خوارزم شاهه جي اسلامي سلطنت تي مغلن جي چڙهائي:
جيڪڏهن، ماڻهو پکيءَ وانگر، قراقرم کان خوارزم ڏانهن، سڌو ئي
سڌو، هوا ۾ اڏامدو وڃي ها، ته به کيس ٻن هزارن
ميلن جو مفاصلو طئي ڪرڻو پوي ها. پر، خشڪيءَ رستي
ته اهو سفر هيڪاري ڊگهو هو، ڇو ته انهي زماني ۾
هاڻوڪي زماني وانگر سڌا روڊ رستا ته هئا ئي ڪونه.
رستن جو رڳو نالو هوندو هو. دراصل، اٺن ۽ گهوڙن جي
لاءِ پيچرا هوندا هئا، جن ۾ به الاهي ور وڪڙ هوندا
هئا. واپاري قافلن کي ئي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين
پهچڻ ۾ ڪيترائي جبل، بيابان ۽ درياءَ پار ڪرڻا
پوندا هئا.
چنگيز خان کي انهيءَ ئي رستي سان ٻن لکن سپاهين جو لشڪر قراقرم
کان خوارزم شاهه آڻڻو هو. اها ڳالهه موجوده دور ۾،
فوجي گاڏين ۽ پڪن روڊن جي هوندي به، ناممڪن ناهي،
ته ڏاڍي ڏکي ضرور آهي. سندس لشڪر ۾ گهوڙيسوار هئا،
ڍڳي (ياڪ) گاڏيون هيون ۽ يرت هئا، جي آهستي آهستي
رڙهندا هئا.
سفر سنه ١٢١٩ع ۾ شروع ٿيو. ايڏو ته ڏکيو هو، جو خود خان کي
خاطري ڪانه هئي ته جيئرو موٽي ايندس. هڪ هنڌ
پاڻيءَ جي وڏي تلاءَ جي ڪناري سان سرسبز وڻن جا
گهاتا جهلا هئا. وڻندڙ نظارو ڏسي، پنهنجن اڇن
واران تي هٿ گهمائي چيائين ته، ”ٻڍڙي ماڻهوءَ جي
قبر لاءِ سهڻو هنڌ آهي.“ ان وقت سندس عمر
پنجونجاهه ورهين جي پيٽي ۾ هئي. لشڪر اڃا ڪو گهڻو
مفاصلو طئي ڪونه ڪيو، ته جبلن تي سياري جي پهرين
برف نظر آئي. مهل ۽ موسم کان اڳ برفباريءَ جي منظر
کي نجومين چڱو سوڻ ڪونه سمجهيو. پر، چيني وزير ان
جو ٻيو تعبير ڪيو. چيائين ته ”اڻ مندائتيءَ
برفباريءَ جو مطلب اهو آهي ته برفاني ملڪن جو خان
(چنگيز خان) سڄر پاڻيءَ سان وهندڙ دريائن جي ملڪ
جي خان (علاؤالدين محمد شاهه) تي غالب ايندو.“
برف تي سفر ڪرڻ ۾ گهوڙن کي ڏاڍي ڏکيائي پئي ٿي. هڪ ته برفباريءَ
جي ڪري گهوڙن لاءِ ڪاٿي به گاهه نظر ئي ڪونه ٿي
آيو. گاهه ۽ چاري جي تنگيءَ ڪري گهوڙن جي رڳن مان
رت سمڻ لڳو. ٻيو ته برف تي هلڻ ڪري سندن سنبَ سور
ڪرڻ لڳا، سو انهن کي ياڪ ڍڳي جي کلن سان ويڙهڻو
پيو.
سپاهين جو پنهنجو حال اهو هو ته سيءَ کان بچڻ لاءِ رڍ جي کل جي
پوشاڪ پائيندا هئا. رات ٿيندي هئي، ته کليل ميدان
۾، وسندڙ برف ۾ سمهي پوندا هئا. جيڪي سيءَ جي سٽ
سهي نه سگهندا هئا، سي يرت ۾ وڃي پناهه وٺندا هئا.
اتي پنهنجا تير ڳڻيندا رهندا هئا ۽ ڳائڻن ۽
ميراثين کان پنهنجن وڏڙن جي بهادريءَ جا داستان
ٻڌندا رهندا هئا. ٻاهر برف وسندي رهندي هئي، پر
يرت ۾ ڪانڊيرن ۽ ڇيڻن جي باهه دکندي رهندي هئي،
جنهن جي تو ۽ هلڪي سوجهري تي يڪتاري جي موسيقي مٿن
جادو ڪري ڇڏيندي هئي.
ائين مند مٿان مند مٽبي رهي. پر، ڊگهو سفر کٽي ئي ڪونه. هڪ
ڏينهن جبلن جي لڪن مان لنگهندي، اوچتو چنگيز خان
جي سپاهين کي خوارزم شاهه جي اسلامي سلطنت جي سرحد
نظر آئي: وڏا وڏا ميدان هئا، جن مان درياءَ وهي
رهيا هئا، گهاٽن ٻيلن جي وڻن جي چوٽين تي، چيٽ جا
ڪچڙا گؤنچ ڦٽا هئا.
***
خوارزم شاهه جي اسلامي سلطنت جو سلطان، علاؤالدين محمد شاهه
وڏيءَ بيتابيءَ سان دشمن جو انتظار ڪري رهيو هو.
چئن لکن سپاهين جو شاهي لشڪر گڏ ڪيو هئائين، جو
جابلو لڪن ۽ لنگهن مان مغلن جي ميداني علائقي ۾
هيٺ لهڻ جو منتظر هو. جيئن ئي مغلن جو پهريون جٿو
هيٺ لٿو، ته شاهي لشڪر سان جهڙپ ٿيس ۽ شڪست
کاڌائين. پر، هڪ هزار ميل ڊگهيءَ سرحد تان، ڏٻرن
گهوڙن تي سوار، مغل تير انداز، جڏهن جاٿي ڪاٿي
جبلن تان هيٺ لهڻ لڳا، ته صورتحال نئون روپ ورتو.
علاؤالدين محمد شاهه ڊڄي ويو ۽ لشڪر جي ڪمان
پنهنجي سپهه سالار جي حوالي ڪري، پاڻ بخارا جي
بچاءَ جو بندوبست ڪرڻ هليو ويو.
چنگيز خان پنهنجي لشڪر جا ٽي حصا ڪيا هئا: ٻه حصا سندس پٽن جي
اڳواڻي هيٺ شاهي لشڪر تي حملا ڪري رهيا هئا. پاڻ
ٽئين حصي سان، جبلن جي پويان لڪي، اولهه طرف پري
هليو ويو. اوچتو ڪنهن جابلو لڪ مان هيٺ لٿو ۽
ميداني علائقي مان واچ مينهن ڪندو سڌو بخارا تي
حملي آور ٿيو، ته علاؤالدين محمد شاهه کي بي
خبريءَ ۾ پڪڙي وٺان. رستي تي جيڪي ڳوٺ ۽ شهر آيا،
تن کي ڪجهه ڪونه چيائين. البت سندس لشڪر اطرار جي
سرحدي شهر تي حملو ڪيو. وڏي مقابلي کان پوءِ فتح
حاصل ڪئي ۽ شهر جي گورنر کي پڪڙي ورتو، جنهن مغلن
جي واپاري قافلي کي ڦريو هو. مغل سپاهين اول ته
شهر کي لٽيو ۽ ڦريو. پوءِ گورنر ڏانهن رخ ڪيو.
چنگيز خان جي حڪم موجب، چاندي رجائي، ڦڙو ڦڙو ڪري،
گورنر جي اکين ۽ ڪنن ۾ وجهندا ويا، تان جو هن ڪڪڙ
وانگر ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنو.
علاؤالدين محمد شاهه سمرقند جي بچاءَ لاءِ فوج بيهاري، پاڻ وري
ڏکڻ طرف کسڪي ويو، هن بخارا ۾ به ائين ڪيو هو. پر،
لشڪر بيهاري، پاڻ سمرقند جي واٽ ورتي هئائين، ته
سندس لشڪر به پٺيان بخارا کي ڇڏي هليو ويو هو. سو،
جڏهن چنگيز خان بخارا پهتو، ته شهر خالي هو. قاضي،
مفتي ۽ سمورا معزز ماڻهو ادب سان کيس پيش پيا، ته
من جان بخشي ڪري! هو گهوڙي تان لٿو ئي ڪونه. سڌو
شهر ۾ گهڙيو ۽ جامع مسجد کي شاهي محل سمجهي منجهس
گهوڙن سوڌو اندر هليو ويو ۽ اتي گهوڙي تان لهي، ٿڪ
ڀڃڻ لاءِ شراب پيڻ لڳو. سندس سپاهين به اوسي پاسي
وارين جاين ۾ وڃي شراب جون صراحيون کوليون ۽
فرمائش ڪيائون ته ’رقاصائون آڻيو، ته اسان جي
اڳيان ناچ ڪن.‘ جڏهن بدمست ٿيا، ته اول رقاصائن
سان دست درازي ڪيائون، پوءِ اوڙي پاڙي وارن گهرن ۾
گهڙي پيا. جڏهن انهن گهرن ۾ زالن جا مرد سندن
سامهون ٿيا، ته کين قتل ڪري ڇڏيائون، ۽ سندس گهرن
کي باهيون ڏنائون. ائين ڏسندي ڏسندي سڄي شهر ۾ روڄ
راڙو پئجي ويو.
چنگيز خان بخارا ۾ ڪو ڪلاڪ ٻه مس ترسيو. پوءِ علاؤالدين محمد
شاهه جي پويان وري سمرقند روانو ٿيو. پر، انهيءَ
عرصي ۾ بخارا جو سهاڳ اجاڙي ڇڏيائين. پردهه نشين
امير زاديون اگهاڙيون ويٺيون هيون. پنهنجيءَ قسمت
تي روئي رهيون هيون. گهرن ۽ گهٽين ۾ سندن مردن جا
لاش ۽ رت جا دٻا هئا. علم عرفان، اسلامي تهذيبَ ۽
تمدن جي مرڪز، بخارا جو آسمان، دونهين جي ڪارن
ڪڪرن سان ڍڪجي ويو هو.
