اڄ ڪلهه ته عورتن کي فضول خرچيءَ کان فرصت ئي ڪونهي ۽ اهڙي قسم
جي بچت کي ڪنجوسي ٿو سمجهيو وڃي. پڙهيل لکيل ۽
شهري مايون ته رلهين ٺاهڻ کي ڄڻ ڄٽڪو ڪم ۽ جهالت
ٿيون سمجهن. مان رلهيون ٺاهيندي آهيان ته ان تي
به اهڙا تبصرا ٻڌا اٿم ته پاڻ به پڙهيل لکيل آهي،
مڙس به آفيسر اٿس پوءِ به رلهيون ٿي ٺاهي. ماڻهو
اهو سمجهن ئي نٿا ته هي به هڪ هنر آهي. اسان سنڌين
جي سڃاڻپ آهي. ان کي اسان جيئرو نه رکنداسين ته
ٻيو ڪير رکندو. مون کي ته انهن گهرن تي حيرت ٿيندي
آهي، جيڪي سنڌين جا هوندي به اتي رلهي ڪو نه هوندي
آهي. مون اهي به جملا سنڌياڻين جي واتان ٻڌا آهن
ته هي چتيون چتيون فقيرن جي گودڙين جهڙيون رلهيون
ڄڻ هن زماني ۾ ٺهن ٿيون. مون کي اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک
ٿيو هو. مان ته سنڌ جي انهن عورتن جي سگهڙائپ کي
سلام ٿي ڪريان، جيڪي استعمال ٿيل ڪپڙي کي ٻيهر
استعمال ڪري، رلهين جي هنر کي جيئرو رکنديون اچن
ٿيون ۽ ٿوري محنت سان گهر جي ضرورت به پوري ڪن
ٿيون. سڄي دنيا ۾
Recycling
جو تصور هاڻي وڌي رهيو آهي. يعني پراڻين شين کي نئين صورت ڏئي
وري استعمال ڪرڻ. پر سنڌ جون سونن هٿن واريون
عورتون صدين کان اهو ڪم ڪنديون اچن ٿيون.
رلهين جي حوالي سان ڪي ڳالهيون ذهن ۾ اچي رهيون آهن، جن جو ذڪر
ڪندي هلان نه ته ذهن مان نڪري وينديون.
مون کي رلهين ٺاهڻ جو شوق ته ننڍپڻ کان ئي هو پر ان ۾ شدت تڏهن
آئي جڏهن هڪ دفعو اسان جي ڳوٺ گهر ۾ گهڻا مهمان
آيا ۽ اسان وٽ هنڌ کٽي پيا. ان زماني ۾ منهنجي
ڏاڏي سڀني پٽن کي ڌار ڪري چڪي هئي ۽ اسان وٽ حصي ۾
هنڌ ٿورا آيا هئا. اسان ڪل اٺ ڀائر ڀينر هياسي،
جيڪي هڪ ٻئي کان ڏيڍ ٻه سال ننڍا هياسي. امان کي
فرصت ئي ڪو نه هوندي هئي. هن جو سڄو وقت رڌڻ
پچائڻ، ڪپڙا سبڻ ڌوئڻ، صفائي سٿرائيءَ ۾ گذرندو
هو. ان ڪري هوءَ ڪو اضافي ڪم ڪري نه سگهندي هئي.
ان ڪري اسان وٽ هنڌ ٿورا هيا. ٻه چار مهمان اچن
تڏهن ته ٺيڪ هو پر گهڻا مهمان اچڻ جي ڪري مسئلو ٿي
پيو. ان وقت عورتون گهرن ۾ پاڻ ئي رلهيون
ٺاهينديون هيون ٻاهران پئسن سان ڪم ڪرائڻ جو رواج
گهٽ هو. پر امان وٽ ته بلڪل به وقت نه هوندو هو.
بهرحال، اسان پنهنجي پاڙي وارن کان هنڌ گهراياسي. ڳوٺن ۾ اها
عام ڳالهه آهي ته ضرورت جي وقت هڪ ٻئي کان هنڌ
بسترا ۽ کٽون وغيره ورتيون وينديون آهن ۽ ان
ڳالهه کي ڏيڻ ۽ وٺڻ وارا ٻئي خراب ڪو نه سمجهندا
آهن. پر ان ڏينهن الائي ڇو منهنجي غيرت کي ڏاڍو ڌڪ
لڳو. منهنجي عمر ان وقت تيرنهن سال کن مس هئي ۽
مان اٺين درجي ۾ پڙهندي هيس. شايد مون پنهنجي
سمجهه ۾ ائين پهريون دفعو ٿيندو ڏٺو هو. ان ڏينهن
مون عهد ڪيو هو ته مان ايترا هنڌ ٺاهيندس جو ڄڃ
اچي وڃي تڏهن به پورا پئجي وڃن. سو ان ڏينهن کان
مان لڳي ويس رلهيون ٺاهڻ کي. سلائي امان پاڻ ڪندي
هئي. ان ڪري بچيل ڪپڙن جي ٽڪرن جي ڪا ڪمي نه
هئي. ان وقت مان رلهيون پوريون ڪري نه سگهندي هيس.
ڪي اڌ هيم ته ڪي مُنيون باقي. ڪم امان پئسا ڏئي
ٻاهران پورو ڪرائيندي هئي. اهڙيءَ طرح اسان وٽ
رلهين جو ڪافي ذخيرو گڏ ٿي ويو. جن ۾ پوءِ
منهنجيون مڪمل ڪيل رلهيون به شامل ٿيون، ڪيئي
وهاڻن جون ڇئون وغيره به ڀرت سان ڀريم، امان
منهنجي پڦين ماسين کي اهي شيون فخر سان ڏيکاريندي
هئي. اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. مان شاديءَ کان
پوءِ به امان وٽان ڪپڙا کڻي ايندي هيس ۽ پنهنجي
گهر ويهي امان لاءِ به رليون ٺاهيندي هيس. اڄ به
هن وٽ منهنجون ٺاهيل ڪيئي رليون آهن. جڏهن کان
نوڪري ڪيم. يعني 1997ع کان تڏهن کان امان لاءِ
رليون ٺاهڻ بند ڪيون اٿم، پر پنهنجي لاءِ هر
اونهاري جي موڪلن ۾ 4-6 رلهيون ٺاهيندي آهيان. جن
مان ڪيئي سهڻيون رلهيون پنهنجي ڌيئن جي ڏاج لاءِ
به رکيون اٿم. ڪنهن ضرورتمند کي به ڪڏهن ڪڏهن
رلهيون ڏيندي آهيان، جيستائين منهنجو، پنهنجو گهر
نه ٺهيو هو تيستائين اسان جڏهن به گهر بدلايا سي
ته اسان وٽ سامان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪتاب ۽ هنڌ هوندا
هيا. طاهر ڏاڍو چڙندو هو ته چار ماڻهو ۽ ايڏا
هنڌ. اجايو گڏ ڪيا اٿئي. پر وقت سان گڏ قائل ٿي
ويو. هاڻي ان کي به مون تي فخر آهي.
اهڙي ئي قسم جي هڪڙي ٻي ڳالهه ياد ٿي اچي ته شاديءَ جي ڪجهه
سالن کان پوءِ اسان وٽ ڪافي مهمان آيا. گهر ۾ ٻيا
ٿانوَ ته گهڻا هيا پر ايڏو وڏو ديڳڙو ڪو نه هو
جنهن ۾ پندرهن ويهن ماڻهن لاءِ برياني پچي سگهي.
مون پاڙي مان ديڳڙو ورتو. ڪنهن وٽان ديڳڙو مليو،
ڪنهن وٽان ڍڪ، ڪنهن وٽان وڏي سائيز جو ڪفگير ۽
چانورن ڇاڻڻ جي ڇاڻي. ائين وقت ته گذاريم پر
خودداريءَ کي زخمي ٿيڻ کان نه بچائي سگهيم. وري
لڳس ان مهم تي پهرين مهيني ۾ ايترو ديڳڙو وٺي آيس
جو مان ان ۾ سڳنڌ ۽ سرهاڻ سوڌو ويهي پئي سگهان.
ٻئي مهيني ٻيا ٻه ديڳڙا، ٽئين مهيني چانورن ڇاڻن
جون ننڍيون وڏيون ڇاڻيون ۽ ڪفگير بس اڄ تائين سڪون
۾ آهيان. اڄ ان ڳالهه کي سترهن ارڙهن سال ٿي ويا
آهن پر اڄ تائين اها ڳالهه نه وسرندي آهي. هاڻي ته
پنهنجو گهر آهي ته هنڌن ۽ ٿانون جا ڍير لڳائي
ڇڏيا اٿم. هتان ٻئي ڪنهن پاسي ته لڏڻو ڪونهي، بس
هڪڙي لڏپلاڻ باقي آهي، جيڪا خالي هٿين ٿيندي.
باقي هن گهر مان ٻئي ڪنهن پاسي وڃڻ جو ارادو
ڪونهي.
لاڙڪاڻي ۾ انهيءَ ڪپڙي جي گاڏي واري کان، مون پنهنجي خرچيءَ مان
ٻن قميصن جو ڪپڙو ورتو هو، جيڪي منهنجي پڦيءَ
ڪبريٰ مون کي سبي ڏنيون هيون. مان اهي قميصون پائي
ڏاڍي خوش ٿيندي هيس. ائين ڪڏهن ڪڏهن خرچي بچائي
ڳوٺ کڻي وڃن لاءِ گلاس ۽ ڪوپ به وٺندي هيس. اڄ
سوچيان ٿي ته مون کي تمام ننڍڙي هوندي کان ئي گهر
ٺاهڻ سان دلچسپي هئي.
چاچا جي تعليم پوري ٿي ته ان کي سٺي نوڪري به ملي ويئي ۽ ان جي
شادي به ٿي ويئي. ڪجهه مهينن کانپوءِ هن جي بدلي
جيڪب آبادٿي ويئي. مان ان وقت ستين درجي ۾ پڙهندي
هيس. چاچا جڏهن جيڪب آباد وڃڻ لڳو ته ان منهنجي
پڦيءَ کي پنج رپيا ڏنا ته نسرين کي روز ٻه آنا
خرچي ڏجانءِ. مون جڏهن ستين درجي جو امتحان ڏنو
ته چاچا مون کي اٺين درجي ۾ جيڪب آباد ۾ داخل
ڪرايو. منهنجون ٻئي پڦيون به جيڪب آباد لڏي ويون
هيون. چاچاجي ڪري نه پنهنجي مڙسن جي ڪري. پر جيڪب
آباد ۾ به سڀ گڏ رهندا هئا هڪڙي ئي گهر ۾ جيڪب
آباد ۾ پاڻي کارو هوندو هو. مٺي پاڻيءَ جا ٽين
گهرائبا هئا، جيڪي پيئڻ ۽ کاڌي پچائڻ لاءِ هوندا
هيا. هڪڙو ٽين پاڻيءَ جو ٻن رپين ۾ ملندو هو. پر
پوءِ واٽر سپلاءِ وارن جي طرفان صبح ۽ شام هڪ هڪ
ڪلاڪ مٺو پاڻي ايندو هو. بس ان مهل لٺ پئي لڳندي
هئي. پيئڻ لاءِ پاڻي ڀربو هو، ڪپڙا ڌوئبا هئا،
وهنجبو هو. ڇو ته کاري پاڻيءَ ۾ نه ته ڪپڙا ڌوئي
سگهبا هئا ۽ نه ئي تڙ ڪري سگهبو هو. ان ڪري جو
صابڻ جي گج ئي نه ٿيندي هئي.
ان زماني ۾ اسڪولن جون اونهاري جون موڪلون سورهين جون کان
ٿينديون هيون. اسان جو اسڪول گهر کان ٿوري ئي
فاصلي تي هوندو هو. مان ۽ منهنجي پڦيءَ جون ڌيئرون
پنڌ ئي اينديون وينديون هيونسي. مون کي ياد آهي ته
مئي ۽ جون جي مهيني ۾ جڏهن اسان اسڪول کان واپس
ايندا هياسي ته روڊ تي وڌل ڏامر پگهرجي ايترو ته
نرم ٿي ويندو هو جو اسان جي بوٽن جا نشان ان تي
ٺهي پوندا هئا. اسان جي بوٽن جا ترا سڄا ڏامر سان
ڀرجي ويندا هئا. گاڏين جي ٽائرن جا نشان به ائين
ٺهي پوندا هيا ڄڻ گاڏيون گپ مان هليون هجن.
جيڪب آباد واري اسڪول ۾ مون پتلين جو تماشو به پهريون دفعو ڏٺو،
جيڪو مون کي ڏاڍو وڻيو. ڇو ته گڏين جي راند مون کي
ڏاڍي وڻندي هئي ۽ اڄ به مان گڏين راند کي پسند
ڪندي آهيان. اهو منهنجو تجربو به آهي ته مشاهدو به
آهي، جيڪي ڇوڪريون گڏين راند کيڏنديون آهن، اهي
وڏيون ٿي پنهنجا گهر سهڻي نموني هلائينديون آهن.
ڇو ته گڏين راند ڇوڪرين جي تربيت جو ذريعو آهي. ان
راند مان مهمان نوازي ۽ گهر جو انتظام هلائڻ جهڙا
ڪم سکي سگهجن ٿا.
جيڪي ماڻهو اتي پتلين جو تماشو ڏيکارڻ آيا هئا، انهن جي مردن کي
گوڏ ۽ قميص پاتل هئي. مٿي تي ننڍيون ننڍيون رنگين
پٽڪيون ٻڌل هيون. مائين کي پڙا پاتل هيا. جن جا
رنگ ڏاڍا تيز هيا. انهن کي نڪ ۾ وڏيون وڏيون ڦليون
پاتل هيون. مون کي ياد ٿو اچي ته اهي شايد پنجابي
هيا. انهن هڪڙي کٽ پاسيري ڪري رکي. مرد کٽ جي
پويان بيٺا هيا. انهن جي هٿن ۾ پتلين جا ڌاڳا هيا
۽ وات ۾ ڪاني مان ٺهيل هڪڙي پوپلي هئي. مايون اتي
ئي ڀرسان هيٺ ويٺيون هيون، انهن وٽ دهل هئا. مرد
پتلين کي نچائڻ سان گڏ پوپليون به وڄائين پيا ۽
مايون دهل وڄائڻ سان گڏ عجيب عجيب گانا به پيون
ڳائين. مون کي اهو منظر ياد ايندو آهي ته مان اڄ
به ان سحر کي محسوس ڪري سگهندي آهيان. وقت ڄڻ اتي
ئي بيٺل نظر ايندو آهي.
مون اٺين ڪلاس جا ڇهه مهينا جيڪب آباد ۾ پڙهيا ته ڇهه مهينا سکر
۾ پڙهيا. ڇوته چاچا جي بدلي ٿي ويئي هئي. مون کي
خبر ئي نه پوندي هئي ته چاچا منهنجا اسڪول ڇڏڻ جا
سرٽيفڪيٽ ڪهڙي مهل ڪڍرائيندو ۽ ڪهڙي وقت نئين
اسڪول ۾ داخلا ڪرائيندو هو. مان جڏهن اسڪول ويندي
هيس ته داخلا ٿيل هوندي هئي. مون جڏهن اٺون درجو
پاس ڪيو ۽ نائين ۾ آيس ته اسڪول جون ڪجهه ڇوڪريون
نائين درجي جا ڪتاب اڌ قيمت ۾ وڪڻڻ پيون چاهين.
مون گهر اچي چاچا کي چيو ته مون کي ٽيهه رپيا
کپن. چاچا پڇيو ته ڇا ڪنديئن؟ مان ٻڌايو مانس ته
اڌ قيمت تي ڪتاب ملي رهيا آهن. اهي وٺندس.چاچا چيو
ته شام جو ڏيندو مانءِ شام جو چاچا آفيس مان آيو
ته نهنجي لاءِ نئون ڪتابن جو ڪورس ورتيون آيو هو،
جيڪو هن مون کي ڏنو. ان وقت منهنجي اکين ۾ پاڻي
تري آيو هو، جيڪو رڳو مون ئي محسوس ڪيو هو. (هاڻي
به ساڳي حالت آهي، جنهن وقت مان هي سٽون لکي رهي
آهيان)
ٿورا ڪي ٿورا مون تي ماروئڙن جا
مون پنهنجي ڏاڏاڻن ۾ جيڪڏهن ڪنهن سان شديد محبت ڪئي آهي ته اهو
چاچا اڪبر آهي. هونئن ته مان پنهنجي ڏاڏيءَ تي به
عاشق هوندي هيس پر اهو عشق هڪ طرفو هو. پر چاچا
سان محبت مون کي ان جي رويي جي ڪري هئي. هو سڄي
خاندان جو پسنديده چاچو ۽ مامو آهي. پيار ته هن
سان ننڍي هوندي کان ئي هو پر هن جي اهڙين مهربانين
۽ شفقت ڀري رويي هن کي منهنجي نظر ۾ ديوتا بڻائي
ڇڏيو هو. چاچا جيڪڏهن مون کي اڌ قيمت وارا ڪتاب
وٺي ڏي ها ته نه ان تي ڪا ميار هئي. نه ان ۾ ڪو
عيب هو. پر هو ڪڏهن به مون کي احساس ٿيڻ نه ڏيندو
هو ته مان ڪو هن تي بار آهيان. مون کي ياد ٿو اچي
ته جڏهن پهرين ڏينهن هو مون کي لاڙڪاڻي ۾ اسڪول ۾
داخل ڪرائڻ وٺي وڃي رهيو هو ته منهنجي چپل رستي ۾
ڇڄي پئي هئي. هو مون کي ڪنهن واقف جي دڪان تي
ويهاري منهنجو ڇڳل پادر کڻي موچيءَ کان ڳنڍائي آيو
هو. ان وقت به مون کي ڏاڍو پيار آيو هو چاچا تي.
مان هن جو هڪ به احسان لاهي نه ٿي سگهان، پر سندس
محبتن جا گهرا نقش منهنجي دل تي چٽيل آهن، جيڪي
زماني جون گردشون به ڌنڌلا ڪري نه سگهيون آهن.
نائون ڪلاس اڌ مون گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سکر ۾ پڙهيو ته اڌ
گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾، ڇو ته وري
چاچا جي بدلي ٿي ويئي هئي. پوءِ مئٽرڪ به ساڳي
اسڪول مان ڪيم. مئٽرڪ ۾ اسان کي آپا زرينه شيخ
انگريزي پڙهائيندي هئي. هوءَ اسان جي پسنديده ٽيچر
هئي. ان وقت هن جو پروموشن ٿيو هو ۽ هوءَ ڊي اي او
مقرر ٿي هئي. اسان کي هن جي اسڪول ڇڏڻ جو ڏاڍو ڏک
پيو ٿئي.اسان سڀني ڇوڪرين صلاح ڪئي ۽ ڪاريون پٽيون
ٻڌي اسڪول آيوسين. اهو ياد نٿو اچي ته اهو آئيڊيا
ڪنهن جو هو پر گهٽ ۾ گهٽ منهنجو نه هو. آپا زرينه
اسان کي ڏاڍي پيار سان سمجهايو ۽ اسان ڪاريون
پٽيون لاهي ڇڏيونسي.
زرينه نالي واريون ماسترياڻيون الائي ڇو مون کي پسند هيون. سکر
واري گرلز هاءِ اسڪول ۾ به هڪ ٽيچر زرينه پيرزادا
هوندي هئي. اها به اسان کي انگريزي پڙهائيندي هئي.
اها منهنجي آئيڊيل ٽيچر هئي. منهنجي سنڌيء ۽
انگريزيءَ جي لکڻي، ان جي لکڻيءَ جهڙي هوندي هئي.
جيڪا مون ڪوشش ڪري ان جهڙي ڪئي هئي. هوءَ مون کي
ڏاڍي وڻندي هئي. ان ڪري مان ڪوشش ڪري ان جي ڪاپي
ڪندي هيس. هن مون کي عيد ڪارڊ مان ڪٽيل هڪڙو گل
ڏنو هو، جيڪو مون وٽ اڄ به آهي. مون ٻڌو هو ته هن
جي شادي ٿي ويئي هئي ۽ هوءَ انگلينڊ هلي ويئي هئي،
جتي به هجي خوش هجي.
ان زماني ۾ مان ڏاڍي سنهي هوندي هيس. ايتري جو هوا لڳي ته اڏامي
وڃان. هڪ دفعو اسان جي اسڪول ۾ بلڊ بئنڪ وارا رت
جو عطيو وٺڻ آيا. اسان جي ڪلاس ۾ به آيا پهرين ته
هڪڙو ليڪچر ڏنائون، جنهن ڏاڍو اثر ڪيو. آخر ۾
چيائون ته توهان مان ڪو رت ڏيڻ چاهي ته اٿي بيهي.
ٻين ٻارن سان گڏ مان به اٿي بيٺس. هنن مون کي چيو
ته توهان ويهي رهو. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته هنن مون
کي ان قابل ڪو نه سمجهيو. اها ڳالهه جڏهن امان کي
ٻڌايم ته هن مون کي سمجهايو ته مون ۾ فقط ايترو ئي
رت هو، جيڪو صرف منهنجي لاءِ ئي ڪافي هو.
لاڙڪاڻي ۾ اسان شروع کان ئي لاهوري محلي ۾ رهندا آهيون. اسڪول
واري زماني ۾ ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهن ٽانگي تي اسڪول
ويندا هياسي. اسان روزانو ڀٽي صاحب جي بنگلي جي
اڳيان گذرندا هياسي. هڪ دفعو اسان گذري رهيا هئاسي
ته بنگلي جو گيٽ کليل هو. لان ۾ وڻ هيٺان ڀٽو صاحب
بيٺل هو. ان کي بوسڪي رنگ جي سلوار قميص پاتل هئي.
ان سان گڏ ٻيا ماڻهو به اتي بيٺل هئا. ان وقت جو
مشهور مشڪرو ”محمد“ ڪا مزاحيه ڳالهه ڪري رهيو هو،
جنهن تي سڀ کلي رهيا هئا. اسان ٻه گهڙيون گيٽ وٽ
بيهي اهو منظر ڏٺو ۽ پوءِ اڳتي وڌي وياسين. ڀٽو
صاحب ان زماني ۾ حڪمران نه هو پر پيپلز پارٽي نئين
نئين ٺهي هئي. مان ان وقت محمد مشڪري کي نه
سڃاڻندي هيس. پوءِ جڏهن هو ٽي ويءَ تي آيو تڏهن
مون سڃاتو ته هي اهو ئي چهنب واري ٽوپي پاتل ماڻهو
هو، جيڪو مون ڀٽي صاحب جي بنگلي تي ڏٺو هو.
جڏهن مان نائين درجي ۾ پڙهندي هيس ته ان وقت مون پڙهيو هو ته
جيڪو ماڻهو الله جي نالي تي ڪجهه ڏيندو آهي ته
الله ان کي ڏهوڻو ڪري واپس ڏيندو آهي. هڪڙو فقير
دروازي تي آيو ان وقت مون وٽ هڪ رپيو هو، ڇو جو
خرچي ڪجهه وڌيڪ ملڻ لڳي هئي پر اهو رپيو به هڪ ٻن
ڏينهن جي بچايل خرچي هئي. مون اهو رپيو سچي دل سان
فقير کي ڏئي ڇڏيو. ان ۾ منهنجي ڪا لالچ نه هئي ته
ڪو اهي مون کي وڌيڪ ٿي ملندا. شام جو چاچا گهر آيو
ته ان مون کي ۽ گهر ۾ موجود هڪ ٻن ٻين ٻارن کي ڏهه
ڏهه رپيا خرچي ڏني. مان حيران ٿي ويئي هيس ته
واقعي الله هڪ جا ڏهوڻا ڪري ڏي ٿو. ننڍي عمر ۾ ذهن
۾ ويٺل ان ڳالهه جو اثر اڄ به قائم آهي.
1976ع
۾ مئٽرڪ جي امتحان جو جڏهن رزلٽ آيو ته مان ڳوٺ ۾
هيس.بابا اخبار وٺي آيو هو. ان وقت رات ٿي چڪي
هئي. مان اڱڻ ۾ بلب جي ميري روشنيءَ ۾ زمين تي
اخبار وڇائي ٿرڊ ڪلاس ۾ پنهنجو نمبر ڳولي رهي هيس.
ان وقت منهنجو چاچو غلام مصطفيٰ آيو پڇيائين ڇا ٿي
ڳولين. مان چيو مئٽرڪ جو رزلٽ آيو آهي. نمبر ٿي
ڳوليان. چاچا مون کان اخبار ورتي ۽ سيڪنڊ ڪلاس ۾
منهنجو نمبر ڏسڻ لڳو، جيڪو هن کي ملي ويو.
مئٽرڪ جو سيٽ نمبر مون کي اڄ به ياد آهي
47022.
توڙي ان کان پوءِ مان انٽر، ٻه دفعا بي اي، ايم اي
۽ ويجهڙائيءَ ۾ بي ايڊ جو امتحان ڏنو آهي، پر تڏهن
به مون کي اهي سيٽ نمبر ياد ڪونهن پر
39 سال اڳ ڏنل مئٽرڪ جي امتحان جو سيٽ نمبر ياد آهي.
ان کان پوءِ مون لاڙڪاڻي ۾ اسڪول جي سامهون واري گورنمينٽ گرلز
ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هاڻي چاچا ته ڪراچيءَ ۾رهندو
هو پر ان منهنجي ڏاڏيءَ کي لاڙڪاڻي ۾ گهر ٺهرائي
ڏنو هو. مان ان سان رهندي هيس.ڪاليج جي ٻن سالن
جون ڪي خاص يادون ڪونهن. بس ايمانداريءَ سان
پڙهندي هيس. ٻين ڇوڪرين وانگر ڪڏهن به ڪنهن پيريڊ
۾ گهوٻي نه هنيم.
جڏهن انٽر جو امتحان ڏنم ته ماما عالم جيڪو منهنجو ننڍو مامو
آهي. سو ڳوٺ اسان وٽ آيو. هو ڪراچيءَ ۾ رهندو هو،
جتي منهنجي مامي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول پي اي
سي ايڇ سي ۾ ٽيچر هئي. اتي سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ
ٽيچر جي جاءِ خالي هئي. سو انهن مون کي آڇ ڪئي ته
جيڪڏهن تون اتي پڙهائڻ چاهين ته درخواست ڏئي
ڇڏيون. منهنجا ته پير ئي زمين تي نه پيا ٽڪن.
ڪراچي منهنجو پسنديده شهر هو ۽ اتي رهڻ جو مون کي
ڏاڍو شوق هو. پر بابا اجازت نه پيو ڏي. آخر منهنجي
گهڻي ضد کان پوءِ بابا راضي ٿيو. ان وقت منهنجو
ارجنٽ شناختي ڪارڊ ٺهرايو ويو ۽ مان ڪراچيءَ
رواني ٿي ويس. (پهرين نومبر تي مان ارڙهن سالن جي
ٿي هيس ۽ سورهين نومبر تي منهنجو اپائنٽمينٽ ٿيو.)
اتي مون چار سال نوڪري ڪئي. اهي چار سال منهنجي
زندگيءَ ۾ ڏاڍي اهميت رکن ٿا. ان عرصي ۾ مون ۾
ڏاڍو اعتماد پيدا ٿيو. ان ۾ ماما جو وڏو هٿ آهي.
ان وقت مان ڏاڍي ننڍي لڳندي هيس. جڏهن مان اسڪول ويس ته پهرين
ڏينهن ئي مون کي نائون ڪلاس ڏنو ويو. ان ڪلاس جي
ڇوڪرين مون کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻڌايو ته پهرين
ڏينهن انهن مون کي ڪلاس ۾ داخل ٿيل ڪا نئين ڇوڪري
سمجهيو هو پر پوءِ جڏهن مان پنهنجو تعارف ڪرايو ته
هو ڏاڍيون حيران ٿيون هيون.
ماما جو گهر، ڪلفٽن تي هو ۽ اسڪول پي اي سي ايڇ ايس ۾ هو.
منهنجي مامي ۽ مان گڏ اسڪول وينديون هيون سي.
هوءَ پاڻ گاڏي هلائيندي هئي. ماما پاڻيءَ وارن
جهازن تي ڪئپٽن هو. ان ڪري هو اڪثر مهينن جا مهينا
ٻاهر هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ماما پنهنجا ٻار ٻچا به
ٻاهر وٺي ويند هو ته اهي به ڪيئي مهينا گذاري
پوءِ ايندا هيا. ان عرصي ۾ رڳو منهنجي ناني هتي
هوندي هئي. پوءِ مان ۽ منهنجي ناني، پنهنجي ماسيءَ
جي گهر وڃي رهنديون هيون سي. منهنجي ماسيءَ جو
گهر سامهون ئي هوندو هو. اها علي نواز وفائيءَ جي
گهر واري هئي. علي نواز منهنجي نانيءَ جو سڳو
ماروٽ به هو ته ناٺي به هو. جيترو عرصو ماما جن
ٻاهر هوندا هئا، اهو عرصو مان اڪيلي رڪشا ۾ اسڪول
ويندي هيس. واپسيءَ ۾ خريداري به ڪري ايندي هيس.
ڪڏهن بوهري بازار مان ته ڪڏهن نرسريءَ مان. اهو
اڪيلائيءَ وارو سڄو عرصو مون گهڻو ڪجهه سکيو.
ماما مون کي ڏاڍو همٿائيندو هو. مون کي ننڍي
هوندي کان ئي ٻاهر گهمڻ ڦرڻ جو ڪو شوق ناهي. پر
ماما مون کي زوريءَ پنهنجي دوستن جي گهر ۽ ٻين
تفريحي جاين تي وٺي ويندو هو. زندگيءَ ۾ مون جيترو
به گهميو اهو رڳو ماما سان گڏ ۽ ان جي ڪري ئي
گهميو. ايتري قدر جو مون لاڙڪڻي ۾ رهي ڪري به موئن
جو دڙو ڪو نه ڏٺو هو. اهو به اسان کي ماما گهمايو.
ڪڏهن ڪڏهن مان ضد ڪري ماما جن سان گڏ ٻاهر وڃڻ کان
انڪار ڪندي هيس، جڏهن اهي هليا وينددا هيا ته
گئلريءَ مان ويهي ڪو ڀرت ڀريندي هيس. گئلريءَ ۾
ويهڻ مون کي ڏاڍو وڻندو هو. ان زماني ۾ ڪلفتن تي
ايتري گهڻي آبادي ڪو نه هئي. عمارتون هڪ ٻئي کان
ڪافي پري ٺهيل هونديون هيون. گهر به ڪٿي ڪٿي ٺهيل
هوندا هئا. ان ڪري پري پري تائين نظر پوندي هئي.
ڪلفٽن تي ماما جو گهر ”سوني سوئيٽس“ جي بلڪل مٿان
هوندو هو. سامهون مين ڪلفٽن روڊ هوندو هو. اتان
گذرندڙ گاڏيون ڳڻڻ منهنجو پسنديده ڪم هو. مان
گاڏين کي مختلف گروپن ۾ ورهائي ڳڻندي هيس. مثال هڪ
سئو اڇيون گاڏيون، هڪ سئو ڳاڙهيون گاڏيون، هڪ سئو
ٽيڪسيون وغيره. ان ۾ مون کي ڏاڍو مزو ايندو هو. اڄ
ته اها فرصت پري پري تائين ڪونهي. ڪنهن گاني جي سٽ
وانگر ”دل ڍونڍتا هي ڦر وهي فرصت ڪي رات دن“ اها
ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي مون کي مصروف رهڻ ئي پسند
آهي، جيڪڏهن فرصت ملي به اٿي ته مان ان کي فرصت
رهڻ نه ٿي ڏيان.
ڪراچيءَ ۾ جيڪو عرصو مان پنهنجي ماسيءَ جي گهر رهندي هيس ته
منهنجو ماسڙ اڪثر مون کان پنهنجا مضمون وغيره
لکرائيندو هو. ڇو ته هو ليکڪ هو. هو مون کي چوندو
ويندو هو ۽ مان لکندي ويندي هيس. هن کي منهنجي
سنڌي رائيٽنگ وڻندي هئي. هڪ ته ان وقت منهنجا اکر
به سُٺا هيا ۽ ٻيو ته منهنجي صورتخطي ننڍي هوندي
کان ئي بلڪل صحيح هوندي هئي. هو ان ڳالهه کان ڏاڍو
متاثر هو. اسان سڀ پنهنجي ان ماسيءَ کي آپا چوندا
هياسي. ڇو ته امان جن سڀ ان کي آپا چوندا هيا.
هوءَ منهنجي ڏاڍي رهنمائي ڪندي هئي. رڌ پچاءَ ۾
هوءَ منهنجي استاد آهي. زندگي گذارڻ جي باري ۾
ڪيتريون ئي
Tips
ڏيندي رهندي هئي. کائڻ، پيئڻ، اٿڻ، ويهڻ، محفل جا
آداب، مطلب ته هر ڳالهه سمجهائيندي هئي.هوءَ
منهنجي آئيڊيل عورت هئي.مان هن کان ڏاڍي متاثر
ٿيس. هن جو ڪپڙن پائڻ جو اسٽائيل، ڪپڙن جي چونڊ،
ڳالهائڻ جو انداز، گهر جي سجاوٽ ۽ سليقو، رڌڻ
پچائڻ مطلب ته هر شيءِ ۾ ماهر هئي. مون هن کان
گهڻو ڪجهه سکيو. هوءَ ويجهڙائيءَ ۾ گذاري ويئي
آهي. الله سندس مغفرت ڪري. آمين.
ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران مون مامان کان ٻاهرين ملڪ مان، امان جي
لاءِ واشنگ مشين گهرائي هئي. اها ڳوٺ ۾ ڪپڙن ڌوئڻ
جي پهرين مشين هئي. اها به ڊرائر واري. مون جڏهن
ماما جن وٽ ڪپڙن ڌوئڻ جي مشين ڏٺي هئي ته مون کي
اهو خيال آيو هو ته جيڪر اهڙي امان جن وٽ به هجي.
هن سڄي عمر هٿ سان ڪپڙا ڌوتا آهن، هاڻي ان کي به
آرام ملڻ گهرجي. سو جڏهن ماما ٻاهر پيو وڃي ته مون
ان کي مشين آڻن لاءِ چيو ۽ اها ڳالهه ڪنهن سان به
ڪو نه ڪيم. جڏهن ماما مشين وٺي آيو ۽ امان ڏٺي ته
ڏاڍي خوش به ٿي ۽ حيران به. اها پهرين وڏي شيءِ
هئي، جيڪا مان امان کي وٺي ڏني.جڏهن مشين کڻائي
امان جن ڳوٺ ويا ته اتي ڳوٺ جون ڪجهه غريب عورتون
امان وٽ آيون ۽ چوڻ لڳيون ته ادي اسان ٻڌو آهي ته
توهان ڪپڙن ڌوئڻ جي مشين ورتي آهي. اسان اها ڏسڻ
آيون آهيون. امان ان وقت ڪنهن ڪم ۾ مصروف هئي. ان
ڪري چيائين ته ٿورو ترسو ته توهان کي ڏيکاريان
ٿي. مائين کان صبر نه پيو ٿئي هڪڙي مائي امان کان
پڇڻ لڳي ته ادي مشين سوٽي به هڻندي آهي ڇا؟ ٻي پڇڻ
لڳي ته ڪپڙا نپوڙيندي به آهي؟ امان کلي چين ته
سوٽي نه هڻندي آهي، باقي ڪپڙا نپوڙيندي اهي. پڇڻ
لڳيون ته ادي ڀلا هٿ به اٿس ڇا جو نپوڙيندي آهي؟
اسان ڏاڍو کليونسي. نيٺ امان هنن کي مشين هلائي
ڏيکاري تڏهن انهن جو تجسس ختم ٿيو پر ڪي ڏينهن هو
حيران هونديون هيون. اها ڳالهه 1979ع جي آهي.
مون کي پهرين پگهار پنج سئو ۽ ٻه چار رپيا ملي هئي. ان مان، مان
ويسيون به وجهندي هيس. 1980ع جي شروع ۾ منهنجي ٻن
هزارن جي ويسي نڪتي هئي. اهي پئسا، جڏهن امان
ڪراچيءَ آئي هئي ته مان ان کي ڏنا هيا ته جيئن
چاهي خرچ ڪري. امان اهي پئسا مون لاءِ ئي خرچ ڪيا
هيا. هوءَ مون لاءِ انهن پئسن مان هڪ لاڪيٽ، منڊي
۽ جهومڪ وٺي آئي هئي. هن وقت ٻن هزارن ۾ هڪڙي منڊي
به مشڪل سان ٿي ملي.
مٿي مون ذڪر ڪيو آهي ته ڳوٺ ۾ پهرين واشنگ مشين اسان ورتي هئي.
اهڙي طرح ڳوٺ ۾ پهرين ٽي وي منهنجي چاچي احمد وارن
ورتي هئي. ان وقت ٽي وي بليڪ اينڊ وائيٽ هوندي
هئي. ان زماني ۾ آچر تي فلم ڏيکاريندا هيا. ذري
گهٽ سڄي ويڙهي جا ٻار ۽ مايون ۽ ڪجهه پاڙي وارن
جا ٻار ۽ مايون منهنجي چاچي جي جي گهر گڏ ٿيندا
هيا. روزانو به سڀ ٻار چاچا جي گهر ٽي وي ڏسڻ
ايندا هيا. جڏهن اسان ٽي وي ورتي ته اسان وٽ به
پاڙي جا ٻار گڏ ٿيندا هيا. پر سڀني کان گهڻي رش
چاچا جن جي گهر ٿيندي هئي. شڪر ٿيو جو ان وقت ٽي
وي جلدي بند ٿي ويندي هئي. نه ته شايد منهنجي چاچي
وارن جي ننڊ به قربان ٿي وڃي ها. شابس هجي منهنجي
چاچيءَ منظور کي جو اها منهن نه گهنجائيندي هئي.
پر شايد ان دؤر ۾ هڪ ٻئي تي هڪ ٻئي جو حق سمجهيو
ويندو هو، ان ڪري اهي ڳالهيون خراب نه لڳنديون
هيون. |