فاعل
سان:
جنس ۾: جوڳيءَ نانگ کي پڪڙيو.
جوڳياڻيءَ نانگ کي پڪڙيو.
عدد ۾: جوڳيءَ نانگ کي پڪڙيو.
جوڳين نانگ کي پڪڙيو.
ضمير ۾: هن (جوڳيءَ) نانگ کي پڪڙيو.
هنن (جوڳين) نانگ کي پڪڙيو.
مفعول
سان:
جنس ۾: جوڳيءَ نانگ کي پڪڙيو.
جوڳيءَ نانگڻ کي پڪڙيو.
عدد ۾: جوڳيءَ نانگ کي پڪڙيو.
جوڳيءَ نانگن کي پڪڙيو.
ضمير ۾: جوڳيءَ انهيءَ (نانگ) کي
پڪڙيو.
جوڳيءَ هنن (نانگن) کي پڪڙيو.
(4)
جملو:
مون اڄ هڪ انگريز کي ڏٺو.
فاعل
سان:
جنس ۾: مون (مرد) اڄ هڪ انگريز کي ڏنو.
مون (عورت) اڄ هڪ انگريز کي
ڏٺو.
عدد ۾: مون اڄ هڪ انگريز کي ڏٺو
اسان اڄ هڪ انگريز کي ڏٺو.
ضمير ۾: تو اڄ هڪ انگريز کي ڏٺو.
هن اڄ هڪ انگريز کي ڏٺو.
مفعول
سان:
جنس ۾: مون اڄ هڪ انگريز کي ڏٺو.
مون اڄ هڪ انگريزياڻيءَ کي ڏٺو.
عدد ۾: مون اڄ هڪ انگريز کي ڏٺو.
مون اڄ انگريزن کي ڏٺو.
ضمير ۾: مون اڄ هن (انگريز) کي ڏٺو.
مون اڄ هنن (انگريزن) کي ڏٺو.
فعل
چيائين:
جيئن ته فاعل جي گردان ۾ ”چيائين“ فعل
متعدي مٽجي ”هن چيو“ ٿيندو، تنهن ڪري ان
موجب فاعل سان گردان ڪجي ٿو:
فاعل
سان:
جنس ۾: هن (مرد) شهزادي کي چيو.
هن (عورت) شهزادي کي چيو.
عدد ۾: هنن شهزادي کي چيو.
هنن شهزادي کي چيو.
ضمير ۾: تو شهزادي کي چيو.
اسان شهزادي کي چيو.
مفعول
سان:
جنس ۾: شهزادي کي چيائين.
شهزاديءَ کي چيائين.
عدد ۾: شهزادي کي چيائين.
شهزادن کي چيائين.
ضمير ۾: هن (شهزادي) کي چيائين.
توهان (شهزادن) کي چيائين.
مٿين مثالن ۾ ڏسبو ته فاعل ۽ مفعول هر حالت ۾،
جنس، عدد، ۽ ضمير ۾ پنهنجون صورتون تبديل ڪندا پئي
رهيا آهن، پر فعل سڀني حالتن ۾ هڪ ئي صورت اختيار
ڪيو بيٺا آهن. ۽ منجهن ڪا به تبديلي نه آئي آهي.
انهيءَ ڪري مٿين فعلن جو پريوگ ”ڀاوي“ آهي.
نوٽ:- ”پريوگ ڀاوي“ جي سڃاڻڻ جي خاص نشاني
اها آهي ته جملي ۾ مفعول جي پٺيان هميشہ ”کي“ لفظ
(حرف جر) هوندو آهي.
مشق
هيٺين جملن ۾ فعلن جا پريوگ ٻڌايو:
جملا:-
1-
مان ڀولڙو ڏسان ٿو.
2-
ٻليون ڪتن کي جهلين ٿيون.
3-
اسان جي پٽيوالي اڄ پنهنجي گهر ۾ هڪ ڪاريهر نانگ
ڏٺو.
4-
ڇوڪرا ڊوڙن ٿا.
