سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :17

سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي شاعرن رباعيءَ جي فن تي طبح آزمائي ڪئي آهي ۽ اڄ به ڪندا رهن ٿا، جن مان آخوند محمد قاسم، مير علينواز خان ”ناز“ والي خيرپور رياست، مرزا قليچ بيگ، علي محمد ”قادري“، محمد بخش ”واصف“، حافظ ”احسن“ چنا، وغيره جون رباعيون ڇپيل صورت ۾ ملن ٿيون. انهن کان سواءِ مخدوم طالب الموليٰ، ليکراج ”عزيز“ ۽ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ جون رباعيون پڻ ڪيترن ماهوار رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن.

هت ٻه رباعيون مثال طور ڏجن ٿيون:

(1)

جنهن دور ۾ انصاف نه ٿيندا آهن،

حقدار کي ڪو حق نه ڏيندا آهن،

ٻڌجي ٿو ته ان دور سندا پيءُ ۽ ماءُ،

اولاد به باغي ئي ڄڻيندا آهن.

(استاد)

(2)

جي ٻيو ٿيو زبردست ته تون زير رهج،

تون ڍال رهج، پر نه تون شمشير رهج،

وڃجانءِ نه ”مسافر“ تون تڪبر ويجهو،

ڪو چائي سوا سير، ته تون سير رهج.

ڪڏهن ته شاعر هڪ کان وڌيڪ رباعيون هڪ ٻئي سان ملائي، هڪ ڊگهو نظم ٺاهيندا آهن. اهڙو مثال نثار ”بزمي“ جو هت نموني طور ڏجي ٿو، جنهن ۾ ٽي رباعيون شامل ٿيل آهن_

نظم

مرڪ هر محلات جي تنهنجي مٿان گهوري ڇڏيان،

وس پڄي منهنجو ته توکي سون ۾ توري ڇڏيان.

دم قدم تنهنجي سان دنيا ٿي رهي هيءَ دائما،

ڇو نه تنهنجي نام کي مان ساهه ڏي سوري ڇڏيان.

 

رائگان وينديون نه اي مزدور! تنهنجون محنتون،

توئي دنيا ۾ ته آنديون لذتون ۽ فرحتون.

تنهنجي باعث ٿا اميرن جا اڱڻ اُجرا رهن،

تو بنا جيڪر زماني تي هجن ها زحمتون.

خون تنهنجي مان اسان کي روشنائي ٿي ملي،

سچ پڇين تنهنجي بدولت رهنمائي ٿي ملي،

ڀاڳ سان ڀرپور دنيا ۾ آهي تنهنجو وجود،

ذات تنهنجي کان زماني کي ڀلائي ٿي ملي.

مستزاد

”مستزاد“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”وڌايل“. اصطلاحي معنيٰ موجب، اُهو شعر جنهن ۾ هر هڪ مصرع کان ٻه يا ٽي موزون الفاظ قافيي وارو وڌائي پيش ڪيل هجن ۽ اهو وڌايل ٽڪرو ان شامل مصرع سان هم قافيه هجي. البت وڌايل ٽڪرو قافيي کان بغير به آڻي سگهجي ٿو، پر بهتر ائين آهي ته جنهن مصرع جي وڌايل ٽڪرو هجي اهو انهيءَ مصرع جي قافيي سان برابر هجي. اهڙي شعر کي ”ڏيڍو شعر“ چئبو آهي. اهڙي قسم جون ٻه مصرعون گڏڻ سان هڪ بند ٺهندو آهي ۽ ائين ڪجهه بند ملائي هڪ نظم تيار ڪيو ويندو آهي؛ جنهن جي پهرئين بند کي غزل وانگر ”مطلع“ چئبو آهي.

