مدرسي ۾ پڙهڻ واريون ڇوڪريون، پنهنجي پنهنجي پوتين ۾ ڪچا بصر،
انبڙيون، گدامڙي ۽ لوڻ مرچ لڪائي کڻي ينديون
هيون. قرآن پڙهڻ کان پوءِ، جيڪڏهن بصر آندا
هوندائون ته اهي مُڪ سان ڀڃي، لوڻ مرچ وجهي گڏجي
ويهي کائينديون هيون، جيڪڏهن ننڍيون ننڍيون
انبڙيون هونديون هين ته چڪ سان ڇلي کائينديون
هيون. ڪڏهن ته بنا ڇلهڻ جي ئي لوڻ مرچ وجهي کائي
ڇڏينديون هيون. گدامڙيءَ کي ڪنهن ٿانو ۾ وجهي
پسائي، مهٽينديون هيون ۽ پوءِ لوڻ مرچ وجهي،
گدامڙيءَ مان ئي نڪتل نرم نرم تندن سان گدامڙي
چٽينديون هيون. پر مان ڪڏهن به ان ڪم ۾ حصو نه
ورتو. مون کي اهي سڀ حرڪتون نه وڻنديون هيون. اڄ
به مان کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ چٽوري ناهيان.
ايتريقدر جو مون زندگيءَ جي ڪن خاص موقعن تي به
عام عورتن وانگر آچار وغيره ڪو نه کاڌو.
مدرسي واري نئين جاءِ کي ”دفتر“ چوندا هيا. مون کي ياد ناهي ته
اتي ڇا جي آفيس هئي جو ان کي دفتر چوندا هيا. ان
دفتر ۾ جيڪو هٿ وارو نلڪو لڳل هوندو هو ان جو
پاڻي ايترو ته ٿڌو هوندو هو جو ڄڻ ريفريجريٽر جو
هجي. گرمين ۾ خاص طور تي اسان ان نلڪي مان پاڻي
پيئندا هياسي. هڪڙو ٻار نلڪو گيڙيندو هو ته ٻيا
ٻار واري واري سان ٻڪ جهلي ان نلڪي مان پاڻي
پيئندا هيا. پاڻي ايترو ته وڻندو هو جو ڍءُ ئي نه
ٿيندو هو. اسڪول ويندي ويندي اسان ان نلڪي مان
پاڻي به پيئندا هياسي ته هٿ منهن به ڌوئيندا
هياسي. ڪڏهن ڪڏهن ته اسان گهر مان ننڍي دلي کڻي
وڃي ان نلڪي تان ڀري ايندا هياسي. گهر وارا به اهو
پاڻي شوق سان پيئندا هيا. ڇو ته بجلي ته هوندي
ڪونه هئي نه ئي برف ڳوٺ ۾ ملندي هئي. برف اسان کي
مدئجيءَ مان گهرائڻي پوندي هئي. هر گهر ۾ مٽ ۽ دلا
پاڻيءَ جا ڀريل هوندا هيا. هر گهر ۾ جر جو پاڻي
هوندو هو. قدرتي طرح جر جو پاڻي سياري ۾ گرم
نڪرندو هو ۽ اونهاري ۾ ٿڌو. گهرن ۾ هٿ جا نلڪا لڳل
هوندا هيا. (اڄ به آهن) خراب يا زهريلي پاڻيءَ جو
ڪو تصور ئي ڪو نه هوندو هو، هاڻي ته خاص طور تي
حيدرآباد ۾ پاڻي اوٻاري ٿا پيئون. اهڙي وقت ۾
ننڍپڻ جا ڏينهن ڏاڍا ياد ايندا آهن. جڏهن اسان لفظ
”آلودگيءَ“ کان بي خبر هوندا هياسي. ڇو ته اها
بلا ان وقت ايڏي نه وڌي هئي. هاڻي ته ڄڻ ڏينهون
ڏينهن ترقيءَ جي پيڪنگ ۾ تباهي ملي رهي آهي.
امان جن جڏهن ڪپڙا ڌوئينديون هيون ته اسان واري واري سان نلڪو
هلائيندا هياسين هڪڙو وڏو ڪونر نلڪي هيٺان پيو
هوندو هو. اهو ڀرجي ايندو هو ته کيڏڻ شروع ڪندا
هياسي. جڏهن ڪونر خالي ٿيندو هو امان سڏ ڪندي هئي،
جنهن ٻار جو وارو هوندو هو اهو وڃي وري ڪونر ڀري
ايندو هو. ائين ڍير ڪپڙن جا ڌوپندا هيا. اڇي رنگ
جا سڀ ڪپڙا وڏي ٽين ۾ وجهي، ان ۾ صابڻ ۽ کار وجهي
باهه تي ٽهڪائينديون هيون ۽ پوءِ سوٽين سان سٽي
ڪٽي ڌوئينديون هيون. سياري ۾ ٻارن وهنجارڻ لاءِ به
اهي ئي ٽين پاڻيءَ جا گرم ٿيندا هيا ۽ ٻارن کي
وهنجارينديون هيون. هڪڙي ٻار کي وهنجارڻ لاءِ
جيترو پاڻي ٽين مان ڪڍنديون هيون وري اوترو ئي ٻيو
پاڻي وجهي ٽين ڀري ڇڏينديون هيون. اهو ٽين
تيستائين باهه تي پيو هوندو هو جيستائين سڀ وهنجي
نه وٺن. ان ٽين جي هيٺان باهه به پئي ٻرندي هئي.
ان زماني ۾ ٿانون ڌوئڻ لاءِ ڪو به صابڻ وغيره استعمال ڪو نه
ٿيندو هو. شيشي، چيني، جست ۽ پتل ٽامي جا ٿانو به
چلهي جي خاڪ، ڪٽي ۽ توتڙن (چانورن جون کلون) سان
ڌوئبا هيا. هر قسم جا سڻڀا ٿانو به بلڪل صاف ٿي
ويندا هيا. پر جستي ٿانوَ چانديءَ وانگر ۽ پتل جا
ٿانو سون وانگر چمڪندا هيا.
ان وقت روڊ ۽ رستا ٺهيل ڪو نه هوندا هيا. جندي ديري کان مدئجي
وڃن وارو رستو ڪچو هوندو هو. ان تي پائوڊر جهڙي
سنهي مٽي موجود هوندي هئي. ايتري جو جانورن جا پير
۽ گاڏين جا ڦيٿا ان ڌوڙ ۾ اڌواڌ گهري ويندا هيا.
گاڏيون مشڪل سان اتان هلنديون هيون. ڇو ته رستي ۾
کڏا کوٻا به گهڻا هوندا هيا. منهنجو هڪڙو ماسات
جڏهن ڪراچيءَ کان اسان وٽ ڳوٺ آيو هو ته اهو چوڻ
لڳو ته هن ڌوڙ ۾ ڪو ننڍڙو ٻار ڪري پئي ته ان کي
ڳولڻ لاءِ ڇاڻي آڻڻي پوندي. واقعي هئي به اهڙي
حالت. هاڻي ته تمام سٺا روڊ ٺهيل آهن. ماڻهن کي
اچڻ وڃڻ جي سهولت آهي.
اسان جي ڳوٺ کان ريلوي اسٽيشن تمام پري هئي. ڳوٺ کان نڪرندا
هياسي ته پهرين مدئجيءَ ويندا هياسي ۽ پوءِ اتان
وري اڳتي گهڻو پري اسٽيشن هوندي هئي. سکر وڃڻ لاءِ
اسان اڪثر اسٽيشن تي ويندا هياسي، ڇو ته اهو ئي
هڪڙو ذريعو هو. بابا گاڏي رکڻ جو شوقين هوندو هو.
پر هن وٽ ڪڏهن گاڏي هوندي هئي ته ڪڏهن وڪڻي ڇڏيندو
هو. ان ڪري اسان اڪثر ريل ۾ سکر ويندا هياسي.
پهرين ته ڪاري انجڻ واريون پراڻيون ريلون هلنديون
هيون. اهي ريلون جڏهن خوفناڪ آواز ۽ دونهون
ڪڍنديون، ڪاري انجڻ سان پليٽ فارم ڏانهن وڌنديون
هيون، تڏهن مون تي خوف طاري ٿي ويندو هو ۽ مان
امان جي برقعي ۾ لڪي پوندي هيس. اها تمام ننڍي
هوندي جي ڳالهه آهي. ان کان پوءِ ريل ڪار هلڻ شروع
ٿي. ان جي شڪل به سٺي هوندي هئي، جنهن کان ڀؤ نه
ٿيندو هو. سڄي ريل ڄڻ هڪ گاڏو هوندو هو، جنهن ۾
شروع کان آخر تائين گهمي سگهبو هو. اسٽيشن تي وڃڻ
لاءِ ۽ اسٽيشن تان اچڻ لاءِ ٽانگا استعمال ٿيندا
هيا. جنهن کي عام طور بگي چوندا هيا. جڏهن به ريل
جي اچڻ جو وقت ٿيندو هو ته ٻه چار ٽانگا اسٽيشن تي
اچي ويندا هيا. ان کان پوءِ سڃ ٿي ويندي هئي.
ٽانگي نه ملڻ جي صورت ۾ اسان هڪ ٻه دفعو ڏاند
گاڏيءَ ۾ به سفر ڪيو. مدئجيءَ تائين ڏاند گاڏيءَ ۾
آياسي ۽ پوءِ اتان ٽانگو ڪري ڳوٺ آياسي. مون کي
چڱيءَ طرح ياد آهي ته اسٽيشن تي رونق رڳو ايتري
دير تائين هوندي هئي، جيتري دير تائين ريل بيٺي
هوندي هئي.ان کانپوءِ سانت ٿي ويندي هئي. هڪ دفعو
مان پنهنجي نانيءَ ۽ مامي سان ڳوٺ پئي اچان،
اسٽيشن تي لٿاسي ته رڳو هڪ ٻه ٽانگا هيا، جيڪي
اسان جي پهچڻ کان اڳ ئي ڀرجي روانا ٿي ويا. هر ڪو
هليو ويو. اسان پريشان هجون ته هاڻي ڪنهن نه ڪنهن
طرح مدئجيءَ ته پهچون پوءِ اتان ٽانگو ملي ويندو.
ماما کي هڪڙو گڏهه گاڏو بيٺل نظر آيو. ماما ان جي
مالڪ کي وڃي صورتحال ٻڌائي ۽ ڪرايو ڏيڻ جو به چيو
ته هو راضي ٿيو ۽ اسان کي مدئجيءَ تائين ڇڏي ويو.
اهڙيءَ طرح مون گڏهه گاڏي تي به سفر ڪيو. اهو به
زندگيءَ جو هڪڙو رنگ آهي. انهيءَ ئي ماما مون کي
ننڍي هوندي ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن ۾ زوريءَ
هاٿيءَ تي به ويهاريو ۽ وڏي هوندي زبردستي ڪلفٽن
ڪراچيءَ ۾ اٺ تي به سواري ڪرائي.
ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو
هڪڙو ماڻهو هوندو هو ”ڪاڪو جهنگل“ مون جڏهن ان کي ڏٺو هو تڏهن
هو ڏاڍو پوڙهو هو ۽ لٺ جي سهاري سان گهمندو هو.
گهر کان ٻاهر ڪو نه نڪرندو هو، ڇو ته هن جي نظر
ختم ٿي ويئي هئي. اسان ڪنهن نه ڪنهن ڪم سان انهن
جي گهر ويندا هياسي، تڏهن مون هن کي ڏٺو هو. ان جي
باري ۾ بابا اسان کي هڪ واقعو ٻڌايو هو. ڪاڪو
جهنگل ڏاڍيون گاريون ڏيندو هو. هو هر شيءَ کي گار
ڏيندو هو. چمپل جو پادر نٿو لڀي ته ان کي گار، زال
ماني ڏيڻ ۾ دير ڪئي ته ان کي گار، ڪتو ڀؤنڪيو ته
ان کي گار، ڪانءُ لنويو، ان کي گار مطلب ته هو هر
جاندار ۽ بي جان شيءِ کي گار ڏيندو هو. هن جو هر
جملو گار سان شروع ۽ گار تي ختم ٿيندو هو. کل ڀوڳ
۾ به گاريون ڏيندو هو. ايتريقدر جو ماني گرم هجي،
تڪڙ ۾ نه کائي سگهي ته ان کي به گار، فصل سٺو نه
ٿيو ته ان کي گار، گرمي يا سيءُ گهڻو هجي ته ان کي
به گار، مطلب ته هن جو گار کان سواءِ گذارو ئي نه
ٿيندو هو.
هو جڏهن جوان ۽ صحت مند هوندو هو تڏهن اسان جي اوطاق تي روز شام
جو ايندو هو. ان وقت منهنجو ڏاڏو حيات هو. ان وقت
منهنجي ڏاڏي ان کي چيو ته مان توکي پنج رپيا روز
ڏيندس تون گاريون ڏيڻ ڇڏي ڏي. ڪاڪو جهنگل پهريون
ته راضي ئي نه پيو ٿئي، پر سڀني جي زور ڀرڻ تي نيٺ
راضي ٿيو ۽ منهنجي ڏاڏي هن کي ان ڏينهن جا پنج
رپيا ڏنا. توهان اڄ کان پنجاهه سال پهرين واري وقت
۾ پنجن رپين جي اهميت سمجهي سگهو ٿا. ٻارن کي روز
ٽڪو خرچي ملندي هئي.يعني ٽي پئسا، ته پنج رپيا ته
ڪنهن ماڻهوءَ جي ذري گهٽ اڌ مهيني جي پگهار جيترا
هيا. ڪاڪو جهنگل اهي پئسا وٺي هليو ويو. هاڻي مون
کي ياد نٿو اچي ته ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ يا ٻئي
ڏينهن تي ڪاڪو اهي پئسا واپس کڻي منهنجي ڏاڏي وٽ
آيو ۽ چيائينس ته هي وٺو پنهنجا پئسا، اسان کان
اهو ڪم ڪو نه ٿيندو. مون اهو وقت الائي ڪيئن
گذاريو آهي. توهان جي مهرباني. اها ڳالهه اسان جي
ڳوٺ ۾ مشهور هئي.مون جڏهن جهنگل کي ڏٺو هو تڏهن به
هو پنهنجي منهن ڀڻڪي ۽ گاريون ڏيئي رهيو هو. هو
ته جيئرو ناهي پر مون کي اها ڳالهه سدائين ياد
رهندي. الله سندس مغفرت ڪري آمين.
هڪڙو ٻيو نوجوان شخص هوندو هو ان جو اصل نالو ته مون کي نه
ايندو آهي، ڇو ته هو حافظ جي نالي سان مشهور هوندو
هو. هو اکين کان نابين هوندو هو ۽ قرآن جو حافظ
هوندو هو. ان ڪري کيس حافظ سڏيندا هيا. حافظ جو
عام سودي جو دڪان هوندو هو. هو مدئجيءَ وڃي پنهنجي
دڪان جو سودو پاڻ سائيڪل تي وٺي ايندو هو. حساب
ڪتاب به پاڻ ڪندو هو. اسان کي ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي
ته هڪڙو نابين ماڻهو ڪيئن ٿو دڪان هلائي. ڪڏهن
ڪڏهن ان وٽ ڪي ڇوڪرا کوٽا سڪا کڻي ويندا هيا. ان
زماني ۾ ٻارن کي خرچي سڪن جي شڪل ۾ ملندي هئي.
نوٽ جو منهن ته اسان عيد عيد تي ئي ڏسندا هياسي.
سو جڏهن ڇوڪرا حافظ کي ڪو کوٽو سڪو ڏيندا هيا ته
حافظ کي خبر پئجي ويندي هئي. هو پئسا وٺي سدائين
هٿ سان چيڪ ڪندو هو، جيڪڏهن کوٽا هوندا هيئا ته
پئسا دڪان جي در کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيندو هو ۽ صحيح
هوندا هئا ته شيءِ ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به
ڪندو هو جو جيڪڏهن پئسا کوٽا هجن ته پوءِ به ٻار
کان پيار سان پڇندو هو پٽ ڪهڙي شيءَ کپئي؟ ٻار
پنهنجي ڪاميابيءَ تي خوش ٿي حافظ جي ويجهو وڃي
شيءِ جو نالو ٻڌائيندو. ٻار جيئن ئي حافظ جي
ويجهو ايندو هو ته حافظ ان کي ڪنڌ کان جهلي،
ڪياڙيءَ واريون ٻه ٽي ٿڦون وهائي ڪڍندو هو. ان ڪري
اڪثر ٻار حافظ جي ويجهو نه ويندا هيا. اها حرڪت
اڪثر ڇوڪرا ڪندا هئا. پر حافظ ڪڏهن دوکو نه کاڌو.
ويجهڙائيءَ ۾ مون ٻڌو هو ته حافظ جو ننڍڙو دڪان
ترقي ڪري وڏو جنرل اسٽور بڻجي ويو آهي ۽ هاڻي هو
سوزوڪي ڀرائي سامان وٺي ايندو آهي. الله کيس سکيو
رکي.
منهنجي بابا جي هڪ پڦي هئي، جنهن جو نالو عائشه هو. ان کي هرڪو
پڦي عاشي ۽ اسان ٻار امان عاشي چوندا هياسي. اها
وڏيرن جي گهر ۾ پرڻيل هوندي هئي. ان جو گهر به
ويڙهي ۾ هو. اسان جڏهن امان عاشي ڏٺي تڏهن سندس
عمر اسي ۽ نوي سالن جي وچ تي هوندي. ان وقت هوءَ
تمام پوڙهي ۽ جهڪيل هوندي هئي. ڄڻ سدائين رڪوع ۾
هوندي هئي. ان وقت به هوءَ سڀ روزا رکندي هئي. رات
جو سڄي مانيءَ مان اڌ کائيندي هئي ۽ اڌ اسر جو
کائيندي هئي. ان ڪري نه ته ڪنجوسي ڪندي هئي پر ان
جو قوت ئي ايترو هوندو هو. هوءَ نماز ۽ قرآن به
پابنديءَ سان پڙهندي هئي. ان عمر ۾ به هن جي نظر
بلڪل ٺيڪ هوندي هئي ۽ هوءَ بنا عينڪ جي قرآن
پڙهندي هئي. هوءَ پنهنجا ڪپڙا به پاڻ سبندي هئي سو
به هٿ تي سئي ڌاڳي سان. سئيءَ ۾ ڌاڳو به پاڻ
وجهندي هئي. ڪپڙو جڏهن به گهرائيندي هئي ته پهرين
ان جي ڪناري ڦاڙي پاڻ وٽ رکندي هئي. پوءِ ڪپڙو
ڪٽيندي هئي. ان ڪناريءَ مان ڊگها ڊگها ڌاڳا ڪڍي
انهن سان ڪپڙا سبندي هئي. هونئن به ڳوٺ ۾ ان وقت
رنگين ريل ڌاڳا ته ملندا ڪو نه هيا، ان ڪري هن کي
هم رنگ ڌاڳن جو ڪڏهن مسئلو ڪو نه ٿيو. اهو سڀ ڪجهه
مون پنهنجي اکين سان ڏٺو. اسان جڏهن به ڪم ڪار سان
ويڙهي ۾ ويندا هياسي ته امان عاشيءَ وٽ ضرور ويندا
هياسي. عيد تي به هن ڏي خاص طور تي ويندا هياسي.
هوءَ اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي هڪ پنج پيسي خرچي
ڏيندي هئي. هر دفعي اسان کي بابا لاءِ سلام
ضرورڏيندي هئي ۽ اهو نياپو ضرور ڏيندي هئي ته
”پيءُ کي چئجو ته منهن ڏيکاري وڃي.“
امان عاشي جيئن ته ڳوٺ جي وڏيري هئي، ان ڪري جنهن جي به شادي
ڳوٺ ۾ ٿيندي هئي يا ٻيو ڪو وڏي پئماني تي ڪاڄ
هوندو هو ته اتي مٺائي ورهائڻ لاءِ ان کي ئي
سڏيندا هيا. غريب غربا ڳڙ واري مٺائي يعني مُستي
ورهائيندا هيا ۽ سرنديءَ وارا کنڊ ورهائيندا هيا.
امان عاشي جڏهن کنڊ يا مٺائي ورهائيندي هئي ته
اڪثر عورتون رئي جي پلئه ۾ وٺنديون هيون ۽ ڳنڍ ٻڌي
ڇڏينديون هيون. ٻار سڀ امان عاشيءَ جي مٿان پيا
ڪرندا هيا.هوءَ سڀني جي تريءَ تي چپٽي چپٽي کنڊ جي
رکندي ويندي هئي. سڀ ٻار خوش خوش اها چپٽي کنڊ جي
تريءَ تان چٽيندا هئا. هوءَ اسان کي ٻين ٻارن کان
ٿوري وڌيڪ کنڊ ڏيندي هئي. اسان به اها کنڊ تريءَ
تان چٽي کائيندا هياسي. الله کيس جنت نصيب ڪري
آمين.
هنن يادگيرين ۾ جيڪڏهن ”حاجران“ مهاڻيءَ“ جو ذڪر نه ڪريان ته
اهي اڻپوريون رهجي وينديون. حاجران کان مان ايترو
متاثر آهيان جو ان جو ذڪر مان پنهنجي ٻارن، ملڻ
جلڻ وارن ۽ هر سال پنهنجي ڪلاس ۾ ايندڙ نوَن
شاگردن سان ضرور ڪندي آهيان. حاجران غريب گهر جي
آهي. هن جو گهر اسان جي گهر جي ڀرسان هوندو هو. اڄ
به اتي ئي آهي. اسان ننڍي هوندي هن جي گهر کيڏڻ
ويندا هياسي. ان جي گهر ۾ هڪڙو منهه هو ۽ گهر جي
چار ديواري ڪنڊن جو هڪڙو لوڙهو هو. حاجران جو گهر
ايترو صاف سٿرو هوندو هو جو مون اڄ تائين ڪو به
ڪچو گهر اهڙو صاف نه ڏٺو آهي. هن جو اڱڻ ڪچو هو پر
سدائين ان تي گاري جو ليپو ڏنل هوندو هو. جيڪو
هوءَ پاڻ ڏيندي هئي. اونهاري ۾ شام جو ڇڻڪار ڪندي
هئي. ان اڱڻ تي ڪڏهن به ڌوڙ نه اڏامندي هئي. جنهن
ڪنڊ ۾ هوءَ ماني پچائيندي هئي. ڪاٺين جي باهه جي
باوجود اها ڪنڊ ڪاري نه هوندي هئي. ڇو ته هوءَ
روزانو ان ڪنڊ کي گاري جو ليپو ڏيندي هئي. ٺڪر جي
هڪڙي ڪني ۾ هر وقت گارو ٺهيو پيو هوندو هو. هوءَ
روزانو رات جو ان ڪنڊ کي ليپو ڏيندي هئي. منهه ۾
اندر مٿي تختا لڳل هوندا هيا. انهن تي روزاني
استعمال جا جستي ٿانوَ ڌوتل ۽ سجايل هوندا هيا.
اهي عام ٿانوَ اهڙا ته چمڪندا هيا جهڙي چاندي.
حاجران انهن کي چلهي جي خاڪ سان ملي چمڪائيندي
هئي. کٽن تي مٿن کان وهاڻا ۽ پيرن کان رليون وڇايل
هونديون هيون. ڪا به شيءِ پنهنجي جاءِ تان ٿڙيل
مون ڪڏهن نه ڏٺي. حاجران پاڻ به پراڻن ڪپڙن جي
باوجود سدائين صاف سٿري هوندي هئي. منهنجي ان جي
گهر وڃڻ تي روز روز دل چوندي هئي ۽ مان اتي گهڻي
دير تائين کيڏندي هيس. سندس ذڪر ڪرڻ جو مقصد اهو
آهي ته گهر کي صاف ۽ سهڻو رکڻ لاءِ امير هجڻ ضروري
ناهي پر سگهڙ هجڻ وڌيڪ ضروري آهي. حاجران اڃا به
امان جن وٽ ڪڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي ايندي آهي.
ڳوٺ جا ڪجهه منظر ياد اچي رهيا آهن. جڏهن اسان گهٽين مان ڏينهن
جي وقت گذرندا هياسي ته پلال جا ڪريل تيلا سج جي
روشنيءَ ۾ پري کان سون وانگر چمڪندا هئا. ڀر وارين
ٻنين ۾ بهه پوکيل هوندا هئا. ان ڪري پري پري تائين
ڪنول جا گل ۽ انهن جا وڏا وڏا پن پکڙيل نظر ايندا
هيا. اهي وڏا پن پٽي اسان اڪثر مٿي تي اونڌا ڪري
رکندا هياسي ۽ ٽوپلا ڪري پائيندا هياسي. انهن پنن
کي ڌوئي اڪثر دفتر واري نلڪي مان انهن ۾ پاڻي به
پيئندا هياسي.
مان جڏهن پنجين درجي ۾ پڙهندي هيس تڏهن ئي اهو طئه ٿي ويو هو ته
مان وڌيڪ پڙهڻ لاءِ لاڙڪاڻي ويندس. جتي منهنجون ٻه
پڦيون انور ۽ ڪبريٰ رهنديون هيون ۽ منهنجو چاچو
غلام اڪبر به اتي پڙهندو هو ۽ منهنجي پڦين يعني
پنهنجي ڀيڻن وٽ رهندو هو. ان زماني ۾ چاچا جڏهن
موڪلن ۾ ڳوٺ ايندو هوته مان ان کان مختلف شين جا
نالا پڇندي هيس ته انگريزيءَ ۾ انهن کي ڇا چئبو
آهي. هڪ دفعو مون چاچا کان پڇيو ته نسرين کي
انگريزيءَ ۾ ڇا چئبو آهي؟ چاچا ٻڌايو ته نسرين کي
انگريزيءَ ۾ به نسرين چئبو آهي. مون کي يقين ئي نه
پيو اچي ته جڏهن هر شيءِ لاءِ انگريزيءَ ۾ ڪو نه
ڪو لفظ آهي ته پوءِ نسرين لاءِ به ڪو لفظ هوندو.
ان ڏينهن مان چاچا کي ڏاڍو تنگ ڪيو ته مون کي
صحيح لفظ ٻڌايو. پر هن بار بار هڪ ئي جواب ڏنو ۽
مون کي يقين نه آيو.
هڪڙو واقعو منهنجي ڀيڻ جي حوالي سان ياد اچي رهيو آهي ته
لاڙڪاڻي ۾ ڇهين درجي ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ جڏهن
مان پهرين موڪلن ۾ ڳوٺ آيس ته منهنجي ننڍي ڀيڻ
شيرين سمجهيو ته مان ڪا کوڙ انگريزي پڙهي آئي
آهيان. سو هن مون کي چيو ته مون کي هن جملي کي
انگريزيءَ ۾ تر جمو ڪري ڏيکار، ”گهڙامنجيءَ تي دلا
پيا آهن“ مان ته بلڪل گهٻرائجي ويس. اڃا ته مان
رڳو اي بي سي ياد ڪئي هئي. (ان زماني ۾ سرڪاري
اسڪولن ۾ ڇهين درجي کان انگريزي پڙهائيندا هيا) سو
مون روئڻ شروع ڪري ڏنو. امان منهنجي ڀيڻ کي ڏاڍا
دڙڪا ڏنا. منهنجي ڀيڻ مون لاءِ چوڻ لڳي ته هيءَ ته
ڪا صفا چري آهي. مونکي ڪجهه به الم غلم ٻڌائي ها
ته مان يقين ڪريان ها. مون کي ته انگريزي ڪو نه ٿي
اچي جو سمجهان ها ته صحيح ٿي چوي يا غلط، پوءِ مون
کي پنهنجي بي وقوفيءَ تي ڏاڍي خار آئي. منهنجي ڀيڻ
ڏاڍي چالاڪ هوندي هئي ۽ مان ڏاڍي معصوم هوندي هيس.
اڄ به پنهنجي معصوميت واريون ڳالهيون ياد اينديون
آهن ته پاڻ تي پيار ايندو آهي.
شيرين جي چالاڪيءَ جو هڪ ٻيو به واقعو ياد اچي ٿو. هڪ دفعو امان
گهر جو ڪم پئي ڪري ۽ هن منهنجي ۽ شيرين جي ڊيوٽي
لڳائي ته واري واري سان هڪ هڪ ڪلاڪ ننڍي ڀاءُ کي
سنڀاليو ته مان ڪم ڪري وٺان. پهرين شيرين ننڍي
ڀاءُ کي کڻي ٻاهر ويئي ۽ مان پنهنجا سُيوُن ڌاڳا
ڪڍي گڏين جا ڪپڙا ڀرڻ ويٺس. ٿوري دير کان پوءِ
شيرين واپس آئي ۽ چوڻ لڳي ته نسرين تون اتي ويٺي
آهين نه. مان ڀاءُ کي هڪڙو منٽ هتي ويهاري ٿي
وڃان. تون هن جو خيال رکجائن مان بس هڪڙي منٽ ۾
موٽي ٿي اچان. هڪڙي منٽ کان مٿي ٿي ويو پر هوءَ ڪو
نه آئي. مان مجبورن پنهنجو ڪم ڇڏي ڀاءُ جو خيال
رکڻ لڳس ته متان ڪو گند ڪچرو کڻي وات ۾ نه وجهي.
ڇو ته وڻن جا پن به پيا ڪرندا هئا ۽ ڪڪڙيون به
گهمنديون رهنديون هيون ۽ جتي وڻندو هين اتي وٺيون
لاهينديون هيون. سو مون ڪافي دير ڀاءُ جو خيال
رکيو. آخر شيرين آئي ۽ هڪ دم گهڙيال کي ڏسي چوڻ
لڳي ته منهنجو ڪلاڪ ته پورو ٿي ويو. هاڻي تنهنجو
ڪلاڪ شروع ٿي ويو آهي. هاڻي پاڻ سنڀاليس. ائين چئي
هوءَ وٺي ٻاهر ڀڳي ۽ مان رڙيون ڪندي رهجي ويس ته
باقي ايترو وقت مان ڇا پئي ڪريان. پر هن هڪ به نه
ٻڌي ۽ مان روئندي به رهيس ۽ ڀاءُ کي به سنڀاليندي
رهيس. امان کي وڃي دانهن به ڏنم، جڏهن هوءَ گهر
آئي ته امان هن کي ڏاڍا دڙڪا ڏنا پر هن تي اثر ڪو
نه ٿيندو هو. هوءَ ڏاڍي لاپرواهه هوندي هئي. گهر
جي ڪمن سان گهٽ پوندي هيس. ڇوڪرن جهڙي ڇوڪري هوندي
هئي. وڻن تي چڙهڻ، سائيڪل هلائڻ، واهه ۾ وهنجڻ،
ڏيٽي ڏڪر کيڏڻ هن جي پسند جا ڪم هوندا هئا. ڪڏهن
ته امان جي دڙڪن کان بچڻ لاءِ ننڍي ڀاءُ کي به کڻي
ويندي هئي ته جيئن امان کي چئي سگهي ته هن کي پئي
گهمايان. وڻن تي چڙهڻ ڪري اڪثر هن جا ڪپڙا ڦاٽي
پوندا هيا ۽ پوءِ هوءَ منهنجا ڪپڙا پائي ويندي
هئي. پنهنجا روا ڦاڙي منهنجن جي پويان پوندي هئي.
مان ان ڳالهه تي ڏاڍي ڇتي ٿيندي هيس. اسان جو روز
جهيڙو هوندو هو. امان به اسان جي روز روز جي جهيڙن
مان بيزار هوندي هئي. امان کي به خبر هئي ته
منهنجو ڏوهه ڪونهي. هوءَ شيرين کي دڙڪا به ڏيندي
هئي پر دڙڪن جو اثر وٺڻ هن سکيو ئي ڪو نه هو. آخر
امان هن کي ٻيا ڪپڙا به ٺاهي ڏيندي هئي. مان شروع
کان ئي انصاف پسند ۽ اصول پسند رهي آهيان. نه ڪنهن
ٻئي جي معاملي ۾ مداخلت ڪندي هيس نه پنهنجي معاملي
۾ مداخلت پسند ڪندي هيس. يعني ”جيو ۽ جيئڻ ڏيو“
واري ڳالهه تي عمل ڪندي هيس. (اڄ به ڪندي آهيان).
مون کي هڪ ٻئي جا ڪپڙا پائڻ ۽ ٻيون شيون استعمال
ڪرڻ بلڪل پسند نه هو ۽ هاڻي به ناهي. پنهنجي ڪا
شيء مان ٻئي کي ڏئي ڇڏيان ته ٺيڪ آهي پر واري واري
سان ٻه ماڻهو هڪ ئي شيءِ کي استعمال ڪن اهو مون
کان نه ٿيندو آهي. شيرين جي حرڪتن کان تنگ ٿي مون
شاعري ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. اها مون کي پوري ته
ياد ڪونهي پر ڪجهه سٽون هي آهن.
منهنجي ڀيڻ بري، پل پل هڻي پئي ڇري،
چوڻ منهنجي سان ڪڏهن ناهي مڙي،
حرام هن ڪيا منهنجا اٺ ئي پهر،
جيئڻ منهنجو ٿي ويو آهي زهر…..
جڏهن مان لاڙڪاڻي پڙهڻ ويس ته چاچا اڪبر مون کي گورنمينٽ گرلز
هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرائي آيو، جيڪو گرلز ڪاليج جي
سامهون آهي. شروع شروع ۾ مون کي ڏاڍي اجنبيت محسوس
ٿي پر پوءِ اتي مان هري ويس. منهنجي پڙهائيءَ جو
ذمو چاچا اڪبر تي هو. هو پاڻ به پڙهندو هو پر پوءِ
به منهنجي ذميواري چڱي طرح نڀائيندو هو.
اسڪول ۾ ڪجهه ڪواٽر به ٺهيل هوندا هيا، جن ۾ ڪجهه ماسترياڻيون
رهنديون هيون. انهن مان آپا خورشيد هئي، جيڪا اسان
کي ڇهين درجي ۾ حساب پڙهائيندي هئي. هڪ ڏينهن مان
ڪاپي کڻي ان کان حساب چيڪ ڪرائڻ ويس ته ان حساب
ڏسندي ئي ٺڪاءُ ڪري هڪڙي چماٽ منهنجي منهن تي
وهائي ڪڍي (جنهن جي تڪليف مان هن عمر ۾ به ۽ هن
وقت به محسوس ڪري رهي آهيان.) چوڻ لڳي ته حساب غلط
آهي وڃ ٻيهر ڪري اچ. مان اکين ۾ ڳوڙها کڻي واپس
وڃي ٻيهر حساب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن به جواب ساڳيو
آيو. مان وري آپا خورشيد وٽ ويس. هن کي چيم ته وري
به اهو ئي جواب ٿو اچي. هن وري ڪاپي ڏٺي ۽ چوڻ
لڳي ته ها واقعي اهو ئي جواب صحيح آهي. بس ان
گهڙيءَ کان مون کي حسابن جي مضمون کان ۽ آپا
خورشيد کان شديد نفرت ٿي ويئي ۽ اڃا به آهي.
استادن جو ٻارن کي سزا ڏيڻ، اسڪولن ۾ معمول جي
ڳالهه آهي. پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي اها چماٽ بي گناهه
لڳي ۽ ان ماسترياڻيءَ مون کان معذرت به نه ڪئي نه
ته شايد منهنجي هانوَ تي ڪو ڇنڊو پئجي وڃي ها.
آپا خورشيد نارنگي ۽ فيروزي رنگ جون ساڙهيون
گهڻيون پائيندي هئي. مون کي انهن ٻنهي رنگن کان به
نفرت ٿي ويئي. چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ نارنگي
رنگ پائڻ شروع ڪيم. اڄ منهنجي عمر پنجيتاليهه سال
آهي. امان مون ڏي فيروزي رنگ جو وڳو موڪليو آهي.
اهو صرف ان ڪري پائيندس جو امان موڪليو آهي. نه ته
فيروزي رنگ مان اڃا به نه پائيندي آهيان. ڇو ته
آپا خورشيد جي ساڙهيءَ سان گڏ اهو اسان جي اسڪول
جي يونيفارم ۾ قميص جو به رنگ هوندو هو.
اڄ مان پاڻ ماسترياڻي آهيان. جائز ڳالهين تي ٻارن کي ضرور سزا
ڏيندي آهيان. پر جي ناانصافي ٿي وڃي ته ان جي
تلافي ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي آهيان. استاد جي
ذميواري رڳو ٻارن کي پڙهائڻ ناهي پر انهن جي
معصوم ۽ نازڪ جذبن جو خيال رکڻ به استاد جو فرض
آهي.
ان زماني ۾ مون کي گهڻو ڪري ٻه آنا روز خرچي ملندي هئي. گهڻو
ڪري ته چاچا اڪبر ئي ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن بابا
ايندو هو ته اهو به ڪجهه پئسا ڏئي ويندو هو. جيڪي
مان ڏاڍو سوچي سمجهي خرچ ڪندي هيس. اسان جي اسڪول
۾ مختلف ريڙهن وارا شيون کڻي رسيس ۾ اچي ويندا
هيا. هر ڪنهن کي اندر اچڻ جي اجازت نه هوندي هئي.
بس ٻه چار مخصوص ماڻهو روزانو اسڪول ۾ اندر ايندا
هيا، جيڪي ڇولا، دهي بڙا، ٽافيون، بسڪيٽ ۽ پڪوڙا
وڪڻندا هيا. پڪوڙن وارو ساون مرچن وارا پڪوڙا به
ٺاهيندو هو. بس اها واحد شيءِ هئي جيڪا رسيس ۾ مون
کي وڻندي هئي. ٻن آنن ۾ چار ساون مرچن وارا پڪوڙا
ملندا هيا. مان اهي وٺي، انهن جي ڏانڊي پٽي اڇلائي
ڇڏيندي هيس ۽ چارئي مرچ ٻجن سميت کائي ويندي
هيس.سال ڏيڍ مستقل مان اهي پڪوڙا کاڌا. ان
کانسواءِ به مون کي تيز لوڻ ۽ تيز مرچن وارا کاڌا
وڻندا هيا. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو پيٽ جو سور
گهر ٺاهي منهنجي وجود ۾ رهي پيو. مرچ مصالحا ۽
مرچائي پڪوڙا کائڻ بند ڪيم. اڄ مون کي اَلسر جي
تڪليف آهي. منهنجي گهر ۾ تمام گهٽ مرچن وارو کاڌو
پچندو آهي. طاهر کي به السر آهي. ان ڪري به مان
گهڻا مرچ مصالحا نه وجهندي اهيان. منهنجا ٻار به
ان ذائقي تي هري ويا آهن. ڪڏهن ڪنهن جي دعوت هجي
ته مصالحا ٿورا تيز وجهندي آهيان. نه ته عام طرح
هلڪو کاڌو پچندو آهي. ان جو اندازو توهان هن ڳالهه
مان لڳائي سگهو ٿا ته هڪ دفعو مون دهي بڙا ٺاهيا ۽
پنهنجي ساهيڙيءَ ڏانهن به موڪليم، ٻئي ڏينهن تي ان
جو پٽ مليو، چوڻ لڳو ته آئنٽي ڪلهه توهان دهي بڙا
ڏاڍا سٺا ٺاهيا هيا، پر توهان مرچ وجهڻ وسري ويا
هيا. ان ڪري اسان ان ۾ مرچ وجهي کاڌا.
لاڙڪاڻي ۾ هڪڙو ڪپڙي وارو روزانو ريڙهي تي ڪپڙي جا ٿان رکي
وڪڻندو هو. هن جو ريڙهو ڄڻ ته هلندڙ ڦرندڙ ڪپڙي جو
هڪڙو ننڍڙو دڪان هوندو هو. هن وٽ بي شمار رنگن ۽
قسمن جا ڪپڙا هوندا هيا. ان زماني ۾ ڪاٽن جو ڪپڙو
ڏيڍ رپئي وال هوندو هو. اها 1970ع جي ڳالهه آهي.
اهو ڪپڙو اڄ چاليهه پنجيتاليهه رپين ۾ ملي ٿو. پر
اڳي انهن جا رنگ پڪا هوندا هيا. منهنجي وڏي پڦي
انور روزانو گهر جي خرچ مان ڇهه آنا بچائيندي هئي
۽ ان ڪپڙي واري کان سوائي ڪپڙي جي وٺندي هئي.
اهڙيءَ طرح هوءَ هر روز ڪنهن نه ڪنهن رنگ جي ڪپڙي
جي سوائي وٺندي هئي. جڏهن هن وٽ ڪافي رنگ گڏ ٿي
ويندا هيا ته پوءِ هوءَ رليون ٺاهيندي هئي. هن کي
ڏسي مون کي به شوق ٿيندو هو. ڇو ته منهنجو ننڍپڻ
کان ئي انهن ڪمن ڏانهن لاڙو هو ۽ ٻيو ته مون کي
رنگن سان کيڏڻ وڻندو آهي. پوءِ چاهي اهي مختلف
رنگن جون ڀاڄيون هجن، جن کي ملائي مان ٻوڙ رڌيان،
ميوا هجن جن مان فروٽ چاٽ ٺاهيان، ڪو ڀرت هجي جنهن
۾ رنگ رنگ جا ڌاڳا هڻان. ڪا پينٽنگ هجي يا ڪا به
ٻي شيءِ جنهن ۾ کوڙ رنگ استعمال ٿيندا هجن. ان ڪري
مان به پڦيءَ سان گڏ ويهي ان کي رلين جو ڪم
ڪرائيندي هيس. ان کي ٽڪريون به ڪٽي ڏيندي هيس ۽
ڪڏهن ڪڏهن ٽڪريون ڳنڍيندي به هيس. اتان منهنجو
رلهيون ٺاهڻ جو شوق شروع ٿيو. پڦيءَ جي اها ڳالهه
مون کي ان ڪري به ياد رهندي جو اها هڪ سگهڙ عورت
هئي. هوءَ ڪيڏي نه سليقي کان ڪم وٺندي هئي. گهر جو
خرچ به متاثر نه ٿيندو هو ۽ ٿوري سمجهداري ۽ محنت
جو استعمال ڪري هوءَ پنهنجي ثقافت کي به جيئرو
رکندي هئي ۽ گهر جي ضرورت به پوري ڪندي هئي. (الله
کيس تندرستي ڏي. اڄ ڪلهه بيمار ٿي رهي). |