5-
شڪاريءَ شينهن کي ماريو.
6-
ڇوڪر ڍڳي چاري ٿو.
7-
مور برسات جي موسم ۾ نچندو آهي.
8-
ظهير گدڙ کي ڦاسايو.
9-
اسان جو استاد لئبرريءَ ۾ ويٺو آهي.
10-ڪِڪيون
کيڏن ٿيون.
11-
سڀاڻي احمد وارو ڇيلو ڪسندو.
12-ڏسو،
باغائي سڀني ڇوڪرن کي ٻَڌي ڇڏيو.
فعل:
1-
کاڌم.
2-
ويٺي آهي.
3-
پهچندي.
4-
ماريائين.
5-
آندو.
6-
اُڇليا.
ڇيد
”ڇيد“ ۽ ”تفريق“ هڪ شيءَ جا ٻه نالا آهن. ”ڇيد“
سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي
”ڀڃڻ، ٽوڙڻ، جدا جدا ڪرڻ“ ۽ ”تفريق“ عربي زبان جي
لفظ ”فرق“ مان جڙيو آهي، جنهن جي پڻ لغوي معنيٰ
اهي ”فرقا فرقا ڪرڻ، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، ڌار ڌار ڪرڻ،“
وغيره. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته ”ڇيد“ ۽ ”تفريق“
ٻئي هم معنيٰ الفاظ آهن ۽ هڪ ئي مقصد ظاهر ڪرڻ
لاءِ ڪم اچن ٿا. سنڌي زبان ۾ انهن لفظن جو نعم
البدل (عيوض) آهي ئي ڪون.
”ڇيد“ يا ”تفريق“ جملي جو ٿيندو آهي، جو ٻن يا
وڌيڪ لفظن جو مجموعو ٿئي ٿو ۽ منجهانئس پورو مطلب
نڪري ٿو.
جملي ۾ اڪثر ٽي شيون هونديون آهن؛ 1- فاعل 2-
مفعول، 3- فعل. ”فاعل“ جي معنيٰ آهي ”ڪم جو ڪندڙ؛“
”مفعول جي معنيٰ آهي ”جنهن تي ڪم ٿئي“ ۽ ”فعل“ جو
مطلب آهي ”جيڪو ڪم ڪيو وڃي“. هت اهو ڄاڻڻ ضروري
آهي ته ، جنهن جملي ۾ ”فعل لازمي“ پيل هوندو آهي،
ان جملي ۾ رڳو ”فاعل“ هوندو آهي؛ پر جنهن جملي ۾
”فعل متعدي“ ايندو آهي، ان جملي ۾ ”فاعل ۽
مفعول“ ٻئي هوندا آهن. انهن ”فاعل ۽ مفعول“ ۾ ڪم
ايندڙ لفظ گرام ۾ ”اسم“ يا ان جي بدران ”ضمير“
هوندا آهن.
سنڌي جملن ۾ ”فاعل“ جملي جي شروعات ۾ ايندو آهي،
”مفعول“ جملي جي وچ ۾ هوندو آهي ۽ ”فعل“ جملي جي
پڇاڙيءِ ۾ ٿيندو آهي. تمام مختصر جملا رڳو ٻن شين
(فاعل ۽ فعل) تي مشتمل هوندا آهن. انهن مختصر جملن
جو ڇيد ڪرڻ وقت، هر هڪ جملي کي ٻن حصن ۾ ورهايو
ويندو آهي، جنهن مان پهرئين حصي کي ”مبتدا“ ۽ ٻئي
حصي کي ”خبر“ چئبو آهي. ”مبتدا“ جي معنيٰ آهي
”ڪنهن ڪم جي ابتدا يا شروعات ڪندڙ“. جملي ۾ ڪم جي
ابتدا ڪندڙ کي ”فاعل“ چئبو آهي، جو ڇيد ڪرڻ وقت
مبتدا واري خاني ۾ رکبو آهي. ڇيد جو ٻيو حصو آهي
”خبر“. فاعل جيڪو ڪم ڪري ٿو، ان جي وضاحت ڪندڙ
الفاظ انهيءَ ”خبر“ واري خاني ۾ رکبا آهن. اهي
الفاظ فعل جي صورت ۾ هوندا آهن. ڇيد جا اهي ٻه حصا
هي آهن.