مستزاد تي جوڙيل نظم ۾ مطلع جون ٻئي مصرعون وڌايل ٽڪري سميت هڪ ٻئي سان هم وزن ۽ هم قافيه ٿينديون آهن ۽ باقي بندن مان هر هڪ بند جي پهرين مصرع ۾ ان جو وڌايل ٽڪرو پاڻ ۾ هم قافيه ٿيندا آهن، پر مطلع سان ساڳئي قافيي ۾ نه هوندا آهن. البت انهن جو وزن مطلع سان موافقت رکندو آهي ۽ ٻي مصرع ساڳئي وزن ۾ پهرئين بند جي ٻنهي مصرعن يعني مطلع سان هم قافيه ٿيندي آهي.

مستراد هر هڪ وزن تي چئي سگهجي ٿو ۽ منجهس سڀ ڪنهن قسم جو مضمون آڻي سگهجي ٿو. هت ”قلندر“ لڪياريءَ جو مستزاد تي جوڙيل نظم مثال طور ڏجي ٿو:

نظم

آيو وري سانوڻ کڻي سڀ ساز سنڀاري- دل توکي پڪاري!

جڳ کي ڏسي خوشين ۾ پيو منڙو منجهاري- آ واڳ تون واري!

جانب سوا هن جڳ ۾ ڀلا ڪهڙو جيئڻ آ- سچ روز مرڻ آ،

آهي اها اميد پئي مون کي جياري- پر غم به ٿو ماري!

مان ويٺو اڃا تائين آهيان آس لڳائي- ٿو ڇڏيو ڀلائي،

عاشق هي عمر ڪيئن وڇوڙي ۾ گذاري- هائي ڪو سيکاري!

هي عشق جو آڙاهه سدا دل ۾ ٻري ٿو- ۽ ڪين ٺري ٿو،

آتش نه اُجهائي ڪنهين ساوڻ يا سياري- ٻرنديءَ کي ٻاري!

ڇا عيدون براتون، هي ڇا تهوار هي ميلا- هي ساز سريلا،

هر واقعو تنهنجي ٿو اچي ياد ڏياري- ۽ مون کي رئاري!

اي ڪاش ”قلندر“ ڪو اُگهي اکڙيون پرنم- آهين ڪٿي بالم؟

ديوانو اوهان لاءِ ويٺو راهه نهاري- پنبڻين سان ٻهاري!
فرد

”فرد“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ اهي ”اڪيلو يا ڇڙهو“. اصطلاحي معنيٰ موجب، اُهو ٻن مصرعن وارو شعر جو بلڪل مفرد يا اڪيلو هجي ۽ اُن جو ٻئي ڪنهن شعر سان ڳانڍاپو يا تعلق نه هجي.

فرد جون ٻئي مصرعون پاڻ ۾ هموزن ٿينديون آهن، پر انهن ٻنهي جو قافيو ساڳيو هجڻ لازمي نه هوندو آهي؛ يعني ٻئي مصرعون قافيي ۾ هڪ ٻئي کان مختلف ٿينديون آهن. البت ڪنهن فرد ۾ ٻئي مصرعون هم قافيه به اينديون آهن.

شاعريءَ جي هن فن ۾ اخلاقي توڙي عشق و محبت ۽ ٻئي هر قسم جو مضمون آڻي سگهجي ٿو. هت هڪ فرد مثال طور ڏجي ٿو:-

فن جي ڄاڻڻ جو قدر ڄاڻن فقط اهل. هنر،

جوهريءَ کي ٿي رهي، هر وقت جوهر جي تلاش.

ڪي شاعر ڪجهه فرد ملائي هڪ ڊگهو نظم ٺاهيندا آهن. انهيءَ نظم ۾ هڪ فرد جو ٻئي فرد سان سلسلو يا لاڳاپو نه هوندو آهي. اهڙي قسم جو هڪ نظم يا فردن جو مجموعو ”ولي“ سروري جو مثار طور پيش ڪجي ٿو:

سڄڻ کي تحفو ڏنم دل، مگر نه ورتائين،

چيائين ويشنو آهيان، ڪباب ڪونه کپي.

پري کان وڃي پيئون پيرين اکيون،

جهڪي وئي جبين سنگ در کان اڳي.