بخارا جي هڪ باشندي، چنگيز خان ڏانهن حيرت مان نهاري آڱر سان
اشارو ڪري چيو ته: ”هي شخص ڪير آهي؟“
پاڙيسريءَ سندس وات تي هٿ رکي کيس خاموش رهڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ
آهستي سندس ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو: ”خدا جو قهر آهي، جو
اسان جي بڇڙن افعالن ڪري نازل ٿيو آهي.“
***
چنگيز خان سمرقند پهتو، ته نڌڻڪي شهر کي سٽ سهڻ جي طاقت ڪانه
هئي. شهر جا مفتِي، مسجدن جا پيش امام ۽ معتبر
ماڻهو، شاهي لشڪر جي ٽيهن هزارن سپاهين سميت اچي
کيس پيش پيا. چنگيز خان سندس وڏي تعظيم ڪئي. شاهي
لشڪر جي سپاهين کي ته پنهنجي لشڪر جي فوجي پوشاڪ
به پارايائين. ٽن راتين کان پوءِ پنهنجي لشڪر کي
ڪو اشارو ڏنائين، جنهن، رات جي پيٽ ۾، انهن ٽيهن
ئي هزار شاهي سپاهين کي ٻڪرن وانگر ڪهي ڇڏيو. ان
کان پوءِ، پنهنجي سپاهين کي حڪم ڏنائين ته:
”علاؤالدين محمد شاهه دنيا ۾ جاٿي به وڃي، اتي سندس پويان وڃو.
کيس ڳولي لهو. جيئرو يا مئل منهنجي اڳيان پيش
ڪريو. جيڪي شهر اوهان لاءِ پنهنجا دروازا کولي
ڇڏن، تن کي ڇڏي ڏيو. جيڪي سامهون ٿين، تن کي تهس
نهس ڪري ڇڏيو.
مان ڀايان ٿو ته اهو حڪم پورو ڪرڻ اوهان لاءِ ڏکيو نه آهي.“
ٻارهن بادشاهين ۾ هڪ مفرور سلطان کي ڳولي لهڻ آسان ڪم ڪونه هو.
پر، چنگيز خان جو حڪم هو. مغل سپاهي علاؤالدين
محمد شاهه جي پٺيان گهوڙا ڊوڙائيندا ويا. شڪاري
ڪتن وانگر نوس نوس ڪندا، هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين
پهتا. هو بلخ ويو، ته هي به بلخ پهتا، هو نيشاپور
ويو، ته هي به نيشاپور پهتا، هو همدان ويو، ته هي
به همدان پهتا. شاهه ڏاڍو دلگير ٿيو. چيائين ته،
”دنيا ۾ اهرو ڪوبه هنڌ ڪونهي، جتي مون کي مغلن جي
قهر کان پناهه ملي.“
ڪنهن صلاح ڏنس ته، ”ڪئسپين سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ آهي، جنهن ۾ مهاڻن جو
ڪو ڳوٺڙو آهي. اتي وڃي، هڪ گمنام ماڻهوءَ وانگر
زندگيءَ گذاريو.“
شاهه اوڏانهن ڀڳو، پر مغل گهوڙيسوار اتي به پهچي ويا. شاهه
ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ڀڳو، ته مغلن مٿس تير ڇوڙيا. ڪي
ته گهوڙن سوڌو پٺيانئس پاڻيءَ ۾ ڪاهي پيا. شاهه جو
انجام ڏاڍو دردناڪ ٿيو. هڪ مسڪين، بي يارو مددگار
ماڻهوءَ وانگر، ڦاٽل ليڙون ليڙ لباس ۾، بک ۽ ڏک ۾
مري ويو.
مغل سپاهين سندس زالون ۽ خزانو ڳولي وڃي هٿ ڪيو ۽ حفاظت سان
چنگيز خان ڏانهن موڪليو، جنهن حڪم جاري ڪيو ته،
”منهنجو لشڪر جڏهن ڪنهن شهر مان ڪوچ ڪري، ته
علاؤالدين محمد شاهه جون راڻيون ۽ شهزاديون، اسان
جي اڳيان اگهاڙي مٿي، ماتم ڪنديون هلن.“
***
سنڌي زبان جي پهاڪن ۾ وڏي سياڻپ آهي. هڪڙو پهاڪو آهي ته ”نڌڻڪا
گهوڙا، غيباڻا هسوار.“
علاؤالدين محمد شاهه جي موت کان پوءِ، چنگيز خان جو ڪو مد مقابل
ته رهيو ڪونه. خوارزم شاهه جي اسلامي سلطنت جا سڀ
شهر نڌڻڪا ٿي پيا ۽ هڪ هڪ ٿي مغل لشڪر جي اڳيان
ڪرندا ويا. مثلا: اطرار، جند، بخارا، نيشاپور،
سمرقند، طوس، نخشب، ترمذ، بلخ، مرو، هرات، باميان،
غزنه، ري، قم، مراغا، اربيل، ڪاشان، همدان.
جيڪي شهر ٿورو گهڻو مغلن جي سامهون ٿيا، تن جو انجام ڏاڍو
دردناڪ ٿيو. سڀ کان دلسوز داستان نيشاپور جو آهي،
جتي چنگيز خان جو ناٺي قتل ٿيو هو. پر، پاڻ کي هت
فقط مرو (Merve) جي تباهيءَ جو ذڪر تفصيل سان ڏيڻو آهي، ڇو ته پنهنجي خيال
موجب، قلندر لعل شهباز جي نسبت انهيءَ ئي شهر سان
آهي.
*
٢٨
مغلن جي مرو تي چڙهائي
مرو (Merve)
ريگستان ۾ هيرن جواهرن جهڙو شهر هو. مرغاب (مرغ
آب) جي ڪناري تي بيٺل هو. سهڻن وڻن ٽڻن سان
سينگاريل هو. بادشاهن لاءِ آرامگاهه هو ۽ عالمن
لاءِ علم ۽ عرفان جو مرڪز هو. منجهس وڏا شاندار
ڪتبخانا هئا، جن ۾ هزارين لکين بيش بها قلمي ڪتاب
سانڍيل هئا. شهر کي حفاظت لاءِ چؤڌاري وڏي عالم
پناهه ڏنل هئي.
