سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :14

اوائل ۾ ڀٽ فقير جيڪو اصلوڪيون ڪهاڻيون تنبورن تي ڳائيندا هئا، سي به اهڙي ئي شعر ۾ آهن. مولوي عبدالرحمان جو جوڙيل ”سنڌي نور نامون“ به سڄوئي ڪبت جو شعر آهي، ڇاڪاڻ جو ان ۾ پهرين سٽ جو قافيو الف مد (آ) تي جوڙيو اٿس ۽ سڄوئي ڪتاب انهيءَ ئي قافيي تي وڃي پورو ڪيو اٿس.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۽ ٻين ڪيترن سنڌي شاعرن جا به ڪبت چيل آهن، جن ۾ الف مد (آ) کان سواءِ ٻيا قافيا به استعمال ڪيا ويا آهن. لس ٻيلي جي شاعرن مان ڪبير شاهه ۽ شيخ ابراهيم جا ڪبت مشهور آهن.

ڪبت ۾ اڪثر روحاني ڳالهين بابت ذڪر هوندو آهي. ان کان سواءِ ڪي اخلاقي ۽ اسلامي سمجهاڻيون پڻ ڏنل هونديون آهن. هت ’ڪبت‘ جا هڪ ٻه ٽڪرا نموني طور پيش ڪجن ٿا. هيءُ پهريون مثال مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪلام مان ڏجي ٿو:-

ساره صاحب کي ڪجي، جو عالم ڪل علمن،

سڀڪ ڄاڻي مون ڌڻي، بخشي علم بندن،

مڪائين فرقان کي، جو جامع ڪتابن،

صلواتون سرور اتي، جو جوهر جهانن،

آل اصحابي تنہ سندا، ڌئا ڏيہ ڌڻين،

آيتون قرآن جيون، سَنيون سي سمجهن،

فهم منجهه فرقان جي، حقيقت هلن،

امام ڄاڻن ان کي، پٺي تنہ لڳن،

پاڻ نه ٿين امام، سي جنءَ ڪي اٻڌ ڪن،

ڪريهم پنهنجي قيد ۾، ڪڍي ڪنا قيدن،

توڙي قيد نفي جو، توڙي اثباتن،

نقطي نهر نصيب ڪريين، موليٰ مومنن،

نفي ۽ اثبات ۾ ان ري اهک ٿيڻ،

ويندا سي  ايمان سين، ڪلمو جي ڪهن،

لاالہ الا الله محمد رسول الله (صلعم)

نوٽ:- مٿئين ڪبت ۾ ڪل 464 سٽون آهن، جنهن مان پهريون نو (9) ۽ آخري پنج (5) سٽون پيش ڪيون ويون آهن.

هيءُ ٻيو مثال ڪبير شاه سگهڙ جي ڪلام مان پيش ڪجي ٿو. هن شاعر قافيي ۾ ٿوري تبديلي آڻي آخري سٽ جي وچ ۾ قافيو رکيو آهي جهڙوڪ:-

(2)

بعضي بازارين ۾، بعضي ان جا ٿر منجهه ٿاڻا ٿاڪ،

بعضي محل هندورا ماڙيون، بعضي ڪانه اڏين اوطاق،

بعضي مڙهين ڌوڌا ڌوڙ جا، بعضي پٽ پاڪيزا پاڪ،

بعضي ميرا مَرُ مٿي سين، بعضي هونداسي هشناڪ،

بعضي بک ڏک بيراڳن کي، بعضي کيڻ کنڊون خوراڪ،

بعضي دنيا دولت ڌن سين، بعضي ماسي لئي مشتاق،

بعضي پُرن پيادا پٽ تي، بعضي آڻيندا عيراق،

بعضي مرڪن بيٺا مينهن ۾، بعضي ماريندن هي ماڪ،

بعضي وِرسڻ ويس هندن جي، بعضي ديني ساڻ دماڪ،

بعضي بيهڻ بيراڳن بر ۾، بعضي ويهڻ نه ٿيندن واڪ،

بعضي کلندا خوب خوشيءَ مان، بعضي روندا رت فراق،

بعضي شوق رکن شاديءَ جو، بعضي غم گڏيا غمناڪ،

بعضي هون سناسي سرا، بعضي اَديسن اولاڪ،

بعضي جانيون سندن جر ۾ بعضي ڪافن منجهه قزاڪ،

بعضي جو ڳين جهد زمين تي، بعضي عرشن ۾ افلاڪ،

بعضي من ماريندن موت سو، بعضي جال جيڻ هو هاڪ،

”الف“ آڌوتن کي ان ’ميم‘ گڏيو ميثاق،

تن قابولين، ڪبير شاهه چوي، ٿا روز چڪن چت چاڪ،

ان سان رام رفاق. هيئن سا نيڙي نينن ۾ ڪئي.

ڏوهيڙو (دوهو)

”ڏوهيڙو“ سنڌي شاعريءَ جو هڪ قديم فن آهي، جنهن سمن ۽ سومرن جي دور ۾ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي. هندي زبان ۾ هن فن کي ”دوهرو“ يا ”دوهو“ چوندا آهن. ”دوهرو“ يا ”دوهو“ اصل ۾ هندي لفط ”دوهرا“ جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي (دو=ٻه+هرا=پڇاڙي) ٻن پڇاڙين وارو. اصطلاحي معنيٰ موجب، اهو شعر، جنهن ۾ ٻه سٽون هجن ۽ قافيو ٻنهي سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ اچي هندي شاعريءَ جو هيءَ فن ڇند وديا جي 48 (اٺيتاليهه) ماترائن تي ٻڌل هوندو آهي. ڇند وديا جو مطلب آهي (ڇند = شاعراڻو فن+وديا=علم) شاعراڻي فن جو علم يا شاعريءَ جي نموني جو علم. دوهو موسيقيءَ جي لئي ۽ تال تي ٻڌل هوندو آهي.

سنڌي ڏوهيڙو به سٽاءَ ۾ بلڪل هندي دوهري جهڙي آهي ڏوهيڙي جي هر هڪ سٽ ٻن حصن ۾ ورهايل هوندي آهي، جن مان هر هڪ حصي کي ”پد“ يا ”تڪ“ چئبو آهي. اهڙيءَ طرح سڄي ڏوهيڙي ۾ ڪل چار پد ٿين. هر هڪ پد ۾ ماترائن جو انداز به مقرر هوندو آهي. جيئن ته پهرين سٽ جي پهرئين پد ۾ 13 ماترائون ۽ ٻئي پد ۾ 11 ماترائون ٿينديون آهن. ساڳيءَ طرح ٻيءَ سٽ جي به پهرئين پد ۾ 13 ماترائون ۽ ٻئي پد ۾ 11 ماترائون ئين. انهيءَ حساب سان دوهري يا ڏوهيڙي جي هر هڪ سٽ 24 ماترائن جي ٿيندي آهي؛ ۽ قافيو ٻنهي سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو آهي. مطلب ته ڏوهيري جو پهريون ۽ ٽيون پد پاڻ ۾ هم وزن ٿيندا آهن؛ ۽ ٻيو ۽ ڇوٿون پد پاڻ ۾ هم وزن ۽ هم قافيه هوندا آهن. جنهن شعر ۾ مٿي ذڪر ڪيل خاصيتون نه هونديون، ان کي ”دوهرو“ يا ”ڏوهيڙو“ چئي نه سگهبو. هت اوائلي سنڌي ڏوهيڙي جا ٻه نمونا پيش ڪجن ٿا:-

(1)

ويهه پڄاڻا پيءُ جي، آءُ چنيسر آءُ،

ڀاڳ، سڻائو تنهنجو توکي ڄڻيو ماءُ.

(نامعلوم)

(2)

جي پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير،

جولکڻ منجهه ماڙوئين، سو مکڻ منجهه کير.

(شاهه عبدالڪريم)

جيڪڏهن ڏوهيڙي جي سٽاءَ ۾ معمولي تبديلي آڻي کيس ابتو ڪري رکبو ته ”سورٺو“ ٺهي پوندو؛ يعني ٻنهي سٽن جا پويان قافيي وارا حصا يا پد ڦيرائي ٻنهي سٽن جي منڍ ۾ رکڻ سان ”سورٺي“ جي صنف وجود ۾ ايندي.

”سورٺو“ به ڇند وديا جي ماترائن تي ٻڌل هوندو آهي ۽ منجهس ماترائن جو انداز به ساڳيوئي ڏوهيڙي جيترو (يعني 48 ماترائون) هوندو آهي، جنهن جي هر هڪ سٽ ۾ 24 ماترائون ٿين. پر فرق رڳو آهي ته سورٺي ۾ ٻنهي سٽن جي پهرين پدن ۾ يارهن- يارهن مارائون ٿينديون آهن ۽ پوين پد ۾ تيرهن- ماترائون هونديون آهن؛ ۽ قافيو ٻنهي سٽن جي وچ ۾ ايندو آهي. مطلب ته پهريون ۽ ٽيون پد پاڻ ۾ هم وزن ۽ هم قافيه ٿيندا آهن، ته ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ صرف هم وزن هوندا آهن. هت سورٺي جا ٻه شعر نموني طور ڏجن ٿا:-

(1)

جوڳي جاڳايوس، ستو هوس فنڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.

(قاضي قاضن)

(2)

ستي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرينءَ جي،

وهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا.

(شاهه)

دوهي يا سورٺي جي ماترائن ڪٿڻ واسطي ڇند وديا وارن ڊگهن ۽ ننڍن جزن جا خاص نشان ٺهرايا آهن. جيئن ته، ڊگهي جزي لاءِ “S” جو نشان مقرر ڪيو ويو آهي، جو ٻن ماترائن جي برابر آهي؛ ۽ ننڍي جزي لاءِ “I” جو نشان رکيو ويو آهي، جو هڪ ماترا جي برابر آهي.