لڙڪ وهنجارين لاشو عشق جو.

سرنگون شل حسن جو پرچم هجي.

ڪيم دربان کي سجدو ديد خاطر،

ٿيس مشرڪ فقط هڪ مدعا ۾.

اکيون ٿيون فروزان شب انتظار،

ويو خون دل تيل بنجي ٻري.

حضور- يار آخر جان به لب پهتس،

وڏي درجي وڃي ادنيٰ نسب پهتس.

پڇين ٿو وحشتِ دل جا اگر شاهد،

ته هي منهنجي جبين، هو سنگِ در شاهد.

مسمط

”مسمط“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”موتي ڌاڳي ۾ پوئڻ“. اصطلاحي معنيٰ موجب هڪ مصرع تي ڳچ جيتريون ٻيون مصرعون ساڳئي وزن ۽ ساڳئي قافيي واريون گڏ آڻجن. پوءِ جيڪڏهن هڪ وقت ٽي مصرعون گڏ اچن ته اُن کي ”مثلث“ چئبو ۽ جي چار مصرعون هجن ته ان کي ”مربع“ چئبو. اهڙيءَ طرح پنج مصوعون هونديون ته ان کي ”مخمس“ چئبو؛ ڇهن مصرعن واري شعر کي ”مسدس“، ستن مصرعن واري شعر کي ”مسبع“، اٺن مصرعن واري شعر کي ”مثمن“، نون مصرعن واي شعر کي ”متسع“ ۽ ڏهن مصرعن واري شعر کي ”معشر“ چئبو آهي.

هت شعر جا اُهي اَٺ ئي قسم مثالن سميت پيش ڪجن ٿا:

مثلث

”مثلث“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”ٽن مصرعن وارو شعر“. يعني اهو نظم، جنهن جو هر هڪ بند ٽن مصرعن تي مشتمل هوندو آهي ۽ آهي مصرعون پاڻ ۾ هم وزن هونديون آهن، اهڙيءَ طرح مثلث جا سڀ بند ساڳئي وزن ۾ ايندا آهن، جن مان اڪثر پهريون بند سڄوئي هم قافيه هوندو آهي ۽ باقي بندن مان هر هڪ بند جون پهريون ٻه مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه ٿينديون آهن ۽ ٽين مصرع جو قافيو وري پهرئين بند جي قافيي جهڙو هوندوآهي. ڪي نظم اهڙا به ملن ٿا، جن ۾ مثلث جي هر هڪ بند جون ٽئي مصرعون پاڻ م هم قافيه رکيو ويون آهن. هت مثلث جا ڪجهه نمونا نمونا پيش ڪجن ٿا:-

نظم

(1)

عشق جو ڪافر بڻي اسلام ڪامل ٿو ڪريان،

دين حق ثابت دوئي جو دين باطل ٿو ڪريان،

سڀ ثوابن ۽ گناهن کان اڇي دل ٿو ڪريان.

عبديت ۽ احديت جي سِرَ جو سرور بڻي

ويد ۽ قرآن جي اسرار جو مظهر بڻي،

مسجد و مندر اندر غافل کي عاقل ٿو ڪريان.

(نجفي)

(2)

ڪنهن کي ساندهه ننڊ وڻي؟ ڪير وسائي ننڊ وڃي؟

ڪير نه چاهيندو ڪَرَ- موڙ؟ ڪير نه اُٿندو منڊ ڀڃي؟

ڪنهن جو من اڄ ناهه سجاڳ؟ ڪنهن جي آهي سوچ سڃي؟

ليڪن پهريان نڪري ڪو نيتي بيهي نينهن-نماز،

اڳ ۾ ڪو محدود هجي ايندا پاڻان پاڻ اياز،

اُڀري اول ڪوئي گيت، سَر ملائيندا سَوَ ساز،

وستيءَ وستيءَ ۾ واڄٽ، واهڻ واهڻ ڪوئي وجهي،

هڪڙوئي آواز هجي، ليڪن گهر گهر منجهه ٻُجهي،

پوءِ به پَٺتي رهندو ڪو؟ مون کي ڪوئي ڪين سجهي.

سڀڪو سورهه ۽ سرويچ، گهر گهر هڪ گرناري ڪوٽ،

سڀڪو راءِ ڏياچ هتي، ڪو سِرُ گهوريندڙ گهوٽ،

ڪوئي ٻيجل دان گهري، ڪوبه چوندس؛ ”پٺتي موٽ.“

(”ذوالفقار“ راشدي)

مربع

”مربع“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”چئن مصرعن وارو شعر“. اصطلاحي معنيٰ موجب، مربع اهو نظم آهي، جنهن جي هر هڪ بند ۾ چار هم وزن مصرعون هونديون آهن. هن جو پهريون بند اڪثر سڄوئي هڪ قافيه ٿيندو آهي ۽ باقي هر هڪ بند جون پهريون ٽي مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن، پر چوٿين مصرع جو قافيو وري پهرئين بند جي قافيي سان مواقف ٿيندو آهي.

مربع ۾ هر ڪنهن قسم جو مضمون آڻي سگهجي ٿو. هت بلاول ”پرديسي“ جو مربع تي جوڙيل نظم مثال طور ڏجي ٿو:

نظم

ملڪن جو معمار سڏايان،

ڪوٽ جهالت جا ڪيرايان،

سچ جا ڪاڪ محل ٺهرايان،

پيار ڀريا پيغام سڻايان!

منهنجي خون سان سبز هي گلشن،

منهنجي مُرڪ سان مکڙيون مُرڪن،

منهنجي ٻول تي گل ڦل جهومن،

رڻ پٽ کي گلزار بڻايان!

علم ادب سان ناتو منهنجو،

قوم جي خدمت شيوو منهنجو،

سڀ کان افضل پيشو منهنجو،

محنت سان ٿو مان وڌيان!

راهه مان گردو غبار هٽائي،

بي علميءَ جا بند مٽائي،

جڳ ۾ گيان جي جوت جلائي،

پانڌيئرن کي پار پڄايان!

مور جي چال کي ڪانگ ڇا ڄاڻن؟

سون جي ساک سڃا ڇا سمجهن؟

پارس کي انڌا نه پروڙن،

پنهنجي منزل پاڻ بڻايان!

(بلاول ”پرديسي“)

مخمس

”مخمس“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”پنجن مصرعن وارو شعر“. اصطلاحي معنيٰ موجب، مخمس اهو نظمّ آهي، جنهن جي هر هڪ بند ۾ پنج هم وزن مصرعون هونديون آهن ۽ هن جو پهريون بند اڪثر سڄوئي هم قافيه ٿيندو آهي ۽ باقي هر هڪ بند جون پهريون چار مصرعون پاڻ هم قافيه هونديون آهن، پر پنجين مصرع جو قافيو وري پهرئين بند جي قافيي جهڙو ٿيندو آهي.

موجوده دؤر ۾ شاعرن مخمس تي اڪثر جوڙيل نظم جا سڀئي بند جوڙجڪ ۾ هڪ جهڙا بيهاريا آهن؛ يعني پهرئين بند کان وٺي آخر تائين هر هڪ بند جون پهريون چار مصرعون هڪ ٻئي سان هم قافيه رکيون آهن ۽ باقي پنجين مصرع انهن چئني مصرعن کان مختلف قافيي ۾ آندي آهي ۽ ساڳئي وقت اها پهرئين بند جي پنجين مصرع سان پڻ هم قافيه رکي وئي آهي.

مخمس ۾ اڪثر قومي ۽ اخلاقي مضمون پيش ڪيا ويندا آهن. پر اڄ ڪلهه عشق ۽ محبت جا مضمون پڻ منجهس آندا وڃن ٿا. هت ”نظامي“ جي چيل نظم مان پهريان ٻه بند ۽ حافظ ”احسن“ چنا جو هڪ نظم نموني طور پيش ڪجن ٿا:

خدا جي راهه ۾ جيڪو ڪري خدمت فنا ٿيندو،

يقين تنهن کي هميشهه لئي عطا آب بقا ٿيندو،

حباب زندگيءَ تي هي ڪندو جي ناز ڇا ٿيندو،

اهو جوڀن جوانيءَ جو نشو آخر هوا ٿيندو،

نه لقمان جي اتي هلندي جتي حڪم قضا ٿيندو.

تجمل شان ۽ شوڪت سڄو گلزار بيٺي سان،

مڙئي مائٽ سڀئي ساٿي اٿئي اغيار بيٺي سان،

سڳو پيءُ ماءُ بيٺي سان سڄو سنسار بيٺي سان،

زمانو آهي مطلب جو عزيز ۽ يار بيٺي سان،

مصيبت تنگدستيءَ ۾ نه اوڏو آشنا ٿيندو.

(نظامي)

اڄوڪي زمانو

زماني جو اهڙو وريو آهه واءُ،

جو پٽ پيءُ جو دشمن ۽ ويري ٿيو ڀاءُ؛

مٽن مائٽن ۾ نڪو لاءَ ساءُ،

محبت جي مڻ مان بچيو ڪونه پاءُ؛

ڇڏيو قرب اڄ آهه قربائتن!

اصيلن جي عزت گهٽي آبرو،

ڪميڻا هينئر جا بجا سرخرو؛

صداقت جي ڪنهن ۾ رهي ڪانه بُو،

دغا ڪوڙ جي اڄ هلي گفتگو؛

وڃائي ڇڏيو شان شانائتن!

گهٽيو قرب، ڪلفت وئي ٿي ڪثر،

زمانو محبت جو ويو ٿي گذر،

چڱي جي چوڻ جو گهٽيو اڄ اثر،

ويا ماڻهو مٽجي سمورا مگر؛

مروت مٽي ڪين مانائتن!

هئا يار جيڪي سي اغيار ٿيا،

جتي گل هئا اڄ اتي خار ٿيا،

پراوا ڇا، پنهنجا به بيزار ٿيا،

ڦري صلح مان جنگ تڪرار ٿيا؛

ڇڏي آهه حجت به حجائتن!

پيو انقلاب آهه اڄ جا بجا،

رهيو ڪو نه هاڻي سچو آشنا؛

نه همدرد، غمخوار ڪو با وفا،

وڙهن پاڻ ۾ اڄ ٿا ڀائر سڳا،

ميارون نه اڄ ڀائرن مائيٽن!

لڏي لوڪ مان ويا ڪلئي قربدار،

غمن رهيو ڪونه ڪو غمگسار؛

سي دشمن ٿيا، جي هئا يار غار،

ڪندو لطف ”احسن“ ته پروردگار؛

اهو آسرو آهه آسائتن!

(حافظ ”احسن“ چنا)

مسدس

”مسدس“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”ڇهن مصرعن وارو شعر“. اصطلاحي معنيٰ موجب، مسدس اهو نظم آهي، جنهن جي هر هڪ بند ۾ ڇهه هم وزن مصرعون هونديون آهن، جن مان عام طرح پهريون چار مصرعون (پنجين ۽ ڇهين) مٿين چئني مصرعن کان مختلف قافيي واريون هونديون آهن، پر اهي ٻئي پاڻ ۾ هم قافيه ٿينديون آهن، هن ۾ هر بند جي آخر ٻن مصرعن جو، پهرئين بند جي آخري ٻن مصرعن سان هم قافيه هجڻ لازمي نه آهي. مسدس ۾ اڪثر اخلاقي يا قومي مضمون پيش ڪيا ويندا آهن، پر موجوده دؤر ۾ شاعر منجهس عشق ۽ محبت جون آکاڻيون به آڻين ٿا. هت ميان غلام سرور قادري ”فقير“ جي مسدس تي جوڙيل هڪ نظم مان، ڪجهه بند مثال طور ڏجن ٿا:-

حال زندگي

(1)

ٻڌايو اي بشر، آدم ٿيو ڇا لئي آهي پيدا،

شرف ورڪل خلائق ۾ ڪيو ڇو تنهن کي حق تعاليٰ،

تفاوت اُنس ۽ حيوان ۾ قدرت ڪيو چئو ڇا،

رکن ٿا ساهه خر، ڏاڙهي ٻڪر، ٻولن ته طوطا ٿا؛

ذرو ڪجهه چئو ته آدم جي آهي صفت و ثنا ڪهڙي؟

آهي انسان ڇا ۽ آدميت آءِ بلا ڪهڙي؟

(2)

نه عشرت لئي مگر نيڪي ڪرڻ لئي آيو هت انسان،

ٻين جي دستگيري سبب سڀ کان ٿيو ذيشان،

چڱي اخلاق همدردي رکڻ ٻئي تي ڪرڻ احسان،

اهو آهي فرق يارو فقط منجهه اُنس ۽ حيوان؛

آهي اولاد آدم عضوا هڪ ٻئي جا ۽ سڀ ڀائر،

جو پيدائش ۾ ساڳيو جوهر آهي ٿا چون ماهر.

(3)

خضر بڻجي ڪڏهن گمره جي چؤ تو رهنمائي ڪئي،

ڪهين جي خيال جي ناخن سان تو عقده ڪشائي ڪئي،

ڪڏهن مظلم جي مشڪل ۾ تو حاجت روائي ڪئي،

ڪهين افتاده سان تو مهرباني ۽ ڀلائي ڪئي؛

ڪڏهن ڪجهه ڪم جي آئين وقت ڪنهن آفت رسيدي جي،

سبڻ سان ڪو وڃائي وقت ڪنهن دامن دريدي جي.

(4)

اهي گنج ۽ خزانا ڀاڳ، نيبهه ڪينڪي ٿيندا،

هي مڏيون مال ۾ اسباب ڪجهه ڪم ڪين ڪي ايندا،

پڄاڻا موت بنگلا باغ، ڪارج ڪين ڪي ڏيندا،

سوا گز ڪفن ڌاران ٻيو، کڻي ڪجهه ڪين ڪي ويندا؛

ايندا ڪم روز محشر ۾، چڱا اعمال سڀ توکي،

مددگاري ڪندا آخر ۾، نيڪ افعال سڀ توکي.

(5)

مناسب آءِ ته نيڪ اعمال ۽ طاعت گذاري ڪر،

پسنديدو طريقو سک ۽ عجر و انڪساري ڪر،

ڀلائي ڪر، بديءَ کان باز آءُ ، پرهيزگاري ڪر،

جي توکان ٿي سگهي تان خلق جي خدمت گذاري ڪر؛

ڪندو نيڪي جي ڪوئي اي ”فقير!“، ان کي اجر ملندو.

مرادن جي شجر تنهن جي کي، گل ڦل ۽ ثمر ملندو.

مسبع

”مسبع“ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ستن مصرعن وارو شعر“. اصطلاحي معنيٰ موجب، مسبع اهو نظم آهي، جنهنجي هر هڪ بند ۾ ست مصرعون ٿين ٿيون، جن مان پهريون ڇهه مصرعون هڪ ٻئي سان هموزن ۽ هم قافيه ٿينديون آهن ۽ ستين مصرع مٿين ڇهن مصرعن سان وزن ۾ ساڳي، پر قافيي ۾ مختلف هوندي آهي. مسبع جو پهريون بند اڪٿر سڄوئي هم قافيه ٿيندو آهي ۽ باقي هر هڪ بند جي پوئين (ستين) مصرع پهرئين بند سان هم قافيه هوندي آهي.

اڄڪلهه مسبع تي جيڪي نظم جوڙيا وڃن ٿا، تن ۾ اڪثر سڀني بندن جي سٽاءَ هڪ جهڙي رکي وڃي ٿي؛ يعني پهرئين بند جي جوڙجڪ به اهڙي ئي ٿئي ٿي، جهڙي ان جي پٺيان آيل بندن جي هوندي آهي، جنهن ۾ پهريون ڇهه مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه ٿين ٿيون ۽ باقي ستين مصرع انهن کان مختلف قافيي واري ٿئي ٿي، جنهن سان هر هڪ بند جي آخري مصرع ساڳئي قافيي ۾ اچي ٿي.

شاعريءَ جي هن صف ۾ هر قسم جو موضوع پيش ڪري سگهجي ٿو. هت اهڙا مثال پيش ڪجن ٿا، جن ۾ ”بسمل“ ٽکڙائيءَ جي هڪ نظم جا ٻه بند ۽ سردار علي شاهه ”ذاڪر“ جو به نظم شامل آهن:

ماٺ موچاري مزن کان زار خائي جي عوض،

نيڪ نوڙت کي سڃاڻو ڪبريائي جي عوض،

عجز ۽ اخلاص کي وٺ خود نمائي جي عوض،

پاپ جو ڀنڊار ڇڏي تون پار سائي جي عوض،

ڪر برائيءَ کي ڦٽو بابا چڱائيءَ جو عوض،

ڪر برائيءَ کي ڦٽو بابا پارسائي جي عوض،

دشمني دل ۾ نه آڻج آشنائي جي عوض،

چال پنهنجي ڪر چڱي هر هڪ برائي جي عوض.

مرتبي سارو سڀن جي عز و عظمت کي سڃاڻ،

حق بجا ڪر ماءُ پيءُ جوتن جي خدمت کي سڃاڻ،

آدميت آهه اي شرط اخوت کي سڃاڻ،

وٺ طرف مظلوم جو تنهنجي حمايت کي سڃاڻ،

علم ۽ اخلاق سک اُن جي فضيلت کي سڃاڻ،

وٺ سعادت جو سبق پنهنجي شرافت کي سڃاڻ،

قلب ڪارو ڪيم ڪر دل جي صفائي جي عوض.

(”بسمل“ ٽکڙائي)

2

اي لال ڪنوار ڀنڀوري!

تون سانوڻ رُت جي راڻي،

رم جهم جي راڄ ڌياڻي،

تون اُڀ ڏي واهه اُڏاڻي،

تنهنجي پيرن هيٺان پاڻي،

تنهنجو انگ انگ هڪ آکاڻي،

ڄڻ سيتارام ڪهاڻي؛

تنهنجي کنڀن ۾ کسٿوري!

پر اڄ ئي ناز نماڻي،

تنهنجي حالت حيرت هاڻي،

تون ڪهڙي سور سٽاڻي،

جهر جهنگ ڦرين جوڳياڻي،

تنهنجي من ۾ ائين مانڌاڻي،

جيئن جهڻ کي جهڳي جهانگياڻي؛

تنهنجي هر ڪا آس اُڌوري!

ڪجهه ٻولي ڇڏي ٻاراڻي،

ڏي وينگس ڪانه وراڻي،

ڇا يار ڇني ياراڻي،

يا ور لئي تون ويڳاڻي،

يا تنهنجي نينگر نياڻي،

وڃي رب جي پار رساڻي؛

يا مورهين ٻي مجبوري؟

مان سمجهان ٿو ته سيباڻي،

تون تند تڪبر تاڻي،

تنهنجي روپ کان آه رنجاڻي،

ڪا دلڙي دردن هاڻي،

وڃي عرش تي آهه اگهاڻي،

پر سرور ٿيندءِ ساڻي.

تنهنجي ميٽيندو معذوري!

(سردار علي شاهه ”ذاڪر“)

مثمن

”مثمن“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهنجي معنيٰ آهي، ”اٺن مصرعن وارو شعر“. اصطلاحي معنيٰ موجب، مثمن اهو نظم آهي، جنهن جو هر هڪ بند اٺن مصرعن تي مشتمل هجي ۽ اهي مصرعون پاڻ ۾ هموزن ٿين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: