سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :18

مثمن جو پهريون بند اڪثر سڄوئي هم قافيه هوندو آهي ۽ باقي هر هڪ بند جون پهريون ست مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه ٿينديون آهن، پر اٺين مصرع وري پهرئين بند سان ساڳئي قافيي ۾ ايندي آهي.

اڄڪلهه مثمن تي جيڪي نظم ملن ٿا، تن ۾ شروع کان ئي سڀني بندن جي جوڙجڪ هڪ جهڙي نظر اچي ٿي؛ يعني هر هڪ بند جون پهريون ڇهه مصرعون هم قافيه ٿين ٿيون ۽ پويون ٻه مصرعون مٿين ڇهن مصرعن کان قافيي ۾ مختلف پر پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن ۽ ساڳئي وقت هر بند جون پويون ٻئي مصرعون پهرئين بند جي پوين ٻن (ستين ۽ اٺين) مصرعن سان ساڳئي قافيي ۾ اينديون آهن.

مثمن ۾ هر ڪنهن قسم جو مضمون پيش ڪيو ويندو آهي. هت اهڙا ٻه نمونا ”بسمل“ ٽکڙائي ۽ عبدالفتاح ”عبد“ عاقليءَ جا پيش ڪجن ٿا:

1

مهه لقا آيو اڱڻ منهنجي ۾ مهمان بڻجي،

تابش حسن سان خورشيد در خشان بڻجي،

ويٺو آغوش ۾ هر درد جو درمان بڻجي،

پنهنجي بيماري جي لئي عيسيءَ دوران بڻجي،

مست اکين کي کئين ناز مان نگران بڻجي،

شاد ڪيو دل کي سڄڻ خوشدل خندان بڻجي،

منهن سان مرڪيو ٿي جڏهن شوق مان شادان بڻجي،

ڄڻ ڇڻي گل ٿي پيا زينت دامان بڻجي،

هو مگر منهنجو اهو جذب محنت جو اثر،

يا چوان پنهنجي وري خوبي قسمت جو اثر،

دل ڏٺيم شاد مليو روح کي راحت جو اثر،

ڏک لٿا، درد ويا، غم فرقت جو اثر،

هن طراوت ۾ ٿيو محسوس مسرت جو اثر،

نڪتو زلفن مان جڏهن مشڪجي نڪهت جو اثر،

ٿيو عيان عشق ۾، ۽ حسن ۾ الفت جو اثر،

ويا ملي هيڪ ٿي، ڄڻ جسم اندر جان بڻجي،

(”بسمل“ ٽکڙائي)

مسلمانن کي خطاب

ڇو ٿو اي مسلم رهين مافات جي ارمان ۾،

آيہ-’لاتقنطوا‘ ڀي ٿو پڙهين قرآن ۾،

’ليس الانسان الا ماسعيٰ‘ فرقان ۾،

تون سڄڻ سعي وعمل جي اڄ رڳو ميدان ۾،

آنتم الا علون، جي آيت آ تنهنجي شان ۾،

شان شاهي ٿو رهي مخفي سندءِ ايمان ۾؛

جي سڏائڻ ٿو گهرين مومن اٿي ايمان عزيز،

مال زر سر ساهه کان رک يار پاڪستان عزيز.

تون شهنشاءِ جهان، تنهنجي زمين تنهنجوزمن،

تنهنجو چو ٻولو زماني ۾ هيو تنهنجو سخن،

تو اميريءَ کي ڍڪايو هو فقيري پيرهن،

صاحب هر هڪ هنرتون مالڪ هر علم فن،

في سبيل الله سپاهي تون جهان تنهنجو وطن،

تبغ در ڪف ۽ ٻڌل سر سان هيو توکي ڪفن؛

تون خدا جو ۽ خدا تنهنجو، جهان تنهنجو هيو،

هي زمين و آسمان ڇا لا مڪان تنهنجو هيو.

ڇا ويو آ، جي وٺين هاڻي به تون قرآن کي،

عشق ڪامل سوز پنهان ۾ لهين ايمان کي،

لهر گنگا جي ٿي ساري ٿو سندي نيشان کي،

نعره تڪبير آهي ياد هندستان کي،

گامزن راهه عمل ۾ ٿي جي ڳولين مان کي،

تنهنجو مستقبل رسي ماضيءَ جي اعليٰ شان کي؛

تنهنجو بازو اڄ وري بازوئي حيدر ٿي پوي،

بخت تنهنجو ”عبد“ ۽ اقبال نوڪر ٿي پوي.

(عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي)

متسع

”متسع“ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”نون مصرعن وارو شعر“. هن نظم جي هر هڪ بند ۾ (9) نو هم وزن مصرعون ٿينديون آهن، جن مان پهريون اٺ مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه ٿين ٿيون ۽ باقي نائين مصرع قافيي ۾ مختلف هوندي آهي، جنهن سان باقي هر هڪ بند جي نائين مصرع هم قافيه هوندي آهي. ڪن شعرن ۾ ائين به ڏٺو ويو آهي ته پهرئين بند جون سڀئي (نو) مصرعون هم قافيه هونديون آهن ۽ باقي بندن جي پوئين (يعني نائون نمبر مصرع) پهرئين بند جي آخري مصرع سان ساڳئي قافيي ۾ ايندي آهي.

هت متسع جا پنج بند مثال طور پيش ڪجن ٿا. هيءَ شعر منهنجي استاد مولوي نورالدين صاحب ”نور“ جو تازو جوڙيل آهي:

صداقت کي سدائين يار سمجهو،

انهيءَ کي غم رُبا غمخوار سمجهو،

انهيءَ کي دلربا دلدار سمجهو،

انهي کي نفس سان پيڪار سمجهو،

شڪي شيطان تي تلوار سمجهو،

انهي کي عطر ۽ هٻڪار سمجهو،

انهي کي لطف جو گلزار سمجهو،

دل باطل مَ ان کي خار سمجهو،

خدائي دين جو سينگار سمجهو.

رسائي اوج تي تعليم توکي،

پياري ڪوثر و تسنيم توکي،

بنائي لائق تعظيم توکي،

ڏئي ٿي تاج ۽ دئهيم توکي،

ملي ان جي ڪري زرسيم توکي،

ڪي بي خوف ۽ بي بيم توکي،

حوالي ٿي ڪري اقليم توکي،

خودي جي ٿي ڏئي آفيم توکي،

ڪري تعليم ٿي خوددار سمجهو.

فقط تعليم گوهر بي بها آ،

فقط تعلم ئي لطف و عطا آ،

فقط تعليم ئي آب بقا آ،

فقط تعليم ئي دک جي دوا آ،

فقط تعليم اميد و رجا آ،

فقط تعليم تقدير و قضا آ،

فقط تعليم رهبر رهنما آ،

انهي جي حڪم ۾ ارض وسما آ،

انهي کي قوم جو ڪردار سمجهو.

ڇڏيو ويڇا وساري يار بڻجو،

مکن ماکي کان وڌ منٺار بڻجو،

نه ڪنهن جي لاءِ ڀي آزار بڻجو،

پرين پيارا ٿيو ۽ پيار بڻجو،

سراپا قرب ۽ ايثار بڻجو،

دلين جي وکر جا وينجهار بڻجو،

دلين جي ديس جا وڻجار بڻجو،

پرين جي پير جي پيزار بڻجو،

انهي کي سر مئه آبصار سمجهو.

دکايل کي ڪريو مسرور جلدي،

امن سان ٿي وطن معمور جلدي،

ڪري دک درد دل جو دور جلدي،

وطن ٿي ”نور“ رشڪ طور جلدي،

ٿئي ڳڻتي ۽ غم ڪافور جلدي،

لهي نفرت جو دل تان سور جلدي،

محبت جو ٿئي دستور جلدي،

تخالف جي ڇٽي ناسور جلدي،

دلين جو عام ٿئي واپار سمجهو.

معشر

”معشر عربي لفظ آهي؛ جنهن جي معنيٰ آهي، ”ڏهن مصرعن وارو شعر“. معشر اهو نظم آهي؛ جنهنجي هر هڪ بند ۾ ڏهه هم وزن مصرعون هونديون آهن، جن مان پهريون اٺ مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه ٿينديون آهن ۽ باقي ٻه مصرعون (يعني نائين ۽ ڏهين مصرع) هڪ ٻئي سان ساڳئي قافيي ۾، پر مٿين اٺن مصرعن کان مختلف ۽ نراليون هونديون آهن.

معشر جي نظم ۾ هر هڪ بند جي آخري ٻن هم قافيه مصرعن جو پهرئين بند سان يا ان جي آخري ٻن مصرعن سان ساڳئي قافيي ۾ هجڻ لازمي نه ٺهرايو ويو آهي.

معشر ۾ هر قسم جو مضمون آڻي سگهجي ٿو. هت نظم مان ڪجهه بند مثال طور ڏجن ٿا:

سنڌڙي! او جندڙي

سنڌڙي! او جندڙي تنهنجا سدا ويڙها وسن،

تنهنجا جهانگي؛ تنهنجا سانگي سڀ سدا سرها رهن،

تنهنجا مارو مال چارو شل رهن مست و مگن،

تنهنجي گاهن تي ڳئون، وڇڙيون ۽ مينهون ٿيون مچن،

کير جون ساڙهيون سنگهارين کي سدائين ٿيون سنهن،

ٿيون پٽن تي پرهه جو وايون ولوڙڻ جون اچن،

ڏڌ، مکڻ ۾ روز ڏوٿي هيج مان هٿڙا هڻن،

بک ۾ يا ڏک ۾ جيڪوملي، راضي رهن؛

سادگي ۽ سونهن سچ ۽ صلح جي تون سر زمين،

ننگ ۽ ناموس وارا تنهنجا مورئون ٿيا مڪين.

لولڙي او سنڌ جيجل! تنهنجي لا فاني اٿئي،

ٻولڙي ٻاجهارڙي لا ريب لا فاني اٿئي،

تنهنجي ’سسئي‘، ’ماروي، تو لاءِ ديواني اٿئي،

تنهنجو ڪو مهمان نوازيءَ ۾ نه ٻيو ثاني اٿئي،

تنهنجي هر مهمان لئه، تو وٽ مکڻ ماني اٿئي،

هر جڳهه تنهنجي سخاوت جي ثنا خواني اٿئي،

غير- سان ڀي دوستي يارن سان ياراني اٿئي،

ميزبانيءَ تي مگر هر هڪ کي حيراني اٿئي:

تنهنجي نيڪيءَ جا نه ڪجهه هر گز صلا توکي مليا،

تنهنجي عظمت تي هٿئون اغيار سڀ توتي کليا.

سنڌڙي! تنهنجا وريا آهن بلا شڪ نيٺ ڀاڳ،

پنهنجا پيدا ٿيا اٿئي، پنهنجين جي هٿ آتنهنجي واڳ،

ڏنجهه ۽ ڏک ڏور ٿيندا، ڏيهه مان ويندو ڏهاڳ،

نير نيڻن مان نه وهندا، سنڌ ۾ ايندو سهاڳ،

ظلم زوريون ختم ٿينديون، ماريون ماڻينديون ماڳ،

ايندي ڪجلين ۾ چمڪ، نياڻيون به مارينديون مساڳ،

ڏس، متان سنڌي! ستو آهين پسي پنهنجو سڀاڳ،

آ اڻانگو پنڌ، ديرو دور، منزل ڀي اجهاڳ:

تون جتي آهين، اتي ڪجهه ناهه، هل ڪجهه پرڀرو،

هوت خود ايندو هليو، تون ڀي ته ٿي ڪجهه اڳڀرو.

(”عنايت“ بلوچ)

ترجيع بند ۽ ترڪيب بند

”ترجيع“ عربي لفظ آهي، جو ”رجع“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”موٽائڻ، ڦيرائڻ يا ورائڻ“ ۽ ”بند“ فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”جوڙ يا بندش.“ علم عروض جو اصطلاح ۾ ”ترجيع بند“ اهو شعر آهي، جنهن ۾ غزل وانگر پهريائين ڳچ جيترا هم وزن ۽ هم قافيه بيت شامل هجن ۽ انهن جي پٺيان هڪ خاص بيت ساڳي ئي وزن ۾، پر مختلف قافيي وارو هجي، ته ان کي ”بند“ چئبو. اهڙي بند ۾ پهرئين بيت جون ٻئي مصرعون پاڻ م هم قافيه هونديون آهن ۽ باقي هر هڪ بيت جي ٻيو نمبر مصرع، پهرئين بيت سان هم قافيه ٿيندي آهي ۽ آخري بيت (جنهن سان بند جڙي ٿو) جون ٻئي مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه اينديون آهن، پر مٿين بيتن کان قافيي ۾ مختلف هونديون آهن. پر مٿين بيتن کان قافيي ۾ مختلف هونديون آهن، اهڙا ڪيترائي بند هڪ ٻئي پٺيان آڻي، هڪ ڊگهو نظم جوڙيو ويندو آهي، پوءِ جيڪڏهن انهيءَ نظم ۾، پهرئين بند جو آخري بيت باقي هر هڪ بند جي پڇاڙيءَ ۾ ساڳيو وري موٽي اچي ته ان کي ”ترجيع بند“ ڪري چئبو. پر جيڪڏهن اهو خاص بيت هر هڪ بند جي آخر ۾ مختلف هوندو ته ان کي ”ترڪيب بند“ چئبو. هت ترجيع بند ۽ ترڪيب بند جا ٻه ٻه بند مثال طور پيش ڪجن ٿا:

1 ترجيع بند

مثال: ”فاضل“:

الله جي اڳيان انتظاري ڪجي،

تياري طلب تات تاري ڪجي.

شب و روز درگاهه ۾ حق جي،

ڇڏي زور، اظهار زاري ڪجي.

ڪڍي غير غفلت ڪشي قلب مان،

سماچار سڀ سرت ساري ڪجي.

هم خلق سان هوئجي خوش خليق،

نه اغيار سان يار ياي ڪجي.

رکي فڪر ”فاضل“ ڀلي ڀيٽ ڏي،

هلي حق تي هوشياري ڪجي.

ڪڍي غير جو غرض من مان مگر،

مٿي واٽ وحدت ڪشي ٻڌ قمر.

وڃي ووڙجي واٽ وحدت وصال،

محبت سوا ڪر نه ڪا ئي مقال.

رهج عشق وارن سندي سلڪ ۾،

ڏسين عشق مان تون عجب آل جال.

هلڻ لاءِ تون محب محبوب جي،

قرعا قرب جا وجهه به في الحال فال.

مٿي ديد ديدار دلبر سندي،

ڪجي ڪوڏ قربان ڪل محض مال،

منجهون فيض هن فرد ”فاضل، وٺي،

چڱي رک چتائي چڱي چست چال.

ڪڍي غير جو غرض من مان مگر،

مٿي واٽ وحدت ڪشي ٻڌ قمر.

نوٽ:- مٿي ڏنل ٻن بندن مان هر هڪ بند جي آخر ۾ ساڳيون بيت ”ڪڍي غير جو غرض من مان مگر- مٿي واٽ وحدت ڪشي بند قمر.“ آيو آهي. اهڙي نظم جي سڀني بندن جي آخر ۾ اهو ساڳيوئي بيت آهي.

2ـ ترڪيب بند

مثال: ميان غلام سرور قاري ”فقير“:

نه هٿ ۾ آهه دل اڄ ۽ نه قبضي ۾ زبان آهي،

کلي ٿو سر بسر جيڪي اندر راز نهان آهي.

مثال نئي جي گذري ٿي حياتي پنهنجي دامن ۾،

جو دم گذري ٿو تنهن ۾ آهه ۽ شور و فغان آهي.

ڏسڻ لئي صاف صورت آه اسان جي پاس حسرت جي،

جو پنهنجي منهن جي آئيني منجهان عبرت عيان آهي.

ذهانت ٿي وئي موقوف درد ۽ ماندگي غم ۾،

رواني طبع جي بدران هينئر اشڪ روان آهي.

نه آءِ سير چمن اک ۾ نه گل بلبل نظر ۾ آه،

چمن ڪاريءَ جي خاطر چشم پنهنجي خود فشان آهي.

زماني جي ستم بيداد جي هٿ کان دريغا هيءَ،

اُميدن پنهنجي جو برباد ٿي ويو خانمان آهي.

حوادت ڇا بنايو مشق جو تختو اسانکي آهه،

مصيبت جا اچي ٿي سا اسان جي مهمان آهي.

ڦري قسمت ٿي جڏهين دوست ڀي نا آشنا ٿو ٿئي،

اسان کان هاڻي پڻ برگشته دور آسمان آهي.

هئي گردن ڊگهي جا سا جهڪيل آءِ بار غم جي کان،

هيو جو تير جان قد سو هينئر مثل ڪمان آهي.

اسان جو نقش هتڙي ميٽجي اهڙو ويو آهي،

جو نالي جي اکر جو ڀي نه ظاهر هڪ نيشان آهي.

اسان جي چو طرف کان ڦيلجي وئي ذلت ۽ خواري،

ڏسي هي حال پنهنجو ٿي رئي قسمت ڀي ويچاري.

2

اسين ظلمات ۾ آهيون نه عالم جي خبر آهي،

سيه بختي جي پنهنجي جو ممڪن نا سحر آهي.

تِرن جي ڀر پيا آهيون اسان نئي اهڙي پستيءَ ۾،

جو پنهنجي ابتري خواري جي کڏ جو ڪو نه تر آهي.

مرض افلاس جي ۾ پنهنجي طاقت ٿي وڃي گهٽبي،

اسان جو حال جيئن پو تيئن ڏسو بد ۽ بتر آهي،

مصيبت هر بلا جو سامهون آءِ تنگدستيءَ ۾،

اسانجي واسطي هر صبح تازو شور شر آهي.

ڪپيل کنڀڙاٽيون آهن ۽ بند آهيون غم جي پڃري ۾،

اُڏامي ڪهڙي صورت ۾ نه در آهي نه پر آهي.

اُگهاڙو آءِ بدن، کائڻ پيئڻ جي لئي نه طاقت آءِ،

لٽا آهن بدن تي جي ته هٿ ۾ ڪين زر آهي.

اسان خانه بدوش آهيون ڦرون سائل ٿي در در تي،

اسان جو اُف! نه گهاٽ آهي نه گهر آهي نه تر آهي.

پيل گروي آهن منجهه قرض جي اي وائي! ڪمبختي،

جي قسمت سان رهڻ جي لئي ڪهين کي گهر اگر آهي.

ترقي فائدو موڙي ويو منهن پاڻ کان اصلي،

اسانجي سامهون هر وقت نقصان ۽ ضرر آهي.

قيامت پنهنجي دانهن کان وئي برپا ٿي عالم ۾،

مگر داوُر جي درگہ ۾ نه تن جو ڪو اثر آهي.

نه ديني ۽ نه دنيوي ڪم ۾ پنهنجي آهه ڪجهه هستي،

نه هيڏهن جا نه هوڏانهن جا ٿي سون وائي بد بختي.

اسان ۾ فهم دانش عقل ڪونهي ۽ نه آئي حڪمت،

نڪي حاصل اسان کي علم جو آءِ گنج نڪا دولت.

نوٽ:- مٿين ٻنهي بندن جي آخر ۾ آيل بيت هڪ ٻئي کان مختلف آهن ۽ اهڙيءَ طرح نظم جي سڀني بندن جا پڇاڙيءَ وارا بيت مختلف هوندا آهن.

علم عروض

”علم عروض“ جي لفظي معنيٰ آهي، علم= ڄاڻ، پروڙ+ عروض=ظاهر ٿيڻ؛ يعني ظاهر ٿيڻ وارو علم، ڄاڻ يا پروڙ. اصطلاحي معنيٰ موجب ”علم عروض“ شعر جوڙڻ جو هڪ علم آهي، جو بحر ۽ وزن جو قاعدن قانونن تي ٻڌل هوندو آهي ۽ انهن جي مدد سان ئي ڪو سهڻو شعر جوڙي سگهبو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن قسم جي شعر کي ”عروضي شعر“ چيو وڃي ٿو. هن ۾ حمد، نعت، قصيدو، مرثيو، غزل، قطعو مثنوي، رباعي، مستراد، فرد ۽ مسط، وغيره، جون صنفون شامل آهن

علم عروض جي عمارت اڏڻ جو دارو مدار بحر، وزن ۽ ان جي ارڪان (ٽنهي) تي ٻڌل هوندي آهي. ارڪان، علم عروض جا بنيادي ٿنڀا آهن، جن جي ماپ تي شعر جوڙي ۽ پورو بيهاري سگهجي ٿو. اهي ارڪان ڪل اٺ آهن.

علم عروض جي شروعات عربستان کان ٿي. عربي زبان ۾ ”عروض“ لفظ جون گهڻيون ئي معنائون آهن؛ جهڙوڪ، ”مڪہ معظمہ“ کي پهريائين عروض جي نالي سان سڏيندا هئا، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”ظاهر ٿيڻ.“ جبل جي لڪ يا پيچري کي به عربيءَ ۾ ”عروض“ چوندا آهن؛ ڪڪر کي به عربي زبان ۾ عروض چئبو آهي. پر جيئن ته علم عروض جي قاعدن قانونن جو بنياد وجهندڙ خليل بن احمد بصري، عروض (مڪمہ معظمہ) جو رهاڪو هو، تنهن ڪري شايد تبرڪ جي لحاظ کان ۽ انهيءَ علم کي وڌيڪ شرف بخشڻ لاءِ مٿس عرب جي پاڪ شهر ”مڪه معظمہ“ جو، ان وقت جو اصلوڪو نالو ”عروض“ رکيو اٿس.

سنڌي زبان ۾ عروض تي شعر چوڻ جي شروعات پهريائين مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ ڪئي ۽ ٻئي نمبر ۾ سچل سرمست ان تي پنهنجا شعر جوڙيا ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ ان فن کي عروج تي پهچايو، جنهن جو ثبوت سندس ديوان مان ملي ٿو.

بحر

”بحر“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”سمنڊ، اصطلاحي معنيٰ موجب، اهو مقرر ڪيل تُڪن جو مجموعو، جنهن سان شعر جو وزن پورو ڪري بيهارجي. ”بحر“ جون اهي مقرر ڪيل تڪون، جن کي عربي زبان ۾ ”ارڪان“ چئبو آهي، شعر جي وزن ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته ماپا يا وٽ آهن. مطلب ته جنهن ساهميءَ (تارازيءَ) ۾ شعر جو وزن ڪجي، ان کي علم عروض جي قاعدن موجب ”بحر“ چئبو آهي.

شعر ٻن مصرعن جو ٿيندو آهي ۽ هر هڪ مصرع ۾ وري چار تڪون يا رڪن هوندا آهن. اهڙي طرح سان ٻنهي مصرعن ۾ ڪل اٺ رڪن ٿين، جن مان هڪ ”بحر“ جڙي ٿو. ڪن بحرن ۾ ارڪان جو انداز گهٽ به ٿيندو آهي.

جنهن بحر ۾ اٺ رڪن هوندا آهن، تنهن کي ”بحرمثمن“ چئبو آهي؛ ۽ جنهن بحر ۾ ڇهه رڪن ٿين، ان کي ”بحر مسدس“ چئبو آهي؛ ۽ جنهن بحر ۾ چار رڪن اچن، تنهن کي ”بحر مربع“ چئبو آهي. انهيءَ حساب سان ڪل 19 (اڻويهه) بحر آهن، جن مان 15 (پندرهن) بحر علم عروض جي موجد خليل بن احمد جا ايجاد ٿيل آهن؛ هڪ بحر سندس شاگرد جي شاگرد ابوالحسن ”اخفش“ جو ايجاد ڪيل آهي ۽ باقي 3 (ٽي) بحر پوءِ جي شاعرن، مٿين بحرن ۾ ڪجهه ڦير ڦار ڪري ٺاهيا آهن. اهي اڻويهه بحر هيٺيان آهن:-

خليل بن احمد جا ايجاد ڪيل 15 بحر:

1-    هزج، 2- رمل، 3- تقارب، (متقارب)،4_ رجز، 5- ڪامل، 6- وافر، 7- طويل، 8_ مديد، 9- سريع، 10- بسيط، 11- خفيف، 12_ مبحتث، 13- مضارع، 14- منسرح، 15_ مقتضب.

ابوالحسن ”اخفش“ جو ايجاد ڪيل هڪ بحر:

بحر متدارڪ

ٻين شاعرن جا ٺاهيل ٽي بحر:

1-          قريب، 2- جديد، 3- مشاڪل.

مٿين اڻويهن بحرن مان ست بحر سالم آهن؛ جهڙوڪ:-

(1) هرج، (2) رمل، (3) تقارب (متقارب)، (4) رجز، (5) ڪامل، (6) متدارڪ، (7) وافر؛ ۽ باقي ٻارهن بحر غير سالم آهن.

بحر سالم انهيءَ کي چئجي ٿو، جنهن ۾ سڀ ارڪان صحيح ۽ ثابت اچن ۽ منجهن ڪنهن به قسم جي ڦير ڦار نه هجي؛ يعني پنهنجي اصلوڪي صورت ۾ موجود هجن.

غير سالم بحر اهو آهي، جنهن جا ڪجهه ارڪان تبديل ٿيل هجن يا منجهانئن ڪي حرف محذوف ٿيل هجن؛ يعني اڻپورا هجن.

مٿي ذڪر ڪيل 19 بحرن مان 11 (يارهن) بحر اهڙا آهن، جي سنڌي خواهه عربي ۽ فارسي شاعريءَ ۾ عام طور استعمال ۾ اچن ٿا. اهي هي آهن؛-

(1) هرج، (2) رمل، (3) تقارب (متقارب)، (4) رجز، (5) ڪامل، (6) سريع، (7) خفيف، (8) مجتث، (9) مضارع، (10) منسرح، ۽ (11) متدارڪ؛ ۽ پنج بحر،

(1) طويل، (2) مديد، (3) بسيط، (4) وافر ۽ (5) مقتضب، رڳو عربي شاعريءَ م استعمال ٿين ٿا، ۽ باقي رهيل ٽي بحر، جهڙوڪ: (1) قريب، (2) جديد ۽ (3) مشاڪل، خاص فارسيءَ جا شاعر ڪم آڻيندا آهن.

هت مختلف بحر ۽ سندن ارڪان ڏجن ٿا:

(الف) سالم بحر:

1- بهر هزج مثمن سالم:

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن،

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن.

2- بحر رمل مثمن سالم:-

فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن،

فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن.

3- بحر تقارب (متقارب) مثمن سالم:-

فعولن فعولن فعولن فعولن.

4- بحر رجز مثمن سالم!

مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن

مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن

5- بحر ڪامل مثمن سالم:

متفاعلن متفاعلن متفاعلن متفاعلن،

متفاعلن متفاعلن متفاعلن متفاعلن.

6- بحر متدارڪ مثمن سالم:-

فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن،

فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن.

7- بحر وافر مثمن سالم:-

مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن،

مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن.

(ب)- غير سالم بحر:

1- بحر طويل مثمن:

فعولن مفاعيلن فعولن مفاعيلن،

فعولن مفاعيلن فعولن مفاعيلن.

1-          بحر مديد مثمن:

فاعلاتن فاعلن فاعلاتن فاعلن،

فاعلاتن فاعلن فاعلاتن فاعلن.

2-         بحر بسيط مثمن:

مستفعلن فاعلن مستفعلن فاعلن،

مستفعلن فاعلن مستعلن فاعلن.

3-         بحر مجتث مثمن:

مستفعلن فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن.

مستفعلن فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن.

4-         بحر مضارع مثمن:

مفاعيلن فاعلاتن مفاعيلن فاعلاتن،

مفاعيلن فاعلاتن مفاعيلن فاعلاتن،

5-         بحر منسرح مثمن:

مستفعلن مفعولات مستفعلن مفعولات،

مستفعلن مفعولات مستفعلن مفعولات.

6-         بحر مقتضب مثمن:

مفعولات مستفعلن مفعولات مستفعلن،

مفعولات مستفعلن مفعولات مستفعن.

7-         بحر سريع مُسدس:

مستفعلن مستفعلن مفعولات،

مستفعلن مستفعلن مفعولات.

8-         بحر خفيف مسدس:

فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن،

فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن.

9-         بحر قريب مسدس:

مفاعيلن مفاعيلن فاعلاتن،

مفاعيلن مفاعيلن فاعلاتن.

10-     بحر جديد مسدس:

فاعلاتن فاعلاتن مستفعلن،

فاعلاتن فاعلاتن مستفعلن.

11-      بحر مشاڪل مسدس:

فاعلاتن مفاعيلن مفاعيلن،

فاعلاتن مفاعيلن مفاعيلن.

مٿي ذڪر ڪيل ستن مثمن سالم بحرن ۾ شاعرن پنهنجي سهوليت خاطر ڪجهه ڦيرو آندو آهي ۽ منجهن اٺن رڪنن جي بجاءِ ڇهه ارڪان رکي، ”مسدس سالم“ بحر جوڙيا آهن، جي هي آهن:

1-          بحر هزج مسدس سالم:

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن،

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن.

2-         بحر رمل مسدس سالم:

فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن،

فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن.

3-         بحر تقارب (متقارب) مسدس سالم:

فعولن فعولن فعولن،

فعولن فعولن فعولن.

4-         بحر رجز مسدس سالم:-

مستفعلن مستفعلن مستفعلن،

مستفعلن مستفعلن مستفعلن.

5-         بحر ڪامل مسدس سالم:

متفاعلن متفاعلن متفاعلن.

متفاعلن متفاعلن متفاعلن

6-         بحر متدارڪ مسدس سالم:

فاعلن فاعلن فاعلن،

فاعلن فاعلن فاعلن.

7-         بحر وافر مسدس سالم:

مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن،

مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن.

موجوده سنڌي شاعرن، مٿي ڏنل سڀني سالم ۾ غير سالم بحرن ۾ اڃا به ڪجهه ڀڃ گهڙ ڪري ۽ منجهانئن ڪي وڌيڪ نوان بحر جوڙيا آهن، جي اڄڪلهه عام جام استعمال ۾ اچن ٿا. اهڙن بحرن کي ”مزاحف- بحر“ ڪري چئجي ٿو. ”مزاحف“ جو مطلب آهي ”ڦير ڦار ڪيل“. اهڙا اڪثر سڀ بحر هت پيش ڪجن ٿا:

بحر هزج مثمن مقصور:

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل،

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل،

بحر هزج مثمن محذوف:

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن فعولن.

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن فعولن.

بحر هزج مثمن مقبوض:

مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن،

مفاعلن مفاعلن مفاعن مفاعلن.

بحر هزج مثمن اخرب:

مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيلن،

مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيلن.

بحر هزج مثمن اخرب مقصور:

مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيل،

مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيل.

بحر هزج مثمن اخرب مقبوض:

مفعول مفاعلن مفاعيل فعول،

مفعول مفاعلن مفاعيل فعول.

بحر هزج مثمن اخرب مڪفوف محذوف:

مفعول مفاعيل مفاعيل فعولن،

مفعولن مفاعيل مفاعيلن فعولن.

بحر هزج مثمن اشتر:

فاعلن مفاعيلن فاعلن مفاعيلن،

فاعلن مفاعيلن فاعلن مفاعيلن.

بحر هزج مسدس مقصور:

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن،

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل.

هزج مسدس محذوف:

مفاعيلن مفاعيلن فعولن،

مفاعيلن مفاعيلن فعولن.

بحر هزج مسدس مقبوض:

مفاعلن مفاعلن مفاعلن،

مفاعلن مفاعلن مفاعلن.

بحر هزج مسدس اخرم:

مفعولن مفعولن فاع،

مفعولن مفعولن فاع.

بحر هزج مسدس اخرب محذوف مقصور:

مفعول مفاعلن مفاعيل،

مفعول مفاعلن مفاعيل.

بحر هزج مسدس اخرب مقبوض محذرف:

مفعول مفاعلن فعولن،

مفعول مفاعلن فعولن.

بحر رمل مثمن مقصور:


* ڏسو ضميمو.

* ڏسو ضميمو.

[1] مقصور= گهٽايل، ننڍو ڪيل. محذوف=ڪاٽيل، ڌار ڪيل، جدا ڪيل.

[2] مقبوض=قبضي ۾ ڪيل. اخرب= ويران.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: