بهرحال پهرين ڏينهن مون کي ڇهون ڪلاس ڏنو ويو ته هن ڪلاس کي
هڪڙو سبق پڙهاءِ. ان کان پهرين مون رڳو ڇوڪرين کي
پڙهايو هو. هي اسڪول ڇوڪرن جو هو. ان ڪري ٿوري
جهجهڪ پئي ٿئي. مون سوچيو ته ڪا ڳالهه ناهي. ننڍا
ٻار ئي ته آهن. ڪهڙو فرق ٿو پوي. سو مون بسم الله
ڪري ان ڏينهن ڪلاس ۾ پڙهايو. مان پنهنجي تعريف نه
ڪندس. پر ان ڏينهن سنڌيءَ جي انچارج مريم چيو ته
سڀاڻي توهان ستين ڪلاس کي پڙهائجو ۽ مون کي ستين
ڪلاس جو ڪتاب به ڏنائين ته تياري ڪري اچجو. تياري
ڇا ڪرڻي هئي. پر پوءِ به سبق کي پڙهي ڇڏيم. ۽ دل ۾
چيم ته ڪا ڳالهه ناهي، ستين ڪلاس جا ٻار ڇهين وارن
کان هڪڙو سال ئي ته وڏا آهن. ٻئي ڏينهن تي ڪلاس ۾
پڙهايم.ان ڏينهن وري چيو ويو ته سڀاڻي توهان اٺين
ڪلاس کي پڙهائجو. مون وري سوچيو ته خير آهي. هي به
هڪڙو ئي سال وڏا آهن. ٻئي ڏينهن تي تمام سٺي
نموني اٺين ڪلاس کي به پڙهايم. ان ڏينهن چيو ويو
ته سڀاڻي توهان نائين ڪلاس کي پڙهائجو. مان چپ ٿي
ويم. ڇو ته نائين ڪلاس ۾ ڪافي وڏا وڏا ڇوڪرا هئا.
ڪي ته باقائدي روز شيو به ڪري ايندا هيا. مون کي
سوچ ۾ ڏسي مريم چوڻ لڳي ته ڪا ڳالهه ناهي نائين
ڪلاس جا ڇوڪرا اٺين وارن کان هڪ سال ئي ته وڏا
آهن. مون کان بي اختيار کل نڪري ويئي.. مون چيو ته
ايترا ڏينهن مان پاڻ کي اهو دلاسو ڏئي ته گذاريا
آهن.
بهرحال ٻئي ڏينهن کان مان نائين ڪلاس کي پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ پورو
مهينو مفت ۾ پنهنجي کيسي مان ڀاڙو ڀري اسڪول ويندي
رهيس. آخر هيڊ مسٽريس مسز اينجلا، منهنجي ثابت
قدمي ڏسي مون کي آفيس ۾ سڏايو ۽ پڇيو ته تون ڪهڙي
برانچ ۾ ڪم ڪنديئن؟ مون چيو ته قاسم آباد ۾
پڇيائين ڇو؟ مون چيو ته منهنجا ٻار به اتي پڙهندا
آهن ۽ منهنجو گهر به اتي آهي. ان ڪري مان آرام سان
ڪم ڪري سگهنديس. هن منهنجي نوڪري پڪي ڪئي. مون
چوٿين جنوري 1997ع کان اسڪول ۾ ڪم شروع ڪيو.
منهنجو خواب حقيقت ۾ بدلجي ويو. ٻارن سان گڏ ئي
اچڻ وڃڻ لڳس. دير سوير ٿيندي به هئي ته گڏ هوندا
هياسي. ان ڪري ڪو مسئلو ئي نه ٿيندو هو. گهر کي به
مون ڏاڍي سٺي نموني سنڀاليو. ان ڪري ڪو به مسئلو
نه ٿيو. طاهر کي مون ڪا به شڪايت ٿيڻ نه ڏني.
آهستي آهستي جڏهن هن مون ۾ سٺيون تبديليون ڏٺيون
ته هو خوش ٿيڻ لڳو. ڇو ته ٻاهر نڪرڻ سان ضرور فرق
پوي ٿو. گهر جي ڪمن ۾ مصروف رهندي ته ڄڻ عام ڪم
واري مائي ٿي رهجي ٿو. منهنجي نوڪريءَ سان گهر
بلڪل به ڊسٽرب به نه ٿيو. مون هڪ ڪم واري مائي به
رکي. جيڪا اسان جي اچڻ کان پوءِ صفائي ڪري ويندي
هئي ۽ ٿانو به ڌوئي ويندي هئي. منهنجي نوڪريءَ کي
اڄ يارهون سال آهي. ان عرصي ۾ مون ٻارن کي ڪڏهن به
رکيل کاڌو ناهي کارايو. ٽئي وقت تازو کاڌو
پچائيندي آهيان. ها، باقي جيڪڏهن کاڌو بچي پوي ته
ضرور اهو ٻئي ويلي تي استعمال ڪندا آهيون، ڇو ته
زيان جو لفظ مون وٽ آهي ئي ڪونه. باقي ڪڏهن به مون
ٻن ٽن ڏينهن جو کاڌو پچائي ناهي رکيو. نوڪريءَ سان
گڏ ٻيا سلسلا به گهر جا هلندا رهيا آهن. مثال جي
طور تي ڪپڙا سبڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، باغباني، سئي ڌاڳي جا
سمورا ڪم، آرٽ ۽ ڪرافٽ، ڪتاب پڙهڻ وغيرهه. اهي ڪم
ان لاءِ به جاري رکيم ته انهن کان بغير منهنجي
زندگيءَ ۾ ڪو به مزو ڪونهي.