ڊگها جزا اهي آهن، جن ۾ حروف صحيح سان گڏ حرف علت (ا- و- ي) مان ڪو هڪڙو حرف شامل هوندو آهي. انهن جزن جي اچارڻ ۾ ڪجهه وڌيڪ ويرم لڳندي آهي، تنهن ڪري ان جزي لاءِ “S” جو نشان ٿيندو؛ يعني ان جون ٻه ماترائون ڳڻبيون؛ جهڙوڪ؛ هه+ا=ها (S)؛ ڇ+و=ڇو (S)؛ ک+ي=کي (S). پر ان جي برعڪس ننڍا جزا ڪنهن هڪ حرف صحيح کي اعراب (زبر، زير، پيش) ڏيڻ سان ٺهن ٿا، جيئن ته؛ مَI=، مِ I=، مُ I=،، يا ڪنهن جزم (1) ۽ همزي (عه) ڏيڻ سان. اهڙن ننڍن جزن جي آواز ڪڍڻ ۾ تمام ٿورڙو وقت لڳي ٿو، تنهن ڪري ان جزي جي هڪ ماترا ٿيندي انهيءَ حساب سان ”بادشاهي“ لفظ ۾ 7 ماترائون آهن. جهڙوڪ:-

S S I S

با د شا هي

 =S2

=I 1

 =S2

 =S2

ٽوٽل 7 ماترائون

بيت

”بيت“ اصل ۾ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”گهر“. گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ دروازو هوندو آهي. جنهن کي اڪثر ٻه طاق ٿيندا آهن. انهيءَ دروازي جي اندر (يعني گهر ۾) رات گذاربي آهي، ڇاڪاڻ ته اتي ضروريات زندگيءَ جو سڀ ساز وسامان موجود هوندو آهي، جنهنڪري اتي وڌيڪ اطمينان ۽ سڪون ملي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻن سٽن واري شعر کي، جنهن ۾ پورو مطلب سمايل هوندو آهي، ”بيت“ سڏيو ويو آهي.

سنڌي زبان ۾ بيت، ڏوهيڙي مان اُسريو، جنهن جي سٽاءَ به ساڳي ڏوهيڙي واري رکي ويئي؛ يعني منجهس قافيو ٻنهي سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ آندو ويو. نه رڳو ايترو پر ان ۾ خيال ۽ مضمون به ساڳيا پيش ڪيا ويا. وقت گذرندي ”بيت“ ۾ ڪجهه ردو بدل ڪري، منجهس سٽن جو انداز ڪافي وڌايو ويو ۽ ان جي قافيي ۾ به ڦير ڦار ڪئي ويئي. اها شاعراڻي صنف پنهنجي فن، هيئت، معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ کان ارغونن ۽ ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ عروج کي پهتي، جنهن جا اوائلي اهڃاڻ شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالن مان ملن ٿا.

سنڌي جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس همعصر شاعرن پنهنجن بيتن جي سٽاءَ ۾ گهڻي تبديلي ڪئي آهي. شاهه ڀٽائي ته پنهنجن بيتن ۾ ٽي، چار، پنج ۽ وڌيڪ سٽون به شامل ڪيون آهن. اهڙن بيتن ۾ قافيون يا ته پهرين ۽ پوئين سٽ جا وچ ۾ رکيو ويو اهي، يا وري پهرين سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ آخري سٽ جي وچ ۾ آندو ويو آهي؛ ۽ باقي وچ وارين سڀني سٽن جي آخر ۾ قافيو ڏنو ويو آهي. ڪن بيتن ۾ ته شاهه صاحب رڳو ٻه سٽون به آنديون آهن، جن ۾ قافيون پهرين سٽ جي آخر ۾ ۽ ٻيءَ سٽ جي وچ ۾ رکيو اٿس. مطلب ته شاهه صاحب بيتن ۾ سٽن جي تعداد ۾ گهٽ ٻڌائي ڪري ۽ قافيي کي وچ يا آخر ۾ آڻي؛ پنهنجي ڪلام ۾ فني حسن پيدا ڪيو آهي. ڪن بيتن ۾ شاهه وزن جو خيال نه رکي، منجهن قرآن مجيد جون آيتون به ڏنيون آهن.

شاهه ڀٽائيءَ پنهنجن بيتن ۾ نه رڳو الاهيت ۾ وحدانيت جو رنگ ڀريو آهي، پر منجهن فطرت جا عجيب و غريب نقش، سماجي زندگيءَ جا جذبا ۽ احساس اهڙي ته رنگ ۽ ڍنگ سان چٽيا آهن، جو پڙهندڙ خواه ٻڌندڙ جي دل لرزش ۾ اچي جهومڻ لڳندي آهي.

شاهه کان پوءِ جي شاعرن به بيتن کي سينگارڻ جي حتي المقدور ڪوشش پئي ڪئي آهي. هت بيتن جا ڪجهه نمونا پيش ڪجن ٿا:-

(1)

تون چؤ الله هيڪڙو، وائي ٻي ۾ سک،

سچو اکر من ۾، سوئي لکئو لک.

(شاهه ڪريم)

(2)

سڪَ سڪائي سڪُ، سڪَ نه آهي سٿري،

لِڪَ لڪوٽي لِڪُ، ته کرن خبر نه ٿيي.

(شاهه)

(3)

پاڻہ پسي پاڻ کي، پاڻہ ئي محبوب،

پاڻہ خلقي خوب، پاڻہ طالب تن جو.

(شاهه)

سڙه سنوان لاڄو نوان مهاڻا سندن مير،

ساٿي سفر هلئا، ٿئا سڻاوا سير،

جي اچڻ ساڻ اڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين،

(شاهه)

(5)

الا! اچن اُوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي،

پسان مان پر ڪهم، جتن سنڌي جوءِ،

لنگهي لڪ لطيف چئي، سڻيان هوتن هوءِ،

گولي ٿيان گلبوءِ، جي سڃاڻا ساٿ ڌڻي.

(شاهه)

(6)

ڀڙڪي اُٿي باهه، دونهين سان دليون ٻريون،

ڪات ڪهاڙيون ڪنڌ تي، سوگهو منهنجو ساهه؛

سهڻا منهنجا شاهه! ساٿي ٿجان سنڌ جو.

(”عاجز“ اڄڻ)

(7)

ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته موتن ڳتتا،

چوڏهي ماهه چنڊ جنءَ، پڙ ۾ پيشانياس،

”الله نور السماوات“ جلوو زميناس،

”سيماهم في وجو ههم“، مہ مڻ ڳتياس،

ڪڪرا ڪربلا جا، مادر ٿي ميڙياس،

ڦٽن تان رت ڦڙا، علي ٿي اُگهياس،

مڙئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي.

(شاهه)

وائي

”وائي“ سنڌي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”ڳالهه“ يا ”ٻولي“. اصطلاحي معنيٰ موجب ’وائي‘ قديم شاعريءَ جو هڪ فن آهي، جو سُر ۽ ترنم سان ڳايو ويندو آهي.

وائيءَ بابت مختلف محققن جا مختلف رايا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته وائي سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ”ورت“ يا ”وارتا“ مان نڪتل آهي؛ ڪن جو خيال آهي ته پراڪرت ٻوليءَ جي لفظ ”وايا“ مان ورتل آهي؛ ڪن جو وري ارادو آهي ته عربي ٻوليءَ جي لفظ ”واء“ مان ڪڍيو ويو آهي، ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته هندي لفظ ”واڻي“ يا ”ٻاڻي“ مان نڪتو آهي.

بهرحال وائي عورت جي آواز ۾ ڳائي ويندي آهي، جنهن ۾ شاعر سندس دل جو حال، فراق، ڏک ۽ درد جو اظهار سمائيندو آهي.

وائيءَ جي هر هڪ سٽ علحدي هوندي آهي، جنهن جو وزن ڪجهه اينگهه وارو ۽ لچڪيدار ٿئي ٿو ۽ منجهس قافيون هر هڪ سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ اچي ٿو. هن ۾ پهرين سٽ ٿل طور آڻي آهي، جنهن جا ٻه حصا ٿيندا آهن. ٿل جو پهريون اڌ قافيي وارو ٿئي ٿو، جنهن سان باقي هر هڪ سٽ هم قافيه هوندي آهي ۽ باقي پويون اڌ قافيي کان سواءِ ٿيندو آهي، جو ساڳيوئي هر هڪ سٽ جي پٺيان وراڻي طور ايندو آهي.

عام طرح وائيءِ جي هر هڪ بند ۾ هڪ سٽ ٿئي ٿي، پر ڪن شاعرن هر هڪ بند ۾ ٻه سٽون به آنديون آهن، جي ٻئي پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن ۽ انهن ٻنهي سٽن کان پوءِ ٿل جو پويون اڌ ۽ ڪن حالتن ۾ پهريون اڌ وراڻي طور ايندو آهي. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ اهڙي قسم جون وايون گهڻي انداز ۾ ملن ٿيون. ڪن واين ۾ ته وري ٽي، چار ۽ پنج سٽون به ٿين ٿيون. اهڙي قسم جون وايون اڄڪلهه جام ملن ٿيون.

سنڌيءَ ۾ اوائلي شاعرن مان رڳو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءِ جي ڪلام ۾ وائيءَ جو استعمال عام جام ملي ٿو، جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ اها صنف عام رواج هيٺ آئي ۽ اڄ به هلندي پئي اچي. موجوده شاعر پڻ وائيءَ کي ساڳي ئي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪندا رهن ٿا. هت ٻه وايون نموني طور ڏجن ٿيون:

ٿل: آئي مند ملار، آئون کهنبا ڪنديس ڪپڙا؛

وسڻ جا ويس ڪيا، اڄ مهجي يار،

آئي مند ملار.

لار لائيندي وڇڙا، ڀنڙس، ڀنڀا ور،

آئي مند ملار.

پکي آءُ پرين تون، لهه مهجي سيد سار،

آئي مند ملار.

(شاهه)

ٿل: اکيون ميگهه ملار، صورت تهجي سڀ جڳ موهيو.

سجدو فيل في الحال ڪيو، پسي مطلب نُور نراڙ،

ڄاپڻ وقت ڄام جي، ڪري ڪنگرا ڪوٽ ڪفار،

صورت تهجي سڀ جڳ موهيو.

اَگي سڀ ”ڀن جو، توکي ڪاريون سير ستار، ولسوف بعطيک ربک تو سين قادر ڪيا قرار،

صور تهجي سڀ جڳ موهيو.

قادر پاڻ قسم ڪيا، خاڪ قدمن جا ڪلتار،

آهن ڪرم ڪريم جا، احمد ساڻ اپار،

صورت تهجي سڀ جڳ موهيو.

اُڪنڊيا جي ابر کي، سرها ٿيا سي سنگهار،

موڪل ٿي مِيهَن کي، دوس هٿا دلدار؛

صورت تهجي سڀ جڳ موهيو.

 (شاهه)

ڪافي

”ڪافي“ اصل ۾ عربي زبان جي لفظ ”ڪفيٰ“ مان نڪتل آهي، جنهنجي لفظي معنيٰ آهي ”پورو هجڻ“ يا ”ڪافي هجڻ“، اصطلاحي معنيٰ موجب ”ڪافي“ اهو قديم شاعريءَ جو فن آهي، جو ڳائڻ وڄائڻ ۾ اچي ٿو يا ڳائي سگهجي ٿو.

ڪافيءَ بابت ڪيترائي رايا پيش ڪيا ويا آهن. جيئن ته ڪفه= دق؛ ڪفه= ساهميءَ جا ٻه پڙ؛ فارسي ڪافتن=کوٽڻ؛ قافيه جمع ”قوافي“ لفظ مان؛ ڪافي الله تعاليٰ جو نالو؛ وغيره. مطلب ته ڪافيءَ جون ڪيتريون ئي معنائون ورتيون ويون آهن.

ڪافي اصل ۾ وائيءَ جي ترقي ڪيل صورت آهي، فرق رڳو اهو آهي ته وائيءَ جي هر هڪ سٽ علحدي هوندي آهي، پر ڪافيءَ ۾ هر هڪ بند هڪ، ٻن، اڍائن، ٽن يا وڌيڪ سٽن جو ٿيندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪافيءَ کي يڪي، ڏيڍي، ٻه ٺپي، ٽه ٺپي، وغيره جي نالن سان سڏيو ويندو آهي.

ڪافيءَ جو ٿل اڪثر ٻن سٽن جو ٿيندو آهي، جي ٻئي سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ سٽ به ٿل ۾ ايندي آهي. ڪافيءَ جي باقي هر هڪ بند جي آخري سٽ، ٿل سان هم قافيه ٿيندي آهي، جنهن جي پٺيان ٿل جي پهرين سٽ وراڻي طور آڻبي آهي. ڪڏهن ته هر هڪ بند جي پٺيان وراڻيءَ وارو ٽڪرو ساڳيو نه، پر مختلف ايندو آهي. ڪن ڪافين ۾ وراڻيءَ وارو ٽڪرو شامل نه به هوندو آهي.

ڪافيءَ جون سٽون ڪنهن وزن تي بيهاريون وينديون آهن. جهڙيءَ طرح سان موزون يا عروضي شاعريءَ لاءِ مختلف وزنن جي ضرورت ٿيندي آهي، تهڙيءَ طرح ڪافيءَ لاءِ به گهڻائي وزن آهن، جن کي سنڌيءَ ۾ گهاڙيتا چئجي ٿو. اهي گهاڙيتا گهٽ وڌ رکڻ ڪري، ڪافيون وزن ۾ ننڊيون، ڪي وچوليون ته ڪي وري وڏيون ٿين ٿيون. مطلب ته ڪافيءِ جا گهڻائي نمونا ٿين ٿا.