چنگيز خان پنهنجي ننڍي پٽ تليءَ کي خراسان جا شهر فتح ڪرڻ لاءِ
موڪليو. هو مرو پهتو، ته اول ڀر پاسي سان شهر جي
حفاظت لاءِ بيٺل شاهي سپاهين کي ڀڄائي ڪڍيائين، پر
ميدان ۾ جيڪو چوپايو مال چري رهيو هو، تنهن کي
ڪجهه به ڪونه چيائين. هونئن نه ته مغل سڀ جانور به
ڪهي ڇڏيندا هئا.
تلي عالم پناهه وٽ اچي پهتو ۽ ان جي چؤڌاري چڪر ڏيڻ لڳو. پوءِ
ان کي ڀڃڻ لاءِ حملا شروع ڪيائين ۽ اها ڪارروائي
ٻاويهه ڏينهن جاري رکيائين. انهيءَ گوڙ گهمسان ۾،
هڪ ڏينهن، قلعي مان صبح جو سوير، هڪ پيش امام ٻاهر
نڪتو ۽ مغلن جي ڇانوڻيءَ ڏانهن ويو. مغل سپاهين
کيس امن امان سان تليءَ وٽ پيش ڪيو. اهو پيش امام،
مرو (Merve)
جي گورنر (جو هڪ ميرڪ هو) جو امن جو پيغام ۽ زربفت
جو وڳو کڻي تليءَ وٽ آيو هو. تلي تي ٺڳيءَ جو
بادشاهه هو، تنهن کيس وڏو مان ڏنو ۽ ميرڪ لاءِ
دعوت ڏنائينس. موٽ ۾ هڪ چوغو به ڏنائينس. پيش
امام، ميرڪ سان اهو احوال اچي ڪيو. ميرڪ تليءَ جي
دعوت قبول ڪئي. قلعي مان نڪري، تليءَ جي تنبوءَ ۾
پهتو، ته هن چيس ته، ”اڳو پوءِ پنهنجن سردارن کي
به سڏيو، ته اهي به دعوت ۾ اچي شريڪ ٿين.“ ميرڪ
کين ماڻهو موڪليو، جي ويس وڳا پائي، ٺهي سنبري
تليءَ جي تنبوءَ ۾ آيا ۽ پنهنجي پنهنجي درجي موجب،
جاءِ وٺي ويٺا. تليءَ چين ته ”مرو ۾ جيڪي شاهوڪار
آهن، تن مان چونڊ ڇهن سون ڄڻڻ جي لسٽ ٺاهي ڏيو.“
هنن ائين به ڪيو. تڏهن تليءَ پنهنجن ماڻهن کي ڪو
اشارو ڏنو، جن حيران ۽ پريشان ميرڪ جي اکين اڳيان،
سندس سمورن سردارن کي گهٽا ڏئي، اتي جو اتي، ماري
ڇڏيو. پوءِ شاهوڪار ماڻهو جي لسٽ کڻي، قلعي جي
دروازي تي ويا. محافظن ميرڪ جا اکر سڃاتا. ڇهه سؤ
شاهوڪار شخص قلعي جي دروازي مان هڪ هڪ ٿي ٻاهر
نڪتا، ته مغل سپاهين کين گرفتار ڪيو ۽ پاڻ گهوڙن
تي سوار ٿي قلعي ۾ ڪاهي پيا. اعلان ڪيائون ته مرو
جا سڀ ماڻهو پنهنجن گهر وارن سميت ٻاهر نڪري اچن.
ماڻهن کي شهر خالي ڪرڻ ۾ چار ڏينهن لڳي ويا. تلي اهو سمورو وقت
پنهنجي سونهري تخت تان سڄو لقاءُ ڏسندو رهيو. جڏهن
شهر خالي ٿي ويو، ته سڀ کان اول فوجي سپاهين کي
گرفتار ڪري تليءَ جي اڳيان آندائون، جنهن جي اشاري
تي سڀني جون منڍيون ڌڙ کان ڌار ڪيائون. ان کان
پوءِ بيوس خلق جو وارو آيو. سمورن مردن کي پٽ تي
اونڌو ليٽائي، سندسن هٿ پٺيان ٻڌائون، ۽ پوءِ
تليءَ جي اشاري تي کين ڪهي ڇڏيائون. جوان زالون
سپاهين ورهائي کنيون. ٻارن کي غلام بنايائون.
ان کان پوءِ ڇهه سؤ شاهوڪارن کي چيچلائي چيچلائي، سچيون ڪرائي،
سندن سمورو سون، رپو هٿ ڪري، کين ماري ڇڏيائون.
آخر ۾، تلي شهر جون جايون ڊهرائي ڍير ڪري، اڳتي
روانو ٿيو.
مرو ۾ ڪي ٿورڙا ماڻهو، لڳ ڀڳ پنج هزار، بچي ويا. جي تهخانن ۽
کنڊهرن ۾ لڪي ويا هئا. پر، ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ،
مغل سپاهين جو هڪ جٿو پوئتي موٽيو، ۽ انهن کي
ڳولي، هڪ هڪ ڪري، ڪهي ويو. اهڙيءَ ريت مرو مان
ماڻهوءَ جو نالو نشان مٽجي ويو.
مرو جي تباهيءَ بابت هيرولڊ لئمب جا اصل انگريزي اکر هي آهن:
“The vacant dwellings were ransacked by the Mongols, the walls raised to
the ground, and tuli drew off. The only
survivors of the city apparently were five
thousand Mohammedans, who had concealed
themselves in cellars and these did not live
long. Some troops of the horde returned to the
city, hunted them down and left the place empty
of human life.”
Genghes khan
Emperor of all men
By
Harold lamb
London, 1928.
p.p. 165
***
”طبقات ناصري“ جي مصنف منهاج سراج، مرو، نيشاپور ۽
هرات جي تباهيءَ جو احوال تمام اختصار سان لکيو
آهي. تاهم ڪتاب جي جلد ٻئي جي حاشيي ۾، مرو جي
زوال بابت هيئن لکيو اٿس:
”تولي مرو ڏانهن وڌيو ۽ جيڪي شهر ۽ علائقا سندس لشڪر جي سامهون
نه ٿيا هئا، تن کي امدادي لشڪر موڪلڻ لاءِ چيائين.
هنن کيس ستر هزار سپاهي موڪلي ڏنا.
مرو ۾ مجيرالملڪ مقابلي جي تياري ڪئي. پر وٽس لشڪر ٿورڙو هو.
لاچار، ٻه لک سرخ دينار، ٽيهه هزار خرار اناج ۽ هڪ
لک گهوڙن ڏيڻ جا شرط مڃي، تليءَ سان ٺاهه ڪيائين.
پر، جڏهن آخرين فيصلي لاءِ تليءَ وٽ ويو، ته هن وري نوان شرط
وڌس. نيٺ کيس عذاب ڏئي، هڪ هڪ ڪري سمورا عضوا ڪپي،
کيس ماري ڇڏيائون. ان کان پوءِ مرو ۾ ستر هزار
ماڻهو ڪٺائون.“
***
چنگيز خان
هيءَ تاريخي تصوير سندس خاندان جي هڪ شهزادي وٽ رکيل پينٽنگ جو عڪس آهي
ايڊورڊ برائون پنهنجي شهره آفاق ڪتاب ”پارس جي هڪ ادبي تاريخ“ ۾
’ابن اثير‘ جي حوالي سان لکيو آهي ته:
”مرو ۾ مغلن ست لک ماڻهو ماريا.“
اڳتي هلي ائين به لکيو اٿس ته:
” ’تاريخ جهان ڪشا‘ مرو جي مقتولن جو تعداد تيرهن لک ٻڌايو
آهي.“
***
”ادب نامه ايران“ جي مصنف مرزا مقبول بيگ بدخشانيءَ مرو بابت
لکيو آهي ته، ”تليءَ مرو کي فتح ڪيو، جو سنجر
سلجوقيءَ جو تختگاه هو ۽ وڏي تمدن وارو شهر هو.
ياقوت حمويءَ پنهنجي ڪتاب ”هفت اقليم“۾ مرو جي عظيم الشان
لئبررين، عالمن ۽ فاضلن جو ذڪر ڪيو آهي. پوءِ لکيو
آهي ته مرو جون سهڻيون عمارتون هاڻي ڊهي کنڊهر ٿي
ويون آهن. چوڌاري سانت ۽ سناٽو آهي. رڳو هوا جا
سوساٽ آهن. مرو ۾ جيڪو قتل عام ٿيو آهي، تنهن کي
انسانذات قيامت تائين وساري ڪونه سگهندي.“
***
چنگيز خان چين ۾ ايڏو ظلم ڪونه ڪيو هو. پر، خوارزم جي اسلامي
سلطنت ۾ هو جنگ کي انتهائي نقطي تي وٺي ويو. يعني
مڪمل تباهي. ماڻهن جو ڪوس بي سبب چون ٿا ته هن،
انهيءَ جنگ ۾، اسي لک انسان مارايا. سندس سپاهي
ڍڪين زالن جا پيٽ ترار سان چيري، اڻ ڄاول ٻار به
ٻاهر ڪڍي ڪهندا هئا. ماڻهو ته ڇا، ڪو ڪتو ٻلو به
جيئرو ڪونه ڇڏيندا هئا.
شهر جي آسپاس بيٺل ساوا فصل به ساڙي ڇڏيندا هئا. جيڪي ماڻهو ڪوس
کان بچي ويندا هئا، سي هوش حواس وڃائي وهندا هئا.
کنڊهرن ۾ لڪا پيا هوندا هئا، تان جو رات ٿيندي هئي
۽ بگهڙن جا ولر مئل ماڻهن کي چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ جهنگ
مان اجڙيل شهر ۾ ايندا هئا. بعضي خود مغل سپاهي
موٽ کائيندا هئا ۽ اهڙن لڪل ماڻهن کي کنڊهرن مان
ڳولي، ڪهي ويندا هئا. بعضي ته شهر جا کنڊهر ئي ختم
ڪرڻ لاءِ ڀر پاسي سان ڪنهن نهر يا واهه جو وهڪرو
ڦيرائي ڇڏيندا هئا. پاڻي جو شهر جي مٿان وهندو هو،
ته کنڊهرن جو نالو نشان به مٽجي ويندو هو.
چنگيز خان خود پنهنجن سپاهين کي اهڙن مصيبت زده شهرن کان پري
رهڻ جي حڪم ڏنو هو. ڇو ته ’مٿن خدا جو قهر ڪڙڪيو
هو.‘
***
خوارزم شاهه جي حاڪم علاؤالدين محمد شاهه جو پٽ مغل لشڪر سان
وڙهندو رهيو. جڏهن مقابلو ڪري نه سگهيو، ته ملڪ
ڇڏي، هندستان هليو ويو ۽ دهليءَ جي سلطان شمس
الدين التمش کان مدد گهريائين. التمس کي چنگيز خان
سان سينو ساهڻ جي ته همت ڪانه هئي، پر جلال الدين
شاهه کي پناهه ڏنائين. چنگيز خان اهو ٻڌو ته باهه
ٿي ويو ۽ ڏند ڪرٽي، هندستان تي حملي جو ارادو
ڪيائين. اتي به ڪا قيامت ڪڙڪائي هئا، پر، گوبيءَ
جي رڻ پٽ مان ڪنهن اهم واقعي جو اوچتو اطلاع مليس.
سو، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ، هندستان تي حملي جو
ارادو لاهي، طوفان، وڏڦڙي مينهن ۽ کنوڻ وانگر،
گجندو، وسندو، تجلا ڏيندو، قراقرام روانو ٿيو.
*
٢٩
چنگيز خان کان پوءِ
مغلن جون مسلمان ملڪن تي چڙهايون
چنگيز خان جي واپسيءَ کان پوءِ به مسلمان ملن تي مغلن جون
چڙهايون جاري رهيون. سندس پٽن ۽ پوٽن، هڪ طرف،
عراق، گيلان، رستم داري، دربند ۽ آذر بائيجان جا
سمورا علائقا پائمال ڪيا، ته ٻئي طرف ڪابل، غزنيءَ
۽ زابلستان کي مغلوب ڪيو. سندن لشڪر ڪئي ڀيرا
لاهور، ملتان، ۽ اچ (سنڌ) تائين به پهتو.
رڳو مسلمان ملڪ نه، پر مغل جاڏي تاڏي ڪاهي پيا. اتر ۾ ماسڪو
تائين وڃي ڪڙڪيا. ايڊورڊ برائون لکيو آهي ته اوڀر
۾ جپان تائين ۽ اولهه ۾ جرمنيءَ تائين، سندن دهشت
۽ ڌڌڪو (Terror)
هو. ڪنهن جي مجال هئي، جو سندن اڳيان دم هڻي سگهي!
عيسائين جي مذهبي پيشوا، پوپ ته فتوا ڏئي ڇڏي ته ”مغل اهي ئي
ياجوج ۽ ماجوج آهن، جن جو عيسائين جي پاڪ ڪتاب
انجيل ۾ ذڪر آهي.“
چنگيز خان کان پوءِ مغل فتوحات جي ٻي وڏي لهر هلاڪوءَ آندي،
جنهن اسلامي دنيا جي مرڪز بغداد تي ڪاهه ڪئي ۽
ايڏو ته ظلم ڪيائين جو هاڻي به سنڌ ۾ ڪنهن سان
تمام وڏو ظلم ٿيندو آهي ته چوندا آهن ته ”بغداد ٿي
ويو!“
پر، هلاڪوءَ جي ئي ايامڪاريءَ ۾ ٻيو به هڪ اهم واقعو ٿيو، جنهن
به اسلامي تاريخ تي دور رس اثر وڌا. اهو هو
”فدائين“ جي تحريڪ جي تباهي. هلاڪوءَ فدائين جي
مرڪز يعني ’الموت‘ جي قلعن تي حملو ڪري، انهن کي
لتاڙي چيڀاٽي، ڀور ڪري ڇڏيو.
فدائين جي تحريڪ حسن بن صباح اڀاري هئي، جنهن جو تعلق اسماعيلين
سان هو. پر، انهيءَ ۾ اسان جي دلچسپي فقط قلندر
لعل شهباز جي نسبت سببان آهي، ڇو ته ڪن عالمن جو
چوڻ آهي ته قلندر شهباز اسماعيلي هو، ڪن جو چوڻ
آهي ته اسماعيلي ڪونه هو. بقول انعام محمد، ايڊورڊ
برائون ”پارس جي هڪ ادبي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته
”نسب جي لحاظ کان اسماعيلي هو، پر، عقيدي جي لحاظ
کان ڪونه هو.
”انعام محمد ائين به لکيو آهي ته قلندر لعل شهباز، ”الموت“ جي
قلعن تي هلاڪوءَ جي حملن ڪري سنڌ ۾ آيو ۽ سيوهڻ ۾
سڪونت اختيار ڪيائين. سو، ڳالهه کي تاريخي پس منظر
۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ ضروري آهي.
*
هلاڪو
هيءَ ناياب تصوير برٽش ميوزيم ۾ رکيل آهي.
٣٠
اسماعيلي
دنيا ۾ مسلمانن جو تعداد هاڻي هڪ ارب کان مٿي آهي.
منجهن مکيه فرقا ٻه آهن: هڪڙا
سني ٻيا شيعا. اسماعيلي شيعن مان آهن. پر، عام
شيعا، جن کي ”امامي“ ڪوٺيندا آهن، تن کان بلڪل جدا
آهن.
امامي شيعن جو عام عقيدو آهي ته حضرت علي مرتضيٰ عليه السلام
پهريون پهريون امام آهي. کانئن پوءِ سندن متبرڪ
خاندان مان يارهن امام سڳورا ٻيا به ٿيا، يعني
جملي ٻارهن ٿيا. ٻارهون امام غائب يعني امام مهدي
عليه السلام آهي، جيڪو خدا جي حڪم سان پنهنجي مقرر
وقت تي ظاهر ٿيندو. انهن ٻارهن امامن کي مڃيندڙ
اثنا عشري سڏبا آهن.
ڇهين امام حضرت جعفر صادق عليه السلام پنهنجي وڏي پٽ حضرت
اسماعيل کي امام قرار ڏنو هو. پر، هن پنهنجي والد
جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪئي. جڏهن خود حضرت امام
جعفر صادق عليه السلام وفات ڪئي ته هڪڙن سندس ننڍي
پٽ امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام کي پنهنجو امام
مڃيو ۽ ٻيا وري سندس وڏي پٽ حضرت اسماعيل کي ئي
پنهنجو امام مڃيندا رهيا ۽ چوڻ لڳا ته امامت ته هڪ
مقدس امانت آهي،جيڪا خدا جي طرفان ملي ٿي. اها
ڪنهن به طرح ختم ڪانه ٿي ٿئي. اهي پاڻ کي اسماعيلي
ڪوٺائڻ لڳا.
شروع شروع ۾، اسماعيلي فرقي ۾ اثنا عشري فرقي ۾ ڪي ٿورڙا فرق
هئا. اسماعيلي ستن امامن کي ۽ اثنا عشري ٻارهن
امامن کي مڃيندا هئا. اثنا عشري امام مهديءَ عليه
السلام کي غائب امام مڃيندا هئا ۽ اسماعيلين جو
حاضر امام ۾ يقين هو. ائين ٻين ڪن ڳالهين ۾ به
سندن ٿورا گهڻا اختلاف هئا. پر، اڳتي هلي، جڏهن
اسماعيلي فرقي جي اڳواڻي، عبدالله بن ميمون القداح
جي هٿن ۾ آئي، ته ٻنهي ڌرين جا ويڇا وڌي ويا.
عبدالله بن ميمون القداح جو زمانو سنه ٢٦٠هجري (مطابق
٨٧٣-٨٧٤عيسوي) آهي. پاڻ اصل ايراني هو ۽ اهواز شهر
جو رهاڪو هو. سندس پيءُ ميمون انتها پسند شيعو هو
۽ ميمونيه نالي هڪ جدا جماعت جو بنياد به وڌو
هئائين.
عبدالله بن ميمون القداح کي ذهانت ۽ قيادت جون صلاحيتون گويا
پنهنجي پيءُ کان ورثي ۾ مليون. سياست ۾ سندس گهري
دلچسپي هئي. سو، پنهنجي آبائي شهر اهواز مان لڏي،
مختلف هنڌن تي ويو. پر، آخرڪار شام ملڪ ۾ زمين
خريد ڪري، پنهنجو مرڪز قائم ڪيائين، جتان پنهنجن
نظرين جي پرچار لاءِ هيڏي هوڏي داعي (دعوت ڏيندڙ)
موڪلڻ لڳو. سندس مقصد بغداد جي عباسي خلافت جي
مخالفت هو، جيڪا شيعن جي خلاف هئي. جيڪي شخص سندس
پوئلڳ ٿيا، تن ۾ سڀني کان مشهور حمدان بن علي عتاش
ٿيو، جنهن کي ننڍي قد بُت جي ڪري ”قرمط“ ڪوٺيندا
هئا ۽ سندس پوئلڳن کي قرامطه يا قرمطي. انهن جو
اثر سنڌ تائين به پهتو ۽ ڪجهه عرصو مٿس حڪومت
ڪيائون. عبدالله بن ميمون القداح سنه ٢٦١هجريءَ ۾
وفات ڪري ويو. کانئس پوءِ، اسماعيلي نظرين جي
تبليغ جو ڪم، سندس پٽن جاري رکيو. پر، مڙني جي
محنت جو ڦل سندس پوٽي کي نصيب ٿيو، جنهن جو نالو
هو سعيد بن الحسين بن عبدالله بن ميمون القداح.
عام طرح کيس سعيد ڪوٺيندا هئا.
*
٣١
اسماعيلي فاطمي حڪومت
سعيد ٻڌو ته اتر آفريڪا جون بَر بَر قومون اسماعيلي عقيدن کي
مڃن ٿيون. رڳو امام جي اچڻ جون منتظر آهن. هو وٽن
ويو. جن مانهن سندس بيعت ڪئي ۽ پوئلڳ ٿيا، تن جي
مدد سان اتر آفريڪا جو چڱو علائقو فتح ڪيائين.
اتان جي حڪمران خاندان کي ختم ڪري، فاطمي حڪومت
قائم ڪيائين. هجري سنه ٣٥٦تائين، مصر ملڪ تي به
فاطمي حڪومت قائم ٿي وئي ۽ ستت ان جو جهنڊو شام
ملڪ جي مٿان به جهولڻ لڳو. فاطمي حڪومت جي زور وٺڻ
سان، اسماعيلين جي سياسي اهميت وڌي وئي ۽ بغداد جي
عباسي خليفن کي به اکيون ڏيکارڻ لڳا.
عباسي خليفا وري چوڻ لڳا ته هي فاطمي ڪيئن ٿيا؟ هي حضرت علي
سائينءَ ۽ بيبي فاطمته الزهرا جو اولاد ته ڪونه
آهن! هي ته عبدالله بن ميمون القداح جو اولاد آهن،
جيڪو اصلا نسلا ايراني هو. سندس دل عربن ۽ اسلام
لاءِ نفرت سان ڀريل هئي، ڇو ته حضرت عمر جي زماني
۾ عربن جي اسلامي لشڪر ايران تي حملو ڪري، ان جي
اڳواڻيءَ هفت اقليم شهرت ۽ عظمت کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو
هو. سو، عبدالله بن ميمون القداح ايران کي اڳوڻي
اوج تي رسائڻ لاءِ رات ڏينهن انهيءَ ويچار ۾ هوندو
هو، ته اهڙي ڪا سٽ سٽيان، جو ملسمان فاتح پاڻ ۾ ئي
اٽڪي پون ۽ اسلامي سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي. کيس
انهيءَ ڳالهه جي ڪاميابي شيعا سني اختلاف وڌائڻ ۾
نظر آئي.
ڪن مغربي مصنفن جو خيال آهي ته ايران ۾ اهڙن خيال رکڻ وارن وطن
پرست ماڻهن جو چڱو وڏو تعداد موجود هو. هو اهڙن
ماڻهن ۾ مشهور شاعر، فردوسيءَ جو نالو به کڻن ٿا،
جنهن پنهنجن شعرن ۾ مسلمان عربن کي ”ڏاچين جو کير
پيئندڙ ۽ ڳوهون کائيندڙ“ ڪوٺيو آهي.
پر، اسماعيلي فرقي جي پوئلڳن، عباسي خليفن جي پروپئگنڊا ڏي گوش
ڪونه ڏنو. فاطمي حڪومت آزاد خيال هئي. عام خلق جي
ڀلائيءَ جو خيال رکندي هئي. علم جي حاصلات لاءِ
انهيءَ جي پاليسي ته ڏاڍي موافق هئي. دنيا جي سڀ
کان قديم يونيورسٽيءَ ”الاظهر“ جو بنياد فاطمي
خليفن ئي وڌو هو. مصر ۾، اسماعيلي نظرين جي عام
تعليم ڏني ويندي هئي. پر، هميشه اهو اصول اڳيان
رکيو ويندو هو، ته ماڻهن کي زور زبردستيءَ سان
ڪابه ڳالهه قبول نه ڪرائجي، کين رضا رغبت سان پاڻ
ڇڪجي.
فاطمي حڪومت ٻين مذهبن وارن مثلا عيسائين جي عبادتگاهن جو به
احترام ڪندي هئي. چوٿين فاطمي خليفي، سرڪاري خزاني
مان عيسائين جي هڪ زبون ٿيل ديول جي مرمت جو حڪم
ڏنو. اڳي خود عيسائين کي به ان جي مرمت جي اجازت
ڪانه هئي. انتها پسند مسلمانن ان جي سخت مخالفت
ڪئي. هڪڙو ڄڻو ته ديول جي بنيادن ۾ ليٽي پيو.
خليفي حڪم ڏنو ته سندس سيني تي پٿر رکي، اوساري
ڪريو، ته جيئري ئي پورجي وڃي، پر، عيسائين جي چوڻ
تي سندس جان بخشي ڪيائين.
مغربي مصنفن جو خيال آهي ته اهڙيءَ مذهبي رواداريءَ ۽ فراخ
دليءَ واري پاليسي اختيار ڪرڻ ڪري، فاطمي حڪومت،
روز بروز، زور وٺندي ويئي ۽ ان جو اثر ٤٨٣هه کان
٦٥٥هجريءَ تائين ري، طبرستان، خراسان، قهستان،
عراق ۽ شام تائين پکڙجي ويو. هڪ وقت اهڙو به آيو،
جو مڪي ۽ مديني جا مقدس شهر پڻ فاطمين جي اثر هيٺ
اچي ويا. خود بغداد جي عباسي خليفي، فاطمي خليفي
کي تسليم ڪيو.
سنڌ سان اسماعيلين جا لاڳاپا فاطمي حڪومت ٺهڻ کان اڳ توڙي پوءِ،
تاريخي لحاظ کان، ڏاڍا اهم آهن. پهريون پهريون
اسماعيلي داعي، فاطمي حڪومت ٺهڻ کان اڳي، سنه ٨٨٣
عيسويءَ ۾ سنڌ ۾ آيو. بعد ۾ فاطمي خليفي لشڪر
موڪليو، جنهن اچ شريف ۽ ملتان کي اچي فتح ڪيو،
جيڪو سلطنت سنڌ جو اتريون حصو هو. پوءِ ته مسجدن ۾
ئي فاطمي خليفي جو خطبو پڙهيو ويندو هو.
گويا، اسماعيلي طاقت هاڻي نيل نديءَ کان سنڌو نديءَ تائين،
ڇوليون هڻي رهي هئي! اها ڪا معمولي ڳالهه ڪانه
هئي. پر، اصل ڳالهه مشيت ايزدي آهي. ٿيو ائين ته
طاقتور فاطمي خلافت کي صليبي جنگين جي مسلمان سپه
سالار، صلاح الدين ايوبيءَ ختم ڪري ڇڏيو ۽ ايران
جي اسماعيلي طاقت کي وري هلاڪوءَ چٽ ڪري ڇڏيو.
انهيءَ ۾ حيرت جي ڳالهه ڪانهي. انساني تاريخ جو وهڪرو ڪڏهن به
سنئون سڌو ڪونه رهيو آهي. ڪڏهن هيڏي ته ڪڏهن هوڏي،
ڪڏهن اڳتي ته ڪڏهن پوئتي. ان جو اڀياس نهايت دلچسپ
۽ سبق آموز آهي. پر، هن ڪتاب ۾ فاطمي خلافت اسان
جو موضوع نه آهي. اسان جي دلچسپي، قلندر لعل شهباز
جي ڪري، اسماعيلي تحريڪ جي فقط انهيءَ دور تائين
محدود آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ هلاڪوءَ الموت تي
حملو ڪيو.
|