تشبيهه
”تشبيهه“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي،
”مشابهت، ڀيٽ، تمثيل.“ علم بيان جي اصطلاح ۾،
”ڪنهن هڪ شيءَ کي ٻيءَ شيءَ جي برابري ڪرڻ؛ يعني
ٻن مختلف الفاظن يا شين جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪري،
منجهن ڪنهن خاص ڳالهه يا گڻ جي هڪ جهڙائي ڏيکارڻ
کي ”تشبيهه“ چئبو آهي. انهن شين جي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ،
”وانگر، وانگيان، وانگي، مثل، جهڙو، جيان، جان،
طرح،ڄڻ، وغيره“ مان ڪو به هڪ لفظ استعمال ٿيل
هوندو آهي.
”تسبيهه“ ۾ جنهن شيءَ جي ڀيٽ ڪجي، ان کي ”مشبه“
چئبو آهي؛ جنهن مشلئي سان ڀيٽ ڪجي ان کي ”مثبہ بہ“
چئبو آهي. جنهن خاصيت يا گڻ ڏيکارڻ لاءِ ڀيٽ ڪجي،
ان کي ”وجہ تشبيہ“ (يعني ڀيٽ جو ڪارڻ يا سبب) چئبو
آهي ۽ جيڪو لفظ تشبيهه ڏيکارڻ لاءِ ڪم اچي، تنهن
کي ”حرف تشبيهه“ چئبو آهي.
هت تشبيهه جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا:-
1-
ظهير چوڏهينءَ جو چنڊ جهڙو سهڻو آهي.
2-
خليل جا اکر موتيءَ مثل آهن.
3-
اکيون کولي طرف ان جي ڏسي، ڪنهن کي نه آ طاقت،
جهلڪ ڏندن جي بجليءَ جان ۽ چهرو آفتابي آهه.
مٿي ڏنل پهرئين مثال ۾ ”ظهير“ جي ڀيٽ ”چوڏهينءَ جي
چنڊ“ سان ڪئي وئي آهي. اتي ٻڌايو ويو آهي ته، جيئن
چوڏهينءَ جو چنڊ تمام خوبصورت ۽ روشن ٿيندو آهي،
اهڙيءَ طرح ظهير به خوبصورت ۽ سهڻو آهي. تنهن ڪري
لفظ ”ظهير“ ٿيندو ”مشبہ ۽ ”چوڏهينءَ جو چنڊ“ ”مشبہ
بہ“ ٿيندو. هن مثال ۾ آيل ”سهڻو“ لفظ خاصيت يا گڻ
ڏيکاري ٿو، تنهن ڪري اهو لفظ ”وجہ تشبيهه“ ٿيندو ۽
جهڙوڪ لفظ ڀيٽ لاءِ آيو آهي، تنهنڪري ان کي ”حرف
تشبيهه“ چئبو.
اهڙيءَ طرح ٻئي نمبر مثال ۾ خليل جا ”اکر“ جملي ۾
آيل ٻئي لفظ ”موتيءَ“ سان ڀيٽيا ويا آهن. تنهن ڪري
”اکر“ کي ”مشبہ“ ۽ موتيءَ“ کي ”مشبہ بہ“ چئبو.
انهيءَ ۾ ”سهڻا“ لفظ ڳجهو رکيل آهي، جو ”وجہ
تشبيهه“ آهي ۽ ”مثل“ لفظ، ”حرف تشبيهه“ ٿي ڪم آيو
آهي.
مثال نمبر ٽئين ۾ اکين جي ”جهلڪ“ کي ڏندن جي
”بجليءَ“ سان ۽ ”چهرو“ جي ”آفتابي“ سان ڀيٽ ڪئي
وئي آهي؛ تنهنڪري
”جهلڪ“ ۽ ”چهرو“ ٿيندا ”مشبہ“، ”بجلي“ ۽ ”آفتابي“
ٿيندا
”مشبہ بہ“، لفظ ”چمڪندڙ“ جيو ٻنهي حصن ۾ ڳجهو رکيل
آهي، سو ”وجہ تشبيهه“ ٿيندو ۽ لفظ ”جان“، جو
پهرئين. حصي ۾ ظاهري طرح ڏنل آهي، پر ٻئي حصي ۾
لڪل آهي، سو ”حرف تشبيهه“ ٿيندو.
استعاره
”استعاره“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي
معنيٰ آهي، ”گهرڻ، گهري وٺڻ، اُڌارو وٺڻ.“ علم
بيان جي اصطلاح ۾، ”ڪنهن لفظ کي اصلي معنيٰ کان
ڦيرائي، اڌاري طور ٻيءَ معنيٰ ۾ ڪم آڻڻ کي
”استعاره“ چئبو آهي. ”استعاره“ ۾ ڳجهي ڀيٽ ڪيل
هوندي آهي ۽ تشبيهه ڏيکاريندڙ لفظ (حرف تشبيهه)،
جهڙوڪ؛ ”وانگر، وانگيان، وانگي مثل! جيئن، جهڙوڪ
جيان، جان، طرح، ڄڻ،“ وغيره کي لڪائي يا ڳجهو رکي،
”مشبہ“ کي هوبهو ”مشبہ بہ“ بڻايو ويندو آهي.
هت استعاره جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا:-
1-
ظهر چوڏهينءَ جو چنڊ آهي.
2-
خليل جا ڏند موتي آهن.
3-
تصور حور جي رخ جو ۽ طوبيٰ قد دلبر جو.
مٿي پيش ڪيل پهرئين مثال ۾ ”ظهير“ کي ”چوڏهينءَ جو
چنڊ“ سڏيو ويو آهي، هتي ”چوڏهينءَ جو چنڊ“ جي اصلي
۽ سچي پچي معنيٰ ”خوبصورت ۽ سهڻي شيءَ“ کي ڇڏي،
سنئون سڌو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي؛ يعني ”مشبہ“
(ظهير) کي خود ”مشبہ بہ“ (چوڏهينءَ جو چنڊ) بڻايو
ويو آهي، جنهن ۾ ڳجهي ۽ لڪل ڀيٽ ڪيل آهي. انهيءَ
کان سواءِ هن جملي ۾ ”حرف تشبيهه“ به ڪم نه آندو
ويو آهي. تنهن ڪري انهيءَ کي استعاره“ چئبو.
ساڳيءَ طرح مثال نمبر ٻئي ۾ خليل جي ”ڏندن“ کي
”موتي“ چيو ويو آهي. هتي ”موتي“ جي اصلي معنيٰ
”چمڪندڙ ۽ بي بها چيز“ کي ڇڏي، سنئون سڌو لفظ
اڌاري طور استعمال ڪيو ويو آهي؛ يعني ”مشبہ“ (ڏند)
کي خود ”مشبہ بہ“ (موتي) بڻايو ويو آهي ۽ هن ۾
”حرف تشبيهه“ به استعمال ٿيل نه آهي.
مثال نمبر ٽئين ۾ دلبر جي ”قد“ کي ”طوبيٰ“ چيو ويو
آهي. هتي ”طوبيٰ“ جي اصلي معنيٰ ”خوبصورت يا سهڻي“
کي ڇڏي سنئون سڌو لفظ، اُڌاري طرح استعمال ڪيو ويو
آهي؛ يعني ”مشبہ (قد) کي خود ”مشبہ بہ“ (طوبيٰ)
بڻايو ويو آهي ۽ هن ۾ ”حرف تشبيهه“ استعمال ٿيل ئي
ڪو نه آهي.
”تشبيهه ۽ استعاره ۾ اهو فرق آهي، جو تشبيهه ۾ هڪ
شيءَ جي ٻيءَ شئي سان ظاهري طرح ڀيٽ ڪيل هوندي آهي
۽ ان ۾ ”حرف تشبيهه“ به استعمال ٿيل هوندو آهي، پر
استعاره ۾ ”مشبہ“ خود ”مشبہ بہ“ ٿي ڪم ايندو آهي ۽
هن ۾ ”حرف تشبيهه“ استعمال ٿيل نه هوندو آهي.
مجاز مرسل
”مجاز مرسل“ عربي ٻوليءَ جا الفاظ آهن، جن جي لفظي
معنيٰ آهي، ”مجاز“ معنيٰ ”حقيت جي برعڪس يا اُبتڙ“
۽ ”مرسل“ جي معنيٰ آهي ”موڪليل“. علم بيان جي
اصطلاح ۾ ”مجاز مرسل“ جو مطلب آهي، ”حقيقت جي
اُبتڙ هلڻ يا نئون رستو اختيار ڪرڻ“. هن ۾ ڪنهن
لفظ جي اصلي ۽ سچي پچي معنيٰ کي ڇڏي، ان مان نئين
معنيٰ ڪڍبي آهي ۽ اصلي ۽ نئين معنيٰ ۾ ڪا به ڀيت
يا لاڳاپو نه هوندو آهي. اهڙي نئين اختيار ڪيل
معنيٰ کي ”مجاز مرسل“ چئبو آهي.
هت مجاز مرسل جا ٻه ٽي مثال ڏجن ٿا:-
1-
شينهن سان دل لڙندي آهي.
2-
چور چور جي آواز تي رات سڄوئي ڳوٺ اٿي کڙو ٿيو.
3-
هن سال درياهه ڪيترائي شهر ٻوڙي ڇڏيا.
مٿي ڏنل پهرئين مثال ۾ آهي ته ”دل لڙندي آهي.“
دراصل ”دل“ هڪ گوشت جو ٽڪرو آهي، جا ماڻهوءَ جي
جسم اندر رهي ٿي. هيءَ رت سان ڀريل هوندي آهي ۽ هن
جو ڪم ئي آهي، ساري بدن جي عضون تائين رت جي خوراڪ
پهچائڻ. ”دل“ اهڙي شيءَ نه آهي جو شينهن سان
لڙندي، پر هت ”دل“ مان مراد ”طاقت، بهادري، حوصلي
افزائي“ ورتي ويئي آهي؛ يعني هڪ حوصلي مند يا
طاقتور انسان ئي شينهن جهڙي خوفناڪ جانور سان
مقابلو ڪري سگهندو.
ساڳيءَ طرح ٻئي مثال ۾ ”سڄو ڳوٺ اُٿي کڙو ٿيو“
الفاظ استعملا ڪيا ويا آهن. دراصل ”ڳوٺ“ هڪ بي جان
شيءَ جو نالو آهي، تنهن ڪري اهو اٿي کڙو ٿي نه ٿو
سگهي، پر ان مان مراد آهي ”ڳوٺ ۾ رهندڙ ماڻهو“.
هتي ”سڄوئي ڳوٺ“ جي اصلي معنيٰ کي ڇڏي، منجهانئس
ٻي معنيٰ (سڀ ماڻهو) اڌاري طور ورتي ويئي آهي.
ٽئين نمبر مثال ۾ آهي ته، ”درياهه ڪيترائي شهر
ٻوڙي ڇڏيا.“ هتي ”درياهه“ کي ٻوڙڻ جي ڪا به طاقت
نه آهي. ڇو ته اهو هڪ هنڌ ئي بيٺو هوندو آهي. پر
انهيءَ مان مراد ”پاڻي“ آهي، جو درياهه ۾ وهندو
آهي ۽ اهوئي پنهنجو رخ بدلائي شهر ٻوڙيندو آهي.
تنهن ڪري هن مثال ۾ ”درياهه“ جي اصلي معنيٰ کي ڇڏي
۽ منجهانئس ٻي معنيٰ (پاڻي) ورتي ويئي آهي.
انهيءَ نموني ۾ لفظ جي اصلي معنيٰ کي ڇڏي، ٻي
معنيٰ وٺڻ کي ”مجاز مرسل“ چئبو آهي.
ڪنايه
”ڪنايه“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي
معنيٰ آهي، ”رمز، اشارو، ڳجهي ڳالهه“. علم بيان جي
اصطلاح ۾ ”ڪنايه“ جي معنيٰ آهي، ”اشاري ۾ بيان
ڪرڻ، ڳجهو ڳالهائڻ، مام ۾ ڳالهائڻ“. مطلب ته
”ڪنايه“ اهو لفظ آهي، جنهن ۾ لِڪُ رکيل هوندو آهي؛
يعني لفظ جي اصلي معنيٰ هڪڙي هجي، پر ان مان ڪنهن
ٻيءَ شيءَ ڏانهن اشارو ڪيل هجي يا منجهانئس ٻيو
مقصد ڪڍيو وڃي.
هت ڪنايه جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا:
مثال:-
1-
ڪالهه ڪيتريون ئي عورتون سليم جي گهر ويون ۽ اتي
ڪنوار کي مُوڙو ڏئي آيون.
2-
الله هن دنيا ۾ شل ڪنهن جو ڦورو نه ڦولهي!
3-
پنهونءَ جي پرت، ساءُ چکايم سِڪ جو.
مٿي پيش ڪيل پهرين مثال ۾ ”موڙو“ لفظ استعمال ٿيل
آهي. ”موڙو“ اصل ۾ ”ڪانن مان ٺهيل هڪ شئي“ کي چئبو
آهي. جنهن تي ٽيڪ ڏي ويهبو آهي؛ پر هتي اشارو انهن
”پيسن“ ڏانهن آهي، جي عورتون اڪثر نئين شادي ڪيل
ڪنوار کي، سندس منهن ڏسڻ وقت خرچي ڏينديون آهن.
هتي ”موڙو“ لفظ ”ڪنايه“ ٿي ڪم آيو آهي.
اهڙيءَ طرح ٻئي نمبر مثال ۾ ”ڦورو“ لفظ آيل آهي،
جنهن جي اصلي معنيٰ آهي، ”ڪپهه جو ڳوڙهو“ يا ”ڪچي
ڌاڳي جو ويڙهيل ويٽو“، پر هتي انهيءَ لفظ جو اشارو
ٻئي مقصد ڏانهن ڪيل آهي؛ يعني ”اوڻايون، عيب
ڪچايون“. تنهن ڪري ”پورو نه ڦولهڻ“ جي مطلب ٿيندو،
”عيب يا اوڻايون ظاهر نه ڪرڻ“.
ٽئين نمبر مثال ۾ ”پنهون“ لفظ ڪم آيل آهي، جو ظاهر
۾ ماڻهوءِ جو نالو آهي. هت ”پنهونءِ“ جو لفظ ان
ماڻهوءَ ڏانهن منسوب ٿيل آهي، جو اصل ۾ ڪيچ مڪران
جو شهزادو هو ۽ سسئيءَ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، واپار
سانگي سنڌ جي ڳوٺ ڀنڀور ۾ آيو هو ۽ پوءِ ڪنهن حيلي
بهاني سان سسئيءَ سان نڪاح ڪيو هئائين. دراصل
انهيءَ لفظ مان ڳجهيءَ طرح مراد ”خدا تعاليٰ“ ورتي
وئي آهي، جو حقيقي ۽ سچو پچو محبوب آهي. ان لافاني
هستيءَ جي سڪ ۽ محبت ئي فائدو ڏئي ٿي. هن مثال ۾
”پنهون“ لفظ ”ڪنايه“ طور استعمال ٿيل آهي.
تجنيس حرفي
”تجنيس“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي
معنيٰ آهي ”هڪ جهڙو هجڻ، مطابقت هجڻ“ ۽ ”حرف“ جي
لغوي معنيٰ آهي ”اکر“. تنهن ڪري ”تجنيس حرفي“ جو
مطلب ٿيندو، ”اکرن جي هڪجهڙائي يا مطابقت هجڻ“.
علم بيان ۾ ”تجنيس حرفي“ جو مطلب آهي، شعر جي ڪنهن
مصرع ۾ ساڳئي يا هڪجهڙي اکر سان شروع ٿيندڙ
ڪيترائي لفظ اچن. هت هيءَ عاجز پنهنجي شعر مان هڪ
بند مثال طور پيش ڪري ٿو.
وڃي ووڙي وٿاڻن تي، وَهون ويهي وِرونهان ڪن، پڪا
پُسيون پَٽي پَٽ مان، کاٽونبا کڻبا کارن ۾.
مٿي پيش ڪيل شعر تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته
پهرين مصرع ۾ ٻن لفظن کان سواءِ باقي سڀني لفظن جو
پهريون حرف ”و“ آهي ۽ ٻيو نمبر مصرع جي اڌ تائين
ڏنل لفظ جو پهريون حرف ”پ“ آهي؛ باقي پوئين اڌ جا
اڪثر لفظ ”ک“ سان شروع ٿيل آهن. انهيءَ ڪري اها
”تجنيس حرفي“ جي صنعت چئجي.
ٻولي
”ٻولي“ جي لفظي معنيٰ آهي، ”گفتگو، ٻول، ذڪر، لات،
آواز، وغيره“. اصطلاحي معنيٰ موجب ”ٻوليءَ“ ڪنهن
ساهواري انسان، جانور، پکي يا جيت جي زبان مان
نڪتل آواز جو نالو آهي. اهو آواز هو پنهنجي هم جنس
۾ ساڳي زبان واري جي اڳيان ڪڍندو آهي. انهن سڀني
مان انسان ئي آهي جنهن جي ٻوليءَ ۾ تلفظ ۽ معنيٰ
دار آواز ٿين ٿا، جن جي وسيلي هڪڙي ماڻهو پنهنجي
ٻئي هم زبان (يعني ساڳي ٻولي ڳالهائيندر يا
ڄاڻندڙ) واري کي پنهنجو مقصد ۽ مراد چڱيءَ طرح سان
سمجهائي سگهي ٿو. مطلب ته جاندار يا ساهه واريون
شيون پنهنجي هم جنس سان جيڪي ڪجهه ٻولين ٿيون، ان
کي انهن جي ”ٻولي“ چئجي ٿو.
ٻوليءَ کي سنسڪرت ۾ ”ڀاشا“ چئبو آهي. هنديءَ ۾ ان
”بولي“، عربيءَ ۾ ”لساد“، فارسيءَ ”زبان“ ۽
انگريزيءَ ۾ ”لئنگئيج-
Language“
ڪري چوندا آهن.
دنيا ۾ پيدا ڪيل مخلوقات مان انسان ئي آهي، جنهن
جي ٻولي مختلف هنڌن تي مختلف صورتون اختيار ڪري
ٿي.
انهيءَ جو واحد سبب اهوئي آهي، ته جيئن جيئن ماڻهن
جو مفاصلو پري ۽ ماحول تبديل ٿيندو ويندو آهي،
تيئن تيئن ٻولي به آهستي آهستي پنهنجو روپ
بدلائيندي رهندي آهي. انهيءَ لاءِ چوڻي آهي ته
”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“. انهيءَ حساب سان ڏسبو ته
دنيا جي هر هڪ حصي ۾، هر هڪ قوم کي پنهنجي جدا جدا
ٻولي آهي، جهڙوڪ؛ عربستان ۾ عربي، ايران ۾ فارسي،
افغانستان ۾ پشتو، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ انگريزي“
چين ۾ چيني، جرمنيءَ ۾ جرمن، جاپان ۾ جپاني،
ترڪستان ۾ ترڪي، بنگال ۾ بنگالي، هندستان ۾ هندي ۽
سنسڪرت، بلوچستان ۾ بلوچي ۽ بروهي، پنجاب ۾ پنجابي
۽ سنڌ ۾ سنڌي، وغيره.
اهڙي طرح دنيا جي مختلف حصن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي
قومون آباد آهن، جي پنهنجي پنهنجي ٻولي
ڳالهائينديون رهن ٿيون.
ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ ٻئي شامل آهن. انهن ٻنهي
مان رڳو ڳالهائڻ واري صورت ئي آهي، جا ٻوليءَ ۾
تبديلي آڻي ٿي، جنهن ڪري اُچار، تلفظ يا لهجو ۽
انهن جون معنائون، ڪجهه قدر بدلبيون رهن ٿيون. خاص
طور ماحول جي مٽجڻ ڪري ته ڳالهائڻ واري صورت ۾
ڪافي ڦيرو اچي ويندو آهي. اهو ان ڪري آهي، جو
مختلف قومن يا ملڪ جي مختلف حصن ۾ رهندڙ ماڻهن جو
پاڻ ۾ ميل جول ٿيندو رهي ٿو، جن جي تهذيب ۽ تمدن ۽
ٻولي ۽ لهجو، وغيره مختلف هوندو آهي.
اسان جي سر زمين سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي ٻولي اڪثر
سنڌي آهي. پر جيئن ته سنڌ جي مختلف حصن ۾ ماڻهن جو
تلفظ ۽ لهجو هڪ ٻئي کان ڪي قدر مٽيل ۽ مختلف آهي،
تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ کي انهن پر ڳڻن يا حصن جي
لحاظ کان جدا جدا هنڌن تي جدا جدا نالا ڏنا ويا
آهن، جهڙوڪ؛ لاڙ واري حصي ۾ ”لاڙي“، ٿر ۾ ”ٿري“،
ڪڇ واري ڀاڱي ۾ ”ڪڇي“؛ لس ٻيلي ۾ ”لاسي“، وچولي ۾
”نج سنڌي“ سري ۽ ڪاڇي ۾ ”سرائڪي“ وغيره.
ڳالهائڻ واري صورت جي برعڪس، لکڻ واري صورت،
ٻوليءَ ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي آڻي، ڇاڪاڻ ته لکڻ
واري صورت ۾ ٻوليءَ جا مختلف حرف گڏ ڪري، منجهانئن
لفظ ۽ جملا ٺاهي لکيا وڃن ٿا، جن ۾ ڦيرو اچڻ
ناممڪن ٿيو پوي.
حرف
”حرف“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جو اڄڪلهه سنڌيءَ ۾
عام مروج ٿي ويو آهي. سنڌي زبان ۾ هن کي ”اکر“
چوندا آهن، جو اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”اڪشر“ مان نڪتو
آهي. ”حرف“ جو مطلب آهي ”آواز کي ظاهر ڪرڻ يا
اچارڻ وارو نشان“. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته هر
هڪ آواز جي لکيل صورت کي ”حرف“ چئبو آهي. دراصل
”حرف“ جي بنيادي معنيٰ آهي ڪنارو يا پاسو“؛ ڇاڪاڻ
ته اهو ڪنارو يا پاسو وٺي بيهي ٿو. مطلب ته ڪنهن
به سمجهڻ جهڙي آواز جي بدران ڪا به مقرر ٿيل نشاني
جا ڪم آڻجي، تنهن کي ”اکر“ يا ”حرف“ چئبو آهي.
”حرف“ ٻوليءَ جو بنياد ۽ پيڙهه آهي. جهڙي طرح
بنياد ٻڌڻ کاڻ سواءِ ڪا به عمارت جوڙي نه سگهبي
آهي، اهڙي طرح ”حرف“ کان سواءِ ڪابه ٻولي وجود ۾
اچي نه ٿي سگهي. ڪنهن به زبان يا ٻوليءَ کي لکيت ۾
آڻڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته ڪجهه حرف گڏ ڪري ان
ٻوليءَ جي الفابيٽ ٺاهي وڃي، جنهن تي ان ٻوليءَ جي
رسم الخط، نثر توڙي نظم جي عمارت بيهاري سگهجي.
الفابيٽ ٺاهڻ وقت اهو ضروري نه آهي ته ان لاءِ سڀ
حرف ڪنهن هڪ ئي ٻوليءَ جا هجن، پر ڌارين ٻولين مان
پڻ ڪي حرف چونڊي، ان ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا. ٻيءَ
حالت ۾ الفابيٽ جو مڪمل ٿيڻ ئي ناممڪن ٿي پوندو.
انهيءَ ڳالهه کي خيال ۾ رکندي ڏسبو ته موجوده دور
۾ دنيا اندر جيڪي به ٻوليون تحريري يا تقريري صورت
۾ موجود آهي (يعني لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ اچن ٿيون)، تن
سڀني جي الفابيٽ ملاوٽ کان خالي نه آهي.
هر هڪ ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ آوازن ۽ حروف جو تعداد
مقرر هوندو آهي، جن جي ملائڻ سان مختلف الفاظ جڙن
ٿا. هٿ چند ٻولين جي الفابيٽ مثال طور ڏجي ٿي. اهي
ٻوليون اسان وٽ عام مروج آهن.
1-
عربي زبان جي الف- ب ۾ ڪل 28 حروف آهن، جهڙوڪ:-
ا ب ت ث ج ح خ د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ل م
ن و هه ي.
مٿين 28 حرفن مان ا ب ت ج ح د ر ز س ش ص ط ع ف ق ڪ
ل م ن و هه ي (جملي 22 حروف) اصل ۾ عبراني ٻوليءَ
جا آهن، جي اوائل ۾، مختلف دورن ۾ مختلف شڪلين ۾
لکيا ويندا هئا، پر حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي
ولادت کان ٿورو اڳ انهن کي موجوده شڪل ڏني ويئي.
انهن ۾ باقي ڇهه حروف (ثخذ، ضظغ) ث خ ذ ض ظ غ عربي
زبان وارن پنهنجا جوڙي شامل ڪيا آهن، جنهن ڪري
موجوده صورتخطيءَ ۾ ڪل 28 حروف ٿي پيا، ڪن عربن ته
وري ”ع“ (همزو) ۽ ”لا“ وڌائي حرفن جو انداز ٽيهه
رکيو آهي. دراصل ”ء“ (همزو) بذات خود ڪو حرف نه
آهي، پر هي ”ا“ الف جي هڪ صورت گويا خود ”الف“
آهي. ساڳيءَ طرح ”لا“ به ”ل“ ۽ ”الف“ ٻن حرفن جي
ملايل صورت آهي، جنهن جو مرڪب آواز ”لا“ آهي ۽ هن
۾ ٻه حرف آهن.
2-
فارسي ٻوليءَ جي الفابيٽ 32 حرفن تي مدار رکي ٿي،
جهڙوڪ:-
ا ب پ ت ث ج چ ح خ د ز ر ز ڙ س ش ص ص ط ظ ع غ ف ق
ڪ گ ل م ن و هه ي.
مٿين 32 حرن مان پ چ ڙ گ (جملي چار حروف) نج فارسي
زبان جا آهن ۽ باقي 28 حروف عربي ٻوليءَ جا منجهس
داخل ڪيا ويا آهن.
3-
اُردو ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ ڪل 51 اکر آهن، جهڙوڪ:-
ا ب بهه پ پهه ت تهه ڻ ڻهه ث ج چ چُهه ح خ جهه د
دهه ڊ ڊهه ذ ڙهه ثر س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ک کهه گ
گهه ل لهه م مهه ن نهه و ہ ء ي هه.
انهيءَ مان چار حروف (پ- چ- ڙ- گ) فارسي ٻوليءَ جا
۽ 28 عربي زبان جا آهن. انهيءَ کان سواءِ جيڪي ٽي
حروف (ڻ- ڊ ڙ) منجهس شامل ڪيا ويا آهن، در اصل
انهن ٽنهي حرفن جو بنياد عربي زبان ۾ اڳ ۾ ئي
موجود آهي. جهڙوڪ؛ ب، د، ر؛ جن جي مٿان رڳو ”ط“ جو
حرف رکي، سندس شڪل تبديل ڪئي ويئي آهي. اهي ٽئي
حروف ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ نظر نه ٿا اچن. البت
انهن جو آواز سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ ملي ٿو.
اُردو الفابيٽ ۾ باقي 14 حروف (مهه پهه تهه ڻهه
چهه جهه دهه ڊهه ڙهه کهه گهه لهه مهه نهه) مرڪب
آهن؛ جي ٻن حرفن جي ملايل صورت آهن. انهن حرفن مان
به ڪيترن جو آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهي. اهڙا
حروف ۽ آواز هِت ڏجن ٿا.
اردو ٻوليءَ جا حرف سنڌي ٻوليءَ جا
آواز
ڻ
=
ٽ
ڊ
=
ڊ
ڙ
=
ڙ
بهه
=
ڀ
پهه
=
ڦ
تهه
=
ٿ
ڻهه
=
ٺ
چهه
=
ڇ
جهه
=
جهه
دهه
=
ڌ
ڏهه
=
ڍ
کهه
=
ک
گهه
=
گهه
باقي چار حروف (ڙهه- لهه- مهه- نهه) بلڪل نرالا
آهن، جن جو آواز انفرادي حرف جي صورت ۾ ٻئي ڪنهن
به ٻوليءَ ۾ نه ٿو ملي، البت سنڌيءَ ٻولي ۾ مرڪب
حروف جي شڪل ۾ جهڙوڪ، (ڙهه- لهه- مهه- نهه) موجود
آهن. ۽ سندن آواز به اردو حروف کان ڪي قدر مختلف
آهن.
4-
سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ 52 اکرن تي مشتمل آهي. هن
ٻوليءَ کي اڪثر سڀني ٻولين کان وڌيڪ حروف يا آواز
آهن. اهي سڀ هي آهن.
ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ
ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م
ن ڻ و هه ء ي.
مٿين الفابيٽ ۾ 28 حروف عربي زبان جا آهن ۽ ٽي (پ-
چ- گ) فارسي زبان جا منجهس شامل ڪيا ويا آهن. ان
سان گڏ ”ء“ (همزو) به عربي زبان مان آندو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح ڪل 32 حروف اڌارا ورتل آهن ۽ باقي 20
(ويهه) اکر جهڙوڪ؛ ٻ ڀ ٿ ٽ ٺ ڦ ڄ جهه ڄ ڇ ڌ ڏ ڊ ڍ
ڙ ک ڳ گهه ڱ ڻ اڳوڻي رسم الخط جي برابريءَ وارن
آوازن يا اکرن ۾ ڪجهه ڦير گهير ڪري، يا انهن کي
زائد نقطا ڏيئي ۽ ڪي نوان نشان بڻائي، موزون حروف
ٺاهيا ويا آهن. يا ائين کڻي چئجي ته باقي اهي ويهه
(20) اکر، جن کي اڳ مختلف صورتخطيءَ ۾ لکيو ٿي
ويو، تن ۾ سنه 1853ع ۾، ڪجهه قدر تبديلي آڻي، نوان
حرف جوڙيا ويا آهن. انهن مان جيڪي ٻن مختلف حرفن
جي گڏڻ سان اُچارڻ ۾ پئي آيا، تن کي گڏي، هڪ ئي
اکر جي شڪل ڏئي پيش ڪيو ويو آهي. اهڙا ٻٽا اکر
ابوالحسن جي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ملن ٿا.
|