2ـ نثر مسجع
1-
” مسجع“ کي مقفيٰ“ به ڪري چئبو آهي، جنهن جي معنيٰ
آهي ”قافيي وارو نثر.“ هن قسم جي نثر ۾، فقرن
(جملي جي ٽڪرن) جي پڇاڙيءَ ۾ لفظ عام طرح هڪ جهڙي
آواز ۾ هوندا آهن؛ يعني اهو نثر جنهن جي فقرن جي
آخر ۾ قافيي وارا لفظ هجن. هن قسم جي نثر ۾ وزن جو
هجڻ لازمي نه آهي. هت اهڙي نثر مان هڪ ٽڪرو ڏجي
ٿو، جو مرحوم ميان شمس الدين ”بلبل“، قلندر لعل
شهباز جي ميلي وقت چيو هو. جهڙوڪ:
”اڙل جو پاڻي، ديگڙي جيئن ٽهڪي، ڍڪ ڀري ته ويٺو
سهڪي، شربت ڄڻ شيرين شراب، ڪوسو نسورو ڳڙ جو لعاب،
چڪڙو بي ته خانو خراب، چپ خشڪ بدن بيتاب.“
3- نثر عاري
”عاري“ جي معنيٰ آهي ”اگهاڙو“؛ يعني اهو نثر جو
روزانو بنان ڪنهن تجويز جي زباني يا لکيل صورت ۾
پيش ڪيو وڃي. هن ۾ وزن ۽ قافيون ٻئي نه هوندا آهن.
هن قسم جو نثر ۾ روزمره جون ڳالهيون ۽ بحث مباحثا
۽ ٻيا مختلف قسمن جا مضمون، وغيره اچي وڃن ٿا. هٿ
اهڙو نثر جو مثال پيش ڪجي ٿو:-
”اي نادان! موت کان اوهان جهڙا گنهگار خوف ڪن ٿا،
جن کي خدا جي روبرو ٿيڻ شرم ٿئي ٿو. موت ته هڪ
رحمت الاهي آهي، جا نيڪن کي دنيا جي براين کان
بچائي خدا وٽ پهچائي ٿي.“
نثر جا هيٺيان نمونا آهن:
1ـ مضمون
”مضمون“ نثر جو هڪ نمونو آهي. هن ۾ ڪنهن به
موضوع تي، ان سان واسطيدار حقيقتن ۽ خيالات کي هڪ
هنڌ گڏ ڪري قلمبند ڪيو ويندو آهي. هڪ مضمون کي
پرلطف بڻائڻ ۽ منجهس رواني پيدا ڪرڻ لاءِ ان ۾
سولا ۽ سلوڻا الفاظا اهڙيءَ طرح جڙيا ويندا آهن،
جو پڙهندڙن کي ان مان چڱو مزو حاصل ٿيندو آهي.
مضمون ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. هڪڙا علمي ۽ ٻيا ادبي
علمي مضمون اهي آهن، جن ۾ گهڻي ۾ گهڻي ضروري علمي
معلومات فراهم ڪيل هوندي آهي ۽ ادبي مضمون انهيءَ
کي چئبو آهي، جنهن ۾ ادب سان واسطو رکندڙ چيدا
الفاظ آڻي، منجهس اهڙي ته رنگيني پيدا ڪئي ويندي
آهي، جو ان جي پڙهڻ سان بلند خيالي ۽ وڌيڪ ميٺاج
پيو ظاهر ٿيندو آهي.
مضمون ۽ مقالو هڪ ئي شئي آهي. فرق رڳو اهو آهي ته
مضمون مختصر طور لکيو ويندو آهي، جنهن ۾ ليکڪ
پنهنجا خيال، رايا ۽ تجربا صاف ۽ سادن لفظن ۾ پيش
ڪندو آهي، پر مقالو ڪافي ڊگهو ۽ وڏو ٿيندو آهي،
جنهن ۾ ان موضوع تي تحقيق ۽ کوجنا ٿيل هوندي آهي ۽
ان جي مختلف پهلوئن تي تفصيل سان بحث ڪيل هوندو
آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته هڪ ادبي مضمون
کي مقالو چيو وڃي ٿو.
مضمون يا مقالي ۾ هر ڪنهن قسم جا خيالات سمائي
سگهجن ٿا. هن ۾ عام طرح ملڪ جي اخلاقي، معاشرتي
معاملن ۽ تهذيب و تمدن بابت مفهم پيش ڪيو ويندو
آهي.
سنڌي زبان ۾ مضمونن تي پهريون ڪتاب ”مقالات
الحڪمت“ مرزا قليچ بيگ لکي پيش ڪيو، جو هڪ انگريز
اديب لارڊبيڪن جي مضمونن جي مجموعي جو ترجمو آهي.
ان کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي مضمونن تي ڪتاب شايع
ٿيا.
2ـ خط ۽ درخواستون
”خط“ پنهنجي والدين، ڀائرن، گهر جي ڀاتين، چاچن،
مامن ۽ ٻين عزيزن، دوستن، علمائن، شاگردن ۽ ڪن
وڏين شخصيتن ڏانهن لکيو ويندو آهي؛ پر ”درخواست“
استاد، حاڪم، آفيسر يا ڪنهن سرڪاري عملدار ڏانهن
لکبي آهي.
”خط“ ۾ پهريائين مٿي ساڄي ڪنڊ تي پنهنجو پتو
(ائڊريس) ۽ ان جي هيٺان تاريخ لکبي آهي ۽ ان کان
ٿورو هيٺ عبارت شروع ڪبي آهي، جنهن ۾ هر هڪ جي مان
۽ مرتبي موجب لفظن جي جڙاوت ڪئي ويندي آهي. ان
کانپوءِ مواد ۾ ڪم ڪار بابت حال احوال، خبرن جي ڏي
وٺ، دوستيءَ جي ملاقات، وعدي وفائي، انعام ۽ عتاب،
تحفي جي پيشڪش، وغيره بابت معلومات فراهم ڪئي
ويندي آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ سلام وغيره پيش ڪري ۽ هيٺان
کاٻي پاسي تي پنهنجو نالو لکي خط پورو ڪيو ويندو
آهي.
”درخواست“ ۾ اول عبارت لکي ويندي آهي ۽ پوءِ منجهس
ڪنهن ڪم بابت عرضداشت پيش ڪبي آهي. هن جي آخر ۾ ان
استاد، عملدار يا حاڪم وغيره بابت ڪجهه دعا جا
الفاظ آڻي ۽ هيٺان کاٻي پاسي تي عرضدار جي صورت ۾
پنهنجو نالو ۽ پتو (ائڊريس) ڏئي ۽ پاسي کان تاريخ
لکبي آهي.
خط ۽ درخواست (ٻنهي) ۾ جيتري قدر سهڻا فقرا ۽
موزون ۽ سهڻي ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي، اوتري
قدر انهن جو مضمون جاذب ۽ دلچسپ ٿي پوندو آهي،
جنهن جو اڳلي تي سٺو اثر ٿيندو آهي.
3ـ آکاڻي
”آکاڻي“ جي معنيٰ آهي ”ڳالهه“. هندي ٻوليءَ ۾ هن
کي ”ڪهاني“ چون، عربيءَ ۾ ”قصو“، فارسيءَ زبان ۾
”داستان“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڳالهه“ چوندا آهن.
گهڻو وقت اڳي، اڪثر گهريلو عورتون رات جي وقت
پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي ماني ٽڪي کارائي سمهارڻ مهل
کين ڪي هٿراديون ۽ من گهڙت ڳالهيون ٻڌائينديون
رهنديون هيون؛ انهيءَ لاءِ ته جيئن هو هڪ مزيدار
آکاڻي ٻڌي خاموشيءَ سان سمهي رهن ۽ کين يڪدم ننڊ
کڻي وڃي. ساڳيءَ طرح مرد وري رات جي ماني کائڻ کان
پوءِ فرصت جي مهل، ٻاهر اوطاقن ۾ ويهي ڪچهريون
ڪندا هئا، جتي دل وندرائڻ جي خاطر ۽ محفل کي
مزيدار بڻائڻ لاءِ، جنن، پرين ۽ ديوتائن، وغيره جا
جڙتو ۽ من گهڙت داستان کڻي هڪ ٻئي کي پيا ٻڌائيندا
هئا؛ يا وري ڪن راجائن ۽ سمورن جا قصا بيان ڪندا
هئا.
رفتي رفتي اهڙين ڳالهين جو رواج عام ٿي ويو ۽ پوءِ
اهي ڪتابن ۾ قلمبند ٿين لڳون. اهڙي طرح وقت گذرندي
ڪي اخلاقي ۽ رومانوي ڪهاڻيون ۽ قصا به تقريري ۽
تحريري صورت ۾ پيش ٿيڻ لڳا. اهڙيون آکاڻيون اڄڪلهه
عام جام ملن ٿيون. جهڙوڪ، داستان امير حمزو، الف
ليليٰ، ممتاز ۽ دمساز جو قصو، جانعالم جو قصو،
چاردرويش، وغيره انهن کان سواءِ اڄڪلهه آکاڻين ۽
قصن جا بي انداز ڪتاب نڪري چڪا آهن.
4ـ افسانو
”افسانو“ هڪ فڪري ڳالهه يا قصو آهي. هن ۾ هڪ
باقاعدي پلاٽ (رٿا) ٿيندي آهي، جنهن موجب، ڪنهن
خاص ڪردار يا واقعي تي روشني وڌي ويندي آهي.
انهيءَ سبب جي ڪري هن جو بنياد ٻن شين تي رکيو ويو
آهي؛ جهڙوڪ؛
(1)
پلاٽ يا رٿا. (2) ڪردارنگاري.
افساني ۾ دنيا جي هر شيءَ ۾ ڪائنات جي هرچيز کي
سمائي سگهجي ٿو، جهڙوڪ؛ بهشت ۽ دوزخ جا حقيقي
تصورات، روهانيت ۽ ماديت جا ڪرشما، خواب بابت
دلچسپ ڪهاوتون، فطري ڳالهيون، فلسفي ۽ نفسيات بابت
سمجهاڻيون ۽ عشق ۽ محبت جا راز، وغيره.
افساني ۾ هيٺيون چار خاصيتون هئڻ ضروري آهن:
(1)
افسانو مختصر هجي، جيئن هڪ ئي وقت پڙهي پورو ڪري
سگهجي ۽ ان جي پڙهڻ ۾ اسان کي ٿورو وقت لڳي ۽ نه
وڌيڪ.
(2)
افساني ۾ ايتري ڪشش ۽ جاذبيت هجي جو ٻڌندڙ جو ڌيان
اوڏانهن ڇڪجي وڃي.
(3)
افساني ۾ ڪو اهڙو واقعو يا ڳالهه پيش ڪيل نه هجي،
جنهن جي ٻڌڻ سان سامعين جي دلين ۾ شڪ يا وسوسو
پيدا ٿئي.
(4)
افسانو مڪمل هجي، جيئن ان جي پڙهي پورو ڪرڻ وقت،
ٻڌندڙ کي معلوم ٿئي ته بيان ڪيل واقعو يا ڳالهه
مڪمل طور ختم ٿي.
ناول
”ناول-
Novel“
انگريزي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”نئون“
يا ”عجيب“، پر اسان سنڌي زبان ۾ ان کي ”قصو“ يا
”ڪهاڻي“ چئون ٿا.
ناول هڪ خيالي قصو آهي، جنهن ۾ روزمره جي زندگيءَ
بابت نقشو چٽيل هوندو آهي؛ يعني جيڪي ڳالهيون اسان
روزمره پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏسون پيا، اهي هن ۾ بلڪل
ساڳي ئي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪيل هونديون آهن.
ناول جا ٻه مکيه پهلو ٿين ٿا، جهڙوڪ:-
(1)
پلاٽ يا آکاڻي. (2) سيرت نگاري.
هن ۾ آکاڻي اهڙي ته دلڪش ۽ مزيدار پيش ڪئي ويندي
آهي، جو پڙهندڙ هڪ واريءَ جيڪڏهن اهو ناول هٿ ۾
کنيو ته جيستائين ان کي پڙهي پورو نه ڪندو،
تيستائين کيس آرام نه ايندو. هن جي دل ۾، ڪهاڻي
پڙهندي، هر وقت اها هورا کورا پئي رهندي ته ڏسان
ته منجهس اڳتي ڇا لکيل ۽ پيش ڪيل آهي.
آکاڻيءَ ۾ پيش ڪيل اداڪارن جي گفتگو ۽ سيرت خاطر
خواءِ هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته انهن شين جو پڙهندڙ تي
وڏو اثر پوي ٿو. جيڪڏهن ناول ۾ پيش ڪيل اداڪارن جو
گفتگو سٺو ۽ وڻندڙ هوندو ۽ سندن سيرت سهڻي ۽
خوبصورت چٽيل هوندي ته پڙهندڙ کي ان مان وڌيڪ لطف
پيو حاصل ٿيندو. ٻيءَ صورت ۾ سندس دل ۾ نفرت پيدا
ٿيندي.
ناول ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا، جئن ته:
(1) تاريخي ناول، (2) اخلاقي ناول، (3) اصلاحي
ناول، (4) جاسوسي ناول، (5) قومي ناول، (6)
انقلابي ناول، وغيره.
هڪ ناول نگار کي جهڙي قسم جو واقعو پيش آيو هوندو
يا جهڙي به قسم جو اثر سندس ذهن تي ويٺل هوندو، هو
اهڙي ئي نموني جو ناول جوڙي تيار ڪندو. ساڳيءَ طرح
پڙهندڙ جو به ذهني لاڙو جنهن ڪردار سان وابسته
هوندو، هو اهڙي ئي قسم جو ناول وٺي پڙهندو.
ناول ۾ هيٺيون خاصيتون ٿين ٿيون:
(1)
ناول ايترو ته ڊگهو ٿئي ٿو، جو ان جو هڪ پورو ڪتاب
ٺهي وڃي ٿو، جنهن کي پڙهي پوري ڪرڻ ۾ ڪيترا ڏينهن
يا هفتا يا وقتي مهينو کن به لڳي وڃي ٿو.
(2)
ناول پڙهڻ سان ناول نگار جو ڪردار، سندس ذهني
لاڙو، سندس لکڻي ۽ ڪهاڻي جي پيشڪش جي طرح ذهن نشين
ٿين ٿا. اهو سڀ ڪجهه سندس ڪتاب مان ئي ٿئي ٿو.
(3)
هڪ ناول پڙهڻ سان دل ۾ اهو خيال پيدا ٿئي ٿو ته
جيڪر اهو واقعو يا منظر اکين سا ڏسجي؛ پر جيئن ته
ليکڪ ان کي طويل انداز ۾ لکي پيش ڪري ٿو، تنهن ڪري
اهو اسٽيج تي
ڊرامائي انداز ۾ مڪمل طور آڻڻ مشڪل ٿيو پوي:
(4)
ناول ۾ ڪيترائي منظر پيش ڪيل هوندا آهن، جن جو هڪ
ئي وقت ۾ مطالع ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، پر مختلف وقتن تي
فرصت جي وقت آهستگيءَ سان انهن جو مطالعو ڪيو وڃي
ٿو، پوءِ ان جي پوري ڪرڻ ۾ ڪيترو به عرصو ڇو نه
لڳي وڃي.
5ـ ناٽڪ يا ڊراما
”ناٽڪ“ يا ”ڊرامو“ هڪ ئي شيءَ جا ٻه نالا آهن.
ناٽڪ سنڌي لفظ آهي ۽ ڊراما
(Drama)
انگريزي لفظ آهي، جو اصل ۾ يوناني ٻوليءَ جي
”ڊراءِ“ لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
”عمل“. عمل جو جيئن ته انسان جي روزمره جي زندگيءَ
سان گهاٽو تعلق آهي، تنهن ڪري، ڊرامو انساني
زندگيءَ جي هڪ سچي تصوير پيش ڪري ٿو. اهو ڊرامو يا
ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪيو ويندو آهي.
