غزل ۾ اڪثر ڪنهن محبوب جي صورت ۾ سيرت، سندن ناز ۽
انداز، وصل ۽ ميلاپ، فراق ۽ ڦوڙائي، طبيعت ۽
موافقت جو صحيح ۽ سهڻي نموني ۾ نقش چٽيو ويندو
آهي. هن ۾ گل ۽ بلبل جو ذڪر به ڪيو ويندو آهي. اڄ
ڪالهه غزل ۾ ڪجهه اخلاقي مضمون به پيش ڪيا وڃن ٿا.
هت ٻه غزل، هڪ پنهنجو جوڙيل ۽ ٻيو امداد حسينيءَ
جو، نموني طور ڏيان ٿو:
(1)
ڪراچي منٺار ميلو، جو نه ٿي ساعت سري،
تو سوا دنيا ۾ ڪجهه ڀي، ڪين ٿو مون کي ڦري.
1-
پاڻ جو تو دل سڄڻ، منهنجي سبي سوگهي ڪئي،
ڇو، ڇڏي ڇاکون وئين، اي دلربا پنهنجو ڪري.
2-
مچ محبت جو مچائي، جيءَ ۾ اهڙو وئين،
جو سڄي سيني ۾“ ڏينهان، رات ٿو ٻارڻ ٻري،
3-
سوز ساڙي ۾ ويو، هي محب تنهنجو آمري،
ڇڏ رسامو، موٽ مٺڙا، ڌيان پنهنجو تو ڌري.
4-
ڪين سکر ڏينهن سمجهان، جي گذاريان تون بنان،
قرب جي پنهنجو ڪرين، دلدار دل منهنجي ٺري.
5-
پاڻ سڀ خالي ڏسان، تو بن مٺا محبوب ٿو،
ورهه ويراني ڏسي، پو ڏيل ٿو منهنجوڏري.
6-
ٿي جدا جهٽ پٽ، نئون ديرو وسايو تو وڃي،
چؤ ڀلا ڪهڙي خطا، مون کان پئي آ، جا ٽري؟
7-
ڊڄ نه هيڏي آءُ جاني، ناهه ڪو هت ڪوٽ ڙي،
دير ڇا جي اي پرين!، اچ پير پنهنجا تون ڀري.
8-
جلد ۾ ٿرپارڪر، جانب! جئين جلدي ملون،
ٻول ٻوليون ڪي مٺا، لالڻ لڪي ويهي پري،
9-
بار بدين جي مٿان، آهن ڳرا اي مهربان!،
ٿي سڀيئي هلڪا پون، پر جي اچين تون مان ڳري.
10-
هاڻ سي وڻ سبز ٿيندا، جو ويا ها اڳ سڙي،
بوند باراني وسي ٿي، واڳ تنهنجي شل وري.
11-
هن وڇوڙي ۾ ويو منهن جو پنو عاقل لهي،
سيگهه ۾ مل هاڻ ساجن، ور نه ايندس ڪنهن آري
12-
لاڙڪاڻي ۾ رهي گل! شاد ڪرمان باغ کي،
ٿا ٿئي هٻڪار ڪا، هر هڪ مٿي کوٽي کري.
13-
هن سڄڻ سانگي هميشهه، ”نياز، ۽ نئڙت ڪبي،
دلربا ايندو تڏي پر، ڪو جڏهن ڍارو ڍري.
14-
يا خدا آباد رک، تون ديس منهنجي کي سدا،
بخت ۾ اهڙي بڻائج، تُل نه اُن جي ڪو تري.
(2)
دير ڇا جي، سر ڏئي سوريءَ کي سرچايون کڻي،
پاڻ ئي پڙ ۾ پيارا پير ٿا پايون کڻي.
موت جهڙيءَ ماٺ ۾ آواز آهي روشني،
ڪو نه ڳالهائي ته ديوارن سان ڳالهايون کڻي.
