سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :19

فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات،

فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات.

بحر رمل مثمن محذوف:

فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن،

فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن.

بحر رمل مثمن مخبون:

فعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلاتن،

فعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلاتن،

بحر رمل مثمن مخبون مقصور:

فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلاتن،

فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلات.

بحر رمل مثمن مخبون محذوف:

فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن،

فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فاعلن.

بحر رمل مثمن مشڪول:

فاعلات فاعلاتن فاعلات فاعلاتن،

فاعلات فاعلاتن فاعلات فاعلاتن.

بحر رمل مسدس مقصور:

فاعلاتن فاعلاتن فاعلات،

فاعلاتن فاعلاتن فاعلات.

بحر رمل مسدس محذوف.

فاعلاتن فاعلاتن فاعلن،

فاعلاتن فاعلاتن فاعلن.

بحر رمل مسدس مخبون مخذوف:

فاعلاتن فعلاتن فعلن،

فاعلاتن فعلاتن فعلن.

بحر رمل مسدس مطوي:

مفتعلن مفتعلن مفتعلن،

مفتعلن مفتعلن مفتعلن.

بحر ثقارب (متقارب) مثمن مقصور:

فعولن فعولن فعولن فعول،

فعولن فعولن فعولن فعول.

بحر تقارب (متقارب) مثمن محذوف:

فعولن فعولن فعولن فعل،

فعولن فعولن فعولن فعل.

بحر تقارب (متقارب) مثمن اثلم:

فعلن فعولن فعلن فعولن،

فعلن فعولن فعلن فعولن.

بحر تقارب (متقارب) مثمن مقبوض اثلم:

فعل فعولن فعل فعولن،

فعلن فعولن فعل فعولن.

يا

فعول فعلن فعول فعلن،

فعول فعلن فعول فعلن.

بحر تقارب (متقارب) مسدس مقصور:

فعولن فعولن فعول،

فعولن فعولن فعول.

بحر تقارب (متقارب) مسدس محذوف:

فعولن فعولن فعل،

فعولن فعولن فعل.

بحر رجز مثمن مطوي:

مفتعلن مفتعلن مفتعلن مفتعلن،

مفتعلن مفتعلن مفتعلن مفتعلن.

بحر رجز مثمن مطوي مخبون:

مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلن،

مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلن.

بحر رجز مسدس مخبون:

مفاعلن مفاعلن مفاعلن،

مفاعلن مفاعلن مفاعلن.

بحر متدارڪ مثمن اثلم:

فعلن فعلن فعلن فعلن،

فعلن فعلن فعلن فعلن.

بحر طويل مثمن مقبوض:

فعولن مفاعيلن فعولن مفاعلن،

مفعولن مفاعيلن فعولن مفاعلن.

بحر بسيط مثمن محذوف:

مستفعلن فعلن مستفعلن فعلن،

مستفعلن فعلن مستفعلن فعلن.

بحر مجتث مثمن مخبون:

مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلاتن،

مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلاتن.

بحر مجتث مثمن مخبون مقصور:

مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلات،

مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلات.

بحر مجتث مثمن مخبون محذوف:

مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن،

مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن.

بحر مضارع مثمن اخرب:

مفعولن فاعلاتن مفعول فاعلاتن،

مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن.

بحر مضارع مثمن اخرب مڪفوف مقصور:

مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات،

مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات.

بحر مضارع مثمن اخرب مڪفوف محذوف:

مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن،

مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن.

بحر منسرح مثمن مطوي:

مفتعلن فاعلات مفتعلن فاعلن،

مفتعلن فاعلات مفتعلن فاعلن.

بحر منسرح مثمن مطوي مڪشوف:

مفتعلن فاعلن مفتعلن فاعلن،

مفتعلن فاعلن مفتعلن فاعلن.

بحر منسرح مثمن مطوي موقوف:

مفتعلن فاعلات مفتعلن فاعلات،

مفتعلن فاعلات مفتعلن فاعلات.

بحر منسرح مثمن مطوي مجدوع:

مفتعلن فاعلات مفتعلن فاع،

مفتعلن فاعلات مفتعلن فاع.

بحر منسرح مسدس اخرب:

مفتعلن فاعلات مفتعلن،

مفتعلن فاعلات مفتعلن.

بحر سريع مسدس مطوي:

مفتعلن مفتعلن فاعلن،

مفتعلن مفتعلن فاعلن.

بحر سريح مسدس مطوي موقوف:

مفتعلن مفتعلن فاعلات،

مفتعلن مفتعلن فاعلات.

بحر سريع مسدس مطوي مڪشوف:

مفتعلن مفتعلن فاعلن،

مفتعلن مفتعلن فاعلن.

بحر خفيف مسدس مخبون مقصور:

فاعلاتن مفاعلن فعلات،

فاعلاتن مفاعلن فعلات.

بحر خفيف مسدس مخبون محذوف:

فاعلاتن مفاعلن فعلن،

فاعلاتن مفاعلن فعلن.

بحر قريب مسدس مقصور:

مفاعيلن مفاعيل فاعلات،

مفاعيلن مفاعيل فاعلات.

بحر جديد مسدس مخبون:

فعلاتن فعلاتن فاعلن،

فعلاتن فعلاتن فاعلن.

موجوده دؤر ۾ عرب، عجم ۽ فارس جي شاعرن هيٺيان بحر پڻ ايجاد ڪيا آهن:-

1-          بحر عريض مثمن:

مفاعيلن فعولن مفاعيلن فعولن،

مفاعيلن فعولن مفاعيلن فعولن.

2-         بحر عميق مثمن:

فاعلن فاعلاتن فاعلن فاعلاتن،

فاعلن فاعلاتن فاعلن فاعلاتن.

3-         بحر غريق مثمن:

مفاعلاتن مفاعلاتن مفاعلاتن مفاعلاتن،

مفاعلاتن مفاعلاتن مفاعلاتن مفاعلاتن.

4-         بحر صريم مسدس:

مفاعيلن فاعلاتن فاعلات،

مفاعيلن فاعلاتن فاعلات.

5-         بحر ڪبير مسدس:

مفعولات مفعولات مستفعلن،

مفعولات مفعولات مستفعلن.

6-         بحر مذيل مسدس:

مستفعلن مستفعلن فاعلاتن،

مستفعلن مستفعلن فاعلاتن.

7-         بحر قليب مسدس:

فاعلاتن فاعلاتن مفاعيلن،

فاعلاتن فاعلاتن مفاعيلن.

8-         بحر ضمير مسدس:

مستفعلن فاعلات مستفعلن،

مستفعلن فاعلات مستفعلن.

9-         بحر اصم:

فاعلاتن مفاعيلن فاعلاتن،

فاعلاتن مفاعيلن فاعلاتن.

10-     بحر سليم مسدس:

مستفعلن مفعولات مفعولات،

مستفعلن مفعولات مفعولات.

11-      بحر حميم مسدس:

مفعولات مستفعلن مفعولات،

مفعولات مستفعلن مفعولات.

وزن

”وزن“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”تور“ يا ”ماپ“، اصطلاحي معنيٰ موجب، شعر ۾ آيل لفظن کي ڪن بحر جي ارڪان سان ماپي يا تور ڪري ٺاهي بيهارڻ کي ”وزن“ چئبو آهي.

جهڙيءَ طرح تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ ڪا شيءَ رکي، ٻئي پڙ ۾ مقرر ٿيل ماپ يا وٽ (اڌ مڻي، ڏهه سيري، پنج سيري، يا هڪ سير، وغيره) وجهبا آهن؛ انهيءَ لاءِ ته اُن شيءَ جي تور يا ماپ ڪري ڏسجي. اهڙيءَ طرح سان بحر جي ارڪان جي قالب ۾ مختلف لفظن جي ماپ ڪري، هڪ سهڻو شعر ٺاهيو آهي. شعر جي انهيءَ ماپ يا ترتيب کي ”وزن“ چئبو آهي.

شعر جو وزن تي پورو هجڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته وزن جي ذريعي ئي شعر جي نزاڪت ۽ سونهن ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ اهو وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿو.

هن کان اڳ بحر واري باب ۾ مختلف بحرن جا وزن پيش ڪيا ويا آهن. شعر انهن وزنن مان ڪنهن به هڪ وزن تي بيهاري سگهجي ٿو. هت رڳو هڪ شعر جي هڪ ٻه بند جو وزن ڏيکارجي ٿو.

تو بنان هت ”زيب“، ”سرور“ غم، الم ۽ رنج جون، محفلون ٿا ڪن سڄڻ، آباد، اي عبدالفتاح!

”نياز“ کي شعر و سخن تنهنجي ڏنو آهي سرور،

جنهن اها تنهنجي ڏٺي، روداد، اي عبدالفتاح!

مٿي پيش ڪيل شعر جو وزن آهي:-

 ”فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات“.

رڪن

”رڪن“ جمع ”ارڪان“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”ٿنڀ“. اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪنهن مقرر بحر جو اهو ”حصو يا تڪ“، جنهن سان شعر ۾ ڏنل لفظن جي تقطيع (ورهاست) ڪجي يا کيزتوري ۽ ماپي سگهجي. ارڪان ڪنهن بحر ۾ اٺ هوندا آهن ته ڪنهن ۾ ڇهه ۽ ڪنهن ۾ وري چار ٿيندا آهن، جيئن بحر واري باب ۾ ڏنا ويا آهن، اهي ارڪان شعر کي موزون يا ترتيبوار بڻائڻ لاءِ هڪ قسم جا ماپا يا وٽ آهن.

ارڪان اصل ۾ ڪل اٺ آهن؛ جهڙوڪ؛

”فصولن- فاعلن- فاعلاتن- مفاعيلن- مفاعلتن – متفاعلن- مفعولات- مستفعلن“؛ پر علم عروض جي باني خليل بن احمد بصري انهن ۾ ڪجهه ردوبدل ڪري پنهنجا پندرهن (15) جوڙي پيش ڪيا، جنهن کان پوءِ ٻين شاعرن انهن ۾ رفتي رفتي اضافو پئي ڪيو آهي.

ارڪان ٽن قسمن جي لفظن جا مرڪب ٿين ٿا. انهن مان هڪ کي ”سبب“، ٻئي کي ”وتد“ ۽ ٽئين کي ”فاصله“ چئبو آهي.

”سبب“ ٻن اکرن واري لفظ کي چئبو آهي. هن جا ٻه قسم آهن. (1) سبب خفيف (2) سبب ثقيل.

”سبب خفيف“ ۾ لفظ جو پهريون حرف متحرڪ ۽ ٻيو حرف ساڪن ٿئي ٿو؛ جهڙوڪ؛ رخ- گل- وڃ، وغيره؛ ۽ ”سبب ثقيل“ ۾ لفظ جا ٻئي حروف متحرڪ ٿين ٿا. اهڙا لفظ اسان جي سنڌي زبان ۾ ملڻ مشڪل آهن. البت فارسي زبان جي زير اضافت (/) سان آڻي سگهجن ٿا؛ جيئن ته

باغ ارم- آب زم زم- غارحرا، وغيره.

”وتد“ ٽن اکرن واري لفظ کي چئبو آهي. هن جا به ٻه قسم آهن. (1) وتد مجموع، (2) وتد مفروق. ”وتد مجموع“ کي ”وتد مقرون“ به چئبو آهي. هن ۾ لفظ جا پهريان ٻه اکر متحرڪ ۽ ٽيون ساڪن هوندا آهن؛ جهڙوڪ:-

صدا- عصا- بقا- فنا، وغيره؛ ۽ ”وتد مفروق“ ۾ لفظ جو پهريون حرف متحرڪ، ٻيو ساڪن ۽ ٽيون وري متحرڪ هوندا آهن. سبب ثقيل وانگر هن قسم جا الفاظ به سنڌي ٻوليءَ ۾ ملڻ مشڪل آهن، پر زير اضافت سان آڻي سگهجن ٿا، جيئن ته، فخر ايشيا- جنگ، بدر- لخت جگر، وغيره.

”فاصله“ چئن ۽ پنجن اکرن واري لفظ کي چئبو آهي، هن ۾ چئن اکرن واري لفظ جا پهريان ٽي حروف متحرڪ ٿيندا آهن، پر چوٿون حرف ساڪن هوندو آهي.

مثلا:- عربي- رستو- رکبا- رسمي، وغيره؛ ۽ پنجن اکرن واري لفظ جا پهريان چار حروف متحرڪ هوندا آهن، پر پنجون حرف ساڪن ٿيندو آهي. اهڙا الفاظ اڪثر رڳو عربي زبان ۾ ئي ملندا.

زحاف

”زحاف“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، اصليت کان پري هٽي وڃڻ“ يا ”تير جي نشان سان خطا ٿي وڃڻ“. علم عروض ۾ زحاف انهيءَ فرق کي چوندا آهن، جنهن جي ظاهر ٿيڻ سان سالم ارڪان ۾ ڦير ڦار اچي ۽ هڪڙي بحر مان ٻيو بحر جڙي تيار ٿئي. جهڙوڪ؛

1.      اصل رڪن مان ڪي حروف خذف ڪرڻ يا ڪڍي ڇڏڻ.

2.     اصل رڪن ۾ ڪي حروف وڌيڪ وجهڻ؛

3.     اصل رڪن ۾ ڪن متحرڪ حروف کي ساڪن صورت ۾ آڻڻ.

زحاف جا ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ:

مقصور، مقبوض، محذوف، مخبون، موقوف، مقطوف، معصوب، مجنون، مطوي، مڪفوف، اخرب، اخرم، مذال، اشتر، مضمر، مشڪول، منقوص، مقطوع، مڪشوف، اجمم، معقول، مشعت، اصلم، اثلم، ابتر، ترفيل، مجدوع، اهتم، منحور، اثر، اعصب، اعضب، اقصم، مرفل، وغيره، وغيره.

پد

”پد“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، ”چلڻ، آواز، ڀاڱو، ٽڪرو، حصو، فقرو“. اصطلاحي معنيٰ ۾ ”پد“ ان کي چئجي ٿو، جو ڪنهن جملي يا سٽ جو حصو يا ٽڪرو هجي ۽ اهو ٽڪرو ڪن لفظن جي ملائڻ سان ٺهيو هجي ۽ منجهانئس اڻ پورو مطلب نڪري.

”پد“ کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ”ٺپ“ چئبو آهي؛ جهڙي طرح ڪافي ڏيڍ ٺپي، به ٺپي، ٻه ٺپي، وغيره ٿيندي آهي.

”پد“ اڪثر ڪري نظم يا شعر سان واسطو رکي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته نظم يا شعر جي هر هڪ سٽ يا مصرع ٻن حصن ۾ ورهايل ٿيندي آهي، جن مان هر هڪ حصي کي ”پد“ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح هڪ سٽ ۾ ٻه پد ۽ ٻن سٽن ۾ چار پد ٿيندا آهن. هت حافظ ”احسن“ چنا جو چيل هڪ دوهو مثال طور پيش ڪجي ٿو:-

ظالم جا ڪرندا ڪوٽ ڪپر، ۽ پٽبو بيخ بنياد،

دکڙا سڀئي دور ٿي ويندا، هر ڪو ٿيندو شاد.

مٿي پيش ڪيل دوهي ۾ ڪل چار پد آهن؛ جن مان ٻه پد پهرئين سٽ ۾ آهن ۽ ٻه ٻي سٽ ۾. جهڙوڪ:-

1-          ظالم جا ڪرندا ڪوٽ ڪپر،

2-         ۽ پٽبو بيخ بنياد.

3-         دکڙا سڀئي دور ٿي ويندا.

4-         هر ڪو ٿيندو شاد.

مصرع

”مصرع“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”دروازي جو هڪ طاق“. اصطلاحي معنيٰ موجب، شعر جي هڪ سٽ، جنهن ۾ شاعر مختلف لفظن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ۽ کين لڙهيءَ ۾ پوئي موزون طريقي سان (يعني وزن ۾ آڻي) پيش ڪري. اهڙيون ٻه مصرعون گڏ آڻڻ سان شعر ٺهي پوندو. هڪ ڊگهي نظم ۾ اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي مصرعون آڻي سگهجن ٿيون. هت ”خواب“ حيدرآباديءَ جي هڪ رباعي مثال طور پيش ڪجي ٿي:-

رباعي

اُميد جي غنچي کي، ٽڙڻ ڏي ته سهي،

جو رئندو اچي تنهن کي، کلڻ ڏي ته سهي؛

پرواني چيو شمع کي، اي جان ازل،

مون خاڪ کي تون، نُور ٿيڻ ڏي ته سهي.

مٿين شعر ۾ چار سٽون آهن. انهن مان هر هڪ سٽ کي ”مصرع“ چئبو آهي. اهڙي طرح مٿين رباعيءَ ۾ ڪل چار مصرعون آهن.

قافيو

”قافيو “ عربي لفظ ”قفا“ مان نڪتو آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”پٺيان هلڻ“. اصطلاحي معنيٰ موجب، اُهو لفظ جو شعر ۾ مصرع جي پڇاڙيءَ ۾ اچي. اهو قافيي وارو لفظ شعر يا نظم جي مختلف بندن جي مصرعن ۾ ساڳيو نه، پر مختلف ايندو آهي. مطلب ته اهي قافيي وارا الفاظ، آواز ۾ هڪ هڪجهڙا هوندا آهن، پر سندن تلفظ مختلف هوندو آهي. هت مرحوم مرزا قليچ بيگ جو هڪ غزل مثال طور ڏجي ٿو:

غزل

ڪرڻ جيڪي گهرين، سو وٺ ڪري اڄ.

سڀاڻي جي تون نالي کان پري ڀڄ.

رکي دل ۾ سڀاڻي، اڄ جو ڪم ڪر،

وساري ڪالهه کي تون، اڄ پيو هڄ.

ٻني دنيا جي محنت سان تون اڄ پوک،

سڀاڻي سا کڻي، کائي تون ڪج رڄ.

جي اڄ سستي ڪيئي، ٿيندين پشيمان،

لڻن ٻيا جت، هجئي، هٿ ڇائي ۽ ڇڄ.

نصيحت خلق کي پيو ڪر ”قليچا“،

ٻڌي ڪو يا نه، تون واڄي جان پيو وڄ.

مٿئين غزل ۾ اڄ، ڀڄ، هڄ رڄ، ڇڄ ۽ وڄ قافيي وارا الفاظ آهن، جي صورتخطي يا تلفظ ۾ مختلف آهن، پر آواز ۾ سڀ هڪ جهڙا آهن. ڪڏهن ته سڄي نظم ۾ هڪ ئي لفظ قافيي طور ڪم ايندو آهي، جو شڪل ۾ تلفظ ۽ ساڳيو هوندو آهي، پر مختلف مصرعن ۾ مختلف هنڌن تي جدا جدا معنيٰ ڏيکاريندو آهي. هت اهڙو هڪ شعر پيش ڪجي ٿو، جو هڪ سگهڙ جو چيل آهي:-

اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏٺا تو ڏاهي،

سهي نه ڪيئي سسئي، توڙئون تو ڏاهي،

پنهل وٺي ويا پاڻ سين، تڙي توڏاهي،

نرتون تو ڏاهي، ڪاهي وڃ ڪيچ ڏي.

مٿئين شعر ۾ ”تو ڏاهي“ لفظ چار دفعا آيو آهي، جو قافيي طور استعمال ٿيو آهي. انهيءَ لفظ جي معنيٰ هر هڪ مصرع ۾ مختلف آهي، جيتوڻيڪ لفظ ساڳيو ۽ هڪئي آهي. سندس معنيٰ هر هڪ مصرع موجب هت ڏجي ٿي:-

1-   تو ڏاهي:- تو=تون+ڏاهي=ڏانءُ، سياڻي، عقل واري.

2-  تو ڏاهي:- تو=تون+ڏاهي=ڏانءُ ڍنگ، اٽڪل.

3-  تو ڏاهي:- توڏا=اُٺ+هي=اِهي.

4-  تو ڏاهي:- تو=تون+ڏاهي=اوڏانهين.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زماني کان وٺي اڄ تائين قافيو، شعر ۾ ڪڏهن مصرعن جي پڇاڙيءَ ۾ استعمال ٿيندو رهي ٿو ته ڪڏهن وري وچ م آندو وڃي ٿو، جو شاهه جو چيل آهي:-

تڙ تڪڙ تار گهڙڻ، اي ڪاڻيارن ڪم،

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏِيہ ۾، ڏي ڏوراپا ڏم،

عقل، مت، شرم، ٽيئي نيہ نهوڙئا.

مٿي ڏنل بيت ۾ ڪم، ڏم ۽ شرم ٽيئي قافيي وارا الفاظ آهن.

رديف

”رديف“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”ٻٽو“ يا ”وهٽ تي ٻيلهه ويٺل سوار“. اصطلاحي معنيٰ موجب، اهو لفظ يا لفظن جو مجموعو، جو نظم يا شعر ۾ مصرع جي پڇاڙيءَ ۾ قافيي سان گڏ ۽ پٺيان اچي. هر هڪ شعر ۾ رديف جو هجڻ لازمي نه هوندو آهي. ڪي شاعر پنهنجي ڪلام ۾ رديف نه به آڻيندا آهن ۽ ڪي وري پنهنجي ڪلام ۾ رديف جو آزاديءَ سان استعمال ڪندا رهندا آهن. هت رديف جو هڪ ٻه مثال پيش ڪجي ٿو:

تن سان ڪر ڪم ڪار، جي توکي ڏنا ڏاتار هٿ،

بي ڪمو ڪيئن ٿو رهين، ڇا لئي مليئي آڌار هٿ.

ڪم نه هٿ کان جي تو ورتو، چئبو آهين بي شڪرتون،

بي ميار آهي اهو، جنهن جا ٿيا لاچار هٿ.

حق جو ڪر پورهيو هٿن سان، ڪيم ناحق ۾ هلاءِ،

خوف خالق جو رکي، هڻ ڪيم لئي ڦرمار هٿ.

جي ڌڻيءَ ڌن توکي بخشيو، ڪڍ هٿن سان خير تون،

رک يتيمن جي مٿي تي، پنهنجو تون هربار هٿ.

ڪئن هٿن هوندي رهين بيڪار؟ ڪو ويچار ڪر،

ٿا مٽيءَ مان اَن، ڪپهه ۽ سون ڪن نروار هٿ.

ڪو ”مسافر“ هٿَ هلائي هٿِ ذرو نيڪيءَ سندو،

نيٺ هٿ ڪپڙي، زمين جا ٿا اچن ٽي چار هٿ.

مٿئين شعر ۾ مختلف الفاظ جهڙوڪ؛

ڏاتار، آڌار، لاچار، ڦرمار، هربار، نروار، ۽ ٽي چار، قافيي طور ڪم آيا آهن ۽ انهن جي پٺيان ساڻن گڏ آيل لفظ ”هٿ“ رديف آهي.

(2)

ڪر خدا کي ياد، وٺ دل هيءَ سچي سهڻي صلاح،

باد ۾ ٿيءَ شاد، وٺ دل هيءَ سچي سهڻي صلاح.

ٻڌ ٻئي ٻانهون اڳيان، سائين جي منجهه سجهي صبوح،

تارهين تون داد، وٺ دل هيءَ سچي سهڻي صلاح.

ٿي جبل توفيق جو، ڪک، پن، جئن منجهه واچ جهڪ،

وڃ مَ تون برباد، وٺ دل هيءَ سچي سهڻي صلاح.

حرص ۾ وجھ ڪيم مُنهن، هٿ هاج کان جھل حق طلب،

تا ٿئين آزاد، وٺ دل هيءَ سچي سهڻي صلاح.

” گل “ چويئي ٿو، ’گل‘ ڪري شطرنج بازي نفس سان،

ٿي مَ موڳي مادِ، و‎ٺ دل هيءَ سچي سهڻي صلاح.

مٿي ڏنل شعر م آيل مختلف الفاظ ، جھڙوڪ،

ياد، شاد، داد برباد،آزاد ۽ ماد، قافيا آهن ۽ انهن جي

پٺيان آيل لفظن جو مجموعو، ”وٺ دل هي سـچي سهڻي صلاح“ رديف آهي.


[1]  هڄ = محنت ڪر؛ ڇڄ = خواري ۽ خرابي، رڄ=ڍؤ.

[2] گل ڪري=وسائي؛ اُجهائي؛ ماد=شهه کاڌل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: