مان جڏهن نائين ڪلاس ۾ پهتي هيس تڏهن اسان جي ڳوٺ
۾ بجلي آئي هئي. ان کان پهرين اسان سڄو ڪم ڪار سج
لهڻ کان پهرين ختم ڪندا هياسي. رات جي ماني ۽
جيڪڏهن
اونهارو هوندو هو ته کٽون به اڱڻ ۾ سج لهڻ کان
پهرين ڪڍي ڇڏيندا
هياسي. سوير سمهندا هياسي. پوءِ هنڌ ۾ يا
ته
ڀائر ڀينر هڪ ٻئي کي ڳالهيون ٻڌائيندا هياسي يا
وري امان اسان کي ڳالهيون (ڪهاڻيون) ٻڌائيندي هئي.
خاص طور تي اونهاري ۾ جيستائين رات جو ننڊ اچي،
تيستائين آسمان ۾ ٽڙيل پکڙيل تارن کي ڏسندا هياسي.
جن ۾ ٽيڙو، ڪَتيون، وڇون، کٽ ۽ ٻيا ڪيترائي
ستارن جا جهڳٽا هوندا هئا، جن تي مختلف نالا رکيل
هوندا هئا. اسان هڪ ٻئي کي چيلينج ڪندا هياسي ته
فلاڻو جهڳٽو ڳولي ڏيکار. رات جي وقت کليل آسمان
جي هيٺان سمهي، ستارن جو منظر جنهن به ڏٺو هوندو،
اهو ئي سمجهي سگهندو ته ان منظر ۾ ڪيترو نه سحر
آهي. اهڙو حسن ڪنهن به مصنوعي منظر ۾ نه
آهي.
مون کان اڄ به اهو منظر نه وسرندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن
هڪڙي تيز روشنيءَ جي لڪير به آسمان مان تيزيءَ سان
گذرندي نظر ايندي هئي، جيڪا هڪدم غائب ٿي ويندي
هئي. وڏن کان پڇڻ تي اهو جواب
ملندو هو ته اهي فرشتا آهن، جيڪي شيطان
جي
پويان باهه جي چوچڙي کڻي ان کي ڀڄائي رهيا آهن ۽
اسان ان جواب کان مطمئن ٿي ويندا هياسي.اونهاري جي
راتين ۾ ٽانڊاڻا به ڏاڍا ڏسندا هياسي. جن کي ڏسي
ڏاڍو خوش ۽ حيران به ٿيندا هياسي ته ڪڏهن ڪڏهن
پڪڙڻ جي ڪوشش به ڪندا هياسي.
اونهاري جي راتين ۾ هوا گهلڻ جون دعائون گهرندي
گهرندي ننڊ وٺي ويندي هئي. سوير
سمهڻ
جي ڪري صبح جو جاڳ به جلدي ٿيندي هئي. سڄو ڏينهن
پڙهي، گهمي ، کيڏي رات جو وري جلدي سمهي پوندا
هياسي.
پر بجلي اچڻ کان پوءِ سڄو سسٽم تباهه ٿي ويو. ٽي
وي
آئي.
رات جو دير دير تائين پروگرام ڏسڻ لاءِ جاڳندا
هياسي، نتيجي ۾ صبح جو دير سان اک کلندي هئي. دين
به ويو ته دنيا به وئي. اهي سڀ ڪم جيڪي سج لهڻ کان
پهرين ٿيندا هئا. هاڻي رات جو به ڏينهن هجڻ ڪري
دير سان ٿيڻ لڳا.
اسان ڪپڙا فقط اهي ئي پائيندا هياسي جيڪي امان ۽
بابا وٺي ڏيندا هيا. يعني پنهنجي ڪا پسند ڪو نه
هئي نه ئي اهڙي ڪا خبر هئي. بوٽ يا سينڊل
به رڳو عيد تي وٺندا هياسي. اسڪول ۾ به پرائمريءَ
تائين اسان جو يونيفارم مقرر نه هو. ان ڪري گهر جا
ئي ڪپڙا پائي اسڪول ويندا هياسي. وڏن ٻارن جا بوٽ
يا ڪپڙا ننڍا ٿيندا هيا ته اهي ننڍن ٻارن کي ڏنا
ويندا هيا. ان زماني ۾ ڳوٺن ۾ بازاريون ڪو نه
هونديون هيون ۽ نه ئي وري عورتون
بازار
وينديون هيون. گهڻو ڪري مرد ئي ڪپڙو وٺي ايندا
هئا. ان دؤر ۾ گهڻو ڪري ٻارن جا ڪپڙا هڪ جهڙا
هوندا هئا. يعني جيڪڏهن گهر ۾ چار ڌيئر آهن ته
چئني کي هڪ جهڙا ڪپڙا ۽ جيڪڏهن ڪنهن جا ست پٽ آهن
ته ستن ئي کي هڪ جهڙا ڪپڙا. هاڻي سوچيندي آهيان ته
پئسا ته ڪپڙن تي
خرچ
ٿيندا ئي هئا پوءِ مختلف ڪپڙا ڇو نه وٺندا هيا. يا
ته شايد مرد ماڻهو گهڻي جهنجهٽ کان بچڻ لاءِ ائين
ڪندا هيا. اسان جا ڪپڙا ڪڏهن ڪڏهن بابا وٺي ايندو
هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن امان ڳوٺ مان ئي وٺندي هئي. امان
کي تمام سٺي سلائي ايندي هئي. ان ڪري اسان سڀني
ڀائرن ۽ ڀينرن
جا
ڪپڙا اها پاڻ سبندي هئي. عيد جي ڪپڙن کي پائڻ جو
جيستائين وقت ايندو هو تيستائين هر هر پيا انهن کي
ڏسندا هياسي.
ڳوٺ ۾ هڪڙي مائي گهر ۾ ڪپڙو وڪڻندي هئي.ان جو نالو
هو ”ادي نعمت“ ماڻهن کي شايد نالي جو صحيح تلفظ نه
ايندو هو ان ڪري هر ڪو ان کي نيامت سڏيندو هو. اسان
ان کان به ڪپڙو وٺندا هياسي. امان ۽ چاچي وغيره
اسان ٻارن کي موڪلي ڪپڙو گهرائي ڏسنديون هيون.ادي
نعمت ڪپڙو اسان کي ڳنڍ ۾ ٻڌي ڏيندي هئي. پوءِ
جيستائين ڪپڙو وٺجي، پسند ڪجي، قيمت طئه ڪجي،
تيستائين اسان ٻار ڪيئي پنڌ ڪندا هياسي. ڪڏهن ته
ڪپڙي جي قيمت اتي ئي ادا ڪبي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ به ڏيندا هياسي.
اسان جي هڪ مائٽياڻي ”ادي ڪامل“ گهر ۾ ڪپڙن تي هڻڻ
واريون ليسون ۽ پٽيون وغيره وڪڻندي هئي. اسان ان
کان اهي پٽيون خريد ڪري ڪپڙن تي لڳائيندا هياسي.
انهن پٽين کي اسان ”پهمڪ“ چوندا هياسي. انهن کي
پسند ڪرڻ
۽ خريد
ڪرڻ جو سلسلو به ساڳيو ئي
ڪپڙن
وارو هوندو هو. انهن عورتن کي اسان ٻار به ادي
چوندا هياسي. ڇو ته امان جن انهن کي ادي چونديون
هيون. ايتريقدر جو اسان پنهنجي پڦين کي به ادي
چوندا هياسي ۽ پڦڙن کي ادا. ڇو ته امان ۽ بابا جي
واتان اهو ٻڌندا هياسي.
امان منهنجي ڀائرن جا ڪپڙا به پاڻ سبندي هئي. جڏهن
اهي وڏن ڪلاسن ۾ پهتا ته پوءِ انهن جا ڪپڙا درزيءَ
کان سبجڻ لڳا. باقي ڇوڪرين ۽ عورتن جا ڪپڙا گهر ۾
سبجندا هئا. اڄ تائين اسان مان ڪنهن به عورت جو
ڪپڙو درزيءَ کان نه سبيو آهي. ان جو سبب اسان جي
تنگ ذهني ڪونهي پر اسان سڀني
ڀينرن کي بهترين سلائي اچي ٿي ۽ ڊزائيننگ جو شوق
به آهي. ان ڪري پاڻ ڪپڙا سبڻ ۾ مزو ايندو آهي.
ماڻهو اڪثر اسان جي سبيل ۽ ڀريل ڪپڙن جي تعريف
ڪندا آهن ۽ حيران ٿيندا آهن.
وڏيون جڏهن به پاڻ ۾ ويهنديون هيون ته اسان کي اتي
ويهڻ جي اجازت نه هوندي هئي. جيڪڏهن ڪو ٻار
اتي ويهي رهندو هو ته رڳو ماءُ چتائي ڏسندي هئي ته
ٻار سمجهي ويندو هو ۽ اتان اٿي ويندو هو. اڄ ڪلهن
مان ڏسان ٿي ته ڀري محفل ۾ جيڪڏهن ماءُ ٻارکي
گهوري ٿي ته ٻار اتي ئي وڏي واڪي چئي ٿا ڏين ته
مون کي گهوريو ڇو پيا.
اسان کي وڏي آواز سان ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي هئي. مرد گهر ۾
هوندا هيا ته اسان لازمي پوتيون پائينديون هيون سي
گهر جا مرد پاڻي گهرندا هيا ته پاڻي پيئڻ کان پوءِ
نياڻين جي مٿي تي هٿ رکندا هئا. مٿي تي رکيل ان هٿ
مان مون کي ڏاڍي محبت ۽ تحفظ جو احساس ٿيندو هو.
منهنجي سنڌ جي اها روايت مون کي ڏاڍي وڻندي اهي پر
شهرن ۾ ائين ناهي. ڪاش اسان پنهنجي بهترين روايتن
کي مرڻ نه ڏيون. شهرن ۾ هجون توڙي ڳوٺ ۾ اسان کي
گهر جي ته انهن روايتن کي مرڻ نه ڏيون ۽ جيئرو رکڻ
جا جتن ڪريون.
ان زماني ۾ عورتون وقت بلڪل نه وڃائينديون هيون. هڪ ته انهن کي
ڪم به گهڻا هوندا هيا ۽ ٻيو ته اهي سوير اٿنديون
هيون. ان ڪري گهر جو ڪم به جلدي ختم ٿي ويندو هو.
پوءِ سڀ ڇوڪريون ۽ مايون گڏجي ويهي ڪچهري به
ڪنديون هيون ته هٿ جو هنر به پيو هلندو هو. ڪي
رلهيون ٺاهينديون هيون، ڪي ڀرت ڀرينديون، اڳٺ ۽
سڳيون به ٺاهينديون هيون، مطلب ته هر ڪا مائي يا
ڇوڪري ڪو نه ڪو ڪم ضرور ڪندي هئي. هر گهر ۾ هٿ جا
ٺاهيل اڳٺ استعمال ٿيندا هيا. رلهيون به گهرن ۾
گهڻو ڪري هر ڪنهن جون پنهنجون ٺهيل هونديون هيون.
ڳوٺ ۾ جيئن ته ”ويڙها“ ٺاهي رهڻ جو رواج هو ان
ڪري عورتن کي گڏجي ويهڻ جو موقعو به گهڻو ملندو
هو ۽ انهن ۾ هڪ ٻئي جي مقابلي تي ڪم ڪرڻ جو شوق
به گهڻو هوندو هو. ٻيو ته هڪڙو ماحول ٺهي پوندو هو
ان ڪري ريس تي ڪم ڪرڻ جو شوق ٿيندو هو. اڄ جڏهن
مان ۽ منهنجون ڌيئرون گڏجي ويهي ڪچهري به ڪنديون
آهيون ۽ سلائي ڀرت جو ڪم به ڪنديون آهيون ته مان
ڄڻ انهن گذريل ڏينهن جي سڪ لاهيندي آهيان.
هاڻي ته ٽي ويءَ ماڻهن کان فرصت ئي کسي ڇڏي آهي. ماڻهو ڪلاڪن جا
ڪلاڪ، هڪڙي اجائي ڪم جي پويان، زندگيءَ جون قيمتي
گهڙيون وڃائي رهيا آهن ۽ انهن کي ڪو احساس ئي نه
ٿو ٿئي ته زندگي رڳو هڪ دفعو ملي آهي، ان کي ڪنهن
تعميري ڪم ۾ گذارجي. ائين معذورن وانگر هڪ ڪرسيءَ
تي ويهي نه گذارجي.
الحمد الله منهنجي گهر ۾ وقت وڃائڻ جو ڪو تصور ڪونهي. ٽي وي ڏسڻ
وقت به اسان ماءُ ڌيئر ڪو نه ڪو سئي ڌاڳي جو ڪم
ڪنديون آهيون. هڪڙي ئي وقت ۾ اسان جي تفريح به
ٿيندي آهي ته ڪم به ٿيندو آهي.
ننڍپڻ ۾ اسان پنهنجي ڀائرن جا ڪم خوشي خوشي ڪنديون هيون سي،
جيئن انهن کي ماني ڪڍي ڏيڻ، پاڻي پيئارڻ، شلوار ۾
اڳٺ وجهي ڏيڻ، هنڌ وڇائي ڏيڻ وغيره. اهي سڀ ڪم
پيار سان ٿيندا هيا. ان ۾ اسان کي ڪو احساس ڪمتري
نه هوندو هو ته ڪو اسان کي گهٽ ٿو سمجهيو وڃي، يا
اسان جي بي عزتي ٿي رهي آهي. اڄ ڪلهه ته ٻارن ۾
اها محبت نظر ئي نٿي اچي. ڪو ڪنهن جي لاءِ ڪجهه به
ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. خود غرضي ۽ مطلب پرستي عام ٿي
ويئي آهي. خاص طور تي ڇوڪريون ڀائرن جا ڪم ڪرڻ کي
عيب ٿيون سمجهن. تعليم مان هنن شعور نه پر غرور
پرايو آهي. هو انهن ڪمن ۾ پنهنجي گهٽتائي ٿيون
محسوس ڪن.
مون کي پاڻ کي به اها ڳالهه نه وڻندي آهي ته ڇوڪرا پاڻ کي برتر
سمجهي ڇوڪرين کان پنهنجا ڪم ڪرائين. مان ان جي
بلڪل خلاف آهيان. پر پيار سان جيڪڏهن ڀيڻون ڀائرن
جا ڪم ڪن ته، ان سان ڀائرن جي به ڀيڻن سان محبت
وڌي ٿي. اسان جي مٺي ٻوليءَ ۾ چوڻي آهي ته ”مٺڙا
گُهر ته گُهرائن“ يعني محبت ڏي ۽ بدلي ۾ محبت وٺ.
الله اسان سڀني کي محبتون وڌائڻ ۽ ورهائڻ جي
توفيق ڏي. آمين.
اسان جو مينهن جو واڙو آهستي آهستي ختم ٿي ويو هو. هڪ ته منهنجي
ڏاڏيءَ سڀني پٽن کي ڌار ڪيو ۽ ٻيو ته پوءِ هوءَ
ننڍي چاچا سان گڏ لاڙڪاڻي لڏي ويئي هئي.
مون کي ننڍي هوندي کان ئي کير پيئڻ ڏاڍو وڻندو آهي. ان زماني ۾
کير اٺ آنا سير ملندو هو. اسان کي خرچي به ڪجهه
وڌيڪ ملڻ لڳي هئي. يعني ٻه آنا روز. ڪڏهن ڪڏهن مان
پنهنجي خرچيءَ جا ٻه آنا کڻي پاءُ کير جو وٺي
پيئندي هيس. کير ته روزانو گهر ۾ ايندو هو پر اهو
پاءُ کير مان شوق ۽ خوشيءَ سان وٺي ايندي هيس.
منهنجا ٻيا ڀاءُ ڀيڻ به ائين ڪندا هئا. ان وقت کير
دڪانن يا هوٽلن تي نه ملندو هو پر گهرن ۾ ئي ماڻهو
کير وڪڻندا هيا. اسان جنهن مائيءَ کان کير وٺندا
هياسي اها اسان کي روزانو اڌ منو پاءُ کير وڌيڪ
ڏيندي هئي پر اسان جڏهن گلاس کڻي پنهنجي خرچيءَ
مان کير وٺڻ ويندا هياسي تڏهن به آنو کن کير جو
وڌيڪ ڏيندي هئي. ان وقت عام استعمال لاءِ گهرن ۾
جست جا تقريبن، سوا گراٺ ڊگها گلاس هوندا هيا يا
وري ڪُٽ جا يا پتل جا وٽا هوندا هيا، جن جي تري ۾
ٿورو حصو اڀريل هوندو هو. ان کي ”دُنر وٽو“ چوندا
هيا. يعني جنهن وٽي جو دُن نڪتل هجي. ان وٽي ۾
پاڻي يا کير پيئڻ جو مزو ئي الڳ هوندو هو. اڄ به
ڪڏهن ڪڏهن مان اهڙي وٽي ۾ پاڻي پيئندي آهيان ته
مزو ايندو آهي.
مون ڳالهه پئي ڪئي کير جي. هاڻي جڏهن اسان دڪانن تان کير وٺون
ٿا ته وڌائي ڏيڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ها
اهو ممڪن آهي ته چُڪو کير جو گهٽ هجي. ننڍي هوندي
جيڪو کير پيتو ان جو ذائقو نه وسرڻ جهڙو آهي.
هَلڪو مٺو خوشبو وارو کير هوندو هو. ڄڻ ان ۾ هلڪي
هلڪي مصري مليل هوندي هئي. پر هاڻي ته کير ۾ ڪو
ذائقو ئي ڪونهي. ڪڏهن ڪڏهن پيئندي آهيان ته هڪ
ساهيءَ ۾ دوا وانگر پي ويندي آهيان. نه ته ننڍي
هوندي کير پيئڻ ۽ کير چانور کائڻ منهنجي پسند جو
ڪم هوندو هو.
بابا جن ننڍي هوندي ويڙهي واري گهر ۾ رهندا هيا، جنهن گهر ۾
اسان ڄاياسي، اها دراصل اسان جي ڏاڏي اوطاق پئي
ٺهرائي. جيڪا تمام وڏي ۽ باغن گلن سان سينگاريل
هئي. ويڙهي وارو گهر ننڍو هوندو. بابا جن ۾ پاڻ ۾
نَوَ ڀائر ڀينر هيا. اهي سڀ وڏا ٿي رهيا هئا. سو
منهنجي ڏاڏيءَ، منهنجي ڏاڏي کي صلاح ڏني ته ان
نئين جاءِ کي اوطاق نه ڪريو پر اسان سڀ هلي اتي
ٿا رهون. منهنجي ڏاڏي اها ڳالهه مڃي ۽ اتي لڏي
ويا. جتي سڀ ٻار وڏا ٿيا، اتي ئي انهن جون شاديون
ٿيون ۽ سڀ ٻار به اتي ڄايا ۽ وڏا ٿياسي. اسان جا
ٻيا مائٽ ويڙهي ۾ ئي رهندا هيا. ان ويڙهي کي چار
ديواري ۽ ٻن پاسن کان وڏا دروازا هيا. بابا جن
جڏهن ويڙهي کان ٻاهر اچي رهيا ته اهو گهربلڪل
اڪيلو هو. ان ڪري منهنجي ڏاڏي پنهنجي گهر جي پٺيان
۽ پاسي ۾ ڪجهه هارين ۽ ٻين پورهيتن ۽ عزيزن کي به
پلاٽ ڏنا ته جيئن اهي گهر ٺاهين ۽ اسان جي گهر کي
به اڪيلائي نه هجي. سو سڀني مائٽن جي ويڙهي ۾ هجڻ
ڪري اسان جو تقريبن روز اچڻ وڃڻ هوندو هو. ڪم ڪار
سان نياپي پهچائڻ سان يا ڪا ڳالهه پڇي اچڻ سان،
سڄو ڏينهن اسان ٻارن جا پنڌ هوندا هئا.
بابا جي وڏي زال به ان ويڙهي ۾ ئي رهندي هئي. پنهنجي پيءُ ماءُ
سان گڏ. ان جو فقط هڪڙو ئي پٽ آهي، جيڪو اسان ٽن
ڀائرن ڀينرن کان ننڍو آهي. ان سان ملڻ لاءِ ۽ ان
ڀاءُ کي ڏسڻ لاءِ به اسان اڪثر ويڙهي ۾ ويندا
هياسي. ان ڀاءُ جو نالو اسدالله آهي. اهو اڄ به ان
ئي گهر ۾ پنهنجي ٻارن ٻچن سان خوش باش زندگي
گذاري رهيو آهي. الله کيس پنهنجي ٻچڙن سوڌو خوش
رکي آمين. ننڍي هوندي اسد سان ملڻ لاءِ مان جڏهن
انهن جي گهر جي ننڍي ڏاڪڻ چڙهندي هيس ته مون کي
ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. اڄ هن عمر ۾ به جڏهن اسد جي
گهر جي ڏاڪڻ چڙهندي آهيان ته اهي ساڳيائي احساس
هوندا آهن.
مان هونئن به پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي معاملي ۾ ڏاڍي جذباتي
آهيان. مون کي ياد آهي ته ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾
هڪ دفعو اسان سيوهڻ وٽان گذرون پيا، شايد ڪراچي
وڃي رهيا هياسي ته بابا جن اتي گاڏي روڪي دعا گهري
هئي. مان ان وقت پنهنجي پنجن ئي ڀائرن لاءِ دعا
گهري هئي. ته هو وڏا ٿي پڙهيل لکيل ۽ عزت ۽
آبروءَ وارا ٿين. اڄ به سڀني لاءِ دعائون گهرندي
آهيان ۽ انهن جو صدقو ڏيندي رهندي آهيان. گهر کان
نڪرڻ جي سست آهيان. ان ڪري انهن سان دير دير سان
ملندي آهيان، پر دل کان پري ناهن.
ڳوٺ ۾ اڪثر ماڻهن وٽ ڏاند گاڏيون هونديون هيون، جن کي هو بار
برداري ۽ سواريءَ لاءِ ڪم آڻيندا هيا. اهي ڏاند
گاڏيون جڏهن به ڳوٺ مان گذرنديون هيون ته انهن
هلندڙ ڏاند گاڏين تي ڊوڙي وڃي ٻار چڙهندا هئا.
انهن گاڏين جي پويان ٻه تختا نڪتل هوندا هئا. جن
کي اسان ”دُرا“ چوندا هياسي. اهي درا ڇهن کان اٺن
انچن تائين هم چورس هوندا هيا. انهن درن تي ٻار
آرام سان ٽنگون لڙڪائي ويهندا هيا ۽ جتي پهچڻو
هوندو هئن اتي لهي پوندا هئا. گهڻو ڪري اسڪول کان
اچڻ وقت يا اسڪول وڃڻ وقت ٻار انهن گاڏين مان اهو
فائدو ضرور وٺندا ها. انهن گاڏين جا مالڪ به ٻارن
کي ڪجهه ڪو نه چوندا هئا. جيڪڏهن ڪي گاڏيون تيز
هلنديون هيون ته پوءِ اهي ٻارن کي نه ويهڻ ڏيندا
هئا ته متان ٻار ڪري نه پون. پر پوءِ به جيڪڏهن
ٻار نه مڙندا هئا ته اهي ڏاندن کي هڪلڻ وارا لڪڻ
ٻارن کي اولاريندا هئا ته جيئن هو پري ٿين.
مان ننڍي هوندي کان ئي محتاط طبيعت جي آهيان، ان ڪري مان انهن
گاڏين تي ڪو نه ويهندي هيس. ها باقي ٻه يا ٽي دفعا
مون کي ياد آهي ته مان انهن گاڏين تي چڙهي هيس. سو
به انهن گاڏين تي جيڪي تمام آهستي هلنديون هيون.
ننڍپڻ ۾ اسان ڪيترائي دفعا ڪنڊين مان سڱريون پٽي کائيندا هياسي.
ٻٻرن مان پلڙا پٽي رانديون ڪندا هياسي. ڄمن جي
وڻن مان ڪچڙا گونچ پٽي رانديون ڪندا هياسي. ويجهي
ٻنيءَ مان تازيون مٽرن جون ڦريون ۽ چڻن جا ڦوٽا
پٽي کائيندا هياسي. انهن جي ڏڌڙي به پچائيندا
هياسي. هڪ دفعو اسان چيچڙي تي به ويا هياسي، جيڪو
اسان جي گهر کان ٿورو ئي پري هو. اتي اسان تازو
ٺهيل ڳڙ به کاڌو هو ۽ ڪمند جي رس به چکي هئي.
ٻٻرن مان اسان کي کؤنر به ملندي هئي، جيڪا اسان جا ڀائر ۽ ٻيا
ڇوڪرا لاهي ايندا هيا. اسان کي جڏهن به کؤنر
استعمال ڪرڻي هوندي هئي ته اسان ان مان هڪ ڳنڍڙو
کڻي پاڻيءَ ۾ پسائي رکندا هياسي. ڪجهه دير ۾ اها
ڳري نرم ٿي ويندي هئي ۽ اسان ان کي پنهنجي ڪم ۾
آڻيندا هياسي. اڄ جيترن قسمن جون کؤنريون ملن
ٿيون، ان جو اسان وٽ ڪو تصور ئي ڪونه هو.
ڳوٺ جي ٻاهران هڪ نهر وهي ٿي، جنهن جو نالو ”وارهه“ آهي. ڳوٺ جا
سڀ ڇوڪرا ان ۾ ئي ترڻ سکندا هيا. اونهاري ۾ اڪثر
ڳوٺ جا مرد ماني ۽ انبن جا ٽوڪرا کڻي ويندا هيا.
پوءِ سڄو ڏينهن واهه ۾ وهنجڻ ۽ کائڻ پيئڻ هوندو
هو. شام جو جڏهن گهر موٽندا هيا ته سڃاڻڻ جهڙا ڪو
نه هوندا هيا. اس ۽ پاڻيءَ ۾ رهي ڪارا ٿي ويندا
هيا. هر اونهاري ۾ مردن لاءِ اها به ڄڻ هڪڙي وندر
هئي.
جڏهن مان ٽئين يا چوٿين درجي ۾ پڙهندي هيس تڏهن اسان جي گهر جي
ٻاهران اسان جي پلاٽ تي هڪ بروهي خاندان اچي رهيو
هو. انهن جو گهر پترن ۽ ڪاٺين جو ٺهيل هوندو هو.
هو ڪجهه وقت اتي رهيا پوءِ اتان هليا ويا. هو پاڻ
۾ بروهڪي ۽ اسان سان ڀڳل ٽٽل سنڌي ڳالهائيندا هئا،
جنهن ۾ خاص طور تي مذڪر مؤنث ۾ ڪو فرق ڪو نه ڪندا
هئا. انهن مان هڪڙو ڇوڪرو اسان سان ڪجهه ڏينهن
اسڪول ۾ به پڙهيو هو. اهو اسان جي لاءِ عجيب ۽
مختلف نموني واريون گڏيون، جيڪي ڪپڙي مان ٺهيل
هونديون هيون، کڻي ايندو هو، جيڪي مون کي ۽ منهنجي
ڀيڻ کي ڏيندو هو. اسان کي ان ڪري ڏيندو هو جو هو
اسان جي گهر جي ڀرسان ۽ اسان جي پلاٽ تي رهندا هيا
۽ هو ٻين ٻارن جي مقابلي ۾ اسان کي وڌيڪ سڃاڻندو
هو ۽ اسان به هنن جي گهر ويندا هياسي. هن اهي
گڏيون اسان کي به ٺاهڻ سيکاريون هيون، جيڪي مون کي
اڃا به ٺاهڻ اينديون آهن. هنن جي گهر جي هڪ ڳالهه
سدائين مون کي ياد رهندي، اها هيءَ ته جڏهن به هنن
کي گهر ۾ مون ماني کائيندي ڏٺو هو سڀ هڪ ٿانوَ ۾
ماني کائيندا هيا. وچ تي هڪ وڏو ٿالهه رکيل هوندو
هين، جنهن ۾ چانور هوندا هيا ۽ هڪڙو وڏو دُنر وٽو
هوندو هُين جنهن ۾ لسي هوندي هئي. سڀ مرد عورتون ۽
ٻار ان ٿالهه جي چوڌاري ويهندا هئا ۽ واري واري
سان ٿالهه مان گرهه کڻندا ويندا هئا ۽ ساڳي ئي وٽي
مان لسيءَ جو ڍُڪ ڍُڪ ڀريندا ويندا هئا. اُن عمر ۾
اهو منظر مون کي ڏاڍو عجيب لڳو هو. هنن مون کي به
کائڻ لاءِ چيو هو پر هڪ ته پرائو گهر ۽ ٻيو ته مون
ڪڏهن ڀاءُ ڀيڻ سان ئي گڏجي ماني ڪو نه کاڌي هئي ته
هنن پراون ماڻهن سان ڪيئن کاوان ها. سچ پچ ته مون
کي ان وقت ڏاڍي بڇان لڳي هئي پر سوچيان ٿي ته انهن
۾ شايد ڏاڍي محبت هئي جو انهن کي هڪ ٻئي منجهان
نفرت نه پئي اچي. يا ته هنن وٽ ايترا ٿانو ڪونه ها
يا وري هنن ۾ اهو ئي رواج هو.
اڄ ڪلهه هڪ ٿانوَ ۾ کائڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر هڪ ئي وقت ۽
هڪ ئي هنڌ ويهي کائڻ جو به ماڻهن وٽ وقت ڪونهي.
پڙهائي ۽ نوڪرين جي ڪري هر ڪنهن جا گهر اچڻ جا وقت
بدليل آهن.
اسان جي گهرن ۾ اڪثر لاڏائو قبيلن جون مايون پنڻ اينديون هيون.
هنن کي ڇيٽ جا، سهڻن سهڻن تيز رنگن جا پڙا ۽
چوليون پاتل هونديون هيون. روا به اهڙا ئي تيز
چڀندڙ رنگن وارا پائينديون هيون. انهن کي نڪ ۾
وڏيون وڏيون ڦليون ۽ بولا پاتل هوندا هئا. انهن کي
خيرات ۾ اسان اٽو يا چانور ڏيندا هياسي. اهي جڏهن
به اينديون هيون ته هنن جي هٿنن ۾ سنهيون ننڍيون
لٺيون ۽ جست جا وٽا، ڪڇ تي ٻار ۽ ڪلهي ۾ گودڙيون
هونديون هين. لٺين سان گهڻو ڪري ته ڪتن کي
ڀڄائينديون هيون، جيڪي هر گهٽيءَ ۾ هنن جي پويان
لڳندا هئا. وٽا پاڻي پيئڻ لاءِ ڪم آڻينديون هيون،
جنهن به گهر ۾ وينديون هيون ته پنهنجي وٽي ۾ وٺي
پاڻي پيئنديون هيون، ڇو ته اهي مسلمان نه هونديون
هيون. ان ڪري ڪو به انهن کي پنهنجي ٿانوَ ۾ پاڻي
نه ڏيندو هو.
جڏهن هو پنڻ اينديون هيون ته هر گهر ۾ ڪا نه ڪا عورت هنن کان
سهرن ڳائڻ جي فرمائش ضرور ڪندي هئي. پوءِ اهي اسان
کان گهر جي ڇوڪرن جا نالا پڇنديون هيون ۽ انهن جا
نالا کڻي کڻي، ڪن تي هٿ رکي سڀ گڏجي سهرا
ڳائينديون هيون، اسان به سڀ ننڍيون وڏيون سڀ ڪم
ڇڏي انهن کان سهرا ضرور ٻڌنديون هيون سي ۽ ڏاڍو
مزو وٺنديون هيون سي مون کي انهن جو اهو عجيب
نموني سان ڳائڻ ڏاڍو وڻندو هو. اهي مايون ٽولا
ٺاهي گهمنديون هيون، شايد تحفظ جي خيال کان.
ننڍپڻ ۾ هڪڙي راند جيڪا اسان ڪڏهن ڪڏهن کيڏندا هياسي، اها هئي.
”چنگالي“. ان ۾ هر ڪو ٻار حصو وٺندو هو،توڙي ڇوڪرو
هجي يا ڇوڪري. اها راند هوندي هئي کاڌو پچائي کائڻ
ان ۾ ڪو ٻار چانور کڻي ايندو هو، ڪوگهه، ڪو ٿانو
ته ڪو مرچ مسالا، ڪو ڪاٺيون کڻي ايندو هو ته ڪو
بصر پٽاٽا وغيرهه، پوءِ اسان سڀئي گڏجي سرن جو
چلهو ٺاهي بصر پٽاٽا ڪٽي، انهن جو پلاءُ رڌيندا
هياسي. اهو ڪچو پڪو پلاءُ عجيب ذائقي وارو هوندو
هو. ڪڏهن ان مان ڪچن مرچن ۽ ڪچن بصرن جي بوءِ
ايندي هئي ته ڪڏهن چانور ڪچا هوندا هئا. پر ان جي
باوجود اسان سڀ اهو پلاءُ ڏاڍا مزا وٺي وٺي
کائيندا هياسي. ان راند ۾ رڳو پلاءُ ئي پچائيندا
هياسي. ڪڏهن ڪڏهن ته جيڪڏهن بصرن پٽاٽن جو انتظام
نه ٿي سگهندو هو ته رڳو لوڻ مرچ ۾ ئي پلاءُ
رڌيندا هياسي. اها راند اسان وڏن کان لڪي گهر جي
ٻاهرين پاسي کيڏندا هياسي. ڇو ته اهي اسان کي باهه
ٻارڻ کان جهليندا هيا. سو جڏهن سامان گڏ ڪندا
هياسي ته اهو سڀ ڪجهه لڪي کڻندا هياسي.
سڀ ٻار پهرين ٻاهر گڏ ٿيندا هيا پوءِ اتي هر ڪنهن تي ڪا نه ڪا
شيءِ مقرر ٿيندي هئي.سڀ ٻار پوءِ پنهنجي پنهنجي
گهرن ۾ وڃي، پنهنجي مائرن جي نظر بچائي ٿورو ٿورو
ڪري سامان کڻي ايندا هئا. پوءِ رڌ پچاءُ شروع
ٿيندو هو. رڌڻ جو ڪم ڇوڪريون ڪنديون هيون، باقي
ڇوڪرا باهه ٻارڻ، چلهو ٺاهڻ، ڪاٺيون آڻڻ ۽ پاڻي
ڀري اچڻ جهڙا ڪم ڪندا هئا.
هاڻي ياد ٿي ڪريان ته اسان ڄڻ هڪ ننڍڙو خاندان ٺاهي ڪم ڪندا
هياسي. اسان سڀني ۾ ڏاڍي ٻڌي هوندي هئي. چانورن کي
دم ڏئي بي صبريءَ سان انهن جي پچڻ جو انتظار ڪندا
هياسي. وات ۾ پاڻي پيو ايندو هو. پلاءُ پچندو هو
ته هڪڙي ٿالهه ۾ وجهي گڏ جي کائيندا هياسي. اهو
واحد موقعو هوندو هو جو مان ٻين سان گڏجي کائيندي
هيس. پلاءُ ان ڪري پچائيندا هياسي جو ان ننڍڙي عمر
۾ اسان کي ٻوڙ ماني پچائڻ نه ايندي هئي. پلاءُ ۾
ته هر شيءِ هڪڙي دفعي ۾ ئي ديڳڙيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا
هياسي. ڪجهه نه ڪجهه ته پچي ئي ويندو هو.
ڪاش وڏي ٿيڻ کان پوءِ به ماڻهن ۾ اهڙي ئي محبت ۽ ٻڌي هجي ته
جيڪر دنيا ۾ ڪو به ڏکيو نه هجي. ٻار ڪيڏا نه صاف
دل ۽ سچا ٿين ٿا.
ڳوٺ ۾ اسان کي ڀاڄي به انهن ئي دڪانن تان ملندي هئي، جن تان ٻيو
سودو ملندو هو. اهي ساڳيا ئي دڪاندار بصر، پٽاٽا،
ٽماٽا، بهه، پلي، پالڪ ۽ ٻي ڀاڄي رکندا هيا. اسان
اڪثر انهن کان ڀاڄي وٺندا هياسي. اسان جي هڪڙي
پاڙيواري هوندي هئي، جنهن کي اسان ”ماسي ڇُٽي“
چوندا هياسي. اها ڊگهي ۽ سنهي هوندي هئي. نڪ مان
ڳالهائيندي هئي. ڳالهائڻ ۾ لفظ ”امڙ“ گهڻو استعمال
ڪندي هئي. اها به اڪثر اسان کي ڀاڄي ڏئي ويندي
هئي. انهن جي ڪجهه زمين هئي، جنهن ۾ اَن سان گڏ
ڪجهه ڀاڄيون به پوکيندا هئا. انهن جو گهر اسان جي
پاڙي ۾ ئي هوندو هو. هوءَ روز صبح جو تازيون
ڀينڊيون ۽ ڪريلا، ڪڏهن سائو مصالحو ۽ ٻيون ڀاڄيون
به کڻي ايندي هئي. هوءَ هر ڪنهن کي اهي ڀاڄيون ڪو
نه ڏيندي هئي. رڳو امان وٽ کڻي ايندي هئي، ڇو ته
امان پئسن ڏيڻ جي معاملي ۾ ڪڏهن به دير نه ڪندي
هئي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي چاچيءَ کي به ڀاڄي ڏيندي
هئي. هوءَ پهرين پنهنجي گهر لاءِ ڀاڄي رکندي هئي ۽
پوءِ جيڪا وڌيڪ ڀاڄي هوندي هئي، اها اسان کي ڏئي
ويندي هئي. بِهه اسان اڪثر ٻنين تان گهرائيندا
هياسي. اسان جي ٻنين ۾ ته بِهه ڪو نه ٿيندا هيا،
پر ڳوٺ جي ڀرسان ڪجهه ننڍا ٽڪرا ٻنين جا هوندا
هيا، جتي بهه پوکيا ويندا هئا. اسان اتان تازا بهه
گهرائيندا هياسي. انهن ۾ ڪي ڪي بهه ته صفا اڇي رنگ
جا نرم، ڪچڙا ۽ مٺا هوندا هئا. انهن کي اسان
”مُنهين“ چوندا هياسي. اهي مُنهيون اسان ڪچيون ئي
کائيندا هياسي. سياري ۾ بهه ۽ پالڪ گڏي پچائڻ جو
رواج هر گهر ۾ هو.
اونهاري ۾ رات جو گهڻو ڪري هر گهر ۾ پٽڙو ڀت پچندو هو. چانورن ۾
گهڻو پاڻي ۽ لوڻ چپٽي وجهي چاڙهي ڇڏبو هو. جڏهن
چانور ڳري ويندا هيا ته انهن کي گهوٽي ڇڏبو هو. ان
ڀت ۾ کير ملائي هر ڪو کائيندو هو. ننڍا ٻار کير
سان گڏ کنڊ به وجهرائيندا هيا، جيستائين مون کي
ياد ٿو پوي ته ان سلسلي ۾ امير غريب جو ڪو فرق نه
هو. هر ڪو اهو ڀت شوق سان کائيندو هو. اها ڄڻ هڪ
طيءِ ٿيل ڳالهه هئي ته رات جو، اونهاري ۾ پٽڙو ڀت
پچندو. اهو ڀت ڏاڍو هلڪو هوندو هو ۽ جلدي هضم
ٿيندو هو. اهو رات وارو بچيل ڀت مان صبح جو لسي يا
ڏهي ملائي شوق سان کائيندي هيس. انبن جي موسم ۾
ڪڏهن ڪڏهن رات جو چانور ۽ انب کائيندا هياسي. |