خون جيئرو جاڳندو پٿر تي چمڪي ڪيئن ٿو،
سامهون ديوار آهي، سر کي ٽڪرايون کڻي.
پاڻ کان ڪوزي ۾ دريا، بند ٿيندو ڪو نه ڪو.
هاڻ ڪوزي کي ئي ٿا دريا ۾ اڇلايو کڻي.
(امداد حسيني)
قطعو
”قطعو“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي
”ڪپيل يا وڍيل ٽڪرو“. اصطلاحي معنيٰ موجب، اهو نظم
جو ٽڪرو جو چئن هموزن مصرعن يا ٻن شعرن تي مشتمل
هوندو آهي ۽ منجهس هر ٻيو نمبر مصرع قافيي واري
ٿيندي آهي.
قطعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه شعر يا انهيءَ کان وڌيڪ شعر
به آڻي سگهجن ٿا. هن ۾ ڪڏهن ڪڏهن غزل وانگر پهريون
شعر يعني ”مطلع“ به ايندو آهي، جنهن جي ٻنهي مصرعن
۾ قافيو ۽ رديف هوندو آهي ۽ اُن سان باقي شعرن جي
هر ٻيو نمبر مصرع قافيه دار يا ساڳئي رديف ۾ ايندي
آهي. قطعي ۽ قافيي سان گڏ رديف ملائڻ يا رڳو قافيو
آڻڻ، شاعر جي مرضيءَ تي ڇڏيل هوندو آهي. هن ۾ ڪنهن
مقرر بحر يا وزن جو قيد آهي ئي ڪونه، جنهن ڪري
ڪنهن به بحر يا وزن تي چئي سگهجي ٿو.
قطعي ۾ اڪثر هڪ مضمون يا هڪ خيال مسلسل پيش ڪيو
ويندو آهي. هن ۾ گهڻو ڪري عشق ۽ محبت جا راز ۽
ڪڏهن ڪڏهن اخلاقي نڪتا به سمجهايا ويندا آهن. هت
مختلف شاعرن جا ڪجهه قطعا مثال طور ڏجن ٿا:
(1)
فائدي پنهنجي لئي هر ڪو دوست آهه،
ڪم لٿو بس پو ڊکڻ وسريو وڃي.
ٿو هرارن ۾ لڀي ڪو با وفا،
جو ڏکن ۽ مشڪلن ۾ ڪم اچي.
(ميان غلام سرور ”فقير“)
(2)
محبت ۾ ستم سهڻا پون ٿا،
پيالا زهر جا پيڻا پون ٿا.
وفا ۾ ساهه سر ڏي ناهه ڏسبو،
هتي هر شيءَ تان هٿ ڌئڻا پون ٿا.
(”مشتاق“ سچاروي)
(3)
تاڙين جو ڦهڪو ٻي ڳالهه،
چوڙين جو ڇڻڪو ٻي ڳالهه،
محفل ۾ کلندي ئي کلندي،
دلبر جو دڙڪو ٻي ڳالهه.
(”پروانو“ ڀٽي)
(4)
دل جي دنيا ۾ ڪا عجب آهي،
بس هلي پئي حسين اشارن تي.
سادگي آ فريب سهڻن جي،
ڀروسو ڪر نه حسن وارن تي.
ڪنهن کسي مُرڪ گل جي چپڙن تان؟
ڪهڙي آفت ڪري. بهارن تي؟
ٻيڪ ٻڪريءَ جي ڪين ٿي ٻُڌجي،
ڪهڙا گهوڙا چڙهيا سوارن تي؟
(”نديم“ انصاري)
(5)
پهچائيندو ڪهڙي پار،
ماڻهوءَ کي مايا جو موهه؟
ڪيسين رهندو راڄ- ڌڻي.
راجا جو راڄن سان ڊوهه؟
(”ذوالفقار“ راشدي)
(6)
دشمن جونِ پٽي ڇڏيو پاڙون،
دوستن سان دل کي هيرايو.
پاڻ ۾ ئي جُهڪيل جُهڪي ملبو،
غير جو سِرُ کڄي ته ڪيرايو.
(ڊاڪٽر ”بيخود“ حسيني)
مثنوي
”مثنوي“ لفظ جو تعلق ”مثنيٰ“ سان آهي، جو عربي لفظ
”تثنيه“ مان نڪتو آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”ٻه
يا جوڙو.“ اصطلاحي معنيٰ موجب ”مثنوي“ اُهو شعر
آهي، جنهن جو هر هڪ بند ٻن مصرعن تي مشتمل هوندو
آهي ۽ اُهي ٻئي مصرعون پاڻ م هم وزن ۽ هم قافيه
ٿينديون آهي. هن صنف ۾ ڏوهيڙي وانگر قافيو ٻنهي
مصرعن جي آخر ۾ ايندو آهي. ڪنهن ڪنهن مثنوي ۾ رديف
به استعمال ڪيو ويندو آهي.
مثنوي ۾ مختلف هم وزن بند هڪ ٻئي سان ملائي رکيا
ويندا آهن. هن ۾ بندن جو انداز مقرر نه هوندو آهي.
منجهس ٿوري ۾ ٿورا ڪيترا به بند ۽ گهڻي ۾ گهڻا
هزار کان مٿي بند آڻي سگهجن ٿا، جن ۾ ڪا ڳالهه يا
ڪو واقعو مسلسل طور بيان ڪيو ويندو آهي.
مثنوي جا سڀ بند قصيدي ۽ غزل وانگر ساڳئي قافيي جا
پابند نه هوندا آهن. هن ۾ هر هڪ بند جدا جدا قافيي
سان ايندو آهي؛ يعني هر هڪ بند جون ٻئي مصرعون پاڻ
۾ هم قافيه ٿينديون آهن ۽ اهڙي نموني سان مثنويءَ
جو هڪڙو بند ٻئي بند سان قافيي ۾ ڪابه موافقت يا
هڪ جهڙائي نه ڏيکاريندو آهي. اهائي خاصيت آهي جو
مثنوي ٻين صنفن کان وسيع ۽ نرالي ٿيندي آهي.
مثنوي جوڙڻ لاءِ اصل ۾ ست بحر مقرر ٿيل آهن. اُهي
هي آهن:
1-
بحر متقارب مثعن مقصور يا محذوف:
وزن: فعولن فعولن فعولن فعل (مقصور).
فعولن فعولن فعولن فعل (محذوف).
2-
بحر هرج مسدس مقصور يا محذوف:
وزن: مفاعيل مفاعيلن مفاعيل (مقصور).
مفاعيلن مفاعيلن فعوان (محذوف).
3-
بحر هزج مسدس اخرب مقبوض مقصور يا محذوف:
وزن: مفعول مفاعلن مفاعيل (مقصور).
مفعول مفاعلن فعولن (محذوف).
4-
بحر رمل مسدس مقصور يا محذوف:
وزن: فاعلاتن فاعلاتن فاعلات (مقصور)
فاعلاتن فاعلاتن فاعلن (محذوف).
5-
بحر رمل مسدس مخبون مقصور يا محذوف:
وزن: فاعلاتن فعلاتن فعلات (مقصور).
فاعلاتن فعلاتن فعلن (محذوف)
6-
بحر سريع مسدس مطوي مڪسوف يا مطوي موقوف:
وزن: مفتعلن مفتعلن فاعلن (مطوي مڪسوف).
مفتعلن مفتعلن فاعلات (مطوي موقوف).
7-
بحر حفيف مسدس مخبون مقصور يا محذوف:-
وزن: فاعلاتن مفاعلن فعلان (مقصور).
فاعلاتن مفاعلن فعلن (محذوف).
