن
وري نور محمد نالي هڪ عالم کان تعليم حاصل ڪئي، جو
پنهنجي والد کان پڙهيو هو، جو ’سمورا علم‘ پڙهيل
هو. سندس درگاهه شهداد ڪوٽ ۾ هئي. موصوف وري
همايون شهر جي خليفي يعقوب کان پڙهيو هو، جو
مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ کان مستفيد ٿيو هو.
اهو بزرگ وري هالاڻيءَ جي عاليجاه، سيدعاقل شاهه،
جيڪو چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر خوبصورت هو، ۽ وڏن
وارن ڪري ’گيسوئي دراز‘ سڏبو هو، وٽ پڙهيو هو. سيد
عاقل شاهه اول ’آگرن جي شهر جي فاضل‘، محمد دائود
آگري وٽ پڙهيو هو، ۽ پوءِ محمد آريجن واري کان علم
جي تحصيل ڪئي هئائين.
انهيءَ بزرگ کي علم جي تحصيل جو شوق پنجاب ۾ قل
احمد وٽ وٺي ويو، جنهن ابوالحسن شهيد کان سڀ علم
پرايا هئا. اهو وري عبدالله کان مستفيد ٿيو هو، جو
’عالم عارف ۽ خداشناس‘ هو. موصوف، مولانا
عبدالحليم کان مستفيد ٿيو هو، جيڪو سيالڪوٽ جو
ويٺل هو. اهڙيءَ ريت، عالمن جو هي سلسلو سعدالدين
تائين پهچي ٿو. جنهن جو وطن تفتان هو.
ديني مدرسن استادن ۽ شاگردن جي هن سلسلي موجب،
سائين عاقل شاهه اول، مخدوم محمد دائود آگري وٽ
پڙهيو هو. پر، ممڪن آهي ته ائين نه هجي. ٻئي هم
درس هجن. خاطريءَ سان رڳو ايترو چئي سگهجي ٿو ته
مخدوم محمد دائود آگري جو پير سائين سردار، روضي
ڌڻي رحه سان تعلق ”هم مڪتب“ هئڻ ڪري ٿيو ۽ انهيءَ
ئي تعلق سببان پاڻ سائين عاقل شاهه اول جي قرب ۾
به ايترو ته جڪڙجي ويو، جو جڏهن مٽ مائٽ ۽ ڳوٺ جا
وڻ ڇڏيائين، تڏهن زندگيءَ جا باقي ايام سندس ئي
صحبت ۾ گذاريائين.
سچا ماڻهو هئا. ڀلارا ۽ بزرگ هئا. اخلاق ۽ اخلاص
جو اهڙو درس ڏئي ويا، جيڪو اهل دل انسان کي صديون
ياد رهندو.
***
مخدوم صاحب جي وفات:
مخدوم محمد دائود آگري هي جهان سن ١٢٢٤هجريءَ ۾
ڇڏيو. وفات وقت سندس عمر چوهٺ ورهيه هئي.
مڪتوبات شريف
هيءُ ڪتاب، پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رحمة
الله عليه جي حيات ۽ تعليمات جي مطالعي لاءِ ڏاڍو
اهم آهي. اصل ۾ اهو ڊاڪٽر نذر حسين سڪندريءَ جو
تحقيقي مقالو هو، جيڪو اسلامي ڪلچر ۾، پي ايڇ. ڊي
جي ڊگريءَ وٺڻ لاءِ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيو
هئائين.
ڪتاب جو ’پيش لفظ‘ مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ لکيو
آهي. مفتي صاحب شاهپور چاڪر جي مدرسي ’صبغت
الهديٰ‘ جو پرنسيپال آهي. پر، سندس اصل سڃاڻپ اها
آهي ته پاڻ جميعت علماء سڪندريءَ جو هڪ اهم ستون،
دين جو وڏو عالم، ۽ هڪ اهڙو ته نهٺو انسان آهي،
جنهن جي اعليٰ اخلاص جي هنڌين ماڳين هاڪ آهي.
مڪتوبات شريف جي باري ۾ پاڻ جيڪي ’ٻه اکر‘ لکيا
اٿس، تن ۾ اها وضاحت فرمائي اٿس، ته پير سائين
سردار، وقت بوقت، پنهنجن باڪمال خليفن ۽ همعصر
عالمن کي سندن سوالن جا جواب لکي عنايت ڪندا هئا.
اهي مڪتوبات شريف، سندن ڪڙئي گنوهر واري خليفي،
فقير محمود نظاماڻيءَ ڪتابي صورت ۾ گڏ ڪيا هئا.
ملفوظات شريف کي به جمع ڪرڻ جو ڪارنامو خليفي صاحب
سرانجام ڏنو هو. دراصل، خليفو صاحب، پنهنجي سر، هڪ
همه صفت شخصيت هو، وڏو عالم هو.
ڊاڪٽر نذر حسين سڪندريءَ اهي مڪتوبات شريف سنڌي
زبان ۾ ترجمو ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي. پڻ پير سائين
سردار جي پرواني جي حيثيت ۾، سندن سوانح حيات تي
محنت ۽ مشقت ڪري اهم واقعا قلمبند ڪيائين. قدرت
سندس پورهيو سجايو ڪيو. پي ايڇ. ڊي جي ڊگري به
مليس ۽ ثواب الدارين به حاصل ڪيائين.
ڪتاب ۾ پير سائينءَ جن جا ڪل ڇائيتاليهه خط آهن،
جن مان اڪثر ديني مسئلن متعلق آهن. پر، ڊاڪٽر نذر
حسين سڪندريءَ جي لفظن ۾ ”منجهن علم، ادب، تاريخ ۽
تصوف جو وڏو ذخيرو آهي. پهريون پهريون خط سياسي
آهي، جيڪو خليفي محمد حسين مهيسر ناڙيءَ واري جي
جواب ۾ لکيائون.“ انهيءَ مڪتوب مبارڪ مان، ان وقت
جي ملڪي حالتن ۽ سندن طبيعت جي لاڙن جي معلومات
ملي ٿي. بلاشبه، پير سائين سردار جي ملفوظات شريف
وانگر مڪتوبات شريف پڻ علم ۽ معرفت جو انمول خزانو
آهي.
هن ڪتاب جي تصنيف ۽ طباعت ۾ جن عالمن ۽ بزرگن
ڊاڪٽر نذر حسين سڪندريءَ جي علمي مدد ڪئي، تن جا
نالا ڏنا اٿس. محترم مير محمد وساڻ هن علمي ۽ ديني
ڪم کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ گهربل مالي
معاونت ڪيس. اها ڳالهه هروجه قابل تحسين آهي.
پنجاب ۾ اڃا ڪي خاندان پنهنجن اڳوڻين شاندار علمي
روايتن موجب، ديني مدرسن ۽ علمي ادارن جي سرپرستي
ڪن ٿا. سنڌ ۾ صاحب ثروت طبقو گهڻي ڀاڱي زميندارن
تائين محدود آهي، جن هن زماني ۾ به ڪارخانيداريءَ
۾ منهن ڪونه وڌو آهي. منجهانئن ڪن جو ذاتي ذوق،
شوق، اڃا سوڌو، ڪتابن پڙهڻ ۽ ڇپائڻ بدران، ڪتن ۽
ڪڪڙن ويڙهائڻ تي آهي. وساڻ صاحب، اهڙن سرنديءَ
وارن صاحبن لاءِ هڪ سهڻو مثال قائم ڪيو آهي.
مون کي هن ڪتاب کي ڏسڻ جي حسرت دل ۾ رهجي وڃي ها.
پر، منهنجي ڪرم فرما، محترم عبدالرسول قادريءَ عين
ان وقت هڪ ڪاپي تحفي طور موڪلي ڏني، جڏهن ”سنڌ جا
بر بحر ۽ پهاڙ“ ڪتاب پريس ۾ وڃي رهيو هو. ڀلن کان
ڀلايون ئي ٿينديون آهن. مان ته رڳو سندس ٿورا ڳائي
سگهان ٿو.
|