سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: جندو منهنجي جند (آتم ڪٿا)

 

صفحو : 10

نوڪريءَ جي ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا نه وٺي سگهيس. علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان معلومات ورتم ته خبر پئي ته انٽري ٽيسٽ ۽ انٽرويو اسلام آباد ۾ ٿيندو. اها معلومات مون فون ڪري ورتي هئي. اسلام آباد وڃڻ مون کي ڏکيو لڳو. ڇو ته بهرحال مان گهر ٻارن وارن آهيان. اڪيلي ته ناهيان ته وتان گهمندي ڦرندي. سو مون پنهنجو رستو بدلائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ گهڻو وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏيان ٿي. توهان جي هٿن ۾ منهنجو ٽيون ڪتاب آهي. مان پنهنجو چوٿون ڪتاب ”هند مند هٿ“ ۽ پنجون ڪتاب “Cook Book” لکي چڪي آهيان. ڇهون ڪتاب لکي رهي آهيان. جيڪي وقت سان گڏ ڇپجندا رهندا. زندگي رهي ته ان کان پوءِ ستون، اٺون.....

ها ايم. اي مون سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. بي. ايڊ ۾ مون کي پوزيشن جي خبر ڏئي پوءِ ان کي بدلايو ويو ۽ آخر ۾ GP3.79 بيٺي.

بي ايڊ ڪلاس ۾ اسان جو هڪڙو استاد محترم عبدالستار گوپانگ به هو. هو مون کان گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ٻارهن سال ننڍو هوندو. شروع ۾ ته ڏاڍو عجيب لڳو ته پاڻ کان ننڍو استاد آهي. هن جي رعب ۾ اچڻ ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي. هو جڏهن حاضري وٺندو هو ته مان صرف Yes چوندي هيس ڪڏهن به Yes Sir  ڪونه چيم. اها ئي حرڪت ٻيا به ڪندا هيا. هڪڙي ڏينهن هڪڙي ڇوڪري کي سر گوپانگ چيو ته ڇو مون کي ”سر“ چوندي توهان جي زبان ٿي ڏکي. بس ڌڪ هڻ ڌيءَ کي ته سِکي ننهن ”وانگر مان به سمجهي ويس ۽ پوءِ Yes Sir  چوڻ لڳس. ٻين به سمجهي ڇڏيو. اهو واحد ٽيچر هو جيڪو سڄي ڪيمپس ۾ شاگردن جو پسنديده هو، انهن شاگردن ۾ مان به شامل آهيان.

مون پرائمريءَ واري استاد رحمت  الله جي باري ۾ ڪافي لکيو آهي. پر هن عمر ۾ مون جڏهن وري پڙهڻ شروع ڪيو آهي تڏهن به يونيورسٽيءَ ليول تي به استاد مون کي متاثر ڪيو.شاگرد ڪهڙي به عمر جو هجي. استاد شايد سدائين ان لاءِ ماڊل رهندو آهي. سر گوپانگ تمام ذميدار انسان آهي. وقت تي ڪلاس ۾ اچڻ سندس وڏي خوبي آهي. توڙي ٻه چار شاگرد هوندا تڏهن به وقت تي اچي پڙهائيندو. مينهن برسات هجي، بجلي هجي نه هجي. پر وقت تي ڪلاس ۾ اچي پڙهائيندو هو. شاگردن کان ڪم وٺڻ، انهن کي پڙهڻ لاءِ آماده ڪرڻ، ٻين جي عزت ڪرڻ ۽ پنهنجي عزت ڪرائڻ ڄاڻي ٿو. هو هڪ تمام قابل ۽ ذهين استاد آهي. مان ته ائين چوندس ته ڪيمپس جي پراڻي جسم ۾ ڄڻ نئين دل آهي. هو سٺو شاعر به آهي. سندس مزاح جي حس به تمام زبردست آهي. هن جي ڪلاس ۾ ماحول تمام خوشگوار رهندو هو. الله کيس وڏي ڄمار ڏي. سکيو ستابو ۽ خوشحال رکيس. زندگيءَ جي نيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ڪريس. آمين.

اسان جو ٻيو استاد محترم غلام اڪبر شاهه، لفظن جو جادوگر، جڏهن ليڪچر ڏيندو هو ته ڪلاس ۾ سانت ٿي ويندي هئي. هن کي اردو، سنڌي ۽ انگريزيءَ تي عبور حاصل آهي. هڪ ئي وقت ٽنهي ٻولين ۾ ليڪچر ڏيندو هو. ڳالهائڻ تي جيترو عبور هن کي حاصل آهي، اهڙو مون ڪو ٻيو ماڻهو نه ڏٺو آهي. لفظن جي چونڊ، تلفظ، آواز جا لاها چاڙها. مطلب ته هن جي ڳالهائڻ ۾ ڪا خامي ته  ڪڏهن هوندي ئي نه هئي. سڄو ليڪچر خوبين سان ئي ڀرپور هوندو هو. مزاح جي حس سر اڪبر شاهه ۾ به واهه جي آهي. اڪثر ڪلاس ۾ کل ڀوڳ به ڪندو رهندو هو. سيد هجڻ جي باوجود اڪثر سيدن جا  ڇوڏا به لاهيندو هو. الله کيس وڏي حياتي ڏي ۽ سندس انداز بيان کي  اڃا به  بهتر ڪري.

مان پنهنجي خاندان جي ڪجهه ماڻهن تي ضرور لکڻ چاهيندس.

 

منهنجو بابا عبدالقادر ڀٽو

پيءُ ماءُ تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ڇو ته حق ادا نه ڪري سگهبو.

منهنجي بابا جي شخصيت تمام زبردست هئي. هو مرداڻي خوبصورتيءَ جو هڪ مڪمل نمونو هو. الله ڄڻ هن کي فرست ۾ ٺاهيو هو. بابا خاص طور  تي مون کي وڌيڪ پيار ڪندو هو. مون ٻڌو هو ته مان جڏهن ننڍڙي هيس ته اسان جي ڪمري کي باهه لڳي هئي. جڏهن بابا کي خبر پئي ته هو مون کي ڪڍڻ لاءِ باهه ۾ ٽپي پيو هو،ڇو ته ان وقت مان اتي ستل هيس. پر امان اڳ ۾ ئي مون کي اتان ڪڍي چڪي هئي. بابا کي اها خبر نه هئي ته ڪو مان ڪمري کان ٻاهر آهيان، ان ڪري هڪدم باهه ۾ ٽپي پيو هو.

بابا ڏاڍو روشن خيال ۽ کليل ذهن جو مالڪ هو. هو گهڻو پڙهيل لکيل ڪو نه هو  فقط پرائمري تائين پڙهيو هو. ڇو ته هو امير گهر جو ٻار هو. گهر ۾ وڏو پٽ هو. ان ڪري سون جو گرهه کائيندو هو پر هن کي ڪنهن شينهن جي نظر سان نه ڏٺو، ان ڪري عام سڪيلڌي ۽ لاڏلي ٻار وانگر پنهنجي مڃائي وڌيڪ ڪو نه پڙهيو. پر ان ڳالهه جو هن کي سڄي عمر افسوس هوندو هو. شايد ان ڪري ئي هو اسان جي تعليم جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻيو.

مون جڏهن انٽر جو امتحان ڏنو ته مون کي ڪراچيءَ ۾ سنڌي پڙهائڻ جي آڇ ٿي. مون کي ڪراچيءَ ۾ رهڻ جو ڏاڍو شوق هو، ان ڪري مون موقعو وڃائڻ نه پئي چاهيو. پر  بابا نه پيو چاهي ته مان نوڪري ڪريان. هن مون کان پڇيو هو ته تون ڇو ٿي نوڪري ڪرڻ چاهين، جيڪو ڪجهه تنهنجي ٻين ڀائرن ڀيڻن کي ملي ٿو اهو تو کي به ملي ٿو. جيڪڏهن تو کي وڌيڪ پئسن جي ضرورت هجي ته مان تو کي ڏيان. ٿو پر مان هڪ ئي ڳالهه تي اڙجي وئي هيس ته مون کي نوڪري ڪرڻي آهي. جيڪڏهن نوڪري نٿا ڪرڻ ڏيو ته پوءِ پڙهايوَ ڇو. گهر جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ پنج درجا پڙهان ها ته به ڪافي هو. اهي ڳالهيون مان بابا کي ڪو نه چيون پر امان کي چيم. آخر منهنجي روئڻ ۽ ماني نه کائڻ تي بابا مون کي موڪل ڏني. ان تي به هن ويچاري ڏاڍيون ڳالهيون ٻڌيون ته هاڻي ڌيءَ جي ڪمائي کائيندو. پر بابا ڪنهن کي به جواب ڪو نه ڏنو. ان وقت منهنجي  حالت اها هوندي هئي ته مان پنهنجي سڄي پگهار مان گهر لاءِ ۽ ڀائرن  ڀينرن  لاءِ شيون وٺندي هيس پوءِ ڳوٺ ويندي هيس. واپسيءَ جو ڀاڙو به بابا ڀريندو هو. گهر ۾ مون ڪڏهن هڪ رپيو به نه ڏنو. ها باقي پئسا سڀ گهر تي ئي خرچ ٿيندا هيا. پر منهنجيءَ پنهنجيءَ مرضيءَ سان مان جڏهن ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪئي ته مون ۾ ڪافي اعتماد اچي ويو هو. ان ڪري بابا ڏاڍو خوش هوندو هو. هن جي ڏاڍي خواهش هوندي هئي ته مان ٽي ويءَ تي سنڌي خبرون پڙهان. پر مان ايتري پراعتماد ڪو نه هيس. بابا مون کي ڏاڍو همٿائيندو هو پر مان اهو ڪم ڪو نه ڪيو.

اسان جڏهن ننڍا هوندا هياسي ته بابا اسان سان لوڊو به کيڏندو هو ۽ اسان کي ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. هڪڙي ڪهاڻي ”روپ بسنت بهار“ نالي هن اسان کي ٽن ڏينهن ۾ ٻڌائي هئي. بابا جو رويو اسان سان دوستاڻو هوندو هو پر پوءِ به اسان هن سان گهڻو فري نه ٿيندا هياسي. هن جي گهر ۾ اچڻ تي چپ ٿي ويندا هياسي. جنهن تي هوا ڪثر چوندو هو ته مان ڪا بلا ته ناهيان جو اچان ٿو ته توهان چپ ٿا ٿي وڃو. امان ڪڏهن ڪڏهن بابا سان اسان جي شڪايت ڪندي هئي ته بابا ان کي ٽاري ويندو هو. هڪ دفعي امان بابا کي چيو ته ٻارن کي دڙڪو  ته ڏي ته بابا زور سان اسان کي مخاطب ڪندي چيو ته ”ٻارؤ! دڙڪو“ جنهن تي اسان سڀ ڏاڍو کلياسي. هڪ دفعو امان بابا کي چيو ته ڇوڪرن کي اک ڏيکار هي رلن ٿا ۽ منجهند جو سمهن به نٿا بابا منهنجي ڀائرن کي چيو ته اچو منهنجي اک ڏسي وڃو.

ائين ناهي ته هو بلڪل ئي نرم  مزاج هو. هن اڪثر منهنجي ڀائرن کي مارون به ڪڍيون ڇو ته هو رلندا هئا ۽ سڄو ڏينهن ”واهه“ ۾ وهنجندا هيا. ان وقت ڀائرن سان گڏ مان به روئندي هيس. مون کي بابا تي ڏاڍي ڪاوڙ به ايندي هئي ته هو، هنن کي ڇو ٿو ماري. وري ڀائرن تي به خار ايندي هئي ته اهڙا ڪم ڪن ڇو ٿا جو مار  ٿا کائن. انهن کي مارڻ جو بابا کي به ڏک ٿيندو هو. هو ٻئي ڏينهن تي انهن کي پيار ڪندو هو. يا امان کي چوندو هو ته هنن کي خرچي وڌيڪ ڏي. مطلب ته ان مار جي تلافي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

منهنجو ڀاءُ اياز جڏهن ستين درجي ۾ پهتو ته، بابا هن کان ڪجهه لکرايو ته هن غلط لکيو. بابا ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ اسڪول وڃي ماستر سان شڪايت ڪيائين ته هي چڱي طرح لکي به نٿو سگهي توهان هن کي پاس ڪيئن ڪيو آهي، تنهن تي ماستر بابا کي چيو ته سائين اسان هن کي توهان جي ڀؤ کان پاس ڪيو آهي ته متان توهان ناراض نه ٿيو. بابا چيس ته مان توهان تي هاڻي به ناراض آهيان جو توهان هن کي پاس ڪيو آهي. مهرباني ڪري هن کي واپس ساڳي ڪلاس ۾ رکو. ائين منهنجو ڀاءُ اهو ڪلاس وري پڙهيو.

بابا پاڻ به انگريزي پڙهڻ لاءِ ننڍي هوندي اسڪول ۾ داخل ٿيو هو. هن انگريزي نه پڙهي سگهڻ جو سبب مون کي اهو ٻڌايو هو ته ”استاد اسان کي شروع ۾ اهو سيکاريو ته انگريزي الفابيٽ جا ڪهڙا ڪهڙا اکر سنڌي الف ب جي ڪهڙن ڪهڙن اکرن جي برابر آهن. مثال طور هن ٻڌايو ته ”ش“ جي لاءِ انگريزيءَ ۾ “Sh”  ڪم ايندو پر جڏهن اڳتي پڙهندا وياسي ته اهو  فارمولو غلط ثابت ٿيو. ڇو ته ڪيترن ئي لفظن ۾ Sh  جي بجاءِ ٻيا لفظ پيا ڪم اچن جيئن Machine, National ۽  Mission وغيره. سو ان ڪري مان اڪثر منجهي پوندو هيس. بهرحال بابا کي پڙهڻ جو شوق نه هوندو هو. هو ٻڌائيندو هو ته ”اسڪول جي ٽائيم تي گهر مان تيار ٿي نڪرندو هوس ۽ وڻ تي چڙهي ويهي رهندو هوس. موڪل جي وقت لهي گهر ايندو هوس. نيٺ بابا کي خبر پئي ته هن مون کان پڇيو ته چڱو ڀلا تون پڙهين ته نه ٿو پوءِ مزدوري ڪندين؟ مون چيو ها. سو تڏهن نئون گهر ٺهي رهيو هو، بابا مون کي چيو ته تون اتي مزدوري ڪر. مون سڄو ڏينهن اتي ٻين مزدورن سان گڏ ڪم ڪيو. منهنجي هٿن ۾ لڦون پئجي ويون. هيون پر پوءِ به مون کي اهو ڪم پڙهڻ کان وڌيڪ سولو  لڳو. آخر مون کي  منهنجي حال تي ڇڏيو ويو ۽ مان نه پڙهيس. پر هاڻي مان ڏاڍو پڇتايان ٿو“

انگريزي نه پڙهڻ جي باوجود بابا انگريزي خبرون ٻڌندو هو ۽ سمجهندو هو، توڙي هن کي هر لفظ جي معنيٰ نه ايندي هئي پر تڏهن به مقصد سمجهي ويندو هو. هن کي کوڙ انگريزي لفظ ايندا هيا. مان انگريزي پڙهڻ شروع ڪئي ته مون کان لفظ پڇي، منهنجو امتحان وٺندو هو.

بابا ڳوٺاڻو ۽ زميندار هجڻ جي باوجود عام روايتي مرد نه هو. هن اسان کي پردو نه  ڪرايو. اسان ڳوٺ ۾ چادر ويڙهي گهمنديون هيون سي. منهنجو ڀاءُ راجا جڏهن وڏو ٿيو ته هن بابا سان احتجاج ڪيو ته هي برقعو ڇو نٿيون پائين؟ جنهن تي بابا هن کي سمجهايو ته ”برقعي سان ڪو فرق نه پوندو آهي. عورت جيڪڏهن شريف آهي ته بنا برقعي به شريف آهي، جيڪڏهن کري ته ستن پردن ۾ به کري سگهي ٿي. مون کي پنهنجي ڌيئن تي اعتماد آهي. ٻي ڳالهه ته هي منهنجي ذميوداري آهن ۽ اڃا مان جيئرو آهيان. ان ڪري توکي فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي“

منهنجي ڀيڻ شيرين، جڏهن ڪجهه وڏي ٿي تڏهن به هوءَ رئو ويڙهي ڳوٺ ۾ سائيڪل هلائيندي هئي. هوءَ اڪثر بابا سان گڏ واهه ۾ به وهنجڻ ويندي هئي. منهنجا ڀائر ڏاڍو چڙندا هيا. پر بابا هن کي نه جهليندو هو.

مون کان اهو ڏينهن ڪڏهن به نه وسرندو، جڏهن بابا مون سان منهنجي شاديءَ جي باري ۾ ڳالهايو هو. بابا مون کي ۽ شيرين کي سڏي ويهاريو. شيرين مون کان تقريبن ٻه  سال ننڍي آهي. امان اتي موجود نه هئي.  بابا چوڻ  شروع ڪيو  ته ”توهان رڳو منهنجون ڏيئرون ناهيو پر توهان منهنجا پٽ به آهيو ۽ منهنجا ڀائر ۽ دوست به آهيو. ان ڪري جيڪا به ڳالهه مان ڪرڻ وارو آهيان، اها ڌيان سان ٻڌو ۽ پوءِ جواب ڏجو. مان توهان کي سڄي عمر پنهنجي گهر ۾ ڪو نه ويهاريندس. ڇو ته اهو الله جو قانون آهي. مون کي هر حال ۾ توهان جي شادي ڪرائڻي آهي، جيڪڏهن توهان جي پنهنجي مرضي ڪٿي هجي ته مون کي ٻڌايو مان توهان جي اتي شادي ڪرائيندس. پر جي توهان جي پنهنجي مرضي ڪٿي به ناهي، ته پوءِ جتي مان چوندس اتي توهان کي شادي ڪرڻي پوندي.“ مان ته وائڙي ٿي ويس. ساڳيو حال شيرين جو به هو. پنهنجي ته اسان جي ڪٿي به مرضي نه هئي. ڪڏهن اهڙو خيال ئي دل ۾ ڪو نه آيو هو. سو بابا کي چيوسي ته جيڪا توهان جي مرضي هجي. ائين ڪريو. مون کي اڄ به حيرت ٿيندي آهي ته بابا  ڪيترو نه کليل ذهن جو ماڻهو هو. هو ڄٽڪي ماحول ۾ رهڻ جي باوجود ڄٽ نه هو. هو پڙهيل لکيل ماڻهن کان وڌيڪ باشعور ۽ سياڻو هو.

ننڍپڻ ۾ اسان ٻنهي ڀينرن بابا کان اهو واعدو ورتو هو ته هو ڪڏهن به اسان جي شادي نه ڪرائيندو. پر جڏهن بابا اها ڳالهه ڪئي ته اسان هن کي اهو واعدو به ياد ڏياري نه سگهيونسي ۽ هن جي مرضيءَ کي پنهنجي مرضي سمجهي ڇڏيوسي.

بابا عربيءَ ۾ قرآن شريف ڪو نه پڙهيو هو، جيتوڻيڪ مولوي خاندان جو ٻار هو پر جڏهن وڏو ٿيو ته هو روزانو قرآن جو ترجمو پڙهندو هو. هو اسان کي چوندو هو ته توهان عربيءَ  ۾ قرآن پڙهيا آهيو. ڀلي توهان کي مون کان وڌيڪ ثواب مليو هجي. پر جيترو مان ٿو ڄاڻان توهان قرآن جي باري ۾  توهان ايترو نه ٿا ڄاڻو. بابا کي اڪثر، علائقي جي مختلف ڳوٺن ۾ فيصلن جي لاءِ به سڏيندا هئا. جتي فيصلن ۾ بابا قرآن مان به حوالا ڏيندو هو. ان کي ڪيترين ئي آيتن جا ترجما ياد هوندا هئا. جيڪي هو موقعي مهل سان ٻڌائيندو هو.

اسان جي ڳوٺ جا وڏيرا ته ٻيا آهن، جيڪي اسان جا مائٽ به آهن. پر ڳوٺ جو ڪو فيصلو بابا کان بغير ڪونه ٿيندو هو. جيستائين بابا نه ويندو هو، تيستائين ڪو به فيصلو ڪو نه ٿيندو هو. بابا جي ڪيل فيصلي سان ڪنهن کي به اختلاف ڪو نه هوندو هو. هن جي ڳالهه کي راڄ ۾ اهميت حاصل هوندي هئي.

اسان جي ننڍي هوندي بابا اليڪشن ۾ به حصو ورتو هو ۽ يونين ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو هو. هن پوءِ به سياست ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ اڳتي نه وڌيو. هن جي چوڻ مطابق اها منافقن جي دنيا هئي. بابا جي پئسي وارن ماڻهن سان ڪڏهن به نه پوندي هئي. هن ڪڏهن به ڪنهن امير ماڻهوءَ کي دوست نه ٺاهيو. سدائين غريب ۽ گهٽ حيثيت وارن ماڻهن سان دوستي رکندو هو، جن اميرن سان شروع کان واقفيت هيس، انهن سان به رسمي سلام دعا رکندو هو يا ڪنهن موقعي مهل سان ئي انهن سان ملندو هو. ننڍپڻ ۾ به منهنجو بابا اهڙو ئي هو. منهنجو ڏاڏو جڏهن  پنهنجي دوستن سان ملڻ ويندو هو ته بابا کي به وٺي ويندو هو. ان وقت به بابا، ڏاڏا جي دوستن وٽ ويهڻ جي بجاءِ ٻاهر ڊرائيور سان ويٺو هوندو هو. اسان جڏهن لاڙڪاڻي ۾ رهياسي ته چاچا اڪبر اڪثر بابا کي چوندو هو. ته منهنجو فلاڻو فلاڻو ڪلاس فيلو لاڙڪاڻي ۾ آفيسر ٿي آيو آهي. توهان ان سان ملو ۽ ان جي دعوت ڪيو. پنهنجا تعلقات وڌايو. پر بابا ان ڳالهه کي اڻ ٻڌو  ڪري ڇڏيندو هو.

بابا خوشامد کان سخت نفرت ڪندو هو. نه پاڻ ڪنهن جي خوشامد ڪندو هو ۽ نه پنهنجي لاءِ ڪنهن کان خوشامد چاهيندو هو. اسان جي ڳوٺ جو هڪڙو سگهڙ هو، محمد پنجل شيخ، ان بابا لاءِ ڪو قصيدو لکيو هو. هن ٻه ٽي ڀيرا بابا کي چيو ته اوطاق تي ڪچهري رکو ته مان ان ڪچهريءَ ۾ توهان جو قصيدو پڙهان، پر بابا ڪچهريءَ ۾ ته قصيدو ڪو نه پڙهايو، پر گهر به  گهرائي ڪو نه ڏٺائين ته آخر هن لکيو ڇا هو.

اسان کي ڪڏهن به  خبر نه پئجي سگهي ته آخر بابا زماني سان گڏ هلڻ کان پري ڇو  ڀڄندو هو. شايد هو ٻچاپڙو ۽ منافق نه هو. هو اندر ٻاهر هڪ جهڙو، صاف ، سچو ۽ کرو هو. بابا جي صاف گوئي ۽ سچ چوڻ واري عادت جي ڪري ڀائرن ڀينرن جي به ساڻس گهرائي نه رهي. هو ڄڻ اڪيلو ٿي ويو هو. پوءِ به ڳالهائڻ کان نه مڙندو هو. پر ڪڏهن ڪڏهن اداس ٿيندو هو ته چوندو هو ”ڪائي ڳالهه ناهي جيترا منهنجا  ٻار آهن، اوترا منهنجا گهر ٿيندا. اسان پاڻ ۾ ئي ديڳ ڀت جا ماڻهو آهيون. ٻين جي ڪهڙي ضرورت آهي“ ۽ مون کي غالب جي اها سٽ ياد ايندي هئي ته دل ڪي بهلاني ڪو غالب  يه خيال اڇا هي.

بابا کائڻ پيئڻ جو ڏاڍو شوقين هو. ان جي پسند جي کاڌي ۾ سڀ کان وڌيڪ گوشت هوندو هو. اسان جي گهر ۾ گهڻو ڪري روز نيرن تي تريل گوشت جي تئي ڀرجي پچندي هئي. رڳو گوشت جي ناغي واري ڏينهن تي گوشت نه پچندو هو. بابا گوشت جون ننڍيون نڍيون ٻوٽيون پاڻ ئي ڪٽيندو هو ۽ پاڻ ئي تريندو هو. امان مزيدار افراٽا پچائيندي ويندي هئي ۽ اسان سڀ مزي سان کائيندا هياسي. اسان ٻارن کي به گوشت کائڻ جي عادت پئي يعني عام ماڻهن جي مقابلي ۾ اسان گهڻو گوشت کائيندا هياسي. ان ڪري اسان جي ناني اسان کي شينهن جا ٻچا چوندي هئي.

بابا کي کاڌي پچائڻ جي باري ۾ به ڪافي معلومات هوندي هئي. هو اڪثر امان کي مشورا به ڏيندو هو. اسان ڀيڻن پچائڻ سکيو ته اسان کي به مشورا ڏيندو هو. نوان چانور لهندا هيا ته اهي پچائڻ کان پوءِ اڪثر ڳنڍا ڳنڍا ٿي ويندا هيا. بابا اسانکي ٻڌايو ته انهن کي گرم پاڻيءَ سان ڌئو ۽ گرم پاڻيءَ ۾ ڪجهه دير ڀڄائي رکو، پوءِ پچايو. واقعي اسان ائين ڪيو ته چانور پهرين کان سٺا پڪا. اهي ڳالهيون هن کي الائي ڪيئن اينديون هيون.

مان تمام ننڍي هيس ته امان بيمار ٿي پئي هئي، تڏهن بابا اسان کي پٽاٽن جو پلاءُ رڌي کارايو هو. بابا کي ڪڙهائي گوشت به  پچائڻ ايندو هو. جڏهن چائنيز کاڌا عام ٿيا ته اهي به بابا کي ڏاڍا وڻند هيا. هو فرمائش ڪري اسان کان پچرائيندو هو.

بابا کي منهنجي ٻارن سان ڏاڍو پيار هو. شايد ان ڪري جو هو گهر ۾ پهريان ٻار هيا. منهنجي ڌيءَ سڳنڌ جڏهن ڄائي هئي ته ان جا پير ٿورا ڦريل هيا.اسان ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ته ان چيو ته فڪر مند ٿيڻ جي ڳالهه ناهي. پاڻ ئي ٺيڪ ٿي ويندا ۽ پوءِ اهي پاڻ ئي سڌا به ٿي ويا. پر بابا کي فڪر هوندو هو ته الائي سڳنڌ پنڌ به ڪري سگهندي الائي نه؟ بابا اها باس باسي هئي ته جڏهن سڳنڌ پنڌ ڪندي ته مان ديڳ ڀت جي خيرات ڪندس.  سو جڏهن سڳنڌ پنڌ ڪيو هو ته بابا ديڳ پچرائي خيرات  ڪئي. منهنجي وڏي پٽ علي مهراڻ سان ته بابا کي عشق هو. ڇو ته هنن ڇهن سالن تائين ان کي پاليو هو. ان جي ڪري بابا کان مان به وسري وئي هيس. هو جڏهن علي مهراڻ کي ڏسندو هو ته ان کان ٻيو سڀ ڪجهه وسري ويندو هو. سچ پچ ته مون کي ڪڏهن ڪڏهن حسد ٿيندو هو ته بابا مون کي وساري منهنجي  اولاد کي وڌيڪ پيار ٿو ڪري. پر اهو شايد قدرت جي طرفان طئه ٿيل آهي ته بي پناهه پياري اولاد کان وڌيڪ ان جا ٻار پيارا ٿا ٿين. هونئن به چوندا آهن ته ”مُور کان وڌيڪ وياج پيارو هوندو آهي“ اها چوڻي به مون بابا کان ئي ٻڌي هئي، منهنجي ۽ منهنجي  ٻارن جي سلسلي ۾.

پنهنجي زندگيءَ جي آخري سال ۾ هو هڪ هفتو مون وٽ حيدرآباد ۾ رهڻ آيو هو. مون دل کولي بابا جي خدمت ڪئي. هڪ دفعو بابا چيو ته مان پاڻ شيو نٿو ڪري سگهان. طاهر اچي ته ان کي چوان ته مون کي حجم وٽ وٺي هلي. طاهر جي اچڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن هيا. هو سکر ويل هو. ان ڪري مان بابا کي چيو ته مان توهان کي حجم وٽ وٺي ٿي هلان. مان رڪشا ڪرائي بابا کي نسيم نگر ۾ حجم وٽ پهچايو. حجم کي چيم ته مهرباني ڪري واپسيءَ ۾ بابا کي رڪشا ڪرائي ڏجو. بابا کي اتي ڇڏي مان ڀاڄي وٺي گهر اچي ويس. ڪجهه دير کان پوءِ بابا به اچي ويو. ان ڳالهه جو بابا، امان سان ڏاڍن سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪيو هو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو هو ته نسرين ڪيتري همت واري آهي، ڪڏهن به منجهندي ناهي.

ان ڳالهه کان ڪيئي سال اڳي جڏهن مان نائين درجي ۾ پڙهندي هيس ۽ موڪلن ۾ ڳوٺ آيل هيس ته ان وقت منهنجي ننڍي ڀيڻ ڏاڍي سبين Sabeen بيمار ٿي پئي هئي. امان ان کي علاج لاءِ سکر وٺي وئي هئي. گهر جي سڄي ذميواري مون تي اچي ويئي هئي. امان پورو هفتو گهر کان ٻاهر رهي. مون ننڍن ڀائرن ڀيڻن کي به سنڀاليو. ٽي وقت کاڌو به پچايم، گهر جي صفائي،  ڪپڙا ڌوئڻ، ٿانو ڌوئڻ مطلب ته سڀ ڪم مان روزانو اڪيلي سر ڪندي هيس. جڏهن امان واپس آئي ته بابا منهنجي ڏاڍي تعريف ڪئي هئي ته هن عمر ۾ به نسرين ۾ ڪيڏو سليقو آهي جو ڪٿي به پريشان نه ٿي ٿئي. بابا مون کي ”مڙس ماڻهو“ چوندو هو.

مان جڏهن ڀرت ڀرڻ ۽ رلهيون ٺاهڻ سکيون هيون تڏهن بابا ڏاڍو خوش ٿيو هو. منهنجي تعريف ڪندو هو ۽ مون کي شاباس ڏيندو هو. بابا اسان کان صرف 58 سالن جي عمر ۾ 9 سيپٽمبر 1996ع جدا ٿي ويو. اڄ هو اسان وٽ ناهي پر  سندس يادون سدائين اسان سان گڏ هونديون، جڏهن به ياد ايندو آهي اکيون آليون ٿي وينديون آهن. الله سندس مغفرت ڪري ۽ کيس جنت ۾ جايون ڏي. آمين. سندس ٻارن مان، مان واحد ٻار آهيانس، جنهن سندس وفات جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين ان جي لاءِ عبادت ڪئي آهي. مان روزانو پابنديءَ سان بابا لاءِ نفل پڙهندي آهيان ۽ هن کي ڪيترائي قرآن پاڪ جا ختم به بخشيا آهن. مان هڪ ڏينهن به بابا کي نه وساريو آهي.

منهنجي امان

هن جي شخصيت تي لکڻ لاءِ منهنجي قلم ۾ سگهه ئي ڪونهي. هي ڪو رسمي جملو ڪونهي پر اها حقيقت آهي. منهنجي خيال ۾ هر ماڻهوءَ جا احساس پنهنجي ماءُ لاءِ اهڙا ئي هوندا.

منهنجي امان سکر شهر جي آهي، قسمت جي لکئي سان بابا سان شادي ٿيس ۽ ڳوٺ ۾ آئي. امان سنڌي  فائنل پڙهيل آهي، جيڪا ان زماني ۾ شايد ست درجا هئي. امان ڏاڍي ذهين. سگهڙ ۽ نيڪ عورت آهي. امان اسان کي ڳوٺ جي ٻين ٻارن جي مقابلي ۾ بهتر نموني سان پاليو، جنهن زماني ۾ ٻارن جي ٽيوشن پڙهڻ جو ڪو تصور ڪو نه هو، ان زماني ۾ امان اسان کي شام جو پاڻ گهر ۾ به پڙهائيندي هئي. پرائمريءَ تائين اسان سڀني ڀائرن ڀينرن کي امان پاڻ به پڙهائيندي هئي. اردو به گهر ۾ امان اسان کي پڙهائي. پوءِ جڏهن اسڪول ۾ پڙهڻي پئي ته اسان کي ڏکيائي نه ٿي.

امان جڏهن شادي ڪري ڳوٺ ۾ آئي تڏهن امان کي ئي سوئيٽر اڻڻ ايندا هئا. ڳوٺ جي ڪجهه ڇوڪرين کي امان ئي سوئيٽر اڻڻ سيکاريا. منهنجي پڦين کي به سلائي ڀرت ۽ سوئيٽر اڻڻ امان ئي سيکاريا. اسان ڀيڻن جي استاد به امان ئي آهي. اسان کي امان قسمين قسمين ڊزائينن وارا فراڪ سبي پارائيندي هئي. گهر جو سڄو ڪم پاڻ ڪندي هئي. جڏهن ٻارن جو تعداد وڌيو ته پوءِ ٻارن کي سنڀالڻ لاءِ ڪا نه ڪا ڇوڪري رکندي هئي.

رات جو روز امان اسان کي نيون نيون ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. جن مان ڪيئي هوءَ پاڻ ٺاهي وٺندي هئي. امان کي ڪتابن پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هاڻي به اٿس پر نظر جي ڪمزوريءَ جي ڪري گهڻو نه ٿي پڙهي سگهي.

جڏهن اسان ننڍا هوندا هياسي ته امان وٽ عورتن جا اردو رسالا حور، زيب النساءِ، ۽ عورتن جو سلائي ڀرت وارو رسالو جوهر نسوان به گهڻي تعداد ۾ هوندا هيا.امان کي جيڪڏهن  ماحول ملي ها ته شايد هوءَ وڏي ليکڪا ٿئي ها. امان کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. پر ننڍي هوندي ئي يتيم ٿي ويئي ان ڪري نه پڙهي سگهي. منهنجيءَ نانيءَ پورهيا ڪري انهن کي پاليو هو. پوءِ پندرهن سالن جي عمر ۾ سندس شادي به ڪرائي ڇڏيائين. امان پنهنجي اڻپورن خوابن جي تعبير اسان ۾ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مان جيئن ته سڀني ڀائرن ڀينرن ۾ وڏي آهيان، ان ڪري مون کي ئي سڀ کان پهرين ڳوٺ کان ٻاهر پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. ان کان پهرين منهنجون پڦيون وغيره فقط پنج پنج درجا پڙهيل هيون،مان ڳوٺ جي پهرين ڇوڪري هيس، جيڪا پنجن درجن کان مٿي پڙهيس. امان جي مرضي هئي ته مان ڊاڪٽر ٿيان. پر مون کي سائنس جي ڪنهن به سبجيڪٽ سان ڪا دلچسپي ڪونهي. ان ڪري امان جو اهو خواب پورو ڪو نه ڪيو. پر پوءِ به امان مون مان ڏاڍي خوش آهي. ڇو ته مان اڃا به پڙهي رهي آهيان. اسان ۽ اسان جو گهر نالي هڪڙو ننڍڙو ڪتابڙو به لکيو اٿم. اهي ڪم امان جي پسند جا آهن. (ٻيو ڪتاب ٻاراڻن نظمن جو ”ننڍڙا سهڻا ٻار پيارا“ به ڇپجي چڪو آهي.)

منهنجي تعليم لاءِ امان سان گڏ بابا کي به شوق هو. نه ته جيڪر امان جو خواب پورو نه ٿي سگهي ها. منهنجي چاچا اڪبر جو حد کان وڌيڪ ساٿ رهيو نه ته جيڪر منهنجو پڙهڻ ممڪن نه ٿي سگهي ها. پر ان جي باوجود  مان پنهنجي پڙهائيءَ جو سهرو امان جي سر تي ٻڌندس. ڇو ته مون کي پڙهائڻ لاءِ هن پنهنجي مامتا جي قرباني ڏني هئي. مان هن جي وڏي ڌيءَ هيس. پنهنجي ڏهن سالن جي ٻار  کي ڳوٺ مان ڪڍي، پاڻ کان تمام پري، ٻئي شهر ۾ موڪلڻ لاءِ وڏي دل کپي. اڄ جڏهن منهنجو تيرهن سالن جو پٽ ڀرسان واري ڪمري ۾ ستو پيو هوندو آهي تڏهن به مان هن کي رات جو هر هر ڏسي ايندي اهيان. اڄ سوچيان ٿي ته امان مون کي پاڻ کان پري ڪيئن ڪيو هوندو. پنهنجي دل تي ڪيئن پٿر رکيو هوندئين. ان زماني ۾ نه روڊ رستا ٺهيل هوندا هيا ۽ نه  ٽيلي فون جي سهولت هئي. رڳو سياري ۽ اونهاري جي موڪلن ۾ مان  ڳوٺ ويندي هيس. مان راتين جون راتيون امان جن کي ياد ڪري هنڌ ۾ روئندي هيس. هر دفعي ڳوٺ وڃڻ تي روئي امان کي چوندي هيس ته امان مان نه پڙهنديس. مون کي توهان جي سڪ ٿي لڳي. پر امان هر دفعي مو کي روشن مستقبل جا خواب ڏيکاري واپس موڪليندي هئي. مان پنهنجي ماءُ جو هڪ به احسان لاهي نه ٿي سگهان. اڄ منهنجي زندگيءَ ۾ جيڪو سڪون ۽ عزت آهي، اها ان تعليم جو ئي نتيجو آهي. پر ايترو سڀ ڪجهه ملڻ جي باوجود به مان اهو چوندس ته انهن ڪجهه درجن جي تعليم مون کان گهڻو ڪجهه کيسو به آهي، جنهن جو ازالو ٿي ئي نٿو سگهي. نه ننڍپڻ واپس ايندو نه ئي اها اڃ ختم ٿي سگهندي. اهي راتيون بدلجي نٿيون سگهن، جيڪي مون پنهنجي پيءُ ماءُ جي ياد ۾ روئندي گذاريون هيون.

منهنجي امان ۾ صبر، برداشت، همت ۽ حوصلو تمام گهڻو آهي. زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڏک ڏٺا اٿئين. پر همت نه هاريندي آهي. مان ان کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به گهٻرائيندي نه ڏٺو آهي. هوءَ صرف ۽ صرف الله تي رکندي آهي. ۽ ان سدائين امان جا سڀ ڪم سنواريا آهن. مان جڏهن به پريشان ٿيندي آهيان يا ڪنهن مسئلي تي امان کي فون ڪندي اهيان ته امان اهو جملو ضرور چوندي آهي ته ”جوانن جي ڌيءَ آهين پوءِ به گهٻرائين ٿي“ هاڻي ته جيڪڏهن ڪو مسئلو ٿيندو آهي ته امان جو اهو جملو پنهنجو پاڻ ڪنن ۾ پيو  هلندو آهي.

امان هر فن مولا هوندي هئي ڪو به وقت آيو ته مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏيندي هئي. مون کي ياد اهي ته اسان وٽ ڪجهه مهمان اچڻا هيا. امان اندازو هنيو ته کٽون پوريون ڪو نه پونديون. گهر ۾ کٽ جو ٺهيل  فريم ۽ واڻ پيل هو. پر تڪڙ ۾ ڪو کٽ واڻڻ وارو نه مليو. امان بسم الله ڪري پاڻ ئي شروع ٿي ويئي ۽ ڪجهه ڪلاڪن ۾ کٽ واڻي پوري ڪييائين. جڏهن ته امان ان کان اڳي ڪڏهن به اهو ڪم ڪو نه ڪيو هو. ايتري همت واريون مايون گهٽ هونديون آهن.

ڪيئي سال اڳي منهنجي ڀاءُ رياض کي، جنهن کي اسان راجا چوندا آهيون، ڌاڙيل کڻي ويا هيا. گهر ۾ ڏاڍا ماڻهو اچي رهيا هئا. هڪ  پريشاني ٻيو جيڪو اچي ته ان جي خاطر به ڪرڻي پوي ۽ ماني به کارائڻي پوي. ان وقت اسان سڀ ڀيڻون ۽ ٻيون مائٽياڻيون لک ڪڍڻ ۽ قرآن پڙهڻ ۾ پوريون هيونسي، پر امان نه رڳو بورچيخانو سنڀالي ويٺي هئي پر لاڳيتو زباني دعائون به پڙهندي رهي پئي ۽ ڪنهن ڪنهن وقت اسان سان گڏ ويهي به پڙهائي پئي. ان وقت به مان امان کي بظاهر گهٻرائيندي نه ڏٺو. هوءَ الله ۾ آسرو رکي پُراميد ٿي چڪي هئي. هوءَ سدائين چوندي اهي ته الله مون کي ڪڏهن به مايوس نه ڪيو آهي. ۽ نه ئي ڪڏهن ڪندو. امان جو ايمان ڏاڍو پختو آهي. نيٺ منهنجو  ڀاءُ چئن ڏينهن ۽ راتين کان پوءِ، ڪجهه پيسن جي عيوض. خير سان موٽي آيو.

منهنجو اهو ئي ڀاءُ پوليس جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۾ به رهي چڪو آهي. هڪڙي اسڪول ۾ بم جو اطلاع ملڻ تي هو اتان بم ناڪاره ڪري کڻي آيا. پنهنجي آفيس ۾ اچي اهو بم منهنجي ڀاءُ جي هٿ ۾ ئي ڦاٽي پيو. توهان اندازو ڪري سگهو ٿا ته ان جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي. اسان سڀ اسپتال پهتاسي. ڊاڪٽر اسان کي ڪوڙي تسلي به نه پيا ڏين. انهنجو هڪ ئي جواب هو ته اسان ڪجهه به نه ٿا چئي سگهون. منهننجو ڀاءُ سڄو پٽين ۾ ويڙهيل هو.اکين سميت هن جو ڪو به عضوو زخمي ٿيڻ کان نه بچي سگهيو هو.ان وقت به امان همت نه هاري هئي. امان جو رنگ صفا پيلو ٿي ويو هو. هوءَ بلڪل خاموش هئي ڪجهه به نه پئي ڳالهائي يا مصلو هو يا وري تسبيح. وري الله  تي رکيائين. راجا ائين ٺيڪ ٿي ويو، جيئن ڪنهن پراڻي روايت وانگر ٻليءَ جا ٻچا آويءَ مان جيئرا نڪري آيا هيا. راجا بلڪل نارمل ماڻهن وانگر ٺيڪ ٿي ويو. اڄ خير سان ٻن ٻارن جو پيءُ آهي.

سو اهڙا ڪيئي ڏکيا مرحلا امان جي زندگيءَ ۾ آيل آهن، پر هن سدائين مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏنو. مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته شايد امان ڪا درويشياڻي يا بزرگياڻي آهي. هاڻي به پاڻ ڪمزور هجڻ جي باوجود اسان کي حوصلو ڏيندي آهي. هن جو حوصلو ۽ همت ڪڏهن به ڪموزر ناهي ٿي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org