انهن ٻنهي حصن (مبتدا ۽ خبر) مان ڪو به هڪ حصو نه
هجڻ جي حالت ۾ جملو اڌورو ۽ اڻپورو ٿي پوندو؛ ۽
جڏهن ڪو جملو پورو نه هوندو ته ان جو ڇيد به ٿي نه
سگهندو. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته جملي ۾
”مبتدا“ ۽ ”خبر“ ٻنهي جو هجڻ لازمي آهي. ڪن جملن ۾
مبتدا (فاعل) ظاهر نه، پر ڳجهو هوندو آهي.
ڪنهن به جملي جو ڇيد ڪرڻ وقت پهريائين ان جو فاعل
معلوم ڪبو آهي، جنهن لاءِ ان جملي ۾ پيل فعل کان
”ڪير“ يا ”ڪنهن“ جو سوال پڇبو آهي؛ ۽ مفعول
معلوم ڪرڻ
لاءِ وري انهيءَ فعل کان ”ڇا“ جو سوال ڪبو آهي.
اهڙي نموني سان جملي ۾ آيل ”فاعل“، ”مفعول“ ۽
”فعل“ چڱيءَ طرح سان معلوم ڪري سگهبا.
هن کان اڳ جملي واري باب ۾، جملي جا ٽي قسم ٻڌايا
ويا آهن. (1)
مفرد جملا، (2) مرڪب جملا، (3) مرتب يا مخلوط
جملا.
هت هر هڪ قسم جي جملي جو ڇيد درجي بدر جي پيش ڪجي
ٿو:
1-
مفرد جملن جو ڇيد:
هت پهريائين سادن مفرد جملن مان مبتدا ۽ خبر چونڊي
ڌار ڌار خانن ۾ رکجن ٿا. سادا جملا اهي آهن، جن ۾
رڳو فاعل ۽ فعل؛ يا فاعل، مفعول، فعل موجود هجن.
نمبر |
جملو |
مبتدا |
خبر |
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10 |
خليل لکي ٿو:
گهوڙو ڊوڙي ٿو.
پکي اڏامي رهيا آهن.
هو ڪتاب پڙهندو آهي.
اسلم راند ڪئي.
مان ايندس.
وڃجانءِ.
تصوير ڏيکاريندو.
خط لکيم.
ميوو کائينداسين |
خليل
گهوڙو
پکي
هو
اسلم
مان
تون (ڳجهو)
هو (ڳجهو)
مون (ڳجهو)
اسان (ڳجهو) |
لکي ٿو.
ڊوڙي ٿو.
اڏامي رهيا آهن.
ڪتاب پڙهندو آهي.
راند ڪئي.
ايندس.
وڃجانءِ
تصوير ڏيکاريندو.
خط لکيو
ميوو کائينداسين. |
خبر واري حصي کي وري ٻن خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو،
جن مان هڪ ۾ ”مفعول“ ۽ ٻئي ۾ ”فعل“ رکبو. مٿي بيان
ڪيو ويو آهي ته ”فاعل“ معلوم ڪرڻ لاءِ فعل کان
”ڪير“ يا ”ڪنهن“ سوال پڇبو ۽ ”مفعول“ ڪڍڻ لاءِ فعل
کان ”ڇا“ سوال پڇبو.
اهڙيءَ طرح مٿئين ڇيد ۾ پيش ڪيل جملا نمبر
9,8,5,4
۽ 10؛ مان فاعل، مفعول ۽ فعل هر هڪ الڳ ڪري مختلف
خانن ۾ رکي ڏيکاريا وڃن ٿا. جهڙوڪ؛ فاعل ”مبتدا“
واري حصي ۾؛ ۽ مفعول ۽ فعل ”خبر“ واري حصي ۾ جدا
جدا خانن ۾ رکجن ٿا.
نمبر |
جملو |
مبتدا |
خبر |
فائل |
مفعول |
فعل |
4
5
8
9
10 |
هو ڪتاب پڙهندو آهي.
اسلم راند ڪئي.
تصوير ڏيکاريندو.
خط لکيم.
ميوو کائينداسي |
هو
اسلم
هو (ڳجهو)
مون (ڳجهو).
اسان (ڳجهو). |
ڪتاب
راند
تصوير
خط
ميوو |
پڙهندو آهي.
ڪئي.
ڏيکاريندو.
لکيو.
کائينداسي. |
مٿئن نقشي ۾ ڏسبو ته جملي نمبر 9،8 ۽ 10 ۾ اندروني
سمايل (ڳجهن) فاعلن کي ظاهر ڪري ڇيد م رکيو ويو
آهي، جنهن ڪري فعلن جي اصلي صورت بدلجي وئي آهي؛
پر جيڪڏهن فعلن جي شڪل بدلائڻ کان سواءِ ئي صرف
ظاهري لفظن جو ڇيد ڪبو ته اهو هن طرح ٿيندو ته
”فاعل“ جي نه هجڻ جي حالت ۾ ”مفعول“ فاعل جي جڳهه
والاريندو. اهو مفعول، جيئن اڳ چئي آيا آهيون ته،
”ڇا“ جي جواب ۾ نڪرندو. اهڙي قسم جو ڇيد هن طرح
ٿيندو:-
نمبر |
جملو |
مبتدا |
خبر |
فائل |
مفعول |
فعل |
8
9
10 |
تصوير ڏيکاريندو.
خط لکيم.
ميوو کائينداسي. |
تصوير
خط
ميوو |
--
--
-- |
ڏيکاريندو.
لکيم.
کائينداسي. |
اڪثر جملن ۾ فاعل ۽ مفعول سان گڏ ڪي صفاتي ۽ فعل
سان گڏ ڪي ظرفي ۽ ندائي الفاظ به شامل هوندا آهن.
پوءِ اهي جملا ”فعل لازمي“ جا هجن يا ”فعل متعدي“
جا، ٻنهي حالتن ۾ اهي وڌايل الفاظ پنهنجي پنهنجي
ڪم واري لفظ يعني ”فاعل، مفعول ۽ فعل“ سان گڏ وارن
خانن ۾ ويندا.
تنهن ڪري اهڙن جملن جو ڇيد ڪرڻ وقت پهريائين انهن
وڌائي وڏو ڪيل جملن کي سادن جملن جي شڪل ۾ آڻبو؛
يعني انهن جملن مان وڌاءَ وارا الفاظ جدا ڪبا ته
رڳو ”فاعل ۽ فعل“ يا ”فاعل، مفعول ۽ فعل“ وڃي
رهندا، جن کي سولائيءَ سان ڇيد جي مقرر خانن ۾ رکي
سگهبو. باقي وڌاءَ وارا الفاظ، جملي ۾ آيل فاعل،
مفعول يا فعل، جنهن سان به واسطو رکندڙ هوندا، ان
جي پاسي ۾ هڪ جدا خاني ۾ رکيا ويندا. جيئن ته؛
”فاعل“ سان واسطو رکندڙ وڌاءَ وارا صفاتي الفاظ
”مبتدا“ واري ڀاڱي ۾ ”فاعل جو وڌاءُ“ واري خاني ۾
رکبا اهڙي طرح ”مفعول“ جا صفاتي الفاظ ”خبر“ واري
حصي ۾، مفعول جي ڀر ۾، ”مفعول جو وڌاءَ“ واري خاني
۾ رکبا؛ ۽ ”فعل“ جي وڌاءَ وارا ظرفي ۽ ندائي
الفاظ، ”خبر“ واري حصي ۾، فعل جي ڀرسان، ”فعل جو
واڌاءُ“ واري خاني ۾ جدا رکبا.
هاڻي اهو سوال اٿي ٿو ته ”فاعل، مفعول ۽ فعل“ هر
هڪ جا وڌاءَ وارا الفاظ ڪيئن معلوم ڪجن؟ ان لاءِ
جملي ۾ ڪم آيل فعل کان ڪي سوال پڇبا. جهڙوڪ؛ ”فاعل
يا مفعول“ ڪڍڻ کان پوءِ ان هر هڪ جي وضاحت لاءِ
”ڪهڙو، ڪهڙا، ڪهڙي، ڪهڙيون،“ جو سوال پڇبو ته ان
جي جواب ۾ جي الفاظ ملندا، سي هر هڪ جي پاسي ۾،
وڌاءَ واري خاني ۾ رکبا. اهڙي نموني ”فعل“ جي
وڌاءَ وارا ظرفي الفاظ ڪڍڻ لاءِ ڪڏهن، ڪٿي، ڪيئن،
ڇو“ جا سوال ڪبا. انهيءَ کان سواءِ، اهي اسم يا
ضمير؛ جن سان ”جري حالت“ لڳل هجي؛ يعني انهن جي
پٺيان ڪا به ”حرف جر“، جهڙوڪ؛ ۾- تي کي- مان- کان-
تان- ڏانهن“ وغيره شامل هجي ته اهي جري حالت وارا
الفاظ به حرف جر سميت ”فعل جو وڌاءُ“ واري خاني ۾
رکبا؛ يا ائين چئجي ته، فاعل ۽ فاعل جي وڌاءُ،
مفعول ۽ مفعول جو وڌاءُ؛ ۽ فعل ڪڍڻ کان پوءِ، باقي
جيڪي به الفاظ بچن، اهي سڀ کڻي ”فعل جو وڌاءُ“
واري خاني ۾ رکجن. اهڙي قسم جي جملن کي ”ڏکيرا
مفرد جملا“ يا ”ڳوڙها مفرد جملا“ چئجي ٿو. ته اهڙي
قسم جي جملن جو ڇيد ڪري ڏيکارجي ٿو:
نمبر |
جملو |
مبتدا |
خبر |
فاعل |
فاعل جو وڌاءُ |
مفعول |
مفعول جو وڌاءُ |
فعل |
فعل جو وڌاءُ |
1. |
اسان جو ملڪ پاڪستان ڏاڍو سرسبز آهي. |
پاڪستان |
اسانجو ملڪ |
__ |
__ |
آهي |
ڏاڍو سرسبز |
2. |
ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جو برک سياستدان آهي. |
ذوالفقار علي ڀٽو |
__ |
__ |
__ |
آهي |
دنيا جو برک سياستدان |
3. |
شهيدن جو درجو سڀني کان اعليٰ آهي. |
درجو |
شهيدن جو |
__ |
__ |
آهي |
سڀني کان اعليٰ |
4. |
انهن حالتن پير صاحب کي وڏو دلي صدمو
پهچايو. |
حالتن |
انهن |
صدمو |
وڏو دلي |
پهچايو |
پير صاحب کي |
5. |
ڏکئي بکئي کي پانڌيئڙي جو گهڻو احساس ٿئي
ٿو. |
احساس |
گهڻو |
__ |
__ |
ٿئي ٿو |
ڏکئي بکئي کي پانڌيئڙي جو |
6. |
گلڻ جي وڏي ڀاءُ الطاف ڪالهه رستي تي هڪ وڏو
ڪارو نانگ ماريو. |
الطاف |
گلڻ جي وڏي ڀاءُ |
نانگ |
هڪ وڏو ڪارو |
ماريو |
ڪالهه رستي تي |
مٿي پيش ڪيل ڇيد مان ڏسبو ته جملي نمبر 3،1 ۽ 5
اصلي فاعل آهي ئي ڪونه؛ ڇاڪاڻ ته فعل کان ”ڪير“ يا
”ڪنهن“ جو سوال پڇڻ سان جواب ئي ڪو نه ٿو ملي؛ پر
”ڇا“ جو سوال ڪرڻ سان پهرئين جملي ۾ ”ملڪ“؛ ٽئين
جملي ۾ ”درجو“ ۽ پنجين نمبر جملي ۾ ”احساس“ لفظ
ملن ٿا؛ جي دراصل ”مفعول“ آهن. اهڙي حالت ۾
”مفعول“ پنهنجي اصلي جاءِ ڇڏي، ”فاعل“ جي جاءِ
ورتي آهي؛ ۽ جيئن ته پهرئين ۽ ٽئين نمبر جملن ۾
انهن جي وڌاءَ وارا الفاظ ڪو نه آهن، تنهن ڪري
انهن خانن کي خالي ڇڏيو ويو آهي. باقي جملي نمبر 5
(پنجين) وڌاءَ وارو لفظ ”گهڻو“ فاعل سان گڏ ”فاعل
جو وڌاءُ واري خاني ۾ رکيو ويو آهي.
2ـ مرتب جملن جو ڇيد
هن کان اڳ جملي واري باب ۾ مرتب جملن جي تشريح
ڪندي چئي آيا آهيون ته هن قسم جي جملن م هڪ کان
وڌيڪ جملا ٿين ٿا، جي هڪ ٻئي سان زنجير جي ڪڙين
وانگر مليل ٿين ٿا ۽ انهن ۾ فاعل ۽ مفعول جا صفاتي
الفاظ يا جملا؛ ۽ فعل جا ظرفي ۽ ندائي الفاظ، ساڻن
شامل ٿي اچن ٿا، جي جملي کي وڌائي وڏو ڪن ٿا. اهڙن
جملن جو ڇيد به مفرد جملن وانگر ٿيندو آهي؛ پر فرق
رڳو ايترو آهي ته هنن مرتب جملن جي ڇيد ۾ ”فاعل جو
واڌءُ“ ۽ ”مفعول جو وڌاءُ“ وارن خانن ۾ جملن جا
جملا رکيا ويندا آهن. هت اهڙن مرتب جملن جو ڇيد
پيش ڪجي ٿو:
نمبر |
جملو |
مبتدا |
خبر |
فائل |
فاعل جو وڌاءُ |
مفعول |
مفعول جو وڌاءُ |
فعل |
فعل جو وڌاءُ |
1. |
سچ پچ جيڪو وٽن ويو، تنهن مانُ لڌو. |
جيڪو
تنهن |
__
__ |
__
مانُ |
__
__ |
ويو
لڌو |
سچ پچ وٽن
__ |
2. |
اڃا تائين هو ڦٽ جي ڪڙيءَ کي ڏسي رهيو هو. |
هو |
__ |
__ |
__ |
ڏسي رهيو هو |
اڃا تائين ڦٽ جي ڪڙيءَ کي |
|
جنهن کي پاسي کان رهڙ اچي وئي هئي. |
رهڙ |
__ |
__ |
__ |
اچي وئي هئي |
جنهن کي پاسي کان |
3. |
سر زمين سنڌ، وقت بوقت وڏا عالم ۽ فاضل پيدا
ڪيا آهن، جن جي علم جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سنڌ جون
سرحدون اورانگهي، پري پري تائين وڃي پهتي
هئي. |
سر
زمين
سڳنڌ ۽ سرهاڻ |
سنڌ
جن جي علم جي |
عالم ۽ فاضل
__ |
وڏا
__ |
پيدا ڪيا آهن
وڃي پهتي آهي |
وقت بوقت
سنڌ جون سرحدون اورانگهي پري پري تائين |
3ـ
مرڪب جملن جو ڇيد
جملي واري باب ۾ اڳ، مرڪب جملن جي وضاحت ڪندي چيو
ويو آهي ته، اهي ٻٽا ۽ گڏيل جملا ٿين ٿا، جن جي وچ
۾ ”۽- يا- ته- پر- نه ته- ڇاڪاڻ ته، جو، وغيره،“
الفظ استعمال ٿيل هوندا آهن، تنهن ڪري ڇيد ڪرڻ وقت
اهڙا جملن کي ملائيندڙ يا جدا ڪندڙ لفظ هڪ جدا
خاني ۾ رکبا ۽ باقي ڇيد، مفرد ۽ مرتب جملن جي ڇيد
وانگر ڪبو. اهڙن جملن جو ڇيد صفي نمبر 178 تي ڪري
ڏيکاريو ويو آهي؛ ۽ آخر ۾ صفحي نمبر 180 ۽ 181 تي
ٽنهي قسمن (مفرد، مرتب ۽ مرڪب) جي جملن جو گڏيل
ڇيد ڪري ڏيکاريو ويو آهي.
نمبر |
جملو |
جملي جو قسم |
ملائيندڙ يا جدا ڪندڙ لفظ |
1. |
هن شهر جي ڀرسان درياهه جي تري ۽ ٽڪرين مان
قديم زماني جون شيون هٿ آيون. |
مفرد |
___ |
2. |
مڇيءَ جي پيداوار ذريعي حڪومت جي آمدنيءَ ۾
اضافو ٿي سگهندو. |
مفرد |
___ |
3. |
روهڙيءَ جي سامهون درياهه ۾ هڪ ٻيٽ آهي،
جنهن کي خواجه خضر جو آستان ڪري چيو ويندو
آهي. |
مرتب |
___
___ |
4. |
انسان جي زندگي پاڻيءَ جي ڦوٽي مثل آهي، جو
جڏهن ميٽجي ٿو وڃي ته سندس نالو نشان به
ڪونه ٿو رهي. |
مرڪب |
___
___
ته |
5. |
يڪدم ڄاڻبو ته هتي ڪنهن سمي ماڻهو رهندا هئا
۽ هي جو پتلو آهي، سو ڪنهن هوشيار نقاش جو
تراشيل ۽ گهڙيل آهي. |
مرڪب |
ته
__
۽
__ |
نثر
”نثر“ جي لغوي معنيٰ آهي، ”ٽڙيل پکڙيل لفظ“.
اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪو اديب يا ليکڪ جدا جدا لفظن
کي ملائي جملن جي شڪل ۾ ٻين جي اڳيان پيش ڪري.
مطلب ته نثر اهو بياني فقرو آهي، جنهن م ڪنهن ڏنل
نظاري يا واقعي يا حقيقت کي لفظن جي ذريعي جملن جي
شڪل ۾ آڻي ۽ منجهن زنجير جي ڪڙين وانگر سلسلو پيدا
ڪري، ماڻهو اڳيان تقرير (زباني) يا تحرير (لکيت)
جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي.
نثر جي وڏي خاصيت اها آهي ته ان ۾ هر ڪنهن قسم جو
مضمون آڻي سگهجي ٿو، جهڙوڪ، سائنس، حڪمت، سماجي
اڀياس، افسانا، آکاڻيون، ناٽڪ، روزمره جون ڳالهيون
۽ بحث مباحثا هئا، ڪورٽن جا فيصلا، حڪومت جا قاعدا
قانون وغيره.
نثر جا ٽي قسم آهن:
1-
نثر مرجز. 2- نثر مسجع. 3- نثري عاري.
1ـ نثر مرجز
”مرجز“ جي معنيٰ آهي ”وزن وارو“. هن قسم جي نثر ۾
گڏ آيل فقرا (جملي جا (ٽڪرا) پاڻ ۾ موافق ۽ موزون
هوندا آهن؛ يعني اهو نثر، جنهن ۾ وزن به هجي قافيو
به هجي. هت نثر مرجز جو هڪ مثال ڏجي ٿو، جو مرحوم
مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي:-
”سواءِ ذڪر قادر ڪارساز جي وقت وڃائڻ، ۽ سواءِ شغل
خالق ڪردگار جي حياتي گذارڻ، نسورو نقصان آهي.“
|