ناٽڪ جو دارومدار هيٺين ڳالهين تي آهي:
(1)
پلاٽ يا ڪهاڻيءَ جي ترتيب. (2) لکڻ جو نمونو يا
جوڙجڪ. (3) جاءِ ۽ وقت. (4) اداڪارن جو اسٽيج تي
پيش ٿيڻ. (5) اداڪارن جو عمل (6) مصنف جو نقطه نظر
يعني مقصد.
ناٽڪ نويس، ناٽڪ جوڙڻ وقت ان ۾ پيش ٿيندڙ ڪهاڻي يا
پلاٽ کي هيٺين منزلن ۾ ورهائيندو آهي:-
(1) تمهيد يعني شروعات. (2) نظارو يا ڏيک. (3)
ڪردار ۽ سيرت نگاري. (4) گفتگو. (5) ويڙهه يا
تصادم (6) ڪماليت جو درجو. (7) انجام يعني نتيجو.
آخري درجي يعني نتيجي ۾ وري ٻه حصا ٿين ٿا.
(1)
ڪميڊي
(Comedy)
يعني خوشيءَ وارو حصو ۽ ٽرئجڊي
(Tragedy)
يعني غم وارو حصو.
ڪميڊي قسم واري ڊرامي ۾ ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي خوشي ۽
کل ڀوڳ ۽ ختم ٿئي ٿي. هن قسم ۾ هرطرف کان رڳو خوشي
پيئي نظر ايندي آهي.
ٽرئجڊي قسم واري ڊرامي جي پڇاڙي ڏک ۽ غم سان پوري
ٿئي ٿي. هن ۾ دکدائڪ ۽ تڪليفن وارو منظر ڏسي انسان
ذات ڳوڙها ڳاڙي ٿو ۽ پڇتاءَ جا لڙڪ به هاري ٿو. هن
قسم جي ڊرامي ۾ مکيه اداڪار (هيرو) موت بعدئي
پنهنجي محبوب جو مشاهدو ماڻي ٿو.
ناول ۽ ناٽڪ ۾ فرق
ناول ۽ ناٽڪ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ اهو هت تفصيلوار پيش
ڪجي ٿو:
ناول
(1)
ناول پڙهڻ لاءِ لکيو وڃي ٿو.
(2)
ناول ۾ مصنف پاڻ آکاڻي بيان ڪري ٿو.
(3)
ناول ۾ پيش ڪيل آکاڻي تمام ڊگهي هوندي آهي، ايتري
قدر جو ان جو هڪ پورو ڪتاب ٺهي پوي ٿو.
(4)
ناول جو مطالعو مختلف وقتن تي ۽ فرصت جي وقت
آهستگيءَ سان ڪري سگهجي ٿو، پوءِ ڀلي ان کي پوري
ڪرڻ ۾ ڪيترو به عرصو لڳي وڃي.
(5)
ناول ۾ گهڻي ۾ گهڻا منظر پيش ڪيا وڃن ٿا.
ناٽڪ
(1)
ناٽڪ، عملي طور اسٽيج تي ڪري ڏيکارڻ لاءِ لکيو وڃي
ٿو.
(2)
ناٽڪ ۾ اسٽيج تي اداڪارن جي چرپر ۾ گفتگو جي ذريعي
آکاڻي معلوم ڪجي ٿي.
(3)
ناٽڪ ۾ آکاڻي مختصر ٿئي ٿي ۽ اها ٽن يا چئن ڪلاڪن
اندرپيش ڪرڻي پوي ٿي.
(4)
ناٽڪ هڪ ئي ڏينهن ۾ چند ڪلاڪن جي لڳاتار مشغوليءَ
سان پورو ڪيو وڃي ٿو.
(5)
ناٽڪ ۾ وقت جي تقاضا آهر، منظر پيش ڪيا وڃن ٿا.
نظم
”نظم“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ
آهي ”پوئڻ“. اصطلاحي معنيٰ موجب، مختلف معنائن
وارا الفاظ جملن ۾ پوئي، هڪ مالها يا لڙهي ٺاهي
وڃي ۽ ان کي سُر يا ترنم سا ٻين جي اڳيان پيش ڪيو
وڃي. هن ۾ وزن ۽ قافيون ٻئي موجود آهن. مطلب ته
شاعر پنهنجي جذبات ۽ احساسات کي موزون ۽ قافيه دار
سٽن ۾ بند ڪري عوام جي اڳيان پيش ڪري ٿو.
نظم ۾ سٽن يا بندن جو انداز مقرر نه هوندو آهي. ڪي
نظم ننڍا ٿيندا آهن ته ڪي ڊگها هوندا آهن. ڪي وري
ايترا ته ڊگها ٺاهيا ويندا آهن، جو انهن جو هڪ
پورو ڪتاب ٺهي پوندو آهي.
عام طور تي هر نموني جي ڪلام کي نظم چيو وڃي ٿو،
پوءَ ان ۾ ٿوري ۾ ٿوريون يعني ٻه يا چار سٽون به
ڇو نه هجن. پر دراصل نظم هڪ ڊگهي ڪلام جو نالو
آهي، جنهن ۾ موزون سٽن جو انداز گهڻو هجي.
سٽاءَ يا جوڙجڪ جي لحاظ کان نظم جا ڪيترائي نمونا
آهن. انهن مان پهريون نمونو ”الف اشباع“ واري
قافيي تي ملي ٿو، جو ارڙهين صدي عيسويءَ جي
پيداوار آهي. ان دور ۾ نظم ۾ قافيو هر هڪ مصرع جي
آخر ۾ رکيو ويندو هو ۽ ان قافيي واري لفظ کي پويان
الف ”ا“ شامل ڪري، منجهانئس ڊگهو آواز ڪڍيو ويندو
هو، جنهن کي الف اشباع“ وارو قافيو چئجي ٿو. اهي
نظم ايترا ته ڊگها لکيا ويندا هئا جو هڪ مڪمل ڪتاب
ٺهي پوندو هو، جنهن ۾ پهرين سٽ کان وٺي آخر تائين
ساڳئي قسم جوئي قافيو ايندو هو. انهن نظمن ۾
مرثيا، جنگ ناما، نعتيه، مدحيه، ۽ هجويه مضمون پيش
ڪيا ويندا هئا. ان وقت جا نظم ۾ لکيل سنڌي ڪتاب،
جهڙوڪ؛ ”نورنامون“، جنگ نامون“، ”حڪايت الصالحين“
۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب اڄ به موجود آهن، جن ۾ الف
اشباع وارو قافيو استعمال ٿيل آهي.
وقت گذرندي جڏهن علم عروض سنڌ ۾ پير پاتو، تڏهن
قديم شعر جي ٻين صنفن سان گڏ نظم جي سٽاءَ ۾ به
رفتي رفتي تبديلي ٿيڻ لڳي. ايتريقدر جو ان ۾ ڪجهه
بيت، مخمس يا مسدس جا ڪي بند آڻي، هڪ ٻئي سان
ملائي ڊگها نظم ٺاهيا ويندا هئا، پوءِ اهي بيت يا
بند ظاهر ۾ ته جدا جدا ٽڪرا ڏسڻ ۾ ايندا هئا، پر
منجهن زنجير جي ڪڙيءَ وانگر اهڙو ته رابطو قائم
ڪيو ويندو هو، جو جيڪڏهن انهن مان هڪڙي سٽ يا بند
به ڪڍي ڌار ڪري ڇڏبو هو ته مضمون يا خيال جو
سلسلوئي ٽٽي پوندو هو. اهڙن نظمن ۾ خاص طور تي
نعتيه، اخلاقي ۽ قومي مضمون هوندا هئا.
موجوده دؤر م شاعرن عروض جي هر صنف کي نظم ۾ جاءِ
ڏني آهي. جهڙوڪ؛ رباعي، فرد، مثلث، مربع، مخمس،
مسدس، مسبع، مثمن، ترجيع بند ۽ ترڪيب بند، وغيره
تي نظم جوڙيا ويا آهن، جن م نه رڳو نعتيه، اخلاقي
۽ قومي مضمون ملن ٿا، پر اهي عشق و محبت جي رازن ۽
فراق ڦوڙائي جي ڳالهين سان پڻ ٽمٽار آهن.
اهڙي قسم جي نظم جي هر هڪ سٽ يا هر هڪ بند پڙهڻ
سان ائين پيو محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته ڪا ويڙهيل يا
وڪوڙيل شيءَ کلندي وڃي ٿي، جنهن مان ڪو ڳجهو راز
آهستي آهستي ظاهر ٿيندو رهي ٿو ۽ نظم جي پوري ٿيڻ
سان سمورو مطلب نڪري نروار ٿئي ٿو.
مطلب ته نظم ۾ ڪنهن به هڪ سٽ يا بند کي پنهنجي جدا
اهميت ڪانه هوندي آهي، پر سمورين مصرعن ۽ بندن جي
ميلاپ سان ئي هڪ جامع ۽ مڪمل نظم ٺهي تيار ٿئي ٿو،
جنهن ۾ خيال يا ڪهاڻيءَ جو هر هڪ جزو مڪمل طور
اهڙو ته سمايل رهي ٿو، جو ڪٿي به منجهس جهول يا
گهٽ وڌائي ڏسڻ ۾ نه ايندي.
نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ ساڳيو مضمون آڻي سگهجي ٿو. البت
نظم جي سٽن ۾ بند ٿيل الفاظ، نثر کان وڌيڪ دلچسپ،
جاذب، جوشيلا ۽ اثرائتا ٿين ٿا ۽ ٻڌندڙن جي دلين ۾
ولولو پيدا ڪن ٿا. هت قديم دور جي مختلف ڪتابن مان
جهوني نظم جا ڪجهه ٽڪرا مثال طور پيش ڪجن ٿا، جن ۾
”الف اشباع“ جو قافيو استعمال ٿيل آهي.
(1)
(نور نامون، صفعو نمبر 3 تان ورتل)
ساراهيان سچو ڌڻي جو آگو عليما،
جڳاءِ جہ صاحب کي سڀ ڪا ساراها،
عالم عليم من ڌڻي مولو ملڪ خدا،
ڪير ڪري سگهندو تهجي تعريفا،
جو پاڪ پرور پاتشاه مولو منزها،
جيڪ ٻجي من ڌڻي سو ٻجن ڪين ٻئا،
جہ عرش اپايو ڪرسي لوح ۽ قلما،
ڪئو ڪن سين سڀ ڪي پاڻ ڌڻي پيدا،
سٻاجهو سڀ پرين ساتر سمبئا،
ڪري ڪهڙا پاڻ ڌڻي يفعل الله مايشاءُ،
خالق رازق رحيم ڌڻي قائم قيوما،
سميع صانع من ڌڻي بصير ۽ بينا،
جہ پيدا ڪئو پاڻ ڌڻي مير محمد شاه.
(2)
(حڪايات الصالحين صفحو نمبر 115 تان ورتل)
اڻيتاليهين حڪايت ليکيان سا پڻ سڻيجاه،
انپر آهي راوين ڪنان اهڙي روايتا،
ته عاسر پٽ سراحيل جو ولين منجهان،
جو هو ڪامل ڪمال گهڻون امام مهندا،
آيو تنهن وٽ ڏينهن هيڪڙي ڪو شخص پهرا،
جو هو جاهل جِهل گهڻي بيحد اپارا،
اچي تنهن شخص امام کي ڪچا ويڻ ڪهيا،
۽ امام ٿي نهاريو ان ڏانهن ۽ ٻڌاءِ ٽي لفظا،
پوءِ جڏهن ماٺ ڪئي تهين شخص ڪڇن ڪنا،
تڏهن چيو امام هٿ کڻي منجهه داور جي درگاهه،
ته اي الله منهنجا مون ڌڻي تون واقف اسرارا،
چي سچو آهي مرد هي منجهه ٻانهجي قولا،
ته آگا عفو ڪج تون عيب عاصي جا.
هت موجوده دور جو هڪ نظم پيش ڪجي ٿو، جو هڪ ممتاز
شاعر مرحوم عبدالله ”اثر“ جو چيل آهي. اهو نظم جدا
جدا بندن تي ٻڌل آهي ۽ هر هڪ بند ۾ ٻه ٻه سٽون آهن
هيءُ نظم تمام طويل آهي، جنهن ڪري منجهائس ڪجهه
بند هت مثال طور پيش ڪيا وڃن ٿا:
(3)
مسلمان پنهنجي دل ۾ جذبئه ايثار پيدا ڪر،
وفا ڪر مصطفيٰ سان دين جو ڪردار پيدا ڪر.
1-
فدا تتنهنجي تبسم تان ٿين سج چنڊ جون لاٽون،
شڪي ٿئي محفل انجم اهي انوار پيدا ڪر.
2-
زمانو اڄ به آهي منتظر تنهنجي قيادت جو،
سلامي ٿئي اچي هر ڪو اهي اطوار بيدا ڪر.
3-
هي ڪهڙو دور آيو اڄ جو پنهنجا ڀي پراوا ٿيا،
پراون کي ڪري پنهنجو اها گفتار پيدا ڪر.
4-
پريشان ٿي پيو آ ذهن پنهنجي نوجوانن جو،
مئي وحدت ملي جن مان اهي افڪار پيد ڪر.
5-
وطن جو ناز ٿي، توکي وطن سان جي محبت آ،
نئون هوشو، نئون دودو، نئون سومار پيدا ڪر.
6-
پري آ زندگي جي موج کان تعليم جو دريا،
تون زنده دل ۽ طوفان آشنا ڪو ٻار پيدا ڪر.
7-
اگر چاهين ٿو تون ڀي زندگي ۾ معرفت ماڻين،
ته پو شوق شريعت ۾ ”اثر“ اشعار پيدا ڪر.
شعر
”شعر“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ
آهي ”ڄاڻ سمجهه، پروڙ“. اصطلاحي معنيٰ موجب شعر ان
کي چئجي، جنهن جو مصرعون موزون ۽ قافيي واريون هجن
۽ اهي ترنم سان پڙهيون وڃن، جئين ٻڌندڙ جي طبيعت
تي ڪافي اثر ڪن.
سنڌي زبان ۾ شعر عام طرح ٽن نمونن جو آهي، جهڙوڪ؛
(1)
قديم شعر. (2) عروضي شعر. (3) جديد شعر.
1-
قديم شعر ۾ گنان، ڪبت، ڏوهيڙو، بيت، وائي، ڪافي ۽
سلوڪ، وغيره شامل آهن. شاعريءَ جون اهي صنفون هندي
ڇند وديا جي ماترائن تي ٻڌل هونديون آهن. ۽ منجهن
سٽون موزون ۽ قافيي واريون ٿينديون آهن.
2-
عروضي شعر اهو آهي، جو علم عروض جي قانونن پٽاندڙ
جوڙيل هجي؛ يعني شعر ۾ مصرعون نه رڳو وزن ۽ قافيي
واريون هجن، پر ان سان گڏ اهي مقرر بحرن جي تڪن يا
ارڪانن جي سانچي ۾ وجهي، پوريءَ ريت ماپي ۽ سهڻيون
ڪري بيهاريون وڃن. اهڙي شعر ۾ ڪڏهن قافيي سان گڏ
”رديف“ به استعمال ڪيو ويندو آهي. هن قسم جي شعر
۾، حمد، نعت، قصيدو، غزل، مثنوي، رباعي، قطعو،
مستزاد، فرد، مسمط، ترجيع بند، ۽ ترڪيب بند، وغيره
اچي وڃن ٿا.
3-
جديد شعر اهو آهي، جو موجوده دور ۾ گذريل ٿوري
عرصي کان مروج آهي. هن قسم ۾ گيت، آزاد نظم ۽ ڪي
نيون طرزون، جهڙوڪ؛ ماهيا، هائيڪو، سانيٽ، ترائيل،
پنجڪڙا ۽ چونڪ، وغيره شامل آهن. شاعريءَ جون اهي
نيون صنفون سٽاءَ ۽ جوڙ جڪ جي لحاظ کان اڳين صنفن
کان بلڪل مختلف ۽ نياريون آهن. سنڌ جا اڪثر نوجوان
شاعر انهن طرزن تي طبع آزمائي ڪندا رهن ٿا.
سنڌي شاعريءَ ۾ شعر جي مٿين قسمن کان سواءِ ”نظم“
جي صنف به شامل آهي، جا نه رڳو قديم دور ۾ مروج
هئي، پر موجوده زماني ۾ به عام آهي. اها صنف قديم
دور جي اصولن مطابق به ملي ٿي ۽ علم عروض جي قاعدي
قانون تحت پڻ جوڙيل نظر اچي ٿي.
عام طور تي ”شعر“ ۽ ”نظم“ هڪئي شئي سمجهي ويندي
آهي، پر جيڪڏهن غور سان جاچيو ته ٻنهي ۾ تمام گهڻو
فرق نظر ايندو، اهو فرق اهو آهي ته، شعر ۾ مختلف
صنفون ٿين ٿيون، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه مصرعون يا ٻن
کان وڌيڪ ڪيتريون به مصرعون آڻي سگهجن ٿيون ۽ انهن
مقرر مصرعن تي ٻڌل هر هڪ بند جدا معنيٰ ۽ مقصد رکي
سگهي ٿو. ان جي برعڪس نظم ۾ گهڻيون مصرعون يا بند
ٿين ٿا، جي موٽين جي لڙهيءَ وانگر هڪ ٻئي سان اهڙا
ته ڳنڍيل هوندا آهن، جو انهن مان ڪنهن به هڪ سٽ يا
بند کي جدا ڪرڻ سان، پورو مطلب حاصل ٿي نه سگهندو.
شعر ۾ به ساڳيوئي نثر وارو مضمون آڻي سگهجي ٿو.
نثر ۾ پيش ڪيل هڪ لمبو چوڙو مضمون ايترو اثر انداز
نه ٿو ٿئي، جيترو پورو مضمون شعر جي چند مصرعن
اندر سهيڙي، سمائي ۽ سهڻي ترتيب سان پيش ڪيو وڃي.
ڇاڪاڻ ته شعر جون چند موزون مصرعون ٻڌڻ سان انسان
جي دل ايترو ته متاثر ٿئي ٿي، جو هو جنبش ۾ اچي
وڃي ٿو ۽ پنهنجي جوش ۽ جذبي وچان قوم ۽ ملڪ جي
فائدي لاءِ ڪيترائي چڱا ڪم ڪري ٿو. اڪثر ڪري ڏٺو
ويو آهي ته شاعرئي آهن، جي پنهنجي شعر جي فن جي
ذريعي پنهنجي قوم کي بيدار ڪن ٿا ۽ خاص ڪري جنگين
۾ جوش ۽ همت پيدا ڪرڻ لاءِ شعر کان وڌيڪ ٻي ڪا به ڪارائتي شيءَ نه آهي.
هت شعر جون مختلف صنفون تفصيلوار پيش ڪجن ٿيون:
قديم شعر:
گنان
”گنان“ قديم سنڌي شاعريءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن تي
ڪن اسماعيلي فرقي وارن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي.
اهي اسماعيلي فڪر جا داعي، ماڻهن کي مذهبي تعليم
ڏيڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ پکڙيل هئا، جن مان ڪي سومرن جي
دور ۾، سنڌ ۾ اچي نڪتا ۽ نو مسلم ماڻهن جي دلين ۾
شعر جي ذريعي اسلامي عقيدن جو روح ڦوڪڻ لڳا. انهن
مان پهريون مبلغ پير سيد نورالدين هو، جنهن اسلام
جا اصول شعر ۾ منظوم ڪري پنهنجي مريدن کي ڏنا ته
جيئن هو آسانيءَ سان اهي ياد ڪري ۽ مٿن عمل ڪن. ان
کان پوءِ پير شمس الدين، پير شهاب الدين، شاهه
حسين اڀلاڻي، مائي مر کان شيخياڻي، پير صدرالدين،
سمنگ چارڻ، ڀاڳو ڀان ۽ ٻيا پنهنجا گنان پيش ڪندا
رهيا. انهن مان پير صدرالدين جا گنان وڌيڪ مشهور
آهن.
سٽاءُ جي لحاظ کان مٿي پيش ڪيل سڀني شاعرن جا گنان
هڪ جهڙا نه آهن. ڪن جا گنان دوهي جهڙا آهن. ته ڪن
جا سلوڪن مثل آهن ۽ ڪن جا وري ڪافيءَ سان مشابهت
رکن ٿا، جن ۾ هر ٻن مصرعن جي بند کان پوءِ وراڻيءَ
کي دهرايو ويو آهي.
گنان ۾ پيش ڪيل سنڌي ٻوليءَ ۾ اڪثر ”ڪڇي“ ۽ ”لاڙي“
لهجو آهي؛ ڇاڪاڻ ته اهي اسماعيلي مبلغ شاعر سنڌ جي
”ڪڇ“ واري حصي ۾ رهندا هئا. سندن ڪلام تي گجراتي ۽
ملتاني ٻولين جو پڻ اثر پيل نظر اچي ٿو.
”گنانن“ ۾ نصيحت آموز ۽ صوفيانه نقطا سمايل آهن.
هن ۾ الله تعاليٰ ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻڻ سچي
دل سان ڪلمو پڙهڻ، هن دنيا کي بي بقا ۽ فاني
سمجهڻ، مايا کان منهن موڙڻ، ڪوڙ ۽ ڪپت کان پاسو
ڪرڻ ۽ دل کي پاڪ ۽ صاف رکڻ، وغيره بابت سمجهاڻيون
ڏنل آهن هت ٻن شاعرن جا گنان مثال طور پيش ڪجن
ٿا:-
1ـ پير سيد نورالدين:
بهت پريت من ڀاون سين، تمهين جپو الا (الله) رسول،
ڪلمه ڪهو دل پاڪ سون، توڪل وِگهن هوئيسي دور.
بن ڪلمي بندگي ڪري، تو بندگي سڃي سار،
جيون نِت اُٺ راهه چلڻا، خر اُجڙ واس.
باسون پريتج ٻانڌيئي، ماڻڪ مانهه ويهه،
ست پنٿ ساڌيئي، پنٿي پر راتي.
پنٿي تي ست پنٿي چالي، ڪبهي نه ٻانگي آڻ،
گنان کڻگ قدرتي، جينا رڌا (هردو) مان لاگا ٻاڻ.
چوڙ رنگي ستگر ملي، ڏيسي ٻوڻي بات،
گهٽ انڌارا ٽَلي گيا، جيم چندر اُگيئو رات.
ايک ڏيسي رهو تو جائي ملو، ذڪري رهو هوشيار،
سجدو ڪيجي صاهب ني، ذڪري مليا نُور.
2ـ پير صدرالدين:
شاهه جو مڃيئڙو تني کي، جيڪي صبوحڙي جاڳن،
اُٿي الا (الله) نه گهرين بندا، تون ستين سڄي رات،
نڪا جهوري جِيوَ جي، نڪو سمر ساٿ-
شاهه جو مڃيئڙو..............
صبوحڙي نه جاڳن، تنين حورون نه ڏين هٿ،
سي هاءِ هاءِ ڪندا هٿ هڻندا، جيئن هاريءَ وڃائي
وٽ-
شاهه جو مڃيئڙو..............
ٻانا (ٻانها) تونجو تڪيو، ڪنڊن ۾ ڪوڙ،
پسي رتا گلڙا، مَ وڃائج مور-
شاهه جو مڃيئڙو..............
ڪپاتيئين ڪتيو جڏين سُتو لوڪ،
تنين پانجو ڪتي وڌو، ڳچيءَ ڳاڙو ٿوڪ-
شاهه جو مڃيئڙو..............
جيڙوني تيڙو اگهو، هوند ڪتيائين،
پوءِ سڀاڻي سرتين وچ، ملي مرڪيائين-
شاهه جو مڃيئڙو..............
ڪوٺا منڊپ ماڙيون، گهر گهوڙا ڀنڊار،
ڪين نه نيا پاڻ سين، جيو چلتي وار-
شاهه جو مڃيئڙو..............
ڀڻي پير صدرالدين، آئين سُڻو مومن وِيرَ،
الک ڇُتو تنين کي، جنين سڃاتو شاهه پِيرَ-
شاهه جو مڃيئڙو..............
ڪيڙيون اڏائيئين گڊ ماڙيون، تين تي ڪيڙا رکائيئين
چٽ.
نيهي نيندءَ ڌوڙ ۾، توتي لتون ڏيندا مٽ-
شاهه جو مڃيئڙو..............
ڪبت
”ڪبت“ هندي لفظ آهي، جو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ
”ڪوتا“ يا ”ڪوتو“ جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي
معنيٰ آهي ”شعر“
”ڪبت“ اصل ۾ هندي شعر آهي، جو ”دوهرا“ جي وزن
(هندي ڇند وديا جي ماترائن) تي جوڙيو ويندو آهي.
”دوهرا ۾ ٻه سٽون ٿينديون آهن، ’ڪبت‘ ۾ تمام
گهڻيون سٽون هونديون آهن؛ ايتيري قدر جو منجهس سؤ
ڏيڍ کان مٿي سٽون به ٿينديون آهن. بعضي ته ساري
ڳالهه يا آکاڻي ’ڪبت‘ ۾ هوندي آهي، جنهن ۾ پهرين
سٽ کان وٺي پڇاڙيءَ واري سٽ تائين هڪ جهڙوئي قافيو
استعمال ٿيل هوندو آهي. هندي ٻوليءَ ۾ ميران
ٻائيءَ جا ڪبت تي شعر گهڻي انداز ۾ ملن ٿا.
سنڌي زبان ۾ به ڪيترن ئي شاعرن ’ڪبت تي نظم جوڙيا
آهن، جن جي سٽاءَ ساڳي هندي ڪبت جهڙي آهي. سنڌيءَ
۾ هن شعر جي شروعات پهريائين مخدوم ابوالحسن
ٺٽويءَ ڪئي. هن پنهنجي ڪتاب ”مقدمہ الصلوت“ ۾
’ڪبت‘ پيش ڪيا آهن، جن ۾ سنڌ جي نو مسلم ماڻهن
لاءِ نماز ۽ وضوءَ جا مسئلا سمجهايا ويا آهن. هن،
ان ۾ هر هڪ سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ ڊگهو الف اشباع وارو
قافيو آندو آهي. |