ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي پڦي ۽ ان جون ڌيئرون مون وٽ
آيون هيون، منهنجون پڦاٽيون ننڍپڻ کي ياد ڪري چوڻ
لڳيون ته ننڍي هوندي نسرين جي گڏين جو گهر ڏاڍو
سهڻو هوندو هو ۽ سڀني کان سهڻو هوندو هو. ان تي
منهنجي پڦيءَ چيو ته ”هاڻي به ته ائين ئي آهي،
نسرين جو گهر سڀني کان سهڻو آهي“
اسان جي ڳوٺ واري گهر ۾ واڍو، ڪنڀر ۽ حجم وغيره سڄو سال ڪم ڪندا
هئا. ڪا به شيءِ ڀڳي ٽٽي ته واڍو گهر اچي ٺاهي
ويندو هو. گهر جي اندر حجمن جي هڪ مائي جنهن جو
نالو ”شهربانو“ هوندو هو، سا اچي ٻارن جا مٿا ڪوڙي
ويندي هئي ۽ ٻارن جي ”جهنڊ“ به لاهي ويندي هئي. ان
زماني ۾ اهو رواج عام هوندو هو ته گرمين جي مند
شروع ٿيندي ئي، سڀني ننڍن وڏن ٻارن جا مٿا ڪوڙائي
ڇڏيندا هئا. پوءِ اهو ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري ٻار جڏهن
سمجهه ڀريا ٿيندا هئا ته پوءِ اهي مٿو نه
ڪوڙائيندا هئا. ماسيءَ شهر بانوءَ جو ”باغ“ نالي
پٽ ٻاهر اوطاق ۾ مردن جا وار ٺاهي ويندو هو ۽ ننهن
به ڪٽيندو هو. سڄو سال ڪنڀر وٽان مٽ، دلا، ڪونر،
چاڏيون، اکريون، پاٽڙا ۽ پاٽيون ۽ ڪُنيون وغيره
اسان جي گهر اينديون هيون. جڏهن فصل لهندو هو ته،
مون کي چڱي طرح ياد آهي ته انهن سڀني جي لاءِ به
ان جون ڳوڻيون ڌار ڪيون وينديون هيون ۽ هر ڪو اچي
پنهنجي حصي جو ان کڻي ويندو هو. اهو سلسلو سالن
کان هلندڙ هو. هاڻي ته ڄڻ هڪڙو خواب ٿو لڳي.
ننڍي هوندي مون کي ڳوهيل مٽيءَ سان کيڏڻ ۽ ان مان ٿانو، ٺاهڻ جو
ڏاڍو شوق هوندو هو. ان لاءِ مان ڪنڀر کان مٽي وٺي
ايندي هيس ۽ اورئين ورانڊي ۾ ويهي ننڍا ٿانو، چلها
۽ ڏاند گاڏيون وغيره ٺاهيندي هيس. منهنجي راند سان
ورانڊو ڏاڍو خراب ٿي ويندو هو. منهنجي ڏاڏي تمام
صفائي پسند هوندي هئي. ان کي منهنجي اها راند نه
وڻندي هئي. اها اڪثر چوندي هئي ته هن ۾ (مون ۾)
ڪنهن ڪنڀاريءَ جو روح پيل آهي. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ مون
کي دڙڪا به ڏيندي هئي. مان ننڍي هوندي هوائي جهاز
کان ڏاڍو ڊڄندي هيس. ڪو هوائي جهاز گذرندو هو ته
مان کٽ هيٺيان لڪي پوندي هيس. سو منهنجي ڏاڏيءَ هڪ
دفعي مون کي دڙڪا ڏنا ته مان زور زور سان اها دعا
پئي گهران ته الله ڪري هوائي جهاز اچي ته ”امان
لالي“ ڊڄي مان پنهنجي ڏاڏيءَ کي ”امان لالي“ چوندي
هيس. شايد جڏهن مون ڳالهائڻ سکيو پئي تڏهن امان
ڏاڏي چوڻ جي بجاءِ امان لالي چوندي هيس، ۽ اڄ
تائين اهو ئي چوندي آهيان، توڙي هينئر هوءَ حيات
ناهي، پر تڏهن به مان ان جو ذڪر ان ئي نالي سان
ڪندي آهيان. منهنجي ڏاڏيءَ کي منهنجو امان لالي
چوڻ ڪجهه خاص پسند نه هو. ڇو ته اسان جي ڳوٺ ۾
غريب شيخن جي گهر ۾ ”لاليءَ“ نالي هڪڙي مائي هوندي
هئي، جيڪا منهنجي ڏاڏيءَ کي نه وڻندي هئي. اها
شيخن واري لالي مون کي ياد ڪونهي.
ٿانو ٺاهڻ لاءِ مان جنهن ڪنڀر کان مٽي وٺي ايندي هيس، ان جو
نالو ”حڪيم“ هوندو هو پر مان الائي ڇو ان کي
”نيلو“ سڏيندي هيس. اهو ڪنڀر منهنجي پيءُ جو دوست
به هوندو هو. اڪثر اسان جي اوطاق ۾ بابا سان ڪچهري
ڪندو هو. جڏهن مان ڪجهه وڏي ٿيس ته بابا مون کي
ٻڌايو ته ڏيڍ ٻن سالن جي عمر ۾ مان هڪ دفعو اوطاق
۾ ويس ته بابا ۽ حڪيم ڪنڀر اداڪارا نيلو جي ڪنهن
فلم جو ذڪر پيا ڪن. سو حڪيم جي واتان مون نيلو جو
ذڪر بار بار ٻڌو، ان وقت کان حڪيم کي نيلو چوندي
هيس. پوءِ جڏهن خبر پئي ته هن جو نالو نيلو نه پر
حڪيم آهي، تڏهن مون هن کي چاچا چوڻ شروع ڪيو.
جڏهن مان ڪجهه وڏي ٿيس ۽ ٻاهر وڃڻ تي پابندي لڳي، تڏهن به مان
ڪو نه ڪو ٻار موڪلي ڪنڀر کان مٽي گهرائي پنهنجي
پسند جا ٿانو ٺاهيندي هيس. مٽيءَ جي خوشبو مون کي
ڏاڍي پسند آهي. اڄ به جڏهن مينهن وسي يا گهر جو
فرش ڌوپي ته مون کي اها خوشبو ڏاڍو سڪون ڏيندي
آهي.
اسان جي گهر ۾ سالن کان اهو دستور هو ته سال ۾ ٻنهي وڏين عيدن
تي سڄي ڳوٺ جي غريب غربي کي منجهند جي ماني اسان
کارائيندا هياسين. اها ماني گهرن ۾ نه موڪلبي هئي
پر ٻاهر اوطاق ۾ ديڳ ۾ چڙهندي هئي، تڏا وڇايا
ويندا هئا ۽ هر ڪو مرد ۽ ٻار اتي اچي ماني
کائيندو هو. اهي ديڳيون به باغ حجم رڌيندو هو. ان
لاءِ اسان وٽ ديڳيون ۽ بي شمار مٽيءَ جا پاٽڙا هر
وقت اسٽور ۾ موجود هوندا هئا. اهو پُلاءُ مون کي
ڏاڍو وڻندو هو. گهر ۾ عيد ڏينهن ڪجهه به پچندو هو
پر مان ان ٻاهرين ديڳ جو پلاءُ کائيندي هيس.
جيستائين ننڍي هيس ته پليٽ کڻي پاڻ اهو پلاءُ وٺڻ
ويندي هيس. وڏي ٿيس ته ننڍن ڀائرن کي موڪلي گهرائي
وٺندي هيس. اڄ به پلاءُ منهنجي ڪمزوري آهي. ڀلي
اهو رڳو لوڻ مرچ ۾ ئي پڪل هجي.
مان ننڍي هوندي ڏاڍي ڊڄڻي هوندي هيس پر پوءِ به مون کي ڀنڀوريون
پڪڙڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. منهنجو بابا سگريٽ
پيئندو هو ان ڪري هن وٽ سگريٽ رکڻ جا ڪافي دٻا
هوندا هئا. مون هڪ دفعو بابا جو 555 وارو هلڪي
پيلي رنگ جو دٻو کنيو ۽ ارادو هو ته ڀنڀوريون پڪڙي
ان دٻي ۾ بند ڪندس. اسان جي گهر جي ويجهو ”لکي“
نالي هڪڙي اوطاق جهڙي جاءِ هئي، جنهن جي ڀرسان ٻني
به هئي. ان لکيءَ ۾ سارين جي سَٽ به ٿيندي هئي. ان
لکيءَ کي ڊنگهرن جو لوڙهو ڏنل هوندو هو. مان 555
وارو سگريٽ ڪيس هٿ ۾ جهلي، ان لوڙهي تان ڀنڀوريون
پڪڙي رهي هيس ته هڪڙو ڇوڪرو آيو ۽ مون کان سگريٽ
ڪيس کسي ڀڄي ويو. ان ڇوڪري جو نالو ولي الله هو.
هو مون کان ڪافي وڏو هو. اسان جي گهر ۾ هن کي ”ولو
پاچر“ سڏيندا هئا. ڇو ته گرمين ۾ اڪثر هو جيڪا چڍي
پائيندو هو. اها چڍي سلوار کي ڪٽي ٺاهيل هوندي
هئي، ان ڪري ان جا پاچا وڏا هوندا هئا. مان
روئيندي گهر آيس ۽ شام جو جڏهن بابا گهر آيو ته
مون ان کي دانهن ڏني، پر بابا ولي الله کي ڪجهه به
نه چيو. ها مون کي سو تسلي ڏنائين ته مان پاڻ ئي
ان کان سگريٽ ڪيس وٺندس. اڄ پنجٽيهه، ستٽيهه سال
گذرڻ کان پوءِ به مون کي ان سگريٽ ڪيس جو افسوس
ٿيندو آهي. اهو ولي الله، پوءِ ڪنهن بئنڪ ۾ وڏو
آفيسر ٿيو هو ۽ شايد اڃا به آهي.
اسان جو گهر تمام وڏو هوندو هو. ان گهر جي اڱڻ ۾ هڪ پاسي هڪ
ننڍي جاءِ ٺهيل هوندي هئي، جنهن ۾ ٻه ڪمرا، ورانڊو
۽ اڱڻ وغيره هو. منهنجي وڏي پڦي انور شاديءَ کان
پوءِ ان گهر ۾ رهندي هئي. ان گهر کي اسان ”جاءِ“
سڏيندا هياسي. وڏي پڦي جڏهن لاڙڪاڻي لڏي ويئي ته
ان ۾ ٻيو نمبر پڦي اختر اچي رهي هئي. اسان جي گهر
۾ هڪ تمام گهاٽو ۽ وڏو سرنهن جو وڻ هوندو هو، جنهن
جا پيلا گل مون کي ڏاڍا پسند هئا. اهو وڻ منهنجي
بابا تڏهن پوکيو هو جڏهن اسان جو اهو گهر اڃا ٺهي
رهيو هو ۽ بابا پاڻ به ننڍو هو. سو جڏهن منهنجي
پڦي اختر ان جاءِ ۾ رهڻ آئي تڏهن مون آيتھ الڪرسي
ياد ڪئي هئي. منهنجي عمر ان وقت اٺ يا نَوَ سال
هوندي. اها پڦي اسان کي قرآن جون سورتون ياد ڪرڻ
جو ڏاڍو شوق ڏياريندي هئي. مان ان سرنهن جي وڻ
هيٺان ويهي آيتھ الڪرسيءَ جي هڪ هڪ آيت ياد ڪندي
هيس ۽ وري جاءِ ۾ وڃي پڦيءَ کي ٻڌائي ايندي هيس.
اهڙيءَ طرح مون کي آيتھ الڪرسي ياد ٿي ويئي. ان
پڦيءَ کان مان ڪڏهن ڪڏهن چوٽيون به ڪرائيندي هيس.
جنهن کي ”منهڙو“ چوندا هياسي. پڦي منهڙو اهڙو ته
ڇڪي ڳنڌيندي هئي جو ان سان اکيون به ڇڪجي ڊگهيون
ٿي وينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ته دانهون به نڪري
وينديون هيون ۽ پڦي چوٽيون ٿوريون ڍليون ڪندي هئي.
ننڍي هوندي منهنجا وار وڏا ۽ گهاٽا هوندا هئا. ان زماني ۾ سڀني
ڇوڪرين ۾ جيڪا مقابلي بازي هلندي هئي، اُها، اِها
هوندي هئي ته جنهن جا وار وڏا هجن، جنهن کي گهڻيون
قرآن جون سورتون ياد هجن، جنهن کي ڀرت جا گهڻا
ٽاڪا ايندا هجن، اها ڇوڪري سڀني کان زور سمجهي
ويندي هئي. سو اسان سڀ ڇوڪريون انهن ئي ڪمن ۾
مصروف هونديون هيون سي. مان به ڪڏهن نموريون
گهوٽيندي هيس ۽ ڪڏهن ميندي ڀڄائيندي هيس ۽ امان کي
تنگ ڪندي هيس ته هاڻي جو هاڻي منهنجي مٿي ۾ وجهه.
امان به اڪثر مون سان سهج ڪندي هئي. الله جي به
مهرباني هئي جو منهنجا وار وڏا هوندا هيا. خاندان
۾ ڪنهن به ڇوڪريءَ جا وار منهنجي وارن جيترا نه
هئا. جڏهن منهنجي عمر پنجٽيهن سالن کان وڌي تڏهن
آهستي آهستي وار ختم ٿيڻ لڳا. هاڻي رڳو شڪر ڪرڻ
جيترا وار وڃي بچيا آهن. اڄ ڪلهه مان پنهنجي ننڍي
ڌيءَ سڳنڌ جي وارن ۾ پنهنجي وارن جو عڪس ڏسندي
آهيان. پر ان جي مٿان رڳو الله جي مهرباني آهي. نه
منهنجو ڪو سهج آهي، نه سندس ئي ڪا ڪوشش آهي. ڇو ته
اڄ ڪلهه جي ٻارن ۾ مقابلي جا موضوع بدليل آهن.
مون کي ننڍي هوندي کان ئي ڀرت ڀرڻ جو شوق هو. سئي ڌاڳي سان عشق
جي ابتدا ڪڏهن ٿي، مون کي بلڪل ياد ناهي. مان جڏهن
کان هوش سنڀاليو آهي، پاڻ کي سئي ڌاڳي سان کيڏندي
ڏٺو اٿم، تمام ننڍڙي هوندي جڏهن اونهاري ۾ سڀ
منجهند جو سمهندا هئا، ته مان ڄمونءَ جي وڻ هيٺان
ڳوڻي وڇائي ويهي ڀرت ڀريندي هيس. مون وٽ کجيءَ جي
پوٽن مان ٺهيل هڪ ننڍڙي ٽٻڻي هوندي هئي، جيڪا پڪ
سان ڪٿان پيڙن سان ڀرجي آئي هوندي، ان ۾ منهنجا
ڌاڳا سيون ۽ ڪپڙن جا ٽڪرا رکيل هوندا هئا. جيڪي
مان ڏاڍو سنڀالي رکندي هيس ۽ مون کي ساهه کان وڌيڪ
پيارا هوندا هئا.
ٽٻڻيءَ جي ذڪر تي ياد آيو ته ان زماني ۾ اهڙيون ٽٻڻيون رڳو پيڙن
۾ ئي اينديون هيون. امان جن به پنهنجون سُيون ۽
ڌاڳا اهڙين ئي ٽٻڻين ۾ رکنديون هيون. ان زماني ۾
اڄ ڪلهه وانگر پلاسٽڪ جون سهڻيون سهڻيون ٽوڪريون
عام نه هونديون هيون، ماڻهو اهڙن خرچن کان آجو هو.
اسان جي گهر ۾ ڄمن جا ڪافي وڻ هوندا هئا، جن جا ڄمون تمام مٺا ۽
رسيلا هوندا هئا. منهنجي ڏاڏي وڻن تي ڪنهن نه ڪنهن
ماڻهوءَ کي چاڙهائي ڄمون لهرائيندي هئي. اسان اهي
ڄمون کائي کائي ٿڪجي پوندا هياسين ۽ ڇليون ڀري مٽن
مائٽن ڏانهن به موڪليندا هياسي. اسان مان ڪي ٻار
ڀتر هڻي ڄمون ڪيرائي کائيندا هيا. پر ڀتر لڳڻ سان
ڄمون جڏهن زمين تي ڪرندا هيا ته ڦسي پوندا هيا ۽
ميرا ٿي ويندا هيا. ان ڪري سڀئي ٻار پنهنجون
پنهنجون ”انگوڙيون“ ٺاهي ڄمون لاهيندا هيا. هڪ
ڊگهي لڪڙي ۾ لوهه جي تار جي ڪُنڍي ٺاهي ٻڌندا
هياسي ۽ ان لڪڙي تي ڪنڍيءَ جي هيٺان ڪپڙي جي
ڳوٿري لڳل هوندي هئي، جيڪي ڄمون ڪنڍيءَ ۾ ڦاسي
ڪرندا هئا. اهي ڳوٿريءَ ۾ ڪرندا ويندا هئا. ان ڪري
ڄمون ڦسڻ کان بچي پوندا هيا. ٻيا ٻار ته انگوڙين ۾
ٿيلهيون پنهنجي مائرن کان هڻائيندا هئا پر مان
پنهنجي ٿيلهي پاڻ سبندي هيس. اسڪول جا قلم رکڻ
لاءِ به ٿيلهيون پاڻ سبندي هيس. ان ڪري جو ان
زماني ۾ اهڙا سهڻا سهڻا
Pencil Boxes ڪو نه ملندا هيا جهڙا اڄ ڪلهه ملن ٿا.
ڄمونءَ جي وڻ ۾ پينگهه به ٻڌل هوندي هئي، جنهن ۾ سڀ لڏندا هيا
پر مون کي ننڍي هوندي کان ئي پينگهه لڏڻ سان چڪر
ايندا آهن ان ڪري مان رڳو ان پينگهه تي ويهندي
هيس. لڏندي ڪو نه هيس. مون کي اڄ به انهن ڄمن جو
سواد ياد آهي. اڄ جڏهن بازار مان، مان پئسن سان
ڄمون وٺندي آهيان ته اهو زمانو ڏاڍو ياد ايندو
آهي، جڏهن اسان پاڻ ٻين کي سوکڙيءَ طور ڄمون
موڪليندا هياسي. وقت وقت جي ڳالهه آ.
ڳوٺ ۾ جڏهن فصل ٻنيءَ مان کڄي ويندو هو ته پوءِ ڳوٺ جا سڀ ٻار
ٻنيءَ مان ”کِرُ“ ميڙي ايندا هيا. کِر اُن، اَن کي
چئبو هو. جيڪو فصل کڄڻ کان پوءِ ٻنيءَ ۾ ٽڙيل
پکڙيل رهجي ويندو هو. مون به هڪ دفعو کِر ميڙيو.
منهنجو پڦڙ حاجي امير بخش، سندس پيءُ، جنهن کي
اسان ڏاڏو سونو چوندا هياسي ۽ منهنجا پڦاٽ ٻنيءَ
تي وڃي رهيا هئا. پڦاٽن ٻڌايو ته اسان کِر
ميڙينداسي. مون ٻڌو ته مون کي به شوق ٿيو ته مان
به کر ميڙيان. ادا حاجيءَ چيو ته وڃي ڪا ڳوٿري کڻي
آءُ. ان زماني ۾ اڄ ڪلهه واريون پلاسٽڪ جون
ٿيلهيون ڪو نه هونيديون هيون. هر ڪنهن وٽ ڪپڙي جون
ڳوٿريون هونديون هيون. مان گهر وڃي ڪپڙي جي ڳوٿري
ڳولڻ لڳس. جڏهن نه لڌي ته وهاڻي جي هڪ ڇَوَ کنيم ۽
امان کي ٻڌايم ته مان ادا حاجيءَ جن سان گڏ کر
ميڙڻ ٿي وڃان. اسان سڀ
ٻار ٺينگ ٽپا ڏيندا پنڌ ادا حاجي ۽ ڏاڏي سوني سان
ٻنيءَ تي پهتاسي. اتي ڪڻڪ جو لابارو ٿي چڪو هو.
فقط سنگن جو هيٺيون حصو زمين ۾ بيٺل هو. اتي ڪيترو
ئي ان پکڙيل هو. وڏا ته پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويا ۽
اسان ٻار ان ميڙڻ لڳاسي ۽ هڪ ٻئي جي مقابلي تي
ميڙڻ لڳاسي. آخر جڏهن
ٿڪاسي ۽ وڏن جو ڪم به ختم ٿيو ته واپس گهر آياسي.
اُن،
اَن جو استعمال اهو هو ته ٻار اهو ان دڪان تي
تورائي ڏيندا هئا ۽ ان جي بدلي شيءِ وٺندا هيا.
يعني جيترا سير ان ٿيندو هو ان جي قيمت جيتري شيءِ
يا اوترا پئسا وٺي سگهبا هئا.
سو
اسان به جڏهن ڳوٺ پهتاسي ته سڌو دڪان تي وياسي مون
ان تورايو ته ٻه سير کن ٿيو. (ان زماني ۾ ڪلو گرام
رائج ڪو نه ٿيو هو) ان مان مون پنهنجون پسند جون
شيون ورتيون، ائين نه هو ته ڪو اسان کي خرچي نه
ملندي هئي. اها ته ٻين ٻارن جي مقابلي ۾ اسان کي
پابنديءَ سان ملندي هئي، پر اهو رڳو ٻاراڻو روح هو
جو
ڳوٺ جي ٻين ٻارن کي ائين ڪندي ڏسي، اسان جي به دل
سٽ ڏيندي هئي ته ائين ڪريون. ان زماني ۾ اسان جي
ڳوٺ ۾ اهو رواج عام هو ته جيڪڏهن گهر ۾ ٻار کي ڏيڻ
لاءِ کليل پئسو نه هجي، ته ان کي ان جو وٽو ڀري
ڏبو هو ته وڃي شيءِ وٺي. پر اسان جي گهر ۾ ائين ڪو
نه ٿيندو هو. ڇو جو اسان کي روز خرچي ملندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن گهر جا ڇوڪرا ضد ڪري ائين ڪندا هئا.
اسان جي گهر ۾ هر قسم جو ان پنهنجو هوندو هو.
چانور، ڪڻڪ داليون، سرنهن جو تيل سڀ ڪجهه سڄي سال
لاءِ رکبو هو. جڏهن به فصل لهندو هو ته سال جي
ضرورت جيترو رکي باقي وڪڻي ڇڏيندا هيا. مرچ ڌاڻا
به سال يا ڇهن مهينن لاءِ ڪُٽي رکبا هيا. اهي گهر
جون عورتون ٺڪر جي اکريءَ ۽ ڪاٺ جي مُهريءَ سان
پاڻ ڪٽينديون هيون. مرچن ۾ سرنهن جو تيل
ملائينديون هيون ته جيئن انهن جي دز به نه اڏامي ۽
انهن جو رنگ به گهرو ڳاڙهو ٿئي. مرچ ڪٽڻ وقت نڪ تي
ڪپڙو ٻڌنديون هيون
ته
جيئن دز ساهه ۾ نه وڃي.
اٽو پيهائڻ کان پهرين ڪڻڪ ڌوئي اُس ۾ سڪائبي هئي
پوءِ پيهائبي هئي. داليون سڀ جنڊ تي ڏريندا هيا.
ڪن گهرن ۾ ”جانڊهه“ يعني اٽي پيهڻ جي ننڍي چڪي
هوندي هئي، جنهن کي گڏهه هلائيندا هئا. ڪي مايون
پنهنجو اٽو به ان جانڊهه تي پيهنديون هيون ۽ ٻين
کي به پئسن سان پيهي ڏينديون هيون، گهڻو اٽو ته
چڪيءَ تان پيهائبو هو. پر ٿورو هجي ته ماڻهو
جانڊهه، تان به پيهائيندا هئا. ان وقت عورتن کي
گهر سنڀالڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم نه هوندو هو،
ان ڪري اهڙي قسم جا اهتمام ڪري سگهبا هيا. اڄ ڪلهه
خاص ڪري شهرن ۾ ته گهر
ننڍا آهن. ان ڪري ماڻهن جي رهڻ جي جاءِ ئي ڪونهي
ته ان ڪٿي رکجي. ان کان سواءِ اسان جهڙين نوڪري
پيشه عورتن وٽ ايترو وقت ئي ڪونهي جو اهڙو اهتمام
ڪجي. هاڻي ته هر مهيني جي سودي ۾ ڪجهه پاڪيٽ
مصالحن جا ۽ ڪجهه ٿيلهيون اٽي ۽ چانورن جون اچي
وڃن ٿيون. جند ئي ڇٽل آهي.
ڪو
جهنجٽ ئي ڪونهي. ڪو مرچ مصالحو پيهجي ٿو ته ڇاجي
اکري مهري. چاپر ۽ گرائينڊر جو بٽڻ دٻايو ته مسئلو
ئي حل ٿي وڃي ٿو. زندگي ڏاڍي آسان ٿي پيئي آهي. ها
البت اُها صحت اڄ اسان وٽ ڪونهي جيڪا اسان جي وڏن
وٽ هئي، جنهن جو سبب خالص کاڌو هو. اڄ اسان جي
صحت بازاري مرچ مصالحن جي ڪري برباد ٿيل آهي. پر
ان جي باوجود جو اسان اهو سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا، اسان
پنهنجي زندگيءَ جي طور طريقن کي نٿا بدلايون ۽
انهن مسئلن تي سوچڻ لاءِ به تيار ناهيون، عمل ته
پري جي ڳالهه آهي.
ڳوٺ جو هڪ ماڻهو هو، جنهن جو نالو هو ”باغ کٽي“
اهو گهڻو ڪري ته حڪيم هو. شلوار قميص، ڪاري
واسڪوٽي ۽ پٽڪو پائيندو هو. ان جي ڌيءَ بلقيس
منهنجي هم ڪلاسي به هئي ته پڪي ساهيڙي به هئي.
انهن جو گهر اسان جي گهر کان ڪافي پري هو. ائين
کڻي چئجي ته اسان جو گهر ڳوٺ جي هڪڙي سري تي هو ته
هنن جو گهر ٻئي سري تي. تڏهن به مان انهن جي گهر
گڏين راند ۽ ادي ادي راند کيڏڻ ويندي هيس. ادي ادي
راند ۾ اسان گهر ٺاهي پوءِ ان ۾ ڪوڙا رڌ پچاءَ به
ڪنديون هيوسي ته هڪ ٻئي جي گهر رَون جا برقعا پائي
ملڻ به وينديون هيون سي. مان ننڍي هوندي رولو
طبيعت جي نه هوندي هيس (اڃا به ناهيان) ان ڪري
ڪنهن جي به گهر نه ويندي هيس، سواءِ مائٽن جي گهر
ڪو ڪم ڪار هجي ته،
پر بلقيس جو گهر پري هجڻ جي باوجود مان ڏاڍي شوق
سان انهن جي گهر ويندي هيس. ڇو ته هوءَ منهنجي
ڏاڍي سٺي ۽ پڪي ساهڙي هئي. پوءِ جڏهن اهي مدئجيءَ
لڏي ويا ته اسان جي دوستي به اتي ئي رهجي ويئي.
هڪ دفعي مان، بلقيس ۽ ٻين ڇوڪرين سان گڏ، ڏاڍو پري
واهه ٽپي، پلي پٽڻ وئي هيس. پلي پٽڻ لاءِ مون
سنهين ڪاٺين جي ٺهيل هڪ ٽوڪري کنئي هئي. مون غلطي
اها ڪئي جو گهر ڪو نه ٻڌايم، انهيءَ ۾ اسان کي سج
لهي ويو. پَلي پٽي گڏ ڪرڻ بجاءِ گهڻي ته اتي ئي
ڪچي کاڌي سي. جڏهن واپس آياسي ته تقريبن اوندهه ٿي
ويئي هئي. مان گهر آيس ته امان ۽ بابا ڏاڍا دڙڪا
ڏنا ۽ ڏاڍو ڪاوڙيل هئا، جيڪا پلي کڻي آيس اها چپ
ڪري ڪنڊ ۾ رکيم. دل ۾ ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو ته بنا
ٻڌائڻ جي ڇو ويم، ماءُ پيءُ کي به پريشان ڪيم. اهو
پهريون ۽ آخري دفعو، مان پلي پٽڻ وئي هيس.
ننڍي هوندي اسان ڪچي پلي ڏاڍي شوق سان کائيندا
هياسي. خاص ڪري مٽرن جي پلي مون کي ڏاڍي وڻندي
هئي. ان زماني ۾ سياري ۾ خاص ڪري هر قسم جا ساڳ
ڏاڍي اهتمام سان پچايا ويندا هئا. سرنهن جو ساڳ،
پالڪ، چل، چڻن ۽ مٽرن جي پلي سڄو سيارو هر گهر ۾
پئي پچندي هئي. هر گهر ۾ پچڻ جي باوجود به جڏهن
ڪو
پچائيندو هو، ته ٻين ڏي به ٻوڙ موڪليندو هو ۽ اهو
ٻوڙ ڏاڍي شوق سان کائبو هو. روز روز کائڻ جي
باوجود دل نه ڀربي هئي. رات جو جيڪو به ساڳ جو ٻوڙ
بچندو هو ته نيرن تي ان کي گرم ڪري، مکڻ وجهي،
افراٽن سان شوق سان کائبو هو. جي اڃا به بچيو ته
منجهند جو چانورن جي
ڪڙڪ
چلڙن سان يا وري چانورن سان کائبو هو. ان زماني ۾
گهر ۾ جيڪو پچندو هو ننڍا وڏا اهو ئي کائيندا هئا.
ڪنهن کي به مانيءَ تي نخرو نه هوندو هو. کاڌي ۾
چونڊ ڪرڻ جي خبر ئي نه هوندي هئي. صرف ڪو بيمار
ٿيندو هو ته ان لاءِ الڳ پرهيزي کاڌو پچندو هو نه
ته هر ڪو ساڳو ئي کاڌو کائيندو هو.
ٻين ڳوٺن وانگر اسان جي ڳوٺ ۾ به اهو رواج عام
هوندو هو ته جي ڪڏهن ڪا چڱي شيءِ پچائبي هئي ته
اها اوڙي پاڙي يا مٽ مائٽ جي گهر موڪلبي هئي. ائين
به ٿيندو هو ته مايون هڪ ٻئي کان پڇرائينديون هيون
ته اڄ ڇا پچايو اٿوَ؟ ٿورو اسان کي به ڏجو. ڀلي
پوءِ اها ڪا عام شيءِ ئي هجي پر هڪ ٻئي ڏانهن
موڪلبي ضرور. ٻار به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي حصي جو کاڌو
کڻي پڦي ماسيءَ جي گهران يا پاڙي مان مٽائي ايندا
هئا. يعني اهو کاڌو انهن کي ڏئي ٻيو ڪجهه کائڻ
لاءِ وٺي ايندا هئا. ماني به جيڪڏهن ڪنهن کي ڪڻڪ
يا چانورن جي نه وڻي ته مائٽن جي گهر مان مٽائي
پنهنجي مرضيءَ جي ماني وٺي ايندا هئا.
اڄ ڪلهه ته جيتري ورائٽي کاڌي ۾ موجود آهي، اوترو
ئي ٻارن جا موڊ خراب آهن ته هي به نٿو وڻي ۽ هو به
نٿو وڻي. ڪجهه قصور مائٽن جو به آهي ته ڪجهه قصور
ميڊا جو به آهي. هي ته اهڙو دؤر آهي جو ميڊيا کان
ٻارن
کي
پري به نٿو رکي سگهجي ۽ ان جي اثرن کان بچائي به
نٿو سگهجي. الله رحم ڪري دنيا ۾ حرص ۽ لالچ ڏاڍي
وڌي ويئي آهي. صبر شڪر ته رهيو ئي ڪونهي.
ان زماني ۾ اسان جي روز مرهه جي کاڌي ۾ ڪڻڪ جي اٽي
جا افراٽا، چانورن جي ماني، داليون، لسي، مڇي،
ڀاڄي ۽ کير مکڻ شامل هئا. ميوو به ڪجهه گهر ۾
موجود هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻاهران به گهرائيندا هياسي.
اڄ ڪلهه ڊاڪٽر متوازن غذا ۾ اهو ئي سڀ ڪجهه ٻڌائين
ٿا، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ جو عام ڳوٺاڻو ماڻهو
اهي شيون روزانو واپرائيندو هو. ڪڪڙ پلاءَ ائين
عام ڪونه رڌبا هئا، جيئن اڄ ڪلهه. ڪو مهمان ايندو
هو ته ڪڪڙ ڪهبو هو يا وري عيدن تي خاص اهتمام
ٿيندو هو.
ڳوٺن ۾ تقريبن هر گهر ۾ ڪڪڙ پاليل هوندا هئا. رات
جو انهن کي وڏي کاري هيٺان پوري ڇڏبو هو. صبح جو
انهن کي کولي ڇڏبو هو. ڏينهن جو پاڻ ئي چڳندا هئا.
انهن جي لاءِ پاڻيءَ جو پائڙو
ڀري رکبو هو. منهنجو ڏاڏو جڏهن اهي ڪڪڙ ڪهائيندو
هو ته ڪهائڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳي انهن کي پورو
وقت کاري هيٺان، اَنُ ۽ پاڻي رکرائي پورائي ڇڏيندو
هو. هو چوندو هو ته ڪڪڙ سڄو ڏينهن گند ۽ ٻيا
زهريلا جيت وغيره کائين ٿا. ان ڪري جيڪڏهن انهن کي
ٻه ٽي ڏينهن صاف کاڌو ۽ پاڻي ملندو ته انهن مان
زهريلا اثر ختم ٿي ويندا. سنڌ ۾ جيئن ته ڪڪڙ جي
مٿان کير نه پيئبو آهي، پر منهنجو ڏاڏو، انهن ڪجهه
ڏينهن بند ٿيل ڪڪڙن کي جڏهن ڪهائيندو هو ته انهن
جي مٿان کير به پيئندو هو. هو چوندو هو ته ڪڪڙن
مان جيڪڏهن زهريلن جيتن جو اثر ختم ٿيل هوندو ته
انهن جي مٿان کير پيئڻ سان ڪو نقصان نه ٿيندو. اڄ
ڪلهه ته ڪيترائي کاڌا اهڙا پچن ٿا جن ۾ ڪڪڙ کي کير
سان گڏ پچائجي ٿو. مان پاڻ به اهڙا کاڌا پچائيندي
آهيان.
سو
مون ڳالهه پئي ڪئي، منهنجي ننڍپڻ ۾ کاڌي جي اهتمام
جي.
وڏين عيدن سان گڏ سال ۾ جيڪي ننڍيون عيدون اينديون
هيون انهن تي به اهتمام
ٿيندو هو. شبِ برات جي موقعي تي اسان ڏاڍا ڏيئا
ٻاريندا هياسي. اسان کي بابا جن رڳو چڻ چڻ ۽
ٽنڊڻيون وٺي ڏيندا هئا. ٽنڊڻيون، پاٺي جي ٽڪر تي
لڳل گندرف جو ذرو هوندو هو، جنهن کي فرش تي گسائڻ
سان چڻنگون به نڪرنديون هيون ته ٽڻ ٽڻ جا آواز به
نڪرندا هئا. ڦٽاڪا اسان کي نه وٺي ڏيندا هئا.
منهنجا ڀائر ۽ سؤٽ وڏا ٿيا ته پوءِ اهي پاڻ ڦٽاڪا
وٺڻ لڳا.
شب برات،
شب معراج، ستاويهين رمضان ۽ اهڙين ٻين ڏينهن جيئن
ٻارهين ربيع الاول تي امان جن مانيءَ جو اهتمام
ڪنديون هيون. اها ماني مسجد ۾ به ڏئي ايندا هياسي.
سڄي ڳوٺ ۾ رونق لڳي پيئي هوندي هئي. نه خوف نه
ڏهڪاءُ. امن ئي امن ۽ سڪون ئي سڪون هوندو هو.
انهن راتين ۾ نفل پڙهڻ جو به خاص اهتمام ڪيو ويندو
هو. ننڍيون وڏيون سڀ مصلا وڇائي قطارون ڪري نفل
پڙهنديون هيون. اسان جا ورانڊا ڏاڍا ڊگها هوندا
هئا، ان ڪري نمازون سڀ ورانڊن ۾ ئي پڙهنديون هيون
سي.
ڳوٺ ۾ جڏههن به عيد جو يا رمضان جو چنڊ ڏسندا
هياسي ته ڪنڀرن جي آويءَ جي مٿان بيهي ڏسندا
هياسي. ڇو ته اها هڪ ته مٿانهين جاءِ تي ٺهيل
هوندي هئي ۽ ٻيو ته خاڪ ۽ مٽيءَ جي ڍير جي ڪري اڃا
به ڪجهه مٿانهين ٿي پيئي هئي. هر ڪو ننڍو وڏو (مرد
۽ ٻار) سج لهڻ کان پهرين اتي وڃي بيهندو هو. ڇو جو
اها آوي اسان جي گهر جي ويجهو به هئي. اڪثريت
ماڻهن جي پنهنجي گهر جي ڪوٺن تي بيهي چنڊ ڏسندي
هئي. چنڊ نظر ايندو هو ته هر ڪو ننڍو وڏو پهرين
دعا گهرندو هو ۽ پوءِ هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيندو هو.
عيد
تي رڌڻ لاءِ سَيون به گهرن ۾ ٺاهيون وينديون هيون.
بازاري سين جو اسان کي ذائقو ئي خبر نه هوندو هو.
سيون هٿ واري مشين تي ٺاهبيون هيون. ڳوٺ ۾ ٻن ٽن
گهرن ۾ سين ٺاهڻ جون مشينون هونديون هيون. هر ڪنهن
وٽ اها مشين ڪو نه هوندي هئي. ان ڪري هر ڪو واري
واري سان هڪ ٻئي کان وٺندو هو. ان مشين کي ”گهوڙي“
چوندا هياسي. عيد کان مهينو ڏيڍ اڳ سين ٺاهڻ جو
سلسلو شروع ٿي ويندو هو. هر ڪو گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه
سير ميدي مان سيون ضرور ٺاهيندو هو. ڇو ته اهو
ڏکيو ڪم هو ان ڪري هڪ دفعو ئي ڪري ڇڏبو هو. گهوڙي
هلائڻ تي ڏاڍو زور لڳندو هو. ان ڪري واري واري سان
مختلف ماڻهن جي ڊيوٽي لڳندي
هئي. ان گهوڙيءَ کي کٽ جي ٻانهيئن ۾ پيچن جي ذريعي
اٽڪايو ويندو هو. هلائڻ وارو کٽ تي چڙهي ويهندو
هو. هيٺ زمين تي ڪو ڪپڙو يا تڏو
وڇائي ان تي ڳوهيل ميدي جا ٿالهه رکبا هيا. ٿالهن
۾ ميدي جا وڏا وڏا چاڻا رکيل هوندا هيا. انهن چاڻن
تي گيهه يا تيل هڻي ڇڏبو هو ته جيئن سڪي نه وڃن.
سيون ٺاهڻ واري مائي انهن چاڻن مان ٿورو ٿورو
پٽيندي، تيل ۾ ٻوڙيندي، گهوڙيءَ ۾ وجهندي ويندي
هئي. گهوڙي هلائڻ واري يا وارو پوري طاقت سان
گهوڙي هلائيندو هو ۽ پوءِ ڊگهيون ڊگهيون سيون لڇن
جي صورت ۾ نڪرڻ شروع ٿي وينديون هيون. انهن کي
سڪائڻ لاءِ سنهين ڪاٺين جا ٺهيل ڪيترائي ٽوڪرا
اُس
۾ سڌا
ڪري رکبا هيا ۽ سين جا لڇا مشين مان ڇني انهن
ٽوڪرن جي ڪنارن تي سڪائبا هيا. سين جا لڇا مشين
مان ڇنڻ هر ڪنهن کي
نه
ايندا هئا. اها به ڄڻ هڪ قسم جي ڪاريگري هئي. هر
گهر ۾ ايترا ٽوڪرا ڪو نه هوندا هيا جو انهن تي سڀ
سيون
سڪائي
سگهجن. ان ڪري اوڙي پاڙي ۽ مائٽن مٽن کان به کارا
گهرائبا هيا. سيون اڌ سڪيون ٿينديون هيون ته کٽن
تي صاف چادرون وڇائي، ٽوڪرن تان سيون لاهي انهن
کٽن تي سڪائبيون هيون ۽ ٽوڪرن تي وري ٻيون تازيون
سيون وجهبيون هيون، جنهن جي به گهر ۾ سين ٺاهڻ جو
ڏينهن هوندو هو ته پاڙي واريون يا مائٽياڻيون به
مدد ڪرڻ اينديون هيون، ڇو جو سيون ٺاهڻ هڪ ٻن
مائين جي وس جي ڳالهه نه هوندي هئي. گهوڙي هلائڻ
لاءِ گهر جا ڇوڪرا به مدد ڪندا هئا. سيون جڏهن
چڱيءَ طرح سڪي وينديون هيون ته وڏن کارن ۾ ڪپڙو
وڇائي انهن ۾ محفوظ ڪبيون هيون. مٿان به انهن کي
ڪپڙي سان ڍڪبو هو. اهي سيون ٻن وڏين عيدن تي پچائڻ
کان سواءِ نياڻي سياڻي، مٽ مائٽ، يا عزيز دوست
ڏانهن کجيءَ جي پوٽن مان ٺهيل ڇلين ۾ وجهي،
سوکڙيءَ طور به موڪليون وينديون هيون. انهن سين
کي پاڻيءَ ۾ اوٻاري، ڇاڻي، ٿالهه ۾ وجهي، گرم گرم
سين ۾ ئي مکن ملائبو
هو ته جيئن هڪ ٻئي ۾ چنبڙي ڳنڍا نه ٿي وڃن. پوءِ
انهن سين ۾ کير ۽ کنڊ وجهي کائبو هو. اهي ڊگهيون
ڊگهيون سيون کائڻ جو مزو ئي الڳ هوندو هو. هاني ته
هر گهر ۾ بازاري سيون پچنديون آهن. ايتري محنت
ڪرڻ جو نه ڪنهن وٽ وقت آهي ۽ نه شوق. هونئن به
دنيا ۾ تبديلي ته اڻٽر آهي. |