ڪتاب ”پرک ۽ پروڙ“ ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته، ”وائي ۽ ڪافي دراصل هڪ ئي شئي جا ٻه نالا آهن، البت لاڙ ۾ وائي ڪوٺڻ جو رواج گهڻو هو ۽ اتر ۾ ڪافي ڪوٺڻ جو رواج هو. انهيءَ ڪري شاهه لطيف ۽ سندس همعصر شاعرن، جي لاڙ واري حصي جا رهاڪو هئا، اهڙي قسم جي ڪلام کي ”وائي“ ڪوٺيو آهي ۽ اتر ۾ شاهه صاحب واري دور ۾ ئي ميان صاحبڏني فاروقي، جو درازن جو ويٺل هو، پنهنجي ڪلام کي ”ڪافي“ ڪوٺيو آهي.“

وائيءَ وانگر ڪافي به سُر ۽ ترنم سان ڳائبي آهي. گهڻو وقت اڳ ڪافي فقط يڪتاري، دلي يا گها گهر ۽ ڍولڪ جي مدد سان ڳائي ويندي هئي؛ پر انگريزن جي اچڻ سان جيئن ته هار مونيم جو رواج پيو، تنهن ڪري ڪافي ڳائڻ لاءِ هار مونيم پڻ استعمال ڪئي ويئي ۽ اڄ تائين ڪم آندي پئي وڃي. هن وقت ٻيا به ڪيترائي نوان ساز ايجاد ٿي چڪا آهن، جن جي مدد سان ڪافي ڳائي سگهجي ٿي.

ڪافيءَ ۾ توحيد ۽ تصوف، حمد ۽ نعت، مدح ۽ ثنا، حسن ۽ عشق، فراق ۽ ڦوڙائو، سوز ۽ ساڙو، صدائون ۽ التجائون، ڏک ۽ ڏوراپا، جوش ۽ جذبات، واقعات ۽ حالات، ملطب ته هر ڪا شيءَ پيش ڪئي ويندي آهي.

سنڌيءَ ۾ اوائلي شاعرن مان اڪثر سچل سرمست، قادربخش ”بيدل“ ۽ مصري شاهه جون ڪافيون سڀني خوبين سان مالا مال آهن موجوده دور ۾ پڻ ڪيترن شاعرن ڪافيءَ جي فن کي نباهيندي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. هت ٻه ٽي ڪافيون مثال طور ڏجن ٿيون:-

(1)

ڪعبو قدسي توهي ساڻ،

ڪوهه ڪڍين ڪعبي جي ڪاڻ.

1-        الانسان سري و انا سره، رمز پروڙج، اها منجهه پاڻ.

2-               مُلڪ، فلڪ سڀ تنهنجا ساجد، سالڪ پنهنجو سِر سُڃاڻ.

3-               ڪرسي، عرش امر تنهنجي ۾، وحدت جو تو منجه وٿاڻ.

4-               ڪعبي جو تون آهين مالڪ، ”بيدل!“ ٻيو تان وهم نه آڻ.

(قادر بخش بيدل)

(2)

عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي،

عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي،

1-               برهي جي اک بيني، ڪائي مثال چيني،

     توڙي رنگون رنگيني، چينيءَ جي مٽ نه ڪاسي،

2-              گل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي،

  عاشق ڏسڻ کئون ڪاتي، رهندو پتنگ پياسي.

3-    ”صورت“ ۾ جاءِ ”دم“ جي، ”دم“ ريءَ نه ”صورت“ ڪم جي،

        دم ۾ جا لذت غم جي، وهه واهه ڳالهه خاصي.

4-              ابليس جي وڏائي، هر سانس تي سوائي،

        جيوڻ ته دم ڀلائي، نه ته تحت نحس ناسي.

5-              ثابت ”سچل“ سچاري، يارن جي ياد ياري.

        وحدت جنين وساري، تن تن مٽي اڻاسي.

             (سچل سرمست)

(3)

اڄ رات رئندي رئندي- ويڙو ڀڄي وهاڻو،

ايڏي نه ڪر جدائي- سورن ڪيو آ ساڻو.

1-               دردن ڪڍايون دانهون، اُڀرن ٿيون سرد آهون،

        روئي تڪيان ٿو راهون- اهڙو ٿيس اياڻو.

2-              ڪانگل بڻائي قاصد، مون موڪليو هي حاسد،

         ڦند ڦير ساڻ فاسد- احوال ريءَ اڏاڻو.

3-              ڪهڙو منجان سنيهو؛ ڪنهن تي يقين ڪيهو،

        جيهو به آهيان تيهو- ڇِن پيار نه پرائو.

4-              آ اندر کي اداسي، راحت نه آهه راسي،

        سورن ڪيو سنياسي- ويتر ٿيس ويڳاڻو.

5-                              محسن“ نه مونجهه لهندي، دل سور جيسين سهندي،

         ڳڻتين ۾ ڇو نه ڳهندي- جند کي لڳو جهوراڻو.....

(محمد حسن ”محسن“ لاڙڪاڻوي)

سلوڪ

”سلوڪ“ سنسڪرت لفظ ”شلوڪ“ جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”گڏ ڪرڻ يا وڌڻ“، اصطلاحي معنيٰ موجب، اهو سنسڪرت شبد (يعني گيت يا ڀڄن). جو چئن ٽڪرن يا فقرن جو ٺهيل هجي ۽ اهي چارئي فقرا پاڻ ۾ هم وزن هجن. مطلب ته سلوڪ ۾ ڪل چار سٽون ٿين ٿيون.

هونئن ته سنڌ جي ڪيترن ئي سگهڙن، خاص طور ڀڳتن، سنڌي ٻوليءَ ۾ سلوڪ چيا آهن، پر سنڌ جي مشهور ويدانتي شاعر ڀائي چئن راءِ لنڊ، جو شڪارپور جو رهاڪو هو ”سامي“ جي نالي سان مشهور هو، هن ڏس ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهي. هن جي سلوڪن جي رچنا به ساڳي سنسڪرتي سلوڪن واري آهي. سندس ڪوتا يا شعر مٺو، رس ڀريو، پڪو ۽ سهڻين تشبيهن سان سينگاريل آهي. هن جي ڪلام ۾ نه رڳو سنڌي، سنسڪرت ۽ هندي لفظ ڪم آيل آهن، پر عربي ۽ فارسي الفاظن جو تعداد به منجهس جهجهي انداز ۾ ملي ٿو.

سامي پنهنجي ڪلام ۾ تشبيهون ۽ استعارا بلڪل عجيب ۽ دلچسپ نموني جا پيش ڪيا آهن. انهيءَ کان سواءِ لفظي ۽ معنوي صنعتن جو به خاصو انداز منجهس مڙهيو اٿس. هن پنهنجي هر سلوڪ کي قافيي ۽ ماترائن جي لحاظ کان پڻ قاعدي قانون اندر رکيو آهي. مطلب ته ساميءَ جو ڪلام موزون، پڪو پختو ۽ نهايت عمدو آهي.

مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته سلوڪ ۾ چار سٽون ٿينديون آهن. انهيءَ لحاظ سان ساميءَ به پنهنجي ڪلام ۾ اڪثر چار سٽون ڪم آنديون آهن. البت ڪن سلوڪن ۾ انهيءَ بندش کي ختم ڪري ٽي سٽون به آنديون اٿس؛ ۽ ڪن جزوي حالتن ۾ وري ستن بلڪ اٺن سٽن تائين به ويو آهي. هن جي سلوڪن ۾ قافيو اڪثر پهرين ۽ آخري سٽ جي وچ ۾ آيو آهي؛ ۽ باقي وچ وارين سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو ڏنو اٿس.

سامي ويدانيت“ متي جو فقير هو. هن پنهنجي سلوڪن ۾ چيو آهي ته، ”هيءَ سنسار (جهان) هڪ وهم، ڀرم يا سپنو آهي، پر انسان هن ڪوڙي ۽ بي بقا دنيا کي سچو سمجهي ويٺو آهي.“ هن جهان جي سڀني شين کي بي بنياد ٺهرايو آهي؛ ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته هيءَ جڳ فاني آهي. تنهن ڪري پنهنجي نفس کي، هن دنيا کان ٽڳاٽوڙي، پنهنجي حقيقي محبوب (يعني الله تعاليٰ) جو مشاهدو ماڻڻ جي هر وقت تلقين ڪئي اٿس. سامي پنهنجي ڪلام ۾ انهيءَ عقيدي تي گهڻو زور ڏنو آهي ته، ”انسان جو روح، پنهنجن بد اعمالن ۽ ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري ڪوٽ جنم ڀوڳي پوءِ خوش قسمتيءَ سان انساني جسم ۾ داخل ٿيو آهي.“ تنهن ڪري انساني جامي جو قدر سڃاڻي، هر انسان کي پنهنجي نفس سان جنگ جوٽڻ گهرجي ۽ پنهنجي مالڪ ۽ خالق سان سچو عشق رکڻ گهرجي.

ساميءَ پنهنجي سلوڪن ۾ اهو به چيو آهي ته، جيڪڏهن انسان ذات درويشن سان صحبتون ڪري ۽ خدا تعاليٰ جي بندگيءَ ۾ مشغول رهي، پنهجي ڌڻيءَ جو عشق ڪمايو ته هو دائمي نجات جو درجو حاصل ڪندو ۽ پنهنجي مالڪ سان ائين ملي هڪ ٿي ويندو، جيئن پاڻيءَ جو قطرو ساگر ۾ جذب ٿي ويندو آهي؛ ۽ پوءِ هو مرڻ ۽ جيئڻ جي ڏکن ۽ ڏوجهرن کان ڇٽي پوندو. پر جيڪڏهن مايا (دنيا) جي لوڀ ۽ لالچ جي ڦندي ۾ هڪ واري ڦاسي پيو ۽ پنهنجي خالق جي بندگيءَ کان پاڻ کي غافل رکيائين ته انساني جامي مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ هو ڀٽڪندو رهندو ۽ پنهنجي مالڪ جي ديدار پسڻ ڪاڻ هميشہ پيو سڪندو.

ساميءَ جا سلوڪ ٻڌائين ٿا ته انسان جي نفس اماره سان پنج ڀوت (دشمن) هميشہ شامل رهن ٿا، جهڙوڪ؛ ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه، اهنڪار. پوءِ جو به انسان انهن پنجن ئي ڀوتن سان جنگ جوٽي، کين ماري مات ڪري ٿو ۽ کانئن هميشہ لاءِ نجات پائي ٿو، اهوئي ڌڻيءَ جو سچو ويراڳي آهي.

هن پنهنجي سلوڪن ۾، پنهنجو من ماري ميڻ ڪرڻ، اندر ۾ جهاتي پائڻ، پنهنجي نفس سان جنگ جوٽڻ، ڪوڙي مايا جي ڦندي ۾ نه ڦاسڻ، هٺ ۽ خودي ڀڃڻ، خدا تعاليٰ جي عشق ۾ پاڻ فنا ڪرڻ ۽ مڙهيءَ منهن وجهڻ، وغيره جوئي سبق ڏنو آهي. مطلب ته ساميءَ جا سلوڪ هڪ بي بها خزانو آهي جن ۾ هميشہ نياز ۽ نئڙت سان هلڻ ۽ پنهنجو من ماري ميڻ ڪرڻ لاءِ انسان کي تلقين ٿيل آهي. هت ساميءَ جا چند سلوڪ مثال طور پيش ڪجن ٿا:-

(1)

وڌا سڀ ڪيري، مايا جيءَ محل مون،

ڇڏيائين ڇل ول سان، حرص منجهه هيري،

ويٺا منهن ڦيري، سامي چئي سروپ کون.

(2)

چريا سي چئجن، جي پاڻ سڃاڻن ڪينڪي،

ڳالهيون ويدن جون ٻُڌي، مرم نه رکن من،

پنهنجي ڳچيءَ پاڻهي، جوڙي سيل وجهن،

سامي ڪين ڏسن، جهاتي پائي گهر ۾.

(3)

شيوا منجهون جن، لڌو لعل اڻ مُلهو،

سي سامي سڪ سچيءَ سان، سدا شيوا ڪن،

لٺيون، مُڪان، موچڙا، سڀئي سهن،

رتا رنگ رهن، اٺئي پهر عجب جي.

(4)

سپني منجهه ڪنگال، راجا ٿيو هڪ ديس جو،

هاٿي، گهوڙا، پالڪيون، ميڙيائين سڀ مال،

در تي بيٺا ڪيترا، سامي ڪن سوال،

جاڳي اهو حال، پنندو وتي پنج ڪڻي.

(5)

مورک ڪين ڏسن، سنمک سپيرين کي،

اوديا جيءَ انڌا ڪيا، ڏنو پُٽُ پرين،

ڀرم منجهه ڀُلي ڪري، ٿا پنا نِت پڙهن،

تپ تيرٿ بِرتَ نيمَ جڳ جَهد ڪيو جاڳن،

 

غُفا بُنَ پهاڙ ۾، بک اُڃ دک سهن،

نانا بيک ڌري ڪري، ٿا ديهه آمول دهن،

بنا ساڌ سنگت جي، سڀ وَهڻ منجهه وَهن،

ڪي لُکايا لهن، سامي سپرين کي.


* مقالو ”سومرن جي دور جو ادب“، ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا، ماهوار نئين زندگيءَ ڪراچي، ماهه فيبروري ۽ مارچ 1972ع.

* سماهي مهراڻ، سيارو 1955ع، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي سنڌ، صفحو نمبر 123.

[1] ڳاڙها.

[2] چڙي جي اندران وڄائيندڙ هڏي جو گهڙيل ٽڪرو.

[3] ٻڌندي (وڇڙن کي گهنڊڻيون ٻڌڻ).

[4] ڳتيل يا وٽيل وار. (5) عبدالمطلب، رسول ڪريم صلعم جن جو ڏاڏو.

[5]  عبدالمطلب، رسول ڪريم ﷺ جن جو ڏاڏو.

[6] ڪرايو.

[7] ۽ سگهوئي اوهان جو رب اوهان کي عطا ڪندو.

[8] خالق، مالڪ، خدا تعاليٰ.

[9] سڪيا؛ سڪايل؛ طالبو.

[10] ڪڪر.

[11] ڌنار.

[12] دوست؛ الله تعاليٰ.

[13] ”پرک ۽ پروڙ“؛ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ ڇاپو پهريون، صفحو 6 مارچ 1971ع.

[14] ”ڪافي“- مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڇاپو پهريون سال 1962ع، صفحو نمبر 76.

[15] ڪام= نفساني خواهش؛ ڪروڌ= غصو، ڪاوڙ، ناراضپو؛ لوڀ =لالچ، هٻڇ، دنيوي خيال؛ موهه=پيار، محبت، عشق، سڌ؛ اهنڪار=هٺ، غرور، وڏائي، خودي.

[16] سمنک= سامهون، برت=ورت

جڳ=يگيه؛ جهان، جهد= ڪوشش.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: