امان ڏاڍي ٿڌي دل ۽ دماغ واري آهي. هن کي ڪڏهن به
هڪدم ڪاوڙ نه ايندي آهي. امان جو آواز به ڳائڻ ۾
ڏاڍو سٺو آهي. جڏهن مان ننڍي هوندي هيس ۽ هوءَ
جهونگاريندي هئي ته مان ڏاڍي غور ۽ شوق سان ٻڌندي
هيس. اڃا به ڪڏهن ڪڏهن جهونگاريندي آهي ته مزو
ايندو آهي.
امان ۾ هڪ اها به خوبي آهي ته هوءَ هر عمر جي
ماڻهوءَ سان ان جهڙي ٿي ويندي آهي. يعني ٻارن سان
ٻار، نوجوانن سان نوجوان ۽ پوڙهن سان پوڙهي. ٻارن
سان رانديون به کيڏندي آهي. امان جي اها عادت
جوانيءَ کان وٺي آهي. مون کي به اها عادت امان مان
آئي آهي. هوءَ هن وقت به بخيل ۽ بدمزاج ڪونهي. اڃا
تائين به خوش مزاج ۽ زندهه دل آهي.
امان اسان کي به ننڍي هوندي ڏاڍيون رانديون
کيڏائيندي هئي. مون کي ڪپڙي جون گڏيون ٺاهي ڏيندي
هئي. امان اسان کي مٽيءَ مان يا وري ڳوهيل اٽي مان
قسمين قسمين ٿانوَ، پکي ۽ جانور وغيره ٺاهي ڏيندي
هئي.اڄ ڪلهه ته
Dough craft جا ڪلاس
ٿا ٿين ۽ مايون اهو هنر سکڻ لاءِ ڳريون فيسون ٿيون
ڀرين، پر منهنجي امان چاليهه سال اڳ به اهو هنر
ڄاڻندي هئي.
امان اسان سان لوڊو به کيڏندي هئي. اڃا به اسان
وٽ ايندي آهي ته منهنجي ٻارن سان به شوق سان
کيڏندي آهي. پوٽن سان به رانديون کيڏندي آهي. انهن
کي به ڪڏهن ڪڏهن رانديڪا ٺاهي ڏيندي آهي.
امان ڏاڍي بهادر به آهي، جيئن ته اسان ڳوٺ ۾
رهندا هياسي. ان ڪري اڪثر اونهاري جي مند ۾ گهر
مان نانگ نڪرندا رهندا هيا. گهر ۾ ڪو مرد نه هوندو
هو ته امان پاڻ ئي ماريندي هئي. ٻئي ڪنهن کي نه
سڏيندي هئي.
امان کي مان بُرن سان ڀلائي ڪندي به ڏٺو آهي. اهڙن
ماڻهن جون خدمتون به ڪندي هئي، جن هن سان بي انتها
زيادتيون ڪيون. اسان ڀائر ڀينر هن سان احتجاج ڪندا
هياسي ته انهن کي توهان آرام ڇو ٿا پهچايو. توهان
کي انهن جون زيادتيون ڇو ياد ناهن؟ امان اسان کي
سمجهائيندي هئي ته جي ڪڏهن مان به هنن سان ائين
ڪيان ته پوءِ هنن ۾ ۽ مون ۾ ڪهڙو فرق رهندو. اهو
هنن جو ظرف هو. هي منهنجو ظرف آهي.
امان هڪ روايتي مڙس پرست عورت آهي. مون کي ياد آهي
ته جڏهن کاڌو پچندو هو ته پهرين بابا لاءِ ڪڍندي
هئي، پوءِ ٻارن لاءِ ۽ آخر ۾ پنهنجي لاءِ. هوءَ
ڪڏهن بابا سان ڪا فرمائش نه ڪندي هئي. ڪڏهن به هن
کي پنهنجي خواهشن لاءِ تنگ ڪو نه ڪيائين. هميشھ ان
جي حال تي هلي. ٿوري ۾ به خوش ته گهڻي ۾ به راضي.
امان سڄي زندگي ائين گذاري. بابا جي گذاري وڃڻ کان
پوءِ به امان جهڙي صابر عورت پٽن جي مٿان بار
ڪونهي. امان انهن کي به پريشان ڪونه ڪندي آهي.
امان ڏاڍي سمجهدار ۽ موقع شناس پڻ آهي. اسان مان
ڪنهن تي به ڪو ڏکيو وقت ايندو آهي ته اسان جا
مسئلا ائين حل ڪندي آهي، ڄڻ اسان کي منٽن ۾ مشڪلن
جي ڪُن مان ڪڍي وٺندي آهي. سندس مٿان ڪجهه به گذري
وڃي. خبر پوڻ نه ڏيندي اهي. منهنجي شخصيت تي امان
جي گهري ڇاپ آهي. مان نه رڳو ظاهر ۾ امان جهڙي
آهيان پر همت ۽ حوصلو به مون کي منهنجي ماءُ مان
مليل آهي. مون کي امان جي دعا ۾ ايترو يقين آهي
جو، جڏهن مان بيمار ٿيندي آهيان تڏهن امان کي رڳو
فون ڪري چوندي آهيان ته امان دعا ڪر ته ٺيڪ ٿيان.
بس هفتو پوءِ ٺيڪ ٿيڻ واري مان ٻن ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي
ويندي آهيان. اهو مان بار بار آزمايو آهي. منهنجي
لاءِ اهو خيال ئي ڪافي هوندو آهي ته امان مون کي
دعا ڪئي هوندي.
امان جي لاءِ جيترو به لکان ٿورو آهي. مان ته ڪنهن
به صورت ۾ هن جي مامتا ۽ محبت جو حق ادا ڪري نٿي
سگهان. ڪجهه وقت اڳ ۾ مان امان جي لاءِ ڪجههه سٽون
لکيون هيون. مون اهي سٽون ڪپڙي تي لکي، ڀرت سان
ڀري، فريم ڪرائي امان ڏانهن موڪليون هيون. اهو
فريم امان جي ڪمري ۾ لڳل آهي. اهي سٽون هي آهن:
ڪيئن وک کڻان ها ۽ پنڌ ڪيان ها،
جي تون نه هجين ها،
ڪيئن لفظ سکان ها ۽ ”امان“ چوان ها،
جي تون نه هجين ها،
ڪيئن چنڊ ڏسان ها، تارن کي تڪيان ها،
جي تون نه هجين ها،
ڪيئن گل ڏسان ها ۽ سونهن پسان ها،
جي تون نه هجين ها،
ڪيئن پيار ڪيان ها، محبت کي مڃيان ها،
جي تون نه هجين ها،
ڪيئن علم سکان ها ۽ قلم کڻان ها،
جي تون نه هجين ها،
جيون جي ڏکن کي ڪيئن للڪار ڪيان ها،
جي تون نه هجين ها،
تنهنجي ڏٺل خوابن جي ڪيئن تعبير ٿيان ها،
جي تون نه هجين ها،
هن وِتَ مٿان ايڏا ڪيئن بار کڻان ها،
جي تون نه هجين ها،
مايوسين جو مها ساگر، ڪيئن پار ڪريان ها،
جي تون نه هجين ها،
دنيا جي خوشين سان ڪيئن جهول ڀريان ها،
جي تون نه هجين ها،
ڪيئن ساهه کڻان ها، مان ئي نه هجان ها،
جي تون نه هجين ها،
منهنجي دعا آهي ته شل هر ڪنهن جي ماءُ منهنجي ماءُ
جهڙي هجي. ڇو ته منهنجي ماءُ رڳو نالي جي ”محسنه“
ناهي پر سچ پچ اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀيڻن جي محسنه
آهي. الله سائين سندس پاڇو اسان جي مٿان سلامت رکي
۽ کيس تندرستي ڏي آمين.
منهنجو ڏاڏو: عبدالغفور ڀٽو ولد مولوي جان محمد
ڀٽو
منهنجي ڏاڏي جو تعلق حڪيم ۽ مولوي خاندان سان هو
پر هو پاڻ نه مولوي هو نه حڪيم. هو ان زماني ۾ هڪ
ماڊرن شخص هو ۽ ان زماني جي حساب سان ڪجهه مختلف
مزاج جو هو.
منهنجو ڏاڏو مون کي ياد ناهي. اهو منهنجي ننڍپڻ ۾
ئي گذاري ويو هو. ان وقت منهنجي عمر ٽي سال کن
هوندي. مون صرف هن جون تصويرون ئي ڏٺيون آهن. هو
تمام سهڻو، قدآور ۽ خوش لباس هو. هن جا وڏا ۽ وريل
شهپر هيا. اکيون تمام خوبصورت ۽ پرڪشش، شخصيت
رعبدار ۽ شاندار هئي.هو پنهنجي ڳوٺ جو ذميندار ۽
تر جو چڱو مڙس هو. اڪثر پنهنجي اوطاق تي فيصلا به
ڪندو هو. هو روشن خيال ماڻهو هو. سندس ڪيل فيصلن
سان ڪنهن کي به اختلاف نه هوندو هو. منهنجي ڏاڏيءَ
سان ڏاڍي دل هوندي هيس. هن کي جيپ ۾ چاڙهي سکر،
سئنيما ۾ فلم ڏيکارڻ به وٺي ويندو هو. هر اونهاري
۾ پنهنجي ٻارن کان انهن جي پسند پڇي. ڪوئيٽا مان
ميون جون پيتيون گهرائيندو هو. زمين جي ورهاست
پنهنجي جيئري ئي ڪري ويو هو. پٽن، ڌيئرن ۽ ٻنهي
زالن جو حصو شرعي لحاظ کان ڏئي ويو هو. امان
ٻڌائيندي آهي ته هو مون کي ڪڏهن عيني ۽ ڪڏهن نشلي
سڏيندوهو. هو اڪثر مون کي چيڙائيندو هو ۽ اردوءَ ۾
چوندو هو ته ”نشلي پهلي روٽي ميري هئي“ (مون کي
ننڍپڻ ۾ پهرين ماني کائڻ جو ضد هوندو هو. هاڻي آخر
۾ کائيندي آهيان) ۽ مان ميري معنيٰ خراب يا مٽيءَ
هڻي سمجهي چوندي هيس ته ”نهين اڇي هئي“ اسان گهر ۾
اردو بلڪل نه ڳالهائيندا هياسي، رڳو هي هڪڙو جملو
منهنجو ڏاڏو اڪثر مون کي چيڙائڻ لاءِ چوندو هو.
ڏاڏي جي حوالي سان رڳو هڪڙي ياد ذهن ۾ نقش آهي ته
منهنجو ڏاڏو صفي ۾ کٽ تي ليٽيو پيو هو ۽ مان ان جي
پيٽ تي چڙهي ويٺي هيس. سندس لام جهڙو لڪڻ ڪليءَ ۾
ٽنگيو پيو هو ۽ شيرين ان لڪڻ کي جهلي لڏڻ جي ڪوشش
ڪري رهي هئي. منهنجو ڏاڏو ان کي جهلي رهيو هو ته
ائين نه ڪر، ڪري پونديئن ان کان سواءِ مون کي ٻيو
ڪجهه به ياد ناهي. منهنجو ڏاڏو امان کان فرمائش
ڪري ”لتا منگيشڪر“ جا گانا ٻڌندو هو ۽ امان کان
اخبار به پڙهائيندو هو، ڇو ته آخري ڏينهن ۾ بيمار
هجڻ جي ڪري اڪثر وقت گهر ۾ گذاريندو هو. امان کي
ڏاڍو ڀائيندو هو. الله کيس جنت ۾ جايون ڏئي ۽
سندس درجو بلند ڪري. آمين.
منهنجي ڏاڏي
منهنجي ڏاڏي به مقناطيسي شخصيت جي مالڪ هوندي هئي.
هوءَ ڪا حسين عورت ته نه هئي پر ڏاڍي پرڪشش هوندي
هئي. اڄ مان محسوس ٿي ڪيان ته ننڍي هوندي مان ان
تي عاشق هوندي هيس. مان اڪثر هن کي ڏسندي رهندي
هيس. هوءَ مون کي ڏاڍي وڻندي هئي.هن جي هٿن پيرن
تي هر وقت ميندي لڳل هوندي هئي. هٿن جي وچ تي گول
ٽڪو ۽ آڱرين جا پور مينديءَ جي رنگ سان رنگيل
هوندا هيا. سدائين مٿي تي رئو. هر وقت صاف سٿري
هوندي هئي. ڪپڙن جي رنگن ۽ ڊزائين جي چونڊ واهه جي
هوندي هيس. انتظام سنڀالڻ جي ماهر هوندي هئي. تمام
سياڻي، ذهين، هوشيار ۽ ارادي جي مضبوط هوندي هئي.
هوءَ صرف قرآن شريف پڙهيل هئي ۽ چوندي هئي ته
جيڪڏهن مان پڙهيل لکيل هجان ها ته سمنڊ تي پل
وجهرايان ها. اها ڪا ڊاڙ نه هئي. هوءَ واقعي تمام
قابل عورت هئي. هن کي پينگهي ۾ لڏڻ پسند هوندو هو.
گهر ۾ هڪ وڏو پينگهو هوندو هو، جنهن ۾ هر وقت هوءَ
لڏندي هئي. فرصت جي وقت ۾ هن جو مشغلو اهو هوندو
هو . لڏندي لڏندي گهر تي به نظر رکندي هئي ۽
هدايتون به ڏيندي ويندي هئي. (ڪم ڪرڻ وارن کي) هن
کي هر وقت ڳاڙهن ٻڙن سان وڏا ٽاپس ۽ منڊي پاتل
هوندي هئي. اهي هن تي ڏاڍا ٺهندا هيا. هوءَ ان
زماني ۾ وارن ۾ بريل ڪريم هڻندي هئي. هن جي شخصيت
باوقار ۽ رعبدار هئي.
صفائي سٿرائي ۽ انتظام جي حوالي سان، هن جا منهنجي
لاءِ چيل لفظ، منهنجي لاءِ ڪنهن سرٽيفڪيٽ، ميڊيل
يا ايوارڊ کان گهٽ ناهن. هن هڪ دفعو منهنجي لاءِ
چيو هو ته ”سڄي خاندان ۾ رڳو هيءَ پوٽي ئي مون تي
وئي آهي“. هڪ اهڙي عورت جيڪا ڪنهن کي به خاطر ۾ نه
آڻيندي هجيي، ڇو ته ڪو به هن جي معيار تي پورو نه
لهندو هو، اها پنهنجي ڌيئن ۽ ننهن کي ڇڏي منهنجي
لاءِ اهڙا لفظ چئي ته مان سمجهان ٿي ته اهو منهنجي
لاءِ هڪ اعزاز آهي. الله کيس جنت ۾ جايون ڏي.
آمين.
منهنجي ناني
منهنجي نانيءَ جو تعلق هڪ عالم خاندان سان هو. هو
آخوند سڏبا هيا. سندس پيءُ جو نالو ”ميان جي محمد
عالم“ هو. جيڪو مولانا دين محمد وفائيءَ جو استاد
به هو. هوءَ عربي، فارسي ۽ سنڌي گهر ۾ ئي پڙهيل
هئي. پاڻ نوجوانيءَ ۾ ئي بيواهه ٿي ويئي ۽ پنهنجي
ٻارن کي ڀرت ڀري ۽ سلائي ڪري حق حلال ۽ پورهئي جي
پئسن مان پاليائين. هوءَ تعويذ به لکندي هئي. پاڻ
ٻڌائيندي هئي ته ڪي مايون ان وٽ اهڙا تعويذ لکرائڻ
به اينديون هيون ته ڪنهن جو گهر ڦٽائڻو آهي يا
ڪنهن کي بوتو ڪرائڻو آهي. وغيره. امان ٻڌائيندي
هئي ته جنهن زماني ۾ هڪڙي رلي سبڻ جي قيمت چار
آنا هئي، ان زماني ۾ مايون امان کي اهڙن ابتن
تعويذن لاءِ هڪ سئو يا پنجاهه رپيا به آڇينديون
هيون ۽ چونديون هيون ته يتيم ٻار اٿئي، اهو ڪم
ڪري ڏي، پئسو ڪم ايندئي. پر امان هميشھ هنن کي ٿڏي
ڇڏيو. هوءَ ڏاڍو خدا جو خوف دل ۾ رکڻ واري عورت
هئي. ڪڏهن به ڪو ناجائز ڪم ڪو نه ڪيائين. پورهئي
جي پئسن مان ٻار پڙهايائين به ۽ انهن جون شاديون
به ڪرايائين.
اسان جي ناني جيئن ته سکر شهر ۾ رهندي هئي، ان ڪري
اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينر ان کي ”امان سکر واري“ سڏيندا
هياسي. امان سکر واري منهنجي بهترين دوست به هئي.
امان سان مان هر موضوع تي ڳالهائي سگهندي هيس.
امان کي شاهه لطيف جا بيت. اردو سنڌي شعر، پهاڪا،
چوڻيون، ڪيترن ئي اردو سنڌي گانن جون ڪي سٽون ۽
ڪجهه فارسي چوڻيون به ياد هونديون هيون. انهن جو
استعمال امان پنهنجي روزاني گفتگو ۾ موقعي جي
مناسبت سان ضرور ڪندي هئي. مان اهڙي ڳالهه ٻولهه
کي گهڻو پسند ڪندي آهيان. جنهن ۾ بيت، پهاڪا ۽
چوڻيون استعمال ڪيون وڃن. ان ڪري امان سان ڪچهري
ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو. امان سنڌي ڪتاب ۽ اخبارون شوق
سان پڙهندي هئي. امان کي گانا ٻڌڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ جو
به ڏاڍوشوق هوندو هو. خاص طور تي ڪم ڪار کان رٽائر
ٿيڻ کان پوءِ امان جي اها ئي وندر هئي. مان جڏهن
ڪراچيءَ نوڪري ڪرڻ ويس ته ماما جي گهر ۾ امان سان
چار سال گڏ رهيس. چئن سالن کي مان ڏاڍو سٺو
گذاريو. اسان ٻئي ڄڻ ساهيڙيون هونديون هيونسي.
امان فرمائش ڪري مون کان سنڌي گانا ٻڌندي هئي. مون
کي ريڊيو ٻڌڻ ۽ جهونگارڻ جو شوق هوندو هو. ان ڪري
ڪيترائي گانا مون کي ياد هوندا هيا. ڪي اڌ ته ڪي
وري سڄا جڏهن منهنجي شادي ٿي وئي ۽ مان شاديءَ کان
پوءِ ماما جن سان ملڻ ويندي هيس. ته امان لاءِ خاص
طور تي ڪجهه سنڌي گانا ياد ڪري ويندي هيس.
ننڍي هوندي جڏهن اسان امان سکر واريءَ ڏي ويندا
هياسي ته امان اسان کي مزيدار کاڌا رڌي کارائيندي
هئي. اهي ڪي اعليٰ قسم جا طعام ڪو نه هوندا هيا.
عام سادو کاڌو هوندو هو. پر امان جي هٿ ۾ لذت
ڏاڍي هوندي هئي. پلو ته امان جهڙو ڪو پچائي ئي نٿو
سگهي ۽ ننڍڙن ننڍڙن گول پٽاٽن ۽ ساون بصرن جو هلڪو
کٽو ٻوڙ ياد ڪري اڄ به منهنجي وات ۾ پاڻي اچي
ويندو آهي. هوءَ ڪي به مهانگا مصالحا استعمال ڪو
نه ڪندي هئي، ڇو ته ان زماني ۾ گرم مصالحن وغيره
جو رواج ايترو عام ڪو نه هو. ان جي باوجود امان جو
پچايل کاڌو ذائقي ۾ لاجواب هوندو هو. امان جي
پچايل يخني پلاءَ جو ته ڪو جواب ئي نه هوندو هو.
امان سان گڏ رهڻ دوران مان امان کان گهڻو ڪجهه
سکيو. هڪ ڳالهه ته اهڙي سکيم جو ان تي عمل ڪري مان
پاڻ به اطمينان سان زندگي گذاري رهي آهيان ۽ ڪوشس
ڪنديس ته پنهنجي اولاد کي به ان تي عمل ڪرڻ جو
پابند بنايان. اها ڳالهه اها آهي ته، جيئن ته امان
نوجوانيءَ ۾ ئي بيواهه ٿي ويئي هئي. سندس ڪو ڀاءُ
ڀيڻ ڪو نه هو. اسان جو نانو به اڪيلو هو. فقط امان
جو مامو مولانا دين محمد وفائي، سندس سار سنڀال
لهندو هو. پر ان جي وفات کان پوءِ امان بلڪل بي
سهارا بڻجي ويئي هئي. ڏکئي وقت ۾ ان جي مدد ڪرڻ
وارو ڪو به ڪو نه هو. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ
امان ڇا ڪيو جو، ان زماني جي حساب سان پنهنجي
پورهئي مان ڪجهه پئسا گڏ ڪري گهر ۾ رکي ڇڏيا. هوءَ
انهن پئسن کي پرايو سمجهندي هئي ۽ بلڪل به استعمال
نه ڪندي هئي. جڏهن به امان کي ڪا اوچتي ضرورت
پوندي هئي ته هوءَ انهن پئسن مان خرچ ڪندي هئي ۽
پوءِ انهن پئسن کي اڌارو سمجهي جلد کان جلد پئسا
گڏ ڪري اتي واپس رکي ڇڏيندي هئي. جيئن ته امان هڪ
خود دار ۽ غيرت مند عورت هئي، ان کي پنهنجو ڀرم هر
حال ۾ پيارو هو، سو امان جي چوڻ جي مطابق هوءَ
ائين ان ڪري ڪندي هئي ته جيئن ٻين جي اڳيان هٿ
ٽنگڻو نه پوي ۽ شرمندگي نه ٿئي. جڏهن ٻين کان قرض
کڻجي ٿو ته پوءِ انهن کي به موٽائي ٿو ڏجي.
شرمندگي الڳ ٿي ٿئي. ٻين جو احسان به سڄي عمر
رهجي وڃي ٿو. ان ڪري ڇو نه پاڻ کان قرض کڻي پاڻ
کي ئي موٽائي ڏجي.
مون کي امان جي ان ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ اها
ڳالهه عمر ڀر لاءِ ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏيم ۽ ان تي عمل به
ڪريان ٿي.
امان جون ڪيئي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي مون کان
ڪڏهن نه وسرنديون. هڪ دفعو ماما جي ئي گهر ۾ اسان
سڀ ماني کائي رهيا هياسي ته اوچتو امان جي ٻوڙ مان
وار نڪتو. امان هڪدم اوڪارا ڏيڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته
الائي ڪيئن ٿيون کاڌو پچايو کاڌي مان وار نڪتو
آهي.ان زماني ۾ امان جي نظر ڪافي گهٽ ٿي چڪي هئي.
مون امان جي ٻوڙ مان وار ڪڍيو ته اهو اڇي رنگ جو
هو. مون امان کي چيو ته امان هي ته توهان جو وار
آهي. گهر ۾ ٻئي ڪنهن جا به وار اڇا ناهن. پر پوءِ
به امان ماني ڪو نه کاڌي. هن جي دل خراب ٿي ويئي
هئي. چوڻ لڳي ته ڀلي منهنجو ئي وار ڇو نه هجي مان
ڪا مٿان لٿي آهيان ڇا. آهي ته وار ئي نه. هن واقعي
مان امان جي نفاست ۽ صفائي پسندي ظاهر ٿئي ٿي.
امان کي وڏي آواز سان اوڳرايون ڏيڻ وارن کان چڙ
هئي. ماما جو وڏو پٽ ڏاڍيون اوڳرايون ڏيندو هو.
توڙي هو امان کي پيارو هو پر پوءِ به امان ان کي
ڏاڍا دڙڪا ڏيندي هئي. هڪ دفعو اوچتو امان کان با
آواز اوڳرائي نڪتي........ آ ...... امان هڪدم چوڻ
لڳي ڦٽڙتا. مون کي حيرت به ٿي ۽ کل به نڪري وئي.
مون امان کي چيو ته امان اهو ڇا توهان پاڻ کي ٿا
ائين چئو. چوڻ لڳي، ها، اها ڪا فضيلت آهي ته ائين
وڏي آوز سان اوڳرايون ڏجن. يعني جيڪا ڳالهه هن کي
ٻين کان نه وڻندي هئي اها هوءَ پاڻ ڪرڻ به پسند نه
ڪندي هئي.
امان جيئن ته سڄي زندگي محنت ڪئي هئي ان ڪري هن کي
ڪڏهن به واندو ويهڻ نه ايندو هو. هوءَ ڪو نه ڪو
ڀرت ڀريندي يا آر هڻندي رهندي هئي. امان اهو ڪم
پئسن سان ڪو نه ڪندي هئي پر عادت کان مجبور هئي ۽
شوق سان اهو ڪم ڪندي هئي. ان وقت، منهنجي خيال ۾
ته امان جي عمر ستر سالن کان مٿي هئي. ان زماني ۾
به امان پنهنجو رئو پئي ڀري. هوءَ اسان کان مختلف
سُين ۾ رنگ رنگ جا وڏا وڏا ڌاڳا وجهرائي رکندي
هئي،پوءِ ويٺي ڀريندي هئي. ان زماني ۾ امان جي نظر
بلڪل گهٽ هئي. مون جڏهن رئو ڏٺو ته امان رئي جي
ڪناري تي جيڪو ڪجهه ڀريو هو اهو سڄو هڪ ٻئي جي
مٿان ابتو سبتو ڀريل هو. مون امان کي چيو ته امان
هي ته سڄو خراب ٿيو پيو آهي. هڪ ٻئي جي مٿان ڀري
ويا آهيو. بلڪل به نه ٿو ٺهي، تنهن تي چوڻ لڳي
ته ”اڙي امان، مان ڪو ٺهڻ لاءِ ٿورئي ٿي ڀريان.
مان ته وندر لاءِ ٿي ڀريان. مون کان واندو ويهڻ
نه ٿو پڄي“ ان زماني ۾ اخبار، امان کي اسان پڙهي
ٻڌائيندا هياسي. امان سڄي زندگي قرآن پابنديءَ سان
پڙهيو هو. نظر گهٽ ٿيڻ کان پوءِ بلڪل ڇڏي ڏنائين.
زباني سورتون پڙهندي هئي يا وري تسبيح پڙهندي هئي.
ماما جي گهر ۾ سلائي مشين امان جي ڪمري ۾ رکيل
هوندي هئي. امان اڪثر سُتي پئي هوندي هئي ان ڪري
اسان، امان جي آرام جي خيال کان سلائي نه ڪنديون
هيونسي، پر امان چوندي هئي ته توهان منهنجي ننڊ جي
پرواهه نه ڪنديون ڪيو. سلائي مشين جو آواز مون کي
ڏاڍو وڻندو آهي.اهو مون کي بي آرام نه ڪندو آهي.
توهان ڀلي سلائي ڪنديون ڪيو.
امان ڏاڍي زندهه دل عورت هئي. اسان سان اڪثر
مذاقون به ڪندي هئي. هاڻي هوءَ حيات ناهي پر ڏاڍي
ياد ايندي آهي. آخري گانو جيڪو مون امان کي ٻڌائڻ
لاءِ ياد ڪيو هو اهو عابده پروين جو ڳايل ”دل ڪيئن
دوست وساري“ هو. پر مان اهو گانو امان کي نه
ٻڌائي سگهيس. ڇو ته امان اسان کي ڇڏي هلي ويئي .
خدا کيس جنت ۾ جايون ڏي. آمين.
جواني سڄي، محنت ۽ مشقت ۾ گذاريائين پر زندگيءَ جي
آخر ڏاڍي سٺي گذريس. هونئن به چوندا آهن ته اڳياڙي
جيئن به گذري پر پڇاڙي شل چڱي گذري.
منهنجي زندگيءَ جو ساٿي طاهر حسين وفائي
چوندا آهن ته هر ڪامياب مرد جي پويان ڪنهن عورت جو
هٿ هوندو آهي. اهڙيءَ طرح هر ڪامياب عورت جي پويان
ڪنهن نه ڪنهن مرد جو هٿ هوندو آهي. مان جو اڄ پاڻ
کي ڪامياب ٿي سمجهان ته ان جي پويان. منهنجي
صلاحيتن، شوق ۽ محنت سان گڏوگڏ وڏو هٿ طاهر جو به
آهي. جيڪڏهن هو منهنجي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي ها ۽ مون
تي پابنديون هڻي، منهنجي آزادي ختم ڪري ها ته
منهنجون صلاحيتون اتي ئي دٻجي وڃن ها. هن جي ئي
سهاري ۽ همت افزائيءَ سان مان اڳتي وڌي رهي آهيان.
هو چوندو آهي ته ”جيڪڏهن تون دنيا فتح ڪرڻ
نڪرنديئن، تڏهن به مان تو سان گڏ هوندس.“ هن جا
اهڙي قسم جا چيل جملا، منهنجي همت ۽ حوصلي کي وري
جوان ڪري ڇڏيندا آهن. مان جڏهن پڙهندي آهيان يا ڪو
به لکڻ جو ڪم ڪندي آهيان ته هو ڪڏهن به مون کي وچ
مان نه اٿاريندو آهي. هاڻي ته کڻي ٻار وڏا ٿي ويا
آهن ته هو چانهن وغيره ٺاهڻ لاءِ انهن کي چوندو
آهي، پر جڏهن ٻار ننڍا هيا، تڏهن به مان ڪو ڪم
ڪندي هيس، ڪو سلائي ڀرت ڪرڻ يا پينٽنگ ڪرڻ، تڏهن
به مان ڪم شروع ڪرڻ کان پهرين پڇي وٺندي هيس ته
جيڪڏهن هن جو ڪو ڪم هجي ته پهريائين اهو ڪري ڇڏيان
ته جيئن وچ مان اٿڻو نه پوي. پر هو مون کي وچ مان
ڪڏهن نه اٿاريندو هو. ڇو ته هن کي خبر آهي ته مان
جڏهن به ڪو تخليقي ڪم ڪندي آهيان ته ڏاڍي خوش
رهندي آهيان. هي ڪم منهنجي روح جي غذا آهن.ان ڪري
هو ڪڏهن به مون کي ڊسٽرب نه ڪندو آهي.
طاهر ڏاڍي نرالي فطرت جو ماڻهو آهي، جنهن مان، مان
ڏاڍي خوش آهيان. جڏهن موڪل واري ڏينهن گهر ۾ هوندو
آهي ته سڄي هفتي جون گڏ ڪيل اخبارون پڙهندو آهي.
يا ڪو نئون ڪتاب ورتو هوندئين ته اهو پيو پڙهندو
آهي. بس وچ ۾ ٻه ٽي دفعا هن کي چانهن ٺاهي ڏيندا
آهيون، يا مانيءَ جي وقت تي ماني کائي وٺندو آهي،
جيڪڏهن پڙهندي پڙهندي ننڊ وٺي ويندس ته اسان مان
ڪو به ڪمري جي بتي وسائي دروازو بند ڪري ڇڏيندو
آهي.
طاهر چاهيندو آهي ته اسان جا ٻار اعليٰ تعليم
يافته ٿين. ڇو ته اسان ٻنهي انٽر ڪري نوڪري ڪئي
هئي. ان ڪري هو چوندو آهي ته مان پنهنجي ٻارن کي
پڙهائي اڌ ۾ ڇڏڻ ڪو نه ڏيندس. هن سدائين ٻارن کي
سٺن اسڪولن ۾ پڙهايو آهي. هو چوندو آهي ته اسان جي
بچت ۽ پئسن جي سيڙپ اسان جا ٻار آهن. اهي پڙهي پيا
۽ سٺي زندگي گذاريائون ته اسان لک کٽيو. طاهر کي
ڪتابن سان عشق آهي. ان ڪري هن ئي اسان کي ڪتابن جي
نمائشن ۾ وڃڻ تي هيرايو. هو ڪتابن تي پنهنجي
گنجائش آهر دل کولي خرچ ڪندو آهي. جيڪڏهن پئسا نه
هوندس ته اسان جي فرمائش ڪيل ڪتابن جا نالا ضرور
ياد رکندو آهي. جيئن ئي پئسا ايندس ته پهرين اهي
ڪتاب وٺندو آهي. مان هن جي ڪتابن کي (جيڪي هاڻي
اسان جا ڪتاب آهن) ڏاڍي محبت ۽ حفاظت سان رکندي
آهيان، ڇو ته اهي ئي اسان جو خزانو ۽ اسان جا
زيور آهن. گهڻو مطالعو ڪرڻ ڪري طاهر وٽ معلومات به
ڏاڍي آهي. اسان گهر ۾ جڏهن به منجهندا آهيون يا
ڪنهن ڳالهه جي صحيح خبر نه هوندي آهي ته هڪدم مان
توڙي ٻار طاهر کان پڇندا آهيون. اهو ڪهڙو به سوال
هجي، تاريخ جو، جاگرافيءَ جو، ادب جو، طاهر هڪدم
جواب ٻڌائي ڇڏيندو آهي. نوانوي سيڪڙو جواب اسان کي
اتي جو اتي ئي ڏيندو آهي. اڪثر اسان انگريزي
ڊڪشنري نه کوليندا آهيون. طاهر ويٺو هوندو آهي ته
ان کان ئي لفظن جي معنيٰ پڇي وٺندا آهيون. مان هن
کي گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلو پيڊيا سڏيندي آهيان.
ڪتابن سان گڏوگڏ طاهر کي مختلف ملڪن جا سڪا ۽ پوسٽ
واريون ٽڪليون گڏ ڪرڻ جو به شوق آهي. هن وٽ ٽڪلين
جو هڪ وڏو ذخيرو گڏ ٿيل آهي، سڪن جو تعداد گهٽ
آهي، پر شوق اٿس. طاهر پابندي سان اڄ تائين ٽڪليون
گڏ ڪندو آهي. هن کي شطرنج ۽ تاس راند کيڏڻ جو به
شوق آهي. مون هن کي شطرنج جو بورڊ ڪپڙي تي ڀرت
سان ڀري هارڊ بورڊ تي چاڙهي ڏنو هو. اهو هن وٽ
سنڀاليل آهي. مون طاهر لاءِ ڌات مان ٺهيل شطرنج به
ورتي هئي. ان جو بورڊ گول ٿالهه وانگر ٺهيل آهي.
اڌ خانا ٽامي ۽ اڌ خانا گلٽ جا ٺهيل اٿس. مهرون
به اڌ ٽامي جون ۽ اڌ گلٽ جون آهن. اها به هن وٽ
سنڀاليل آهي.
هو ڪتاب وٺڻ وقت جيڪڏهن سلائي ڀرت جا ڪتاب ڏسندو
آهي ته يا ته وٺي ايندو آهي. يا وري ڏسي ايندو آهي
۽ اچي ٻڌائيندو آهي ته اهو ڪتاب مون کي کپي يا نه
. جي مان ها ڪندس ته پوءِ وٺي ايندو آهي. هن کي
گهر لاءِ شيون وٺڻ جو به ڏاڍو شوق آهي. هو اڪثر
ٿانو، چادرون يا ڊيڪوريشن پيسز وٺي ايندو آهي.
ايتريقدر جو هاڻي مان هن کي جهلي ڇڏيو آهي ته اڳتي
ٿانو نه وٺي گهر ۾ رکڻ جي جاءِ ئي ڪونهي. مان
چاهيندي آهيان ته کڻي ڪجهه ٿانو ڌيئن جي ڏاج لاءِ
رکان پر هو رکڻ نه ڏيندو آهي، جيڪو به ٿانءُ جنهن
ڏينهن آيو ته ان ڏينهن ضرور استعمال ٿيندو آهي.
هو اسان کي ڪڏهن به پراڻا ڪپڙا پاتل ڏسي يا اها
خبر پئيس ته مون ڪنهن جتيءَ کي موچيءَ کان ڳنڍايو
آهي ته ڏاڍو چڙي پوندو آهي. هو ڪڏهن به پسند نه
ڪندو آهي ته اسان ڪا به پراڻي شيءِ استعمال ڪيون.
پاڻ وٽ ڀلي ڪپڙا ۽ جوتا پراڻا ٿي وڃنس پر اسان کي
نه ڏسي سگهندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جي
جهلڻ جي باوجود مان اڪثر اهي ڪم ڪندي آهيان، ڇو ته
مون کي اهي ڳالهيون خراب نه لڳنديون آهن.
اڄ ڪلهه اڪثر طاهر جي ڪپڙن جي خريداريءَ مان ڪندي
آهيان. ڇو ته هو ٽاريندو ايندو آهي ته ٽائيم ملي
ته وٺي ايندس. ڪڏهن چوندو آهي ته گنجائش ناهي پوءِ
وٺندس. پوءِ مان خاموشيءَ سان هن جي لاءِ ڪپڙا
وٺندي آهيان. اهي به ڪيئي ڏينهن ته گهر ۾ پيا
هوندا آهن. نيٺ وڃي سبجندا آهن. طاهر کي پرفيوم ۽
پائوڊر وٺڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو به ڏاڍو شوق آهي. ان
ڪري اسان جي گهر ۾ هر قسم جون خوشبوئون اچي چڪيون
آهن. ڪڏهن مهانگيون ته ڪڏهن سستيون، اهو اسان جي
گنجائش تي ٻڌل هوندو آهي. |