رات جو پنهنجا ۽ سڀني ٻارن جا ڪپڙا استري ڪري رکندي هيس. اٽو
ڳوهي رکندي هيس. ڪا ڀاڄي هوندي ته اها به ڪٽي
رکندس. اها سڄي تياري ٻئي ڏينهن لاءِ هوندي
هئي.صبح جو نماز پڙهي منجهند لاءِ اڌ پڪو ٻوڙ به
ٺاهي رکندي هيس. ٻارن کي مون ان ڳالهه تي هيرايو
ته روزانو گهر کي صاف ڪري پوءِ اسڪول هلنداسي ته
جيئن واپسيءَ ۾ صاف سٿري گهر ۾ اچون. هنڌ بسترا
ويڙهي، ڪپڙا جوتا پنهنجي پنهنجي جاين تي رکي، ڇنڊ
ڦوڪ ڪري پوءِ اسڪول روانا ٿينداسي. واپسيءَ ۾ صاف
سٿري گهر ۾ اچي ڏاڍو سڪون محسوس ٿيندو هو. هاڻي ته
ٻار وڏا ٿي ويا آهن. گهر ۾ منهنجي گهڻي مدد به ڪن
ٿا. ڪجهه پنهنجي مرضي به هلائين ٿا.
اسڪول کان واپسيءَ کان پوءِ ڪڏهن به مان ٻه گهڙيون ويٺي ناهيان.
سدائين ڪپڙا بدلائي، هٿ منهن ڌوئي بورچيخاني جو
رخ ڪندي آهيان. ماني پچائي، ٻارن کي کارائي، پاڻ
به کائي، نماز پڙهي، پوءِ مان ڪنهن کي به نه
سڃاڻندي آهيان. سڌو پنهنجي ڪمري جو رخ ڪندي آهيان
ڇو ته منجهند جي ماني منهنجي لاءِ ننڊ جي ٻن گورين
جي برابر آهي. ان ڪري مان منجهند جو ڪو نه ڪو ڪتاب
پڙهي سمهي رهندي آهيان. شام جو ٽيپهريءَ جي نماز
تي مون کي ٻار اٿاريندا آهن. ان کان پوءِ وري
ڏاڍي زور شور سان ڪم کي لڳي ويندي آهيان. ڇو ته ڪم
ئي منهنجي لاءِ زندگي آهي. هڪ دفعو مان بيمار ٿيس
ته اسان جي فيملي ڊاڪٽر، ڊاڪٽر عابد شيخ مون کي
مشورو ڏنو ته ”توهان ڪم ڪجهه گهٽ ڪيو.“ مون چيو
ته ڊاڪٽر صاحب جنهن ڏينهن مون پنهنجي زندگيءَ مان
ڪم گهٽائي ڇڏيو، اهو ڏينهن منهنجو آخري ڏينهن
هوندو. ڇو ته منهنجي لاءِ ڪم ئي زندگي آهي“ ڊاڪٽر
حيران ٿي ويو. چوڻ لڳو ته اڄ ڪلهه ته عورتون ڪم نه
ڪرڻ جا بهانا ٿيون ڳولين. ٻي ڪنهن مائيءَ کي اهو
مشورو ڏيان ها ته سڌي ٿي وڃي سمهي پئي ها. توهان
پهرين عورت آهيو، جيڪا ڪم کي زندگي ٿي چوي.
بهرحال اهو ئي منهنجي زندگيءَ جو سلسلو آهي، جيڪو سالن کان هلي
رهيو آهي. ڪتابن پڙهڻ جو مون کي ڏاڍو شوق آهي. ان
ڪري منهنجي پلنگ جي مٿن کان ڪو نه ڪو ڪتاب موجود
هوندو آهي، جيڪو مان ٿورو ٿورو ڪري منجهند ۽ رات
جو پڙهندي اهيان. اهو ڪتاب پورو ٿيندو آهي ته ڪو
ٻيو ڪتاب کڻندي آهيان. ائين اهو سلسلو به جاري
آهي. اسان وٽ ڪتابن جو تعداد هزارن ۾ آهي. طاهر
کي اهو شوق ننڍپڻ کان آهي، جڏهن هو پنهنجي خرچيءَ
مان به ڪتاب وٺندو هو. اڄ ڪلهه هن سان ان ڪم ۾ ٻار
۽ مان به شامل آهيون. مان جڏهن به ڪراچيءَ ويندي
آهيان ته اتان جي هفتي وار بازارين مان ڪتاب ضرور
وٺندي آهيان. هڪ دفعو طاهر مون کي عيد جي ڪپڙن
لاءِ پئسا ڏنا ته جيئن مان پنهنجي لاءِ وڳو وٺي
اچان. مان انهن پئسن مان به ٻه ڪتاب وٺي آيس ڇو ته
ان سان مون کي وڌيڪ خوشي پئي ملي. حيدرآباد ۾
لڳندڙ سڀني ڪتابن جي نمائش ۾ اسان ويندا آهيون.
ٻار به اتان پنهنجي خرچيءَ مان ڪتاب وٺندا آهن.
اسان سڀني ننڍن وڏن کي ڪتابن پڙهڻ ۽ وٺڻ جو جنون
جي حد تائين شوق اهي. شايد اهي اسان لاءِ آڪسيجن
جي حيثيت رکن ٿا. ڪتابن جو ذخيرو آهستي آهستي وڌي
رهيو آهي. مون پنهنجي گهر جي ڪٻٽن ۽ شوڪيسن ۾ ڪتاب
سجائي رکيا آهن. عام گهرن ۾ شوڪيسن ۾ ٿانو سجيل
هوندا آهن. گهر ۾ ٺهيل دوڇتيون به ڪتابن سان ڀريل
آهن. ٻار اڪثر بحث ڪندا آهن ته ورثي ۾ ڪتاب ڪنهن
کي ملندا. الله ڪري ته منهنجي ٻچڙن ۾ علم سان اهو
پيار سدائين قائم ۽ دائم رهي ۽ انهن مان ايندڙ
نسلن ۾ اهو شوق منتقل ٿئي ۽ ائين ڏيئي مان ڏيئو
ٻرندو رهي. (آمين).
سينٽ بونا وينچرز اسڪول جي حوالي سان ڪجهه ڳالهين ۽ ڪجهه يادن
جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿي سمجهان. جڏهن مون نوڪري شروع
ڪئي ته مون کي خبر پئي ته ڪجهه ٽيچرز، انچارجز جي
رويي جي ڪري نوڪري ڇڏي هليا ويا آهن. ان ڏينهن مون
عهد ڪيو ته منهنجي نوڪري ڇڏڻ جو سبب ٻيو ڪجهه به
ٿي سگهي ٿو پر انچارجز جي رويي جي ڪري مان نوڪري
نه ڇڏيندس. ڇو ته اها منهنجي شڪست ٿيندي ۽ شڪست
قبول ڪرڻ مون کي ڪنهن به صورت ۾ گوارا ناهي. مان
هميشھ کان کٽڻ ۽ مٿي رهڻ کي ترجيح ڏني آهي. جي
ڪڏهن ڪنهن ڪم ۾ منهنجي شڪست جو امڪان هجي ته مان
ان ۾ هٿ ئي نه وجهندي آهيان. اڄ منهنجي ان شوق جو
ئي نتيجو آهي جو مان هن اسڪول ۾ اڃا به موجود
آهيان ۽ سنڌي سبجيڪٽ جي انچارج به آهيان. اها الڳ
ڳالهه آهي ته مان ڪڏهن مصلحتن جي ڪري اڳتي نه
ايندي هجان، باقي شڪست قبول ڪري پوئتي هٽڻ منهنجي
مزاج جي خلاف آهي.
منهنجي نوڪريءَ جي پهرين سال، اسڪول ۾ ساليانن ڊرامن جي تياري
ٿي رهي ئي. انچارج، برنيءَ مون کي چيو ته مٿي هال
۾ ياور علي ڪاظمي سنڌي ڊرامي جي تياري ڪرائي رهيو
آهي. سنڌي هن جو سبجيڪٽ ناهي ڇو ته هو انگريزي
پڙهائيندو آهي. سو تون وڃ ۽ هن جي مدد ڪر. مان مٿي
ويس ته ڇوڪريون (قاسم آباد برانچ ۾ ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون گڏ پڙهندا آهن) ڊائلاگ جي پرئڪٽس ڪري
رهيون هيون. ان ۾ مون هڪ ٻه لفظ ٻڌا جيڪي مون کي
صحيح نه لڳا. مون ڇوڪرين کي سڏي سمجهايو ته اهي
لفظ ائين نه پر هيئن ٿيندا. جڏهن هنن ڊائلاگ
دهرايا هنن منهنجا ٻڌايل لفظ چيا. ياور جڏهن ٻڌو
ته تپي ته ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چڙي هنن کي چيائين ته
توهان کي ڪنهن چيو ته لفظ بدلايو. ڇوڪرين مون
ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايس ته مِس نسرين چيو آهي ته
لفظ بدلايو. هن ان ئي لهجي ۾ مون کي چيو ته مس
توهان مهرباني ڪري منهنجي ڪم ۾ داخلت نه ڪيو. مون
چيو مانس ته مان پاڻ ڪو نه آئي آهيان. مون کي
برنيءَ موڪليو آهي. ٻيو ته اهي لفظ غلط هيا. تنهن
ڪري مون بدلائڻ لاءِ چيو. چوڻ لڳو ته توهان ڪيئن
ٿا چئو ته اهي لفظ غلط آهن. مون چيو ته مون وٽ ڪو
به ثبوت ناهي پر اهي لفظ غلط آهن. توهان ڊڪشنريءَ
مان چيڪ ڪيو. يا ٻئي ڪنهن کان پڇو. جيڪڏهن لفظ غلط
نڪرن ته توهان صحيح ڪرايو. جيڪڏهن مان غلط آهيان
ته پوءِ مون کي ٻڌائجو ته مان پنهنجي غلطي صحيح
ڪريان. ائين چئي مان واپس هلي ويس. برنيءَ کي چيم
ته ياور چئي ٿو ته ان کي ڪنهن به مدد جي ضرورت
ناهي.
ان کانپوءِ هن نه پنهنجي غلطي صحيح ڪئي نه مون کي ٻڌايو ته ڪو
مان غلط آهيان.پر ان واقعي کان پوءِ اهو ٿيو ته هو
مون سان عزت سان ڳالهائڻ لڳو؟ سندس زال امبر جي به
آهستي آهستي مون سان دوستي ٿي ويئي هئي. هڪ ڏينهن
ياور مون کي پنهنجي مرشد ”فقير جانڻ چن“ جي
شاعريءَ جو ڪتاب آڻي ڏنو ۽ چيو ته هن ۾ کوڙ غلطيون
آهن توهان اهي صحيح ڪري ڏيو ته ڪتاب ٻيهر ڇپايان.
اهو ڪتاب ياور پاڻ ڇپايو هو. جيڪو وڪري لاءِ نه هو
پر هن رڳو پنهنجي واقفيت وارن کي تحفي طور ڏنو هو.
مون اهو سڄو ڪتاب پڙهيو ۽ ان جون غلطيون درست ڪري
واپس ڏنم. پر اڃا تائين ان جو ٻيو ايڊيشن ڪو نه
ڇپيو آهي. ڇو ته ياور پاڻ انگلينڊ هليو ويو آهي.
اسان جي دوستي ايتري وڌي جو اڄ اسان جا پٽ به پاڻ ۾ دوست آهن.
طارق ۽ احد، توڙي احد، طارق کان عمر ۾ ٿورو ننڍو
آهي. پر ٻنهي جي ڏاڍي دوستي آهي. ٻنهي جا شوق ۽
عادتون به هڪ جهڙيون آهن. ان ڪري ڏاڍي سٺي ٿي
گذرين. وڏا هڪ ٻئي ڏانهن وڃن نه وڃن، هنن جو اچڻ
وڃڻ جاري آهي. شل سدائين سٺا دوست رهن. (آمين)
مان هتي ياور جي لاءِ ڪجهه لفظ لکڻ ضروري سمجهان ٿي.
ياور علي ڪاظمي، سنڌ جي مشهور آرٽسٽ ظفر علي ڪاظميءَ جو ننڍو پٽ
آهي. هو تمام لائق، ذهين ۽ قابل استاد هو. اسڪول
جي اسٽاف جي ڪجهه بهترين ماڻهن مان ياور به هڪ
هيو. اسان سڀ مرد ۽ عورتون هڪ ئي اسٽاف روم ۾
ويهندا آهيون، پر ياور سدائين عورتن ڏانهن پٺي
ڏيئي ويهندو هو. هو ٻين جي عزت ڪرڻ ۽ پنهنجي عزت
ڪرائڻ ڄاڻندو هو. ڪا به عورت ٽيچر جڏهن هن سان
ڳالهائيندي هئي ته هميشھ اٿي بيهندو هو ۽ اکيون
هيٺ ڪري ڳالهائيندو هو. اسڪول ۾ شاگردن جو سڀني
کان پسنديده ترين استاد هو. منهنجي ٽنهي وڏن ٻارن
کي به هن پڙهايو آهي. مان ان ڪري به هن جي عزت
ڪندي آهيان ته هو نه رڳو منهنجو ڪليگ رهيو آهي پر
منهنجي ٻارن جو استاد به رهيو آهي. جڏهن ڪنهن به
ماڻهوءَ سان گهرائپ ٿئي ٿي تڏهن ئي هن جا جوهر به
کلن ٿا. مون به ياور جون خوبيون ويجهو کان ڏٺيون
آهن. هو سٺو ادبي ذوق رکندڙ آهي. ڏاڍو شريف ۽
خوددار ماڻهو آهي. هن کي به پنهنجي پيءُ وانگر
سنڌ سان عشق آهي.هن جڏهن اسڪول ۾ سنڌي ڊراما اسٽيج
ڪيا تڏهن هن اسڪول جي تاريخ ۾ ٿرٿلو مچايو هو. هن
جا ڊراما سدائين ڪا نه ڪا پوزيشن کڻندا هيا. نه ته
ان کان اڳي سنڌي ڊرامن جي ڪڏهن ڪا پوزيشن نه آئي.
هو ڏاڍو محنتي آهي. اڄ ڪلهه هو انگلينڊ ۾ آهي. جتي
پڙهي به رهيو آهي ۽ پڙهائي به رهيو آهي. خدا کيس
ترقي ۽ ڪاميابي ڏي. ڇوته اهو هن جو حق آهي. هو
ذهين، محنتي ۽ پنهنجي ڪم سان سچو آهي ۽ اهڙا ماڻهو
ئي ڪامياب ٿيندا آهن.
اسڪول ۾ مون کي اڳتي آڻڻ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ياور جو به هٿ آهي.جڏهن
اسان جي انچارج، برنيءَ اسان جو اسڪول ڇڏي، وڃي
پنهنجو اسڪول کوليو تڏهن پرنسپل سربرٽرم ڊيسوزا،
پاڻ قاسم آباد برانچ ۾ ويهڻ شروع ڪيو. ياور هن جي
اعتماد جو ماڻهو هو. پرنسپل جڏهن به ياور کان
ڪنهن قابل سنڌي ٽيچر جو نالو پڇيو ته هن سدائين
منهنجو نالو ڏنو. اهڙيءَ طرح بورڊ جي طرفان يا ٻين
اسڪولن جي طرفان جيڪي به سنڌي تقريري مقابلا ٿيندا
هئا، انهن لاءِ ٻارن کي تياري مان ڪرائيندي هيس.
الله جو شڪر آهي جو اهي ٻار سدائين ڪو نه ڪو انعام
کٽي ايندا آهن. اهڙيءَ طرح مون کي اڳتي وڌڻ جو
موقعو ملندو رهيو. جن ۾ شايد ڪجهه هٿ منهنجي
صلاحيتن جو به آهي. مان سنڌي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ کي
سدائين عبادت سمجهيو آهي. ان ڪري هر ڪم ۾ دل ۽ جان
سان مصروف ٿي ويندي آهيان. ۽ الله تعاليٰ به
منهنجي مدد ڪندو آهي.
اسان جو پرنسپل سربرٽرم ڊيسوزا، جنهن کي عام طرح سان ”سربرٽي“
چيو ويندو آهي، هڪ قابل ۽ سياڻو ماڻهو آهي. هو سڄي
اسٽاف سان عزت سان ڳالهائيندو آهي. پوءِ انهن ۾
استاد هجن يا پٽيوالا ڪيترو به وڏو مسئلو هن وٽ
کڻي ويندا آهيون ته لڳندو ئي ڪونهي ته ڪو مسئلو به
هيو. سربرٽيءَ کان گهڻو ڪجهه مون سکيو آهي. هو
اسان کي خاص طور تي ويهاري ڪجهه نه سيکاريندو آهي.
پر مختلف وقتن تي هو اسان کي جيڪي هدايتون ڏيندو
آهي، انهن مان اسان سکندا رهندا آهيون ۽ اهو
سلسلو جاري آهي. هو جڏهن به رائونڊ تي نڪرندو آهي
ته جتي به ڪو گند ڪچرو ڏسندو آهي ته پاڻ ئي کڻي
دٻي ۾ وجهندو آهي. ڪنهن به ٻئي کي ان ڪم لاءِ نه
سڏيندو آهي. سربرٽي، مشاهدي جي تمام تيز قوت رکندڙ
آهي. ڪڏهن به ڪنهن جي شڪايت يا تعريف ٻڌندو آهي ته
بس چپ چاپ ٻڌي ڇڏيندو آهي، تيستائين يقين نه ڪندو
آهي، جيستائين پاڻ مشاهدو نه ڪري وٺي. هن عمر ۾ به
هن جي يادداشت تمام زبردست آهي. اوچتو ڪا به
ڳالهه پڇي وٺندو آهي ته اسان گهٻرائجي ويندا
آهيون. هو پاڻ به مئٽرڪ ڪلاس کي انگريزي پڙهائيندو
آهي ۽ پابنديءَ سان انهن جون ڪاپيون به چيڪ ڪندو
آهي. جيڪڏهن کيس ڪنهن ميٽنگ ۾ شهر کان ٻاهر وڃڻو
هوندو آهي ته پوءِ پنهنجي ڪلاس جو ٽائيم بدلائي
پهريون پيريڊ پاڻ وٺي پوءِ ويندو آهي؟ جيڪڏهن هو
پاڻ نه پڙهائي، يا ٻاهر وڃڻ واري ڏينهن پنهنجو
پيريڊ ڪنهن ٻئي کي ڏئي وڃي ته هن کان ڪير پڇندو يا
ڪير انڪار ڪندو؟ پر هو هڪ اصول پسند ماڻهو آهي. هن
جي زندگيءَ جو مقصد ڪم ڪرڻ آهي. ان ڪري هو پوري
ايمانداريءَ سان پنهنجي ذميداري نڀائيندو آهي. هو
هڪ سٺو ۽ سچو ماهر تعليم آهي. اسان مان ڪو به هن
کي اسڪول يا ٻارن جي فائدي لاءِ مشورو ڏيندو آهي
ته هو مڃي وٺندو آهي ۽ تعريف ڪندو آهي. هن کي
ڪڏهن به اهو غرور نه هوندو آهي ته مان پرنسپل
آهيان، ان ڪري مان ئي بهتر سوچي سگهان ٿو. ٻيو ڪو
نه ٿو سوچي سگهي.
هن جي مزاح جي حس تمام سٺي آهي. اڪثر اسان سان مذاقون به ڪندو
رهندو آهي. مان جڏهن پنهنجو بي اي جو پاس سرٽيفڪيٽ
هن کي ڏيڻ ويس ته ان کي ڏسي چوڻ لڳو ته اڙي ڏاڍو
افسوس ٿيو جو تون فيل ٿي وئينءَ. جڏهن مان ٻڌايو
مانس ته مان بي ايڊ ۾ داخلا ورتي آهي ۽ روزانو
ويندي آهيان ته چوڻ لڳو ته پاڻ کي ڪهڙي مصيبت ۾
وڌو اٿئي، اڄ ڪلهه پئسن سان ڊگريون ملنديون آهن،
تون به وٺي ڇڏ. ائين هو اڪثر مذاق ڪندو رهندو آهي.
نه ته هو محنتي ۽ پڙهاڪو ماڻهن کي پسند ڪندو آهي.
اسڪول ۾ جيڪي به پروگرام ٿيندا آهن، تن جي پاڻ بيهي نگراني
ڪندو آهي ۽ مشورا ڏيندو آهي، جنهن سان پروگرامن جو
معيار بهتر ٿيندو آهي. هو هڪ تمام سٺو نگران
آهي.سڄي اسٽاف کان ڪم وٺي ڄاڻي. اصولن تي ڪڏهن به
سمجهوتو نه ڪندو آهي. سچ پچ ته سربرٽيءَ کي ڪم
ڪندي ڏسي مون کي به حوصلو ملندو آهي. ڇو ته هو هن
عمر ۾ به تمام گهڻو سرگرم رهندو آهي. سندس عمر هن
وقت ستر سال آهي.
مون کي اسڪول ۾ نوڪري ڪندي ٻه ٽي سال ٿيا هيا ته گورنمينٽ جي
طرفان هڪڙو سرڪيولر آيو ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ به
جيڪي استاد رکيا ويا هجن. اهي به لازمي تربيت
يافته هجن.پرنسپل ميٽنگ سڏائي چيو ته مون کي توهان
سڀني جي صلاحيتن جي خبر آهي، مون لاءِ ڊگريءَ سان
ڪو خاص فرق نه پوندو پر ان جي باوجود توهان
احتياطي طور تي بي ايڊ ڪري ڇڏيو ته بهتر آهي، ڇو
ته بهرحال گورنمينٽ جو آرڊر آهي.
سڄي اسڪول ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ڪي ته پهرين کان ئي بي ايڊ ڪري چڪا
هيا، اهي ڏاڍا خوش پيا ٿين. باقي بچيلن مان اڪثر
استادن وڃي بي ايڊ ۾ داخلا ورتي ڪن ريگيولر ۾ ته
ڪن پرائيويٽ ۾، پر منهنجي لاءِ ته ڪو رستو ئي نه
هو. مان ته بي اي ئي ڪو نه ڪئي هئي ته بي ايڊ ڪٿان
ڪيان ها.سڀني مون کي صلاح ڏني ته مان پرائمري ليول
جو ڪو ننڍو ڪورس ڪري وٺان. پر مان ته سيڪنڊري ڪلاس
کي پئي پڙهايان. بهرحال مون سوچيو ته مون کي بي
ايڊ ئي ڪرڻي آهي. ان لاءِ ڀلي مون کي پهرين بي اي
ڪرڻي پوندي ۽ مان ڪندس. سالن کان ختم ٿيل تعليمي
سلسلو ٻيهر شروع ڪرڻو پيو. پهرين ته بي اي جو رڳو
هڪ پيپر رهيل هو، پر ايترو عرصو گذرڻ ڪري هاڻي مون
کي بي اي جا ٻئي سال ٻيهر امتحان ڏيڻو پيو. جڏهن
مون ڪاليج مان معلومات ورتي ته خبر پئي ته سبجيڪٽ
به اڳي کان ٻه وڌيڪ هئا. بهرحال مون همت ڪو نه
هاري ۽ ڪتاب وٺي پڙهڻ شروع ڪيم. ان ڳالهه کي اڳتي
وڌائڻ کان پهرين هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان
ٿي. جڏهن سرهاڻ ننڍڙي هئي. تڏهن مون تي امان ۽
طاهر جو ڪافي دٻاءُ هو ته مان هڪ پيپر ڏئي بي اي
مڪمل ڪري وٺان. ٻيو به هر ڪو چوندو هو ته پڙهه. ان
وقت مون مذاق ۾ چيو هو ته جڏهن سرهاڻ ڪاليج ۾
پڙهندي تڏهن مان به ان سان گڏ پڙهندس. مذاق ۾ ڪيل
اها ڳالهه سئو فيصد پوري ٿي ويئي. شايد اها ڪا
قبوليت جي گهڙي هئي ۽ منهنجي مذاق ۾ چيل ڳالهه
پوري ٿي ويئي. تڏهن ئي چوندا آهن ته سدائين چڱي
ڳالهه ڪجي. ڪا نه مهل ڪنهن جهڙي.
2001ع
۾ جڏهن ٻيهر مان تعليم جو سلسلو شروع ڪيو ته سڳنڌ
۽ سرهاڻ جو فرسٽ ايئر هو، جڏهن مان انهن جي
امتحانن جا فارم ڀرائڻ ويس تڏهن مون پنهنجو به بي
اي پارٽ ون جو فارم ڀرايو.
2002ع ۾ منهنجي ٻنهي ڌيئن جڏهن انٽر جو امتحان ڏنو، تڏهن مان بي اي فائنل جو
امتحان ڏنو. بي اي ڪرڻ کان پوءِ مون ايم اي ڪرڻ جو
ارادو ڪيو. بي ايڊ جو خيال بدلائي ڇڏيم. مون پي
ايڇ ڊي ڪرڻ کي زندگيءَ جو مقصد بنايو. ايم اي ڪرڻ
کانپوءِ سڀني صلاح ڏني ته بي ايڊ ڪري وٺ.
2005ع
۾ اسان ڪجهه ٽيچرز گڏجي بي ايڊ ڪرڻ جو پروگرام
ٺاهيو، جن ۾ مان، مس منور رضا شيخ، مس رشيده ۽ مسز
سرشاد کوکر شامل رهيون. سي بي ايڊ ڪرڻ ۾ مون کي ته
خاص طور تي ڏاڍو مزو آيو. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ
ايترو آسان ۽ ايترو دلچسپ آهي اهو اسان کي اتي وڃي
اندازو ٿيو.
ان کان پهرين ڪجهه بي اي ۽ ايم اي جي امتحانن جو ذڪر ڪرڻ
چاهيان ٿي. بي اي ۾ زبيده ڪاليج ۾ اسان جي امتحان
جو سينٽر لڳو، جتي پهريان ڪجهه ڏينهن ته ڏاڍي سختي
هئي ڪنهن کي به ڪاپي ڪرڻ جو موقعو نه پيو ملي. پر
مون تي الله مهرباني آهي. مان اڄ ڏينهن تائين ڪاپي
نه ڪئي آهي. الائي ڇو ننڍي هوندي ته مون کي اهو ڀؤ
هوندو هو ته جيڪڏهن پڪڙجي پيس ته سڄي عمر لاءِ
پنهنجي ئي نظرن ۾ ڪري پوندس. ان ڪري خوب پڙهندي
هئيس. وڏي هوندي اهو خيال آهي ته ڪاپي ڪري جيڪا
ڊگري وٺجي ٿي، ان سان هڪ ته ماڻهوءَ ۾ قابليت نه
ٿي هجي ۽ ٻيو ته ناجائز ذريعي سان حاصل ڪيل ڊگريءَ
تي جيڪا نوڪري ملندي، ان جي ڪمائي به حرام ئي
هوندي. مان پهرين صفحي کان آخري صفحي تائين ڪتاب
پڙهي پيپر ڏيڻ هلي ويندي هيس. پوءِ اتي جيڪو به
ياد رهجي ويندو هو اهو لکي ايندي هيس. ڇو ته هاڻي
ڪنهن سبق کي رٽڻ جي عمر به ناهي. صرف سبجيڪٽ کي
سمجهي پنهنجي لفظن ۾ لکي ايندي هيس. سو جڏهن اتي
سڀني جي تلاشي وٺي انهن کان ڪارتوس ۽ گائيڊون
کسيون ويون ته هر ڪو هٿ تي هٿ رکي ويهي رهيو.
توهان يقين ڪريو ته ان سڄي هال ۾ رڳو مان ئي هيس
جيڪا پيپر ڏئي رهي هيس. ڇوڪرين جا ان وقت عجيب
عجيب تبصرا به ٻڌان پئي ته ڪيڏي هوشيار آهي، ڏسيس
ته هيڏي هوڏي ڏسي ئي نٿي رڳو لکي ٿي.ڪافي ڇوڪرين
مون کي پاسن ۾ آڱريون به هنيون ته اسان کي به
ٻڌاءِ. پر مان نه ڪاپي ڪيان نه ڪرايان. اتي
موجود انويجيليٽر ٻه دفعا مون کي اٿاري منهنجي
تلاشي ورتي. پر ڪجهه هجي ته نڪري. آخر هوءَ منهنجي
مٿان بيهي رهي ۽ ڏسندي رهي ته مان ڪيئن ٿي لکان.
مان ڏاڍي اطميان، فخر ۽ خوشيءَ سان پيپر ڏيئي نڪري
آيس. ايم اي جي ڪورس تي جيڪي ڪتاب هيا. انهن مان
ڪيئي ته منهنجا اڳي ئي پڙهيل هئا. صرف لسانيات جي
باري ۾ مون کي پڙهڻو پيو. باقي اهو ئي حال ته سڀني
ڪتابن کي هڪ هڪ دفعو ٻيهر پڙهيم ۽ شان سان پيپر
ڏئي آيم. آخري پيپر ۾ عطا محمد ڀنڀري صاحب جي ڌيءَ
ڪبريٰ جي ڊيوٽي هئي. هن ڪافي ڇوڪرين کان پيپر
کسيا ۽ انهن کي شرمندو ڪيو. آخر هن هي لفظ چيا
جيڪي منهنجي لاءِ يادگار آهن. هن مون ڏانهن اشارو
ڪري چيو ته پوري هال ۾ هڪڙي هيءَ اميدوار آهي،
جيڪا پڙهي آئي آهي. باقي توهان سڀني کي شرم اچڻ
گهرجي. يونيورسٽي ليول تي پهچي به ڪاپي ڪرڻ کان
نٿيون مڙو.
منهنجا ٻار جڏهن اسڪول ۾ پڙهندا هيا تڏهن امتحان ۾ سڳنڌ ۽ سرهاڻ
واري ڪلاسن ۾ منهنجي ڊيوٽي لڳي هئي. مون ڏٺو هو ته
سرهاڻ پيپر ۾ فگر غلط پئي ٺاهي. ان فگر جون ٻه
مارڪون هيون، پر مون هن کي اشارو به نه ڏنو ته
ڪو هيءَ فگر غلط آهي. ڇو ته ائين ڪرن سان هوءَ
اڳتي به مون تي آسرو رکي ها ۽ شايد لاپرواهه ٿي
وڃي ها. ٻن مارڪن جي خاطر مان هن جي تعليمي بنياد
کي خراب نه پئي ڪرڻ چاهيان. الله جو شڪر آهي ته
منهنجي ٻارن به هن وقت تائين جيڪي ڪجهه پڙهيو آهي،
اهو پنهنجي محنت ۽ قابليت جي زور تي پڙهيو آهي.
اسان نه ڪڏهن سفارش ڪرائي نه ڪڏهن رشوت ڏني.
بهرحال مون سرهاڻ جي بي اي ڪرڻ سان گڏ ايم اي
سنڌيءَ ۾ ڪري ورتي . سرهاڻ اڄ ڪلهه مون سان گڏ ئي
اسڪول ۾ پڙهائيندي آهي. اڳيان به پڙهڻ جو ارادو
اٿس. (اڄڪلهه انگلش ۾ ايم اي ڪري رهيا آهي. شام جي
ڪلاسن ۾.)
بي ايڊ ۾ داخلا ورتم ته اتي به اهو جنون ته عزت سان پڙهڻو آهي ۽
نالو ڪرڻو آهي. صبح جو گهر کان نڪري اسڪول ويندي
هيس واپسيءَ تي ساڳي رڪشا ۾ طارق ۽ سرهاڻ کي گهر
جي ٻاهران لاهي اتان ئي سڌو ايلسا قاضي ڪيمپس
ويندي هيس. ڪاڏي وئي منجهند جي ماني ۽ ڪاڏي وئي
ننڊ، منجهند جي ماني سرهاڻ پچائيندي هئي. مان
سانجهيءَ وقت گهر موٽندي هيس رات جي ماني پچائي،
ڪو نه ڪو ڪم ملندو هو ڪيمپس مان ته اهو ڪري، نماز
پڙهي، ٻئي ڏينهن لاءِ ڪپڙا استري ڪري سمهي پوندي
هيس. ڪپڙا به ڪڏهن ته سڳنڌ استري ڪندي هئي. سڳنڌ
منهنجي پڙهڻ ۾ به کوڙ مدد ڪئي. انٽرنيٽ تان نوٽس
ڪڍڻ ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي.
اڪثر مان سرهاڻ کان به انهن نوٽس جا ترجما ڪرايا.
هڪ ڏينهن ته طاهر به هڪڙي اسائنمينٽ ٺاهڻ ۾ منهنجي
مدد ڪئي. ڪڏهن ڪي ڏکيا لفظ طارق کي به ڏنم ته
ڊڪشنريءَ مان انهن جي معنيٰ ڳولي ڏي. بهرحال مون
ڏاڍي دلچسپيءَ ۽ شوق سان بي ايڊ مڪمل ڪري ورتي آهي
۽ هاڻي رزلٽ جو انتظار آهي. هاڻي ايم فل ۾ داخلا
وٺڻ چاهيان ٿي پر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس صبح جو
ٿا هلن ۽ صبح جو مان نوڪري ڪندي آهيان. پرائيويٽ
اسڪول ۾ ايتري ڊگهي موڪل نه ٿي ملي سگهي. سو خبر
ناهي ته اڳيان ڇا ٿيندو. علم جي هڪڙي اڃ آهي، جيڪا
شدت اختيار ڪري چڪي آهي. پڙهڻ جو اهڙو نشو چڙهيو
آهي جو مان ان کي لاهڻ ئي نه ٿي چاهيان. مون کي
يقين آهي ته منهنجي ارادن ۾ الله سائين مون کي
ڪامياب ڪندو. مون کي همت به ڏيندو ته مهلت به
ڏيندو. وڌيڪ جيڪا ان جي مرضي. ان جي رضا تي راضي
آهيان. |