نوڪريءَ جي دوران مان يا ته اونهاري ۾ يا وري سياري جي موڪلن ۾
ڳوٺ ويندي هيس. ٻنهي وڏين عيدن تي به ڳوٺ ضرور
ويندي هيس. ماما جن مون کي ٽرين تي چاڙهي ايندا
هئا ۽ بابا لاڙڪاڻي جي اسٽيشن تي وٺڻ ايندو هو.
اتان پوءِ پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڳوٺ ويندا هياسي.
واپسيءَ ۾ بابا مون کي نئين ديري جي ريلوي اسٽيشن
تان ريل ۾ چاڙهيندو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪوئي وٺڻ ايندو
هو. اهي سفر مان ڏينهن جو ئي ڪندي هيس. ائين چئن
سالن ۾ مون ڪيترائي ڀيرا اهي سفر ڪيا. ان سفر کي
مان ڪڏهن به نه وساري سگهندس. انهن اڪيلن سفرن به
مون ۾ اعتماد پيدا ڪيو. نه ته ان کان پهرين مان
ڏاڍي ڊڄڻي ۽ خاموش رهڻ واري هوندي هيس. بابا سان
به نه ڳالائي سگهندي هيس. صرف امان سان هرڪا ڳالهه
ڪري سگهندي هيس. پر اڄ مان ڪنهن به جلسي ۾ آرام
سان تقرير ڪري سگهان ٿي. سچ چوندا آهن ته وقت وڏو
استاد آهي انسان کي سڀ ڪجهه سيکاري ٿو ڇڏي، منهنجي
ان اعتماد ۾ منهنجي نوڪريءَ يعني پڙهائڻ جو به وڏو
هٿ آهي.
منهنجو ماما، عالم، هڪ سيلف ميڊ ماڻهو آهي، ننڍپڻ ۾ يتيم ٿي
ويو، محنت ڪري پڙهيو ۽ وڏي درجي تي پهتو. هو اسان
کي ڏاڍو پيار ڪندو هو. هن کي ڪڏهن به ڪو اهڙو
احساس نه هو اسان کي اڪثر پاڻيءَ وارن جهازن تي
وٺي ويندو هو، جتي هو ڪئپٽن هو. ٻين آفيسرن سان گڏ
ماني کارائيندو هو. غريب مٽ مائٽ کي به ايتري عزت
ڏيندو هو. اسان جي ڏاڍي حوصلائي افزائي ڪندو هو،
امان سان ڏاڍي محبت هوندي هيس، منهنجي زندگيءَ ۾
ته هن جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. سڀ کان پهرين ته
ٻن اڍائي سالن جي عمر ۾ مون کي مدي جو بخار ٿيو هو
۽ مان ذري گهٽ مري چڪي هيس. ماما مون کي مصنوعي
طريقي سان ساهه ڏئي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. زندگي
هئي جو مان بچي ويس، پوءِ وڏي ٿيس ته نوڪريءَ لاءِ
ڪراچي وٺي ويو ۽ نئين دنيا ڏيکاريائين. شادي
ڪرايائين. عمرو ڪرايائين، گهر ٺاهڻ لاءِ هڏؤن،
هڙئون ۽ وڙئون مدد ڪيائين. گهڻو عرصو انهن سان گڏ
رهڻ ڪري مون کي ۽ انهن جي ٻارن کي هڪ ٻئي سان
ڏاڍي ويجهڙائپ هئي، وري شادي به پنهنجي سالي سان
ڪرايائين، جنهن ڪري به ويجهڙائپ رهي. ماما جا ٻار
منهنجا به ڪزنز آهن ته منهنجي ٻارن جا به، مامي ٻه
ٽي سال پهرين گذاري ويئي آهي. ان جي گذارڻ کانپوءِ
مام جي گهر وڃڻ تي دل نه چوندي آهي، ٻار به سڀ ٽڙي
پکڙي ويا آهن. ماما ٻي شادي ڪئي آهي. الله انهن کي
هميشه خوش رکي.
نوڪريءَ جي چئن سالن دوران منهنجي ماميءَ چڱي طرح مون کي ڏٺو
ته مان ڪهڙي طبعيت جي آهيان ۽ ڪهڙيون عادتون آهن.
سو انهن ماما جي ذريعي منهنجو رشتو پنهنجي ڀاءُ
لاءِ گهريو جيڪو هنن جو اڪيلو ئي ڀاءُ آهي. طاهر
ان وقت کان ئي يو بي ايل ۾ ڪم ڪندو آهي. هنن جو
پنهنجو ڪو گهر وغيره نه هو. هو مامي جي گهر ۾
رهندا هئا. ڇو ته منهنجي سهري ٻي شادي ڪري ڇڏي
هئي. ان ڪري هو ناناڻن سان رهندا هئا. بابا، طاهر
جي تعليم ۽ خاندان کي ڏسندي رشتو قبول ڪيو ۽ تمام
سادگيءَ سان منهنجي شادي ٿي ويئي، جنهن ۾ خاص فضول
خرچي نه ڪئي ويئي. شاديءَ کانپوءِ طاهر جي طرفان
پهريون شرط اهو هو ته يا نوڪري ڪر يا مون سان رهه.
ظاهر آهي ته پوءِ نوڪريءَ تان ئي هٿ کڻڻو پيو ۽
مون استيعفيٰ ڏئي ڇڏي. ان وقت اسان ٽنڊي آدم ۾
رهندا هياسي ڇو ته طاهر جي نوڪري اتي هئي شاديءَ
جي ٽن سالن کانپوءِ طاهر جي بدلي حيدرآباد ٿي ۽
اسان حيدرآباد لڏي آياسين. اسان سان گڏ صرف طاهر
جي ماءُ رهندي هئي، ڪجهه عرصي کانپوءِ طاهر بينڪ
جي آڊٽ ڊپارٽمينٽ کي جوائن ڪيو ۽ هو ڪيئي ڪيئي
ڏينهن ۽ هفتا گهر کان ٻاهر رهڻ لڳو، ان کانپوءِ
منهنجي زندگي تنها گذرڻ لڳي، ان وقت تائين اسان جا
ٽي ٻار ٿي چڪا هئا. سرهاڻ، سڳنڌ ۽ علي مهراڻ، علي
ڇهن مهينن جو هو ته ڏاڍو بيمار ٿي پيو هو. منهنجي
سس حج تي ويل هئي. طاهر به ڪو نه هو. مان ٻارن کي
سنڀالي نه پئي سگهان، امان کي فون ڪيم، اها آئي ته
عليءَ جي حالت ڏاڍي خراب هئي، هن کي شديد ڊائريا
ٿي ويئي هئي، امان چيو ته مان هن کي لاڙڪاڻي کڻي
ٿي وڃان. تنهنجي نصيب ۾ هوندو ته بچي پوندو. امان
هن کي کڻي ويئي. طاهر آيو ته هن کي سڄي ڳالهه
ٻڌايم. هن چيو ته ٺيڪ آهي. علي ڪافي عرصو بيمار
رهندو آيو. آخر جڏهن ڇهن سالن جو ٿيو ته اسان جو
چوٿون ٻار طارق پيدا ٿيو. عليءَ چيو ته هاڻي مان
پنهنجي ڀاءُ سان رهندس ۽ هو اسان سان گڏ هليو آيو.
منهنجي يادگيرين ۾ منهنجي گهر ٺاهڻ وارو واقعو تمام اهم آهي.،
جنهن جو ذڪر ڪرڻ مان لازمي سمجهان ٿي. ان زماني ۾
اسان سکر ۾ رهندا هياسين ڇو ته حيدرآباد ۾ ڏاڍا
فساد ٿي رهيا هئا. مون کي اڪيلو رهڻو هوندو هو،
منهنجي سس ڪڏهن مون سان ته ڪڏهن پنهنجي وڏي ڌيءَ
يعني منهنجي ماميءَ سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي.
سو اسان سکر لڏي وياسين، جيڪو طاهر جي جنم ڀومي به
آهي. سکر واري گهر ۾ ئي منهنجي سس گذاري ويئي
هئي.
مون کي جيئن ته ننڍپڻ کان ئي گهر ٺاهڻ جو شوق آهي پر جڏهن وڏي
ٿيس ته منهنجو پنهنجو گهر ته ڪٿي به ڪو نه هو.
طاهر کي جڏهن به چوندي هيس ته جواب اهو ڏيندو هو
ته پگهار مان ته ايتري بچت ئي ڪو نه ٿي ٿئي. گهر
ڪٿان ٺهندو پر مان پنهنجي ڌن جي پڪي آهيان، رڳو
طاهر همت ڪري ها ته سڀ ڪجهه ممڪن هو پر هو ته همت
ئي نه پيو ڪري. ان وقت طاهر حيدرآباد واري آفيس ۾
هو، مون ان کي فل اسڪيپ پيپر لفافي ۾ وجهي
حيدرآباد موڪليو، ان سڄي پني تي مون رڳو هڪڙو ئي
جملو بار بار لکيو ٻيو ڪو لفظ ئي نه لکيو، اهو
جملو هو ”مون کي گهر ٺهرائي ڏي“ ان کانپوءِ مون
پورو دستو ڪاغذن جو کنيو ۽ ان مان ننڍيون ننڍيون
پرچيون ٺاهيم، سوين پرچيون ٺهيون، هر پرچيءَ تي
لکيم ”مون کي گهر ٺهرائي ڏي“ پوءِ مون طاهر جي
سڀني ڪپڙن جي کيسن ۾ هر جورابي ۾، شيونگ باڪس ۾،
ڪتابن ۾، ڪٻٽن ۾، مطلب ته هر انهيءَ جاءِ تي، جنهن
جي مون کي خبر هئي ته طاهر لازمي هٿ وجهندو، مون
اهي پرچيون رکي ڇڏيون. سڳنڌ ۽ سرهاڻ ان وقت سينٽ
سيويئر هاءِ اسڪول ۾ پهرين درجي ۾ پڙهنديون هيون،
انهن جو مون کي اهو عجيب ڪم ڪندي ڏٺو ته پڇڻ لڳيون
ته توهان ڇا ٿا ڪيو؟ مون چيو ته توهان جي پيءُ کي
تعويز ٿي ڪريان ته جيئن هو اسان کي گهر ٺهرائي ڏي.
(حقيقت ۾ مان تعويزن جي قائل ناهيان) جڏهن طاهر
گهر آيو تڏهن پنو ڏيکاريندي چوڻ لڳو ته ”چري هي ڇا
لکيو اٿئي“؟ مون چيو ”ٿورو لکيو گهڻو سمجهه گهر
کان بغير مان نه ٿي رهي سگهان، جي توکي منهنجي
زندگي پياري آهي ته هر حال ۾ گهر ٺهراءِ. مان ڪو
محل ته نه ٿي گهران. ڀلي ٻن ڪمرن جو ڪو فليٽ هجي
يا پنجاهه سٺ والن جو ڪو ننڍڙو گهر هجي. ڀلي ان کي
رنگ روپ نه هجن. سامان نه هجي. زمين تي تڏو وڇائي
ويهنداسين پر گهر ته هجي“. طاهر چپ ٿي ويو. وهنجي
سهنجي ڪپڙا بدلايائين. کيسي ۾ هٿ وڌائين ته پرچي
نڪتي، ڏسي کليو، ليٽي ڪتاب کنيئن ته پرچي نڪتي
ويڙهي سيڙهي کيسي ۾ رکيئين، سمهڻ مهل ڪتاب وهاڻي
هيٺان رکڻ لڳو ته پرچي نڪتي، چپ ٿي ويو. صبح جو
باٿ روم ويو. شيونگ باڪس کوليئين ته پرچي نڪتي.
مطلب ته جتي هٿ پيو وجهي اتان ساڳي ڳالهه. چوڻ لڳو
معاملو سيريس ٿي ويو آهي. هاڻي ڪجهه ڪرڻو پوندو.
ان کانپوءِ اسان ٻه سال ڪراچي ۾ رهياسين، جتي طارق ڄائو ۽ علي
به واپس آيو. اسان کي گهر ٺهرائڻ ۾ ٽي سال لڳا.
ڪجهه بچت ڪئي سين پهريون وڏو قرض ماما ڏنو، جنهن
مان پلاٽ ورتو سين، پرنس ٽائون حيدرآباد واڌو واهه
روڊ تي ٻه سئو چاليهن گزن جو پلاٽ، توهان کي شايد
اهو پلاٽ وڏو نه لڳندو هجي پر مان جيڪا ٻن ڪمرن جو
گهر پئي گهران اهو به پنجاهه سٺ والن جو سو مون
لاءِ ته اهو پلاٽ ڪنهن عظيم سلطنت جيڏو هو.
اسان وٽ ٻين شهرن ۾ ٻه ننڍا پلاٽ هيا، اهي به وڪڻي ان گهر تي
لڳاياسي، ڇو ته اهي شهر طاهر کي پسند نه هيا، هن
جو پسنديدهه شهر حيدرآباد آهي (۽ هاڻي منهنجو به )
ڪو مائٽ يا دوست اهڙو نه ڇڏيوسي، جنهن کان قرض نه
ورتو هجي. ڪنهن کان گهڻو ته ڪنهن کان گهٽ مطلب ته
گهر ٺهرائڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد بنائي ڇڏيوسي،
ان دوران ڏاڍا ڏکيا مرحلا به آيا. همت ۽ حوصلو
جواب ڏيئي ويو. آخر ۾ مون پنهنجا سڀ زيور وڪڻي به
گهر تي لڳايا. ڇو ته انهن زيورن جو ان کان سٺو
استعمال منهنجي لاءِ ٻيو ڪو به نه هو. ان عرصي ۾
اسان ڪو نئون ڪپڙو يا ڪا نئين شيءِ ڪو نه ورتي. ڪا
فضول خرچي نه ڪئي. هڪ ته گنجائش به نه هئي ۽ ٻيو
ته ڪجهه پاڻ تي به ڪنٽرول ڪيوسي. هڪ سال ۾ گهر ٺهي
رهڻ جي لائق ٿيو. اهو عرصو اسان واڌو واهه روڊ تي
ئي عبدالله بليسنگ ڪالونيءَ ۾ رهياسي، اتان
روزانو شام جو پنڌ ئي پنڌ گهر ڏسڻ ويندا هياسي،
ان وقت منهنجو ننڍو پٽ طارق ڏيڍ سال جو هو، ان کي
اسان ٻارن واريءَ گاڏيءَ ۾ ويهاريندا هاسي، جنهن
کي منهنجا وڏا ٻار واري واري سان ڏاڍي شوق سان
هلائيندا هيا. هڪڙي ڏينهن وياسي ته بورچيخاني جي
هڪ ڪنڊ منهنجي مرضيءَ جي مطابق ٺهيل نه هئي، مون
ٺيڪيدار کي چيو ته هن کي ڀڃائي ٻيهر ٺهرايو، مون
هن کي فرش تي ليڪا ڪڍي ڏيکاريا ۽ سمجهايو ته مون
کي هن طرح سان کپي. هو چوڻ لڳو ته سڄي ڏهاڙي ضايع
ٿيندي ۽ هڪ ڏينهن ٻيو لڳي ويندو. مون چيو ڪا ڳالهه
ناهي مون کي سڄي عمر هن بورچيخاني ۾ ڪم ڪرڻو آهي،
مان غلط ٺهيل جاءِ تي ڪم ڪيئن ڪندس. هن کي ڳالهه
نه پئي وڻي پر پوءِ به هن اها ڪنڊ ڀڃرائي ٻيهر
ٺهرائي ڇو ته طاهر شروع کان ئي هن کي چئي ڇڏيو هو
ته گهر منهنجي زال جو آهي، جيئن اها چوئي تيئن
ڪجائن، جيڪو ڪجهه پڇڻو هجئي، ان کي پڇجائن، ان ڪري
ٺيڪيدار کي اهو ئي ڪرڻو پوندو هو جيڪو مان چوندي
هيس، مون کي ڪرائي جي گهرن ۾ رهندي، جيڪي به
خاميون نظرآيون هيون، اهي مون پنهنجي گهر ۾ ٿيڻ نه
ڏنيون، هر ننڍي ننڍي سهولت جو خيال رکيم. آخر ان
گهر ۾ لڏي آياسين، نه رنگ ٿيل هو ۽ نه ئي ڪٻٽ ٺهيل
هيا،باٿ روم ۽ بورچيخانو مون مڪمل ڪرائي ڇڏيا هيا.
درين ۾ صرف گرل لڳل هئي. پردي جي طور تي عارضي طرح
چکون هڻايوسي. گهر خالي خالي پيو لڳي. هڪ ته
ايتري وڏي گهر ۾ اسان اڳي ڪڏهن به نه رهيا هياسي
ٻيو ته اسان وٽ سامان به ٿورو هو. ڇو ته اسان
مختلف شهرن ۾ مختلف ڪرائي جي جاين ۾ رهندا آيا
هياسي، ان ڪري گهڻو سامان نه وٺندا هياسي، ڇو ته
سامان کڻي لڏپلاڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ها. ٻيو ته جيڪو
سامان هيو اهو به ڀڳو ٽٽو پيو هو.
پنهنجي گهر ۾ پهرين رات ته مون کي ننڊ ئي نه پئي اچي، يقين ئي
نه پيو اچي ته مان پنهنجي زمين تي پنهنجي ڇت هيٺان
ستل آهيان، مون هڪ سئو رڪعتون نفل ۽ قرآن خواني
باسي هئي. قرآن به پاڻ ئي ٿورو ٿورو ڪري پورو ڪيم
۽ نفل به پڙهيم.
گهر ۾ سامان ته هيو ڪو نه، ڊرائنگ روم ۾ هڪڙو پراڻو قالين وڇائي
ان تي ٽڪ واري رلي ۽ ٻه چار گديون رکيم. مون
سوچيو، جنهن کي دوستي رکڻي آهي، اسان سان رکي جيڪو
سامان جي ڪري اسان وٽ نه ايندو اهو اسان کي گهرجي
به ڪونه. آهستي آهستي ڪري پهرين دريون ٺهرايون
سين. ڪٻٽ ٺهرايا. اڍائي سالن کان پوءِ گهر کي رنگ
ڪرايو، فون لڳرايو. دوستن ۽ مائٽن جا ننڍا ننڍا
قرض لاهڻ شروع ڪيا. ٻار به ننڍا هيا ان ڪري جيڪو
کارائيندي ۽ پارائيندي هيس اهو ئي کائيندا ۽
پائيندا هيا. ڏاڍا سدورا ۽ سياڻا ٻار هيا ان ڪري
خرچ ۾ هٿ روڪيندي هيس، مون ٻارن کي ڪڏهن به خرچيءَ
تي نه هيرايو هو. هميشه پنهنجي هٿ سان انهن کي
شيءِ وٺي ڏيندي هيس.
لطيف آباد جي هڪڙي گهر ۾ رهڻ دوران هڪڙو واقعو ياد اچي رهيو
آهي، هي اهو گهر هو جتان امان، علي کي کڻي وئي
هئي. ان زماني ۾ اوڙي پاڙي مان هڪ ٻه ڳالهه اهڙي
ٻڌم ته فلاڻو فلاڻو ماڻهو ننڊ ۾ مري ويو، بس پوءِ
مون کي اچي پريشاني لڳي ته جيڪڏهن مان مري ويس ته
ڇا ٿيندو. موت ته ڪنهن وقت به اچي سگهي ٿو. هنن
ننڍڙن ٻارن کي ڪهڙي خبر، انهن کي ڪير سنڀاليندو.
منهنجو لاش نه ڪنو ٿي وڃي. سرهاڻ جي عمر ان وقت
چئن سالن جي مس هئي. مون ان کي سمجهايو ته جيڪڏهن
ڪنهن ڏينهن مان نه اٿان ۽ توهان جي جاڳائڻ جي
باوجود به نه اٿان ته پوءِ تون دريءِ مان هيٺ رهڻ
واري آنٽيءَ کي سڏ ڪجائن(اسان مٿي رهندا هياسي) ان
کي چئجائن ته امي نه ٿي اٿي ان ڪري توهان مٿي
اچو. هن معصوم ڪنڌ لوڏي ها ڪئي. ان وقت رات هئي
سڳنڌ ۽ سرهاڻ راند کيڏي رهيون هيون. ان وقت منهنجي
اک لڳي ويئي. سرهاڻ جو ڏٺو ته مان ستي پئي آهيان.
جاڳان ڪو نه ٿي ته هڪدم اچي مون کي لوڏي سڏڻ لڳي،
امي او امي، مون چيو جيءُ چوڻ لڳي آنٽيءَ کي سڏ
ڪيان. مون کان بي ساخته کل نڪري وئي ۽ مون سرهاڻ
کي ڀاڪر پاتو. مون چيو ته نه مان جاڳان ٿي. تون
آنٽيءَ کي سڏ نه ڪر. ان کانپوءِ مان ٻنهي کي
سمهاري پوءِ پاڻ سمهندي هيس پر اها پڪ ٿي وئي ته
جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿي ويو ته هي هيٺان واري
آنٽيءَ کي ضرور سڏينديون.
جڏهن اسان نئين گهر ۾ لڏي آياسي ته ڪجهه مهينن کانپوءِ ماما
عالم جو فون آيو. پڇڻ لڳو ته توهان عمري تي
ويندئو؟ ان وقت ماما شپنگ ڪارپوريشن ۾ ڊائريڪٽر
هو، مون چيو ماما توهان ڇا پيا چئو، اسان جو ته
وار وار قرض ۾ ڦاٿو پيو آهي. اسان ڪيئن ٿا وڃي
سگهون، چاهڻ جي باوجود نه ٿا وڃي سگهون. ماما چيو
ته مون توهان کان پئسن جو نه پڇيو آهي رڳو ها يا
نه ۾ جواب ڏي. مون چيو ته اها ته پڇڻ جي ڳالهه ئي
ناهي. ڪهڙو انڌو هوندو جيڪو انڪار ڪندو. ماما چيو
ته بس پوءِ ٺيڪ آهي. طاهر کي چئه ته ارجنٽ پاسپورٽ
ٺهرائي وٺي. هڪ مهيني جي اندر اندر توهان کي
پاڻيءَ واري جهاز ۾ عمري تي وڃڻو آهي. ڪو به خرچ
ڀاڙو نه لڳندو رڳو مانيءَ جا پئسا ڏيڻا پوندا ۽
ٻارن کي نه وٺي وڃجو. مان ته خوشيءَ ۾ ڪپڙن ۾ ئي
نه پئي ماپان. انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي ڀاءُ اياز
جي شادي هئي پر مون سوچيو ته شاديءَ جو خير آهي.
الله حياتي ڏين ٻين ڀائرن جون شاديون ڏسي وٺنديس
پر عمري جو موقعو هٿان نه وڃائينديس. الائي ٻيهر
نصيب ٿئي الائي نه. زندگيءَ جو ڪو ڀروسو ناهي.
مون امان کي فون ڪري اها ڳالهه ٻڌائي. امان به
چيو ته تون عمري تي وڃ ٻار اسان وٽ ڇڏي وڃ. مون وٽ
ان زماني ۾ ڍنگ جا ڪي ڪپڙا ڪو نه هئا. ڀاءُ جي
شاديءَ جي ٿوري گهڻي تياري ڪئي هيم پر اهي ڪپڙا
عمري تي پائڻ جهڙا ڪو نه هيا. بهرحال مون ٻارن کي
امان وٽ لاڙڪاڻي ۾ ڇڏيو. صرف طارق کي پاڻ سان گڏ
وٺي وياسي. ڇو ته ان جي عمر ان وقت ٽن سالن جي لڳ
ڀڳ هئي.. مون کي خبر پئي ته جهاز تي هڪ هفتو لڳندو
سفر ۾. هفتو اچڻ ۾ ۽ هفتو وڃڻ ۾. سو مون ان وقت کي
سجايو ڪرڻ لاءِ پاڻ سان گڏ آر، اُن ۽ سوئيٽر ٺاهڻ
وارا سوئا کنيا. اسان سان گڏ ماما جا ٻار ۽ مامي،
يعني منهنجي وڏي نڻان به هلي رهيا هئا. ماميءَ به
پنهنجا روا، آر ۽ ڌاڳا کنيا ته جيئن بور ٿيڻ کان
بچون. هونئن به هن کي جهاز ۾ سفر ڪرڻ جو ڏاڍو
تجربو هو. هن ماما سان گڏ ذري گهٽ سڄي دنيا گهمي
هئي. ماما جي ڪري اسان کي جهاز تي ڪافي سهولتون
مليل هيون. ڪمرو به الڳ الڳ مليل هو. ماني به سٺي
ملندي هئي. جهاز تي اسان گهڻو وقت ته عمري جو
دعائون ياد ڪندا هياسي، باقي وقت ۾ مامي آر هڻندي
هئي ۽ مان اُن جو ڪم ڪندي هيس، مون ويندي وقت
پنهنجي ڀاءُ اسد جي وڏي ڌيءَ مهرين، جيڪا ان ئي
مهيني ۾ ڄائي هئي، ان لاءِ هڪڙو اُن (Wool)
جو ڪمبل ٺاهيو ۽ واپسيءَ ۾ طارق لاءِ سوئيٽر
ٺاهيو.
جهاز تي ماني تيار ٿيل ملندي هئي، ٻيو ڪو ڪم ڪو نه هوندو هو. ان
ڪري اسان يا ته دعائون پڙهندا هياسي يا سوئيٽر
ٺاهڻ ۽ سمنڊ جو نظارو ڪرڻ. پهرين رات جهاز ۾ گذرڻ
کانپوءِ جڏهن صبح ٿيو ته طاهر پنهنجي پلنگ تي پاسا
پيو ورائي، ڇو ته هو چانهن پيئڻ کان سواءِ هنڌ مان
اٿندو ئي ڪو نهي، مون کي ڏاڍي کل پئي اچي ته
زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ائين ٿيو هو ته اسان ٻئي
موجود هياسي ۽ جاڳون به پيا پر طاهرمون کي ائين نه
پيو چئي سگهي ته چانهه ٺاهي ڏي. ڇو ته جهاز تي
چانهن ۽ کاڌي جو وقت مقرر هو. ان وقت ئي کاڌو ۽
چانهن پهچي ويندو هو، اسان کي کاڌو ڊنر سيٽ ۾ ۽
چانهه ٽي سيٽ ۾ ملندي هئي. باٿ روم به اسان کي الڳ
مليل هو.
باقي عام ماڻهن لاءِ باٿ روم به گڏيل هو ۽ انهن کي ماني به
اسٽيل جي هڪڙي ٽري (Tray) ۾ ملندي هئي، جنهن ۾ خانا ٺهيل هوندا هيا. هر خاني ۾ ڪجهه نه
ڪجهه وڌيل هوندو هو. هر ماڻهوءَ کي هڪڙي ٽري ملندي
هئي.
اسان سان گڏ هڪڙو ٻيو خاندان به سفر پيو ڪري، جنهن ۾ ڪجهه ڀاتي
ته ڪراچيءَ جا هيا ۽ ڪجهه امريڪا کان آيل هئا.
انهن آمريڪين ۾ هڪڙو ارڙهن ويهن سالن جو ڇوڪرو به
هو، جنهن جا وار ڏاڍا وڏا هئا. ان ڇوڪري جي پوڙهي
ناني ان کي چوي پئي ته عمري کان پوءِ توکي وار
ڪٽائڻا پوندا. تنهن تي ڇوڪري انڪار ڪيو. ناني
سمجهائڻ لڳس ته پٽ جيڪڏهن تون الله جي راهه ۾ وارن
جي قرباني نه ٿو ڏئي سگهين ته پوءِ جان جي قرباني
ڇا ڏيندين. پوءِ مون ڪعبي شريف ۾ ان ڇوڪري کي ڏٺو
ته ان جا وار تمام ننڍا هيا. شايد مٿي کي مشين
لڳرائي هيائين. واپسيءَ ۾ اهو خاندان اسان سان گڏ
نه هو. هو هوائي جهاز رستي واپس هليا ويا هئا.
جهاز ۾ ڪيترائي مڪراني به پنهنجي خاندان سان سفر ڪري رهيا هئا.
اهي سڀ گهڻو ڪري شپنگ ڪارپوريشن جا ئي ملازم هيا.
انهن جا ٻار ڏنگا ۽ بي چيا هوندا هئا. هڪ دفعو مان
طارق کي کڻي اتي بيٺي هيس ته مڪرانين جو هڪڙو ٻار
هر هر ريلنگ تي چڙهي رهيو هو. هو لانگ ورائي جيئن
گهوڙي تي ويهبو آهي. ائين ريلنگ تي ويهي پيو.
ٿورڙي غفلت سان سمنڊ ۾ ڪري پيو. سگهي، مون ان کي
نه جهليو ڇو ته هو بدتميزي ڪندا هيا. ايتري ۾
هڪڙو ڪيڊٽ اتي اچي ويو. هن ٻار کي ڏٺو ته هڪدم ان
کي جهليائين ته هيٺ لهي اچ اتي نه ويهه ڪري
پوندين. ٻار جي عمر ست اٺ سال کن هئي. ٻار سونڊ
پائي ڪيڊٽ کي ڏٺو ۽ چيائين ته ”ڪيا هي ڙي لوسي ڪا
بچا“ ڪيڊٽ ويچارو هڪو ٻڪو ٿي اتان هليو ويو. پر
انهن ٻارن کي ڪڏهن ڪو نقصان نه پهتو. ڏاڍا پڪا ۽
دلير ٻار هيا.
جهاز تي اسان ڪيترائي قدرتي نظارا به ڏٺا، جيڪي اسان هونئن نه
پيا ڏسي سگهون. اسان ولرن جا ولر ڊولفن جا ڏٺاسي.
جيڪي سڀ هڪ ئي وقت سمنڊ مان نڪرنديون هيون ۽
قلابازي کائي هڪ ئي وقت واپس سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي
وينديون هيون. اسان جيستائين ڪيمرا کڻي ايندا
هياسي ته اهي غائب ٿي وينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن
اسان اڳ ۾ ئي ڪيمرا کڻي بيهندا هياسي ان ڏينهن
ڊولفن نه نڪرنديون هيون. اسان پنهنجي پوري ڪوشش جي
باوجود انهن جون تصويرون نه ڪڍي سگهياسي. هڪ ٻي
مڇي به اسان ڏٺي سي. اها شايد فلائنگ فش هئي. يعني
اڏامندڙ مڇي اهي به ولر ڪري نڪرنديون هيون ۽ سمنڊ
جي سطح تي مٿي ئي مٿي اڌ اڏامنديون ۽ اڌ ترنديون
وينديون هيون، جيستائين هو سمنڊ جي مٿاڇري تي
اڏامنديون وينديون هيون، تيستائين پاڻيءَ ۾ ليڪا
ٺهندا ويندا هيا. ڪافي پري وڃي پوءِ اهي پاڻيءَ ۾
ٽٻيون هڻنديون هيون.
سفر دؤران هر طرف پاڻي ئي پاڻي ڏسڻ ۾ ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پري
کان ڪي ٻيا جهاز لنگهندا هيا ته بلڪل رانديڪن جهڙا
لڳندا هيا. جي رات جو وقت هوندو هو ته صرف انهن
جي بتين جون قطارون ڏسڻ ۾ اينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن
سمنڊ جي وچ ۾ خشڪيءَ جا ڪي ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا به
ڏٺا سي. جڏهن عمان ملڪ وٽان لنگهياسي ته اتي اسان
ماڻهن ۽ گاڏين کي هلندي ڏٺو ۽ تيل جا کوهه وغيره
به نظر آيا. اهو نظارو ڏاڍو وڻندڙ هو. ڇو ته سڄي
سفر ۾ اهو هڪڙو ئي ملڪ ڏٺو سي.
هڪ ڳالهه تي مون کي ڏاڍي حيرت لڳي ته ڊسمبر ۾ سفر ڪرڻ جي باوجود
سمنڊ ۾ سيءُ ڪو نه هو. مون ته سوچيو هو ته هڪ ته
ڊسمبر آهي ۽ ٻيو پاڻيءَ جو سفر آهي، ان ڪري ڏاڍو
سيءُ هوندو. پر موسم اهڙي هئي جهڙي پاڻ وٽ آڪٽوبر
۾ هوندي آهي. هڪڙي رات ته مون کي ڪجهه گرمي محسوس
ٿي رهي هئي ۽ مون رات جو ٻار هين وڳي نارمل پاڻيءَ
سان تڙ ڪيو هو. نه ته مان ڊسمبر ۾ ائين وهنجي ئي
نه ٿي سگهان. جهاز مان رات جي وقت چنڊ جو نظارو
ڏاڍو وڻندڙ هوندو هو. توهان اندازو ڪري سگهو ٿا ته
پري پري تائين ڪاري رات هجي ۽ ٻي ڪا به روشني نه
هجي، صرف ۽ صرف پورو چنڊ هجي ته ڪيئن لڳندو هوندو.
مون چنڊ جون ڪيتريون ئي تصويرون به ڪڍيون پر
تصويرون صاف ڪرائڻ کان پوءِ اهو چنڊ فقط هڪ نقطي
جهڙو نظر آيو. اها به رڳو اسان کي خبر آهي ته هي
چنڊ آهي، نه ته ٻين کي خبر نه پوندي.
سج اُڀرڻ ۽ لهڻ جو منظر مون ڪيترائي ڀيرا خاص طور تي ڏٺو. ڇو ته
مان انهن نظارن کي سدائين لاءِ پنهنجي اکين ۾
محفوظ ڪرڻ پئي چاهيان. پاڪستان ۾ اسان جيئن ته
اولهه ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهندا آهيون، ان ڪري
ظاهر آهي ته اسان جو سعودي عرب ڏانهن سفر به اولهه
طرف ئي هو. مان جڏهن به سج لهڻ وقت سج ڏانهن ڏسندي
هيس ته اهو ڄڻ آهستي آهستي جهاز جي چهنب وٽ پاڻيءَ
۾ لهي ويندو هو. مون هر هر اهو منظر ڏٺو هو.
جهاز تي ڪيئي عورتون، جهاز جي گئلريءَ ۾ (مون کي گئلريءَ لاءِ
صحيح لفظ ياد نه ٿو اچي) تڏا وڇائي ويهنديون هيون،
جيڪي هو پاڻ سان کڻي آيون هيون، جهاز تي مسجد به
هوندي هئي، جتي سڀ مرد باجماعت نماز پڙهندا هيا.
جهاز ايڏو وڏو هو ڄڻ ڪو ڳوٺ هجي.
پاڻيءَ وارو جهاز منهنجي لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪو نه هو ڇو ته
ماما سان ننڍپڻ ۾ ڪيترائي ڀيرا جهاز تي گهميا
هياسي. پر ايترو تفصيل سان مون پهريون ڀيرو جهاز
ڏٺو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ پورو ڳوٺ پاڻيءَ تي تري
رهيو هجي.
جڏهن سعودي پورٽ ويجهو آيو تڏهن هڪڙي مسافر مائيءَ اسان جي
سامان کي ڏسي چيو ته توهان پنهنجي بئگز کي تالا نه
هنيا آهن. هتي ته اڪثر ائين ٿيندو آهي جو جيڪي
ماڻهو نشي واريون شيون کڻي ايندا آهن. اسمگلنگ
ڪرڻ لاءِ، اهي اڪثر پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ ٻين جي
ٿيلهن ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. اسان گهٻرائجي وياسي.
هاڻي تالا ڪٿان اچن. هڪ هڪ کان پڇيوسي ڪنهن وٽ به
ڪو وڌيڪ تالو ڪو نه هو. هر ڪنهن جا پنهنجي ٿيلهن
کي لڳل هيا. منهنجي ماميءَ به اهڙي صورتحال پهرين
دفعي ئي ڏٺي هئي. هن ٻين ملڪن جا سفر ڪيا هئا. اتي
ڪو اهڙو مسئلو ئي نه هوندو هو. بهرحال اسان کي
هڪڙي ترڪيب سجهي. اسان پنهنجا سيون ڌاڳا ڪڍياسي ۽
ٿيلهن جون زپون بند ڪري مٿان انهن کي ٿلهي ڌاڳي
سان ٽوپا ڏيئي ڇڏياسي. ٿيلها محفوظ ٿي ويا. نه
ڪوئي تڪڙ ۾ کولي سگهندو ۽ نه ئي ڪجهه وجهي سگهندو.
هونئن به اسان کي عادت آهي ته سفر ۾ سئي ڌاڳا ۽
ننڍي قينچي وغيره ساڻ کڻنديون آهيون. ان وقت به
اهي اسان جي هٿ وارن پرسن ۾ موجود هيا. جڏهن پورٽ
تي لٿاسي ته اسان آفيسرن جي اڳيان اهي ڌاڳا
قينچيءَ سان ڪٽياسي. جنهن تي هو حيران پيا ٿين.
پورٽ تي ٻه ٻيا واقعا اهڙا ٿيا جن جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿي
سمجهان. اهي ڳالهيون اڄ به جيئن جو تيئن ياد آهن.
اسان جڏهن پورٽ تي لٿاسي ته طارق منهنجي هنج تي
هو. اتي مختلف ڪائونٽرز تي ماڻهن جي سامان جي
تلاشي پئي ٿئي. اهي سڀ ماڻهو اسان واري ئي جهاز
مان لٿا هيا. انهن مان اڪثر ماڻهن وٽ سياري جي ڪري
تيل يا سڄا ڪارا مرچ وغيره هيا ۽ ٻيو به الائي
ڪهڙيون سُتيون ڦڪيون کڻي آيا هيا. ڪسٽم جو عملو
اهي شيون ڪڍندو اڇلائيندو پئي ويو ته هي سڀ شيون
اجايو کڻي آيا آهيو. هڪڙي هنڌ کوڙ سارو تيل ۽ سڄا
ڪارا مرچ هاريل هيا، جيئن ئي مان طارق کي کڻي اچي
رهي هيس ته منهنجي نظر انهن شين تي پئي ئي ڪو نه ۽
ڌو وڃي مان طارق سوڌو زمين تي ڪريس. منهنجو پير
تيل، ڪارن مرچن ۽ لسي فرش جي ڪري ترڪي ويو. پر
ڪريس اهڙي نموني ڄڻ ترڪي ويهي رهيس. طارق ائين جو
ائين منهنجي هنج تي هو. نه ان کي ڌڪ لڳو ۽ نه ئي
مون کي. ڪپڙا ڇنڊي اٿيس. گهڻن ئي ڏٺو پر مون ائين
سمجهي ڇڏيو ته ڪنهن به نه ڏٺو. ان کان سواءِ ٻيو
ڪري به ڇا پئي سگهان. |