سونهاريءَ سنڌ جي سرزمين تي، الائي ته ڪيتري زماني کان وٺي،
الله وارن پنهنجا پاڪ پير گهمايا آهن. پر، انهن
مڙني ۾، قلندر لعل شهباز ٻين کان ائين ئي منفرد ۽
ممتاز بيٺو آهي، جيئن نيري آسمان جي ڪروڙن تارن ۾
قطب تارو.
هڪ ڀيري حيدرآباد مان ريل گاڏيءَ رستي ڳوٺ پئي ويس. منهنجو
همسفر هڪ ڳوٺاڻو شخص هو، پر ڏاڍو دلچسپ هو. خبر
ناهي ته ڪيئن قلندر شهباز جي ڳالهه نڪتي. چيائين
ته، ”سائين، سنڌ جي سمورن اوليائن سندس روضي تي
حاضري ڀري آهي.“
مون چيس ته، ”ڀٽائيءَ به؟“
چيائين ته، ”ڀٽائي صاحب قلندر شهباز جي روضي تي چاليهه ڏينهن
مٽِي ڀري آهي.“
’مٽِي ڀرڻ‘ جو محارو سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڳي عام جام رائج هوندو هو.
شايد اڃا به هجي. مون پنهنجين اکين سان ڳوٺن ۾
اهڙا ماڻهو ڏٺا، جيڪي روزانو ڪنهن نه ڪنهن درگاهه
يا مقدس جاءِ، يا عام رهگذر تي مٽِي ڀريندا هئا ۽
ان کي خير جو ڪم سمجهندا هئا. ڀائيندا هئا ته ڪو
واٽهڙو اڃارو هوندو، ته پاڻيءَ ڍڪ پي، کين دعا
ڪندو.
پر، ڪنهن درويش جي درگاهه تي مٽي ڀرڻ جي اصطلاحي معنيٰ وڃي
ٿيندي انهيءَ بزرگ سان پنهنجيءَ عقيدت جو اظهار
ڪرڻ. سو، مون ائين ئي سمجهيو، ته هن يار جو مطلب
آهي ته ڀٽائي صاحب به قلندر لعل شهباز سان صدق
رکندو هو. ڪجهه ڏينهن ٿيا، ته محبوب صادق نالي
منهنجي هڪ علم دوست، (جيڪو پنهنجي ڌنڌي روزگار سان
گهڻو ڪري، سعودي عرب ۾ رهندو آهي)، ڪراچيءَ ۾
ڪچهري ڪندي، هڪ بيت ٻڌايو ۽ چيائين ته، ”ڀٽائي
صاحب اهو بيت تڏهن چيو هو، جڏهن پاڻ قلندر شهباز
جي درگاهه جي مٽي ڀريندو هو.“
ستت ئي محمڪه اطلاعات حيدرآباد جي طرفان سال ١٩٦٣ع ۾ ”نذر
شهباز“ نالي سان ڇپايل هڪ ڪتابڙو ڏٺم، جنهن ۾ به
اهڙي ڪا ڳالهه ڪيل هئي. منجهس هڪڙو مضمون ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي صاحب جو لکيل آهي. عنوان اٿس
”قلندري آستاني تي.“ ميمڻ صاحب لکي ٿو ته:
”سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي لعل جي درگاهه جو
پانڌيئڙو هو. سنڌ جو محب وطن بزرگ، مخدوم بلال به
ٻيڙيءَ تي چڙهي، سندن زيارت لاءِ ايندو هو. مخدوم
جعفر بوبڪن واري جهڙو عظيم عالم به سيوهڻ سرڪار جي
سلام تي ويندو هو.“
انهيءَ ئي ڪتابڙي ۾، محبوب علي چنا صاحب پنهنجي مضمون ”قلندر
شهباز سيوهاڻي“ ۾ وري ائين لکيو آهي ته:
”مخدوم بلال ۽ مخدوم جعفر جهڙا بزرگ روحاني ڪچهريءَ لاءِ قلندر
لعل شهباز جي آستاني تي حاضري ڏيندا هئا.
ازانسواءِ، ٻيا ڪيئي مشاهير کانئن مستفيد ٿيا، جن
۾ سيد حيدر سنائي (سائين جي. ايم. سيد جو تڙ ڏاڏو)
به شامل هو.“
حافظ محدم احسن چنا پنهنجي مضمون ۾ لکيو اهي ته ”شاهه صدر
لڪياريءَ سان به لعل جون ملاقاتون ٿينديون هيون.“
راڻي ڀڳوانداس وري ساڳئي ڪتابڙي ۾ پنهنجي مضمون ۾
”قلندر نامه هنديءَ“ جي حوالي سان لکيو آهي ته:
”قلندر لعل شهباز کان فيض حاصل ڪندڙن ۾ پير پٺي ۽ ساجن سوائيءَ
جهڙا وڏا بزرگ شامل آهن. سنڌ جي سڀني صوفين حضرت
شهباز کي پنهنجو روحاني رهبر تسليم ڪيو آهي. شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ، سچل سرمست، بيدل، بيڪس، سيد
ثابت علي شاهه، نجفيءَ ۽ فقير خير محمد هيسباڻيءَ
سندن مدح سرائيءَ ۾ شعر چيا آهن.“
مون اهي شعر ڪونه ڏٺا آهن. پر، سترهن ارڙهن سالن جي عمر جو هئس
۽ نوشهري فيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس،
ته سنڌي درسي ڪتاب ۾ خوش خير محمد جي مدح پڙهي، دل
تي اهو تاثر ويٺو، ته فقير صاحب ڏاڍو ڪو اهل دل
انسان هو. ان باري ۾، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
صاحب لکيو آهي ته:
”هڪ دفعي سندس پٽ کي ڪنهن سبب ڪري قيد ڪيائون. ان جا بند ڀڃائڻ
لاءِ لعل جي در تي دانهن کڻي ويو. سئن هڻي سوال
ڪيائين ته:
توکي چو طرف چوڌاري، نمي ٿي هند سنڌ ساري
ڪابل ڪشمير قنڌاري، بلخ بيحد سمرقندي
نه گهر جي دير تو هاڻي، مدد ڪر شاهه سيوهاڻي
اچي ٿي سيگهه
مون ساڻي، ڪڍي ڇڏ قيد مان بندي.
ميمڻ صاحب لکيو آهي ته خير محمد فقير جو ٻچڙو ستت قيد مان آزاد
ٿيو.
هن واقعي جي تاريخي طور تحقيق ته شايد اڃا تائين ڪنهن به ڪانه
ڪئي آهي. سو، چئي سگهجي ٿو ته عقيدتمند انسانن
افسانه طرازي ڪئي هجي. پر اهڙا واقعا الله وارن
سان گهڻي قدر منسوب آهن. مون به هڪ واقعو جلال
الدين روميءَ متعلق پڙهيو آهي. ڪنهن زماني ۾ پاڻ
وڏي رعب تاب سان رهندو هو. عبا ۽ قبا کانسواءِ
ٻاهر ڪونه نڪرندو هو. مريدن، معتقدن ۽ طالبن جا
ڪٽڪ سندس اڳيان ۽ پويان هلندا هئا. فقيريءَ جي لذت
اڃا ڪانه چڱي هئائين. هڪ ڏينهن مسند ارشاد تان درس
ويٺي ڏنائين. هشام ماڻهن جا هجن. روميءَ جي زبان
مان علم ۽ عرفان جا موتي پيا ڇڻن. اوچتو، شمس
تبريزي، ڦاٽل، ليڙون ليڙ ڪپڙن ۾، ڪمري ۾ اندر داخل
ٿيو ۽ هڪڙي ڪنڊ وٺي ويٺو. روميءَ ڀرسان رکيل ڪتابن
جي ڍير مان ڪو ڪتاب هٿ ۾ کنيو ۽ ڪنهن علمي ڳالهه
جي تاويل ڪئي. شمس کانئس ڪو سوال ڪيو، جو اعتراض
جوڳو هو. روميءَ ڪتاب جي سند تي زور ڏيندي، شمس ڏي
نهاري چيو ته ”فقير، علم ۽ معرفت جي هيءَ ڳالهه
تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي.“
شمس اهو ٻڌي، ڪتابن جي ڍير ڏي نهاريو، ته امالڪ منجهانئن دونهان
۽ باهه جا الا نڪرڻ لڳا. اهو ڏسي، روميءَ دانهن
ڪئي ته، ”فقير، تو هي ڇا ڪيو؟“
شمس چيو ته، ”اها ڳالهه تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي.“
ٻي روايت هيءَ آهي ته روميءَ ڪنهن سر سبز چمن ۾، وهندڙ پاڻيءَ
جي ڪسيءَ جي پاسي سان درس ويٺي ڏنو. ماڻهن جي هجوم
۾ شمس به ويٺو هو، تنهن ڇا ڪيو، جو اهو ڪتابُ،
جيڪو روميءَ بار بار پئي پڙهيو، کڻي، وهندڙ پاڻيءَ
جي ڪسيءَ ۾ اڇلايو.
رومي اهو ڏسي گهٻرائجي ويو، ۽ کيس ڪو مجذوب سمجهي، دانهن ڪيائين
ته ”درويش، تو هي ڇا ڪيو؟“
شمس ڪسيءَ ۾ هٿ وجهي، ڪتابُ ڪڍي، کيس موٽائي ڏنو- مٿس پاڻيءَ جو
ڦڙو به ڪونه هو.
هن ڳالهه ۾ باهه ۽ پاڻيءَ جون روايتون گڏ آندل آهن. عام طرح
باهه ۽ پاڻي هڪٻئي جو ضد سمجهبا آهن. پر قدرت
پاڻيءَ مان به باهه پيدا ڪندي آهي. بادل ۾ بجليءَ
جو چڪڻ عالم آشڪار آهي. سو، حقيقت شايد اڃا به
ڪنهن ٻيءَ طرح هجي. حقيقت جيئن به هجي، تاريخي طرح
اها ڳالهه بهرحال ثابت آهي ته روميءَ تي جيئن ئي
شمس جو پاڇو پيو، ته کانئس عبا ۽ قبا، مسند، ۽
ارشاد، معتقد ۽ مريد سڀ وسري ويا، ڄڻ ته ڪنهن اکين
تان پٽي کولي ڇڏيس. حياتيءَ ۾ پهريون دفعو، پنهنجو
پاڻ ڏٺائين ۽ سڃاتائين. شمس کي پنهنجو مرشد ڪيائين
۽ سندس عشق ۽ عقيدت ۾، دلاويز شعر چيائين. هڪ ۾ ته
ائين به چيائين:
مولوي هرگز نه شد مولائڍ روم
تا غلام شمس تبريزي نه شد
(مــولــوي پنهنجو پاڻ مولانا رومي ڪونه ٿيو.
جيسين شمس تبريزيءَ جو غلام نه ٿيو.)
روميءَ جي مثنوي، اسان جو ڀٽائي صاحب، هر هنڌ قرآن ڪريم سان گڏ
رکندو هو ۽ کيس سڪ سان ساري فرمايو اٿس:
طالب ڪثر سونهن سر، ايءَ روميءَ جي رهاڻ
پهرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرينءَ کي
شمس تبريزي ۽ جلال الدين رومي اسان جي اکين تي. پر، شاهه ڀٽائي
۽ مخدوم بلال ته سنڌ جا آفتاب ۽ ماهتاب هئا. جنهن
قلندري آستاني تي جلوه افروز ٿيندا هئا، تنهن فقير
جو شان ڏاڍو ڪو مٿانهون هو.
سوليءَ سنڌيءَ ۾ قلندر جي معنيٰ ٿيندي اهو شخص، جو هر ڪنهن کان
بي نياز هجي، مٿس ڪابه ميار نه هجي. جنهن جي توڪل
خدا تي هجي.
قلندرانه طريقي سان زندگي گذارڻ سولي ڳالهه نه آهي. يونان جي
ڏاهي سقراط کان جڏهن زندگي گذارڻ جو ڏس پڇيائون،
تڏهن چيائين ته، ”غلط ڪم نه ڪجي: صحيح واٽ تي وک
وجهڻ کپي.“
ڪنهن شخص پڇيس ته، ”ڀلا ان ڳالهه جي خاطري ڪيئن ٿئي، ته غلط واٽ
تي ڪونه وڃي رهيو آهيان؟“
تڏهن سواليءَ کي چيائين ته، ”پاڻ کان پڇي پڪ ڪر، ڇو ته تنهنجي
اندر ۾ قاضي ويٺو آهي.“
سقراط سٺي ڳالهه ڪئي. ان ۾ وڏي سياڻپ آهي. پر، اصل ڳالهه قرآن
ڪئي. انسان کي سمجهايائين ته چئه ته:
”مون پنهنجو پاڻ انهيءَ ذات ڏانهن متوجهه ڪيو آهي،
جنهن زمين ۽ آسمان کي خلقيو آهي.“
قلندر ائين ئي ڪندا آهن. ڪنهن جي ڪاڻ ڪونه ڪڍندا آهن. ڀلا، جنهن
ماڻهوءَ جو منهن اٺ ئي پهر الله ڏي هوندي، تنهن کي
ڪهڙو خوف، ڪهڙي لالچ؟ ڪهڙو شڪ، ڪهڙو شبهو؟ ڪهرو
نفعو، ڪهڙو نقصان؟ ڪهڙو ڊپ، ڪهڙو ڊاءُ- نه دوزخ جي
دڙڪي جي پرواهه، نه بهشت جو دم دلاسو.
سنڌ جي صوفي شاعر دريا خان تڏهن ته فرمايو آهي ته:
شاهه حسن تنهنجي شوق ۾ لاڳاپا ويا لهي لهي
بهشت دلاسو،
دوزخ دڙڪو، ڊوهه ويا سڀ ڊهي ڊهي
بصري واري بيبي رابعه هڪڙي ڏينهن بزار مان پئي ويئي: هڪ هٿ م
باهه سان ڀريل ٿانو ۽ ٻئي ۾ پاڻيءَ سان ڀريل پيالو
هئس. ڪنهن شخص پڇيس ته، ”بيبي صاحبه باهه ۽ پاڻي
ڇو کنيا اٿو؟“
چيائين ته ”پاڻيءَ سان دوزخ جي باهه وسائڻ ٿي وڃان ۽ باهه سان
بهشت کي ساڙي ڇڏيندس، ته من پوءِ ماڻهو الله جي
عبادت، خوف ۽ لالچ کان سواءِ ڪن.“
خوف ۽ لالچ کان آجو ٿيڻ قلندريءَ جي نشاني آهي. سو، بيبي رابعه
کي قلندرن ۾ ڳڻيندا آهن. قلندرن جو پير سدائين
سنئينءَ واٽ تي هوندو آهي. ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾،
”او فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اوليا.“
سيد عثمان مروندي قلندر لعل شهباز هو. سندس وڏو شان هو. حسيني
سيدن مان هو. دنيا جهان جي سير ۽ سفر کان پوءِ،
سيوهڻ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. خاڪ پاڪ سنڌ ۾ دفن
ٿيو. هاڻي، هند سنڌ ۾، قلندر لعل شهباز جي لقب سان
مشهور آهي.
*
٢
قلندر لعل شهباز جو احوال ڪتابن ۾
هندستان جي اوليائن ۽ اڪابر صوفين جا جيڪي مکيه تذڪرا آهن، تن ۾
قلندر لعل شهباز جو احوال يا ته آهي ئي ڪونه، ۽ جي
آهي ته تمام اختصار سان. مثال جي ڳالهه ته شيخ
عبدالحق محدث دهلويءَ جي تذڪري ”اخبار الاخيار“ کي
عالمن مستند مڃيو آهي، پر منجهس قلندر شهباز تي هڪ
سٽ به ڪانهي. ٻئي طرف انهيءَ ئي دور جي ڪيترن
اوليائن تي ڪجهه ڪجهه احوال منجهس موجود آهي.
”سيرالعارفين“ جو مولف جمالي سنڌ ۾ آيو آهي ۽ بغداد ويندي،
مخدوم بلال سان ملاقات ڪئي اٿس. قلندر لعل شهباز
جي دوستن، بابا فريد گنج شڪر، غوث بهاوالحق
ملتانيءَ ۽ صدرالدين عارف ۽ ٻين ڪيترن بزرگن جو
احوال پنهنجي تذڪري ۾ لکيو اٿس، پر قلندر شهباز جي
باري ۾ خاموش آهي.
سيد صباح الدين عبدالرحمان پنهنجي تذڪري ”بزم صوفيه“ ۾ غوث
بهاؤالحق ملتانيءَ، بابا فريد گنج شڪر، صدرالدين
عارف ۽ بوعلي قلندر جو ذڪر ڪري ٿو، پر قلندر شهباز
جو نالو ڪونه ٿو کڻي.
انهن مڙني کان آڳاٽو تذڪرو فريدالدين عطار جو آهي، جنهن ۾
اسلامي دنيا جي وڏن وڏن اوليائن جو احوال آهي. هو
غوث بهاؤالحق ملتانيءَ جو همعصر هو، جنهن سان
قلندر شهباز جون رهاڻيون ٿيون. غوث پاڪ ته سندس هم
وطن ڪونه هو، پر قلندر شهباز هو. ان زماني ۾ ايران
۽ افغانستان ڄڻ ته گڏيل ملڪ هو. ٻنهي ملڪن جون
سرحدون اهي ڪونه هيون، جي هاڻي آهن، پر ان تذڪري ۾
به قلندر شهباز يا سندس متبرڪ خاندان ڏانهن ڪوبه
اشارو ڪونهي.
صدر ايوب خان جي زماني ۾ ٽپال کاتي سنڌي ادبي بورڊ کي خط لکي
موڪليو ته ”ٽن ماڻهن جي حياتيءَ جو احوال گهربل
آهي: (١) قلندر لعل شهباز (٢) شاهه عبداللطيف
ڀٽائي ۽ (٣) سچل سرمست، ڇو ته سرڪار کي سندن
يادگار ٽڪليون (postal
stamps)
ڪڍڻ جو ارادو آهي. مون پير سائين حسام الدين شاهه
سان صلاح ڪئي. چيائين ته ”ڀٽائي صاحب ۽ سچل سرمست
بابت گهربل احوال ته موجود آهي، البت قلندر شهباز
جي باري ۾ مستند احوال ملڻ مشڪل آهي.“ اسان، جيئن
تيئن ڪري، ٽپال کاتي جي گهر ته پوري ڪئي. کين ٽڪلي
ڪڍڻي ڪانه هئي، سا ڪانه ڪڍيائون، پر سنڌ جي مڃيل
محقق ۽ مصنف جي حيثيت ۾، پير صاحب جي راءِ اسان کي
منجهائي وڌو.
عيسوي ويهينءَ صديءَ جي پوئين اڌ واري عرصي ۾ جيڪي تاريخنويس
سنڌ جي آسمان تي اڀريا ۽ چمڪيا، تن ۾ پير صاحب جو
نالو نهايت نمايان هو. کانئس اڳ، ٻيا به ٻه ٽي وڏا
بزرگ ٿي گذريا هئا، جي آئنده هر دور ۾ به نهايت
عزت ۽ احترام سان ياد ڪيا ويندا، مثلا شمس
العلماءُ مرزا قليچ بيگ، مولوي دين محمد وفائي ۽
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي.
مرزا قليچ بيگ مڙني ۾ گهڻا ڪتاب لکيا. انگريزن کيس شمس العلماءَ
جو خطاب ڏنو. اهو نه پڇجي،ته ڪهڙي موضوع تي ڪتاب
لکيائين؟ اهو پڇجي ته ڪهڙي موضوع تي ڪونه لکيائين.
پر، ”قديم سنڌ ۽ ان جي مشهور ماڻهن“ تي جيڪو ڪتاب
لکيائين، ان ۾ قلندر شهباز جو ذڪر مختصر آهي.
مولوي دين محمد وفائي جي انهيءَ موضوع تي اونهي
نگاهه هئي. ”تذڪره مشاهير سنڌ“ نالي سان اهم ڪتاب
لکيائين، جو هاڻي تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
ڀٽائيءَ تي ”شاهه جي ڪلام جو مطالعو“ نالي سان هڪ
سهڻو ڪتاب لکيائين، پر قلندر شهباز تي ڪتاب ڪونه
لکيائين. اهو حق حڪيم فتح محمد سيوهانيءَ ادا ڪيو.
”قلندر نامو“ (سنڌي سندس يادگار ڪتاب آهي.
انهي ٽنهي بزرگن جي پٺيان ٻه ٻيا وڏا عالم آيا: علامه آءِ. آءِ.
قاضي ۽ شمس العماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو.
هونئن، هئا اهي ٻئي به سيوهڻ- سرڪار جي پاڙي جا:
هڪ پاٽ جو، ته ٻيو ٽلٽيءَ جو، پر ٻئي ڀٽائيءَ ڏي
متوجهه ٿيا. قلندر شهباز متعلق خاموش رهيا. علامه
صاحب جي ته دنيا ئي ٻي هئي. ڊاڪٽر صاحب ان موضوع
تي قلم کڻي ٿي سگهيو، پر همه وقت ڀٽائيءَ ڏانهن
متوجهه رهيو. انهيءَ دؤر جي سنڌ جي مايه ناز عالمن
۽ محققن جي لڙهيءَ ۾ ٻه چار ٻيا موتي به آبدار
نڪتا. سندن جوت ۽ جمال قائم ۽ دائم آهي. الله پاڪ
کين وڏي حياتي ڏئي. سنڌ جي سونهن آهن.: هڪ ڊاڪتر
نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻيو سائين غلام مصطفيٰ قاسمي
صاحب. قدرت مون کي ٻنهي جي قدمن ۾ ويهي ادبُ ۽
ساڃهه سکڻ جي سعادت نصيب ڪئي. ٻنهي ڄڻن وٽ علم جا
املهه خزانا آهن. پر ڪڏهن به ڪنهن ڪچهريءَ ۾ مون
قلندر شهباز متعلق ڊاڪٽر صاحب کان ڪابه ڳالهه ڪانه
ٻڌي. سائين قاسمي صاحب ته مون سان پهرن جا پهر ۽
ڏينهن جا ڏينهن يادگار ڪچهريون ڪيون آهن. ساڻس
سيوهڻ جو ذڪر به نڪتو. مخدوم بصرالدين جا ڪيئي
دلچسپ قصا ٻڌيائين. پر قلندر شهباز جو ذڪر ڪونه
ڪيائين.
انهيءَ دور جو ٻيو به هڪ بزرگ هو، جو نسبتا پاسيرو هو، انڪري جو
سندس دلچسپيءَ جو موضوع رڳو سنڌ جي تاريخ ۽ ادب
ڪونه هو. ٻيا به گهڻائي شغل هئس، وڏو تاجر هو.
سندس نالو غلام علي الله ڏنو هو. پر جيئن سائين
غلام مرتضيٰ شاهه نالو کڻبو، ته گهٽ ماڻهو کيس
سڃاڻندا، ليڪن جي کيس جي. ايم. سيد ڪوٺبو، ته هرڪو
سڃاڻندو، تيئن مرحوم غلام عليءَ کي به جي. الانا
ڪوٺبو، ته ماڻهو فورا کيس سڃاڻي وٺندا. ڪراچيءَ جو
ٺيٺ سنڌي باشندو هو. سندس نشست برخواست ۾ سنڌي
ڪلچر جي جهلڪ نمايان هئي. پهريائين لس ٻيلي واريءَ
پل جي ڀرسان البرڪات نالي گهر ۾ رهندو هو، جو
پنهنجيءَ جاءِ تي چڱو خاصو ميوزيم هو. رڳو منجهس
اڻلڀ ڪتابَ ۽ قلمي نسخا ڪونه هئا، پر دنيا جهان جا
نوادرات هئا، جي الائي ته ڪٿان ڪٿان ڳولي گڏ ڪيا
هئائين، البرڪات تي عالمن ۽ اديبن جون نشتون (Sittings) به ٿينديون هيون. هڪ دفعي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ فون ڪيائين ته
”هن ڀيري واريءَ نشست ۾ سنڌي ادب مرڪزي موضوع آهي،
سو ڪي اديبَ نمائندا ڪري موڪليو.“ جويي صاحب مون
کي ۽ رشيد آخوند کي موڪليو. مجلس ۾ انگريزي ادب جا
ماهر، پروفيسر حسن شهيد سهروردي (جو وزير اعلظم
حسين شهيد سهرورديءَ جو وڏو ڀاءُ هو)، بيگم شائسته
اڪرام الله ۽ اردوءَ جا ڪي سينئر اديب موجود هئا.
بحث جو مرڪزي نڪتو مارئيءَ جو مثالي ڪرادر هو،
جيئن شاهه ڀٽائيءَ ان کي علامتي انداز سان پيش ڪيو
آهي.
ستت، الانا صاحب جو هڪ اهم ڪتاب مارڪيٽ ۾، آيو، جيڪو قائداعظم
محمد علي جناح جي لائيف تي هو ۽ محترمه فاطمه جناح
جي چوڻ تي لکڻ شروع ڪيو هئائين. پوءِ ٻيو ڪتاب
قومي سورمن تي آيو، جنهن ۾ هوشو شيديءَ کي به شامل
ڪيو هئائين ۽ ان سلسلي ۾ مون سان فون تي ڳالهه
ٻولهه ڪندو رهندو هو. الانا صاحب سان منهنجا
تعلقات ائين آهستي آهستي گهرا گهاٽا ٿيندا ويا.
١٩٨٤ع ۾، مان اسلام آباد بدلي ٿيس، ته هڪ ڏينهن
آفيس ۾ سندس فون آيم ته ”صبح جو ستين بجي نيرن مون
وٽ اچي ڪر.“
مون چيو ته ”حيدرآباد ۾ اوهان اچڻ شرط فون تي چيو هو ته ”ماني
تنهنجي گهر جي رڌل پڪل کائيندس. گاڏي به تون
ڏيندين. هتِ اسلام آباد ۾ به منهنجو گهر آهي.“
چيائين ته، ”هاليڊي ان ۾ ٽڪيل آهيان. اها به منهنجي پنهنجي هوٽل
آهي.“
صبح جو ستين بجي نيرن کائي، اسان ڪچهري شروع ڪئي، ته نوين بجي
اٿياسين. انهيءَ عرصي ۾، ڳالهين ڪندي، مون ساڻس
قلندر شهباز جو ذڪر ڪڍيو ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ته
”هيڏيءَ وڏيءَ شخصيت تي اسان وٽ ڪوبه مستند مواد
موجود نه هجي، رڳو اها ڄاڻ هجي، ته ملتان ۽ سنڌ ۾
آيو. سال ٻه رهيو ۽ وفات ڪيائين.“
مون کي اهو احساس هو، ته الانا صاحب آغا خاني خوجو آهي. ڪي
ماڻهو چوندا آهن ته قلندر شهباز اسماعيلي هو، سو
شايد کانئس ڪو پيرائتو احوال ملي پوي. الانا صاحب
خاموشيءَ سان منهنجي ڳالهه ٻڌندو رهيو. جڏهن
ڳالهائي بس ڪيم، ته چيائين ته، ”ڀانيان ٿو ته تو
قلندر شهباز تي منهنجو ڪتاب ڪونه پڙهيو آهي.“
پوءِ ٻڌيائين ته قلندر شهباز جڏهن اڃا ايترو ننڍڙو هو، جو پيءُ
جي چيچ جهلي پنڌ ڪندو هو، تڏهن کان وٺي، سنڌ ۾
ايندو هو. هڪ ڀيرو نه، ڪيئي ڀيرا آيو. ايراني نار
جي رستي سان ايندو هو. کيس ست ڀائر هئا. هڪ ڀيڻ
سنڌ ۾ پرڻيل هئس. هڪڙي ڀاڻس سنڌ ۾ وفات ڪئي.“
ٻيون به اهڙيون ڪي ڳالهيون ڪيائين، جي ٻڌي مان ته وائڙو ٿي ويس!
انهيءَ کان اڳ جو ڪجهه ڪڇان، پاڻ ئي چيائين ته،
”اڄ ته وڃان ٿو ڪراچيءَ. ايندڙ مهيني جي چوٿينءَ
تاريخ، لاهور جي هلٽن هوٽل ۾ منهنجو ليڪچر رکيل
آهي. اتان ٿي، اسلام آباد ايندس ۽ تو لاءِ ڪتاب جي
ڪاپي کنيو ايندس.“
مان ڪو خوش ٿيس. ڪپڙن ۾ ڪونه ماپان! پر، چوندا آهن ته بندي جي
من ۾ هڪڙي، ته صاحب جي من ۾ ٻي. ايندڙ مهيني جي
چوٿينءَ تاريخ مون کي ڪتاب ته ڪونه پهتو، البت اهو
اطلاع مليو ته الانا صاحب هي جهان ڇڏي ويو! سندس
رحلت جو ٻڌي، ڏاڍو ڏک ٿيو، تمام ڏاڍو ڏک ٿيو. سنڌ
۾ هاڻي الانا صاحب جهڙا ماڻهو گهڻا ڪونه ٿا ملن.
سچ چوندا آهن ته جڏهن ڪو ماڻهو هي جهان ڇڏي ٿو
وڃي، تڏهن اها ڪنڊ ئي خالي ٿيو وڃي.
مون الانا صاحب جو قلندر شهباز تي لکيل ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا
وس ڪيا. ڊاڪٽر الانا کي عرض ڪيم، عزيزي نفيس احمد
شيخ تي بار رکيم ۽ برادرم آغا نور محمد پٺاڻ کي
جناب پيار علي الانا وٽ موڪليم. پر ڪتاب جو پتو
ڪونه پيو.
هڪ ڏينهن شمس العلماءَ ميرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”قديم سنڌ جا
مشهور شهر ۽ ماڻهو“ ۾ يا ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ
پڙهيم ته ’هن شهر جي ڀرسان قلندر شهباز جو ڀاءُ
دفن ٿيل آهي.‘
اهي اکر پڙهي، الانا صاحب جي ڳالهه وري ياد آئي. اهو به ياد آيو
ته پاڻ چيو هئائين ته ”ميريٽ هوٽل منهنجي پنهنجي
آهي.“ سو جناب صدرالدين هاشواڻيءَ سان وڃي مليس.
هڪ دفعي ٻئي ڄڻا ايوان صدر اسلام آباد ۾ ڊنر تي گڏ
هئاسون. مون کي سڃاڻندو هو، سو محبت سان مليو.
ساڻس قلندر شهباز جي ڳالهه ڪڍيم. چيائين ته، ”ننڍي
هوندي، پنهنجن وڏڙن کان قلندر شهباز جا ڪيئي قصا
ٻڌاسين. باقي ڪتاب جي مون کي ڪابه خبر ڪانهي.
اوهان پيار علي الانا کان پڇو ۽ ڪراچيءَ ۾ گارڊن
جي ڀرسان ۽ خوجا جماعت خاني جي پٺيان اسماعيليه
ايسوسيئيشن وارن سان ملو. اتان ئي اوهان کي قلندر
شهباز جو خبر چار ملندي.“
مان آغا نور محمد پٺاڻ سان گڏجي اسماعيليه ايسوسيئيشن جي آفيس ۾
ويس. اتي شيخ محمد اقبال نالي هڪ بزرگ سان ملاقات
ٿي، جيڪو ٽيهارو ورهين کان ايسوسيئيشن سان وابسته
آهن سڄي ڳالهه توجهه سان ٻڌائين ۽ آخر ۾ چيائين
ته، ”اصل ڳالهه اها آهي ته قلندر شهباز اسماعيلي
ڪونه هو.“
٣
حيدرآباد ۾ پنجويهه ٽيهه ورهيه اڳ، فردوس سئنيما جي پاسي ۾
’شهباز ريسٽارنٽ‘ هوندي هئي. اتي چاءِ به ملندي
هئي ۽ ماني به. مان ڪڏهن ڪڏهن سير سپاٽو ڪندو اتي
ويندو هوس. ريسٽارنٽ جو مالڪ پنجاهه سٺ ورهين جي
پيٽي ۾ هو. پاڻ ۾ ڪجهه گهائل مائل ٿياسين ته ڪچهري
ڪرڻ لڳاسين. هو يار ڳالهه ڳالهه ۾ قلندر شهباز جي
ڪانه ڪا ڪرامت بيان ڪندو هو. هڪ دفعي چيائين ته
”قلندر شهباز تي ڪتاب ڇپايو اٿم.“ اهو ٻڌي ڏاڍي
خوشي ٿي. هفتي کن ۾ مون کي ڪتاب جي ڪاپي تحفي طور
ڏنائين. سؤ ڏيڍ سو صفحن جو ڪتاب هو، پر منجهس
قلندر شهباز جو ڪو به مستند احوال ڪونه هو. سڄو
ڪانين ڪرامتن سان ڀريل هو. مثلا، هڪ دفعي شينهن تي
سوار هو ۽ نانگ چهبڪ وانگر هٿ ۾ هئس. سيوهڻ ۾ آيو
ته پاپي راجا سان مقابلو ٿيس. راجا لشڪر وٺي
سامهون ٿيس، ته پنهنجو پاڻي پيڻ جو پيالو جو اونڌو
ڪيائين، ته راجا ۽ سندس سڄو لشڪر ان جي هيٺان ائين
بند ٿي ويا، جو سندن ڪوڪٽ ئي ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو.
هندستان جي ولين، اوليائن ۽ اڪابر صوفين جا اڪثر تذڪرا اهڙي قسم
جي مواد سان ڀريا پيا آهن. ٻيو ته ٺهيو ملتان جي
ممتاز عالم، مولانا نور احمد فريديءَ، ”بهاؤالدين
زڪريا“ نالي سان جيڪو ڪتاب لکيو اهي، تنهن ۾ قلندر
شهباز لاءِ هيئن لکيو اٿس ته:
”حسيني سيد هو. نالو سيد عثمان هئس، ۽ مروند جي رهائش سببان
المروندي ڪوٺائيندو هو. مٿس هر وقت سوچ ۽ استغراق
جي ڪيفيت طاري هودي هئي. جذبي ۽ مستيءَ جي
گهڻائيءَ ڪري، شرعي حڪم پورا ڪونه ڪندو هو. نماز
جي تڪبير چوڻ شرط وار وار مان رت وهندو هوس. ملتان
جي قاضي قطب الدين ڪاشانيءَ کي جڏهن ان ڳالهه جي
خبر پئي، تڏهن سندس خلاف فتوا جاري ڪيائين. تن
ڏينهن ۾ قلندر شهباز ڪو ملتان جي ويجهو ڪنهن ڳوٺ ۾
رهيل هو. ڪاوڙ ۾ پنهنجيءَ جماعت کي هڪل ڪيائين ۽
شينهن تي چڙهي ملتان روانو ٿيو.
”غوث بهاؤالحق پنهنجي خانقاهه ۾ ويٺو هو. سندس چوطرف عالمن جو
حلقو هو. اوچتو شور ٿيو ته سنڌ مان عثمان نالي ڪو
بزرگ عجب انداز سان اچي رهيو آهي ۽ چوي ٿو ته
’قاضي قطب الدين ڪاشاني منهنجي حوالي ڪيو نه ته
ملتان جي سر سر سان ٽڪرائيندس.‘
”غوث پاڪ پنهنجي نوجوان ڀائٽي شيخ حسن کي موڪليو، ته کين نرميءَ
سان سمجهايو. پر، نه مڙي، ته جيئن به ٿي سگهي،
تيئن ملتان کي بچايو.“
”شيخ حسن ڏاند تي سوار ٿي، ملتان مان مقابلي لاءِ نڪتو. شيخ
عثمان پري کان ڏسي هڪل ڪيس ته، ”او ڇوڪرا، ڏاند
پاسي ڪر، نه ته هي شينهن پيٽ ڦاڙي ڇڏيندس.“
شيخ حسن جواب ڏنس ته ”اوهان پنهنجي شينهن جي خير گهرو. ڪٿي ائين
نه ٿئي، جو هي ڏاند کيس سڱن تي کڻي، چيري ڦاڙي
ڇڏي.“
شيخ عثمان اهو ٻڌي، اڳتي وڌيو ۽ شينهن کي ڏاند تي حملي لاءِ
ڇڏيائين. جڏهن شينهن ويجهو آيو ته ڏاند کيس سڱن تي
کڻي، هڪڙي وڻ جي ٿر تي ائين کڻي سٽيو، جو مٿو ڦاٽي
پيس ۽ اتي جو اتي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو.
شيخ عثمان شينهن جي مرڻ ڪري باهه ٿي ويو. گرز کڻي اڳتي وڌيو.
ليڪن، شيخ حسن کيس ۽ سندس سڄيءَ جماعت کي قابو
ڪري، آڻي غوث پاڪ اڳيان پيش ڪيو. غوث بهاؤالحق مٿس
شفقت سان نظر وڌي ۽ فرمايو ته. ”اي لعل شهباز،
اڳتي اچ.“ پوءِ ته غوث پاڪ کيس ڀاڪر وجهي اهڙو زور
ڏنو، اهڙو ته زور ڏنو، جو قلندر شهباز فيض ۾ رڱجي،
ريٽو لعل ٿي ويو.“
*
٤
افسانه طرازي انسان جي فطرت آهي. وڏن ماڻهن سان وڏيون ڳالهيون
وابسته ڪرڻ، سندن وڏائيءَ جا من گهڙت داستان ٺاهڻ،
ساڻن مافوق الفطرت قوتون واسبته ڪرڻ، مثلا شينهن
کي وهٽ وانگر سندن سواريءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جو
سوچڻ ۽ نانگ کي وري چهبڪ جيان ڪم آڻڻ، افسانه
طرازيءَ جا اهڙا نقش ۽ نگار آهن، جيڪي انساني ذهن،
هر هنڌ، صدين کان چٽيندو رهيو آهي. اها ماجرا رڳو
سنڌ تائين محدود ڪونه آهي.
هڪڙي تذڪري ۾ پڙهيم ته، ”ڪي درويش سيدنا عبدالقادر جيلانيءَ جي
درگاهه تي حاضري ڏيڻ ويا. دروازي جي اڳيان ٻه شخص
زمين تي ڪريا پيا هئا ۽ بيهوش هئا. درويشن مان
هڪڙي صحيح ڪري ورتو، ته هي ٻئي ڄڻا ’چهل ابدالن‘
مان آهن، سو مزار شريف تي دعا گهرڻ مهل اها ماجرا
سمجهڻ لاءِ عرض ڪيائين. جواب مليس ته، ”اهي ٻئي
ابدال، روحاني طاقت جي زور تي، روضي جي مٿان
اڏامندا ٿي ويا. انهيءَ بي ادبيءَ جي سزا ملي
اٿن.“
اها ڳالهه پڙهي مون سوچيو ته روزانو الائي ته ڪيترا هوئي جهاز
بغداد جي مٿان اڏامندا رهن ٿا، پر کين ته انهيءَ
بي ادبيءَ جي ڪابه سزا ڪانه ٿي ملي!
گلف جي جنگ کان پوءِ، هاڻي بغداد جي حالت اها آهي ته يورپي
طاقتن عراق جي اقتصادي ناڪيبندي ڪئي آهي، جنهن جو
نتيجو اهو نڪتو آهي ته معصوم ٻارڙا، دوائن ۽ کير
جي خوراڪ نه ملڻ ڪري اسپتالن ۾ ڦٿڪي رهيا آهن.
اهڙا ڪي لونءَ ڪانڊاريندڙ نظارا بي. بي. سيءَ جي
پروگرامن ۾ ٽي. ويءَ تي ڏيکاريندا رهندا آهن، پر
پوءِ به بغداد جي ڪنهن به وليءَ جي روح کي اڃا ته
ڪو جهوٻو اچي ئي ڪونه ٿو.
مغربي ذهن، جيڪو روحاني طاقت بدران، عقل جي زور تي سڄيءَ دنيا
تي حڪومت ڪري رهيو آهي،سو مسلمان مشاهيرن جي تذڪرن
۾ الف ليليٰ جا داستان پڙهي، حيرت ۾ پوي ٿو. کيس
اها ڳالهه اصل سمجهه ۾ نٿي اچي ته اسان پنهنجن
مشاهيرن جي نقش قدم تي هلڻ بدران، کين پنهنجين
ذاتي غرضن ۽ مطلبن حاصل ڪرڻ جو ذريعو ڇو ٿا
سمجهون؟ پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عقل ڪم ڇو
نٿا آڻيون؟
سنه ١٩٥٣ع ڌاران، ڊاڪٽر ائڊرين ڊيوآرٽ حيدرآباد جي ڦليليءَ واري
ڪاليج ۾ اسان جو پرنسيپال هوندو هو. گوا جو باشندو
هو، پر سنڌ سان محبت هئس، جو سڄي عمر منجهس
گذاريائين. پوئينءَ عمر ۾ ٻه ڪتاب لکيائين:
1. EARLY BRITISH CONTACTS WITH SIND
2. SEHWAN AND OTHER SKETCHES
پوئين ڪتاب ۾ لکيو اٿس ته جيڪڏهن ڪو چور ڪنهن شخص جي رڍ يا ٻڪري
ڪاهي ويندو آهي، ته مظلوم شخص قلندر شهباز جي
درگاهه تي دانهن کڻي ويندو آهي. اهڙيءَ ريت کانئس
روحاني معاملن ۾ دستگيري وٺڻ سان گڏ، ڀاڳين ۽ چورن
جي معاملن نبيرڻ ۾ به مدد ورتي ويندي آهي.
ڊاڪٽر ڊيوآرٽ جو اهو مشاهدو مطالع ڪرڻ تي مون کي ياد آيو، ته هڪ
دفعي حيدرآباد مان ڳوٺ پئي ويس. ڀٽ شاهه وٽان
لنگهيس، ته روضي تي حاضري ڏيڻ ويس. شاهه سائينءَ
جي مزار مبارڪ وٽ دعا گهريم ۽ ڀر واريءَ مسجد ۾
نفل پڙهيم. موٽڻ مهل، ڀت تي، پينسل سان لکيل ڪن
سنهن اکرن تي نظر پيم. ويجهو وڃي چتائي ڏٺم، ته
هيئن لکيل هو:
”شاهه ڀٽائي، هاڻي، مهرباني ڪري، ديدار جي ڀيڻ سان
منهنجي شادي جلدي ڪراءِ.“
***
علي بن عثمان هجويري، جيڪو ”داتا گنج بخش“ جي شاهاڻي خطاب سان
هنڌين ماڳين مشهور آهي، سو، شايد، پهريون پهريون
ولي الله آهي، جيڪو مسلمان ملڪن مان هندستان آيو.
لاهور ۾ ئي عمر گذاريائين ۽ وفات ڪيائين. بيشمار
ماڻهو سندس اعليٰ اخلاق کان متاثر ٿي مسلمان ٿيا.
مون ڪيترائي ڀيرا سندس ابدي آرامگاهه تي حاضري ڏني
آهي. ملڪ ۾ ٻيءَ ڪنهن به درگاهه تي ماڻهن جا ايڏا
ميڙ مشڪل نظر ايندا. جمعي رات تي ايڏي پيهه، جو
مزار تائين پهچڻ ئي مشڪل!
داتا گنج بخش پنهنجيءَ پرهيزگاريءَ ڪري حياتيءَ ۾ ئي ملڪان ملڪ
مشهور ٿي ويو هو. هڪڙي ڀيري، ڪو شخص پري کان پنڌ
ڪري وٽس آيو ۽ پورا پنج ورهيه سندس خدمت ڪندو
رهيو. پوءِ هڪ ڏينهن کانئس موڪل گهريائين.
داتا گنج بخش پڇيس ته، ”ابا، سدا وڃ، پر خير ته آهي؟“
چيائين ته، ”سائين، مان اوهان جو نالو ٻڌي، ڏاڍو پري کان پنڌ
ڪري آيو هئس، ته پهتل شخص آهيو. ڪانيءَ ڪرامت جا
صاحب آهيو، پر پورن پنجن سالن ۾ مون ته اهڙي ڪابه
ڳالهه ڪانه ڏٺي. سو، لاچار هاڻي موٽي ٿو وڃان.“
داتا گنج بخش اها ڳالهه ٻڌي ڪا گهڙي ته خاموش ٿي ويو، پوءِ پيار
سان چيائينس ته، ”ابا، انهن پنجن سالن جي عرصي ۾
تو مون کي ڪڏهن به ڪوڙ ڳالهائيندي ٻڌو؟“
چيائين ته، ”نه، سائين“
داتا گنج بخش چيس ته، ”ڀلا، تو مون کي ڪنهن سان ڪابه چالاڪي
ڪندي ڏٺو؟“
چيائين ته، ”نه، سائين“
داتا گنج بخش چيس ته، ”تو مون ۾ ڪابه لالچ ڏٺي؟“
چائين ته، ”نه، سائين.“
داتا گنج بخش چيس ته، ”پنج ورهيه چڱو ڊگهو عرصو آهي. تو مون کي
ڄاڻي واڻي ڪڏهن به روزو ۽ نماز قضا ڪندي ڏٺو؟“
چيائين ته، ”نه سائين.“
داتا گنج بخش چيس ته، ”ابا، پوءِ ائين سمجهه ته مان سادو سودو
مسلمان آهيان. مون وٽ ڪابه ڪاني ڪرامت ڪانهي. وڻئي
ته ٽِڪ، وڻئي ته موٽي وڃ.“
***
ماڻهوءَ کي اولياءَ ڏانهن ڪهڙيءَ نيت ۽ مراد سان وڃڻ کپي، اها
ڳالهه سمجهڻ لاءِ داتا گنج بخش جو گفتو سونن اکرن
۾ لکڻ لائق آهي. پر بدقسمتيءَ سان اسان جو اوليائن
ڏانهن پنڌ رڳو انهيءَ مطلب لاءِ هوندو آهي ته،
”لوح محفوظ جو لکيو بدلائي به اسان کي مڙئي هي ڪم
ڪرائي ڏيو.“ اسان جو سڄو زور سندن ڪانيءَ ڪرامت تي
هوندو آهي ته ’ٻڏل ٻيڙا ترندا اچن.‘ پر فارسيءَ ۾
چوندا آهن ته ’پير پاڻ ڪونه اڏامندا آهن، مريد کين
اڏائيندا آهن.‘، يعني ساڻن ڪوڙيون ڪرامتون منسوب
ڪندا آهن.
عراق جي ڪنهن پير لاءِ ڪتاب ۾ پڙهيم ته هڪڙي بادشاهه سندس دعوت
ڪئي. جڏهن محل ۾ آيو، ته بادشاهه وڏي ادب سان کيس
انهيءَ ڪمري ۾ وٺي ويو، جتي دعوت جو انتظام ٿيل
هو. منجهس هڪ سهڻو غاليچو وڇايو پيو هو، جنهن جي
وچ ۾ سونهري تارن سان شينهن جي تصوير ٺهيل هئي.
پر، ٻه شينهن ٻيلي ۾ ڀلا ڪيئن ٺهن، سو پير کي
شينهن جي شڪل ڏسي ڏاڍو غصو لڳو. تصوير کي لت هڻي
چيائين ته، ”خدا جي حڪم سان اٿي کڙو ٿيءُ.“ جڏهن
ڪجهه به ڪونه ٿيو، ته ٻيهر تصوير کي لت هڻي ڏاڍيءَ
ڪاوڙ مان چيائين ته ”منهنجي حڪم سان اٿي کڙو
ٿيءُ.“
غاليچي تي ڇاپيل شينهن سچي پچي شينهن وانگر گجگوڙ ڪري اٿي کڙو
ٿيو ۽ چنبو هڻي بادشاهه کي ماري وڌائين.
بادشاهه کي پير جي دعوت جو اهڙو عمدو عيوض ڏيئي، غاليچي وارو
شينهن وري تصوير ٿي ويو، يا پڇ سان ٺڪاءَ ڪڍندو،
محلات مان نڪري، جهنگ ۾ هليو ويو، اهو قصو انهيءَ
ڪتاب ۾ لکيل ڪونه هو.
٥
قلندر لعل شهباز جهڙيءَ متبَرڪ شخصيت جي زندگيءَ جو پيرائتو
احوال قلمبند ڪرڻ ته ڪنهن کان به ڪونه پڳو. البت،
ڏانهن ڪانيون ڪرامتون منسوب ڪرڻ ۾ اڳي به ڪونه
گهٽايو هئائون ۽ هاڻي به ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي اٿن.
مولانا نور احمد فريديءَ جي ڪتاب ۾، شينهن تي سواريءَ جو داستان
مٿي بيان ٿي چڪو آهي. پر، شهباز هوٽل واري جو
ڇپايل ڪتاب به پڙهڻ وٽان آهي. ڪن ڪتابن ۾ ٻيون ڪي
ڪرامتون وڏي شد مد سان بيان ڪيون اٿن، پر گهڻو زور
سيوهڻ ۾ سندن تشريف آوريءَ سان منسوب ڪرامت تي
لاتو اٿن، جا مختلف ڪتابن ۽ رسالن ۾، اکرن جي
ٿوريءَ گهڻيءَ مٽاسٽا سان، اجهو هيئن لکي پيئي
آهي:
”جڏهن سيوهڻ پهتا، ته سڌو اتي آيا، جتي هينئر سندن درگاهه آهي.
ان زماني ۾ اتي ڪسبياڻيون رهنديون هيون. ان رات
جيڪو به مرد کيسي ۾ چار پئسا وجهي ڪنهن ڪسبياڻيءَ
وٽ ويو، سو بڇڙي ڪم ۾ ڪامياب ڪونه ٿيو. صبح جو
جڏهن مڙني هڪٻئي کي حال احوال ڏنا، تڏهن سمجهي
ويا، ته پڪ ئي پڪ اهو اثر انهيءَ ولي الله جو پيو
آهي، جو اڄ سيوهڻ آيو آهي. پوءِ ته سڀ اچي کين
پيرين پيا ۽ توبهه تائب ٿيا.“
***
نرالي نوع جي هيءَ ڪرامت پڙهي، مون کي ياد آيو ته هڪ وڏي
پرهيزگار شخص ۽ هندستان پاڪستان جي مسلمان عالم
سيد صباح الدين، عبدالرحمان مون سان ڳالهه ڪئي ته
پاڻ جڏهن ارڙهن ورهين جي عمر جو هو، ته اله آباد ۾
پڙهندو هو. اتي هڪ مندر جي هاڪ هئي، جو شهر کان
ٻاهر ڀرو هو. چيائين ته هڪ دفعي دوستن سان گڏجي
ڏسڻ ويس. پٿر جو ٺهيل هو، چوڪنڊيارو هو ۽ ڊگهو ئي
ڊگهو، اڀو ئي اڀو، سڌو مٿي هليو ويو. الاهي ياتري
۽ زيارتي اسان کان اڳي پهچي چڪا هئا ۽ مندر ڏسي
رهيا هئا، جنهن جي هڪ پاسي قدرتي نظارا اڪريل هئا،
ٻئي پاسي قسم قسم جا پکي هئا، ٽئين پاسي گل، ٻوٽا،
وڻ ٽڻ ٺهيل هئا ۽ چوٿين پاسي، هڪ چمن ۾، خوبصورت
عريان زالون ۽ مرد راز ۽ رمز سان هڪ ٻئي کي تڪي
رهيا هئا. مون مندر جي مهنت کي پاسيرو وٺي پڇيو ته
”مندر ته پاڪ جاءِ آهي، عبادتگاهه آهي. هتي هي
قبيح منظر ٺاهڻ ۾ ڪهڙو راز آهي؟“ چيائين ته، ”جڏهن
ياتري مندر ڏسڻ ايندا آهن، تڏهن ان جي هرهڪ پاسي
کي چتائي ڏسندا آهن. اسان جون نگاهون وري سندن
نگاهن کي چتائي ڏسنديون آهن، ته ڪنهن جي دلچسپي
ڪهڙي نظاري ۾ آهي؟“ جنهن شخص جي جنهن شيءِ ۾
دلچسپيءَ هوندي آهي، اهو ان کي ئي تڪيندو آهي. هر
شخص جو پنهنجو پنهنجو ذوق ۽ شوق آهي.“
***
ابوالڪلام آزاد ڪنهن زماني ۾ احمد نگر جي قلعي ۾ انگريزن جي قيد
۾ هو. اسيريءَ جي انهيءَ زماني ۾ پنهنجو شاهڪار
ڪتاب ”غبار خاطر“ لکيائين، هڪ هنڌ لکيو اٿس ته:
هڪ ڏينهن ٻن پهرن جو پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هئس، ته بلبل جي صدا
ٻڌم:
باز نوائڍ بلبلان عشق تو ياد مي دهد
ڪمري مان ٻاهر نڪري جو ڏسان، ته گلن جي چمن ۾ بلبل ويٺي آهي. هي
علائقو توڙي جو ٿڌو ملڪ ڪونهي، پر مٿاهينءَ تي
آهي، سو منجهس پهاڙي بلبل موجود آهي. احمد نگر جي
بلبل، ايراني بلبل وانگر، هزار داستان ته ڪونه
آهي، پر رسيلي گلي جي هڪڙي تان ئي ڪا گهٽ نعمت
آهي! سو، ٻپهرن جي سبز چيني چاءِ جو آخرين ڍڪ بلبل
جي تراني تي پيتم.
ٻئي ڏينهن صبح جو ورانڊي ۾ ويٺا هئاسين، ته وري بلبل جي صدا ٻڌڻ
۾ آئي. مون پنهنجي ساٿيءَ کي چيو ته، ”بلبل جي صدا
ٻڌ.“
ٽيون ساٿي، جيڪو چمن ۾ پسار ڪري رهيو هو، سو اهي اکر ٻڌي، هلندي
هلندي، بيهي رهيو ۽ ڪن ڏئي ٻڌڻ لڳو. پوءِ چوڻ لڳو
ته ”قلعي ۾ ڪو ڇڪڙو اچي رهيو آهي، تنهن جي ڦيٿن جو
آواز آهي!“
ابوالڪلام لکيو آهي ته:
”ٻڌڻ واري جي ذوق تي ويچار ڪريو! کيس بلبل جي صدا ۽ ڇڪڙي جي
ڦيٿن جي رين رين ۾ ڪوبه فرق محسوس ڪونه ٿو ٿئي!“
***
هيءَ ڳالهه آهي به ماڻهوءَ جي ذوق ۽ شوق جي! جنهن ڪور- ذوق ۽
ڪم- فهم شخص، قلندر لعل شهباز جهڙيءَ متبرڪ شخصيت
جي سيوهڻ شريف ۾ تشريف آوريءَ تي، ڪنهن وڏي واقعي
جي ظهور پذير ٿيڻ جو سوچيو، تنهن جي مٿي ۾
”ڪسبياڻين جو ڪاروبار“ آيو. ان ۾ حيرت جي ڪا ڳالهه
ڪانهي، ڇو ته ’فکر هر کس بقدر همت اوست.‘ اهڙي
قبيح ڳالهه ساڻن منسوب ڪندي، انهيءَ نامراد شخص کي
ڪوبه حياءُ ۽ حجاب ڪونه ٿيو، بلڪ ڀانيائين ته اها
ڳالهه ڪري، سندن شان ۾ اضافو ٿو ڪريان!
اهڙي بد وضع ماڻهو رڳو انهيءَ زماني ۾ ڪونه هئا، هاڻي به جام
آهن. رات ڏينهن پيا قلندر شهباز تي احسان ڪن. سندن
ڪور- ذوقيءَ ۽ بي حسيءَ جو ماتم ڪندي، پير علي
محمد راشديءَ ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ڪتاب جي ٻئي
جلد ۾ لکيو آهي ته:
”سيوهڻ پراڻو شهر آهي. قلندر لعل شهباز ان جو غيرفاني بادشاهه
آهي. ڪنهن زماني ۾ اتي وڏا وڏا ماڻهو پيدا ٿيندا
رهيا. هڪ دنيا پئي اٿلندي هئي، سيوهڻ ڪيترن ئي
ڪلچرن جو سنگم هو. انهيءَ سنگم مان سيوهاڻي ڪلچر
اسريو. عرف عام ۾ موالين جو ڪلچر، بي فڪرن جو
ڪلچر، سو، هن طرح ته هنڌ هنڌ ڪافيون يعني ڀنگ جا
اوتارا، ڀنگ، چرس، آفيم. ميلي جي موقعي تي ڏيهي
پرڏيهي ڪڃرين جا گانا.
”ميلي جي موقعي تي قلندر سائينءَ جي شاديءَ جي رسم پوري ڪئي
ويندي هئي. ان گهٽتائيءَ پوري ڪرڻ جي جوابداري
هندن پاڻ تي کنئي هئي. مينديءَ جا ٿالهه ڀري، جلوس
ڪري، نڪرندا هئا خيالي طرح گهوٽ (قلندر شهباز) کي
ميندي لائڻ لاءِ.“
”ڪي نوابي نموني جا زميندار ميلي جي موقعي تي ملهه وٺي، وڏي شان
مان سان اچي پرگهٽ ٿيندا هئا ۽ پنهنجيءَ دولت جي
نمائش هن ريت ڪندا هئا ته رپين جون جهوليون ڀري،
اٺن تي چڙهي، بزار مان لنگهنداهئا ۽ مٺيون ڀري
رپيا ماڻهن ۾ اڇلائيندا ويندا هئا، ته جيئن نالو
نڪري. احسان قلندر سائينءَ تي ۽ نمائش پنهنجي!
”ڪن ماڻهن جو شڪ هو ته (اهڙن نوابي زميندارن کي) ڪڃرين جي
لونجهه به لڳل هوندي هئي، ڇو ته ميلي واري موقعي
تي، گهڻيون ئي نالي واريون ڪڃريون اچي سيوهڻ ۾
ديرو دمائينديون هيون.“
لعل جي ميلي جو هيءُ ذڪر پڙهي، جنهن شخص قلندر شهباز جي سيوهڻ ۾
تشريف آوريءَ تي ”ڪڃرين جي ڪاروبار“ کي ”ٻنجو اچڻ“
جي ڳالهه هلاِئي هئي، سو راشدي صاحب جو لکيل اهو
احوال پڙهي، خبرناهي ته هاڻي ڪهڙو نئون قصو هلائي
ها؟
هر انسان عزت ۽ محبت جو طالبو آهي. ڪسبياڻيءَ جو ڪم جسم فروشي
آهي. وچ بازار ۾ ڪير ويهي پنهنجي عزت وڪڻندو؟
اهوئي جيڪو بکيو ۽ بيوس هوندو. تڏهن ته سنڌ جي
ڏاهن چيو آهي:
”بک بڇڙو ٽول، داناءَ ديوانا ڪري.“
ڪنهن شهر جو حاڪم ڪسبياڻين تي اچي ڪاوڙيو. کين ڪوبه آبروءَ وارو
روزگار ته مهيا ڪري ڪونه ڏنائين، پر مٿانئن رات
ڏينهن پادر جو وسڪارو پيو پوي! ڏاڍيون ڦاٿيون. هڪ
ڏينهن پنهنجي ڏک ۽ بُک جو ماتم ڪرڻ لاءِ جلوس
ڪڍيائون. چون ٿا ته جڏهن حاڪم جي محلات وٽان
لنگهيون، تڏهن حافظ شيرازيءَ جو هي شعر سندن چپن
تي هو ۽ اکين ۾ ڳوڙها:
در کوئڍ نيکنامي مارا گذر ندادند
گر تو نمي پسندي تغيير کن قضارا
]نيڪناميءَ جي گهڻيءَ مان اسان جو لنگهڻ پاڻ پسند ڪونه ڪيائون.
توکي اسان جي روش پسند ناهي، ته قضا کي بدلاءِ[
***
پراڻن تذڪرن ۾ قلندر سائينءَ ڏانهن ٻي روايت هيءَ مشهور ڪئي اٿن
ته سدائين سوچ ۽ استغراق جي عالم ۾ هوندا هئا، سو
زوزي نماز جو پورو خيال ڪونه رکندا هئا. البت، ڀنگ
جام پيئندا هئا. ان سلسلي ۾، تذڪرة الانساب، رياض
الاولياءَ، تذڪرة الفقراءَ، برڪت الاولياءَ، اخبار
الاولياءَ ۽ تاريخ الاوليءَ جا نالا سند طور ڏين
ٿا. ليڪن، ”معارج الولايت“ واري جا اصل لفظ هي
آهن:
وڍ صاحب کمالات ظاهري وباطني و تصرفات صوري و معنوي بود- خوارق
و کرامات بي اختيار از وي بظهور مي آمدند- اصل وڍ
از سندهه است واز سادات عظام حسيني است- نام نامي
وڍ سيد عثمان مريد و خليفه شيخ الاسلام بهاؤ الدين
ذکريا ملتاني است- چون جذب و مستي بغايت داشت
پابند احکام شرع نبود- لباس سرخ داشتڍ و خطاب
شهباز از پيشگاهه پير روشن ضمير بوڍ عطا شد درميان
خلق بسبب طريق ملاميته وڍ بحضرت شهباز قلندر
اشتهار يافت.
هاڻي، هن اقتباس ۾ ’ڀنگ پيئڻ‘ جي ته ڳالهه ڪانهي! پر، تنهن
هوندي به ڪن ڪتابن ۾ جو ڀنگ جي روايت بيان ڪئي
اٿن، ته ان تي به ويچار ڪجي ته خبر پوي ته منجهس
ڪيتري قدر حقيقت آهي يا اها به رڳو افسانه طرازي
آهي!
چوندا آهن ته ماڻهو سڃاپندو آهي پنهنجي سنگت ساٿ سان. قلندر
شهباز جا هندستان ۾ اچڻ کان پوءِ، جن بزرگن سان
گهڻي ۾ گهڻا لڳ لاڳاپا ٿيا، تن ۾ غوث بهاؤالحق
ملتاني، بابا فريد گنج شڪر ۽ سيد جلال سرخ بخاريءَ
جا نالا مشهور آهن.
غوث بهاؤالحق سڄي هندستان جو شيخ الاسلام هو. سندس عبادت ۽
رياضت بابت ڪجهه به چوڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ آهي.
ڏانهن ڪوبه غير شرعي ڪم منسوب ڪرڻ حد درجي جي بي
ادبي آهي. سندن عبادت جو اهو شان هو، جو هڪ ڀيري
هڪ رڪعت ۾ سڄو قرآن پاڪ پڙهيائون. سندن حويليءَ
جون ٻانهيون به جنڊ پيهڻ مهل، مٺي آواز سان ’ذڪر‘
ڪنديون رهنديون هيون.
بابا فريد ايڏو ته وڏو اولياءُ هو، جو سندس وفات کان پوءِ، مغل
اعظم، اڪبر جهڙو هاڪارو مغل بادشاهه وڏي ادب سان
سندس ابدي آرامگاهه تي حاضري ڏيڻ ويندو هو ۽ ڌيان
۽ ايڪانت ۾ پهرن جا پهر ويٺو هوندو هو.
بابا فريد اٺن پهرن ۾ هڪ ويلو ماني کائيندو هو. هڪ ڀيري سندس
مريد ڪرڙ جي ڏيلهن جو ٻوڙ چاڙهيو. ماني کائڻ ويٺا،
ته بابا فريد چيو ته، ”بوئڍ اصراف مي آيد.“ مريد
باسيو ته ”برابر، ٻوڙ لاءِ لوڻ ڪونه هو. سو، پئسي
جو لوڻ دڪاندار کان اوڌر تي وٺي آيس، ته توکي
سڀاڻي ڏيندس.“ اهو ٻڌي، بابا فريد، مانيءَ مان هٿ
ڪڍي ڇڏي. رکو سڪو ٽڪر وات ۾ وجهي، پاڻي پي ڇڏيو ۽
چيائين ته: ”بابا حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو! قرض بار،
سڀاڻي تائين ڪيئن کڻبو.“
هاڻي، ڪم عقل کان ڪم عقل ماڻهو به سوچي سگهي ٿو ته ايڏا
پرهيزگار ۽ عبادت گذار شخص، جن جي عبادت ۽ اخلاق
کان متاثر ٿي، لکين ماڻهو ابي ڏاڏي جو دين ڌرم ڇڏي
مسلمان ٿيا، تن سڄي ملڪ ۾ جيڪو چوٿون يار ڳولهي
وڃي هٿ ڪيو، سو، نماز روزي کي ته ويجهو ڪونه ويندو
هو. البت، رات ڏينهن ڀنگ وڏي ذوق شوق سان پيئندو
رهندو هو!
***
قلندر سائينءَ ڏانهن ٽين ڪرامت هيءَ منسوب ڪئي اٿن ته پاڻ سيوهڻ
۾ سڪونت اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري، ڪا ايراضي پسند
ڪيائون ته ان جو مالڪ اچي نڪتو ۽ ساڻن تڪرار
ڪيائين. پاڻ ڪاوڙ ۾ کيس لٺ وهائي ڪڍيائون، سو ٿڏي
تي مري ويو. سندس وارثن جڏهن دانهن ڪوڪ ڪئي، ته
فرمايائون ته ”بابا، مون ته ڪتو ماريو آهي.“ اڃا
جو وڃي قبر کوٽن، ته واقعي مئل شخص جي جاءِ تي ڪتو
پوريو پيو آهي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب ’سوانح قلندر‘ ۾، هن
روايت تي هيٺيون تبصرو ڪيو آهي. لکيو اٿس ته:
”اهي ڳالهيون ڪنهن عالم، فاضل ۽ اهل الله ڏانهن منسوب ڪرڻ بلڪل
غلط آهي. اهل الله ڪنهن جو استحصال نه ڪندا آهن،
پوءِ ڪهڙي به مذهب جو هجي. هو ته پرمار ۽ ظالم جا
مخالف هوندا آهن. انهن ڳالهين جي روشنيءَ ۾ اها
روايت جڙتو سمجهڻ گهرجي، جنهن جو حقيقت سان ڪوبه
تعلق ڪونهي. اهل الله جي مان مرتبي ۽ ڪردار کي
سامهون رکي ائين ٿو وسهجي، ته بزرگ جاءِ جي مالڪ
کان رضا خوشيءَ سان موڪل وٺي، ان جاءِ تي پنهنجو
آستانو اڏيو هوندو.“
ميمڻ صاحب عقل ۽ انصاف جي ڳالهه ڪئي آهي ته الله وارن ڏانهن
’خرافات‘ منسوب ڪرڻ ۽ انهن کي وري سندن پهرين، ٻي
۽ ٽين ڪرامت ڪوٺڻ، حد درجي جي ڪم فهمي ۽ ڪم ظرفي
آهي. هونئن به سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ماڻهو ڪتو
ڪيئن ٿي ويندو؟ الله سائينءَ ته کيس انسان ڪري
خلقيو هو، پر قلندر شهباز کي ڪاوڙ آئي، سو ڪتو ڪري
ڇڏيائينس.
جناب تاج صحرائيءَ ته ”ولين جو ادارو“ مضمون ۾ لکيو آهي ته ”اهو
هنڌ جتي قلندر شهباز آستانو اچي اڏيو، سو اصل ۾
قديم هندڪو عبادتگاهه هو. اتي دونهيون دکنديون
رهنديون هيون، جن کي مسلمان وري ’عليءَ سائين جو
مچ‘ ڪوٺيندا هئا.“
جناب انعام محمد به پنهنجي انگريزي ڪتاب ۾ ساڳي اهڙي ڳالهه ڪئي
آهي ته ’جتي قلندر شهباز جو هاڻي روضو آهي، اتي
اڳي شو جو مند يعني هندرڪو - عبادگاهه هوندو هو.‘
سائين جي. ايم سيد به اهائي ڳالهه ڪئي آهي.
اها ڳالهه دل سان به لڳي ٿي، ڇو ته ٻين هنڌن تي اهڙا مثال موجود
آهن. مثلا: ملتان ۾ غوث بهاؤالحق جي درگاهه پرهلاد
جي تاريخي مندر سان گڏوگڏ بيٺي آهي.
مندرن سان گڏوگڏ مسجدون ۽ درگاهون، غوث بهاؤالحق ۽ قلندر شهباز
جهڙين تاريخ ساز شخصيتن جا حقيقي ڪرشما ۽ ڪرامتون
آهن. پر، تذڪري نگارن انهن تي غور ئي ڪونه ڪيو.
پير علي محمد راشديءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”هن دنيا ۾ اڪثريت عقل
جي انڌن جي رهي ٿي.“ تن عقل جي انڌن قلندر شهباز
سان انڌيون ۽ اونڌيون ڪرامتون منسوب ڪيون، ۽ پوءِ
انهن کي اکيون ٻوٽي ڪتابن ۾ نقل ڪندا ويا. هاڻي جو
کڻي اهي ڪتاب پڙهه، ته صورت حاصل هيئن بيٺي آهي:
١. ڪڃرين جو ڪاروبار پهرينءَ رات لاءِ بلڪل بند. ليڪن، بعد ۾،
ميلي جهڙي متبرڪ موقعي ۾ به پکا ۽ پکن ۾ پدمڻيون
موجود.
٢. ڀنگ جي ڏنڊن ڪونڊن ۽ گهرڙ گهوٽ جي اڳي به عام اجازت ۽ هاڻي
به جاري ۽ ساري.
٣. خدا انسان کي ”احسن التقويم“ ۾ خلقيو هو، پر قلندر شهباز
ڪاوڙ ۾ ڪتو ڪري ڇڏيس.
٤. قلندر لعل سڄي عمر، ستي جتي ٿي رهيو، پر اها ڳالهه هندن کي
اصل ڪانه وڻي. تن سندن وفات کان پوءِ، سگهو ئي
سندن شاديءَ جو سعيو ڪيو ۽ راشدي صاحب جي چوڻ
موجب، ”هاڻي هر سال مينديءَ جي رسم پوري ڪندا
آهن.“
ڪتاب ۽ تذڪرن ۾، قلندر شهباز سان منسوب اهي ڪرامتون ۽ قصا پڙهي،
ماڻهو سوچيندو ته حافظ شيرازيءَ حق تي دانهن ڪئي
هئي:
مارابه رندي، افسانه کردند
پيران جاهل، شيخان گمراه |