اڃا به مان ڪڏهن ڪڏهن ٿورن چانورن جو ڀت رڌي کائيندي آهيان گهر
۾ ٻيو ڪو به نه کائيندو آهي. منهنجا ٻار ته حيران
ٿيندا آهن ته اهو توهان کي وڻي ڪيئن ٿو؟ پر انهن
کي ڪهڙي خبر ته اهي شيون پچائي جڏهن مان کائيندي
آهيان ته مان ڄڻ پنهنجي ننڍپڻ ۾ موٽي ويندي آهيان.
مون کي پنهنجي ڳوٺ ۾ گذاريل ڏينهن سان عشق آهي.
جڏهن به اهي ڏينهن ياد ايندا آهن، تڏهن مان ڪوشش
ڪندي آهيان ته ڪو نه ڪو اهڙو ڪم ڪريان جنهن سان
مان ان زماني جو مزو محسوس ڪري سگهان. ان ڪري ڀت
رڌي کائڻ به منهنجي ان خواهش جو نتيجو آهي. ڳوٺ ۾
امان تريل پٽاٽن سان ڪڏهن ڪڏهن چانورن جا ڪڙڪ چلڙا
پچائي ڏيندي هئي. پٽاٽا اسان پليٽ ۾ رکڻ جي بجاءِ
انهن ڪڙڪ چلڙن تي ئي رکي کائيندا هياسي. اڃا
تائين مان ڪڏهن ڪڏهن پٽاٽا تري، ڪَڙڪ چلڙو پچائي
ان تي رکي کائيندي آهيان.
هڪڙو رواج جيڪو اسان جي ڳوٺ ۾ هو ۽ شايد سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ هو،
جنهن تي مان ڏاڍي حيران ٿيندي آهيان، اهو هي ته
باهه ٻارڻ جي لاءِ هڪ ٻئي جي گهر مان ٽانڊو کڻي
اچڻ سنڌي پهاڪو ”آئي ٽانڊي ڪاڻ، ٿي ويٺي بورچياڻي“
به ان رواج کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ان جي قديم هجڻ جو
ثبوت به آهي. جڏهن به ماني پچائڻ جي مهل ٿيندي
هئي، تڏهن مايون اوڙي پاڙي جي گهرن مان
پڇرائينديون هيون ته باهه ڪنهن ٻاري آهي. پوءِ
جنهن وٽ باهه ٻرندي هوندي، انهن وٽان پنهنجي گهر
جي باهه ٻارڻ لاءِ ٽانڊو کڻي اچبو هو. اها باهه
ٻرندي ته وري اتان ڪو ٻيو ٽانڊو کڻڻ ايندو هو.
ائين اهو سلسلو هلندو رهندو هو. گهرن ۾ عام طور تي
هر ڪنهن وٽ ماچيس ڪو نه هوندو هو. جڏهن کاڌو پچائي
پورو ڪبو هو ته بچيل ٽانڊن کي اتي ئي چلهي ۾ خاڪ ۾
پوري ڇڏبو هو ته جيئن اڳلي ويلي تي انهن مان ئي
باهه ٻاري سگهجي. جڏهن اڳلي ويلي جي ماني پچائڻ جو
وقت ٿيندو هو ته ان خاڪ کي کوٽي ڏسبو هو ته ٽانڊا
اٻرن پيا يا نه؟ جيڪڏهن ڪا چڻنگ به ٻرندي نظر
ايندي ته هڪدم ڇيڻو ڀوري ان جي مٿان وجهبو هو ۽
آهستي آهستي اها چڻنگ انهن ڇيڻن کي دکائي وجهندي
هئي. پوءِ ان ۾ ڪاٺيون ۽ ٻيا ڇيڻا وجهبا هيا ته
باهه ٻري پوندي هئي. اهو رواج هر گهر ۽ هر ڳوٺ ۾
عام هو. ڳوٺ جون اڪثر غريب عورتون ڇيڻا ٿڦينديون
هيون ۽ سڪائي سؤ سؤ ڇيڻن جي حساب سان وڪڻنديون
هيون. ڇو ته ان وقت باهه ٻارڻ جو ذريعو فقط ڪاٺيون
۽ ڇيڻا ئي هيا. اسان جي گهر ۾ وڏا ڊرم ڇيڻن جا
ڀريا پيا هوندا هيا. جيڪي اسان انهن عورتن کان
خريد ڪندا هئاسين. اهي ڇيڻا انهن عورتن جي آمدنيءَ
جو ذريعو هوندا هيا، جنهن تي انهن جو ڪو به خرچ نه
ٿيندو هو. هو رستن تان اهي ڇيڻا ميڙينديون هيون ۽
گهرن جي ڀتين تي يا گهرن جي ٻاهران انهن کي ٿڦي
سڪائي وڪڻنديون هيون. امان گهڻو ڪري ڪنهن جي گهران
ٽانڊو ڪو نه گهرائيندي هئي. اسان جي بورچي خاني ۾
هر وقت گاسليٽ جي بوتل ۽ ماچيس پيو هوندو هو.
ڇيڻن ڪاٺين کي چلهي ۾ رکي ٿورو گاسليٽ وجهي باهه
ڏيندا هياسي ته اها ٻري پوندي هي. ڪڏهن گاسليٽ نه
هجي ته امان ٽانڊا خاڪ ۾ پوري ڇڏيندي هئي. پر
جيڪڏهن اهي به نه هجن ته اسان ٻارن مان ڪوئي چمٽو
کڻي پاڙي مان ٽانڊو کڻي ايندو هو. اسان جي گهر مان
به اڪثر مايون ٽانڊو گهرائينديون هيون. ٽانڊو اڪثر
گول ٿڦيل ڇيڻو کڻي ان تي رکي وينديون هيون. ڪڏهن
ڪڏهن ته ٽانڊو ڇيڻي تي رکي ڳالهه ٻولهه ۾ لڳي
وينديون هيون ۽ اهو ڇيڻو دکي دکي ختم ٿيڻ لڳندو هو
ته وري ان ئي گهر مان ٻيو ڇيڻو کڻي ٽانڊو ان تي
رکي ڳالهه اتان ئي شروع ڪنديون هيون، جتي ڇڏي
هوندي هيائون. ائين ڳالهائيندي ڪيترو ئي وقت گذري
ويندو هين. ايتريقدر جو گهر مان ڪو ٻار سڏڻ ايندن
ته امان جلدي اچ ايتري دير ڇو ڪئي اٿئي. ويندي
ويندي به ڳالهائينديون وينديون پر ڪچهري ختم نه
ٿيندي هين. مان به ڳوٺ جي ڇوڪرين جي ريس تي ٻه ٽي
دفعا گهر جي ڇت تي ڇيڻا ٿڦيا هيا.
ايتريون گهٽ سهولتون هوندي به ماڻهو ان وقت خوش گذاريندا هئا.
ٻيو ته جنهن کان به حال پڇبو هو ته هر ماڻهوءَ جي
اها عادت هوندي هئي ته چوندو ته الله جو شڪر آهي.
اڄ ڪنهن کان حال پڇو ته عجيب عجيب جواب ملندا. ڪو
چوندو ته حال وري ڪهڙو آهي پوري ئي نه ٿي پوي. ڪو
چوندو ته ٽينشن وڌي ويو آهي. ڪو چوندو زندگي ڏاڍي
بور پئي گذري. مطلب ته شڪر ڪرڻ وارن ماڻهن جو
تعداد وڃي اٽي ۾ لوڻ جيترو بچيو آهي، جيترا سک ۽
سهولتون آهن اوتري ئي نا شڪري وڌي ويئي آهي.
گهڻو ڪري هر گهر ۾ وڏا اڱڻ هوندا هئا. ڪيئي ماڻهو اونهاري ۾ هوا
جي ڪري مٿي ڪوٺن تي سمهندا هيا، جن جي ڪوٺن کي
پلوڙا نه هوندا هئا. انهن جون عورتون هيٺ ئي گهرن
۾ سمهنديون هيون. اسان جي ڇت کي به پلوڙو نه هوندو
هو. پر اسان جو اڱڻ تمام وڏو هوندو هو ۽ اسان سڀ
ننڍا وڏا اڱڻ ۾ ئي سمهندا هياسي. ڳوٺن ۾ جيئن ته
کٽون تمام ٿلهيون ۽ ڳوريون ٿينديون آهن. ان ڪري
انهن کي مٿي چاڙهڻ ۽ لاهڻ ناممڪن هوندو هو. ان ڪري
اڪثر ماڻهن جي ڪوٺن تي ”منجا“ ٺهيل هوندا هيا.
پاون جي جاءِ تي سرن جا چار ٿنڀا ٺاهي انهن تي
ڪاٺيون رکي فريم ٺاهبو هو، ان فريم تي پاسيريون
ڪاٺيون رکي مٿان ڪانن جي پتر رکبي هئي. ائين هڪڙو
وڏي کٽ جهڙو ”منجو“ ٺهي پوندو هو. ان کي نرم ڪرڻ
لاءِ مٿان پلال وجهي پوري رلهيون وڇائبيون هيون.
هي منجا سڄوسال ڇت تي موجود هوندا هئا. ڪن گهرن جي
ڪوٺن تي کٽون مستقِل به پيل هونديون هيون.
گهرن ۾ بورچيخانا به گهڻو ڪري وڏا هوندا هيا. اسان جو بورچيخانو
به وڏو هوندو هو. هڪ ڪنڊ ۾ ماني پچاڻ لاءِ چلهو
هوندو هو. ان جي مٿان دونهين نڪرڻ لاءِ هڪڙو منگهه
ٺهيل هوندو هو. بورچيخاني جو فرش پڪو هوندو هو پر
وچ تي ٻه ٽي فوٽ ٽڪرو ڪچو ڇڏيل هوندو هو. ان کي
چوڌاري اڌ سري ننڍي ڀت ڏنل هوندي هئي. اتي سياري
جو ڪاٺيون ٻاريندا هياسي ۽ چوڌاري سڀ ٻار ڳوڻيون
وڇائي انهن تي ويهندا هياسي. امان گرم گرم ماني
ڏيندي ويندي هئي ۽ اسن سڀ باهه جو سيڪ وٺندي ماني
کائيندا هياسي. ڪڏهن ڪڏهن سيءَ جي ڪري ماني ٺري
ويندي هئي ته انهن ئي ڪاٺين مان ڪوئلا الڳ ڪري
انهن تي ماني سيڪي کائيندا هياسي. کائڻ پيئڻ ۽
گڏجي ويهڻ جو مزو جيڪو انهن بورچيخانن ۾ هو، اهو
اڄ ڪونهي. اڄ آمريڪن ڪچن جي نالي تي عورت سزا ۾
بيٺل آهي ۽ باقي سڄو خاندان بورچي خاني کان ٻاهر.
اها بي فڪريءَ جي زندگي هئي، جيئن ته ڳوڻين تي
ويهي کائيندا هياسي، ان ڪري ڪنهن ٻار ڪو کاڌو
ڪيرايو ته پرواهه نه ٿيندي هئي. اهي ڳوڻيون ڇنڊي
ڀتين تي وجهبيون هيون. اس ۾ سڪي وينديون هيون ته
لاهي وري وڇائي ڇڏبيون هيون. اڄ ڪلهه وانگر نه ته
گهر ڌياڻيءَ جو سڄو ساهه قالين ۾ اٽڪيو پيو هوندو
آهي ته متان خراب نه ٿي پئي. ٻار به ڳوڻيون وڇائي
انهن تي ويهي رانديون ڪندا هياسي. ڪڏهن ته سياري ۾
اس ۾ به ڳوڻيون وڇائي ويهندا هياسي.
رمضان شريف جي مهيني ۾ ڳوٺ وارن کي جاڳائڻ لاءِ ٻه ماڻهو اَسُر
جو ٽين وڄائي آواز ڏيندا هيا، ”اٿو مومنو روزا
رکو“ هر سال مختلف ماڻهو اها ذميداري نڀائيندا هئا
۽ اهو سالن کان دستور هو. هر ڪو اٿي پوندو هو. ڇو
ته رات جو به جلدي سمهبو هو. اهي ماڻهو ان ڪم جي
ڪا به خرچي يا معاوضو نه وٺندا هيا. هو فرض ۽ خدمت
سمجهي اهو ڪم ڪندا هيا. هاڻي ته عيد ڏينهن چوڪيدار
پهچي ويندو آهي. جڏهن ته اسان جاڳندا به گهڙيال جي
گهنٽيءَ تي آهيون. افطاريءَ جو ڪو خاص اهتمام نه
ٿيندو هو، جيئن اڄ ڪلهه ٿيندو آهي. مانيءَ ۾ جيڪو
به ٻوڙ ماني هوندو هو، شربت ۽ ميوو بس. ڇا جا
پڪوڙا ۽ سموسا. اسُر جو به اڪثريت کير ۽ چانور
کائيندي هئي. اسان کي وڏا جهليندا هيا ته اسر جو
مرچن وارو کاڌو نه کائو نه ته سڄو ڏينهن توهان کي
اڃ پريشان ڪندي. اونهارو هوندو هو ته انب چانور به
کائبا هيا. وڌ ۾ وڌ تريل پٽاٽا يا ڀينڊيون. بابا
سکر ويندو هو ته اتان ڦينيون وٺي ايندو هو. ڪي ڪي
ماڻهو ڏهي چانور به کائيندا هيا. اڄ ڪلهه ته حرص
اهڙو وڌي ويو آهي جنهن جي ڪائي حد نه آهي. اسر ۽
سانجهيءَ جو کاڌي سان ٽيبليون ڀرجي ٿيون وڃن. هجڻ
ته ائين کپي ته رمضان ۾ هڪ ويلو گهٽ کائڻ جي ڪري
وقت، پئسو ۽ خوراڪ بچي پوي، پر اسان هڪ ويلو بک
ڪڍي ان جو حساب ائين برابر ٿا ڪريون جو روزو کولڻ
وقت ٽن ويلن جو کاڌو کائي ٿا وڃون. فضول خرچي
رمضان جي مهيني ۾ عروج تي هوندي آهي. نه رڳو کائڻ
جي معاملي ۾ پر لٽن ڪپڙن جي معاملي ۾ به. جڏهن ته
فضول خرچ کي شيطان جو ڀاءُ قرار ڏنو ويو آهي ۽
اسان اهو ڪم رمضان شريف جي مهيني ۾ ڏاڍي زور ۽ شور
سان ڪري رهيا آهيون. بجاءِ ان جي ته رحمت جي هن
مهيني ۾ هڪ هڪ گهڙيءَ مان رحمت حاصل ڪريون اسان
بازارن جا چڪر هڻي، رڳو زحمت ۽ شيطان جي برادري
حاصل ڪندا آهيون. الله اسان کي توفيق ڏي ته هُن جي
حڪمن تي هلي، آسان زندگي گذاريون آمين.
ڳوٺ واري اسڪول جي حوالي سان ڪجهه يادون
منهنجو پهريون استاد،”استاد باغ“ هو. سندس اصل نالو ته،عبدالحئي
هو، پر کيس هر ڪو باغ سڏيندو هو. ٻارن کي ته سندس
اصلي نالو خبر ئي نه هوندو هو. هو ان وقت ڪافي
پوڙهو هو. ڇو ته هو منهنجي بابا جو به استاد هو.
هو پڙهائيندو ته تمام سٺو هو پر طنز به ڏاڍي ڪندو
هو. شايد پيرسن هجڻ ڪري هن ۾ برداشت گهٽجي ويئي
هئي. هو ململ جو پٽڪو ۽ پهراڻ ۽ هرک جي شلوار
پائيندو هو. بنا جورابن جي بوٽ پائيندو هو. هو
اسڪول جو هيڊ ماستر به هو.
مان شايد چوٿين يا پنجين درجي ۾ پڙهندي هيس تڏهن استاد اسان
کان سوال پڇيو هو ته ڪراچي اسان جي ڳوٺ کان ڪيترو
پري آهي؟ مون جواب ڏنو ته ٻه ميل. اسان جي ڳوٺ جي
ڀرسان مدئجي شهر آهي، جيڪو هڪ ميل پري آهي. استاد
منهنجو جواب ٻڌي، انتهائي طنز سان چيو ته”ها،
مدئجي هتان هڪ ميل پري آهي ۽ ڪراچي رڳو ٻه ميل پري
آهي.“ مون کي استاد جو اهو لهجو ۽ ان جي منهن جا
تاثرات چٽي طرح اڄ به ياد آهن.
اهو ئي استاد باغ جڏهن اسان کي شمسي نظام جي باري ۾ پڙهائي رهيو
هو، تڏهن هن اسان کان هڪڙو پريڪٽيڪل ڪرايو هو ته
سج جي چوڌاري زمين ڪيئن ڦرندي آهي؟ استاد ميز کي
سج ٺاهيو ۽ هر ٻار کي چيو ته توهان هاڻي پنهنجي
چوڌاري به ڦرو ۽ ميز جي چوڌاري به ڦرو. اهڙيءَ طرح
هن هر ٻار کان اهو تجربو ڪرايو. ۽ اسان کي چڱي طرح
سمجهه ۾ اچي ويو هو ته زمين سج جي چوڌاري ڪيئن
ڦرندي آهي. پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ جو اهو انداز تمام
دلچسپ ۽ اثرائتو هو. الله کيس جنت نصيب ڪري. آمين
اسان جي ڳوٺ جو ئي هڪڙو ٻيو استاد هو، استاد عبدالقيوم. ان به
مون کي پڙهايو هو. پر ان جي باري ۾ مون کي ڪا به
خاص ڳالهه ياد ناهي.
مان شايد ٻئي يا ٽئين درجي ۾ پڙهندي هيس تڏهن اسان جي اسڪول ۾
انسپيڪشن ٿيڻ واري هئي. ان وقت اسان کي انسپيڪشن
ته خبر ڪو نه هئي پر رڳو استاد باغ اهو ٻڌايو هو
ته سڀاڻي وڏو صاحب ايندو، تنهن ڪري سڀ ٻار صاف
سٿرا ٿي اچجو. ڇو ته اڪثر ٻار ميرا سيرا اچي ويندا
هيا. مان سگهڙ ۽ پڙهيل لکيل ماءُ جي ڌيءَ هيس، ان
ڪري سدائين صاف سٿري ويندي هيس. ڪجهه منهنجي فطرت
به ننڍپڻ کان صفائي پسند آهي. ان ڪري مون کي
استاد جي ان هدايت تي عمل ڪرڻ جي ڪا خاص ضرورت ڪو
نه هئي پر ان جي باوجود، امان مون کي ان ڏينهن
نئون رنگين فراڪ ۽ اڇي سلوار استري ڪري پارائي
موڪلي. وارن ۾ ربينون به ٻڌائين. سبق به سڀ پڪا
ڪيم ته جيئن هر سوال جو جواب ڏيئي سگهان. ڏاڍو
خوش ٿيندي اچي اسڪول پهتس. اسڪول جي ننڍڙي ميدان
تي صاحب جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ ٻهاري ڏنل ۽ ڏاڍو
ڇڻڪار ٿيل هو. سو جيئن ئي مان اسڪول جي ميدان تي
پير رکيو تيئن ئي پير ترڪي ويو ۽ سڌو وڃي گپ ۾
ڪريس. ڪپڙا سڄا خراب ٿي ويا. پري کان ڏٺم ته صاحب
به ٽانگي ۾ اچي رهيو هو. ان ڪري گهر واپس وڃڻ جو
سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي. اهو ڏينهن مون زهر جي
ڳيت ڏئي گذاريو. ان ڏينهن منهنجو جيڪو مزو خراب
ٿيو اهو مون کان ڪڏهن به نه وسرندو. شام ٿيندي ئي
ڏک ۽ شرمندگيءَ جي ڪري مون کي بخار اچي ويو. اڄ به
اها تڪليف ۽ صدمو محسوس ڪندي آهيان.
گهڻو ڪري چوٿين درجي ۾ هڪ نئون استاد اسان جي اسڪول ۾
بدلي ٿي آيو اهو اسان کي پڙهائيندو هو، ان جو نالو
استاد رحمت الله هو. هو مدئجيءَ مان ايندو هو.
استاد رحمت الله جي اچڻ سان اسڪول ۾ ته جيڪو ٿرٿلو
پيو پر منهنجي زندگيءَ ۾ سڪون ۽ مزو اچي ويو. ڇو
ته استاد نظم ۽ ضبط جو سخت پابند ۽ صفائي پسند
هيو. هن ٻارن کان وقت جي پابندي ڪرائڻ شروع ڪئي.
روزانو اسيمبلي ٿيندي هئي. نه ته ان کان اڳ
اسيمبليءَ جو ڪو تصور ڪو نه هو. ٻار هڪ ٻئي کان
ٿورو اڳتي پوئتي اسڪول پهچي ويندا هيا. وڌ ۾ وڌ
استاد دير ڪرڻ وارن کان سبب پڇندو هو. استاد رحمت
الله جي اچڻ سان روزانو ٻارن جا ننهن چيڪ ٿيندا
هيا. ڪپڙن جي صفائيءَ جي چڪاس ٿيندي هئي. مٿي ۾
تيل هڻڻ ۽ ڦڻي ڏنل هجڻ لازمي ٿي ويئي. روز وهنجڻ
به لازمي هو. سڀ سبق پڪا ڪرڻ هر ٻار لاءِ لازمي
هو. مان جيئن ته اڄ به سخت ڊسيلن کي پسند ڪندي
آهيان ۽ ننڍي هوندي به اهڙي ئي هيس. ان ڪري مون کي
اهو ماحول ڏاڍو وڻندو هو. استاد رحمت الله جي
شخصيت رعبدار هوندي هئي. قدبت جو به مضبوط ۽ ڊگهو
هو. ڪڏهن ڪڏهن هو اسان کي رانديون به کيڏائيندو
هو. هو صحيح معنيٰ ۾ استاد هو، جيڪو اسان جي تعليم
سان گڏ، صفائي، تفريح ۽ سٺي تربيت جو به خيال
رکندو هو. استاد جي ڌيءَ جو نالو گهڻو ڪري ته
سبحان خاتون هيو. استاد ڪڏهن ڪڏهن ان کي پاڻ سان
وٺي ايندو هو. اسان سڀ ڇوڪريون گڏجي ان سان
کيڏنديون هيونسي. جيتوڻيڪ ان عمر ۾ اسان کي مهمان
نوازيءَ جي باري ۾ ڪو شعور نه هو پر اها خبر هوندي
هئي ته هوءَ مهمان آهي ۽ هن جو خيال رکڻ گهرجي ۽
هر سٺي شيءِ هن کي ڏيڻ گهرجي. هن جو خيال رکي اسان
پنهنجي روايتي مهمان نوازيءَ جو حق ادا ڪنديون
هيون سي.
استاد رحمت الله اسان جي اسڪول ۾ ٿورو عرصو رهيو پر منهنجي ذهن
تي اڻمٽ نقش ڇڏي ويو. اهو ٿورڙو عرصو يادگار آهي.
پهريون ته وڏي صاحب جي اچڻ تي صفائي ۽ ڇڻڪار ٿيندو
هو پر پوءِ روزانو ٿيڻ لڳو. اسڪول جي ميدان کي ڪا
به چار ديواري نه هئي، ان ڪري اسان پري کان ايندڙن
ويندڙن کي ڏسي سگهندا هياسي. مدئجي اچڻ وڃڻ وارن
کي به ڏسي سگهندا هياسي. سو استاد رحمت الله جي
سائيڪل جيئن ئي نظر ايندي هئي ته اسان سڀ ميدان تي
گڏ ٿي ويندا هياسي.
استاد جو هڪڙو طريقو، جيڪو مون کي ڏاڍو وڻيو، اهو هي هو ته جڏهن
به سبق يا کوڙا ياد ڪرڻا هوندا هيا تڏهن استاد،
ٻارن کي ٻن ٻن جي ٽولين ۾ ويهاريندو هو. انهن ۾ هڪ
هوشيار ٻار ۽ هڪ ڪچوٻار گڏ ويهاريندو هو. هوشيار
ٻار تي لازمي هو ته هو ڪچي ٻار کي سبق ياد ڪرائي.
اهڙيءَ طرح هن جو پنهنجو سبق به پڪو ٿيندو هو.
ائين هڪ وقت ۾ ٻه ٻار سبق ياد ڪري وٺندا هئا. مون
سان گڏ جيڪو ڇوڪرو ويهندو هو. ان جو نالو بچل هو.
جنهن کي سندس گهر جا ڀاتي ۽ ٻيا سڀ ماڻهو بچو
سڏيندا هيا. اهو بچو شيخن جو ڇوڪرو هوندو هو. اهي
ڏاڍا غريب هوندا هيا. هو رنگ جو صفا سانورو. ڊگهو
۽ سنهڙو هوندو هو ۽ گوڏ ۽ قميص پائيندو هو. مون
بچوءَ کي ڪيترائي سبق ياد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن
کي ڪڏهن به ڪو سبق ياد ڪو نه ٿيو.
هڪ ڏينهن هن اسان کي چيو ته جمعي ڏينهن مان توهان کي بادشاهه جي
ڳالهه ٻڌائيندس. اسان سڀ ٻار ڏاڍي بي قراريءَ سان
جمعي جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. الله الله ڪري نيٺ
جمعو به آيو. سياري جي مند هجي سو استاد چيو ته اڄ
ٻاهر اس ۾ ويهنداسين. اسڪول جي ميدان ۾ کجين جا
ڪٽيل ٿڙ پيا هوندا هيا. جيڪي ڇليل ۽ ٺهيل هئا.
اسان اڪثر انهن تي ويهندا هياسي. ان ڏينهن به انهن
تي ويٺا سي. استاد لاءِ هڪڙو ڇوڪرو. ڪرسي ڪڍي آيو.
استاد ويٺو ۽ بسم الله الرحمان الرحيم پڙهي ڪجهه
سيڪنڊن لاءِ چپ ٿيو. اهي ڪجهه سيڪنڊ ڄڻ اسان جي
لاءِ ڪجهه ڏينهن برابر هئا. نيٺ استاد پهريون جملو
ڳالهايو ته ”هن سڄي ڪائنات جو بادشاهه الله تعاليٰ
آهي.“ ان کانپوءِ استاد اسان کي ائين ڳالهين
ڳالهين ۾ سڄي بنيادي اسلاميات پڙهائي ويو. يقين
ڪريو ته اسان جي ڌيان ۾ ڪا به ڪمي نه آئي. اسان
غور ۽ شوق سان آخر تائين ٻڌندا رهيا. سي. اسلاميات
ان کان اڳ به پڙهندا هياسي پر اهڙي چڱي نموني
ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آئي هئي. جهڙي ان ڏينهن آئي.
آخر ۾ استاد اسان کان سوال به ڪيا ۽ گهڻو ڪري هر
ٻار جواب ڏنو. استاد اسان کي انعام ۾ ڪڏهن ڪڏهن
کٽمٺڙا به ڏيندو هو.
ان ئي سياري ۾ استاد اسان کي هڪ دفعو وري کجيءَ جي انهن ٿڙن تي
ويهاريو. جڏهن به لکڻ جو ڪو ڪم نه هوندو هو ۽
زباني ڪجهه پڙهائڻو هوندو ته استاد اسان کي اس ۾
ويهاري پڙهائيندو هو (سياري ۾) ڇو ته اسان جي ننڍي
هوندي، سٺ واري ڏهاڪي ۾ ايڏو ته سيءُ پوندو هو جو
جيڪڏهن رات جو ٻاهر ڪٿي به پاڻي پيو هوندو هو ڪنهن
ٿانو ۾ يا دُٻي ۾ ته انجي مٿان برف جو تهه ڄمي
ويندو هو. ان ڪري ڏينهن جو به تمام گهڻو سيءُ
پوندو هو. اصل سڄو ڏينهن ڄاڙيون کڙڪنديون هيون.
سو ان ڏينهن به استاد اسان کي اس ۾ ويهاريو ۽ اسان
کان مختلف رشتن جا نالا پڇڻ لڳو. حيرت انگيز طور
تي مون کي هر رشتي جي باري ۾ خبر هئي. اڄ مان
حيران ٿي رهي آهيان ته اهڙي ننڍڙي عمر ۾ به مون
کي، نڻان، سنڍو، سيڻ ۽ ڄاٽو جهڙا ڏکيا رشتا به خبر
هئا. سو استاد جنهن به رشتي جي باري ۾ پڇيو پئي ته
مون سڀ کان پهريون هٿ مٿي پئي ڪيو ۽ جڏهن ٻيو ڪو
جواب نه پيو ڏي ته مان ئي صحيح جواب پئي ڏيان.
اهڙي طرح سڀني کان وڌيڪ صحيح جواب مون ڏنا. استاد
آخر ۾ مون کي چيو ته هاڻي جن ٻارن ڪو به صحيح
جواب نه ڏنو آهي، تون انهن کي چماٽ هڻ. پهرين ته
مان ڊڄي ويس. مان چوٿين درجي ۾ پڙهندي هيس ۽ اتي
پنجين درجي جا به ٻار موجود هيا. ۽ ڇوڪرا ته سڀ
مون کان ڏاڍا ڊگها هيا. هونئن به اڪثر ٻار دير
سان اسڪول ۾ داخل ٿيا هيا ۽ مان عمر کان ٿورو اڳ ۾
داخل ٿي هيس. سو مان گهٻرائجي ويس. پر استاد نيٺ
همت ٻڌرائي ۽ مون کي کجيءَ جي ٿڙ تي چاڙهي
بيهاريو ۽ انهن ٻارن کي چيو ته اهي قطار ۾ بيهن ۽
هڪ هڪ ٿي منهنجي اڳيان گذرندا وڃن. واري واري سان
هر ڪو منهنجي اڳيان گذريو ۽ مون انهن کي هڪ هڪ
چماٽ هنئي. چماٽ ڇا هئي، رڳو مون پنهنجي پتڪڙي هٿ
جي چئن آڱرين سان انهن جي ڳلن کي ڇهيو هو. ان سڄي
قصي ۾ سڀني کان دلچسپ ڳالهه اها هئي ته چماٽ کائڻ
وارن ٻارن ۾ اسان جي ڳوٺ جي وڏيرن جا ٻه ڇوڪرا به
شامل هيا. اهي اسان جا مائٽ به ٿين. انهن مان هڪ
منهنجو هم ڪلاسي هو ۽ ٻيو پنجين درجي ۾ پڙهندو هو.
ان واقعي کان پوءِ ڪافي عرصي تائين، مان انهن ٻنهي
کان دل ئي دل ۾ ڊڄندي هيس. پر انهن ويچارن مون کي
ڪڏهن به ڪجهه ڪو نه چيو.
اها ڏاڍي عجيب ڳالهه اهي ته پرائمري ڪلاسن مان مون کي سڀ کان
وڌيڪ چوٿين درجي وارو دؤر ياد آهي، جيڪو اسان کي
استاد رحمت الله پڙهايو. هو شايد منهنجو آئيڊيل
استاد هو. ان ڪري ان جي باري ۾ هر ڳالهه مون کي
چٽيءَ طرح ياد آهي. استاد رحمت الله منهنجي ذهانت
مان متاثر هوندو هو ۽ ان کي مون تي پورو ڀروسو
هوندو هو. جڏهن به حساب ڪرڻ لاءِ ڏيندو هو ته
ڪلاس ۾ رڳو منهنجي سليٽ چيڪ ڪندو هو ۽ پوءِ مان ئي
سڄي ڪلاس جون سليٽون چيڪ ڪندي هيس. آخر اهو وقت به
آيو جو استاد منهنجي سليٽ به چيڪ ڪرڻ ڇڏي ڏني رڳو
اهو چوندو هو ته، ڏس ته سڀني جو جواب تو جهڙو آهي
يا نه؟ پوءِ مان استاد کي ٻڌائيندي هيس ته ڪنهن
ڪنهن جو جواب مون جهڙو ناهي. انهن ٻارن کي استاد
وري حساب سمجائيندو هو. مون کي ننڍي هوندي کان
حساب جي مضمون کان چڙ آهي. اڄ به کير واري يا
ڌوٻيءَ جو حساب مجبوريءَ ۾ ڪندي آهيان. ڀلو ٿئي
ڪيلڪيوليٽر ايجاد ڪرڻ وارن جو، مڙئي جند ڇٽي پيئي
آهي.
پر استاد رحمت الله جي ڪلاس ۾ مون حساب به شوق سان سکيا. هڪڙي
ڏينهن اسان سڀ حسابن ڪرڻ ۾ مصروف هياسي ته اوچتو
منهنجي نظر ڪلاس جي دريءَ تي پئي. دريءَ کان ٻاهر
منهنجي ننڍي ڀيڻ ۽ منهنجي ماسات بيٺيون هيون. اها
ماسات ڪراچيءَ کان آئي هئي. ان کي ڏسي مان سمجهي
ويس ته منهنجي ڪراچيءَ واري ماسي آئي آهي. مون کي
به گهر وڃڻ جي تڪڙ لڳي، ڇو ته اها ماسي (جيڪا علي
نواز وفائيءَ جي گهر واري هئي) تمام گهڻن سالن کان
پوءِ آئي هئي ۽ اسان کي ڏاڍو پيار ڪندي هئي. مون
جلدي جلدي حساب پورو ڪيو ۽ ٻين سڀني ٻارن جون
سليٽون چيڪ ڪرڻ شروع ڪيم، پر هي ڇا؟ هي ته سڄي
ڪلاس جا جواب غلط آهن. ڪنهن جو به جواب مون جهڙو
ڪونه هو. مون استاد کي ٻڌايو ته سائين! سڄي ڪلاس
جا جواب غلط آهن. استاد وائڙو ٿي ويو. منهنجو سڄو
ساهه ڪلاس کان ٻاهر اٽڪيو پيو هو. استاد به سمجهي
ويو مون کي چيائين ته تون پنهنجي سليٽ هيڏانهن کڻي
اچ. جڏهن استاد منهنجي سليٽ چيڪ ڪئي ته منهنجو ئي
حساب غلط هو. مون مائٽن جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ تڪڙ
ڪئي ۽ حساب غلط ڪيم، استاد مون کان حساب صحيح
ڪرايو ۽ موڪل کان اڳ ۾ ئي گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي
ڇڏيائين.اڄ استاد رحمت الله مون کي ڏاڍو ياد اچي
رهيو آهي. ڪاش مان هن سان ملي سگهان مون کي ته اها
به خبر ناهي ته هو حيات آهي يانه. جي هو حيات آهي
ته خدا کيس تندرستي ڏي ۽ سکيو رکي پر جي هو حيات
ناهي ته خدا کيس جنت ۾ جايون ڏي ۽ سندس مانُ ۽
مرتبو بلند ڪري. آمين.
استادن ۾ منهنجو سڀ کان وڏو محسن استاد مير محمد آهي. ڇو ته هن
مون کي قرآن شريف پڙهايو هو. ان جا پڙهايل سبق اڄ
به مون کي ياد آهن ۽ انهن سبقن جي روشنيءَ ۾ مون
پنهنجي چئن ئي ٻارن کي پاڻ قرآن پڙهايو آهي.
استاد مير محمد تمام شفيق ۽ مهربان استاد هو. هن ڪڏهن به اسان
کي دڙڪو نه ڏنو. سندس ٻين شاگردن جي ان جي باري ۾
الائي ڪهڙي راءِ هوندي، پر منهنجي راءِ اها آهي.
هو تمام نرم لهجي ۾ ڳالهائيندو هو. منهنجي عمر جي
تقريبن سڀني ٻارن استاد مير محمد کان ئي قرآن شريف
پڙهيو هو. استاد مدرسي ۾ قرآن پڙهائيندو هو. مدرسو
اسان جي گهر کان ٿورو پري هو. اسان جو روز جو
دستور هوندو هو ته، نيرن ڪري اسڪول جو ٿيلهو کڻي
پهريون مدرسي ويندا هياسي. پوءِ قرآن شريف جو سبق
وٺي، اسڪول روانا ٿيندا هياسي. مدرسي کان اسڪول
گهڻو پري ڪو نه هو. اسان پنڌ ئي پنڌ، آرام سان
اسڪول هليا ويندا هياسي. شام جو وري ٽيپهريءَ جي
ٻانگ سان مدرسي ويندا هياسي. اتي اسان کي نماز
پڙهائڻ کان پوءِ قرآن جو سبق ملندو هو. استاد مير
محمد جي وڏي ڌيءَ اسان کي جماعت سان نماز
پڙهائيندي هئي، جيڪڏهن ڪو ٻار مدرسي کان گسائيندو
هو ته استاد ڪو ٻار موڪلي ان کي گهرائي وٺندو هو.
پر جي گسائڻ وارو ٻار پوءِ به نه ويندو هو ته پوءِ
ٻه ڇوڪرا ان کي ٽنگو ٽالي ڪري کڻي ويندا هيا. اهو
طريقو رڳو ڇوڪرن لاءِ هو. ڇوڪريون گهڻو ڪري ڪو نه
گسائينديون هيون. پوءِ انهن زوريءَ آندل ٻارن جا
استاد يا ته ڪن پٽيندو هو يا وري ٻي ڪا هلڪي سزا
ڏيندو هو. مان جڏهن چوٿين درجي ۾ پڙهندي هيس تڏهن
قرآن شريف پڄايو هو. بابا پنج سير پتاشا وٺي آيو
هو، جيڪي ڪپڙي جي ڳنڍ ۾ ٻڌل هيا. اهي مان پاڻ
مدرسي کڻي ويئي هيس ۽ استاد پنهنجي هٿ سان سڀني
ٻارن کي ٻه ٽي ٻه ٽي ڪري ورهائي ڏنا هيا. الله شل
کيس جنت ۾ جايون ڏي. (آمين)
مدرسو پهرين اسان جي گهرن جي پٺيئن پاسي هوندو هو پر پوءِ ان کي
اتان ختم ڪري، اسان جي گهرن جي اڳيان، ٿوري فاصلي
تي ٺاهيو ويو هو. انهن ٻنهي مدرسن ۾ تڏا وڇايل
هوندا هيا. جن تي سڀ ٻار قطارون ڪري ويهندا هيا.
سبق پڙهڻ مهل زور زور سان جهوٽيندا هياسي ۽ سبق به
زور زور سان ياد ڪندا هياسين. مدرسي کان ٻاهر پري
پري تائين آواز ويندو هو. اسڪول ۾ به جڏهن ڪجهه
ياد ڪندا هياسي ته زور سان آواز ڪڍندا هياسي ۽
جهوٽي پڙهندا هياسي. اتي به پري کان ئي آواز ٻڌڻ ۾
ايندو هو ته ٻار پڙهن پيا. |