مثنوي جوڙڻ لاءِ اصل ۾ اهي ست بحر مقرر ٿيل آهن،
پر اڄ ڪلهه جي شاعرن انهن ستن بحرن تي مثنوي جوڙڻ
جي پابنديءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ هو اڪثر
سڀني بحرن ۾ مثنوي لکن ٿا. البت ننڍن بحرن ۾ مثنوي
لکڻ بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ وڌيڪ دلڪش ۽ اثر
انداز ٿئي ٿي.
مثنوي اصل ۾ ايران جي پيدائش آهي، جا سنڌ ۾ علم
عروض جي پيرپائڻ سان سنڌي شاعرن رواج هيٺ آندي.
مضمون جي لحاظ کان مثنوي جا ڪيترائي قسم آهن؛
جهڙوڪ:
1-
رزميه يا تاريخي مثنوي:
هن قسم جي مثنويءَ ۾ ڪنهن لڙائيءَ يا جنگ جو مفصل
احوال يا ڪو دکدائڪ واقعو بيان ڪيو ويندو آهي،
جنهن جي پڙهڻ يا ٻڌڻ سان ان جو سمورو نقش هر وقت
اکين اڳيان پيو ڦرندو ۽ ازخودئي زبان مان ان وقت
غم ۽ غصي جا آواز اُڌمو کائي پيا ٻاهر نڪرندا.
2-
عشقيه مثنوي:
عشقيه مثنوي ۾ حسن ۽ عشق جا ڊگها داستان پيش ڪيا
ويندا آهن. هن ۾ گذريل دور جا رومانوي قصا، جهڙوڪ،
سسئي - پنهون، هير - رانجهو؛ سهڻي- ميهار، ليليٰ-
مجنون، مومل- راڻو، نوري- ڄام تماچي، ليليٰ چنيسر،
۽ سورٺ- راءِ ڏياچ، وغيره تفصيل سان بيان ڪيا
ويندا آهن.
3-
اخلاقي مثنوي:
هن قسم جي مثنويءَ ۾ ڪن گذريل عظيم ۽ بلند ڪردار
شخصيتن جي ڪارڪردگي ۽ سندن اخلاق کي چمڪايو ويندو
آهي. ڪن مثنوين ۾ اخلاق کي بلند رکڻ لاءِ ڪي مفيد
مشورا ۽ هدايتون ڏنيون وينديون آهن. هن قسم ۾
مثنوي محمدي، سنڌ جو شاهنامو، يوسف- زليخا، وغيره
شامل آهن.
مٿين قسمن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون مثنويون
لکيون ويون آهن ۽ اڄ به لکيون وڃن ٿيون، جن ۾ ڪن
حاڪمن يا بلند مرتبي وارن انسانن جا قصا يا
آکاڻيون ڏنيون وڃن ٿيون. ڪن ۾ ته وري قدرت جا عجيب
و غريب نظارا به چٽيا ويندا آهن. اهڙي قسم جون
مثنويون آهن، دودو چنيسر، سڪندر نامون، مصر جي
راڻي، نورجهان ۽ جهانگير، تقدير، وغيره وغيره، هت
هڪ ننڍي مثنوي مثال طور ڏجي ٿي:-
(1)
وزن: فعولن فعولن فعولن فعل.
چڱن جي سنگت ۾ گذارج سدا،
جو صحبت جو ٿئي ٿو اثر اي ادا.
چڱن جي سنگت ۾ وڌي مان شان،
چڱن جي سنگت ۾ آهه پارس سمان.
چڱن جي سنگت مان ملي ماڻهپو،
چڱين عادتن جو به رستو اِهو.
سنگت بد سندو آهه بڇڙو ئي ڦل،
رهج تون انهيءَ کان سدائين ڇٽل.
سنگت آهه بڇڙيءَ کي هر هنڌ ڌڪار،
رهي ٿو ڪسنگي خراب ۽ خوار.
(محمد صديق ”مسافر“)
رباعي
”رباعي“ عربي ٻوليءَ جو لفظ ”ربع“ مان نڪتل آهي،
جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”چار“. اهڙي طرح سان
رباعيءَ جي لفظي معنيٰ ٿيندي ”چار حصا يا چار
جزا“. اصطلاح موجب، رباعي اهو چئن هموزن مصرعن
وارو شعر آهي، جنهن جي پهرين، ٻي ۽ چوٿين مصرع هڪ
ٻئي سان هم قافيه ۽ ساڳي رديف ۾ اينديون آهن؛ باقي
ٽين مصرع قافيي ۽ رديف کان بلڪ آزاد هوندي آهي. هن
کي ”دو بيتي“، ”چار مصرعي“ يا ”ترانه“ به چئبو
آهي.
رباعيءَ جي خاص ”بحر هزج“ آهي، جنهن جي ڪن وزنن تي
هيءَ صنف جوڙي ويندي آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻئي
ڪنهن به بحر ۾ رباعي ٺاهي نه ٿي سگهجي. اهو ئي سبب
آهي جو هيءَ هڪ مشڪل صنف ليکي وڃي ٿي، جنهن تي ڪي
ٿورا شاعر طبع آزمائي ڪندا رهيا آهن.
بحر هزج مان ٻه ٻيا بحر نڪتل آهن، جن جي 24 وزنن
تي رباعيءَ جي صنف تيار ڪئي ويندي آهي. هت اهي سڀ
وزن ڏجن ٿا:
بحر هزج مثمن اخرب مان جوڙيل:
وزن: 1- مفعول مفاعلن مفاعيل فعول.
1-
مفعول مفاعلن مفاعيلن فاع.
2-
مفعول مفاعلن مفاعيل فعل
3-
مفعول مفاعلن مفاعيلن فع.
4-
مفعول مفاعيل مفاعيل فعول.
5-
مفعول مفاعيل مفاعيلن فاع.
6-
مفعول مفاعيل مفاعيلن فعل.
7-
مفعول مفاعيل مفاعيلن فع.
8-
مفعول مفاعيلن مفعول فعول
9-
مفعول مفاعيلن مفعولن فاع.
10-
مفعول مفاعيلن مفعول فعل.
11-
مفعول مفاعيلن مفعولن فع.
بحر هزج مثمن اخرم مان جوڙيل:
1-
مفعولن فاعلن مفاعيل فعول.
2-
مفعول فاعلن مفاعيل فاع.
3-
مفعولن فاعلن مفاعيل فعل.
4-
مفعولن فاعلن مفاعيلن فع.
5-
مفعولن مفعول مفاعيل فعول.
6-
مفعولن مفعول مفاعيلن فاع.
7-
مفعولن مفعول مفاعيل فعل.
8-
مفعولن مفعو مفاعيلن فع.
9-
مفعولن مفعولن مفعول فعول.
10-
مفعولن مفعولن مفعولن فاع.
11-
مفعولن مفعولن مفعول فعل.
12-
مفعولن مفعولن مفعولن فع.
مضمون جي لحاظ کان رباعي هڪ مڪمل ۽ جدا حيثيت رکي
ٿي، جنهن ۾ رڳو هڪ شئي، هڪ ڳالهه يا هڪ واقعي جو
مختصر پر جامع ذڪر پيش ڪيل هوندو آهي. رباعيءَ جي
آخري مصرع ۾ ڪڏهن ڪڏهن شاعر پنهنجو تخلص به آڻيندا
آهن. رباعيءَ جي چوٿين مصرع تمام اهم هوندي آهي،
ڇاڪاڻ ته انهيءَ مصرح جي بنيادي خيالن تي ئي رباعي
جي پوري عمارت بيهاري وڃي ٿي. انهيءَ مصرع جي ٻُڌڻ
سان پورو مضمون بلڪل ظاهر ٿي پوندو آهي. اڄ ڪلهه
جي رباعي گو شاعرن وري ٽين مصرع کي اهم ٺهرايو
آهي. |